سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:4

نوراني: ”ها مون کي توهان جو نقطو سمجهه ۾ آيو. ان تي ڪافي بحث ٿي چڪو، هاڻ ڪجهه اڳتي به هلون؟ جڏهن اسين شاگرد هئاسين تڏهن شاه تي ڪو خاص ڌيان نه ڏنو ويندو هو. خاص طرح سرڪاري طرح ميلي وغيره يا فنڪشنن ۾. ان جي مقابلي ۾ قلندر جي ميلي تي گهڻو زور هوندو هو. هينئر وري شاه تي گهڻو ڌيان ڏنو پيو وڃي. ايئن ته ڪونهي ته شاه کي ڪنهن خاص مقصد لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي؟ (سڀئي مشڪن ٿا، شايد اهو سوچي ته بحث جو رخ سياست ڏانهن مڙي رهيو آ،) اڳي شاه تي ايترا سيمينار ٻيا ٽيا جلسا وغيره ڪونه ٿيندا هئا.“

آغا: ”سائين ڳالهه هيءَ آ ته اسان جو لٽريچر هڪ عجيب دور مان گذريو آ. ڪو زمانو هو جو وڏن وڏن شاعرن شاه کي غير موزون شاعر قرار ڏنو هو....“

کوسو: ”دهقاني شاعر؟“

آغا: ”دهقاني ته وري به ٻهراڙيءَ جو ڪو.....

جتوئي: ”فوڪ لور؟“

آغا: ”فوڪ ڀي نه آ، اصل غير موزون. جنهن جي شاعريءَ ۾ ميٽر ڪونهي، وزن بحر ڪونهي. اهو هڪ تاثر هو. ماڻهو پنهنجو پاڻ کي وري ڳولي ٿو لهي، پنهنجي ثقافتي وجود کي دريافت ٿو ڪري. اهو هڪ پروسيس آ. ان پروسيس مان اسان لنگهيا آهيون ۽ لطيف کي ڳولي لڌو آ.“

نوراني: ”منهنجي خيال ۾ انهن ماڻهن شاه کي ٻيهر دريافت ڪيو آ، جيڪي مذهب ڏانهن لاڙو رکن ٿا. يا حڪومت جي سرپرستيءَ هيٺ آهن؟“

آغا: ”ڳالهه اها ئي آ. شاعر اهو وڏو آ جنهن کي اوهان پڙهو ۽ مذهبي معنيٰ ڪيو ته ڀلي ڪڍو پر جيڪڏهن ڪو ڪميونسٽ ٿو ان کي پڙهي پيو ۽ مارڪسزم جي فلاسافي ڪڍي ٿو ته ڀلي ڪڍي وڃي. اها ايڏي پهلودار شي ٿيندي آ ايڏيون ان جو معنائون ۽ شيڊس هوندا آهن. مثال: طور هڪ ڳائڻو آ، اوهان هن کي چوندو ته مونکي هڪڙو مصرعو ڪو ٻڌائي ته چوندو ”موهي پنگهٽ پي نندلال ڇيڙگيوري“ هاڻي اها سٽ آ. صرف هڪڙي سٽ. ڪجهه ڀي ڪونهي انهيءَ ۾، هو توهان کي ويهه دفعا ان جا Shades (رنگ) ٻڌائيندو. موهي موهي تي زور ڏيندو ته اها مان هيس جنهن کي نندلال ڇيڙيو آ سڄي جهان ۾. وري نندلال تي زور ڏيندو ته ٻي ڪنهن نه ڇيڙيو پر نندلال ڇيڙيو. ايئن پنگهٽ تي زور ڏيندو، هو مختلف لفظن ۽ شيڊس تي زور ڏيندو ويندو. ته وڏي شاعر جا به ڪيترائي شيڊس ٿيندا آهن. توهان ڀلي پنهنجي شيڊ ۾ ڏسو.“

کوسو: ”نورانيءَ جو مطلب ٻيو آ. مونکي وري ٻيو انديشو آهي. هر شقاعر يا آرٽ فارم جي جڏهن ايسٽيبلشمينٽ طرفان تشريح ٿئي ٿي پوءِ اها غلط تشريح ٿئي ٿي.“

آغا ۽ جتوئي: گڏجي، ”اها ته ٿئي ٿي، بلڪل ٿئي ٿي.“

جتوئي: ”ان ڪري شاه کي پئٽرونائيز ڪيو پيو وڃي جو سائين سنڌين ۾ مقبول ترين شاعر آ.“ ان ڪري سنڌي ماڻهن کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ شاه جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي.“

کوسو: ”ون او ورڪرڻ لاءِ يا Baffle (منجهائڻ) ڪرڻ لاءِ؟“

اقبال: ”ها ٿي سگهي ٿو.“

آغا: ”اهو ماڻهن جو هڪ ڪلاس آ جيڪو شاه کي بطور هٿيار استعمال ڪندو هو ۽ ڪري پيو. پر هڪڙا اهڙا ماڻهو آهن، گمنام ۽ گوشي نشين جن کي ڪا به لالچ ڪانهي. مون محبت ۾ شاه جا ترجما ڪيا. پر توهان جي ڳالهه صحيح آ ته ٻئي گروپ آهن.“

کوسو: ”آئون هڪڙي ڳالهه چوان ته سائين سڄي سنڌ جو شاعر آ، منهنجي رزرويشن جي باوجود ته اسين سوشالا جيڪلي ڪٿي ڦاسي پيا آهيون.“

حيدر ڀڳڙي: ”ان تي تون نظرثاني ڇو نٿو ڪري. رڳو سوشالا جيڪلي ڇو! اصل مسئلو جيڪو آغا بعد ۾ پوائنٽ آئوٽ ڪيو سو آهي. Identity crisis (سڃاڻپ جي بحران) جو. ۽ اهو هڪ سياسي مسئلو آهي، جنهن ۾ اسين سڀي چڱي عرصي کان پيا ٻڌون Re- Emergence يا revival (نئين سر اڀرڻ ) شاه جو وچ ۾ اهو دور آيو جنهن جو ذڪر ڪيو آ ته وري سڃاڻپ جي بحران جي ڪري شاه وري عام سنڌيءَ جو ايڪسپريشن ٿو محسوس ٿئي.“

نوراني: ”آئون پڇان ٿو ته شيخ کي ايترو ڇو نٿو کنيو وڃي جيترو شاه کي؟“

کوسو: ”آئون رڳو پنهنجي سوال کي پورو ڪيان، مثلن آئون هڪڙي فنڪشن ۾ ويٺو هوس. شاه صاحب جي حوالي سان نه پر سنڌ جي هڪ ٻئي وڏي شاعر جي حوالي سان. ته اسٽيبلشمينٽ جي ماڻهوءَ اسٽيٽمينٽ ڏني ته ”سچل سرمست ان ڪري اردوءَ ۾ شاعري ڪئي جو ان کي خبر هئي ته پاڪستان جي قومي زبان اردو ٿيڻ واري آ. اهڙي نموني شاه جي حوالي سان آئون مڃان ٿو ته شاه جا مختلف شيڊس آهن. پر سمورا شيڊس مڃڻ کپن نه. شاه صاحب جا جيڪي فنڪشن ٿين ٿا انهن ۾ هڪڙن جي سرپرستي ڪئي وڃي ٿي، ٻين جي نه.“

اقبال: ”اها ته شاه جي وڏي هئڻ جي نشاني آ.“

آغا: ”سائين ڳالهه ٻڌايانو ته مان جڏهن شاه جو ترجمو ڪيو ۽ مان جيڏيءَ مهل ان ترجمي کي پڙهيو ته مون محسوس ڪيو ته غير سنڌين جا جيڪي ماڊرن ماڻهو آهن، انهن تي به ايڏوئي اثر ٿئي ٿو جيترو سنڌين تي آ. جيترو شاه جو شعر سنڌيءَ کي وڍ وجهي ٿو اوتروئي غير سنڌين کي وجهي ٿو. ايڏو وڏو شاعر آ شاه سائين ۽ پنهنجي دور جو حوالو آ.“

***

هندن جي وڃڻ کانپوءِ ايڏو خوفنائتو ڌڪ لڳو آسنڌي ادب کي جو ڪنهن کي ڪو نه لڳو آ....!

کوسو: ”اهو ڀايان ٿو ٻين تي ڇڏي ڏيو.“

ڀرڳڙي: ”ها اهو ايندڙ نسلن لاءِ ڇڏي ڏيڻ گهرجي.“

کوسو: ”هاڻ ٻيو سوال هو مسعود جو.“

نوراني: مان اهو.....

آغا: (سوال ياد ڪندي) ”سائين! اها به غلط ڳالهه آ ته شاه ڪڏهن نگليڪٽيڊ رهيو آ شاه جا جيترا فقير پيدا ٿيا، جيترا شاه جا رسالا موجود آهن، جيترا  ڳائڻا پيدا ٿيا، دنيا ۾ ڪنهن جا نه آهن.“

نوراني: ”شاه ڪلهوڙن جي دور جي لحاظ کان برابر هڪ ترقي پسند شاعر ليکبو، پر مون اياز جي ڳالهه ڪئي هئي؟“

آغا: ”اياز کي جيڪا Recognition (مڃتا) ملي آسا به شاه جي ڪري.

(آغا جي ان ڳالهه تي گوڙ ٿي پوي ٿو. سڀني جي هڪ ئي وقت ڳالهائڻ سبب ڪجهه سمجهه ۾ نٿو اچي ته ڪير ڇا چئي رهيو آ.)

کوسو: (زور سان) ”پنهنجي ليکي، اياز جي پنهنجي رليونس آهي. شاه جي ڪري هن کي سڃاڻپ نه ملي آ.“

اقبال: ”پر ٻولي نه هجي ها ته اياز وڏو شاعر ٿي نه سگهي ها.“

نوراني: ”ايئن ته بحث ختم ئي نه ٿيندو. ڀلاشاه ۽ اياز ۾ ڀيٽ ڪيو.“

آغا: ”اياز پنهنجي دور جو شاعر آ ۽ پنهنجو پاڻ کي ڳولي لڌو اٿئين شاه جي وسيلي. اياز ۽ تنوير جي مونکي اها شاعري ياد آ، جيڪا اردوءَ ۽ فارسيءَ جي اثر هيٺ ڪندا هئا. جڏهن هنن شاه کي پڙهيو ته هنن کي خبر پئي ته شاه ڇا آهي! سنڌ جا ماڻهو ڇا آهن! انهن سان هنن پنهنجو پاڻ کي ڳولي لڌو آ.

کوسو: ”آئون ڊفرنس آف اوٻينن مختلف راءِ رکان ٿو. ڇاڪاڻ جو اياز کي مون پڙهيو آ، اياز جي مون 1942ع ۽ 1939ع جي شاعري پڙهي آ. ٻي جنگ عظيم جي خلاف ۽ ان زماني جي شاعري ايڏي خوبصورت اٿس. ان کان پوءِ اياز جو هڪ دور ضرور ٿو اچي اسڪپسزم (فراريت) جو ۽ جنهن زماني ۾ ترقي پسند مسلم ليگ جي ويجهو آيو ته اُردوءَ جي اثر هيٺ هن جي ٻولي ۽ ڊڪشن (عبارت، لفظن جي چونڊ، انشا) بدلجي وئي پر لطيف ۽ اياز جي دور جي انٽرنيشنلزم (بين اقواميت) مختلف آ.

مثال طور شاه ٿو چوي ته:

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار

دوست مٺا دلدار عالم سڀ آباد ڪرين.

اياز جون ٻه سٽون آهن، جنهن جي ٻي هڪ انٽرنيشنلزم آ. مثلن ويٽنام ۾ وٽڪانگ جي فتح تي هن جي هڪ سٽ آ:

هيءَ خبر سج جهڙي مگر، پنهنجي ديس ۾ ڪارا ڪڪر.

هن جي دنيا مان هڪ ڪمپريٽو (نسبتي، تقابلي) اڀياس به آهي، جيڪا ويهين صديءَ جي پيداوار آهي. يا هن جي ٻي انٽرنيشنلزم آهي ته:

پورهيت لاءِ ديس به ساڳيو، پرديس به ساڳيو

چڳ به ساڳي، چيڙ به ساڳي

ليڙون ليڙون ويس به ساڳيو

۽ انت اٿس ته پورهيت لاءِ سويرو به ساڳيو .

هاڻ اهڙي ماڻهو تي اها تهمت هڻڻ ته فلاڻي جي ذريعي هن پنهنجي آئڊينٽٽي ڳولي آ، منهنجي خيال ۾ ٺيڪ نه آهي انسان پنهنجي آئڊينٽٽي پنهنجي دور ۾ ڳولي ٿو، پنهنجي دور جي مسئلن ۾ ڳولا ڪري ٿو.“

آغا: ”انهن کي جيڪا آئڊينٽٽي (سڃاڻپ، شناخت) ملي آسا لطيف جي وسيلي ملي آ، جيئن حيدر آئڊينٽٽي جي ڳالهه ڪئي. اها مان کي ڀي، اياز کي ڀي، لطيف جي ٿرو ٿي آ. پر اياز ماڊرن دور جي درد جي تقاضائن جو شاعر آ. مثال ٿو ٻڌايان ته اڄ جي دور ۾ ته جيڪو مون ڪتيو آ. سو جهڙو تهڙو آ، صراف تون قبول ڪر. اهو پنهنجي دور جي درد جي محسوس ڪرڻ جو هڪ انداز هو جنهن کي شاه لطيف ڳايو آ. جيڪڏهن اڄ جو شاعر ڪاپائتيءَ ساڳئي ڊڪشن ۾ شاعري ڪري ته اياز جو سون سريڪا مٿڙا گهرن ٿا انصاف جي تون سچ صراف، ڦورو ڦول  ته وڃان.

