سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:30

سنڌي ادب ۾ ڪي غلط روايتون

 

ڪڏهين ڪڏهين ڪو ليکڪ شعوري يا غير شعوري طور، نيڪ نيتي ۽ جذبي جي سچائيءَ سان ڪي اهڙيون ڳالهيون به ڪري ويندو آهي. جيڪي اڳتي هلي ادب ۾ غلط روايت جي صورت اختيار ڪري وينديون آهن. ان ڪري ادب ۾ نقاد جو وجود ايترو ئي اهم آهي جيترو ليکڪ جو. ڇاڪاڻ ته نقاد غلط ۽ صحيح ڳالهين جي ڇنڊڇاڻ ڪري، غلط ڳالهين کي ختم ڪرڻ ۽ صحيح ۽ صحتمند ڳالهين کي اُسرڻ ۽ اُسري صحتمند روايت بڻجڻ ۾ مدد ڏيندو آهي.

اياز اسان جي جديد سنڌي ادب جو نقطه آغاز آهي. اڄ جو جيڪو به جديد سنڌي ادب آهي تنهن ۾ سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح اياز نه رڳو پنهنجي دور جي ٻين شاعرن کي نيون هيئتون ڏنيون آهن پر هن سنڌي جي ڪن پراڻن ۽ زنگ لڳل لفظن تان زنگ لاهي، چمڪائيءَ ۽ جرڪائي پنهنجي دور کي ڏنا آهن. جيڪي لفظ متروڪ ۽ مئل سمجهيا ويندا هئا تن کي اياز پنهنجي ڏات سان ڇهي وري نئين سر جيارپو آهي ۽ سنڌيءَ جا ڪي گونگا شاعر ۽ ڪهاڻي نويس به اياز کي پڙهڻ کان پوءِ ڳالهائڻ لڳا آهن. هن اسان کي سنڌيءَ ٻوليءَ جي آهنگ، لهجي ۽ مزاج کان روشناس ڪرايو آهي. اياز نه صرف شاعريءَ ۾ پر نثر ۾ به وطن پرستيءَ جو هڪڙو رومانوي ۽ جمالياتي تصور پيش ڪيو آهي ۽ اسان کي راجا ڏاهر جو رومانوي آدرش ڏنو آهي. اياز پنهنجي مخصوص انداز سان ڏاهر جو اهڙو ته رومانوي آدرش پيش ڪيو آهي جو ڏاهر ازم اسان جي ادب جي روايت بڻجي وڃي ۽ شمشير جهڙي شاعر به چئي ڏنو ته:

”سنڌ وطن جو ڏاهر آهيان“.

”ڏاهر“ جي روايت ”مارئي“ جي روايت جهڙي صحتمند ۽ صحيح آهي يا نه، تنهن جي ڇنڊڇاڻ نهايت ضروري آهي جو ڪٿي ائين نه ٿئي ته اسان نيڪ نيتي سان پنهنجي ايندڙ نسل کي ڪو غلط آدرش ڏيئي ويهون.

راجا ڏاهر اسان جو آدرش ان ڪري آهي جو هو سنڌ جي تاريخ ۾ پهريون اهڙو بادشاهه آهي جيڪو پنهنجي وطن خاطر ڌارين حمله آورن سان وڙهيو ۽ وڙهي سر ڏنائين. مڃيوسين ته ڏاهر ڌارين سان وڙهيو، پر سوال ٿو پيدا ٿئي ته هو سنڌ جي مٽيءَ لاءِ وڙهيو يا پنهنجي بادشاهي ڇٽ لاءِ. اڳوڻي زماني جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان حڪومت ڪندڙ بادشاهن کي پنهنجي وطن جي مٽيءَ سان نه پر پنهنجي بادشاهيءَ سان پيار هوندو هو. بابر پنهنجي ملڪ ۾ بادشاهي ڪري نه سگهيو ته هندوستان ۾ اچي بادشاهي ڪيائين. عبدالرحمان عرب ۾ بادشاهي ڪري نه سگهيو ته اندلس ۾ وڃي پنهنجي بادشاهي قائم ڪيائين. راجا ڏاهر به انهن ئي بادشاهن جهڙو بادشاهه هو. سو هن کي لاءِ ڪيئن چئي سگهجي ٿو ته هو پنهنجي بادشاهيءَ کي قائم رکڻ لاءِ نه پر سنڌ جي مٽيءَ کي ڌارين کان بچائڻ لاءِ وڙهيو. بادشاهه کڻي آريو هجي، اڻ آريو هجي، يا عرب هجي هو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ سان ئي حڪومت ڪندو آهي ۽ هيءَ صدي جيڪا ڌتڙيل عوام جي سجاڳي ۽ هينڻن جي حقداريءَ جي صدي آهي، تنهن صديءَ جو ڏاهر آدرش ڪيئن ٿي سگهي ٿو.

اسان جي سنڌي ادب ۾ ٻي جيڪا غلط روايت قائم ٿي آهي سا آهي ته ڪوبه ٻه چار چڱيون ڪهاڻيون لکي يا ٻه چار تنقيدي خط يا اخباري ليک لکي ته اسان يڪدم هن کي ”عظيم“ جو لقب ڏيئي ڇڏيندا آهيون. فلاڻو عظيم ڪهاڻي نويس ۽ فلاڻو عظيم نقاد وغيره، اڙدوءَ جي هڪڙي نقاد جو رايو پڙهيو هيم ته اڙدوءَ ۾ ٻه چار سٺا ناول آهن ته پوءِ سٺا ناول نويس ڪونهن. سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهين سٺا ناول آهن ته پوءِ سٺا ناول نويس ڪينئن ڪونهن. آخر اهي سٺا ناول به ته ڪنهن ناول نويسن ئي لکيا هوندا. مان سمجهان ٿو ته ائين چوڻ سان هن جو مطلب اهو آهي ته هڪ يا اڌ سٺي ناول لکڻ سان ڪو سٺو ناول نويس ٿي نٿو سگهي. اسان وٽ سنڌيءَ ۾ وري ڳالهه ئي ابتي آهي. اسان وٽ عظيم ڪهاڻيون ۽ عظيم تنقيد ته ڪانهي، پر عظيم ڪهاڻي نويس ۽ عظيم نقاد آهن.

