اڻ پورو انسان
]پهريون
باب[
گهڙيال هلڪي هلڪي موسيقيءَ سان پنج وڄايا ۽ هن جي
اک کُلي وئي. ڪمري ۾ زيرو بلب جي جهڪي ۽ ننڊا کڙي
روشني پکڙيل هئي. درن ۽ درين تي ريشمي تار واري
سوسيءَ جا پڙدا لڙڪيل هئا. صبح جي هير جو هلڪو
جهونڪو لڳو ۽ ريشمي پڙدا لڏڻ لڳا. سامهون ڀت تي
هڪڙي پينٽنگ ٽنگيل هئي جنهن ۾ اترادي ڍڳي گاڏيءَ
تي هڪڙو پوڙهو گاڏر ويٺو هو. ڇنل ڦاٽل ڪپڙا، ميري
پڳ، ڏرا ڏيئي ويل اکيون، منهن ۾ گهنجن جو ڄار ۽ بي
نشان ۽ بي منزل جو ٿڪ! هن موهن جي دڙي کان اها ڍڳي
گاڏي ڊڪائي هئي ۽ اڄ صدين جي سفر کان پوءِ به هن
کي منزل نه ملي هئي، منزل جو ڪو نشان نه مليو هو.
ان بي نشان ۽ بي منزل سفر جي چيچلائيندڙ ٿڪ ۾ هن
جي سَنڌ سَنڌ ڍڳي گاڏي وانگر چيچاٽ ٿي ڪيا. پوڙهي
گاڏر جي ڀر ۾ هڪڙو ننڍڙو ٻار ويٺو هو. مٿي تي ٽڪ
جي ٽوپي، پاسي تي ڳچي وارو ململ جو چولو، ڳچيءَ ۾
چانديءَ جو تعويذ. ٻارڙي جي چپن تي مرڪ هئي. هن جي
مرڪ باک وانگر ٿي بکي. وقت جي دز هن جي مرڪ جي باک
لٽي ڇڏيندي. هن جي منهن تي به گهنج هوندا، صدين جي
سفر جو چيچلائيندڙ ٿڪ هوندو ۽ هن کي به ڪا منزل نه
ملندي، منزل جو ڪو نشان نه ملندو!
ڪمري جي ڀتين تي ٻيون پينٽنگز به ٽنگيل هيون، سڀني
جو پس منظر سنڌي هو، ڀتين سان لڳ بڪ شيلفز تي سهڻا
سهڻا ڪتاب ڊيڪوريشن پيسيز طور سينگاريل هئا. شيلفز
جي مٿان پلاسٽڪ آف پيرس جون مورتيون رکيون هيون
هڪڙي مورتي جواڻ جماڻ شيدي عورت جي هئي. ڪارو ڪارو
ترڪندڙ ۽ جرڪندڙ بت، سيٽيل ۽ تاڻيل انگ، کهرن جذبن
جهڙا کهرا مهانڊا! ٻي مورتي شيدي مڙد جي هئي. ڪشيل
ڪمان وانگر ڪشيل بت، ڪنن ۾ والا، چپن تي تازي گوشت
جهڙو ڳاڙهو ڳاڙهو رنگ. هو پلٿي ماري، وات ڦاڙي،
رانن ۾ ڦاسايل دهل وڄائي رهيو هو. اهڙيون ٻيون به
گهڻيون ئي مورتيون هيون. هڪڙي مورتي موهن جي دڙي
جي نچڻيءَ جي هئي جيڪا نرت جي هڪ خاص انداز ۾ بيٺي
هئي. وقت هن تان لنگهي ويو هو، صديون هن کي
اورانگهي ويون هيون پر هوءَ ائين ئي نرت جي هڪ خاص
انداز ۾ بيٺي هئي. ان مورتيءَ کي گهڙيندڙ سنگتراش
فنا ٿي ويو هو پر هن جي هٿن جي روشني اڄ به فروزان
هئي.
سامهون واري دريءَ وٽ ريڊيو گرام تي جيوڻي، ڀڳت
ڪنور، استاد عاشق علي خان ۽ ٻين ڪلاسيڪي ۽ نيم
ڪلاسيڪي ڳائڻن جا ريڪارڊ، فريم ٿيل تصويرون، ۽
پلاسٽڪ جي رنگ برنگي پر خوشبو کان عاري گلن جي
کاري پئي هئي. پلنگ جي پاسي واري ٽيبل تي هالن جي
جنڊيءَ جي ٽيبل ليمپ ايش ٽري، سگريٽ جو پاڪيٽ،
ماچيس ۽ ڪتاب رکيو هو.
ڪتاب جي ڀرسان چانهه جو ڪوپ پيو هو، جنهن مان هلڪي
هلڪي ٻاڦ ٿي نڪتي. روزانو نوڪر هن جي اٿڻ کان هڪ
منٽ اڳ چانهه جو ڪوپ ٺاهي سائيڊ ٽيبل تي رکي ويندو
هو. پوري پنجين لڳي گهڙيل موسيقيءَ جي هلڪن سرن
سان هن کي جاڳائيندو هو. هر روز هن جي اک کلندي
هئي ته هو ڪمري جو جائزو وٺندو هو. هر شيءِ ساڳي
هئي، ساڳئي هنڌ هئي، ۽ هن جي زندگي جو حصو هئي
ايتري ويجهي هئي جو ڪڏهن ڪڏهن هن کي انهن جي
موجودگيءَ جو احساس ئي نه ٿيندو هو.
صبح جي هير جو جهلڪو ٻاهر لان ۾ بيٺل گلن جي هٻڪار
اندر کڻي آيو ريشمي پڙدا لڏيا، ۽ هن اونهو ساهه
کنيون، ساهه کڻڻ سان هن کي کنگهه ٿي. هو اهڙي طرح
کنگهڻ لڳو جيئن هن جي کنگهه جو آواز ٻاهر نه وڃي.
هن کي پنهنجي کنگهه جي اڻ وڻندڙ آواز کان وحشت
ٿيندي هئي. پوءِ کنگهه سان ننڊ جا آخري کيپ به لهي
ويندا ۽ هو پوريءَ طرح جاڳي پوندو ۽ هٿ وڌائي
چانهه جو ڪوپ کڻندو، هلڪيون هلڪيون سرڪيون ڀريندو،
سگريٽ دکائيندو. سگريٽ جي پهرين سوٽي سان وري مٿس
کنگهه جو دورو پوندو. وري ساڳي ڪار! ساڳي ساهه
ٻوساٽ، بت ولوڙ ۽ دل جو دهڪو! ڪڏهن ڪڏهن کنگهه سان
رت به ايندس اصل رت جا گرڙا نڪرندس. وڏن وڏن
ڊاڪٽرن جو علاج ڪرايو هئائين. ايڪسري ڪڍرايا
هئائين. سندس ڦڦڙ بلڪل ٺيڪ هئا کنگهه سان ساهه جي
نليءَ سان رت جي ننڍڙي شرياني ڇڄي پوندي هئي ۽ رت
ٺينڊيون ڪري وهندو هو.
سگريٽ پورو ڪري هو باٿ روم ۾ ويندو. ڏاڙهي ڪوڙي،
وهنجي سهنجي، ريشمي گاؤن پائي، آرام ڪرسي تي آهلي
سگريٽ پيئندو يا اخبار پڙهندو ۽ ريڊيو گرام تي ڀڳت
ڪنور، جيوڻيءَ يا استاد عاشق علي خان جا ريڪارڊ
چاڙهي ٻڌندو، پوري ستين لڳي سندس زال جو آواز گهر
جي خاموشي کي چيريندو هن جي ڪنن سان ٽڪرائيندو هو.
هوءَ نوڪرن کي تڙيون ڏيندي، بت جي سموري طاقت سان
رڙيون ڪري ڳالهائيندي. سندس آواز تيز، تکو، چيڪلو
۽ چڀندڙ هو. سارو گهر سندس آواز سان پڙاڏجي ويندو.
هن جون رڙيون ۽ پٽڪو ويتر وڌي ويندو. انهيءَ وچ ۾
هو ناشتو ڪري تيار ٿي ويهندو. زال جون رڙيون ۽
پٽڪو ڪٽڪو کيس ياد ڏياريندو ته آفيس جو وقت ٿي ويو
آهي. هو ڪپڙا مٽائي آفيس وڃڻ جون تياريون پيو ڪندو
ته سندس زال اچي ڪڙڪندي. ٻاهران ئي رڙيون ڪندي،
ڪنهن نه ڪنهن ڳالهه تان هن سان وڙهڻ لاءِ ايندي.
زوم سان در کُلندو ۽ سندس زال نمودار ٿيندي. ٿلهي،
بي ڊولي ۽ بلڊپريشر جي مريض. پنهنجو پاڻ کان
بيزار، زندگيءَ کان بيزار نوڪرن کان بيزار اها
بيزاري ڪڙاڻ بڻجي سندس آواز ۾ مڙي ايندي. ايترو ته
زور ڏيئي ڳالهائيندي جو پنهنجي ئي زور ۾ پئي
سهڪندي هو ماٺ ڪري ويٺو ٻڌندو. زال جي آواز جي
تيزي ڪڙاڻ ۽ بيزاري هن تي ڪو اثر نه ڪندي، ڄڻ هن
کي لوهي زره پئي هئي ۽ هن جي زال جا زهر ۾ ٻڏل
لفظن جا تير هن تي چڙهيل لوهي زره سان ٽڪرائجي،
مُڏا ٿي ڪِري پوندا هئا. هن جي ماٺ تي زال کي وڌيڪ
مٺيان لڳندي ۽ سندس آواز وڌيڪ تيز ۽ ڪڙو ٿي ويندو
۽ هن کي پنهنجي زره ٽٽندي محسوس ٿيندي.