کوسو: ”اڻ توريو اگهائڻ!“

آغا: ”اڻ توريو اگهائڻ جي ڳالهه نه آ. هي ماڊرن دور جون تقانائون آهن. ماڊرن سنڌيءَ جي محسوس ڪرڻ جو انداز آ. ته هاڻ ڳالهه اها آهي ته سون تمام سٺو توريو آ، هاڻ صراف تون موڊي ماڻهو آهين، توکي الاهه وڻي يا نه وڻي، جيڪي اڻ توريا آهن، ڏڏن کي ڳجهه ۾ ٿو ڏين، جيڪي ڪرت وارا آهن سي ويچارا پيا تڙين. ڇو ٿا تڙين! اياز انهيءَ دور جو شاعر آ، انهيءَ ڪري تمام وڏو شاعر آ.“

کوسو: ”آغا! ان کي آئون بحث بنائڻ نٿو گهران، پر آئون ڀانيان ٿو ته ڪوبه ماڻهو آئزوليشن (اڪيلائي، وڇوڙائي) ۾ ڊيولپ، (ترقي ڪري، اسري) نٿو سگهي ۽ ڪنٽينيوٽي (تسلسل) جو پيداوار آ. اياز، شاه صاحب جي ڪنٽينيوٽي ضرور آ؛ پر اياز جي پنهنجي پوليٽيڪل ريليونس (سياسي مناسبت، حوالو) باقي اياز، لطيف جي ذريعي سنڌ ڳولي آ.“

آغا: ”نه! پنهنجو پاڻ کي ڳولي لڌو اٿئين.“

کوسو: آئون ان سان ٿورو ڊفرنس آف اوپينين (اختلاف راءِ) رکان ٿو.“

اقبال: ”آئون سمجهان ٿو ته مسئلو اهو آ ته شيخ اياز جيڪو وڏو شاعر ٿيو آ، اهو فطر تي طرح اياز جي ماڊرن سيسيبلٽي (جديد حساسيت) آ. ماڻهن ڏانهن هن جو پنهنجو هڪ نظريو آ، هن جو هڪ ترقي پسند اٽيٽيوڊ (رويو) آه پر سنڌي ماڻهن لاءِ هن جو قابل قبول هئڻ رڳو ترقي پسنديت يا ان جي بين القواميت ڪانهي، پر ڪلاسيڪل ٻوليءَ جي ورثي کي، خاص ڪري لطيف کي اياز پڙهي پوءِ اها شاعري نه ڪري ها ته ڪڏهن به ماڻهن کي قابل قبول نه هجي ها. سنڌ ۾ گهڻائي ماڻهو آهن جيڪي سياسي قسم جا شاعر آهن، پر انهن کي ماڻهو نعري بازيءَ واري شاعري چون ٿا. پر اياز لاءِ اها ڳالهه نٿي چئي وڃي، ڇا ڪاڻ جو اياز جي ٻولي، هن جو انداز، هن جي اسٽائل جيڪا هن پنهنجي ڪلاسيڪل ورثي کان ورتي آ، ان کي ماڊرن هارمني ٺاهي آ، اياز ان ڪري وڏو شاعر آ منهنجي خيال ۾.“

آغا: ”اسان جو گهڻو بحث وري ٿي ٿو وڃي شيخ اياز تي.“

نوراني: ”اهو سوال ٿي ويو. اچي وئي ڳالهه رڪارڊ تي. هاڻ ٻيا به سوال ڪجن. سائين اوهان کي ٻين صوبن جي شاعرن مان ڪهڙا شاعر وڻن ٿا؟“

آغا: ”آ تون سائين ٽيمپرامينٽلي (طبيعتن، مزاجتن) ڪلاسيڪل مزاج جو هڪ ماڻهو آهيان. پراڻيون شيون مونکي وڻنديون آهن. مونکي ڪير ڏاڍو وڻندو آ؟ مونکي بابا فريد گنج ڏاڍو وڻندو آ. مون هن کي نئين سر پڙهيو آمونکي اهو ڏاڍو وڻيو. بابا بلهي شاه به ڏاڍو سٺو شاعر آ.“

نوراني: ”انهن ۾ ڪهڙي خاص شيءَ آهي، جيڪا اوهان کي وڻي ٿي.“

آغا: سائين توهان کي ٻڌايان ته لطيف سائين پاڻ هن کان متاثر ٿيو آ. بابا فريد ايڏو وڏو شاعر آ. مون هڪ بيت دوستن کي فريد گنج جو ٻڌايو هو ته:

سرور پنڇي هيڪڙو،

ڦاهي وال پنجاه

تن لهرون ۾ گڏ ٿيا،

ريا تيري آس.

بابا فريد گنج ماموئي خان کان به پراڻو شاعر آ، قاضي قاضن کان ڀي.“

اقبال: ”ننڍي کنڊ جو سڀ کان پراڻو شاعر آ“

آغا: ”سائين لطيف وري هيئن چيو آ ته:

جر ۾ پکي هيڪڙو ٻاهيڙي پنجاه رکي آس الله، لڏي لهرن وچ ۾ يا سائين جو هڪ تمام سٺو ببت آ ته:

واهڙ ڪنڌي م ڊاه

تو پڻ ليکو ڏئڻو.

اهو به بابا فريد جو هڪ دوهو آ ته.

واهڙ ڪنڌي نه ڊاه

تو ڀي ليکا ڏيئڻا

کوسو: ”مون پنهنجي شوق جي ڪري هندي پڙهي آ، ۽ مون 213 اهڙا شاه جا بيت پڙهيا آهن، جيڪي بلڪل ترجمو آهن ڇاڪاڻ جو شاه مختلف شاعرن جي ويجهو آيو آ. جتي به هن کي ڪو خوبصورت خيال مليو آ ان کي هن اون (پنهنجو) ڪيو آ.“

آغا: ”ها! نه رڳو اون ڪيو اٿئين پر ان کي پنهنجو پاڻ ۾ جذب ڪري ريڪريئيٽ (ٻيهر تخليق ڪرڻ) ڪيو اٿئين اهو شعر پوءِ بابا فريد جو نه رهيو آ.“

اقبال: ”لوڪ ڪهاڻين مان به شاه شعر کنيا آهن.“

آغا: ”ها فوڪ ٽيلس مان ڀي کنيا اٿئين، پر سائين جي ڳالهه ئي ٻي آ. هن ريڪريئيٽ ڪيو آ. سائين جنهن کي ڇهي ٿو ان کي سون ڪري ٿو ڇڏي جيڪي ڪمزور فوڪ لور جا. شعر آهن، انهن کي به ڇهي ٿو ته سون ڪري ٿو ڇڏي. نوراني سائين! هاڻ توهان ڳالهه جي پڇي ته مون کي ڪهڙا شاعر پسند آهن ته مون کي بابا فريد، ڪبير ۽ فيض صاحب پسند آهن. فيض تمام سٺو شاعر آ.“

نوراني: ”اهو وري اچي ويو ماڊرن دور ۾؟“

کوسو: ”آغا! ٽيگور پڙهيو اٿو؟“

آغا: ”ٽيگور پڙهيو آ، ٽيگور چڱو شاعر آ، مون هن جو گيتان جلي پڙهيو آ. ايڏو وڏو شاعر ڪونهي، جيترو هن کي پروجيڪٽ ڪيو ويو آ. اهو منهنجو ذاتي رايو آ.“

نوراني: ”هڪ بلڪل روايتي سوال ڪرڻ چاهيان ٿو ته اوهان جيڪي به لکو ٿا، ان جو ڪو مقصد آهي، يا پنهنجو پاڻ کي خوش ڪرڻ يا پنهنجي انا يا طبيعت کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ٿا لکو؟“

آغا: (کلندي) ”اهو ته سائين تمام پراڻو سوال آ؟“

اقبال: ”ادب براءِ ادب وارو!“

نوراني: تنهنجي باوجود آئون پڇندس آئون آغا صاحب جا خيال معلوم ڪرڻ چاهيان ٿو.“

آغا: (سنجيده ٿيندي) ”سائين عرض آ ته انسان جي انر اربٽيشن (اندروني خلفشاريا ڪاوڙ) هوندي آ. ڪا ڳالهه مثال: جنهن جو ماڻهو اظهار ڪرڻ ٿو چاهي، ڪي ڪاوڙيون، ڪا چڙ، ڪي سٺيون محبتون، ڪي نفرتون جيڏي مهل گڏ ٿينديون رهن ٿيون ته ان جو اظهار ڪري ٿو. پر هڪڙو اظهار ائين آهي ته نهايت ڪروڊ (ڪڍنگي، اڻ گهڙيل) طرح سان ماڻهو ڪا گار ڪڍي وجهي. هڪڙو اظهار آ جيڪو ڇنڊجي ڇڻجي ٿئي ٿو ته فنڪارانه يا آرٽسٽڪ ٿو ٿئي. هاڻ توهان وارو سوال آهي آرٽ فار آرٽ سيڪ يا ادب براءِ زندگي! ادب ته بهرحال زندگي آ!“

کوسو: ”مون کي هڪڙي انگريز جو جملو ياد ٿو اچي ته:

“Creation of latrature is nothing but sharing the wounds and desperations with your own people.”

(ادب جي تخليق، پنهنجن ماڻهن کي پنهنجن زخمن ۽ نااميديءَ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪونهي.)

آغا: (ڪلام جو سلسلو جاري رکندي) ”سو سائين ادب زندگي آ نه! سائين ماڻهو آئيلينڊ ۾ آئوري ٽاور ۾ ته نٿو رهي جيڪو مشهور ٿيو هو. ماڻهو پنهنجن انساني ناتن ۾ رهي ٿو. انهن جي دردن جو اظهار ڪري ٿو، گڏ رهي ٿو ۽ ماڻهن لاءِ لکي ٿو. ڪوبه پنهنجي لاءِ نٿو لکي.“

اقبال: ”پنهنجو به ذڪر ڪري ٿو.“

کوسو: ”پنهنجن زخمن ۽ مايوسين جو.“

نوراني: ”اوهان ڀلا پنهنجي حياتيءَ جو ذڪر پنهنجن تخليقن ۾ به ڪيو آ، يا ان کي پنهنجين ڪهاڻين يا ناولن جو ماڊل به بنايو اٿو؟“

آغا: ”سائين اهي سٺا سوال آهن. پهرين ڳالهه اها ته رائٽر ۽ شاعر جو جيڪو بيسٽ سيلف (بهترين خودي- آپو) آ، اهو نپوڙجي ادب ۾ اچي ويندو آ، باقي ڦوڳ وڃي بچندو آ. مان ڦوڳ آن جنهن کان اوهين انٽرويو پيا ڪيو.“

(آغا جي ان ڳالهه تي ڪجهه دوستن کان بي اختيار کل نڪري وڃي ٿي ۽ حيرت ۽ لطف جي مليل جليل تاثر سان آغا کي ڏسن ٿا.)

آغا: (ڳالهه جاري رکندي) منهنجو بيسٽ سيلف منهنجيون لکڻيون آهن. مان اهي ڪميڻائپون به ڪيان ٿو، ننڍيون ننڍيون بي ايمانيون به ڪيان ٿو، حرامپايون به ڪيان ٿو.

”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام“

انهيءَ سوسائٽيءَ ۾ رهان ٿو، اٿان وهان ٿو. بدمعاشيون به ڪيان ٿو. پر منهنجو بيسٽ سيلف جيڪو، مانتي ئي وري چڙيو ويٺو آ، جو مان کي ٿو نندي، اهو ايڪسپرين (بيان ٿيڻ- واضح ٿيڻ) ٿي ٿو وڃي منهنجي رائيٽنگس (لکڻين) ۾ ليکڪ سان ڪڏهن به نه ملجي. ليکڪ جي لکڻين سان ملجي. ڇاڪاڻ جو جيڪو تت آ ست آ سو ليکڪ جي لکڻين ۾ اچي وڃي ٿو.“

يوسف: ”توهان جي ڪهاڻين جو اهو ڪهڙو موضوع آهي جنهن تي اوهان وڌيڪ اسٽريس (زور، ڌيان) ڏنو هجي؟“

آغا: ”يعني ڪهاڻين ۾ منهنجا موضوع ڪهڙا رهيا آهن؟“

يوسف: ”ها سائين ڪهڙا موضوع رهيا آهن؟“

آغا: ”سائين! انساني رشتا انساني ناتا، ڏک، درد، ماڻهوءَ جو سماج سان، سوسائٽيءَ سان جهيڙو. اهي منهنجا موضوع رهيا آهن. گهڻي دير کان پوءِ، مون جيڪو پاڻ کي ڳولي لڌو آ،آئڊينٽيفاءِ ڪيو آ، اها سنڌ آ اسان جو منهنجو مقدر سنڌ سان وابسته آ. زندگيءَ ۾ جيڪي به مون کي سهولتون يا مقام مليا آهن، ٿورو گهڻو عزت ملي آ، نوڪري ملي آ، اهو جيڪڏهن سنڌي نه هجان هان ته، نه ملي ها. اهو به سنڌ جي ڪري آهي. ڏک، ڏولاوا به سنڌ جي ڪري آهن، جيڪي ايذاءَ مليا آهن، اهي انهيءَ ڪري جو سنڌي آهيان. خوشيون به سنڌي هئڻ جي ڪري مليون آهن.“

کوسو: ”منهنجي حساب موجب توهان جي ڪريئيشنس Creations (تخليق) کي Summing up سمنگ اپ ڪجي. (حاصل مطلب ڪڍجي) ته مان ڀانيان ٿو ته Unaccom plished aspirations of man of Sind of eourse. سنڌ جي ماڻهوءَ جون اڻ پوريون خواهشون آهن.“

آغا: ”سائين، ٻيو هينئن آ ته هڪڙي آئون توهان کي ٻڌايان ته مان اصل ۾ ڳالهه ٻڌايان ته مان اصل ۾ ڳالهه جي وضاحت ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪو اسان جو سائين کوسو صاحب ڪندو آ. سو هڪڙو مونتي الزام آ ته مان ڏاڍيون سهڻيون تشبيهون ڏيندو آهيان، مان ڏاڍي هڪڙي سهڻي ٻولي استعمال ڪندو آن. سو مون ڪڏهين به سهڻي ٻولي استعمال نه ڪئي آ. منهنجو ايڪسپريشن (بيان جو انداز) چڱو ٿي سگهي ٿو. انهيءَ جو وري هڪڙو خراب اثر ٿو نڪري، ڪڏهين به کوسي جهڙي پڙهيل ڪڙهيل ماڻهوءِ ايئن نه چيو آ ته تنهنجا ڪردار سٺا آهن. هميشه ايئن چيو اٿئون ته تنهنجي ٻولي سٺي آ.

کوسو: ”Istand to correctit (مان ان کي درست ڪرڻ لاءِ اٿان ٿو)“

آغا: ”عرض ٻڌي وڃو. هاڻ اهو وري هڪڙي اميجينيٽو (تصوراتي- تخيلي) رائيٽر جي لکڻين جو هڪ ٽريجڪ (المناڪ) پهلو ٿئي ٿو جو هن جا جيڪي ڪردار آهن، اهي وري هن جي لکڻين جي خوبصورتي هيٺان دٻجي ٿا وڃن.“

حيدر: ”توهان جي خيال ۾ سنڌي ڪانٽيبمپوري (همعصر) ادب جيڪو آ، اهو ڪيترو اڳتي وڌيو آ دنيا جي ادب جي مقابلي ۾. ٻنهين صنفن، يعني: افسانوي ادب هجي يا نظم هجي.“

آغا: ”سائين! هاڻ عرض ٻڌو ته منهنجي سامهون ئي، هاڻ ته مان ڪراڙو اچي ٿيو آن. منهنجي سامهون ئي هيءَ گروٿ (ترقي) ٿي آ. سارو ڏنل احوال آ. اهو زمانو هو جو ڪهاڻي يا افسانو ڇپبو هو، ته پهريائين ته ڪو رسالو ڪون هو. هندن جي وڃڻ کان پوءِ ايڏو ٽيريبل (خوفائتو) ڌڪ لڳو آ سنڌي ادب کي جو ڪنهن کي ڪون لڳو آ. تنهن کان پوءِ ڪتاب، رسالا ڪجهه نه هئا. ڪو شاعر ئي ڪون هو جو امپريس (متاثر) ڪري اهي پراڻي زماني جائي شاعر هيا، تنهن کان پوءِ ڏسو ته ڇا ٿي ويو آ. ساري دنيا ئي بدلجي وئي آ. وڏي چينج آئي آ“

حيدر: ”اهو سڄو ادب نمائندو ادب آ؟“

آغا: ”ظاهر آ. ڏسو نه نمائندگي هڪڙي اهڙي شيءَ آ، جيڪڏهن مان خراب ماڻهو آن ته خراب ادب ٿو پيدا ڪيان. معنيٰ مان خراب آهيان ته ادب بهرحال نمائندگي ٿو ڪري ڪنهن به سوسائٽيءَ جي جيڪڏهن، ڪريل آ. ته يعني ان ڪريل سوسائٽيءَ جي نمائندگي ٿو ڪري ڇاڪاڻ جو سڌو سئون زندگيءَ سان وابسته آ.“