اها عظيم لفظ جي غلط استعمال جي غلط ۽ هاڃيڪار روايت اسان وٽ ڪيئن پئي تنهن کي ڏسڻ لاءِ اسان کي ورهاڱي کان پوءِ واري سنڌي ادب جو جائزو وٺڻو پوندو ڇاڪاڻ ته عظيم لفظ جي غلط استعمال جي غلط روايت ورهاڱي کان پوءِ ئي شروع ٿي آهي.

ورهاڱي کان اڳ اسان وٽ ڪيترائي سٺا ڪهاڻي نويس هئا. پر اڃان سنڌي ڪهاڻيءَ جي صورت ئي واضح ڪانه ٿي هئي جو ورهاڱو ٿيو ۽ ڪي ڪهاڻي نويس هندستان لڏي ويا، باقي جيڪي بچيا تن لکڻ ڇڏي ڏنو. سنڌي ڪهاڻي جا ڪتاب ناپيدا ٿي ويا ۽ اسان جي جويي صاحب هڪڙي نئين ڪهاڻي نويس جي قد کي ٻين ڪهاڻي نويسن جي قد کان وڏو ثابت ڪيو آهي. پر ويچاري پليجي ته اهڙي ڪا ڳالهه ڪانه لکي آهي. تعجب جي ڳالهه آهي ته سراج، جويي صاحب جي ان ڳالهه کي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ نسيم جي تعريف ٻڌي، مشتعل ٿي ويو ۽ ههڙو تلخ مضمون کڻي لکيائين. هڪڙي هنڌ سراج لکيو آهي ته:

”سلسليوار سهڻيءَ وارن جي باطن ۽ ما في الضمير ۾ هر اهو لکندڙ جو صحيح سماجي شعور رکي ٿو، نه رڳو لاک لاهڻ جي قابل آهي، بلڪه گردن زدنيءَ جي لائق آهي.“ جيئن ته سلسليوار سهڻيءَ وارن هن مهل تائين شيخ اياز، جمال، رباني، شمشير، تنوير، نسيم، امداد، رشيد ڀٽي، امر، قمر، ۽ منهنجي لاک نه لاٿي آهي، انڪري اسان مان ڪوبه سماجي شعور ڪونه ٿو رکي.

مون جڏهين نسيم جو افسانو ”ڪافر“ پڙهيو هو ته سچ پچ ڏاڍو وڻيو هيم. جيئن ته سراج پڙهيل ڪڙهيل ليکڪ آهي انڪري مون سندس، ”ڪافر“ افساني تي ڪيل تنقيد کي ڏاڍو ڌيان سان پڙهيو جو سمجهيم ٿي ته سراج ضرور ڪا ڪم جي ڳالهه ڪئي هوندي ۽ کيس اهو افسانو جو نه وڻيو آهي تنهن جا چڱا علمي دليل ڏنا هوندائين. پر سندس تنقيد پڙهي نه صرف مايوسي ٿي پر ڏک به ٿيم. سراج افساني تي تنقيد ڪندي لکي ٿو.

”ڪافر فن کان بي پرواهيءَ، اٻهرائيءَ ۽ خلوص ۽ صحيح شعور جي اڻاٺ بلڪه فقدان جي ڪري، هڪ عام رواجي ڪهاڻي بڻجي ويئي آهي. هڪ جاندار پلاٽ نه رڳو بيجان افساني کي جنم ڏنو آهي، بلڪه ان جي حيثيت تبليغ کان به ڪري پيئي آهي. گهڻي ۾ گهڻو ائين چئي سگهجي ٿو ته وهابيت جو هڪڙو مخصوص جواز افساني جي صورت وٺي بيٺو آهي.“

شعور جي اڻاٺ ۽ فقدان جو الزام اسان ڪنهن به ڪهاڻيءَ تي هڻي ان کي نندي سگهون ٿا، پر تنقيد جو اصول اهو آهي ته ان الزام کي ثابت ڪرڻ لاءِ مثال ڏنا وڃن. سڀاڻي جي مان جمال جي ڪهاڻيءَ لاءِ چوان ته ڪهاڻيءَ ۾ شعور جي اڻاٺ ۽ فقدان آهي ته چئي سگهان ٿو. پر اها ڪا تنقيد ڪانهي. ڇاڪاڻ ته ائين چوڻ لاءِ مون کي ڪي دليل ۽ ثابتيون ڏيڻيون پونديون. ٻي ڳالهه ته ساري افساني ۾ وهابيت جي ته ڪا ڳالهه ئي ڪانهي ڀايان ٿو ته ڀاءُ سراج ان افساني کي ”بغض معاويه“ جي عينڪ سان ڏٺو آهي تڏهين کيس افساني ۾ اهي عيب نظر آيا آهن جيڪي ان افساني ۾ ڪونهن. ادب ۾ ”بغض معاويه“ صحتمند رحجان آهي يا نه، مان صرف ان ڳالهه تي بحث ڪرڻ نٿو چاهيان نه ئي نسيم جي ڪهاڻيءَ کي سنڌي افسانوي ادب ۾ زبردست موڙ ثابت ڪرڻ ٿو چاهيان مان ته صرف ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ٿو چاهيان ته ڪيئن اسان ادب ۾ غلط تنقيد جي روايت جو آغاز ڪري رهيا آهيون. سنڌي افسانوي ادب ۾ قد آور اديبن، ننڍن ۽ نون اديبن جو قد آور اديبن سان قد پڄائڻ لاءِ قد آور اديبن کي ويهارڻ ۽ جهڪائڻ واري ڳالهه پڙهي مون کي غالب جو هي شعر ياد اچي ويو ته:

 بھرم کہل جائے اے ظالم تیرے قد کی درازی کا

اگر اس طرح پر پیچ و خم سے پیچ و خم نکلے

اڄ اسين سنڌيءَ جي افسانوي ادب ۾ جن ليکڪن کي قدآور سمجهي رهيا آهيون. سي ويچارا ته هڪ ٻن چڱين ڪهاڻين جي گهوڙين تي هلي رهيا آهن. سنڌي ادب ۾ جيستائين جمال جي قد جو تعلق آهي، مڃڻو پوندو ته جمال جو قد چڱو اوچو آهي پر ايترو اوچو به ڪونهي جو سندس قد جي برابر ٻيو ڪو سنڌي اديب پيدا ئي نه ٿي سگهي. جمال ٻه چار چڱيون ڪهاڻيون لکيون آهن. پر انهن ڪهاڻين جي آڌار تي هو ادب ۾ جيئرو ته رهي سگهي ٿو باقي پنهنجو قد قائم رکي نٿو سگهي ان ڪري جو اسين ڏسي رهيا آهيون ته اسان جو نئون نسل پراڻي نسل کان وڌيڪ قد آور آهي.

ربانيءَ به ٻه چار چڱيون ڪهاڻيون لکيون آهن، پر جي انهن ڪهاڻين جي ماپي سان سندس قد ڪڇيو ته پليجو ته ٺهيو جو پليجي هڪڙيون ٻه ڏاڍيون سٺيون ڪهاڻيون (پسي ڳاڙها گل ۽ جتي باهه ٻري) لکيون آهن، پر رباني جو قد اسان جي نئين دؤر جي ”ننڍڙي ٻار“ ڪهاڻي نويس عبدالقادر جوڻيجي جيترو به نه ٿيندو.

سراج ٿو چئي ته ربانيءَ جي ڪهاڻي ”بري هن ڀنڀور ۾“ سنڌيءَ جي عظيم ڪهاڻي آهي. سنڌي ڪهاڻيءَ جي جنهن دؤر ۾ اها ڪهاڻي لکي وئي آهي، تنهن دؤر جي لحاظ کان ۽ سنڌيءَ ڪهاڻيءَ جي اؤسر کي جاچڻ جي لحاظ کان ان ڪهاڻيءَ کي پنهنجي اهميت ته آهي پر عظمت ڪانهي. ان ڪهاڻيءَ کي جمال جي ڪهاڻيءَ ”شاهه جو ڦر“ جهڙي عظيم ڪهاڻي چئي، اسان پنهنجي ايندڙ نسل کي عظيم ڪهاڻيءَ جو غلط تصور ڏيئي رهيا آهيون.

ڪهاڻيءَ جو پلاٽ آهي ته ”عيسو واهه جو ڪڙ تي رهندو هو. نون سنڌي ڪهاڻي نويسن کي پنهنجي ماضيءَ جي سنڌي ڪهاڻيءَ جي روايت جو شعور ڪونه رهيو، ڇاڪاڻ ته نون لکڻ وارن کي پنهنجي ماضي جي ڪهاڻي جي روايت جو شعور ڪونه هو انڪري جي ڪنهن هڪڙي ڪهاڻي نويس ڪا ڪهاڻي ٿي لکي ته ٻئي وري يڪدم هن جي واٽ ٿي اختيار ڪئي (شيدو ڌاڙيل ۽ بدمعاش وغيره) 1955ع وارو دؤر اسان جي ڪهاڻيءَ جو عبوري دور آهي. ان دؤر ۾ ئي نوان تجربا ٿيا ۽ ڪهاڻيءَ جي تنقيد جي روايت (جمال جي ڪهاڻي پشو پاشا تي لکيل پليجي جا تنقيدي خط ۽ ”بدمعاش“ ڪهاڻيءَ تي جويي صاحب ۽ جمال جا لکيل خط) جو آغاز ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهين اسان ٻين ٻولين جي ادب ڏانهن نهاريو ته اسان کي انهن ٻولين جي ادب ۾ وڏا وڏا ڪهاڻي نويس ۽ وڏا وڏا نقاد نظر آيا. اسان کي يڪدم احساس ڪمتري ٿيو ۽ ان احساس ڪمتري کي مٽائڻ لاءِ اسان جمال ۽ ربانيءَ کي عظيم ڪهاڻي نويس ۽ پليجي کي عظيم نقاد کڻي بنايو. جمال ۽ رباني ته ويچارا هيڏي وڏي لقب جو ٻوجهه هيٺان دٻجي ختم ٿي ويا باقي پليجو وڃي بچيو جيڪو ”انڌا اونڌا ويڄ“ لکي، پنهنجي لقب کي قائم رکڻ لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اهڙيءَ ريت اسان نيڪ نيتيءَ سان عظيم لفظ جي غلط استعمال جي غلط روايت جو آغاز ڪيو ۽ تعريف جي مٺي زهر سان ٻن اُسرندڙ ڪهاڻي نويسن ۽ هڪ نقاد کي ماري ڇڏيو.

.... ان عظيم لفظ جي غلط استعمال جي غلط روايت جو اثر رڳو ايترو ٿئي ها جو هڪڙا ٻه اسرندڙ ليکڪ لکڻ ڇڏي ڏين ها، ته ڪا وڏي ڳالهه ڪانه هئي. ڇاڪاڻ ته هينئر اسان وٽ هنن جهڙا ڪيترائي ڪهاڻي نويس پيدا ٿي ويا آهن. پر ان غلط روايت جو اثر اهو به ٿيو آهي جو اڄ جيڪڏهين ڪو ماڻهو ڳالهه مٿان ڳالهه ڪندي جمال ۽ ربانيءَ جو نالو به کڻي ٿو ته يڪدم سندس ڪن مهٽ ڪئي ٿي وڃي. ان جو تازو مثال سراج جو مضمون آهي. جنهن سلسليوار سهڻي ۾ ڇپيل پليجي جي خط تي تنقيد ڪئي آهي. هن خط ۾ پليجي لکيو هو ته:

”جمال ابڙو، رباني، حفيظ شيخ ۽ ٻيا ڪيئن ڪونڌر ڏسندي ڏسندي قبر ڳڙڪائي ويئي آهي. اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي جو مڙسن جي بل بلي لڳي پئي هئي. اڄ رڳو سندن قبرن تي ڏيئو ٻارڻ وارو به ڪونهي. ٻڌجي ٿو ته سڀني کي اها ئي هڪڙي بيماري هئي ته لکون ته شاهڪار لکون.“