”سارو ڏينهن ان بچBitch
سان مئو پيو آهين. ڪا گهر جي به ته سار لهه.“
عين ان وقت ريڊيو گرام تي عاشق علي خان جو آواز
ايندو:
جادو لائي ويا جيءَ ۾
ڇا هيءَ اها ساڳي سڪينه هئي جنهن هن جي جيءَ ۾
جادو لاتو هو. جنهن جي اکين جي اوناهين ۾ هن کي
زندگيءَ جا سمورا اسرار لڪل نظر آيا هئا. جنهن جا
هٿ گلاب ۽ پير پدم هئا. جنهن جي چيلهه چيهي جهڙي
هئي. جنهن جا وار اسرار هئا ۽ جنهن سان هن ادب،
آرٽ انقلاب ۽ زندگي جي باري ۾ راتين جون راتيون
ريهاڻيون ڪيون هيون ۽ جنهن هن جي زندگيءَ جو رخ
ڦيري ڇڏيو هو.
”ڇو اچي پڇاڙيءَ ۾ بڇڙو ٿيو آهين. شهر ۾ پنهنجا
اسڪينلڊلز ته ٻڌ. اهو وقت وساري ڇڏيئه جڏهين سڃيو
بکيو هئين ۽ مون...“
هاڻي هن کي پنهنجي زره سان گڏ پنهنجي هستي، پنهنجو
وجود ڀڄندو ڀرندو محسوس ٿيندو. هو يڪدم ٽپ ڏيئي
اٿندو ۽ تکيون وکون کڻندو ٻاهر نڪري ويندو.
هن جي بنگلي جي ايراضي چئن ايڪڙن ۾ پکڙيل هئي
بنگلي جي چوڌاري ننڍڙي چؤديواري هئي، هڪ حصي ۾ هن
جو رهائشي بنگلو ۽ ٻي حصي ۾ آفيس جي عمارت هئي.
باقي بچيل ايراضيءَ ۾ باغ لڳل هو ۽ گهاٽا گهاٽا وڻ
هئا. هو بنگلي مان نڪري آفيس ڏانهن ويندو. پريان
وڻن جي هيٺان عرضدار، فريادي، ملاقاتي، شاهد،
پوليس گارڊ جا سپاهي ويٺا هوندا. هن کي ڏسي پوليس
گارڊ جا سپاهي بندوقون ۽ پنهنجي پوليس بوٽن جون
کڙيون کڙڪائي هن کي سلامي ڏيندا. عرضدار، فريادي ۽
قيدي ادب وچان اُٿي بيهندا پر هو ڪنهن ڏانهن به نه
نهاريندو. ڪنهن جي سلام جو جواب به نه ڏيندو. ڪنڌ
جهڪائي، تکيون تکيون وکون کڻندو پنهنجي آفيس ۾
پهچي ويندو. آفيس جي در تي بيٺل نائڪ يڪدم ٽپ ڏيئي
اٿندو، جهڪي هن کي سلام ڪندو. پر هو سندس سلام جي
جواب ڏيڻ کان سواءِ اندر هليو ويندو ۽ وڃي ڪرسي تي
ويهندو. ڪرسيءَ تي ويهڻ سان هن کي محسوس ٿيندو ته
هن جي وکريل وجود، هن جي ڀڳل ڀريل هستي، هن جي ٽٽل
زندگيءَ ۾ طاقت ايندي ٿي وڃي. ڪرسيءَ ۾ ڪا ازغيبي
طاقت لڪل آهي جيڪا ڪرسيءَ مان نڪري آهستي آهستي هن
جي ساري هستي، هن جي ساري وجود ۾ پيهندي ٿي وڃي.
سامهون رکيل وڏي شاهي ميز، ميز تي پيل فائيلون
جيڪي عرضدارن ۽ واسطيدارن جون تقديرون هيون. ڪال
بيل، پيرن هيٺان ٿلهي تهه ۽ بج وارو قيمتي قالين.
درن ۽ درين تي لڙڪندڙ ٿلها پڙدا. ديوارن تي
سينگاريل پراڻي زماني جون بندوقون، پستول، تلوارون
۽ ڍالون. هر هڪ شيءِ مان طاقت ۽ قوت ڦاٽ کائي ٿي
نڪري ۽ هن جي وجود ۾ پيهندي ٿي وڃي. هن جي اکين تي
طاقت جي خمار جا کيپ چڙهڻ لڳندا. چپن تي عجيب
مطمئن مُرڪ تري ايندي ۽ هو مٿو ڪرسيءَ جي ٽيڪ تي
رکي ڇڏيندو ۽ پنهنجي وجود ۾ محسوس ٿيندڙ ان طاقت
سان مزو وٺندو پوءِ آهستي آهستي هٿ وڌائي ڪال بيل
کي ڇُهندو سندس ڇهاءَ سان نائڪ اچي حاضر ٿيندو.
اڇي زين جو ڊگهو ڪوٽ، چيلهه ۾ سنهري پٽو، ڪلهي کان
چيلهه تائين ٻيو پاسيرو پٽو، ٻانهن تي نائڪيءَ جون
ڦيٿون، مٿي تي اڇي لنگي جنهن جي هڪ طرف جهالر
لڙڪيل هوندي، خضاب لڳل وڏيون ۽ وٽيل مڇون منهن ۾
رعب ۽ حشمت. هن جي سامهون اچي ڏاڍي ادب سان جهڪي
سلام ڪندو ۽ سندس وٽيل وڏين مڇن ۽ منهن تي ڇانهيل
رعب ۽ حشمت غلاماڻي نهٺائي ۽ نماڻائيءَ ۾ بدلجي
ويندي.
”پاڻي...“ هو آهستي چوندو
نائڪ غير معمولي ڦڙتيءَ سان حڪم جي تعميل ڪندو ۽
پليٽ ۾ پاڻيءَ جو گلاس رکي ڏاڍي ادب سان هن جي آڏو
پيش ڪندو. هو پاڻي پي سگريٽ دکائيندو. سگريٽ جا
سوٽا هڻندو هاڻي سگريٽ سان کنگهه بلڪل نه ٿيندي.
نائڪ کي اشارو ڪندو ۽ آفيس جو ڪم شروع ٿي ويندو.
ساري ضلعي جو انتظام، امن امان، زمينن جا جهيڙا،
کاتي مٽ جا ڦڏا، ڏوهه ڏوهاري، فريادي، جوابدار،
ڪوڙا شاهد، پوليس جا هٿ ٺوڪيا ڪيس، ڪارو ڪاري،
زوري زنا، لونڊي بازي، ڏوهارين کي بي ڏوهي ۽ بي
ڏوهين کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ لاءِ وڪيلن جون دليل
بازيون، ڊاڪٽرن جا ڪوڙا سرٽيفڪيٽ، پوسٽ مارٽم جون
ڪوڙيون رپورٽون...
آفيس جو ڪم ختم ٿيندو ۽ هو گهر اچي آرام ڪندو. شام
ٿيندي ته هو وهنجي سهنجي تيار ٿي بيگم نسيم جي گهر
ويندو. شراب جا دور هلندا، فليش، رمي، برج، اڌ رات
جو هو گهر موٽي ايندو. ائين ئي هن جي زندگيءَ جون
صبحون طلوع ٿينديون هيون ۽ ائين ئي الهي وينديون
هيون.
هن کي هڪڙو پٽ هو ۽ هڪڙي ڌيءَ. ٻئي ٽيلر ماسٽرز،
ڊرائي ڪلينز، هيئر ڊريسرز ۽ بيوٽي پارلرز جا
گهمندڙ ڦرندڙ اشتهار هئا. هالي ووڊ جون فلمون،
فرينڪ سناٽرا، ايلس پرسلي، بٽيلز جا نغما، اهوئي
سندن ڪلچر هو. ٻئي مشن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ پڙهيا
هئا. هن جي پٽ جو نالو جمال هو پر دوست هن کي جمي
سڏيندا هئا. هن جو ثقافتي ۽ آدرشي وطن آمريڪا هو ۽
هو آمريڪا وڃڻ جي تيارين ۾ هو.
هن جي ڌيءَ جو نالو رضيه هو. پر سڀ هن کي روزي
سڏيندا هئا. عورتن جي آزادي، فيشن شوز، ڪلچرل شوز،
بيوٽي پارلرز، ڪاسميٽڪس، ڪلونز- هيئر اسٽائيلز،
گليمر ئي گليمر! هن پنهنجي ٻنهي ٻارن سان تعلق
ٽوڙي ڇڏيو هو ۽ ٻنهي کي سندن حال تي ڇڏي ڏنو هو.
هڪڙي ڏينهن پوليس هڪ نوجوان کي هٿڪڙيون هڻي هن جي
اڳيان پيش ڪيو. سنهون بت، ڊگهو قد، وڏا وار، وڏيون
اکيون جن ۾ خوابن جا خمار، منهن تي اهڙي نرمي ۽
سٻاجهائي جيڪا لاڏ ڪوڏ ۾ پليل نوجوانن جي منهن تي
هوندي آهي پر ان نرمي ۽ سٻاجهائيءَ مان بکندڙ
ارادي جي ارڏائي ۽ اڙٻنگائي!