کوسو: ”آغا، جتي آئون چوان ٿو ته اوهين خوبصورت ٻوليءَ جا ليکڪ آهيو، اتي آئون توهان کي ڪڏهن ڀي نٿو چوان ته اوهان جا ڪردار سٺا نه آهن. مون هميشه اهو چيو آ ته هڪڙو ايرا ٿئي ٿو مليٽينسيءَ جو، ماڻهو پنهنجن اڌورين ۽ اڻ پورين. خواهشن ۽ ارمانن کي پورو ڪرڻ لاءِ (جارح) مليٽنٽ ٿئي ٿو، پر ان کان پوءِ جيڪو ساهي پٽڻ وارو دور اچي ٿو ته ان وقت جماليت مختلف ٿي وڃي ٿي. قومن جي زندگيءَ ۾ اهڙو وقت ايندو آ، جو جيئن ڏيئو آخري ڀڙڪو کائيندو آ ۽ نستو ٿي ڪري پوندو آ، تيئن اسين ان نستائيءَ جي دور مان گذري رهيا آهيون؟“

آغا: ”ها سائين! اهو هينئن هو ته آرسي رسالو نڪتو تمام سٺو ٿو نڪري. ته اهو جيڏي مهل مون پڙهيو ته هڪ چئپٽر (باب) ڪانه (پورو) ٿيو آ. هڪڙو چئپٽر جيڪو اسان جي مليٽينسي ۽ قوم پرستي هو، انهيءَ مان جيڪو ادب پيدا پي ٿيو، اهو چئپٽر هلڻ ڪلوز ٿيو آ. هاڻ زندگيءَ جا ٻيا مسئلا، جيڪي زندگي سان وابسته آهن، اهي اچن ٿا. هاڻ هن جو سوال اهو آ ته اوور آل ڊيولپمينٽ (اجتماعي طرح) ٿي آ ته مان ان جو جواب ڏنو آ. باقي توهان جيڪا ڳالهه ڪيو ٿا ته اها خود اياز ۾ به وڏي چينج (تبديلي) آ. اها هڪ گروٿ (واڌ) آ. ڊيولپمينٽ (ترقي) آ.“

حيدر: ”آئون اها ڳالهه واضح ڪرڻ گهران ٿو. ٿوري دير اڳ ۾ شيخ اياز جي ڳالهه ٿي ۽ شيخ اياز تي بحث ٿيو. اصل ڳالهه اها آهي ته گهڻا همصر ليکڪ جيڪي آهن، تن جو حوالو اردوءَ جو آ. يعني اهي صفتون، جيڪي ڪجهه اردو ادب ۾ اسريون، انهي حساب سان ٿيون. پر اردو ادب ۾ جيئن ناول لکيو ويو، آگ ڪا دريا يا قرت العين کان پوءِ جيڪا بايوگرافي آهي ”ڪارجهان دراز هئي،“ ٻن يا ٽن جلدن ۾ آئي.....“

کوسو: ”يا آخري شب ڪي هم سفر.“

حيدر: ”ها، آخري شب ڪي هم سفر، انهي جو ڪينواس ايترو وڏو آهي جو اسان وٽ ڪونهي، مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي. ممڪن آهي منهنجي اڻ ڄاڻائي هڃي!“

آغا: ”ها مان توهان کي ٻڌايان ٿو. چڱو ٿيو اهو سوال اوهان مون کان پڇيو. ان ۾ مون کي پنهنجي پوزيشن واضح ڪرڻ جو  موقعو ملندو. مون ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“، جيڪو ناول لکيو آ، سو سڌو سنئون قرت العين جي ناول ”آگ کا دريا“ کان متاثر ٿي لکيو آ. پر هاڻ اهو متاثر ٿيڻ ائين آ، جيئن لطيف سائين ٿر مان لنگهيو ته ٽوه ڏٺئين. مان اوهان کي بيت ٻڌايان:

صورت گهڻو سهڻا، ٽاڻا سندن ٽوه،

ريلو ڏي روح، جو کائي سو کامي مري.

ته مطلب اهو آ ته ريڪريئيٽ ڪرڻو آ (ٻيهر پيدا ڪرڻو آ). وري انهيءَ جي ٻاهران ڪا شيءَ اچي ٿي يا نه! ٻاهران اچي ٿي ته پلانٽيشن (پوک) هتي شيءَ ٿي پئي يا نه. ڌرتيءَ ۾ ان جون شاخان آهن يا نه، يعني: اردو ته ٺهيو پر ڪنهن کان به توهان ڪا شيءَ کڻو ته ان جي پلانٽيشن ٿي سگهي ٿي يا نه، يعني سنڌ جي. ته مون هن کان ٽوه وانگر متاثر ٿي لکيو آ. هن جو ڪينواس ٻيو آ، ڪانٽيڪسٽ ٻيو آ ۽ منهنجو ٻيو. مان جيڪڏهن قرآن شريف پڙهان پيو ته ٻئي ڪانٽيڪسٽ ۾ پيو پڙهان، مون کي ان جون آيتون ٻئي نموني ۾ ٿيون اچن، وري جي ڪو ٻيو ٿو پڙهي ته ان کي ٻئي نموني ۾. هاڻي قرت العين جي باري ۾ اهو غلط آ ته ان جو ڪينواس تمام وڏو آ. هوءَ ڊڪيئنگ فيوڊل (ختم ٿيندڙ جاگيردارنه) لکنئو جو جيڪو طبقو آ، ان جو ماتم ڪري ٿي پئي. ان جو آبسيشن (وهم ۽ انديشي جو غلبو يا تسلط) آ. ان پنهنجي ناول ۾ گلوريفاءِ (تعريف ڪرڻ- مان ڏيڻ) ڪيو آ، ته ڪو زمانو هو جو لکنئو ۾ چندر گپت سمراٽ هيو. اتي فلسفي هئا، ڪلچر هو. ان کان پوءِ ٿيم اها ٿي ٿئي ته اهو ڪلچر ورهائي نٿو سگهجي. اسان جو ادب وري ريزسسٽنس (مدافعت) جو ادب آ. مان قرت العين حيدر يا هندو مٿالاجي مان يا خود اسلامي نظرئي مان کڻان ٿو ته ان جو ڪانٽيڪسٽ (سياق سياق مطلب) ٻيو ٿو ٿئي. مان رهان ئي ٻئي ماحول ۾ ٿو. مان هڪ علحده قوميت جو ماڻهو آهيان. منهنجا مسئلا ٻيا آهن. قرت العين جا ٻيا آهن ۽ ڪوبه اسان جو اديب اردو لکڻين کان ائين متاثر نٿو ٿئي جو ان جي آفيس ڪاپي بنجي وڃي.“

”کوسو: ”بشير مورياڻي آهي.“

آغا: ”نه، بشير مورياڻي ڪونهي. ان جو ڀي مون هڪ ڪتاب پڙهيو آ. آفيس ڪاپي ڪونهي.

حيدر: ”مون لفظ حوالو استعمال ڪيو هو. يعني اردوءَ جون جيڪي صنفون يا ترڪيبون آهن. انهيءَ حوالي سان سنڌي ٻولي ڪريٽ (خراب) ٿئي ٿي ته معنيٰ سڀ ڪجهه ڪرپٽ ٿئي ٿو.“

آغا: ها، ها ٻولي ائين ڪرپٽ ٿئي ٿي پئي. سبب ڇا آهي جو چئني طرفن کان اسان تي لساني ائگريشن (هلان، چڙهت) ٿي آ. اسان جي ٻارن تي، اسان جي ليکڪن تي، اسان جي ميڊياتي. پر آئون سنڌ جي ڳالهه ڪرڻ چاهيان ٿو ته سنڌ لساني لحاظ کان ڏاڍي هڪڙي پري وليجد جا گرافيڪل سچوئيشن (فائدي واري جاگرافيائي وقوع هنڌ) ۾ آ. جيئن هن پاسي ٿر تنهن جي پويان مارواڙ. هن پاسي اسان کي بارڊر ڪيو ويٺو آ، ته هن پاسي وري سرائڪي ته دو آٻي واري زبان يا پنجابي جا اثر ايستائين اچي ختم ٿي ٿا وڃن، اسان تائين نٿا پهچن. اڄ به آئون پنجاپين کي چوندو آهيان ته فريد کي سنڌي ماڻهو کان سواءِ ڪو سمجهي نه سگهندو، اسان وٽ اهي لفظ اڃان جيئرا آهن توهان وٽ مري چڪا آهن، سو اسين قلعي بند آهيون. انهي ڪري اسان جي زبان اصلي فارم ۾ قائم ۽ دائم رهي آ. هاڻ وري ايڪسپوير (وائکائي، اوگهڙ) ايڏو ٿيو آ، ايڏي ائگريشن (هلان) آ، هي ٽيليويزن ريڊيو، اسٽيج ۽ فلم هر لحاظ کان، چوويهه ڪلاڪ ريڊيو ٿو هلي ۽ اسان تي حملا ٿو ڪري وڏي ساز سرود سان ۽ وڏو طاقتور ميڊيا ٿي ٿو اثر ڪري. اسان جا ٻار ضرور خراب ٿين ٿا. ليکڪن جي ٻولي خراب  ٿيندي وڃي پئي. ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندي، اٺن سالن کان مان هتي ٿو رهان پيو، مان کان ته انشاءُ الله ڪڏهن ته نه نڪرندو جو مان مذڪر کي مونث چئي وڃان.“

حيدر: (چرچي ۾) ”ته پوءِ مون کان نڪرندو.“

آغا: (موڊ ۾ اچي) ”اوهين ته وري ڪڏهين ڪڏهين اتفاق سان صحيح چئي ويندا آهيو نه!“

(سڀئي هڪ فلڪ شگاف ٽهڪ ڏين ٿا، حيدر به کلي ٿو).

کوسو: ” آغا! ڳالهه ٻڌو، توهان جي ڪتابن تي ڳالهائيندي اونداهي ڌرتي روشن هٿ، اڻ پورو انسان ۽ هم اوست ۾ اوهين ماضيءَ جي ڪردارن تي لکيو آ، پر خود انسان جي هن ويهين صديءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڪردار ايڏا لاجواب آهن، جن تي ماڻهو لکي سگهي ٿو. مثلن: ڪنور آ، جمشيد مهتا يا هيمون ڪالاڻي آهي. اهي ٻه ٽي ماڻهو عجيب آهن. (انهن تي نه لکيو ويو آ.)

آغا: ”سائين عرض آ ته اوهين رائيٽر کي ٽاپڪ (موضوع) ڏيندو ته نه ني! اصل ۾ رائيٽر ڪهڙي ڳالهه کان متاثر ٿئي ٿو پيو! اهو ڏسڻو آ. اونداهي ڌرتي روشن هٿ جا ڪردار جديد وقت جا ماڻهو آهن. ڊسگائيز ۾ (بدليل ويس ۾) ۽ تواريخ جي گهٽين مان گهمن ٿا. پوشاڪ انهن دودي چنيسر واري پاتي آ، پر اهي اڄ جا ماڻهو آهن، جيڪي رزسٽ (مدافعت) ٿا ڪن. مان اهو نه آهيان ته ان زماني جون ويهي ڏند ڪٿائون لکان. مون انهن کي اهي ڪاسٽيومس پارائي جديد دور جي ڳالهه ڪئي آ.“

حيدر: ”بلڪل آئون ان ڳالهه جي داد ڏيندس. جيڪو شعوري ادب آهي اهو واقعي توهان جو.....“

کوسو: (ڳالهه ڪٽيندي) ”اها اوهان جي وڏي ڪنٽريبيوشن آ.“

آغا: ”قطع ڪلامي معاف. سائين آئون هڪ روايتي سوال جو جواب ڏيڻ چاهيان ٿو. اهو سوال اهو آ ته مان ڪهڙي ماڻهوءَ کان متاثر آهيان؟ سائين مان ٻن ماڻهن کان ڏاڍو متاثر آهيان. هڪڙو پليجو. (رسول بخش پليجو) پليجي سان مون ايڏا اختلاف ڪيا آهن، جيهڙا ڪيا آهن. نظرياتي بحث ڪري اٿيا آهيون ته هڪ ٻي جي ڪيترا ڪيترا ڏينهن شڪل نه ڏٺي آ، ته به پليجي کان آئون متاثر آهيان.“

نوراني: ”ڪهڙي سبب جي ڪري؟“

آغا: ”هڪڙو هن جهڙو ذهين ماڻهو، هن جهڙو پڙهيل ماڻهو مون نه ڏٺو آ، هن جي گراسپنگ Grasping (پڪڙ گرفت، سمجهڻ جي قوت) جيڪا آ. هن ۾ تنظيمي صلاحيتون ۽ هن ۾ ادب جو سينسSense (حس- فهم) تمام وڏو آ“

اقبال: ”ڏاهو ماڻهو آ.“

آغا: (ڳالهه جاري رکندي) تنهن کان پوءِ لطيف جيڪو پليجي کان پوءِ لطيف جيڪو پليجي کان مون ٻڌو، مون سمجهيو، اهو نئون لطيف آ، جيڪو ٻڌان پيو.“

اقبال: ”ٻيو ڪنهن کان متاثر آهيو؟“

آغا: ”ٻيو ڄام ساقيءَ کان ”ڪمٽمينٽ (ڪيل واعدي يا کنيل ذميواري جي پابندي) لاءِ، منهنجي خيال ۾ اها ڪمٽمينٽ صحيح هجي يا نه هجي، اهو هڪ ٻيو مسئلو آ. پنهنجي ڪمٽمينٽ لاءِ مرڻ يا جيئڻ. اها خوبي هن ۾ آهي.“

نوراني: ”ڄام توهان کي بطور سياست دان جي پسند آهي يا بطور ليکڪ جي؟“

آغا: ”بطور سياست دان جي (بطور Asa Committed man پنهنجي نظريئي يا کنيل ذميواريءَ جي پابند شخص جي).

کوسو: ”رائيٽر به آهي. سنڌ ۾ هن پهريون دفعو انڊر گرائونڊ زندگيءَ تي ناول لکيو آ. اوهين مڃوس يا نه!“

حيدر: ”جديد قسم جون صنفون جيڪي دنيا ۾ مروج آهن، سي سنڌيءَ ۾ ڇو ڪونهن، اڃان تائين؟“

اقبال: ”سڀ آهن سنڌيءَ ۾.“

آغا: ”ها، سنڌيءَ ۾ اسان وٽ آهن.“

حيدر: ”ڊرامي ۾ ڊيولپمينٽ نه ٿي آ. ناول به ته ڪونه وڌيو آ، اها صنف رهيل آ؟“

آغا: ”سائين سراج لکيو آ ناول.“

حيدر: ”پڙاڏو سو سڏ!“

کوسو: ”آغا، پڙاڏو سو سڏ ناول چئي نٿو سگهجي!“

آغا: ”ڇو نٿو چئي سگهجي! ناول آ! بلڪل ناول آ!“ هاڻ absurdity واري جيڪا ڳالهه آ، سو جيڪو انقلاب کان اڳ وارو روسي لٽريچر آ، اهو ۽ اسان جي سنڌ جون جيڪي حالتون آهن، سي ايڏيون ته هڪجهڙيون آهن، جو ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان جو لٽريچر آ. ته هاڻ جيڪا سوسائٽي تواريخ  جي پروسيس (عمل) سان لنگهي ۽ ائبسرڊ لٽريچر وڃي پيدا ڪيو آ. انهيءَ مان اسين نه لنگهيا آهيون. ۽ اهو ٿورو گهڻو جيڪو پيدا ٿئي ٿو، اردو لٽريچر ۾ يا ٻي ٻوليءَ ۾ ڀي ٿئي  ٿو، هنديءَ ۾ ڀي ٿئي ٿو، ته اهو ڪانشس ايفرٽ (شعوري ڪوشش) سان فيشن طور آ، اندر مان نٿو نڪري. اندر مان تڏهن نڪرندو جڏهن سوسائٽي عذابن مان لنگهندي، باقي جديديت جي شوق ۾....“

کوسو: “Stillin the grip of the struggle.”