اڳتي هلي پليجي نسيم جي ڪهاڻي ”ڪافر“ جي تعريف لکي آهي. پليجي جي خط جي ان مٿئين حصي ۽ نسيم جي افساني جي تعريف ۾ ڪو تعلق ڪونهي. ويچاري پليجي ته اڻ سڌيءَ طرح اعتراف ڪيو آهي ته اسان هنن کي عظيم جو لقب ڏيئي ماري ڇڏيو. هينئر هو اهڙو افسانو لکڻ چاهين ٿا جيڪو شاهڪار هجي جيڪو عظيم ليکڪن کي سونهين نه ته ماٺ ڪري ويهي رهيا آهن. پليجي پنهنجي خط ۾ ڪٿي به نسيم جو موازنو جمال يا ربانيءَ سان ڪونه ڪيو آهي. پر اسان جو ڀاءُ سراج لکي ٿو ته:

هن کي (پليجي کي) اهو حق نه هو ته ڪن نون لکندڙن (نسيم) کي آسمان تي پهچائڻ لاءِ هو خوامخواه سندن (جمال ۽ رباني) نالن کي گهلي اچي....

سراج اڳتي هلي لکي ٿو ته:

”هن اها حرڪت اهڙيءَ معصوميت سان ڪئي آهي، جيئن ابهم ٻارڙا ڪندا آهن. ننڍڙا ٻار اڪثر پنهنجي دل خوش ڪرڻ لاءِ ۽ پاڻ ۾ وڏائي جي احساس پيدا ڪرڻ لاءِ ڪنهن اسٽول يا کٽ تي چڙهي بيهي، پنهنجي قد کي پنهنجي پيءُ يا ٻئي ڪنهن بزرگ جي قد سان ڀيٽيندي چوندا آهن. ”بابا ڏسو آءٌ اوهان کان به وڏو ٿي ويو آهيان!“

پليجي به ڪن لکندڙن جي همت افزائي، بلڪل ان نفسياتي تجربي کي اڳيان رکندي ڪئي آهي. پر هن اهو نفسياتي تجربو بلڪل ابتو استعمال ڪيو آهي. سو هينئن ته ننڍڙي ٻار کي اسٽول تي يا پنهنجي ڪلهي تي چاڙهڻ جي تڪليف کان بچڻ ۽ بچائڻ لاءِ هن وڏن کي هيٺ ويهاري يا جهڪائي، ٻار جي قد کي وڏو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اسان جو دوست سراج اسان سڀني مان وڌيڪ پڙهيل ڪڙهيل آهي ۽ مون کي سندس علميت جو احترام آهي. ان احترام جي ڪري ئي مون پليجي جو خط وري پڙهيو. پر ساري خط ۾ مون کي سراج جي بيان ڪيل ان نفسياتي تجربي جو نشان نه مليو اها ڳالهه تڏهين ٿي ٿي سگهي جڏهين پليجو نسيم جو جمال ۽ ربانيءَ سان سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح قد پڄائي ها، پليجي کي مان نقاد جي حيثيت ۾ سڃاڻندو هوس. ۽ جڏهين هن جي پهرين ڪهاڻي ”پسي ڳاڙها گل“ سلسليوار سهڻيءَ ۾ ڇپي، تڏهين خبر پيم ته هو ڪهاڻيون به لکندو آهي ۽ سٺيون لکندو آهي. جويي صاحب پليجي جي ڪهاڻي جي تعريف ڪندي لکيو هو ته:

”پليجي جي هن ڪهاڻيءَ کان پوءِ سنڌي نثر عام طرح ۽ سنڌي افسانوي ادب خاص طرح اهو ساڳيو نه رهندو.“ ان هڪڙي جملي سان گڏهه ڪاهي پڪيءَ تي ڪمائي ڪري پنهنجو گذر ڪندو هو. هڪڙيءَ رات زبردست مينهن ٿو پوي ۽ درياه جي بند ڀڄڻ جو امڪان آهي.

عيسو ڀٽين جي ڳوٺ ۾ رهندڙ خوش محمد حڪيم کان پڇڻ ٿو وڃي ته پنهنجي لڏ تو وٽ کڻي اچان يا نه. رستي تي کيس حڪيم جو نياپو ٿو ياد پوي جيڪو حڪيم وڏيري کي نياپو ڏيڻ لاءِ وڃي ٿو. وڏيرو کيس بيگر ۾ ٿو وهائي. بيگر ڪندي ڪندي شام ٿي ٿي وڃي. آخر شام جو عيسو ڀڄي پنهنجي جان ٿو ڇڏائي ۽ جڏهن گهر وٽ ٿو پهچي ته هر طرف پاڻي بيٺو آهي، سندس گهر جو ڪو نشان ئي ڪونهي.

افساني جو پلاٽ ڏاڍو سٺو آهي. ۽ ليکڪ ۾ شعور جي اڻاٺ ۽ فقدان به ڪونهي. پر هڪڙي ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته جڏهين هميشه عيسو سانوڻيءَ ۾، درياه جي چاڙهه وقت، مهينو کن ٻار ٻچا وٺي وڃي پڪيءَ تي گذاريندو هو ته هن دفعي ڇو پڪي ته لڏي وڃي نه ويٺو. ساري رات مينهن ٿو پوي ۽ هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي ۽ عيسو سوچي به ٿو ته ”دير ڪرڻ آهي سر وڃائڻ.“ تڏهين به عيسو وڃي ٿو حڪيم کان پڪ ڪرڻ ته ٻيلي تو جو صلاح ڪئي هئي ته ”زوراور هلي آءٌ پڪيءَ تي. ٻه چار ڏهاڙا هتي اچي رهه- جيسين پاڻي موٽ ڪري ۽ سو ڪهڙو خيال اٿئي.“ لڏ کڻي اچان يا نه. نه رڳو ايترو پر هو وڏيري کي حڪيم جو نياپو ڏيڻ لاءِ به ٿو وڃي ته ڪٿي حڪيم ميار نه ڏي ۽ مون کي لڄي ٿيڻو نه پوي.