ڏتڙيل هاري، ڏتڙيل مزور، ڏتڙيل قوميتون، ڏتڙيل
ٻوليون... هيڏي اونده، هيڏو انڌوڪار! ان اونداه ۽
انڌوڪار کان اڳتي سونهن سوجهرو ۽ سرهائي! هن جي
هڪڙي اک وٽ نيرو داغ هو. شايد پوليس هن کي مار ڏني
هئي. نوجوان پنهنجي خوابن ۾ خماريل اکيون هن ۾
کپائي ڇڏيون ۽ هو ڄڻ هن جي اکين جي منڊ ۾ منڊجي
ويو. بنهه بي خياليءَ ۾، بي جان بوتي جيئن، پنهنجي
ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ ننڍيون ننڍيون وکون کڻندو ان
اسٽيج تان لٿو جنهن تي سندس ميز ۽ ڪرسي رکي هئي.
هو اسٽيج تان لهي جوابدارن واري ڪاٺيءَ جي ڪٽهڙي
وٽ اچي بيٺو ۽ ان نوجوان کي ائين ڏسڻ لڳو ڄڻ هو ان
نوجوان کان اڳتي گهڻو اڳتي وقت جي فاصلن جي هن
پارپنهنجي ڪنهن خواب ۽ ڪنهن آدرش کي ڏسي رهيو هو.
هن بي خياليءَ مان ڪٽهڙي تي رکيل نوجوان جي هٿ کي
ڇهي ڏٺو. ڄڻ هو پنهنجي خواب ۽ آدرش کي ڇهي رهيو
هو. اوچتو هن کي کنگهه ٿي. اندر ئي اندر جهڄڻ ۽
ولوڙجڻ لڳو. ساهه جي نليءَ مان رت جي ننڍڙي شرياني
ڇڄي پئي. سندس وات مان رت جو گرڙو نڪري آيو. هن
يڪدم کيسي مان رومال ڪڍي وات تي رکيو ۽ تکيون
تکيون وکون کڻندو چيمبر ۾ هليو ويو.
شوڪت حسين شورو
آغا صاحب جو
ناول همه اوست
تازو سنڌ ۾ ڊاڪٽر نور افروز خواجه جي پي ايڇ ڊي
ٿيسز ”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر“ ڪتابي
صورت ۾ ڇپجي پڌري ٿي آهي. ان ڪتاب ۾ 1947ع کان وٺي
1994ع تائين ڇپيل ناولن جي لسٽ ڏني وئي آهي.
انهيءَ لسٽ کي جيڪڏهن اسين 1980ع تائين محدود
ڪريون ته انهن 33 سالن ۾ 58 اصلوڪا ناول ڇپيا آهن.
پر انهن مان فقط 10 کن ناول ذڪر جي قابل آهن.
محمد عثمان ڏيپلائي: سانگهڙ 1963ع
سراج: پڙاڏو سوئي سڏ (1970ع)
آغا سليم: روشنيءَ جي تلاش (1960ع)،
اڻ پورو انسان، اونداهي ڌرتي روشن هٿ (1978ع)
حليم بروهي: اوڙاهه (1975ع)
ماڻڪ: لڙهندڙ نسل (1971ع) رڃ ۾
پڙاڏا (1978ع)
قاضي خادم: پيار ۽ سپنا (1977ع)
طارق اشرف: ميرو ڌاڙيل (1980ع)
اسي واري ڏهاڪي ۾ سنڌي ناول جي لکڻ ۽ ڇپجڻ جي
رفتار ۾ ڪجهه تيزي نظر اچي ٿي. ان ڏهاڪي ۾ 18 ناول
ڇپيا، جن ۾ سراج ميمڻ، آغا سليم، علي بابا، ماڻڪ ۽
نجم عباسيءَ جهڙن نامور ڪهاڻيڪارن جا ناول شامل
آهن.
تصوف ۽ ويدانت سنڌي شاعريءَ جو روح آهي. افسانوي
ادب ۾ ان موضوع تي پهريون ڀيرو آغا سليم ”همه
اوست“ جي نالي سان ناول لکيو. همه اوست جو مطلب
آهي
All is he.
تصوف ۾ وحدت الوجود جي فلسفي موجب هرموجودات هڪڙي
ئي وجود ۾ سمايل آهي. يعني هر شئي خدا آهي. جيئن
ويدانت ۾ آهي :اهم برهماسمي. آغا سليم جو ناول سنڌ
جي ان تاريخي دور سان تعلق رکي ٿو. جنهن ۾ شاهه
عبداللطيف ڀٽائي، صوفي شاهه عنايت، خواجه محمد
زمان لنواري وارو ۽ مخدوم معين ٺٽوي جهڙا صوفي ۽
سيڪيولر بزرگ موجود هئا. ان وقت سنڌ تي مغلن جي
حڪومت هئي. سنڌ جي لاڙ واري علائقي ۾ جهوڪ جي شاهه
عنايت ”جيڪو کيڙي سو کائي“ جو ڪميونواد نظريو عمل
۾ آندو. آسپاس جي جاگيردارن ۽ وڏيرن کي ڊپ لڳو ته
سندن هاري به باغي بنجي ويندا. ٺٽي جي مغل گورنر
هنن جي دانهن تي فوج چاڙهي موڪلي شاهه عنايت
پنهنجن ساٿين سان گڏ فوج جو مقابلو ڪندي شهيد ٿي
ويو. ”همه اوست“ سنڌ جي ان سياسي ۽ سماجي پس منظر
۾ لکيل ناول آهي، جنهن جي اڻت ۾ تصوف ۽ سيڪيولرزم
کي بنيادي حيثيت آهي.
نصير مرزا
آغا سليم جي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾: صنفِ نازڪ
زندگي عورت جيان آهي، جيئن تون کيس ٺوڪرون هڻندين،
تيئن پيرن ۾ ڪرندئي ۽ جيئن تون سندس پيرن ۾
ڪرندين، تيئن هوءَ تو کي ٺوڪرون هڻندي -آغا
سليم
سنڌي افسانوي ادب ۾ سنڌ جي ڪهاڻيڪارن پنهنجي
رومانوي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ ڇا ته دلفريب محبوبائون
۽ معشوقائون متعارف ڪرايون آهن. پر هتي سوال آهي،
ته ڇا اِهي سڀ محض خيالي ڪردار يا خود تخليقارن/
ڪهاڻيڪارن جون ڏٺل وائٺل ۽ سندن ذاتي زندگيءَ ۾،
واقعي به آيل ۽
آزمايل
عورتون؟ هونئن اهڙن ڪن امڪانن کي رد به ته نٿو ڪري
سگهجي. مثال طور سنڌ ۾ رومانوي افسانا لکندڙن مان
سڀ کان اول ته نادر بيگ ابن مرزا قليچ بيگ... چون
ٿا، شخصي لحاظ کان نادر بيگ گڊ لُڪنگ، ويل
ايجوڪيٽڊ ۽ هينڊسم مرد هو، جنهن لاءِ خاندان جون
خواتين به گواهي ڏينديون آهن... ته ڇا پارسي، ڇا
هندو ۽ ڇا مسلمان ڇوڪريون... نادر بيگ تي اڪن ڇڪن
ئي رهنديون هيون. نتيجتن هن پنهنجي افسانن ۾ اهڙين
حسينائن جا جيڪي نالا ڄاڻايا آهن، اهي آهن:
موهني، خورشيد ۽ زاهده وغيره.
نادر بيگ کان پوءِ ٻيو وڏو رومانوي سنڌي افسانه
نگار هو سرڳ واسي موهن ڪلپنا. عشق ڪرڻ ۾ هن
ڪهاڻيڪار به دنگ ڇڏائي ڇڏيا. چون ٿا موهن ڪلپنا
قدآور هو، سانورو بانورو ۽ سٺن ساروپن وارو هو. ان
ڪري گمان غالب آهي، ته هو جيئن پنهنجي ذاتي
زندگيءَ ۾ ديوداس هو، ايئن ئي پنهنجي افسانن به هن
پاڻ کي پيش پئي ڪيو. سنڌي افسانه نگارن جي اهڙيءَ
خوشنما کيپ ۾، هن وقت منهنجي پيشِ نظرصرف ’جناب
آغا سليم‘آهي.
منهنجو هي به خيال آهي ته سنڌ ويهين صديءَ ۾
سينيئرس مان اهي ئي ٽي حسين ترين رومانوي افسانه
نگار پيدا ڪيا. جن ۾ اول نادر بيگ مرزا، پوءِ موهن
ڪلپنا، ۽ تاحال آغا سليم. انهن افسانه نگارن ۾ آغا
سليم صاحب کي هيءَ انفراديت ۽ فوقيت حاصل آهي، ته
هن بيانيه انداز ۾ نڪور رومانوي تشبيهون ۽ استعارن
سان افسانوي ادب کي مالا مال ڪري، جديد سنڌي
افساني کي نئون ڊائمينشن ڏئي ڇڏيو آهي. چوڻ وارا
هي به چون ٿا، ته آغا صاحب ڦوهه جوانيءَ دوران
پنهنجي
Look
۾ بي حد خوبصورت انسان رهيو آهي. سندس سڀاءُ پڻ
رومانوي ٻڌايو وڃي ٿو. ان ڏس ۾ قاضي خادم صاحب جو
بيان آهي، ته پاڻ آغا صاحب کي سٺ جي ڏهاڪي ۾ ڪنهن
رسالي جي آفيس ۾ ڏٺو هو. ان وقت هو وڏي گهيردار
شلوار، ان تي پهراڻ ۽ پهراڻ تي صدري پاتل هڪڙو
سمارٽ پٺاڻ نوجوان پئي نظر پئي آيو. جنهن جو قد ان
وقت به قريب قريب 6 کن فٽ هو. خير... آغا صاحب جي
پهرئين افسانوي مجموعي جو نالو هو ”لذتِ گناهه“ ۽
ان ۾ صرف 17 ورهين جي ڦوهه جواني ۾ سندن لکيل
پهرين افساني جو عنوان هو”آهه! اي ظالم سماج“.