اسين اڃان جدوجهد جي گرفت ۾ آهيون.“

آغا: ”ها، ها. اسان جا وري ڏسو نه اها مارئي آ جيڪا پنهنجي ڳوٺ سان محبت ڪرڻ وارو هڪ ڪردار آ. اهو اسان جو حوالو ٿي بنجي. سو اسان اڃان ان دور مان نٿا لنگهئون جنهن مان لٽريچر آف ائبسرڊٽي پيدا ٿيندو آ. يا ائبسٽريڪٽ آرٽ پيدا ٿي سگهي، جيڪي شعوري ڪوشش ڪن ٿا ته ڪرڻ ڏيو.“

حيدر: ”حليم بروهي اهڙي ڪوشش ڪئي.“

آغا: ها اها شعوري ڪوشش آ. اندر مان نڪرڻ واري ڳالهه نه آ.“ مان آنيسٽ ڪنفيشن (ايماندرانه اقرار) ڪيان ٿو ته مان کي ايليٽ سمجهه ۾ نه ايندو آ. ايئن نه آ ته انگريزي سمجهه ۾ نٿي اچي! هن جي جيڪا ايموشنل رڌم (جذبات جي تال، وزن) ۽ منهنجي ايموشنل رڌم ۾ سينڪرونائيزيشن (هم آهنگي) ڪانهي.

کوسو: ”بلڪل مختلف“ رليونس ڪانه ٿي ٿئي.“

آغا: ”نتيجو اهو آ ته دوستو وسڪي پڙهان ٿو ته مونکي ايئن ٿو لڳي جيئن سنڌ جي ڳالهه آ.“

اقبال: ”تون جيڪڏهن ڪنهن به جدوجهد ڪندڙ قوم جي شاعر کي پڙهين ٿو، جيئن ان ڏينهن پبلو نرودا کي پڙهيوسين ته پنهنجو ٿو لڳي.“

حيدر: ”ماڊرن همعصر سنڌي نثر لکندڙن مان اوهان کي ڪنهن انسپاير ڪيو آهي؟“

آغا: ”سائين سڀ سٺا آهن. ادب ۾ ڪنهن کي مونو پولائيٽ (هڪ هٽي ڪرڻ، ڏيڻ) نٿو ڪري سگهجي ته ڀئي فلاڻا نه...! گل گل جي خوشبوءِ آ، مونکي ذاتي طرح سان نثر ۾ شيخ اياز پسند آ. شيخ اياز جيڪي ڪهاڻيون لکيون آهن، مان اڄ تائين اهڙيون فورس فل (زبردست، اثرائتيون) ڪهاڻيون سنڌي ادب ۾ نه پڙهيون آهن. تنهن کان پوءِ جمال ابڙي مان کي متاثر ڪيو آ. اڄ ڪلهه مائي آ يونيورسٽيءَ ۾، بخاري......!“

کوسو ۽ اقبال: (گڏجي) ”خيرالنساءِ جعفري!“

آغا: ”ها خيرالنساءِ جعفري، ان جي مان هڪ ڪهاڻي پڙهي، مونکي ڏاڍي سٺي لڳي.“

اقبال: نثر ۾ سڀڪجهه اچي وڃي ٿو، رڳو ڪهاڻي نه!“

آغا: ”ها. نثر ۾ مان جيڪا سٺي سنڌي پڙهي آ سا راشدي (علي محمد) جي آ. اهڙي سنڌي مان اڄ تائين نه پڙهي آ. نورالهيٰ شاه سٺي ڪهاڻي لکي ٿي. ان کان پوءِ علي بابا ۽ عبدالقادر جوڻيجو به سٺيون ڪهاڻيون لکن ٿا.“

يوسف: ”جي- ايم سيد جي سنڌيءَ بابت ڇا خيال آهي؟“

آغا: ”سائين مونکي راشدي صاحب جي سنڌي ڏاڍي وڻي ٿي.“

حيدر: ”نورالهيٰ جو ڊرامو وڻي ٿو يا ڪهاڻي؟“

آغا: نه، نه! ڊرامو نه ڪهاڻيءَ جي ڳالهه ٿو ڪيان ته سٺي ٿي لکي.“

يوسف: ”مزاح ۾ ڪير چڱو آ؟“

آغا: ”مزاح ۾ علي احمد بروهي صاحب جيترو ڳالهائي ٿو، اوترو لکي نٿو سگهي. بروهيءَ جي ڳالهائڻ ۾ وڏو اثر آ، بنسبت ان جي لکڻين جي.“

نوراني: ”امر جليل جي باري ۾ توهان ڪجهه نه چيو سائين؟“

آغا: ”ڇا چوان!“ (ڪي صاحب وري ٽهڪ ڏين ٿا).

حيدر: ”همعصر ليکڪن جي باري ۾ جيڪا ڳالهه ٿي، امر جو ذڪر ڪونه آيو؟“

آغا: ”سائين هاڻ مان کان پڇيو ويو ته توکي ڪهڙا پسند آهن! ته مان انهن جا نالا کنيا!“

نوراني: ”امر توهان کي پسند نه آهي ڇا؟“

آغا: ”ڇو نه پسند آ.“

(ان وچ ۾ آغا صاحب جو فرزند جمشيد چانهن ۽ ٻيا لوازمات کڻي اندر اچي ٿو.)

کوسو: ”آغا! جمشيد، گهڙيءَ گهڙيءَ پيءُ کي بچائڻ ٿو اچي ها؟“

(اقبال ۽ کوسو وڏا ٽهڪ ڏين ٿا. جڏهن ته ٻيا مشڪن ٿا.)

کوسو: ”نورانيءَ ڏانهن نهاريندي) “You want to put your words in his mouth.” (توهان پنهنجا گهربل لفظ آغا کان چورائڻ چاهيو ٿا؟)

يوسف: ”هندوستان جي ليکڪن مان ڪهڙا اوهان کي پسند آهن؟“

اقبال: ”هندستان ۾ ڪو چڱو ڪونهي منهنجي خيال ۾.“

کوسو: هندوستان ۾ ورٿ مينشننگ (قابل ذڪر) آهن ئي ڪون؟“

آغا: ”ها مان کي نه وڻندا آهن.“

نوراني: ”سائين! سنڌ جي موجوده ادبي صورتحال کان مطمئن آهيو؟ يعني جيڪي ادبي تخليقون آهن، انهن مان مطمئن آهيو؟“

آغا: ”مان سمجهان ٿو ته پنهنجي پر ۾، سنڌ ۾ جيڪو ڪتاب ٿو ڇپجي، اهو ڪهڙي به زبان ۾ نٿو ڇپجي. اردوءَ ۾ نٿو ڇپجي. اردوءَ ۾ ڊائجيسٽ ٻائجيسٽ ڇپجن ٿا.“

حيدر: ”سنڌي ريڊرشپ سٺي آهي، صاف سٿري.“

آغا: ”ٻي ڳالهه ته سنڌي جيڪا پنهنجي ليکڪ پنهنجي اديب جي عزت ٿو ڪري، جيڪا هن ۾ سينس آف بلانگنگ (پنهنجائپ جو احساس) آهي، ٻي ٻوليءَ ۾ ڪونهي، نه پنجابيءَ ۾ آ نه اردوءَ ۾. اردوءَ واري ۾ ته آهي ئي ڪونه! مون اردو اديب کي ايڏي باعزت نموني ۾ قوم ۾ نه ڏٺو آ، جيڪو سنڌي اديب قوم ۾ باعزت سمجهيو وڃي ٿو. (ٽهڪ ڏيندي) پوءِ هجي يا نه هجي!“

(آغا سان گڏ ٻيا به کلڻ ۾ شامل ٿي وڃن ٿا.)

اقبال: ”لکڻ جي بهترين صنف تنهنجي خيال ۾ ڪهڙي آهي، جيڪا لکڻ تي تنهنجي دل چوندي هجي؟“

آغا: ”ناول.“

اقبال: ”۽ شاعريءَ ۾ بهترين اظهار تون ڪهڙي صنف ۾ ڪري سگهين ٿو؟“

آغا: ”اهو آئون ٿورو گهڻو نظم ۾ ڪيان ٿو، ڇاڪاڻ جو آئون فڪشن رائيٽر آهيان، ان ۾ ائٽماسفيئر (ماحول) ٿئي ٿو ۽ نظم ۾ به ٿورو گهڻو ماحول ٿئي ٿو.“

اقبال: ”بيت ۾ نٿو ٿئي؟“

آغا: ”بيت ۾ مونکي ڏاڍو مزو ٿو اچي. جيڪڏهن بيت پڙهان ٿو يا بيت لکان ٿو ته مونکي ڏاڍو مزو ٿو اچي.“

نوراني: ”ڀلا سائين، توهان جي بهترين تخليق ڪهڙي آ.“

آغا: ”مان سائين هاڻي (نهٺائيءَ واري انداز ۾) منهنجي خيال ۾ ليٽيسٽ آ، فريش آ، ان ڪري مان کي جيڪا وڻي ٿي پنهنجي تخليق، سا آهي ’همه اوست‘ ناول.“

يوسف: ”اسان توهان جي ڪتابن جي باري ۾ معلوم ڪرڻ ٿا چاهيون ته ڪيترا ڇپيا آهن ڪيترا ڇپڻا آهن ۽ ڪيترن جا مسوده پيا آهن؟“

آغا: (ڀوڳ واري نموني ۾ کلندي) بس سائين هاڻ نجم عباسيءَ کي مارڻ وارو آهيان.“

(آغا سميت سڀئي هڪ آسمان ڏاريندڙ ٽهڪ ڏين ٿا. ڪي دوست مزي ۾ اچي تاڙا به هڻن ٿا.

آغا: (مزاحيه انداز ۾ ڳالهه جاري رکندي) ”بس سائين انهيءَ کان گوءِ کٽڻ وارو آن.“

يوسف: ”انهن جا تفصيل؟“

آغا: ”بس سائين عرض ڪيم تي ته گوءِ کٽڻ وارو آن، بس هاڻ اوهان پاڻ وڃي حساب ڪيو.“

(ڪجهه دوست وري کلن ٿا.)

کوسو: ”سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪرٽسزم اڃان نه لکي وئي آ، توهان جي خيال ۾ ڪهڙا سبب آهن؟“

آغا: ”سائين حالي ته پروڊڪشن جو دور آني! حالي ته (پروڊڪشن) ٿيندو رهي. تنهن کان پوءِ وري هڪ ٻيو مسئلو اهو ڀي آ ته اسان جو ايسٽرن مشرقي اسٽائيل آ. جنهن ۾ انڊو پاڪ ڀي شامل آ. ٻاهرين ملڪن ۾ لٽريچر ۾ ڏاڍا هڪڙا عالم فاضل ۽ اهي ماڻهو جن جي زندگيءَ ۾ ڪا فلاسافي آ، اهي ٿا اچن. اسان وٽ وري ٿورا گهڻا پڙهيل بي اي پاس (ٿا اچن)، مان ڀي ته ايئن ئي هيس، جڏهن لٽريچر ۾ آيس. ٻيو وري پاپولرٽي وارو شارٽ ڪٽ اٽيٽيوڊ (رويو) به آهي.“

کوسو: ”ان جو ريزن (سبب) اهو ڪونهي ته اسان جي فيوڊل (جاگيردارانه) سوسائٽيءَ لاءِ نوٽ آف ڊسينٽ (اختلاف راءِ) قابل قبول ڪونهي؟“

آغا: ”اها ڳالهه مون نه سمجهي؟“

اقبال: ”اختلاف جي آزادي ڪانهي.“

کوسو: ”يعني اظهار ۽ اختلاف جي آزادي اسان وٽ ڪانهي.“

حيدر: ”طارق اشرف هميشه هڪ قول لکندو هو والٽيئر جو (سهڻي رسالي جي خطن واري حصي ۾.)“

آغا: ”مان جيڪڏهن لکيو آ ته مونکي فيوڊل سوسائٽيءَ ۾ اڃان اهڙي قسم جو سامنو، يعني ڪو آمهون سامهون اڃان تائين نه آيو آ.“

اقبال: ”منهنجي خيال ۾ ايڏو ادب پيدا نه ٿيو آ جو ان ۾ پولارائيزيشن ٿئي، پڙهڻ جي حد تائين.“

کوسو: ”اها ڳالهه به غلط آ ڇاڪاڻ جو اسين پنهنجي حساب سان ڳالهايون. جڏهن باس ويل جانسن لکيپ يا ٻيون جيڪي ڀي تنقيدون انگريزيءَ ۾ لکيون ويون، ان زماني ۾ ايڏوڪو گهڻو ادب نه لکيو ويو هو. آءٌ اوهان کي انگريزي ادب جي حوالي سان هڪڙو واقعو ٻڌايان ٿو ته سماج جي گروٿ (اوسر، واڌ) ڪيئن ٿي ٿئي. ورڊس ورٿ جنهن کي جڏهن آئون پڙهندو هوس، منهنجي ذهن ۾ اها ڳالهه هوندي هئي ته انگريزيءَ جو وڏي ۾ وڏو رائيٽر آهي. ان دوران ۾ مون ائنٿالاجي آف چارٽس لٽريچر پڙهي، چارٽس مئگزين نڪرندو هو، ان ۾ ورڊس ورٿ جي موت تي تعزيت نامي ۾ لکيل هو ته، ”ورڊس ورٿ اسان ۾ هاڻ ڪونهي. اسان کي افسوس آهي ته اسين سندس موت تي ڳوڙها ڳاڙي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ جو هو پرماريت ڪندڙ طبقن جو پٺو ۽ پئرا سائيٽ هو. ان حد تائين اها سوسائٽي وڌي وئي هئي.