اسان جي تر ۾ به ٻوڏيون اينديون آهن ۽ جڏهين به ٻوڏ جو امڪان ٿيندو آهي. تڏهين غريب غربو لڏ پٽي وڃي ڪنهن محفوظ هنڌ تي ٿانيڪو ٿيندو آهي ۽ نه پنهنجا ٻار ٻچا وچ پاڻيءَ ۾ ڇڏي پڪ ڪرڻ ويندو آهي ته ٻوڏ پئي اچي سو تو وٽ لڏي اچان يا نه.

اصل ۾ هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏي خامي آهي ته ڪردارن ۾ ست ۽ ساهه ڪونهي. سڀ ڪردار آليءَ مٽيءَ جا آهن ۽ ڪهاڻي نويس کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ٿو موڙين. عظيم ڪهاڻين جا ڪردار ته زندگيءَ سان سرشار هوندا آهن ۽ پاڻ مڙڻ جي بجاءِ ليکڪ جو قلم کي موڙي ڇڏيندا آهن. ليکڪ پنهنجي ذهن ۾، ڪهاڻيءَ جو هڪڙو انجام رٿي، ڪردار تخليق ڪندو آهي. پر ڪردار تخليق ٿيڻ کان پوءِ ايترا ته زنده هوندا آهن جو ليکڪ جي ذهن ۾ ڪهاڻيءَ جي رٿيل انجام ڏانهن وڃڻ جي بجاءِ، ليکڪ جي قلم کي موڙي ٻئي انجام تي وڃي پهچائيندا آهن. هن ڪهاڻيءَ ۾ عيسي جو گهر ٻڏڻ وارو آهي. بند ڀڄڻ وارو آهي پر عيسو لڏي نٿو. ڪيئن لڏي. هن کي ته ليکڪ جي مرضي پوري ڪرڻ لاءِ گڏهه تي چڙهي حڪيم کان پڪ ڪرڻي آهي ۽ وڏيري کي حڪيم جو نياپو ڏيڻو آهي. جي عيسو ائين نه ڪري ۽ لڏ کڻي وڃي ڪنهن محفوظ هنڌ تي ويهي ته پوءِ ڪهاڻي ڪيئن پنهنجي رٿيل انجام کي پهچي. ڪنهن ڪردار جي باري ۾ ائين چوڻ ته هن هيئن ڇو نه ڪيو ۽ هيئن ڇو ڪيائين، منهنجي خيال ۾ ان ڪردار سان زيادتي ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ ته افساني جو ڪردار هڪڙو جيئرو جاڳندو انسان هوندو آهي. هن کي پنهنجا وهم، پنهنجا پور، پنهنجي پسند ۽ ناپسند ۽ پنهنجو عمل ۽ ردعمل هوندو آهي. سو جيڪڏهن ڪو ڪردار ڪنهن مخصوص حالتن ۾ ڪو مخصوص عمل ڪري ٿو يا انهن حالتن جو مٿس ڪو مخصوص رد عمل ٿئي ٿو ته اسين ائين چئي نٿا سگهون ته هن ائين ڇو ڪيو. هيئن ڇو نه ڪيو ائين هن افساني ۾ به جي ليکڪ اها ڳالهه ڏيکارڻ ٿو چاهي ته ڪيئن عيسي، پنهنجي غلطيءَ سبب (ٻوڏ جي خطري کي پٺي ڏيئي حڪيم کان پڪ ڪرڻ لاءِ هليو ويو) پنهنجو گهر گهاٽ ۽ ٻار ٻچا تباهه ڪيا ته پوءِ سندس اهو عمل ٺيڪ آهي. پر هن افساني ۾، جيتري قدر مان پنهنجي وت آهر سمجهيو آهيان، عيسو هڪڙو فرد نه آهي پر اسان جي معاشري جي محنتي ۽ ڏتڙيل طبقي جو ڪردار آهي. ان ڪردار کي اسان جي معاشري جي ٻئي طبقي يعني وڏيري جي ڪردار هٿان تباهه ٿيندو ڏيکاري، ليکڪ ان ڏتڙيل طبقي لاءِ پڙهندڙ جي همدرديءَ کي جاڳايو آهي. عيسي جي اها غلطي ته هو پڪيءَ تي پناهه وٺڻ جي بدران گهر ٻار وچ پاڻيءَ ۾ ڇڏي حڪيم کان پڪ ڪرڻ لاءِ ٿو وڃي، افساني جي رخ کي ئي ڦيري ڇڏيو آهي. ۽ افساني جو ڏک ڀريو انجام وڏيري جي ظلم جو نتيجو نه پر عيسي جي پنهنجي غلطيءَ جو نتيجو ٿي پيو آهي.

ربانيءَ جو افسانو ”جي مان پل هجان“ پڙهندي، جڏهين مون ڪهاڻي جو هي ٽڪرو پڙهيو هو ته:

”مون کي چٽيءَ طرح ياد آهي، ته هڪ دفعي هو سڀ (ختابي) منهنجي هيٺان ويٺا. ڏاهو پنهنجو سبق شروع ڪرڻ وارو هو، پر هن پنهنجا چپ ئي مس چوريا ته منهنجي اتر پاسي واري ڏار تي هڪ پکيءَ لات شروع ڪئي. ڏاهي وات مان اکر نه ڪڍيو. هو چپ چاپ، اکيون ٻوٽي، پکيءَ جي لات ٻڌندو رهيو. سڀ چپ چاپ پکيءَ جي لات ٻڌندا رهيا. جڏهن پکيءَ لات پوري ڪئي ته ڏاهو ٿڌو ساهه ڀري، اٿي کڙو ٿيو ۽ چيائين ”دوستو! اڄ جو سبق پورو ٿيو.“

تڏهن تنوير کي چيو هيم ته ”يار رباني واقعي فنڪار آهي.“

پر ڪجهه وقت کان پوءِ خبر پيم ته اهو ٽڪرو لن يو تانگ جو جڳ مشهور ڪتاب Wisdom of China تان چورايل آهي. مون سمجهيو ته رباني غير شعوري پرايو ٽڪرو پنهنجي افساني ۾ ڏيئي ويو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي ته ڪا چڱيءَ پڙهيل شيءَ ليکڪ جي لاشعور ۾ ڇپ هڻي ويهي رهندي آهي ۽ جيئن ئي ليکڪ ان ساڳي موضوع يا ساڳي ڪيفيت يا ساڳي جذبي بابت لکندو آهي ته لاشعور ۾ ڇپ هڻي ويٺل ٻئي ڪنهن ليکڪ جي ڳالهه نڪري ايندي آهي ۽ غير شعوري طور لکجي ويندي آهي. مون ربانيءَ سان ان جو ذڪر ڪيو ته چيائين: ”ٻين ٻولين جي چڱي ادب کي ائين ئي ته پنهنجي ٻوليءَ ۾ آڻي سگهجي ٿو.“

جي ٻين ٻولين جي ادب کي ئي پنهنجي ادب ۾ آڻڻو آهي ته پوءِ سڌو سنئون ترجمو ڇو نه ڪجي، ٻين ليکڪن جا دامن ڦاڙي انهن جي چتين مان ڇو پنهنجو چولو ٺاهجي (مان هتي آسڪروائلڊ جي انهن تشبيهن جو ذڪر نٿو ڪريان جن جون چتيون ربانيءَ پنهنجي افسانن ۾ هنيون آهن)

ادبي چتين کي ته ڇڏيو، اسان جا ڪي دوست ٻين اديبن جا چولا لاهي پاڻ پائي گهمندا ٿا وتن. گهڻو وقت ٿيندو، مون سراج جو افسانو ”اي درد هلي آءٌ“ پڙهيو هو. ڏاڍو وڻيو هيو. سراج جي منهن تي سندس افساني جي تعريف به ڪئي هيم. هونئن ته ڪچو ڦڪو افسانو جلد ئي وسري ويندو آهي. پر سراج جو افسانو ايترو ته سٺو هو جو وسريو ئي نٿي. ڪجهه وقت گذريو ته اتفاق سان هڪڙي ڏينهن جيمس جوائس جو افسانو The Dead پڙهيم ته ڇرڪ نڪري ويم. ساڳيو سراج وارو افسانو سمجهيم ته جيمس سراج جو افسانو چورايو آهي. جي سراج جوائس جو افسانو چورائي ها، ته ان جو اعتراف ضرور ڪري ها.

ڪنهن ڪهاڻيءَ نويس کان معاشرتي ڪهاڻي لکڻ ادب ۾ ڪو عيب ڪونهي. جوائس خود پنهنجي اها ڪهاڻي ڪئٿڙائين مينسفيلڊ جي ڪهاڻي Bliss تان متاثر ٿي لکي آهي. پر جڏهن به ڪو ڪهاڻي نويس ٻئي ڪنهن ڪهاڻي نويس جي ڪنهن ڪهاڻيءَ تان متاثر ٿيندو آهي ته ان ڪهاڻيءَ تان ٿورو گهڻو اثر وٺي. پنهنجي پاران به ڪجهه نه ڪجهه تخليق ڪندو جيئن جوائس ڪيو آهي، جو سندس ڪهاڻي ڪئٿرائن جي ڪهاڻيءَ کان به اوچي ٿي پئي آهي. جتي ڪهاڻي نويس، پنهنجي ڪهاڻيءَ کي ڇڏيندو آهي ته متاثر ٿيندڙ ليکڪ اتان ان ڪهاڻيءَ کي کڻي اڳتي وڌندو آهي جتي اڳتي وڌي نه سگهندو آهي ته پاسيرو ٿي نڪري ويندو آهي پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي ڏات جو جوت ضرور جلائي ويندو آهي پر هن ڪهاڻيءَ ۾ سراج پنهنجي ڏات جي جوت جلائڻ جي بدران جوائس جي ڪهاڻيءَ جو سڌو سنئون آزاد ترجمو ڪيو آهي.

جوائس جي ان افساني جي باري ۾ هڪڙي مشهور نقاد لکيو آهي ته The Dead افساني ۾ موت، وقعت ۽ احترام جي قابل هڪڙي اهڙي عظيم حقيقت آهي جنهن جي بلندي آڏو سوسائٽي ۾ اوچو مرتبو، غربت ۽ امارت جو فرق سڀ تڇ ٿا معلوم ٿين. جيتوڻيڪ هن افساني ۾ اهو موت رقيب جو موت آهي پر ان موت جي احساس سان رقابت جو جذبو احساس برتري ۽ انا سڀ مٽجي ٿا وڃن ۽ افساني جي هيرو جي دل ۾ هڪڙو نئون همگير ۽ همدردانه جذبو پيدا ٿو ٿئي ۽ هو پنهنجي انا کي وساري، پنهنجو پاڻ کان سواءِ، ٻئي ڪنهن جي باري ۾ به سوچڻ ٿو لڳي. اهو ساڳيو رحم جو جذبو وري انانيت جي صورت اختيار ڪري ٿو ڇڏي ۽ جيئرن، مردن، ساري انسانيت ۽ ساري ڪائنات کي پنهنجي همه گير وسعت ۾ وٺي ٿو ڇڏي.

سراج جي هڪڙي ٻي ڪهاڻي ”پاتال“ نئين زندگي ۾ ڇپي هئي. ڪهاڻيءَ جي شروعات هيئن ٿي ٿئي ته:

”البرت ڪاموءَ ڳالهه ٿي ڪئي ته....“

ساري ڪهاڻيءَ ۾ خبر پئجي نٿي سگهي ته البرت ڪاموءَ جي ڳالهه ڪٿي ٿي ختم ٿئي ۽ سراج جي ڳالهه ڪٿان ٿي شروع ٿئي. ڪاموءَ سان گڏ سراج به ته ڳالهه ڪئي هوندي ڇاڪاڻ ته ڪهاڻي سراج جي نالي سان ڇپيل آهي.

نئين زندگيءَ ۾ سراج جو هڪڙو ڊرامو ”جر ۾ ڦوٽو جيئن“ ڇپيو هو. اهو ساڳيو ڊرامو اسپيني ڊرامو آهي ۽ انگريزيءَ ۾ نالو اٿس The Sunny Morning ۽ اهو ڊرامو به سراج پنهنجي نالي ڇپرايو آهي.

سراج پليجي جي لاءِ لکيو آهي ته پليجي کي دنيا جي ٻين ٻولين جي صحيح ۽ صالح ادب تي چڱي دسترس آهي. جي واقعي ائين آهي ته پوءِ پليجي کي عرض ڪندس ته جيئن هن کي دنيا جي صحيح ۽ صالح ادب تي دسترس آهي، ان ڪري هو مهرباني ڪري سنڌي ادب ۾ ڪن غلط روايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري ۽ ساڳي وقت اهو به ڏيکاري ته ڪهڙا ڪهڙا اديب پنهنجن ادبي چولن تي ٻين ادبن جا دامن ڦاڙي ادبي چتيون ٿا هڻن ۽ ڪهڙا ڪهڙا اديب ٻين اديبن جا چولا لاهي پاڻ پائي گهمندا ٿا وتن. 

 

سنڌي ڪهاڻيءَ تي هڪ نظر

 

هر دور جي اديبن جو نسل پنهنجي ماضيءَ جي شاندار ادبي روايتن جي اڌار تي اڳتي وڌندو آهي، ۽ نه رڳو پنهنجي ادبي روايتن کي وڌيڪ روشن ڪندو آهي، بلڪ انهن روايتن جي روشنيءَ ۾ نت نوان تجربا به ڪندو آهي، جيڪي وري ايندڙ نسل لاءِ روايت جي حيثيت اختيار ڪندا آهن. پر افسوس جو اسان جي ورهاڱي کان پوءِ وارن سنڌي ڪهاڻي نويسن کي سنڌي ڪهاڻيءَ جي ڪا روايت ورثي ۾  ڪانه ملي. ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ورهاڱي کان اڳ اسان جي ڪهاڻيءَ ترقي ڪانه ڪئي هئي. ورهاڱي کان اڳ سنڌي ڪهاڻيءَ چڱي ترقي ڪئي هئي. ڪيترا ادبي رسالا ۽ ڪتابي سلسلا نڪرندا هئا، جن ۾ غير ملڪي ٻولين جي ڪهاڻين جا ترجما ۽ اصلوڪيون ڪهاڻيون پيون ڇپجنديون هيون. پر جڏهن ورهاڱو ٿيو ته ملڪ ۾ افراتفري مچي وئي. رسالا بند ٿي ويا؛ هندو ليکڪ ۽ پبلشر هندستان لڏي ويا؛ جيڪي ٻه چار مسلمان ليکڪ بچيا، تن به کڻي ماٺ اختيار ڪئي. نتيجو اهو نڪتو جو سنڌي ڪهاڻيءَ تي جمود طاري ٿي ويو. پر پوءِ آهستي آهستي اهو جمود ٽٽڻ لڳو. مسلمان ڪهاڻي نويسن پاڻ سنڀاليو ۽ ڪهاڻيون لکڻ شروع ڪيائون. پر ڪو اهڙو رسالو يا ادبي ادارو ڪونه هو، جنهن ۾ ۽ جنهن جي وسيلي سندن ڪهاڻيون ڇپجي سگهن. سن 50-1949ع ۾، ڪراچيءَ مان محترم قادر بخش نظاماڻيءَ جي ادارت هيٺ، ”صداقت“ هفتيوار اخبار نڪتي، جنهن ۾ ع. ق. شيخ، ابن الياس سومرو ۽ ٻين ليکڪن جون ڪهاڻيون ڇپيون. ان ساڳيءَ اخبار ۾ هڪڙي نئين ۽ گمنام ڪهاڻي نويس جون پڻ ڪهاڻيون ڇپيون، جيڪو اڳتي هلي نه رڳو سنڌي ڪهاڻيءَ تي ڇانئجي ويو، پر پنهنجي همعصر ڪهاڻي نويسن جي پوري نسل کي متاثر ڪيو. اهو ڪهاڻي نويس جمال ابڙو هو. جمال جون شروعاتي ڪهاڻيون، ”خميسي جو ڪوٽ“ ”پيراڻي“، جيڪي اڄ به سنڌي ادب ۾ وڏو مقام رکن ٿيون پهرين پهرين ”صداقت“ ۾ ڇپيون هيون. بدقسمتيءَ سان ”صداقت“ جلد ئي بند ٿي وئي. ان کان پوءِ حيدرآباد مان ”پرهه ڦٽي“ رسالو نڪتو، جنهن ۾ ع.ق. شيخ، ابن حيات پنوهر، قاسم ”شاد“ ۽ ٻين ڪهاڻي نويسن جون ڪهاڻيون ڇپيون. پر اهو به هلي نه سگهيو. ان وچ ۾ الطاف قادري جي ڪهاڻين جو مجموعو ڇپجي ظاهر ٿيو. سکر ۾ ”حبيب پبليڪيشن جي نالي سان هڪڙو ادارو قائم ٿيو، جنهن جي معرفت مقبول صديقيءَ، شيخ اياز جي ڪهاڻين جو مجموعو  ”پنهل کان پوءِ“ ڇپرائي پڌرو ڪيو. هن مجموعي ۾ اياز جون سڀيئي ڪهاڻيون ورهاڱي کان اڳ جون لکيل هيون ۽ ”سفيد وحشي“ جي عنوان سان ڇپجي چڪيون هيون. اياز جي انهن ڪهاڻين کي، هڪڙي نئين ڪهاڻي، ”پنهل کان پوءِ“ جي وا ڌاري سان ڇپايو ويو. اياز جي ڪهاڻين نئين نسل کي ڏاڍو متاثر ڪيو. سندس مخصوص ۽ منفرد اسٽائيل، حقيقت نگاري، سنڌ جي پس منظر ۾، زندگيءَ جو ساهه کڻندڙن جيئنر جاڳندن سنڌي ڪردارن پڙهندڙن کي ڏاڍو متاثر ڪيو، ۽ نون لکڻ وارن کي راهه ڏيکاري سندس ڪهاڻيون ”نوران“، ”کلڻي“، ”ڪارو رنگ“ ۽ هندو مسلم فسادن جي موضوع تي لکيل ڪهاڻي ”ڳجهه“، به سنڌي ادب ۾ اوچو مقام والارين ٿيون.

ان ساڳئي اداري،  شيخ ”راز“ جي ڪهاڻين جو مجموعو ”ڊاڪ بنگلو“ به ڇپايو. شيخ راز ۾ ڪهاڻين لکڻ جو ڏات ۽ ڏانءُ ٻئي هئا، ۽ سندس ڪهاڻين کي سنڌي ادب ۾ ايتري ته اهميت آهي جو جڏهن به ڪو نقاد سنڌي ڪهاڻين جي اوسر بابت لکندو ته شيخ راز جي ڪهاڻين جو ذڪر ضرور ڪندو. اهو ادارو به ٿوري وقت کان پوءِ بند ٿي ويو. هاڻي رڳو ”نئين زندگي“ رسالو وڃي بچيو، جنهن ۾ ٻين ليکڪن سان گڏ ڪروڙ پتي ۽ محمد عثمان ڇلڳريءَ جون مزاحيه ۽ طنزيه ڪهاڻيون ڇپنديون رهيون.

1955ع ڌاري، سنڌي ادبي بورڊ، طرفان محمد ابراهيم جويي جي نگرانيءَ هيٺ ”مهراڻ“ رسالو نڪتو، جنهن نه صرف نوان نوان ڪهاڻي نويس پيدا ڪيا، پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان نون ۽ پراڻن ليکڪن کي گڏ ڪري، هڪ پليٽ فارم تي آڻي بيهاريو. ”مهراڻ“ رسالي ڄڻ سنڌي ڪهاڻي نويسن کي زبان ڏيئي ڇڏي. اهو دور اسان جي ڪهاڻين جو عبوري دور آهي، جنهن ۾ ڪهاڻيءَ جي موضوعن سان گڏ ٽيڪنڪ به نوان نوان تجربا ڪيا ويا. ع. ق. شيخ، جمال ابڙو، حفيظ شيخ، بشير مورياڻي، رباني، سراج، رشيد ڀٽي، رشيد آخوند، ثميره زرين، خواجه سليم،ا بن حيات پنهور، ابن الياس سومرو، اياز قادري، مراد علي مرزا، ممتاز مرزا، نذير احمد زئي، رشيده حجاب، نجم عباسي، سڀني گڏجي، پنهنجو رت ۽ ست ڏيئي، سنڌي ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌايو. سندن ڪهاڻين جا موضوع گهڻو ڪري عام ماڻهن جا ڏک ۽ سک، انسان جو انسان تي ظلم ۽ طبقاتي ڇڪتاڻ هئا. ان ئي دور ۾ سنڌي ادب ۾ هڪڙو ڪردار پيدا ٿيو، جنهن کي ”شريف بدمعاش“(Gentleman Rouge) سڏيو ويندو آهي، ۽ جيڪو اياز قادريءَ جي ”بلو دادا“، ربانيءَ جي ”شيدو ڌاڙيل“، جمال جي ”بدمعاش“ ۽ ”پشو پاشا“ جي جدا جدا روپن ۾ ظاهر ٿيو. اياز قادريءَ جي ڪهاڻي ”مان انسان آهيان“، حفيظ شيخ جي ڪهاڻي ”اما، مان اسڪول نه ويندس“، جمال جون ڪهاڻيون ”شاهه جو ڦر“ ۽ ”بدمعاش، ع. ق. شيخ جي ڪهاڻي“، ”پريشان انسان“، ربانيءَ جي ڪهاڻي ”بري هن ڀنڀور ۾“، سراج جي ڪهاڻي ”انسان ۽ ديوتا“، ان دور جون شاهڪار ڪهاڻيون آهن.

سن 1960ع ڌاري ”روح رهاڻ“ رسالو جاري ٿيو، جنهن سنڌي ادب جي وڏي خدمت ڪئي آهي. هن رسالي جي معرفت ڪهاڻي نويسن جو هڪڙو پورو نسل سنڌي ادب ۾ داخل ٿيو. حميد سنڌي، ناصر مورائي، امر جليل، جمال رند، قمر شهباز، غلام نبي مغل، نذير شيخ، اشفاق قاضي، غالب لطيف، وغيره ”روح رهاڻ“ ۾ پنهنجون ڪهاڻيون ڇپرايون. ان دور ۾ علي بابا، شوڪت راهي، طارق اشرف ۽ عبدالقادر جوڻيجو جهڙا ڪهاڻي نويس به سنڌي ادب کي نصيب ٿيا.

سن 1966ع ۾ طارق اشرف ”سهڻي“ رسالو ڪڍيو، جنهن ٿوري ئي عرصي ۾ سنڌي ادب کي نين ۽ سهڻين ڪهاڻين سان مالا مال ڪري ڇڏيو. اقبال جتوئي، ٺاڪر شرما، ظفر شاهه ۽ سليم قاضي جهڙا ذهين ۽ اُڀرندڙ ڪهاڻي نويس سنڌي ادب کي ”سهڻي“ جي معرفت ئي مليا آهن.

اڄ به ”مهراڻ“، ”نئين زندگي“، ”روح رهاڻ“ ۽ ”سهڻي“ سنڌي ڪهاڻين کي عروج تي پهچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن، ۽ اسان وٽ اهڙيون ڪهاڻيون ۽ ڪهاڻي نويس آهن، جن جي ڀيٽ اسان جي ٻين ترقي يافته ٻولين جي ڪهاڻين ۽ ڪهاڻي نويسن سان ڪري سگهون ٿا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org