آغا صاحب جي پيدائش جو سال 1935ع ۽ شاديءَ جو سال
1960ع آهي. يعني صرف 25 هن سالن جو حَسِين شهزادو
آغا سليم جيڪو انهيءَ کان اڳ جو حُسن جي وادين ۾
آواره خرامي ۽ آوارگي ڪري ها...يا جواني جا ڀرپور
لطفڙا هتان هُتان ماڻي ها... پنهنجي ئي عزيزه
ياسمين آغا صاحبه سان لائون لهي چڪو. کانئن هڪڙي
ڀيري پڇيم 1963ع کان وٺي جڏهن اوهين ريڊيو پاڪستان
۾ هڪ اعليٰ منصب
جا آفيسر ٿيا... ۽ بيحد سمارٽ ۽ خوبصورت شخصيت جا
مالڪ هئا. تڏهن پڪ سان ته ڪي خواتين... ۽ اُهي به
۽ حد کان وڌيڪ اوهان جي ويجهو... آيون ضرور
هونديون؟ (۽ مون کي ياد آهي ڪن نامور خواتين هستين
کي، مون آغا صاحب ڏانهن آسائتين اکين سان تڪيندي
به ڏٺو هو.) تڏهن آغا صاحب ٻڌائڻ لڳا، انهن منجهان
هڪڙي خاتون بيشڪ ته مون کي شادي لاءِ به چيو... پر
وراڻيومانس: توسان هي رومانس پنهنجي جاءِ تي... پر
شادي؟ ...۽ اها ان لاءِ نه! جو ’ياسمين‘ منهنجي
شريڪ حيات... منهنجي پسند آهي. ۽ جڏهن اها منهنجي
هر سُک جو خيال ڪندي ٿي رهي... تڏهن ان جي مٿان،
پهاڄ ڇو؟.
بهرڪيف مارچ 1963ع ڌاري 28 ورهين جي ڄمار ۾ آغا
صاحب جي افسانن جو جيڪو ٻيو مجموعو شايع ٿيو ان جو
نالو هو ”چنڊ جا تمنائي“. ان ۾ سندن ڪل 11 ڪهاڻيون
آهن. سڀ کان اول ”نيٺ بهار آيو“. جنهن جي نائڪا جو
نالو آهي: ’هري‘. جيڪا هڪڙي پورهيت ڪڇي
گهراڻي جي سُٺي هاٺي ڪاٺي واري خوبصورت نوجوان
نينگري آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ ان خاتون سان ڪهاڻيءَ جي
هيرو جو عشق ڏيکاريل آهي. ساڳي ڪهاڻيءَ ۾ ڪشميري
گهراڻي سان تعلق رکندڙ حسين و جميل ’نسرين‘
جو به هڪڙو اهم ڪردار آهي. ايئن ٻن دلفريب عورتن
سان عشق ۾ اٽڪيل... افساني جي هيرو يا خود ڪهاڻي
جي ليکڪ آغا سليم صاحب جو، عورت ذات بابت
ههڙو تجزيو هو:
-
يار! عورت کي سمجهڻ! خدا کي سمجهڻ کان به وڌيڪ
ڏکيو آهي.
ان مجموعي ۾ آغا صاحب جي ٻي ڪهاڻي، ”خوابن جا
سوداگر“آهي. ان ۾ وري هڪڙي پڙهيل ڳڙهيل ۽ سُلجهيل
ڇوڪرِي ڏيکاريل آهي. جنهن جو نالو آهي ’عذرا‘.
ساڳي مجموعي ۾ ڪهاڻي ”سڄڻ نت سوجهرو“ جي نائڪا جو
نالو وري ’شيرين‘ ڄاڻايل آهي. جنهن جي حُسن
جي واکاڻ... ڪهاڻيڪار هن طرح سان ڪئي آهي.
-
شيرين!
ايئن سمجهو... ته شاهه جي مومل جو، ڄڻ ٻيو جنم
هئي.
انهيءَ رومينٽڪ ڪهاڻيءَ بعد ٽئين ڪهاڻي جو عنوان
آهي ”ڊڄڻي“! جنهن ۾ نائڪا جو نالو پڻ هڪ ڀيرو ٻيهر
”نسرين“ ئي رکيو ويو آهي. ڀانئجي ٿو
عذرا نالي وانگر هي ٻيو نالو ’نسرين‘
به آغا صاحب جي ڪو پسنديده ترين نالن منجهان هڪ
آهي. جو ڪهاڻي ”نيٺ بهار آيو“ کانپوءِ پاڻ هن
ڪهاڻي
”ڊڄڻي“
جي نائڪا جو نالو به ’نسرين‘ ئي تجويز ڪيو
اٿن. ”ڊڄڻي“ ڪهاڻيءَ ۾ ٻي خاتون جو نالو ’نسيم‘
آهي ۽ اهو نالو به لڳي ٿو ته آغا صاحب جي بي حد
پسنديده نالن مان هڪ آهي. ڪهاڻي ”ماريم پنهنجي
پرينءَ کي“ ۾’عذرا‘
نالو... وري نمودار ٿو ٿئي. جڏهن ته ڪهاڻي ”چنڊ جا
تمنائي“ جي هيروئن جو نالو ’فهميده‘ آهي. ۽ بقول
ڪهاڻيڪار:
-
فهميده،
هروڀرو ڪا اهڙي سهڻي ڪا نه هئي، پر مون کي ان جي
اکين ۾ چنڊ چمڪندو نظر ايندو هو.
هاڻي پنجاهه ورهين جي ڄمار ۾ آغا صاحب جي ڪهاڻين
جو ٽيون مجموعو شايع ٿيو ”ڌرتي روشن آهي“. انهيءَ
اداس ۽ رومانوي افساني جي پختا ڄمار ۽ ميچوئرڊ
پڙهيل لکيل نائڪا جو نالو ڄاڻايل آهي ’رضيه‘!.
آغا صاحب جي ٻين رومينٽڪ ڪهاڻين وانگر هيءَ
’رضيه‘ به رومينٽڪ خاتون آهي. ۽ ان حد تائين
بولڊ... جو افساني جي هيرو سان هوءَ شهر جي هوٽل ۾
ويهي ڪافي پيئڻ لاءِ به راضي ٿي وڃي ٿي. ۽ ايتري
تائين جو هيرو سان هوءَ... عورت-عورت جي وچ ۾
ٿيندڙ جنسي عمل ’ليزبين ازم‘ کي به ڏاڍو بولڊلي
ڊسڪس ڪرڻ ٿي لڳي. ان ڪهاڻيءَ کان پوءِ ٻي ڪهاڻي
آهي ”کڙندا کٽڻهار“. ان جي نوخيز ترين نائڪا جو
نالو ’عائشه‘آهي. هن ڪهاڻيءَ جو
Locale
ڳوٺاڻو آهي. هيستائين آغا صاحب جي جن ڪهاڻين جو
مطالعو مون کي رهيو، انهن مان گهڻيون ڪهاڻيون شهرن
جي پسمنظر ۾ هيون. جڏهن ته هن ڪهاڻي ”کڙندا
کٽڻهار“ ۾ ڳوٺاڻي رومانس جا نمونا پڙهڻ لاءِ ملن
ٿا. ڳوٺن ۽ شهرن جي پسمنظرن ۾ آغا صاحب جي لکيل
ڪهاڻين مان مون ڄاتو... ته هو ... منظر نامي...
اسڪرين پلي ۽ بيانيه اسلوب جو ڪهاڻيڪار ٿيڻ وڌيڪ
پسند ٿو ڪري. ڪهاڻي ”کڙندا کٽڻهار“ ۾ سندن هي ڇا
ته اسڪرين پلي جو ڍنگ آهي.
-
ننڍڙي ريلوي اسٽيشن، جنهن تي هوءَ ماءُ سان گڏ لهي
ٿي... ان کان اڳتي ڳوٺ جي مسجد... جنهن ۾ نم جو
وڏو وڻ.
-
هڪڙي ڪکائين هوٽل... جنهن ۾ ڳوٺاڻا، لمليٽ ۽ چانهه
پي رهيا هئا.
ڪهاڻي ”شڪست جو آواز“ ۾ نائڪا جو نالو ’زيبُو‘آهي.
جيڪا هڪڙي ڳوٺاڻي نينگر آهي. ان صنفِ نازڪ جي
تعريف، آغا صاحب هنن لفظن ۾ ڪئي آهي.
-
هُن جا ڪڪرن جهڙا ڪارا وار هئا، جيڪي ساري وجود تي
وڇائجي، ميگهه ملهار لائي رهيا هئا.
آغا صاحب جو ننڍڙو ناولٽ يا طويل ڪهاڻي ”روشني جي
تلاش“ اپريل 1980ع ۾ شايع ٿيو. هن ناول ۾ ڪراچيءَ
جي هڪ پوش علائقي ۾ نوڪري پيشه خوشحال نوجوان جي
ڪهاڻي آندل آهي، جنهن کي شام جي سئر وقت ان علائقي
۾ بقول آغا صاحب:
-
بت سان چهٽيل لباس واريون ڇوڪريون نظر اينديون
آهن، سندن جوڀن... ڪپڙن جا بند ڀڃڻ لاءِ اٿلون پيو
ڏيندو هو، ڄڻ سندن لباس جا سڀئي
ٽاڪا ڄاڻ ته ٽٽا.