آغا: ”ها، اهو به شين کي ڏسڻ جو ائنگل (زاويو) هو.“

کوسو: ”آئون ڀانيان ٿو ته لٽريچر جي گروٿ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ هتي فرينچ انقلاب جيترو ئي بورجوا انقلاب ضروري آهي ان جي ڪريٽيوٽي (تخليق) ۽ انسينٽو (ترغيب) ڏيڻ جي لاءِ.“

حيدر: ”سچ ڳالهه آ.“

اقبال: آغا، چون ٿا ته شاعريءَ جو جيڪو ترجمو آ، خاص طرح ڪلاسيڪل شاعر جو، ڏاڍو ڏکيو آ. ڪافي ماڻهن سان گفتگو ٿي آ. هو چون ٿا ته شاعر جو ترجمو ٿي نٿو سگهي. تو شاه لطيف جو جيڪو ترجمو ڪيو آ، ان کان ڪهڙي حد تائين متاثر آهين؟ ڪجهه شيون ته تنهنجيون اهڙيون آهن، جيڪي لڳي ٿو ته اوريجنل (اصلي) آهن ڄڻ شاه لطيف پاڻ ويهي لکيون آهن. پر عام طرح اهو اوپينين (راءِ) آهي ته شاعر جو ترجمو نثر ۾ ٿي سگهي ٿو، نظم يا شاعريءَ ۾ ٿي نٿو سگهي، تنهنجو ڇا خيال آ، خاص طور تي ڪلاسيڪل شاعر جو؟“

آغا: ”عرض هيءَ آ ته مان پهرين ته مان پاڻ شاعر نه آهيان سو جيئن مون سائينءَ کي محسوس ڪيو آ، ائين ئي وري ان کي ريپروڊيوس ڪيو آ.“

حيدر: ”شاعراڻي لفاظيءَ ۾ نه ويا آهيو؟“

آغا: ”ها، انهيءَ جي ٽيڪنيڪلٽيز ۾ ڦاسڻ جي بجاءِ ڪافيا ۽ رڌم.... ۽ مون کي لئي ڪاري جي هڪ ائڊوانٽيج آ. ته مون جيڪو ترجمو ڪيو آ، اوريجنل، مان سمجهان ٿو، اقبال صاحب ته، ننڍو وات وڏو ويڻ، مون ڏاڍو سٺو ترجمو ڪيو آ، ۽ مان ڏاڍو خوش ٿيندو آهيان.ڪڏهن ڪڏهن ته مون کي پنهنجي سٽ، شاه جي ترجمو ڪيل، ڏاڍي وڻندي آ.“

يوسف: ”توهان کي سائينءِ جو ڪهڙو سر ڏکيو ٿو لڳي ترجمو ڪرڻ ۾؟“

آغا: سائينءَ جا سڀ سر ڏکيا آهن. سائين ايڏو ڏکيو شاعر آ، ان جو ڊڪشن، ان جو ايڪسپريشن ڏکيو آ. ٻيو هڪڙو صوفي ماڻهو! الاهه ڪهڙن تجربن مان ٿو لنگهي؟ الاهه هن دنيا ڇا ڏٺي! انهيءَ کي انسان پاڻ تي طاري ڪري، ۽ پوءِ وري لکي.اهو تمام ڏکيو آ.“

کوسو: سر سسئيءَ جي باري ۾ ڇا خيال آ.“

آغا: ”ڪي ماڻهو پروجيڪٽ ڏيندا آهن. مثال: حيدر کي چوان ته هيءَ ڪم ڪريو ۽ ڪم فلاڻي تاريخ تي ڪري ڏيو، ته انهيءَ ۾ ماڻهوءَ جي مجبوري ٿيندي آ ته مون کي ڪرڻو آ پوءِ نڀائڻو پوندو آ. پر مون جيڪو ترجمو ڪيو آ، مان ان کي کنيو آ. جيڪي مون کي متاثر نه ڪندا ته نه ڪندس.

اڃان تائين دل ئي نه چيو آ ته سسئي جو ترجمو ڪيان. مارئي اڃان تائين نه ڪيو اٿم. سورٺ نه ڪيو اٿم.“

اقبال: ”اهي ڏکيا آهن يا تنهنجي ائسٿيٽڪ سينس (جمالياتي حس) سان هم آهنگ نه ٿيا آهن؟“

آغا: ”هڪ سبب اهو به ٿي سگهي ٿو. ٻيو وري سائينءَ جي هر سر جو پنهنجو گرپ آ. هرهڪ کي چنبي ۾ جهليندو آ. جيستائين مان سر مان واندو نٿو ٿيان جيستائين ان کي ڏسي نٿو ڇڏيان...“

کوسو: (ڀوڳ ڪندي) سسئي ان ڪري نه ٿي وڻي جو ان ۾ اسان ٻروچن جو گهڻو ذڪر آ؟“

آغا: ”سائين ان ۾ ڪا چڱي ڳالهه هجي ته مان کي نه وڻي ڇا! زال کي ڇڏي هليا ويا! اها ٻروچڪي آ! (آغا سميت سڀئي کلن ٿا.)

آغا: (کلندي ۽ ڳالهه جاري رکندي) ”يا وري اتان ڪهي آيا آهن ته ننگ ڇڏي هلو!“ (آغا سميت سڀئي ويٺل صاحب هڪ وڏو ٽهڪ ڏين ٿا ۽ ڪافي دير تائين کل جو سلسلو جاري رهي ٿو.)

ادب کي سياست جدا ئي آ نٿو ٻنهي سگهجي

نوراني: توهان جو هڪ ٻيو روپ ريڊيو پروڊيوسر وارو به آهي. ان بابت ڇا خيال آهي؟

آغا: سائين، سچ پڇو ته مان پنهنجي پٽ کي به ريڊيو ۾ نوڪري ڪرڻ نه ڏيندس. پر خود مونکي ريڊيو ٺاهيو ۽ گهڻو سيکاريو آ. مونکي ريڊيو، آرٽ ۽ ادب تمام گهڻو سيکاريو.

نوراني: توهان کي ريڊيو پروڊڪشن سولي لڳي ٿي يا لکڻ لکائڻ جو ڪم؟

آغا: پروڊڪش ۾ وڌيڪ مزو آ.

کوسو: بطور هڪ ليکڪ جي توهان ريڊيو تي پنهنجا نقش ڇڏي سگهيا آهيو يا نه؟

آغا: وقت گذرڻ سان هرڪا شيءَ آئوٽ ڊيٽيڊ ٿي وڃي ٿي. ڪو زمانو هو جو منهنجو ڊرامو ”گلن جهڙا گهاو“ ريڊيو تان آيو هو، جيڪو تمام گهڻو پسند ڪيو ويو ۽ ڪيترا دفعا ريڊيو تان رپيٽ ڪيو ويو. مصطفيٰ قريشيءَ ۽ مهتاب چنا (هاڻ مهتاب راشدي) پارٽ ڪيو هو. اها اڄ کان ٻاويهن ٽيويهن سالن جي ڳالهه آ جڏهن مون اهو ڊرامو لکيو هو. هاڻ جڏهن اهو ڊرامو لکيو هو. هاڻ جڏهن اهو ڊرامو مان پاڻ ٻڌان ٿو ته مان کي ئي نٿو وڻي. پراڊڪشن جا اسٽائيل ئي بدلجي ويا آهن. جڏهن اهو ڊرامو نشر ٿيو هو ته منهنجو پٽ جمشيد ئي نه ڄائو هو، هاڻ ته خير سان هيڏو سارو اچي ٿيو آ.

کوسو: توهان جو هڪ ٻيو ائسپيڪٽ فلم رائٽر وارو ڀي آ، ان حوالي سان ٻڌايو ته سنڌي فلم جو اسڪوپ ڪيترو آ ۽ جي ناهي ته ان جا ڪهڙا سبب آهن؟

آغا: اها طئي ڳالهه آ ته سنڌي فلم نٿي هلي. اها مونکي خبر ناهي ته ان جا ڪهڙا سبب آهن.

حيدر: (کلندي) ان جو ربزن پنجابي فلمون، محدود مارڪيٽ ۽ سوڊو ڪردار آهن.

آغا: نه نه! بس سنڌي فلم نٿي هلي ان جا ڪهڙا سبب آهن انهن جي مونکي خبر نٿي پوي!

اقبال: (موضوع تبديل ڪندي) ”ماڊرن پنجابي شاعر چون ٿا ته شاعري جي بهترين صنف نظم آ. بطور هڪ سنڌي ليکڪ جي اوهان جو ڇا خيال آ؟

آغا: مان فڪشن رائيٽر آن فڪشن رائيٽر پنهنجو هڪ ماحول ٺاهيندو آ. نظم ۾ اهو ماحول نٿو ٺهي. پر بيت هڪ عجيب شيءَ آ. خاص ڪري قافيو ۽ ان کان پوءِ وچ ۾ ۾ جيڪا سٽ ٿي اچي پئي، ان جو وڏو امپئڪٽ آ. مونکي نظم ۾ ايڪسپريشن نٿو ملي، پر بيت ۾ ملي ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته هڪڙي سٽ ۾ ملي ٿو وڃي.

اقبال: مون کي محسوس ٿو آ ته تنهنجو سڀ کان وڏو  ڊپ موت جو ڊپ آ، ڇا خيال آ؟

آغا: نه ڊيٿ فيئر ناهي. منهنجي طبيعت ۾ حسن پرستي آ.

کوسو: (ٽهڪ ايندي) ته پوءِ مون کان سواءِ سڀ ٿا اٿي وڃن. (سڀ کلن ٿا. آغا به مشڪي ٿو.)

آغا: (ڳالهه جاري رکندي) اقبال مون کان پڇيو هو ته، يار تنهنجي لکڻين ۾ رڳو شفق جا رنگ آهن، هيءُ آ، هو آ. پر مان ڇا ڪيان! مون کي نظر ئي ڇڻندڙ پن، ٽڙيل شفق ۽ اڏامندڙ ابابيل ٿا اچن. مان ڇا ڪيان! (کلندي ۽ ڪلها کڻندي) آئي ابم لائيڪ دئٽ. پنهنجا پنهنجا اندروني لميٽيشن آهن.

اقبال: تنهنجي ناول (همه اوست) ۾ ڳالهه سنڌ جي آ، ڪردار سارنگ به اهو ساڳيو ئي آ. تو ڪوشش ڪئي آ ته ٻولي به اها ساڳي ئي هجي، پر مون کي پنهنجي پر ۾ ايئن محسوس ٿيندو آ ته ڄڻ مڊل ڪلاس جا ٻه ماڻهو ڊرائنگ روم ۾ ويٺا ڳالهائين. تو ڪڏهن اها ڳالهه محسوس ڪئي آ؟

آغا: سائين مان اڳ ۾ به عرض ڪيو هو ته منهنجا ڪردار انهي دور جا نه پر ماڊرن دور جا آهن. جيڪي ان گذريل دور جا ڪاسٽيوم پائي، انهي دور جي سيٽنگ ۽ لوڪيل ۾ اڄ جي عذاب جون ڳالهيون ٿا ڪن ۽ اڄ جي ڏاڍ سان ٿا وڙهن. مونکي هڪڙي دوست چيو ته تو جيڪو شاه عنايت تي ناول لکيو آ، ان ۾ تو شاه عنايت جي ڪردار کي ايليبوربٽ نه ڪيو آ، مان ان کي چيو ته اهو ناول شاهه عنايت تي ناهي. جيئن شفق جو رنگ هڪڙي پاسيري شيءَ آ، ايئن ان ناول ۾ شاه عنايت به آ. عام ماڻهوءَ جي هڪ گروٿ آ، ان گروٿ کي جيڪي شيون وڌائين ٿيون انهن ۾ شاه عنايت به هڪڙي فئڪٽر آ. لطيف سائين ڀي هڪ فئڪٽر آ. منهنجا ڪئريڪٽر اڄ جا آهن، جيڪي ان دور ۾ ويهي ماڊرن دور کي آئڊينٽيفاءِ ڪن ٿا.

اقبال: (گره ڏيندي) ۽ عذابن جي تسلسل کي واضح ڪن ٿا.

آغا: ”ها“.

نوراني: آئون ٽي مختصر سوال لڳاتار ڪندس.

آغا: ها سائين!

نوراني: توهان جي لکڻ جي ٽئڪنڪ ڪهڙي آ ۽ توهان ڪيڏي مهل لکندا آهيو. ڪو خاص آئڊيا اچڻ تي يڪدم لکڻ شروع ڪندا آهيو يا ڪو خاص وقت ۽ ماحول ٿئي ٿو، جنهن ۾ اوهان کي لکڻ لاءِ انسپائريشن ٿئي ٿي؟

آغا: سائين زندگيءَ جي هڻ هڻان مان جڏهن ماڻهو واندو ٿيندو آ، جڏهن واندڪائي ملي ٿي ته ماڻهو اوڏي مهل لکي ٿو.

نوراني: توهان لکڻ لاءِ ڪتاب وغيره ريفر ڪندا آهيو يا ڪو ٻيو طريقو اٿو؟

آغا: سائين مان عرض ڪيو ته مان بيسيڪلي فڪشن رائيٽر آن. مون جيڪڏهن مذهب جي اسٽڊي ڪئي آ ته ان کي رامٽيريل جي طور پڙهيو آ، جيئن اهو مونکي اڳتي هلي فڪشن ۾ ڪم اچي. جيڪڏهن مون فلاسافي پڙهي آ، ته به رامٽيربل جي طور تي. مان فڪشن رائيٽر آن، مون لاءِ ماڻهو به شايد رامٽيريل آ، جنهن کي اڳتي هلي ڪٿي فڪشن ۾ استعمال ڪري وجهان.

نوراني: توهان جي ناول همه اوست ۾ بهترين ڪردار ڪهڙو آ؟

آغا: سارنگ، جيڪو اونداهي ڌرتي روشن هٿ ۾ به آهي.

نوراني: سارنگ ڇو ٿو وڻي؟

آغا: ان ڪري جو اهو ڏاڍ سان ٿو وڙهي. ان باري ۾ ان ناول جي پڙهڻ کان پوءِ ئي خبر پوندي، (انٽرويو مهل همه اوست ناول اڃان مارڪيٽ ۾ نه آيو هو.)

اقبال: آغا تنهنجي رومانٽزم ۽ ڏاڍ سان وڙهڻ واري پهلوءَ ۾ هم آهنگي ڪڏهن کان شروع ٿي آ؟

کوسو: آئون اقبال جي حوالي سان ٿو چوان ته توهان جنهن دور ۾ توهان جو مجموعو (چنڊ جا تمنائي) لکيو ويو، ان دور ۾ توهان جو اپروچ آئڊلسٽ هو، يعني رومانٽڪ آئڊلزم وارو هو. اها رومانٽڪ آئڊلزم، مليٽنسي ۾ ڪڏهن تبديل ٿي؟

آغا: سائين اها سڄي سنڌ ۾ ٿي آ. اياز به گيت لکيا. منهنجي اڳيان اهو سڀ ڪجهه ٿيو آ، ۽ اهو سڀ ڪجهه ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ ٿيو آ.

اقبال: اهو ٻڌاءِ ته ڪهڙي سال ۽ تنهنجي ڪهڙي ڪتاب کان تو ۾ اها تبديلي آئي آ؟

آغا: ون يونٽ کان پوءِ پهرين اهو مسئلو هو ته مان سنڌ جي تواريخ ته پڙهي هئي، ڪيترن ئي نه پڙهي هئي. ون يونٽ سنڌ جي تواريخ ۾ هڪ عجيب ٽرننگ پوائنٽ آ. انهي کان پوءِ ئي اها ”ادبي سنگت“ ٺهي آ، ابراهيم جويو صاحب ميدان تي آيو، جنهن اچي ماڻهو چونڊيا ۽ گڏ ڪيا. جويي صاحب جي وڏي ڪنٽريبيوشن آ. انهيءَ کان پوءِ سنڌ جي نيشنل ازم جو ريوائيول ٿيو. ان ريوائيول جي ڪري وري پيور ازم جي تحريڪ شروع ٿي. پيوراسٽ ليکڪن وري ڪنن اوپرن لفظن کي اچي ٿڏيو. پيورازم کان اڳ ۾ مان ڀي اهڙي طرح لکندو هوس. مان تنوير جو شعر اڪثر ٻڌائيندو آهيان ته:

رهڻ ڏي دست جنون ڪجهه ته تار دامن ۾

بيادگار جنون ڪجهه ته پيو هن ۾ هجي

ان دور ۾ طالب الموليٰ صاحب ۽ ڊاڪٽر خليل صاحب وارا هئا ۽ لاڙڪاڻي ۾ عروضي شاعرن وارو گروپ هوندو هو.