۽ منجهائن اهڙي هٻڪار ايندي، ڄڻ اُهي ڇوڪريون،
گهمندڙ ڦرندڙ گلستان هجن.
ان ناولٽ ”روشني جي تلاش“ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر عورت
ڪردار جو نالوآغاصاحب
’نسيم‘
رکيو آهي. ۽ جيئن مون لکيو،آغا صاحب اهو نالو ان
کان اڳ ڪن ٻين افسانن ۾ به بار بار استعمال پئي
ڪيو آهي. خير هن افساني واري ’نسيم‘ جي
واکاڻ ڪندي، آغا صاحب لکيو آهي:
-
نسيم... تڏهن... هاڻي کان وڌيڪ حَسين هئي، هوءَ
پنهنجي حُسن ۾ ايتري ته
ٻڏل رهندي هئي، جو هن ڪڏهن اک کڻي به،
انهن دلين ڏانهن ڪو نه نهاريو، جيڪي سندس پيرن ۾
پيون لتاڙبيون هيون.
هن ناولٽ ۾ ٻي هڪڙو خاتون جو نالو ’شميم‘ آهي،
جنهن بابت آغا صاحب جو بيان آهي ته:
-
هوءَ مون کي طلسمي ڪاڪ محل ۾ ويٺل مومل ٿي لڳي ۽
منهنجي روح جو راڻو ان ڪاڪ سان ڪڪورجڻ لاءِ تڙپڻ
لڳو.
اڻ پورو انسان پڻ آغا صاحب جو ٻيو خوبصورت رومينٽڪ
ناوليٽ آهي، جنهن جو نهايت سهج سڀاءُ ۽ ڌيرج سان
هيئن آغاز ٿئي ٿو،
-
گهڙيال هلڪي هلڪي موسيقيءَ سان پنج وڄايا ۽ هن جي
اک کلي وئي. ڪمري ۾ زيرو بلب جي جهڪي ۽ ننڍاکڙي
روشني پکڙيل هئي. درن ۽ درين تي ريشمي تار واري
سُوسي جا پردا لڙڪيل هئا.
آغا صاحب جي ان ناول بابت منهنجو خيال آهي ته اهو
سياري جي ڊگهين، سرد ۽ اداس راتين ۾ پڙهبو ته
پڙهندڙ کي اڃان ئي وڌيڪ وڻندو ۽ لطف ڏيندو. جيئن
مون اڳي به لکيو آهي، ته آغا صاحب منظر نامي لکڻ
جو زبردست ماهر آهي. ايئن هن ناول جو پهريون باب
ئي ڄڻ ڪنهن رومانوي فلم جي منظر (اسڪرين پلي)
وانگر ٿو لڳي.
-
سامهون دريءَ وٽ ريڊيوگرام تي جيوڻي، ڀڳت ڪنور
رام، استاد عاشق علي خان
۽ ٻين ڪلاسيڪي نيم ڪلاسيڪي ڳائڻن جا رڪارڊ... فريم
ٿيل تصويرون...
پلنگ جي پاسي واري ٽئبل تي هالن جي جنڊي جي ٽئبل
ليمپ... ايش ٽري... سگريٽ جو پاڪيٽ، ماچيس ۽
ڪتاب..
خير اهڙي منظر نامي جي بيان بعد ذڪر هاڻي هن ناول
”اڻ پورو انسان“ ۾ آيل صنف نازڪ يعني نائڪائن جو
... ۽ ان ۾ اٿندي ئي جنهن... پهرئين صنف نازڪ سان
مکاميلو ٿئي ٿو، حسبِ دستور هڪ دفعو ٻيهر اتي به
آغا صاحب جي پسند جو نالو پڙهڻ لاءِ ملي ٿو:
نسيم!... ان بيگم نسيم جو هن ناول ۾ ڇا ڪردار
؟ ۽ ڪيئن آهي؟... اهوآغا صاحب جي لفظن ۾ پڙهو.
-
آفيس جو ڪم ختم ٿيندو ته هو گهر اچي آرام ڪندو،
شام ٿيندي ئي وهنجي سهنجي تيار ٿي بيگم نسيم جي
گهر ويندو. شراب جا دور هلندا... فليش، رمي برج ۽
ايئن هو اڌ رات جو گهر موٽندو.
ناول جو نائڪ جيڪو هڪڙو خوشحال، پر اداس ۽ بي سڪون
روح آهي، ان کي ٻه ٻار... يعني هڪ ڌيءَ ۽ هڪ پٽ
آهي. جيڪي ٻيئي سارو وقت ٽيلر ماسٽرز، ڊرائي
ڪلينرَ، هيئر ڊريسرَ ۽ بيوٽي پارلرز جي بلي نظر
اچن ٿا... هن ناول ۾، ٻي نمودار ٿيندڙ صنف نازڪ جو
نالو وري به ”رضيه“ ئي رکيل آهي. جيڪا هن
ڀيري ناول جي مکيه ڪردار يعني هيرو جي آزاد خيال
ڌيءَ آهي.
ان کانپوءِ ناول ۾ جنهن ٽئين ڪردار سان ملاقات ٿئي
ٿي، اهو ناول جي نائڪ جي ماءُ جو ڪردار آهي. يعني
هڪ سخت گير ماءُ جي ڪردار، بقول آغا صاحب.
- هن جي ماءُ ڪڏهن به هن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان نه
لاتو... ڪڏهن به هن سان اهو انڌو پيار نه ڪيو جيڪو
ڪڏهن ڪڏهن ٻار کي کاري به ڇڏيندو آهي. ماءُ جو هن
سان ورتاءُ ماءُ وارو نه، پر ماسترياڻيءَ وارو هو.
ان ناول ۾ هيرو جي جيڪا پهرئين محبوبا ظاهر ٿئي
ٿي، آغا صاحب جي ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ناول جي
نائڪا وانگر انهيءَ جو به نالو”سڪينه“
ڄاڻايل آهي. هن
”اڻ پورو انسان“ واري سڪينه بابت آغا صاحب
جو بيان آهي ته:
-
هن جي جلندڙ جندڙيءَ تي جڏهن سڪينه پيار جون
بوندون وسايون، تڏهن هن کي خبر پئي ته عورت
زندگيءَ جو اسرار آهي. جيڪو آهسته آهسته ظاهر ٿئي
ٿو. سڪينه تمام وڏ گهراڻي جي ڇوڪري هئي، ڪانونيٽ ۾
پڙهيل، آمريڪي اُچار سان انگريزي ڳالهائيندڙ.
”اڻ پورو انسان“ ناول جو نائڪ... جيڪو ناول ۾ هڪڙي
ڪهاڻيڪار طور به ڏيکاريل آهي، ان جي هڪ فين جو به
ڪردار آهي. ليکڪ آغا سليم ان جو سراپا هن ريت بيان
ٿو ڪري.
-
ٻئي ڏينهن شام جو اها (Fan)
ڇوڪري نسيم سان گڏ هُن سان ملڻ لاءِ آئي. سنهو بت،
وچولو قد حيران ۽ ڳولائو اکيون، وات ننڍڙو، جيڪو
مرڪڻ مهل مکڙيءَ وانگر ٽڙي ٿي پيو...
هاڻي ٻئي پيراگراف ۾ وري ليکڪ ان نوجوان فين
نينگري بابت لکي ٿو.
-
هوءَ ته صفا ٻار ٿي لڳي، هن کي ڏسي منهنجي مڙداڻي
محبت نه، پر پدرانه شفقت جاڳي پئي.
هن ناول ۾ اوچتو هڪ ٻي صنف نازڪ به ظاهر ٿئي ٿي،
’عذرا‘!۽ مون جيئن لکيو... هي نالو به آغا صاحب
ڪيئي ڀيرا پنهنجي افسانوي ادب ۾ دهرايو آهي. خير
هن ناول ”اڻ پورو انسان“ ۾ عذرا جو سراپا آغا صاحب
ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي.
-
عذرا ڪنهن ڪم سانگي هن جي آفيس ۾ آئي، پورو پنو
قد، ڀريل بت، رسيل جواني، ڪرائي ۾ رابيل جي گلن جي
ڪنڍي، چوٽيءَ ۾ گلاب جو گل ۽ بدن تي تجلا ڏيندڙ
ڪاري ساڙهي.
مطلب ته هميشه وانگر هن ناول ۾ به آغا صاحب ڪيترين
ئي صنفِ نازڪ کي ڏاڍي دلفريب انداز سان
Portray
ڪندو ويو آهي.
آغا صاحب جي ڪجهه ڪهاڻين مثال طور ”پل پکيئڙا“،
”اکيون آرسيون“ ۽ ”درد جا رشتا“ جو
Locale...
سنڌ کان ٻاهر جو يعني پرڏيهه جو آهي. مثلاً ڪهاڻي
”اکيون آرسيون“ هانگ ڪانگ جي پسمنظر ۾ آهي. جتي جي
رات ڪهاڻيڪار کي ’سدا سهاڳڻ‘ وانگر ٺهيل ٺڪيل ۽
سينگاريل ٿي لڳي.
هانگ ڪانگ ۾ ڪهاڻيڪار کي هڪ سنڌي هندو دڪاندار نظر
ٿو اچي، ته هن جي سنڌي گاڏڙ انگريزي لهجي کي ٻڌي
هُو لکي ٿو:
-
مون کي هن جي انگريزي لهجي مان سنڌ جي برن جي بوءِ
آئي ۽ هانءُ ئي هٻڪارجي ويم، مون هن جي اکين ۾
نهاريو...ته سندس اکيون ساميءَ جي سلوڪن جهڙيون
هيون.
ڪهاڻي ”پل پکيئڙا“ جو
Locale
آسٽريليا جو آهي، جتي ليکڪ آغا سليم 1965ع ڌاري،
ريڊيائي ٽريننگ لاءِ ويل هو. هنن ٽنهي ڪهاڻين ۾
سفرنامه ٽچ ته آهي ئي آهي، پر پنهنجي اسلوب ۾
دراصل اُهي رومينٽڪ ڪهاڻيون به ته آهن. جن ۾
نائڪائن جا نالا اتان جي ملڪن پٽاندڙ ڄاڻايل آهن،
جيئن مثال طور: ايلس، مارگريٽ ۽ سوزي. انهن ٽنهي
ڪهاڻين ۾ آغا صاحب جو رومينٽڪ نثر پڙهندي
پڙهندي... پڙهندڙ تي ڄڻ... وجد طاري ٿو ٿيو وڃي.
بهرڪيف انهن ڪهاڻين بعد هاڻ منهنجي هٿن ۾، آغا
صاحب جو جيڪو شاهڪار ناول آهي، ان جو نالو آهي
”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“. سنڌ جي پنج هزار ساله
تاريخ ۽ تهذيب جي پسمنظر ۾ آغا صاحب جو هي ناول
ايئن آهي جو ان ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جي دلفريبي جو
درياهه اٿلائي ڇڏيو آهي. ۽ ناول شروع ٿيڻ سان ئي
جنهن، پهرئين نج پج خوبصورت سنڌي خاتون سان اسان
جي ملاقات ٿئي ٿي، ان جو نالو’سڀاڳي‘آهي. ناول جو
هيرو ’سارنگ‘... جيئن ئي موهن جي دڙي ۾ پنهنجي
والد جي دوست وٽ گهر پهچي ٿو، ته کيس گهر جي اڱڻ ۾
جيڪا جوان جماڻ عورت... منجيءَ تي ويٺل نظر آئي.
ان بابت آغا صاحب جو بيان آهي ته :
-
سڀاڳي ٻار کي هنج ۾ ليٽائي کير پيئاري رهي هئي، ۽
سارنگ جي پيرن جو آواز ٻڌي ٻار کير ڇڏي ڪنڌ ڦيري
هن ڏانهن نهاريو. عورت جي ڇاتيءَ مان کير جي سيرَ
ٻارڙي جي منهن تي پئي، ٻارڙي هونگڙي ڏني، ڳٽڪيو ۽
پوءِ پتڪڙن هٿن سان ماءُ جو اُرهه جهلي کير پيئڻ
لڳو.
هن ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ جي نائڪا جو نالو
آغا صاحب
”سنڌو“ تجويز ڪيو آهي. جيڪا موهن جي دڙي جي مها
پوڄارڻ آهي. ان مها پوڄارڻ بابت آغا صاحب جو... هي
ڇا ته بيان آهي:
-
ان رات... مها پوڄارڻ جي چونڊ ٿيڻي هئي، شهر جون
ڪنواريون هار سينگار ڪري سرهاڻ سان تن بدن ڌوئي
چوٽن ۾ چندن جو چورو وجهي مها پوڄارڻ بڻجڻ جي آس
کڻي آيون هيون. شهر جا سڀئي ماڻهو ميدان ۾ مڙيا
هئا ۽ دهل ۽ کڙتال وڄائي، ماکي ۽ سُرهن گلن مان
ٺهيل مڌ ۽ خوشبو مليل تاڙيءَ جون جمنيون پي، ناچ
کيج ڪري رهيا هئا. پر سنڌوءَ جو من ماندو هو.
ناول ۾ اڳتي هلي جنهن ٻي صنف نازڪ جو ذڪر آهي، ان
جو نالو آهي ”لڪشمي“! ان جي حسن جي تعريف ۾ آغا
صاحب جو هي بيان ڏسو.
-
ڄڻ چنڊ، سفيد بادل جي چادر اوڍي ڌرتيءَ تي لهي آيو
هجي، ڄڻ سنڌوءَ مان ڪا جل پري نڪري آئي هجي.
خير هتي ناول اونداهي ڌرتي روشن هٿ جي ذڪر وچ ۾
آغا صاحب جي ٻئي اهم ناول ”همه اوست“ ۾ به جهاتي
پائيندا ٿا هلون، جنهن ۾ اٿندي ئي جنهن صنفِ نازڪ
سان اسان جو تعارف ٿئي ٿو، اُها ٺٽي جي مغل نواب
لطف علي جي ڪنيز آهي، جنهن بابت آغا صاحب جا لفظ:
-
هن کي سنهڙو ريشمي لباس پاتل هو، جنهن مان سندس
بدن جي چانڊاڻ جهلڪا ٿي ڏنا، نواب کي پاڻ ڏانهن
نهاريندو ڏسي، ڪنيز بند مکڙيءَ وانگر ٽڙي پئي.
ناول ۾ ٻي خاتون... عنايتي لنگهياڻي...بقول آغا
صاحب:
-
جنهن جو رنگ ڪڻڪائو ۽ بدن ماسيرو، جنهن کي ڏسي،
سارين جي اهڙي پوک ٿي ياد پئي جنهن ۾ اڃا لابارو
نه پيو هجي.
آئون ڀائنيان ته آغا صاحب حسين عورتن جي سراپا
بيان ڪرڻ تي ته حيرت انگيز قدرت رکي ٿو ۽ اهڙي
بيان جي ڏس ۾ هو اوچتو، نثارنگار مان ڦري شاعر
بڻجي ٿو پوي. منهنجو خيال آهي ته هند-سنڌ جو ڪو ئي
به مصور... مشرقي عورت جي حُسن و حيا ۽ ادائن
بابت، آغا صاحب جا حسين عورتن جي سراپا بابت اهڙا
بيان پڙهندو، ته مونا ليزا کان وڌيڪ حَسين پورٽريٽ
پينٽ ڪري سگهندو.
خير مون ٻڌايو پئي ته... سنڌو ۽ سارنگ
آغا صاحب جا پسنديده نالا آهن، جيڪي بار بار هن جي
افسانوي ادب ۾ جنم وٺندا نظر اچن ٿا، پر ناول
”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۾ ته ناول جو نائڪ ”سارنگ“
۽ نائڪا ”سنڌو“ انهن ساڳين ئي نالن سان وري
وري به جنم وٺي ٻين دورن ۾ به ايندا رهن ٿا، پر
سنڌوءَ کان قطع نظر ناول جي نائڪ ”سارنگ“
جوآخري جنم، آغا صاحب شڪارپور ۾ ڏيکاريو آهي. جتي
سندس ننڍپڻ جي مڱينديءَ جو نالو سڪينه
ڄاڻايل آهي. سارنگ جڏهن پنهنجي ان مڱينديءَ
سڪينه کي ڏسي ٿو ته انهيءَ جو آغا صاحب هيئن
بيان ڪيو آهي:
-
هن جڏهن ٻالڪ پڻ ۾ پهريون دفعو اکيون کڻي سڪينه
ڏانهن نهاريايو ته سارو ڏينهن ٽپا ۽ ٺينگ ڏيندڙ
چيڙاڪ ۽ چِلولي، جهنڊولي ۽ ڳاڙهي ڳٽول سڪينه اوچتو
باهه جي الي وانگر ڀڙڪو ڏئي جوان ٿي وئي هئي.
ان ناول جي آخري باب ۾، هندستان مان لڏي آيل مهاجر
ڇوڪريءَ ’زينب‘ جو به ڪردار آهي، جنهن کي
هندستان مان آمد وقت... سارنگ... سنڌ جي ريلوي
اسٽيشن تي ڏسي ٿو. ته ان جو بيان آغا صاحب هن طرح
ڪري ٿو.
-
هندستان مان آيل علي جعفر رضويءَ جي ڀيڻ (زينب)
شرم ٻوٽيءَ وانگر پنهنجو پاڻ ۾ لِڪڻ لڳي. سارنگ ان
کي ڪاليج ۾ داخل ڪرايو ۽ ٿورن ئي ڏينهن ۾ شرميلي ۽
شرم ٻوٽيءَ وانگر پنهنجو پاڻ ۾ لڪندڙ زينب ۾ جيئڻ
جي جُرت پيدا ٿي وئي. هن برقعو لاٿو ۽ زندگيءَ سان
مُنهن مقابل ٿيڻ لاءِ ميدان ۾ نڪري آئي. ۽ سارنگ
کان... سنڌي به سکڻ شروع ڪيائين.
ان ئي ناول ۾ ناول جو نائڪ... سارنگ جنم جنم ۾
جنهن خاتون سان پيار ٿو ڪري اها بظاهر ته ’سنڌو‘
ئي آهي، پر ناول جي پڄاڻيءَ تي نائڪ جنهن خاتون جي
ٻانهن ۾ اچي پناهه ٿو وٺي ان جو نالو ’سڪينه‘
آهي. هوڏانهن ناول ۾ ڏيکاريل آهي، ته سارنگ جڏهن
پنهنجين سياسي سرگرمين جي ڪري جيل ياترا تي هو
تڏهن جيل جي کوليءَ ۾ جنهن خاتون کي هُو تصور ۾
آڻي ٿو، اها سڪينه نه، پر ’سنڌو‘
آهي... جنهن جي سراپا جو بيان آغا صاحب هن لفظن ۾
ڪيو آهي:
-
پگهريل سون جهڙو رنگ، چيلهه جيڏا چوٽا، جسم تي
جوانيءَ جا گل گونچ، چوڙين جو هلڪو آواز... سنڌوءَ
جي پيار ۾... هُو... سڪينه جي گونگَي ۽ بي زبان
پيار کي وساري ويٺو هو.