کوسو: محمدعلي جوهر وارو؟

آغا: ها، اهو عروضي شاعري وارو دور هو، جيڪو پوري جو پورو هڪ بئرن دور هو. ان دور ۾ اسين ڀي پيدا ٿياسين. اهو دور ون يونٽ تي وڃي ٽٽو. اتان جو ٽٽو ته ماڻهو حيران ٿيو ته مان ڪير آن! مان ڪاٿي بيٺو آن! انهن حالتن ۾ ماڻهو پنهنجن ڏي موٽي ٿو. پوءِ پنهنجي تواريخ ٿو پڙهي. مان ڀي تواريخ پڙهي. لطيف کي پڙهيو. پوءِ خبر پئي ته مان ڇا آهيان. جڏهن خبر پئي ٿي ته مان ڇا آهيان، ته ماڻهو پاڻ سڃاڻي ٿو. جڏهن ماڻهوءَ کي اهو احساس ٿئي ٿو ته مان آهيان، ته پوءِ چوي ٿو مونکي مڃيو.

اقبال: توهان جو اهو دور ڪهڙي ڪهاڻيءَ کان شروع ٿيو؟ يعني اها ٽرننگ پوائنٽ ڪهڙي ڪهاڻي کان ٿي؟

آغا: اها مانکي خبر ناهي. اهو مان چئي نٿو سگهان ته فلاڻي هنڌ کان شروع ٿي. باقي اهو آهي ته ايموشنل انٽينسٽي وڌيڪ ٿئي ٿي پئي. مثال جڏهن مان پنهنجو آسٽريليا جو سفر نامو پڙهندو آهيان ته مونکي کل ايندي آ. 24 سال ٿي ويا آهن.

حيدر: اها ڳالهه ون يونٽ واري دور سان وابسته آهي؟

آغا: اهو سنڌي قوم پرستيءَ جو روائيول هو. سنڌيءَ ۾ نوان فارم آيا. مثال، شيخ اياز پهرين پهرين لکيو هو ته، ”طرز پراڻي نياپو نئون.“ بيت کي هن ڌوئي پوئي نئين سر پيش ڪيو.

حيدر: ان دور ۾ جيڪو ادب پيدا ٿيو، جنهن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو چوندا آهن ته اهو نعري بازيءَ ۽ سلوگن وارو ادب آهي. پر اهو ڏاڍو پاپولر ادب هو. ان جو مقصد پورو ٿي ويو؟ اڳتي هلي اهو  ادب رجيڪٽ ٿي ويندو يا زنده رهندو؟

آغا: نه اهو تواريخ جو حصو آ. مان وري به اها ئي ڳالهه چوندس ته جيڪو ادب پنهنجي دور جو حوالو بنجي اچي ٿو، اهو جيئرو رهي ٿو. جيڪڏهن ان دور جي ادب ۾ ايڏي جان آهي ته هن دور جي ڏکن ۽ عذابن جو ساٿ ڏيئي سگهي ته اهو ادب جيئرو رهندو نه ته آئوٽ ڊيٽيڊ ٿي ويندو.

کوسو: مثلن، ائين چئي سگهجي ٿو ته حبيب جالب  گهڻيون شيون چيون آهن، پر هڪڙي شيءَ جي ريليونس مستقل آهي، جيئن هن چيو آ ته:

تم سے پہلے جو اک شخص یہاں تخت نشین تھا

اس کو بھی اپنے خدا ہونے میں اتنا ہی یقین تھا۔

آغا: اهي شيون ٽاپيڪل ته ناهن! جمال ابڙي جون ڪهاڻيون ٽاپيڪل ته ناهن يا شيخ اياز جي ڪهاڻي ”رولو“، سا ٽاپيڪل ته نه آهي.

نوراني: اياز ڪجهه تبديل نه ٿي ويو آ؟ سندس ٻولي ڪجهه غير عوامي ٿي پئي آ! ڏکيو ٿي پيو آ! هو سنسڪرت ۽ پالي ٻوليءَ ۾ هليو ويو آ! سندس مجموعن ۾ جدا حاشين ۾ لفظن جي معنيٰ ۽ وضاحتون لکيل هونديون آهن. اوهان جو ان بابت ڇا خيال آ، حالانڪ سوال توهان بابت نه آهي.

آغا: سائين اهو ڏسو ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي ڳولهڻ ۾ ڪيستائين ٿو وڃي. اياز ايڏو پري ويو آ جو اسان لاءِ اوپرو ٿي پيو آ، ڇاڪاڻ جو اسان هن جو ساٿ ڏيئي نه سگهيا آهيون. اياز سنسڪرت نٿو لکي، پالي ٻولي نٿو لکي پر عام ماڻهن ۽ ڳوٺاڻن جي ٻولي ٿو لکي. اسان ڇاڪاڻ جو اربنائيزڊ آهيون، ان ڪري اسان کي اياز سمجهه ۾ نٿو اچي. اياز جو شعر ٻڌايان ٿو ته:

اڻ ڏٺا اوٺار، منهنجا جيءَ جيار ايندم نيندم پاڻ سين

هاڻ ٻڌايو ته ان ۾ ڪهڙي پراڻي ٻولي آ؟ اسان کي اها ٻولي نٿي اچي ته اها ٻي ڳالهه آ، پر اياز جيڪي به لفظ استعمال ٿو ڪري اهي مئل اکر نه پر جيئرا آهن.

اقبال: آغا! ائين ته نه آهي ته اها ٻولي ڇاڪاڻ جو اسان جي ڪلاسيڪل شاعريءَ جي ڊڪشن آ، ان ڪري اڄ جي ماڻهوءَ کي سمجهه ۾ نٿي اچي. ان جي برعڪس سرويچ سجاولي جي ٻولي مڪمل طرح عوامي آ، ان ڪري راڄن ۽ عوامي ميڙن جي سامهون پڙهي ٿو ۽ انهن کي سمجهه ۾ به اچي ٿي. اياز جي شاعري ميڙن راڄن ۽ عام ماڻهن ۾ پڙهجي ٿي ته انهن کي سمجهه ۾ شايد نه اچي! تنهنجو ڇا خيال آ؟

آغا: ان جو پهريون سبب هيءَ آهي ته اياز ماڊرن دور جو شاعر آ، هن جو محسوس ڪرڻ جو انداز، هن جي اميجينيشن هن جي ايڪسيريشن ماڊرن آ، پر هن ٻولي ٻهراڙيءَ واري کنئي آ. ان ڪري ٻهراڙيءَ واري کي هن جي ٻولي ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر احساس ڪميونيڪيٽ نٿو ٿئي. سرويچ وري احساساتي طرح عوامي ليول جو ماڻهو آ.

کوسو: آئون وري هن طرح سمجهائي سگهان ٿو ته اياز ۽ سرويچ جو مقابلو ائين آ جيئن عابده پروين ۽ جلال چاندي  ئي جو.“

آغا: يا جيئن چندر هوندو هو.

کوسو: ان جي وضاحت آئون هيئن ڪندس ته هر ماڻهوءَ تصوف کي جسٽيفاءِ ڪيو آ، پر مولانا عبيدالله سنڌيءَ چيو آ ته، ”نه، جڏهن ماڻهوءَ کي رياست ۽ ائڊمنسٽريشن کان محروم ڪيو ويندو ته هو تصوف ڏانهن ويندو آ، فراريت پسند ٿي ويندو آ.“ اهڙي طرح سان تخليق ۾ ڪنهن نه ڪنهن طرح سان ماڻهوءَ جي پارٽيسيپيشن کي ڊسڪريج ڪجي ته پوءِ جيڪا تخليقي شاعري يا لٽريچر آ، ان ۾ ماڻهوءَ جو انٽريسٽ گهٽجي ٿو وڃي. پوءِ ماڻهو يوسف زليخا جو قصو ٿو پڙهي، ابوالحسن جي سنڌي ٿو پڙهي، نورنامو ٿو پڙهي يا سرويچ سجاوليءَ کي ٿو ٻڌي. اها هسٽاريڪل ايرا هر قوم ۾ اچي ٿي. ان ۾ اياز جي ڊڪشن وغيره جو ڪوبه ڏوه ڪونهي.

حيدر: فيض ۽ ساحر ٻه مثال آهن. ٻنهي جو ڊڪشن گهڻي ڀاڱي ساڳيو آهي. پر انهن جي زبان مختلف آهي. ڪميونيڪيشن جي نقطي نگاه کان ساحر جي ٻولي سولي ۽ فيض جي ڏکي آهي. ميڊيم کڻي اوهان ڪهڙو به اختيار ڪيو ٿا، پر اهو فيصلو شعوري طرح سان ماڻهو پاڻ ڪري ٿو ته ڪيترن ماڻهن سان ڪميونيڪيٽ ڪرڻو آهي ۽ ڪيترن سان نه.

شاعر کي خود لفظ اچن ٿا، جن جو هو فيصلو ڪري ٿو ته ڪهڙا لفظ استعمال ڪجن ڪهڙا نه. جيڪڏهن اهو فيصلو ڪري ٿو ته اهو محدود آهي. ان فيصلي جي پويان محرڪات ٿي سگهن ٿا، شيخ اياز موجوده شاعري تڏهن شروع ڪئي جڏهن وڏو ڏهڪاءُ هو. هو گرفتاريون پي ٿيون. ماڻهو ٻڌا پي ويا. ممڪن آهي ته پنهنجي پيغام کي وڌيڪ ڊسگائيز ڪرڻ لاءِ اها ڏکي زبان اختيار ڪئي هجي ۽ ممڪن آهي ته اها ٻولي عام ڪيڊر کي سمجهه ۾ نه اچي!

کوسو: فيض ۽ ساحر جو جيتريقدر تعلق آهي، اها ڪمپيريزن به غلط آهي. فيض جي شاعري مونکي زندگي ڀر انقلابي نه لڳي آ، پر ساحر اوپن بلنٽيڊ ۽ ڪميٽيڊ آهي.

اقبال: ساحر جي شاعري کي تون اوپن بلنٽ ۽ ڪميٽيڊ ٿو چوين پر هتي آغا، سرويچ جي شاعريءَ کي احساسات جي شاعري ٿو چوي.

کوسو: اياز ۽ سرويچ جو جيتريقدر تعلق آهي ته اياز جي ٻولي پاڻ موجوده دور ۾ ڪجهه تبديل ٿي آهي. پر جنهن زماني ۾ هن لکيو ته:

سنڌ ديش جي ڌرتي توتي پنهنجو سيس نوايان،

مٽي ماٿي لايان،

اها ٻولي صاف هئي ۽ هر ڪنهن جي سمجهه ۾ پي آئي يا وري:

سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار

نوراني: اعلان هزارين مان نه رڳو.

کوسو: ها، اعلان هزارين....

اقبال: پر عام ماڻهوءَ کي ته جهوپا ۽ جهانگيئڙن واري ٻولي سمجهه ۾ ٿي آچي.“

کوسو: ٻي ڳالهه اها آهي ته سرويچ جي حساب سان هڪ شعوري ڪوشش ڪيل هئي.

حيدر: مون سرويچ سان اياز کي ڪمپيئر نه ڪيو آ، جيڪڏهن مونکي ڪمپيئر ڪرڻو هجي ته نثر ۾ امر جليل جي ٻوليءَ سان ڪمپيئر ڪندس. امر جليل جي ٻولي مونکي لڳي ٿي ته وڌيڪ عام فهم آ.

جيتوڻيڪ ان جي افسانن يا ڪانٽيڪسٽ جي باري ۾ منهنجا رزرويشنس آهن. پر سندس ٻولي روزمره واري ٻولي آهي.

آغا: حيدر هڪ ڳالهه ڪئي ته شاعر شعوري طرح لفظ استعمال ٿا ڪن. مان ٻڌايان ته هارڊلي ڪنهن شاعر يا اديب وٽ پنج سو لفظ هوندا آهن. هاڻ هن جي اندر احساسن جو هڪ پورو نظام ۽ هڪ ڪريئيٽو ائسپيڪٽ آ. انهي ۾ جهڙا لفظ وڃي فٽ ٿين ٿا هو اهي لفظ استعمال ڪري ٿو پيو. مثال، مان توهان کي ٻڌايان ته هڪڙو سٺو لفظ اسان وٽ موجود آ، انهيءَ جي جاءِ تي ڪي ماڻهو هنديءَ جو يا ڪو ٻيو غير سنڌي ڏکيو لفظ استعمال ٿا ڪن. هاڻ اهو هنن جو مسئلو آ. هنن جي احساس جو هڪ حصو آ ته هو شعوري طرح انهيءَ لفظ کي استعمال نٿا ڪن. اهو هڪڙو مسئلو آ. هاڻ هندو هوندا هئا ته اهي چوندا هئا ’ماتا پتا‘. ڀائي ’ماتا پتا‘ ڪٿان جا اکر آهن؟ اسان جا ٺيٺ سنڌي لفظ آهن، ’ماءُ پيءُ‘. پر ننڍي لائيڪون ٻار ’ماتا پتا‘ ٻڌندو ويو، وڌندو ويو ۽ نيٺ چوڻ لڳو ماتا پتا، اهڙي نموني سان هندو ڙ نه چئي سگهندا هئا چوندا هئا. اهي انهن جا پنهنجا مسئلا هئا. انهن جي اندر ۾ ڪا شيءَ وڃي ڄمي ٿي وڃي. لفظ به پوءِ اونءَ ٿا ٺهن.

نوراني: سائين هاڻ توهان جيئن ته تجربيڪار ۽ جهونا رائيٽر ٿي ويا آهيو.

آغا: جهونا! (اقبال هڪ زبردست ٽهڪ ڏئي ٿو.)

آغا: (مشڪندي) تجربيڪار گهٽ جهونو گهڻو!

نوراني: (سوال جاري رکندي) هاڻ لکڻ لاءِ ڏات هڪ ضروري شيءَ آهي. اها هڪ قدرتي شيءَ آهي، پر اسان جي جن نوجوانن ۾ اها ڏات آهي، انهن کي ان ڏات کي اڀارڻ لاءِ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

آغا: سائين بنيادي شيءَ آهي پڙهڻ. ٽئلينٽ پڙهڻ سان بالش ٿئي ٿي. پڙهڻ سان رندو ٿو لڳي.

نوراني: توهان جيئن اگهارو موسيقيءَ جي ڳالهه ڪئي ته اوهان کي ان جي به ڄاڻ آهي ان حوالي سان آئون اهو سوال ڪيان ٿو ته اسان جي سنڌي موسيقي جديد روپ ۾ ڇو نه اچي سگهي آهي؟

آغا: سائين هينئن آ ته هڪڙي ٽريڊيشنل موسيقي ٿيندي آ، ٻي ماڊرن. هاڻ لطيف جي شاعريءَ کي اسين ڪيئن ماڊرن انسٽرومينٽس ۾ ڳائرائيون؟ ڇاڪاڻ جو مسٽسزم ۾ بيت کي خراب سمجهيو ويندو آ. هيءَ جيڪا فاسٽ رڌم آيا خود دهل ۽ تڪڙ آ، سو عجيب ڳالهه آ ته تڪڙ اسان جي آرڪسٽرا ۾ شامل ٿي نه رهيو  آ. دهل رهيو آ.

اقبال: مسٽڪ پوئيم بنيادي طرح ريسيٽيشن آ.

آغا: ها ريسيٽيشن آ ۽ دهل ماڻهن جي مٿاهن جذبن تي يڪدم اثر ڪري ٿو، ماڻهو اهو ٻڌي جاڳي ٿا پون ۽ مست ٿي اٿي نچن ٿا، جيئن قوال هوندا آهن تيئن تاڙيون وڄائين ٿا. اهو اندر نٿو گهڙي. لطيف پهريون شاعر آ جنهن انهي ۾ تنبورو ائڊ ڪيو.

نوراني: آئون جڏهن ننڍو هوس ته لتا، رفيع ۽ مڪيش وغيره جا گانا ڏاڍا ايندا هئا، اهي وڻندا هئا. انهن گانن ٻڌڻ ۽ جهونگارڻ سان آئون اردو ٻولي جلدي سکي پيس. اسان جي ٻوليءَ ۾ اهڙي پاپولر موسيقي اڃان ڇو نه اچي سگهي آهي، جو ماڻهن تي جلد اثر ڪري.؟

آغا: اها وري ادب ۽ ميوزڪ جي جرنلزم آ. اهو دور به ايندو.

کوسو ۽ حيدر: اهو هڪ ڪمپليڪس پروسيس آ. ان ۾ ساسي ۽ اقتصادي فئڪٽر به اچن ٿا. اهو پروسيس آهستي آهستي ڊپولپ ٿيندو.

آغا: اهو ڪمرشلزم جو دور به ايندو.

حيدر: موسيقيءَ جي ڳالهه نڪتي ته ادا اسان وٽ جيڪا شرنائي شادين ۾ وڄي ٿي، اها شرنائي جڏهن هندوستان ۾ استاد بسم الله خان وڄائي ٿو ته ان مان ڪئين ڪلاسيڪل نوٽس ڪڍي ٿو. مقصد هيءَ آهي ته اسان جي شرنائي هندوستان جي شرنائيءَ جي برابر آهي يا نه؟

آغا: اسان وٽ شرنائي تمام سٺي وڄي ٿي. اصل ۾ پروجيڪشن ۽ پئٽرانائيزيشن جي ڳالهه آ.

اقبال: مڃون ٿا ته بسم الله خان هڪ عظيم فنڪار آ. پر اصل ڳالهه پئٽرا نائيزيشن جي برابر آهي.

آغا: اسان وٽ ڳائڻا گڻهي محنت ڀي نٿا ڪن. جيڪي ست ڪافيون ياد اٿن ته سڄي زندگي اهي ئي دهرائين. وري اهڙا ڳائڻا يا  فنڪار ريڊيو تي ايترو اچن ڀي ڪونه ٿا. بس ويچارا ائين ئي مري ٿا وڃن. بهرحال اسان وٽ شرنائي سٺي ٿي وڄي.

يوسف: اوهان کي سنڌي ڳائڻن ۾ ڪير پسند آ؟

آغا: عابده. يوسف ڀي سٺو ڳائڻو آ. پر عابده سٺي آ. جمن ڏاڍو سٺو ڳائڻو آ. جمن جهڙو ڳائڻو مون نه ٻڌو. جمن جو مون هڪ راڳ ٻڌو، جنهن جي هن پاڻ عجيب طرح جي طرز ٺاهي هئي. ”رات به مينهڙا وٺا.“

نوراني: اوهان جي زندگيءَ ۾ ڪو اهڙو خاص واقعو ٿيو هجي جنهن توهان کي متاثر ڪيو هجي؟

آغا: سائين هاڻ ڪهڙو ٻڌايان! جتوئي صاحب سان دوستي ٿيڻ هڪ اهم واقعو آ. (آغا سميت سڀئي هڪ زبردست ٽهڪ ڏين ٿا.)

نوراني: سائين، هر ماڻهوءَ جي زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا واقعا ضرور ٿيندا آهن جيڪي ذهن تي هميشه لاءِ نقش ڇڏي ويندا آهن.

آغا: مونکي ياد ڪونهي.

يوسف: ڀلا توهان گلگت ۽ اسڪردو ۾ وقت گذاريو، اتي توهان کي لکڻ پڙهڻ جو ڏاڍو وقت مليو هوندو؟

آغا: ها سائين اتي ئي مون لطيف پڙهيو ۽ ان تي لکيو.

حيدر: اتي جبل تي هرڪا شيءَ بدليل آهي. ٻوٽي کان وٺي هوا تائين. ٻوٽا به آهن ۽ جبل به، هوا به آهي ته مٽي به اڏامي ٿي. مختلف منظر آهن. ماڻهو به آهن. مٿي به آهي. اوهان کي ڪيئن لڳو؟

آغا: بس سائين! ”جيئڻ ڪاڻ جيڏيون وڏا وس ڪيام.“

حيدر: (حيرت مان) ”بس جيئڻ ڪاڻ؟“

آغا: (مشڪندي) ٻيو ڀلا ڇا، بس بدلي ڪيائون، مان ڪو شوق ۾ ويس ڇا!

(سڀئي هڪ ٽهڪ ڏين ٿا)

نوراني: سائين ڀلا اوهان پنهنجي محبتن بابت ڪجهه چوڻ پسند ڪندو؟

(نبي بخش کوسي جي نڙيءَ مان اهڙا عجيب آواز نڪرن ٿا جن مان محسوس ٿئي ٿو ته کيس ان سوال مان تمام گهڻو مزو آيو آهي.)

حيدر: (مشڪندي)، هتي گهر ۾ نه پڇوس. ٿورو ٻاهر هلي پڇوس.

(آغا ان پاسي مڙي نهاري ٿو جنهن پاسي ڊرائنگ روم مان در اندر گهر ڏانهن کلي ٿو ته سڀئي کلن ٿا.)

حيدر: هڪ ڪئي هجيس ته ٻڌائي!

آغا: سائين ڪهڙيون محبتون ڪنداسين! مڙئي پيا جيئون.

نوراني: ڪو خاص شوق وغيره اٿو؟

آغا: سائين شوق بس سگريٽ پيئڻ، ڪتاب پڙهڻ.

اقبال: وسڪي؟

آغا: نه، وسڪي ڪانه ٿي وڻي.

اقبال: (کلندي)، اهو پڇونس ته کاڌا ڪهڙا پسند اٿس؟

نوراني: ڇو نه، اهو به ليکڪ جو هڪ پهلو آهي.

اقبال: ته پوءِ توهان جي پسند جا ڪهڙا کاڌا آهن؟

آغا: سنڌي پلاءُ ۽ ڪنهن سنڌي مائيءَ جي رڌيل هلواڻ جو ٻوڙ.

اقبال: هلواڻ ٻاڪرو يا...؟

کوسو: پلو يا مڇي؟

آغا: پلو ڀي وڻي ٿو، پر سنڌ ۾ ٻهراڙيءَ ۾ جيڪو ٿڌو مٺو ٻوڙ ٿو پڇي، اهو وڻي ٿو.

اقبال: فوڪ لور مان ڇا سکيو آهين؟ تو ان ۾ به ڪم ڪيو هو؟

آغا: فوڪ لور جي ڪري ماڻهن سان ملياسين. ماڻهن جي خبر پئي. مثال ڳالهه، جوڳين تي مون ڪم ڪيو. اها هڪ نئين دنيا ڏٺيسين.

حيدر: ڪيترا انگريز رائيٽر هڪ مخصوص ڪلچر، ماحول ۾ پنهنجو پاڻ کي وڃائي، فٽ ڪري، محسوس ڪري پوءِ لکندا آهن. اوهان روزمره جي زندگيءَ ۾ جيڪي ڏسو ٿا، محسوس ڪيو ٿا يا آبزرو ڪيو ٿا، اهو لکو ٿا؟

آغا: اها وري ريئلزم ٿي وئي. ڪي وري فئنٽاسيءَ ۾ لکندا آهن. مثال ڳالهه مون جهوڪ تي لکيو آ. اهو هتي ته نه آهي! منهنجي ذهن ۾ آ. مون پنهنجي ذهن ۾ هڪ جهوڪ پيدا ڪيو آ، جنهن ۾ شاه عنايت ويٺو آ ۽ ان جو دور پيو هلي. اهو به هڪ لکڻ جو طريقو آ.

کوسو: (چرچو ڪندي)، شاه عنايت کي پنهنجي روپ ۾ ته نه ڏٺو اٿو؟

(آغا، اقبال ۽ حيدر کلن ٿا)

آغا: ريئلزم وارو به هڪ طريقو آ، نانا Nana وارو ناول ايمل زولا Emelzola هيڏو سارو سمال پاڪس تي لٽريچر پڙهي پوءِ لکيو. اها وري ادب ۾ هڪ جدا ڪنسيپشن آ ته ريئلزم ڇا آ؟ ريئلٽي اڻ گهڙيل هوندي آ. فنڪار ان کي گهڙيندو آ. ان کي آرٽ فارم ۾ آڻيندو آ. منهنجو پنهنجو خيال آ ته ريئلٽي پٿر آ ۽ آرٽ بت آ. ماڻهوءَ ۾ پنهنجي اندر جون ڳالهيون ٿين ٿيون، جيڪي هو پنهنجي اينگل کان ڏسي ٿو.

کوسو: اسان ۾ ڪهڙيون ثقافتي ڪمزوريون آهن، جيڪي اسان جي ڪلچر ۽ انٽيلڪچوئل ترقيءَ ۾ مانع ٿيون آهن؟

آغا: اسان جي ڪمزوري آ نهٺائي، نسان وايولينس، نسان ائگريشن ۽ سهڻ جي قوت.

اقبال: اها اسان جي صوفي شاعرن اسان کي نه ڏني آ؟

آغا: ها، ان ۾ صوفي شاعرن ۽ مسٽسزم جو تمام وڏو حصو آ، فيوڊل سسٽم جو به وڏو حصو آ. ٽرائيبل لائيف ۾ اسان جي جيڪا نهٺائي آ، نوڙت، شرم ۽ حيا، مون پنهنجي زندگي ۾ گهٽ ۾ گهٽ انهن شين کان مار کاڌي آ.

نوراني: شاه لطيف جو ان خامي پيدا ڪرڻ ۾ وڏو حصو ڪونهي؟

آغا: سائين شاه به پنهنجي سسٽم. جي هڪ پيداوار آ. اهو انٽرنل سسٽم جو اثر ٿيندو آ.

اقبال: تو ڳالهه پي ڪئي ته نثر ۽ خاص طرح فڪشن لکڻ شاعريءَ جي مقابلي ۾ ڏکيو آ.

آغا: ها منهنجي خيال ۾ ايئن آ.

اقبال: تون جڏهن فڪشن ٿو لکين ته پاڻ کي ڪرسيءَ تي ٻڌي، هڪ هنڌ وهاري، پنج ڇهه ڪلاڪ ٿو لکين. پر جڏهن تون شاعري ٿو ڪرين ته ان ۾ فزيڪل ليبر ايترو نٿو ڪرين جيترو افساني لکڻ ۾. شاعري ته هلندي ڦرندي بس ۾، آفيس ۾ ۽ رستي تي ويندي تنهن جي اندر پئي گهڙجي. ته ان پروسيس ۾ ايترو ئي وقت نٿو لڳي جيترو فڪشن لکڻ ۾؟ صرف ان ۾ فزيڪل ليبر ئي وڌيڪ آ؟

آغا: سائين رستي تي ويندي هڪ اڌ مصرعو اچي ٿو. پر نظم ۾ وري ايڏي ئي ايفرٽ ڪرڻي ٿي پئي جيڪا هڪ افساني ۾. اور آل مون محسوس ڪيو آ ته فڪشن لکڻ وڌيڪ ڏکيو آ. اها منهنجي ذاتي راءِ آ. هونئن به اوهان ڏسندو ته لٽريچر ۾ پهرين شاعري پيدا ٿي آ، فڪشن، نثر تمام پوءِ ڊيولپ ٿيو آ.“

نوراني: اوهان اگهارو چيو ته اوهان کي فيض پسند آ.

آغا: سائين! هڪڙو ته هن جي رومانٽڪ شاعري آ، ڪهڙي سبب جي ڪري رومانسزم مونکي پسند آ.“

نوراني: هن جو هڪ انقلابي ۽ عوامي پهلو به آهي؟

آغا: ها سائين انقلاب جهڙي شيءَ کي هن اهڙو حسين ڪري پيش ڪيو آ....“

کوسو: (طنزيه لهجي ۾) ”جو انقلاب تان ئي روح کڄي ويو آ!“

(اقبال ۽ کوسو وڏو ٽهڪ ڏين ٿا)

آغا: (ڳالهه جاري رکندي) بس سائين فيض پيار جو شاعر آ، انقلاب جو شاعر آ، حسن جو شاعر آ ۽ بس شاعر آ.“

نوراني: هڪ متفق سوال منهنجو ۽ اقبال جو آهي ته، سوشلسٽ ۽ نان سوشلسٽ ملڪن جي ادب ۽ ليکڪن جي باري اوهان جو ڇا خيال آ؟

آغا: مان انقلاب کان پوءِ وارو روسي لٽريچر ٿورو گهڻو پڙهيو آ. اتي ماڻهن جا مسئلا حل ٿيندا ٿا وڃن، اتي ماڻهو ايڏي عذاب ۾ نه آهن جو اهو عذاب وارو لٽريچر پيدا ٿئي. پر اسين جيڪي هتي عذابن ۾ آهيون، ايذائن ۾ آهيون ته اسان جي ايموشنس جي انٽيسنٽي تمام وڌيڪ آ، ان ڪري اسان جو لٽريچر احتجاج ٿو ڪري.

چيري ڦاري اندر جو اظهار ٿو ڪري پيو. ان ڪري مظلوم قومن جو لٽريچر وڌيڪ بهتر آ.

اقبال: اهو ٿيو سوشلسٽ ملڪن ۽ مظلوم ملڪن جي لٽريچر ۾ فرق، پر سوشلسٽ ۽ نان سوشلسٽ ملڪن جي لٽريچر جي باري ۾ ڇا خيال آ؟ مثلن انگريزن ۽ ايسٽ يورپين لٽريچر جي باري ۾ ڇا خيال آ؟

نوراني: سئون سڌو ڇو نٿا پڇوس ته بورجوازي ۽ ڪميونسٽ لٽريچر جي باري ۾ ڇا خيال آ.

آغا: سائين مان ايترو نه پڙهيو آ، منهنجي اسٽڊي ايتري گهڻي ڪانهي ڪا. مون ايترو ڪلاسيفاءِ نه ڪيو آ.

حيدر: توهان وٽ سوشلسٽ لٽريچر جيڪو ايندو هجي، ان حوالي سان ٻڌايو.

کوسو: مثلن شولوخوف آهي اليڪسي ٽالسٽاءِ آ ۽ توهان ٻن ليکڪن کي ٽرانسفارم يا ٽرانسليٽ ڪيو آ، يعني دوستو وسڪي ۽ گورڪي کي، جنهن جو توهان انرڊيپٿ، ترجمو ڪيو آ ۽ چيخوف به توهان پڙهيو آ، انهن ٽنهي کي توهان ڪئين ٿا ڊفرنشيئيٽ ڪيو؟

آغا: سائين دوستو وسڪي جهڙو رائيٽر، مان پنهنجي ٿوڙي مطالعي جي لحاظ کان ٻڌايان ٿو، ته مان اڄ تائين نه پڙهيو آ. ايڏو وڏو رائيٽر آ ۽ انسان جي اندر ۽ پاتال ۾ ٿو وڃي، جو ڪو به رائيٽر انهيءَ ديپٿ تائين نه پهتو آ جيترو دوستو وسڪي. مثال ڳالهه نوٽس فرام انڊر گرئوانڊ ۾ جيڪا پنهنجو پاڻ ۾ ٽٻي هڻي جيڪا ائناليسز ڪئي آ، سا مونکي ائين ٿي لڳي ڄڻ منهنجي تصوير ٿو ڪڍي. پر مسئلو هيءَ آ ته هن جا جيڪي ڪنڪلوينس آهن، انهن سان مان ائگريڊ نه آهيان. چيخوف جي اسٽائيل جدا آهي. هو وڏو آپٽيمسٽڪ آ. هو انسان جي ڏکن ڏولاون ۽ عذابن جو رائيٽر آ. ۽ هن جي وارڊ نمبر 6 هن جي آتم ڪهاڻي، يا ان جي دي ڊل اسٽوري (The dull Storey). پر هن جي پڙهڻ لاءِ ٽيسٽ ڪلٽيويٽ ڪرڻي پوندي جيئن شراب شروع ۾ ڪڙو لڳندڙ آ، پر پوءِ ماڻهو هري ويندو آ چيخوف هڪ ڊيپ ۽ آهستي وهندڙ دريا آهي. گورڪيءَ ۾ اهي ڳالهيون نظر نه آيون. لوئر ڊيپٽ ۾ مونکي هن جا ڪردار وڻيا آهن. هن ۾ زندگيءَ جا ڌڪاريل ڪردار آهن جن کي اياز ڌرتيءَ ڌڪاڻا اچيو آ، انهن جون فرسٽريشنس آهن. هن ۾ هڪ عجيب ڳالهه آ ته هن جي لائيف ڏانهن اپروچ پازيٽو آ. اها ڏاڍي سٺي اپروچ آ. باقي سندس مڌر ٻڌر سڀ سياسي آهن. چوٿون ليکڪ جيڪو مونکي وڻيو آ سو آهي لارينس. هو تمام وڏو رائيٽر آ، انسانن جي اونداهن جذبن جو پيغمبر آ.

کوسو: سنو بال پڙهيو اٿو؟

آغا: پڙهيو آ، سٺو رائيٽر آ. پر هڪڙو مسئلو آ ته جيئن سائين نورانيءَ مون کان پڇيو ته فلاڻو رائيٽر (امرجليل) ڪيئن آ ته رائيٽر جو هڪ مسئلو اهو هوندو آ ته رائيٽر پاڻ سٺو ڪرٽڪ نه هوندو آ. رائيٽر کي اهي ليکڪ وڻندا آهن جيڪي هن جهڙو لکندا آهن، يا جن وانگر هو لکڻ چاهيندو آ ۽ لکي نه سگهندو آ. سو مسئلو اهو آ ته هن جي سوچ ۽ چوائس محدود ٿي ويندي آ.

نوراني: توهان اگهارو (ٿورو اڳ ۾) ڳالهه ڪئي ته هندو جڏهن ويا ته  وڏو خال پيدا ٿي پيو هو، ته اهي ڪهڙا هندو ليکڪ هئا؟

آغا: سائين جڏهن پارٽيشن ٿي ته مان تمام ننڍو هوس، مونکي خبر نه آهي. پر اها مونکي يادگيري آ ته شڪارپور ۾ هڪ پبلشر هوندو هو پوڪرداس اسان جڏهن نيوايرا اسڪول مان موٽندا هئاسين، ته ڍڪ بازار مان ٻارن جا ڪتاب به وٺندا هئاسين هڪ رسالو ”سنڌو“ ميان جي ڳوٺ مان نڪرندو هو. آغا صوفي شڪارپور جو پهريون ماڻهو جنهن سچل جو ڪلام ايڊٽ ڪيو هو ۽ سچل کي ”سرمست“ سڏيئين.

کوسو: خود شڪارپور مان ڊيلي انگريزي اخبار نڪرندي هئي. قرباني ڊيلي نڪرندي هئي.

حيدر: ڀلا هيءُ موهن ڪلپنا ۽ موهن پنجابي به پارٽيشن کان اڳ جا شاعر آهن؟

آغا: پنجابي پهرين جو آهي.

اقبال: هندوستان جي ليکڪن کان تون متاثر ڪونه آهين، جيئن تو پهرين چيو آهي، پر انهن کي تون ڪيئن ٿو وي Weigh ڪرين؟

آغا: سائين! جيئن عرض ڪيم ته ٿورو ڪميونيڪيشن گئپ ٿئي ٿو پيو، انهن جا پرابلمس ٻيا آهن ۽ اسان جا ٻيا. اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته هنن ۾ ايموشنل انٽينسٽي ۽ ايڪسپريشن جي انٽينسٽي وڌيڪ آهي. جيئن لعل پشپ آ. مونکي سچ پڇو ته نارائڻ شيام به نه وڻندو آ، ان جا ٻه ٽي هائيڪو چڱا آهن.

کوسو: نارائڻ شيام تي ٿورو بحث ڪيون ٿا، ڇاڪاڻ جو هيءَ رسالو هندوستان به وڃي ٿو، ان لحاظ کان رليونس بنجي ٿو. اسان جي پرسپيڪٽو ڳوٺاڻي آ. جيئن توهان چيو هو ته هڪ بيرن دور آيو هو ته نارائڻ شيام ان بيرن دور ۾ ڦاٿل آ، سندس لفظن جي چونڊ به اربنائيزڊ آ.

(ان مهل ڪيسٽ ختم ٿي وڃي ٿي ۽ ٽيپ رڪارڊ بيهڻ ڪري گفتگو جو سلسلو منقطع ٿي وڃي ٿو).

کوسو: (ٻيهر گفتگو شروع ڪندي)، آغا جيئن ته توهان لطيف جو ترجمو ڪيو آ،  ان ريليونس سان آئون توهان کي ٻه ٽي انسيڊنس ٻڌايان ٿو. جيئن هيري ٺڪر قاضي قاضن جو ڪلام ڳوليو، اهڙي طريقي سان مون کي واڌو واسواڻيءَ جو هڪ ننڍو ٽريڪ مليو، دادو ديال يا هاڻ موتي لال جوتواڻيءَ جو هڪ آرٽڪل شاه لطيفس لائيف ائنڊ آرٽ. شاه سائين تي ”املهه اڻ توريا“ جي نالي سان ڪتاب به کڻي آيا آهن. منهنجي پنهنجي فيلنگ آ ته سنڌ تي بار بار جي ڪاهن ڪري اسان جي سئنڪچوري ڪڇ، ڪاٺيا واڙ ۽ راجستان ۾ ڊيولپ ٿي آ. اسان جو خاصو لٽريچر انهن علائقن ۾ آهي، جن جو مون ذڪر ڪيو ۽ جن کي اسان اڃان ايڪسپلور نه ڪيو آ.

آغا: توهان جي بلڪل صحيح ڳالهه آ. پروفيسر آصف محمد خان بابا فريد گنج جا جيڪي دوها ٻڌايا آهن، انهن مان توهان کي ٻڌايان ٿو:

درد نه وڃن دارونءِ جي لک طبيب لڳن

چڱي ڀلي ٿي وهان، جي مون پرين ملن.

ته ايڏي چٽي سنڌي ته قاضي قاضن جي ڪلام ۾ به نه آهي جيڪو ٺڪر هٿ ڪيو آ. اسان جي پراڻي زبان ۾ وڏو خزانو آ، بابا فريد اٺ سئو سال پراڻو شاعر آ، ماموئن کان به پراڻو، پوءِ به ڪيڏي نه چٽي سنڌي آ.

دل اندر درياه، ڪنڌيءَ لڳا ڪوه ڦرين

ٽٻي مار منجهان، منجهان ئي پرين ملي.

هيءَ ته ٺٽي واري ڪوه ڦرين آ، خود گرنٿ صاحب ۾ شعر آ جيڪو ڪاڪي ڀيرومل ڪوٽ ڪيو آ ۽ جيڪو سنڌي آ، اهو هاڻ اسڪالرس جو ڪم آ ته تحقيق ڪن. دادو ديال جا ڪيترائي شعر آهن جيڪي ديال جي نالي ۾ آهن پر اهي ديال جا ناهن. ديال جا وري ڪيترا شعر سائينءَ جي نالي ۾ آهن.

نوراني: سائين! سنڌي سورمن ۽ سورمين جا ڪئين ڪردار آهن جهڙوڪ، دودو، دولهه دريا خان، هيمون، هوشو، مائي بختاور ۽ ٻيا ڪئين، اوهان کي انهن مان ڪير پسند آ.

آغا: سائين! انهن کي پسند ڪري ته مون ناول ۽ ڊراما لکيا آهن. مون دودو چنيسر تي ڊرامو لکيو آ.

نوراني: توهان کي انهن سڀني مان ڪنهن وڌيڪ انسپائر ڪيو آ؟

آغا: دودو چڱو آ.

نوراني: ڇو؟

آغا: رزسسٽنس گهڻو ڪيو اٿس. پنهنجي حق لاءِ وڙهڻ، ٻئي کي مارڻ، ان ۾ اهي خوبيون آهن.

کوسو: هڪڙن ڪردارن جي اڪيلي ويڙه آ، دودو وري عوام ۽ راڄن سان گڏجي ويڙه ڪري ٿو. هي سمبولائيزز ماسز.

اقبال: ڪهاڻي به مزيدار آ.

آغا: ماسز جي ڳالهه آئي ته ٽالپرن جي باري ۾ ٻڌايان ته ٽالپر گهرن ۾ ٺاهه لاءِ ويٺا هئا. پر دودو وڙهيو هو. نصير خان ٽالپر اشرفين جو ٿالهه کڻي ويو هو ۽ تنبو هڻي ويٺو هو ته نيپيئر صاحب مان آيو آهيان، اسان سان ٺاه ڪر. رياست بهاولپور وانگر اسان کي رياست ٺاهي ڇڏي. پر مياڻي جي جنگ پڙهو ته اها ماڻهن جي جنگ آ. ايئن جو راڄ اٿي آيا، کوسا اٿي آيا، جتوئي آيا، ڀرڳڙي اٿي آيا.

کوسو: (ڀرڳڙيءَ ڏانهن نهاريندي ڀوڳ واري انداز ۾ کلندي) ڀرڳڙي اٿي آيا!

آغا: (کلندي) وري جو ليٽيا آهن ته اڄ تائين نه اٿيا آهن.

(سڀ هڪ زبردست ٽهڪ ڏين ٿا)

نوراني: سائين هاڻ ادب ۽ سياست جي تعلق تي ڪجهه ڳالهايون. ادب وڌيڪ آ يا سياست؟

کوسو: توبهه!

آغا: ادب سياست ئي آ. ٻنهي کي جدا ڪري نه ٿو سگهجي.

نوراني: سنڌ ۾ ا ديبن جي رول مان اوهان مطمئن آهيو؟

آغا: سنڌ ۾ اديبن ۽ شاعرن سياست کي جياريو آ، قوم پرستيءَ جي روائول ٿي آ. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو آ ته جيئن دودو وڙهيو ته ان زماني جي شاعر ڀاڱو ڀان ڪٿان ٺاهي ۽ بهادري ۽ عظمت ڳائي. اها به سياست آ ته پنهنجن سورهين کي ڳائجي. انهن کي نئين دور ۾ انٽر پريٽ ڪرڻ به سياست آ“

حيدر: اديب ڪڏهن ڪڏهن شعوري طور تي عوامي سياسي ڪرنٽس جي خلاف ڪم ڪري ٿو ۽ عوام کي نقصان پهچائي ٿو؟

آغا: هاڻ تازو دوستو وسڪي چيخوف ۽ گورڪيءَ جي ڳالهه ڪئيسين. اهي پنهنجي جڳهه تي وڏا جائنٽ آهن ۽ مان اڃان به چوان ٿو ته دوستو وسڪي اڃان به سڀني کان وڏو رائيٽر آ، پر ان پنهنجي هيلدي ٽرينڊس جو ساٿ نه ڏنو. پهرين انقلاب ۾ هو ۽ سندس پارٽيسيپيشن هئي پر پوءِ هن پنهنجا ڪانڪلوينس ڪڍيا ۽ نتيجن تي پهتو. هن سمجهيو ته ڪئٿولز ۾ سڀني شين جي نجات آ. هاڻ جيئن ٽالسٽاءِ آ، هن ڪوآپريٽو سسٽم تي گهڻو زور ڏنو، ان به ريوولوشن سان ائگري نه ڪيو. وڏا جينيس ليکڪ هئا پر انقلاب سان گڏ نه هئا. ليکڪ ڪنهن به ماس جو محتاج نه هوندو آ.

اقبال: حيدر جو مطلب آ ته ليکڪ بطور ٽول به استعمال ٿي سگهي ٿو؟

آغا: مان عرض ڪيو ته دوستو وسڪي فن جي لحاظ کان وڏو ليکڪ هو، پر مان هن جي ڪنڪلوينس سان ائگري نٿو ڪيان. اهڙي طرح سان گهڻا ليکڪ اهڙا ٿين ٿا جيڪي ٽول ٿي استعمال ٿا ٿين. جيڪي ٽول ٿي استعمال ٿا ٿين. ڪو شڪ نه آهي ته ليکڪ به ماڻهو آ. باقي ليکڪ ڪنهن سياسي اڳواڻ فلاسافر ۽ انقلابيءَ جو محتاج نه هوندو آ.

حيدر: پر سياسي آئيڊيا لاجيز کان متاثر ٿئي ٿو؟

آغا: اها به هن کي پنهنجي سر ئي اثر ڪري، پنهنجي ليکي انڊيوولسٽڪ ٿئي ٿو.

اقبال: آغا صاحب! معاشري ۾ جنهن به قسم جي هلچل يا شعور جي ليول ٿئي ٿي، اديب جي شعور جي ليول مٿي ٿئي ٿي يا ساڳي آ؟

آغا: نه مٿي نه آ. هلچل به شعور آ. هلچل خود ته مقصد ڪونهي، پر مقصد ماڻڻ جو وسيلو آ. هاڻ مقصد ڪهڙا آهن؟ توهان جي خيال ۾ ٻيو ۽ منهنجي خيال ۾ ٻيو. مان پنهنجي مقصد کي پليڊ ڪندس، توهان پنهنجي کي ڪندو. صحيح ڪير آ! اهو وري پوءِ ماڻهو نتيجا ڪڍندا. اهڙي نموني سان هڪڙا ته جينيس ٿين ٿا ۽ جنرلي ڪنهن شيءَ ۾ بليو ڪن ٿا ته هينئن هئڻ گهرجي ٻن قسمن جا ليکڪ هوندا آهن، هڪڙا جينيس ۽ ٻيا ڪوڙا ماڻهو اهي ڪوڙا ماڻهو حڪومت يا ڪنهن گروه جا سول ٿين ٿا ۽ پنهنجي قوم کي سبوٽيج ڪن ٿا.

نوراني: اهڙن ماڻهن جو نالو وٺڻ ڏوهه آ ڇا؟

آغا جيڪڏهن اهڙا ظاهر هجن ته جهلجي نه پون! مونکي، کوسي ۽ اقبال کي خبر هجي ته هتي اسلام آباد ۾ گهوڙا گهوڙا نه ڪيون!

(کلن جي ڪوڪرن ۾ انٽرويو ختم ٿئي ٿو.)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org