آغا صاحب جي ڪهاڻين ۽ ناولن جون هي سڀ عورتون،
پوءِ اهي چاهي شهري هجن يا ڳوٺاڻيون ساديون سوديون
مايون... عشق، رومينس ۽ جنسي رَوِش جي سلسلي ۾
بلڪل نارمل، عورتون ٿيون نظر اچن نه ڪي برناڊشا جي
خواتين ڪردارن وانگر، ڪنهن سپرمين جانٺي جوان مرد
جون متلاشي... ۽ اها به حقيقت... ته اُهي بظاهر ته
دورِ حاضر جون سنڌي خواتين ئي لڳن ٿيون پر پردي
برقعي کان البت نابلد ئي نظر اچن ٿيون. حتيٰ ڪه
جيڪڏهن ڪنهن ڪهاڻيءَ ۾ آغا صاحب ماءُ جو ڪوئي
ڪردار ڏيکاريو آهي ته ان کي به ريل يا ٽانگي جي
سفر ۾ ڪاري چادريءَ يا شٽل ڪاڪ برقعي وغيره بجاءِ
بي پرده ئي ڏيکاريو آهي.
آغا صاحب جون اهي سڀ رومينٽڪ ڪهاڻيون پڙهي،
بودليئر چواڻي، هي سڀ يادون ئي يادون آهن... پوءِ
اُهي سفر نامه اسٽائل ۾ هجن، يا مونو لاگ ۾ ڊائلاگ
فارميٽ ۾، دراصل سڀ يادن آڌار ئي لکيل لڳن ٿيون...
ڪڙيون مٺيون رومانوي يادون... يا تاريخ جي وَرقن
مان ڪوريل سنڌ جي ڏکن سکن جون يادون... امن جنگ ۽
صوفياڻي سنڌ جون يادون...
ته بس هتي هن تحرير جي پڄاڻي تي... سڀني ڪهاڻين ۽
ناولن ۾ آيل صنفِ نازڪ ۽ ٻين ڪردارن جي نسبت سان
آغا صاحب جي حسب حال سندس ئي پسنديده نظم مون کان
ٻڌو ۽ اجازت ڏيو:
مون کي دنيا مان اها توقع ڪانهي ته ڪو هوءَ
منهنجي پورهئي جو قدرڪندي.
پر، ته به، ممڪن آهي ته
منهنجو نالو، ناموس جو ڇٽ هوءَ پهري.
۽ اِها اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪانهي
ته منهنجي ڪلا جو نور کيس چمڪائي
۽ منَ سندم ڪا سٽ ڪنهن کي ياد رهجي وڃي،
۽ دل گهري دوست وانگر،
منهنجو ذڪر ڇيڙي وجهي!
منَ منهنجا لفظ ڪنهن اڻ ڄاول عاشق جي دل گرمائين
منَ منهنجا لفظ، حاسد تقدير هٿان بچي،
دنيا اندر جيئرا رهجي وڃن!
۽ ها،
ڏور... پوءِ ڪنهن پوئين زماني ۾،
جڏهن آئون روانو ٿي چڪو هوندس
شايد ڪو دل وارو
منهنجي تصوير ڏانهن اشارو ڪري
چوي؛ ”ته ڪلاڪار!! ته ههڙو“
شاعر: ”اليگزينڊر پُشڪن“
[20 جنوري 2015 تي پير حسام الدين راشدي
آڊيٽوريم، سنڌ-الاجي ڄامشورو ۾، انيس انصاري
اڪيڊميءَ پاران ”سنڌي ڪهاڻي صديءَ ڪانفرنس ۾ پڙهيل
پيپر]
مختيار احمد ملاح
آغا
سليم ناول نگار جي حيثيت ۾
7 اپريل 1935 آغا سليم پٺاڻ جو جنم شڪارپور ۾ ٿيو.
سنڌي ادب ۾ سندس سڃاڻپ تمام گهڻي آهي. رومانوي
ڪهاڻي لکڻ جو ڏانءُ ته ڪو آغا سليم کان سکي. سندس
ڪهاڻين جي مجموعن ۾ ”چنڊ جا تمنائي“، ”ڌرتي روشن
آهي“
شامل آهن. آغا سليم جي ناولن ۾ ”اونداهي ڌرتي
روشن هٿ“ ”روشني جي تلاش“، ”همه اوست“، ”اڻ پورو
انسان“ شامل آهن.
آغا سليم سنڌي ناول نگاري ۾ جديديت جو رجحان
متعارف ڪرايو آهي. سندس ناول قوميت جي رنگ ۾ رنگيل
آهن. سندس ناولن پڙهڻ کان پوءِ ٽن موضوعن جو
اندازو لڳائي سگهجي ٿو. پهريون ”رومانيت“ ٻيو ”سنڌ
سان محبت“ جنهن ۾ تاريخي، تهذيبي، قومي، مادي سوچ
يا عنصر شامل آهن، ۽ ٽيون ”وحدت الوجود فڪر“ اچي
وڃن ٿا.
آغا سليم جا موضوع نوان آهن. هن پنهنجي موضوعن ۾
تهذيبي قدرن جو زوال شاندار نموني سان پيش ڪيو
آهي. آغا سليم پنهنجي ناولن ۾ هڪ نئين نفسياتي رخ
” شعور جو وهڪرو“
(Stream of Conciousness)
کي اهميت ڏني آهي. هي پهريون سنڌي اديب آهي، جنهن
افسانوي ادب ۾ جديد رجحان متعارف ڪرايو. هن
رومانيت کي به نئون رخ ڏيئي ان ۾ وسعت آندي آهي.
هن فرد جي تنهائي، محرومي ۽ سنڌي تهذيبي قدرن جي
احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو آهي. هو پنهنجي
انقلابي رومانيت لاءِ لکي ٿو ته ”مون وٽ انقلاب جو
تصور رومانوي آهي. منهنجي آڏو رومانيت کان سواءِ
فن اڻ پورو آهي. منهنجي ذهن ۾ انقلاب جو تصور
ڳاڙها جهنڊا، لڙڪيل لاش يا رت جو نديون کڻي اچڻ
ڪونهي...مون لاءِ انقلاب جو تصور پرين جي روپ ۾
اچي ٿو ۽ مان ان لاءِ ائين چوان ته منهنجو پرين
ايندو، جنهن جي پيشاني پرهه جهڙي آهي، مون وٽ
انقلاب جو اهڙو ئي رومانوي تصور آهي ۽ سچ ته
رومانيت کان سواءِ لکڻ جو تصور به ڪري نٿو سگهان.“
(عبرت ميگزين 15مارچ 1994)
اونداهي ڌرتي روشن هٿ
آغا سليم صاحب جو هي ناول 1984ع ۾ شايع ٿيو. هي
ناول سنڌ جي تاريخ جي مختلف دورن مان سچائي جي سفر
جي لازوال داستان آهي. سندس ٻولي، اسلوب واقعن جو
تسلسل ۽ ڪردارن جي نفيساتي ڪشمش پڙهندڙ کي مڪمل
طرح سان پنهنجي گرفت ۾ وٺي ڇڏي ٿي.
آغا صاحب پنهنجي ڪتاب کي تاريخي دورن جي لحاظ کان
ڪيترن ئي حصن ۾ ورهايو آهي. پر انهن سڀني ۾ مرڪزي
ڪردار ساڳيائي آهن. سارنگ جيڪو سچائي، فن ۽ علم جي
علامت آهي اهو هر دور ۾ پنهنجو تاريخي فرض
نڀائيندي نظر اچي ٿو. هن ناول ۾ سنڌي ثقافت ۽
تهذيب موهن جي دڙي کان وٺي پاڪستان جي قيام تائين
سفر ڪري ٿي. هن ناول جا مرڪزي ڪردار سارنگ، سنڌو ۽
ماڻڪ تاريخ جي هر دور ۾ فڪر ۽ جذباتي احساسن سان
نمودار ٿين ٿا.
هن ناول جو پهريون حصو جنهن ۾ موهن جي دڙي واري
عهد، پنهنجي سمورين خصوصيتن سان ڄڻ ته زندهه بڻجي
پيو آهي. ناول جو ٻيو دور سومري ۽ سلطان ڀونگر
راءِ جي زماني ۾ شروع ٿئي ٿو، ۽ دودي چنيسر جي
گهرو لڙائي ۽ تاتارين جي ڪاهن تي ختم ٿئي ٿي. ان
کان پوءِ، ميرن، انگريزن ۽ قيام پاڪستان واري دور
تي اچي ختم ٿئي ٿو. هن ناول جي پهرين حصي جي باري
۾ محترم اڪبر لغاري لکي ٿو ته ”ناول جي هن حصي کي
پڙهي، پڙهندڙ هيٺيان تاثر ٿو وٺي:
فن، محبت کان سواٰءِ نامڪمل آهي.
محبت، مها پوڄارڻ
جهڙي مقدس هستي سان به ڪري سگهجي ٿي.
محبت ايتري طاقتور شئي آهي، جو مها پوڄارڻ سڀ ليڪا
لتاڙي، لوڪ کان لاپرواهه ٿي سارنگ وٽ هلي ايندي
آهي.
هميشه وانگر مذهبي پيشوا، محبت تي پابنديون ٿو
وجهي ۽ محبت واري فنڪار جون آڱريون ٿو ڪپي.
سنڌ هميشه وانگر، موهن جي دڙي واري دور ۾ به سکي
ستابي هئي،
سنڌي عوام ان وقت به مذهبي رهنمائن اڳيان بيوس هو
وغيره وغيره.
(حوالو: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ص_ن 85،84)
ناول جي ٻئي حصي ۾ سارنگ سومرن جي دور ۾ اچي ٿو،
هو برهمڻ آهي، هو فنڪار طور ظاهر ٿئي ٿو ۽ سرندو
وڄائي ٿو، هن دور ۾ سنڌو هڪڙي وئشيا آهي. ٻنهي جي
پاڻ ۾ محبت ٿي وڃي ٿي. سنڌو کي هڪ برهمڻ سان محبت
ڪرڻ جي ڏوهه ۾ نيڪالي ڏني وڃي ٿي. آخري حصو
پاڪستان ٺهڻ تي ختم ٿئي ٿو.
هن ناول ۾ آغا سليم جون فنڪارانه صلاحيتون عروج تي
پهتل ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. هن ناول ۾ سندس اسلوب بيان،
طرز تحريز ۽ منظر نگاري نهايت ئي شاندار طريقي سان
پيش ڪيل آهي. هن ناول جي خاص ڳالهه سندس ٽيڪنڪ
آهي، هي ناول شعور جي وهڪري
(Stream of Concioucness)
۾ لکيل آهي. هن ناول ۾ رومانيت کي نئون رنگ ڏنو
ويو آهي. آغا سليم فرد جي تنهائي، محرومي ۽ سنڌي
تهذيبي قدرن جي احساس کي منفرد انداز ۾ پيش ڪيو
آهي.
همه اوست
آغا سليم جو ناول همه اوست نيو فيلڊس وارن شايع
ڪيو. هي ناول شاهه عنايت شهيد جي دور جي پس منظر ۾
لکيل ناول آهي، جيڪو ان دور جي مزاج ۽ وحدت الوجود
جي فلسفي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو، تصوف جي پسمنظر ۾
لکيل هن ناول ۾ ٽن مختلف ڪردارن جي اپٽار ڪري ٿو.
جن ۾ سارنگ مسلمان، ماڻڪ هندو ۽ الفانسو عيسائي
آهي. ناول جو مرڪزي ڪردار سارنگ آهي، جيڪو سنڌي
مسلمان آهي. هو بهادر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ذهين،
سلجهيل ۽ عالم آهي. سندس مسئلو اهو آهي ته هو هڪ
طرف سنڌ سان بيحد عشق ڪري ٿو ته ٻئي طرف مغلن وٽ
نوڪري ڪندي سنڌي ماڻهن کي ماري ۽ ايذائي ٿو. ماڻڪ
جيتوڻيڪ هندو آهي، پر هو هميشه رومانيت جي تلاش ۾
آهي. روحاني تلاش ۾ شادي به ڪري ٿو پر سندس ان تڙپ
جو علاج نٿو ٿئي. آخر دنيا کي تياڳ ڪري ۽ سفر ڪندو
سڌو صوفي شاهه عنايت جي درگاهه تي پهچي ٿو، جتي هو
پاڻ کي مطمئن محسوس ڪري ٿو، اهڙي طرح الفانسو جو
ڪردار وڏي اهميت وارو آهي. هن ناول ۾ ٽن مذهبن جي
ماڻهن کي پيش ڪرڻ جو پهريون تجربو آغا سليم ڪيو.
جيڪي تصوف جي جذبي سان ڀرپور آهن.
هي ناول ارغون جي پڄاڻي ۽ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دورن
جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. ٻيو ته هي ناول ان وقت
سنڌ ۾ رائج تصوف جي بنيادن تي روشني وجهي ٿي. هن ۾
هندو ڌرم، اسلام ۽ عيسائين جي مذهب ۾ ان عنصر کي
موجود ڏيکاريو ويو آهي ته انسانيت هڪ ئي، بين
الاقوامي مذهب آهي. هن ناول ۾ بيان ڪيل ٽيون نقطو
سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي مختلف رنگن روپن جي منظر
ڪشي آهي ۽ چوٿون نقطو اهو آهي ته هن ۾ سنڌ جي سدا
حيات شاعر شاهه لطيف جي شعر ۽ شاهه عنايت شهيد جي
تصوف جي نقطي جي اپٽار ڪيل آهي.
ناول شروع ڪرڻ سان جن ڪردارن سان واقفيت ٿئي ٿي،
سي اڪثر پنهنجي چوڌاري هڪ مخصوص خول ۾ قيد آهن،
جهڙوڪ سارنگ، سنڌو، علي، نواب لطف علي، ماڻڪ، گوپي
گيتا ۽ پدمڻي وغيره. هنن ڪردارن جي مدد سان هڪ
ڪهاڻي اُڻي ويئي
آهي، جنهن کي هڪ تسلسل به آهي، ڪهاڻيءَ جو سلسلو
هلندي ناول نگار ڪي نُڪتا مختلف مذهبن جي اصولن جي
حوالن ۽ ڪن شعرن جي مدد سان واضع ڪرڻ جي ڪوشش ڪري
ٿو، بياني سلسلي ۾ به ليکڪ پنهنجا خيال ڪٿي ڪٿي
ڪنهن ڊگهي ڊائلاگ وانگر ظاهر ڪري ٿو، ناول جي
ڪهاڻي جيئن پکڙجي، وڌي ويجهي ٿي تيئن ختم نٿي ٿئي.
تڪميل ڏي ايندي ڪهاڻي شاهه عنايت شهيد ڏي تيزيءَ
سان اچي ٿي ۽ شهادت تي ختم ٿي ٿئي، تاريخ جو شاگرد
ڄاڻي ٿو ته نواب لطف عليءَ کان جيڪا ڪهاڻي شروع
ٿي، تنهن جو خاتمو شاهه عنايت شهيد تي ٿيڻو آهي.
ٿوري ئي بياني سلسلي ۽ مڪالمن تي ايئن ٿئي ٿو.
همه اوست ناول ۾ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون آهن،
جيڪي هن ناول جي اهم خوبين ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون.
پهرين ته هي ناول
(Third person)
جي صورت ۾لکيل آهي. ٻيو اهو ته هي ناول، نيم
تاريخي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ٽين اهم خوبي اها آهي
ته هي ناول رومانوي ڪيفيت ۾ لکيو اٿس، هن ناول ۾
موضوع جي نواڻ سان گڏ پختي ڪردار نگاري، سيرت
نگاري ۽ اسلوب بيان پڻ شامل آهن.
اڻ پورو انسان
سندس ناول ”اڻ پورو انسان“ دراصل ناولٽ آهي، جنهن
۾ مٿئين طبقي (Upper
Social Class)
جي فردن جي کوکلي پڻ کي چٽيو اٿس. هي هڪ اهڙي
ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ عيش و آرام، لذتون،
دولت ۽ اختيار هر طرح موجود آهن،
ليڪن ان هوندي به سندس اندر، سڪون ۽ آسودگي غير
موجود آهي.
روشني جي تلاش
سندس ناولٽ ”روشني جي تلاش“ جو موضوع به لڳ ڀڳ ”اڻ
پورو انسان“ وارو آهي. هن ناول ۾ ناول نگار جنهن
مسئلي کي کنيو آهي. اهو آهي جنس جو مسئلو. هن ناول
۾ آغا سليم هڪ نئين ٽيڪنڪ خود ڪلامي (Monologue)
اختيار ڪئي آهي. هن ناول جو ڪردار نعيم پنهنجي
ڪهاڻي پاڻ بيان ڪري ٿو. هو يادگيريءَ مان احوال
ڏيندو ۽ احساسات بيان ڪندو هلي ٿو.
برف پنکڙيون ۽ چنڊ
هن ڪتاب کي آغا سليم سفرنامو ڪري شايع ڪرايو آهي،
جڏهن ته اهو ناول جون سڀ تقاضائون پوريون ڪري ٿو.
ٻين لفظن ۾ ليکڪ ناول ۽ سفرنامي جي ادبي صنفن جو
گڏ مزو ورتو آهي. هن ڪتاب جو جهڙي طرح نالو
رومانٽڪ آهي تهڙي طرح پورو ناول رومانوي فضا ۾ سفر
ڪري ٿو. آغا سليم جي ناولن جي پلاٽن لاءِ اڪبر
لغاري لکي ٿو ته ”سندس ناولن ۾ پلاٽ ڪنهن خارجي
واقعي تي ٻڌل نه هوندا آهن، بلڪ ڪردارن جي داخلي
ڪشمڪش کي ظاهر ڪندا آهن. هو تهذيب جي اعليٰ قدرن
کي پنهنجي ناولن جو مقصد بنائي ٿو. نيڪي ۽ بدي جي
ٽڪراءَ سبب، نيڪي جي وقتي شڪست کي سندس لازوال فتح
۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي. هو آغا سليم جي ناولن جي
ڪردارنگاري لاءِ وڌيڪ لکي ٿو ته هن جي ناولن جا
ڪردار عام ماڻهو هوندي به عام نه آهن. اهي اعليٰ
آدرشي انسان آهن، جيڪي اعليٰ انساني قدرن جا
رکوالا آهن. سندس پيغام محبت آهي، امن آهن، فن آهي
۽ علم آهي، آغا صاحب سماجي مسئلن جي لکڻ بجاءِ
انسان جي ازلي مسئلن تي دل کولي لکيو آهي.“
[سنڌي ادب جي مختصر تاريخ.ص-ن 82]
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو |