سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:18

آغا سليم

مان ۽ منهنجيون ڪهاڻيون

رامائڻ ۾ ذڪر آيل آهي ته راجڪمار رام جڏهين اڃا ابهم هو تڏهين هڪڙي سهائي رات جو چنڊ کي ڏسي روئڻ شروع ڪيو هيائين... ممڪن آهي ته مذهبي لحاظ کان ان ڳالهه جي ڪا ٻي معنى نڪرندي هجي. پر مان سمجهان ٿو ته اهو ننڍڙو راجڪمار رام، انسان جي ان اوچي بنيادي جبلت جي علامت آهي، جيڪا سونهن کي ڏسي سٽَ کائيندي آهي...انسان جي چوڌاري ڦهليل هن جهان ۾ ڪي اهڙيون به اُگريون ۽ ڪوجهيون حقيقتون آهن، جن جا پاڇا وِهه ڀريل ڀالن جيان حواسن جي ڳڙکن مان انسان جي اندر ۾ گهڙي ان ابهم راجڪمار تي حمله آور ٿيندا آهن...پر فنڪار اُهو رشي آهي جنهن جون تخليقي قوتون ان راجڪمار جي نگهباني ٿيون ڪن ۽ کيس ڀالن کان بچائي جوڀنيڪ جواڻ ٿيون بڻائين...

هر فنڪار جي اندر ۾ جذبات ۽ احساسات جي ازلي آڳ پئي جلندي آهي. اها آڳ آتش پرستن جي عبادت گاهن ۾ هميشه ٻرندڙ باه جيان پوتر به ٿيندي آهي ته ٻرندڙ جبلن ۾ پوريل باه جيان بي پناه به ! هن ٻاهرين جهان جي حقيقت فنڪار جي اندر جي ان باه سان ملي هڪ ۽ جدا حقيقت بڻجي ويندي آهي، جيئن هئڊروجن ۽ آڪيسجن ٻه جدا جدا حقيقتون پاڻ ۾ ملي هڪ نئين ۽ جدا حقيقت پاڻي بڻجي وينديون آهن. ٻاهرين حقيقتن سان عام ماڻهو جو واسطو عملي ضرورت هيٺ ئي پوندو آهي، ان ڪري عام ماڻهوءَ جي تجربن ۾ اها شدت ڪانه ٿيندي آهي. جيڪا فنڪار جي تجربن ۾ ٿيندي آهي ۽ تجربن جي اها شدت ئي تخليق جي عمل جو سبب بڻجندي آهي ۽ اظهار جي فطري تڙپ انهن تجربن کي جذباتي وحدت بخشي رنگن، آوازن ۽ لفظن جي روپ ۾ ظاهر ڪندي آهي، ان ڪري حقيقت جي فنڪارانه تجربي لاءِ جذبات ۽ احسات جي باهه جي شدت هجڻ لازمي امر آهي. مان ته ڪنهن به فن پاره کي جذبات ۽ احساسات جي ڪري ئي سڃاڻي سگهندو آهيان ۽ منهنجي خيال ۾ هر فن پاره ۾ جذبات ۽ احساسات جي ڪري ئي افاديت رهي ٿي. مون هتي ادب ۾ سڀ کان بدنام لفظ استعمال ڪيو، جنهن جي ٿورڙي به وضاحت نه ڪيم ته اهو لفظ نه رڳو گهڻيون غلط فهميون پيدا ڪندو، پر ”ادب برائي زندگي“ جهڙو گٺل ۽ لتاڙيل بحث پڻ ڇيڙي ڇڏيندو. منهنجي آڏو افادي ادب رڳو ان ادب کي ئي سڏي سگهجي ٿو جيڪو اسان جي جذبن کي ڪتب آڻي ٿو ۽ اسان جي احساسات جي رنگا رنگ انڊلٺ مان ٿيندو اسان جي دل سان هم ڪلام ٿئي ٿو ۽ اسان جي اندر ۾ همدردي، رحم ۽ پيار جهڙن اوچن جذبن کي ڇهي بيدار ڪري، اسان ۾ هر گهڙي انصاف ۽ چڱائي جهڙين آدرشن جي ياد کي تازو ڪندو رهي ٿو. مثال طور هيمنگوي جي جڳ مشهور ناول (Afare-well to Arms) (هٿيارن کي آخري سلام) ۾ ڪهڙي افاديت آهي؟ ان ناول ۾ جنگ جي تباهين جو اهڙي رنگ ۾ تفصيل ڏنو ويو آهي جو اسان جي اندر ۾ رحم، همدردي ۽ جنگ لاءِ نفرت جا جذبا ڀڙڪو ڏيئي پيدا ٿيو وڃي. ادب لاءِ ڪنهن آدرش ڏانهن اشارو ڪرڻ ايترو ضروري آهي جيترو اسان جي جذبات ۾ مانڌاڻي وجهي ولوڙي اُگراڻ کان صاف ۽ پاڪ ڪرڻ ضروري آهي. سچ پچ جي ادب ۾ ”افاديت“ نه هجي ته هوند اسان جا اوچا انساني جذبا ٺري ۽ ڄمي بيڪار ٿي وڃن.

فنڪارانه تجربي جي اظهار لاءِ هر هڪ ليکڪ کي پنهنجو پنهنجو اسلوب نگارش ٿيندو آهي، اهو اسلوب ئي سندس انفراديت جو تعين ڪندو آهي. اسلوب نگارش کي شايد گهڻا دوست ليکڪ جي خاص لفظن جو استعمال، جملن جي ادائيگي، طرز ۽ بيان جو نمونو سمجهن، پر اسلوب مان منهنجو مقصد لفظ پڙهڻ سان پڙهندڙ جي اندر ۾ ڇَٽبيون وينديون آهن. هر انسان وٽ هر هڪ لفظ پنهنجي حيثيت ۽ پنهنجي اهميت رکندو آهي. هر لفظ سان جدا جدا يادون ۽ جدا جدا تصور وابسته ٿيندا آهن. تحليل نفسي جا به سائنسي اصول ان ڪري ئي مرتب ڪري ڪونه ٿا سگهجن جو هڪ ئي لفظ جدا جدا انسان لاءِ جدا جدا دنيائن جو ايلچي هوندو آهي، هڪ ئي لفظ هڪڙي انسان لاءِ غمن جو پيغمبر ٿيندو آهي ته ٻئي لاءِ خوشين جو مبشر! ممڪن آهي ته ”پڻ“ لفظ ٻئي ڪنهن لاءِ ڪابه اهميت نه رکندو هجي. پر مان ته جڏهين به اهو لفظ ٻڌندو آهيان، منهنجي اکين آڏو نه رڳو هر گهڙي سڄڻ ساريندڙ اکڙيون ۽ مثالي پرين ڦري ويندو آهي پر اهو هڪڙو لفظ وقت جي وسعتن تي ڇانئجي، حال ۽ ماضي جي سرحد کي ريٽي، وقت ۾ درد جو احساس ڀري ڇڏيندو آهي. اوهين شاهه جو شعر پڙهو:

اڄ پڻ اکڙين سڄڻ پنهنجا ساريا.

پهرين به اکڙيون سڄڻ سارينديون رهيون هيون ۽ اڄ پڻ... فنڪار جا استعمال ڪيل لفظ پنهنجي فرهنگي معنى وڃائي ويهندا آهن. فنڪار جنهن به لفظ کي ڇهندو آهي ان لفظ جي هن پار هڪڙي جيئري جاڳندي جهان جي تخليق ٿي ويندي آهي جنهن جهان ۾ پهچڻ لاءِ لفظن جي فرهنگي معنى رڳو وسيلو رهندي آهي.

شاهه سائين ته پنهنجي بيتن لاءِ چيو هو ته ”سي آيتون آهن.“ فنڪار جو هر هڪ لفظ آيت ٿيندو آهي ۽ سندس تخليق جو جهان بقول بودليئر ’علامتن جو جهنگ !‘

تخليق جي ان عمل ۽ تجربي جي ان اظهار ۾ فنڪار کان گهڻيون غلطيون به ٿي وينديون آهن، مون کي ته فنڪار جي انهن غلطين مان به تخليق جي بوءِ ايندي آهي. ڇاڪاڻ جو بقول فرائيڊ ’گهڻا دفعا انسان جا وڏا وڏا ڪارناما به سندس شخصيت جي باري ۾ اهو ڪجهه ٻڌائي ڪونه سگهندا آهن، جو ڪجهه هن جي معمولي ۾ معمولي غلطي ٻڌائي ويندي آهي.‘

اسان جا ڪجهه دوست فن کي رڳو ڪن ”خاص نظرين“ جي پرچار جو وسيلو سمجهندا آهن ۽ جيڪو به فنڪار پنهنجي فن کي پرچار لاءِ ڪتب نه آڻيندو آهي، تنهن کي فراريت جو الزام ڏيندا آهن. مان ان بحث ۾ پوڻ نٿو گهران ته فن وسيلو آهي يا مقصد، مان رڳو انهن دوستن کان ايترو پڇڻ ٿو گهران ته ڇا فنڪار ۾ فراريت ٿي سگهي ٿي؟ فن ته فنڪار جي پنهنجي وجود جو اظهار آهي. هو جڏهن پنهنجي وجود جو اظهار ٿو ڪري تڏهين هو لڙڪن، مرڪن، محبتن ۽ نفرتن سان جوڙيل، ان ساري جيئري جاڳندي جهان جي وجود جو اظهار ٿو ڪري، جنهن ۾ اٽي، لٽي ۽ اجهي جا غم ۽ ٻيا هزارين غم وڻ ويڙهيءَ وانگر سندس ساري هستي کي ويڙهي ويندا آهن، پر جي فنڪار انهن غم رسيده حقيقتن کان منهن موڙي، لڪي ڀڄي وڃي پنهنجي اندر ۾ پناه وٺي ۽ رڳو پنهنجو اندر اٿلائڻ شروع ڪري ڏئي، تڏهين به هو پنهنجي اندر جي انهن ڪيفيتن جي اظهار کان ڪنهن به صورت ۾ پاڻ بچائي ڪونه سگهندو، جيڪي اهي غم رسيده حقيقتون هر گهڙي هن جي، جذبات جي کُوري ۾ جلندڙ دل تي اثر انداز ٿي، سندس ساري داخلي دنيا ۾ پيدا ڪنديون رهن ٿيون. ان ڳالهه کي ٻي طرح به سمجهي سگهجي ٿو، جيڪڏهين ڪو فنڪار هن جهان کان منهن موڙي پنهنجي اندر ۾ هليو وڃي ۽ پنهنجي انا جي چوٽيءَ تي ويهي افسانا لکڻ شروع ڪري ڏئي، تڏهين به کيس پنهنجي انا جي اظهار لاءِ ٻوليءَ جو سهارو ته ضرور وٺڻو پوندو ۽ ”مان...“ کانسواءِ ٻيا به هزارين اهڙا لفظ استعمال ڪرڻا پوندا جيڪي نه رڳو هن ٻاهرين جهان جي مختلف حقيقتن کي خاص خاصيتون، خاص مقام ۽ خاص شڪل ۽ صورت ٿا بخشين، پر ان تعلق جو به تعين ٿا ڪن جيڪو انهن حقيقتن ۽ فنڪار جي وچ ۾ رهي ٿو ۽ جنهن تعلق جو شعور ئي سماجي شعور آهي. پر جي ڪو فنڪار ويهي ديومالائن جي تخليق شروع ڪري ڏئي تڏهن به اسين مٿس فراريت جو الزام لڳائي ڪونه سگهنداسين ڇاڪاڻ ته اسان جون پراڻيون ديومالائون شاهد آهن ته هر پراڻو ديوتا يا ديوي اسان جي ڪنهن نه ڪنهن بنيادي جذبي يا جبلت جي علامت آهي،... ويچارو بنيادي جذبي يا جبلت جي علامت آهي، ...ويچارو فنڪار جي زندگي کان ڀڄندو به ته ويندو ڪيڏانهن، جيڏانهن ويندو زندگي سندس پيڇو ڪندي رهندي. اڄڪلهه زندگي جنهن مقام تي اچي پهتي آهي اتي نه رڳو اٽي، لٽي ۽ اجهي جا هزارين غم آهن پر جنگ جي تباهين جو ڀوت به هر باشعور انسان جي اعصاب تي سوار ٿي ويو آهي ۽ بقول ابن انشا، اڄڪلهه جي زماني ۾ جسماني توڙي ذهني بن باس ممڪن ئي ڪونهي. ڪنهن به جبل جي اهڙي گفا ڪانهي جت زهريلو گئس يا تابناڪ رک نه پهچي سگهندي هجي. زندگي جي انهن غمن کان نجات ۽ جنگ جي ڀوت کان پناه ڪن ’خاص نظرين‘ جي پرچار ۾ نه آهي پر خاص نظرين جون چاکڙيون چائنٺ کان ٻاهر لاهي، فن جي مندر ۾ گهڙي انسان جي اندر روئندڙ ان ننڍڙي راجڪمار رام جي سرچائڻ ۽ پرچائڻ، وڌائڻ ۽ ويجهائڻ ۾ آهي، جنهن جي وجود جي عدم احساس جي ڪري اسان مان ئي هڪڙي انسان هيروشيما تي بم اڇلائي هزارين چنڊ رک ڪري ڇڏيا هئا.

                    [ڪهاڻي مجموعي ’چنڊ جا تمنائيءَ‘ مان کنيل1963ع]

 

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

 

آغا سليم جون ڪهاڻيون

         

”چنڊ جا تمنائي“ (1963ع) ۽ ”ڌرتي روشن آهي“(1992)، آغا سليم (ولادت 1935ع)، جي افسانن جا مجموعا آهن. ناول آغا سليم پوءِ لکيا. شاهه عبداللطيف، بابا فريد ۽ ٻين شاعرن تي ڪتاب به گهڻو پوءِ لکيائين. افسانا سندس ادبي زندگيءَ جي ابتدا ۾ آيا. انهن ۾ سندس شخصيت جا پاڇا به نظر اچن ٿا. هن جو پنهنجي پراڻي قلمي نالي سان به هڪ افسانن جو مجموعو ”لذتِ گناهه، “ڇپيل آهي. ان کان پوءِ جا افسانا نسبتاً مختلف آهن. پاڻ جوڀن کان ئي ڪهاڻيون سرجيون آهن. ”نيٺ بهار ايندو“ ۾ ٻن ڀائرن جي ڪهاڻي آهي. جي مالي حالت موجب به مختلف آهن ته سوچ ۾ به، ڪهاڻي ”چنڊ جا تمنائي ”محبت ۽ مجاز جي موضوع جي چؤگرد ڦري ٿي. وصال ۽ فراق جا رنگ پسائي ٿي. ان ئي محبت جا معاملا ”ڊڄڻي“ ۾ آهن. جي سهيلين جي خطن وسيلي اجاگر ٿين ٿا. ”سڄڻ نت سوجهرو“ ۾ انساني انا جو مسئلو ڇيڙيو ويو آهي. جنهن ڪري پاڻ تي جبر به ڪرڻو پوي ٿو.

ٻئي مجموعي ”ڌرتي روشن آهي“ ۾ آغا سليم ڪهاڻين لکجڻ جو مختصر بيان خود پيش لفظ ۾ هيئن ڪيو آهي:

”اڄ کان ويهه ايڪيهه سال اڳ مان ڪجهه ڏينهن لاءِ حيدرآباد ۾ هڪڙي هوٽل ۾ رهيو هوس. اتي جو ڪجهه مون ڏٺو يا جن ڪردارن سان مليس. انهن جي باري ۾ مون ”درد جو شهر“ڪهاڻي لکي. ان کان پوءِ ترت ئي مون آسٽريليا ۽ هانگ ڪانگ جي سفر جي پس منظر ۾ ”درد جا رشتا“، ”پل پکيئڙا“ ۽ ”اکيون آرسيون“ ڪهاڻيون لکيون.“

”هيءَ هڪڙي هوٽل آهي“ (درد جا رشتا)، ڪهاڻي هيئن شروع ٿئي ٿي.هوٽل ۾ رهندڙ ماڻهو نمونن نمونن جا ۽ مختلف طبيعتن وارا آهن. هيءَ حيدرآباد جي گڊس ناڪي جي ’هوٽل شيزان‘ به ٿي سگهي ٿي، ڪا ٻي به! ڪيئي ڳالهيون ٿين ٿيون.هوٽل جو هڪڙو رهاڪو ’مان‘ به ٻين سان لهه وچڙ ۾ اچي ٿو ۽ هڪ ڪهاڻي جنم وٺي چوٽ (climax) تي پهچي ٿي.

جهاز لنڊن کان سڊني وڃي رهيو هو، ان ۾ هڪ ڪهاڻي سرجي ٿي ۽ ملاقاتن ۾ سماج ۽ ادب بحث هيٺ اچي ٿو. ’مان‘ پنهنجي ڳالهه ڪري ٿو ته ايلز پنهنجي ڪٿا بيان ڪري ٿي. مغرب ۽ مشرق جي اپٽار ٿئي ٿي. ايشيا جو هيڻو حال پڌرو ٿئي ٿو. سماج واد سامراج جا نالا حوالا اچن ٿا . هڪ طرف آمريڪا بهادر آهي ته ٻئي پاسي بالشيوڪ انقلاب جو قصو اچي ٿو. ڪيئي روماني لمحا ۽ نيٺ موٽ. هن طويل ڪهاڻيءَ ۾ آغا گذريل لمحن کي لفظن جي پيتيءَ ۾ بند ڪرڻ جي هرڪا ڪوشش ڪئي آهي. جذبات جي دنيا ۾ گذريل لمحا ئي ته يادن کي زنده رکن ٿا. جيئن نياز همايونيءَ چيو:

اي درد هلي آءُ ته يادن جي جزيرن ۾ هلون!

 

[سنڌي ادب جي تاريخ مان ڪوريل. سال 1992ع-1993ع]

غلام محمد گرامي

 

چنڊ جا تمنائي

 

هي ديده زيب ۽ دلڪش ڪتاب، آغا سليم جي نَوَن (9) افسانن تي مشتمل افسانوي شاهڪار آهي. سنڌي ادب ۾ فن ۽ هئيت جي لحاظ سان اصليت تي مبني تمام ٿورا ڪتاب لکيا ويا آهن. آغا سليم جا افسانا افسانه نگاريءَ جي فن جي حيثيت سان، توڙي زبان ۽ اسلوب جي حيثيت سان، سهڻو معيار ۽ مثال قائم ڪري چڪا آهن. افسانه نگار جي قوّت مشاهده عميق ۽ رقيق آهي. سندس مطالع جي حس سماج جي اخلاقي ۽ سماجي، تهذيبي ۽ مذهبي، رسمي ۽ نمائشي قدرن تائين پهتل آهي. کيس هڪ باشعور فنڪار جي حيثيت سان سماجي زندگيءَ جو ڀرپور مشاهدو حاصل آهي. سندس افسانن ۾ اصلاحي ۽ اخلاقي تاثر موجود آهي، جنهن مان واضح ٿي ٿو ته افسانه نگار جي اڳيان فن ۽ ان جي افاديت ۽ اهميت جو احساس آهي؛ هو فن براءِ فن جو قائل نه، پر فن براءِ حيات جو قائل نظر اچي ٿو. ان کان سواءِ سندس قوّت خيال ۾ اصليت، رنگيني، تنوّع ۽ همه گيري سمايل آهي. سندس زبان شته ۽ پخته، رنگين ۽ شيرين آهي، ۽ انداز بيان دلڪش ۽ دلنشين، مربوط ۽ مسلسل آهي. فنڪار، جديد فن جي سڀني فني لوازمات کي نباهڻ جي سهڻي ڪوشش ڪئي آهي. سندس افسانن ۾ ذوقِ جماليات جي موجودگي ۽ سندس منظر نگاريءَ ۾ مواد جي رنگيني به ڏسي داد ڏيڻو ٿو پوي. آغا سليم فن جي جديد ۽ قديم فني لوازمات ۽ تجرباتي روايات کي هڪ جاءِ تي گڏ ڪرڻ ۾ جنهن فني چابڪدستيءَ جو مثال پيدا ڪيو آهي، اهو تحسين جي لائق آهي. بهرحال، هر لحاظ سان هن ڪتاب کي افسانوي ادب ۾ سهڻو اضافو چئي سگهجي ٿو.

”نيٺ بهار آيو“ ۾ افسانه نگار ٻن ڀائرن جي طبقاتي ۽ جذباتي، جنسي ۽ نفسي ڪشمڪش کي پيش ڪيو آهي. هڪ سماج ۾ سکيو ستابو آهي، ٻيو سلهه جو مريض. ٻنهي جون تقاضائون ۽ تمنائون فطري ۽ طبعي آهن. پنهنجي جسماني ۽ دماغي ڪمزورين کي هڪ ڪَچي مزدورڻ جي دامن ۾ لڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان کان پوءِ سندس ڀاڳ هڪ تعليم يافته نينگريءَ لاءِ کلي ٿو، وچ ۾ سندس ڀاءُ جهٽ هڻي ان سان شادي ڪري وٺي ٿو. ان شڪست جي تلافي ڪندي، مريض ڀاءُ وري وڃي ان مزدور عورت جو پاند جهلي ٿو؛ ان کي ”نيٺ بهار آيو“ قرار ڏنو ويو آهي. افساني جو مرڪز شادي آهي، ۽ ان ۾ زياده تر جنسي ڇڪتاڻ آهي. سکيو ستابو ڀاءُ وڏ گهراڻيءَ ۽ تعليم يافته ڇوڪريءَ تي قابض ٿي وڃي ٿو، ۽ مريض ڀاءُ ڪولهڻ تائين پهچي ٿو. ان ۾ سماج ڇا ڪري؟ هڪ مريض لاءِ ڇا ڇا مهيا ٿي سگهي ٿو؟ طبي طور ڪولهڻ ۽ تعليم يافته ۾ ڪو فرق نه آهي. هڪ مريض جو ”ميرانجهڙي دُٻي“ تي پهچڻ به غنيمت سمجهڻ گهرجي. ”نسيم“ کي ”آب زمزم“ نه پر ”آب حيات“ سڏڻ گهرجي ها. هونئن ته نڪو ڪولهڻ کي ”ميرانجهڙو دُٻو“ سڏي سگهجي ٿو، ۽ نڪو نسيم کي ”آب زمزم“ ان طرح، هر چاهنا کي قابل قبول نٿو سڏي سگهجي، ۽ زندگي ۽ ان جا مقصد رڳو شادي ۽ جنسي تسڪين تائين محدود نه سمجهڻ گهرجي. هڪ مريض جي چاهنا ۽ مقصد، ڇا؟

”خوابن جا سوداگر“ هن ڪتاب جو ٻيو افسانو آهي. هن افساني ۾ نو جوانن جي سماجي ناتجربيڪاريءَ ۽ زندگيءَ جي اهم مسئلن کان سندن اڻڄاڻائيءَ جي نفسياتي تحليل ڪئي ويئي آهي. زندگيءَ جا مقصد بتدريج جدوجهد سان حاصل ٿين ٿا؛ پر ڪي جوان خوش فهمين ۾ مبتلا ٿي رڻ جهاڳيندا آهن، پوءِ رُڃ ۾ وڃي دم پٽيندا آهن. آغا اهڙن ساده دل مصلحن جي جذباتي عمل تي چوٽ ڪئي آهي.

ٽيون افسانو آهي ”سڄڻ نت سوجهرو“. هن ۾ هڪ خوبصورت ڇوڪريءَ کي پنهنجيءَ اَنا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ هڪ بدصورت، وڏيءَ عمر واري پروفيسر سان شادي ڪرڻ ۾ ڪامياب ڏيکاري، ٻڌايو ويو آهي ته حسن به اضافي چيز آهي؛ ”انا“ جي نشو و نما ۽ تسڪين لاءِ ئي سڀ سماجي قدر پيدا ڪيا ويا آهن؛ اَنا جي تسڪين اگر ڪنهن غلط ۽ بيمقصد لاڳاپي سان ٿئي، ته پوءِ اها به ڪاميابي آهي. اهو نتيجو افسانه نگار پنهنجيءَ ذاتي راءِ تي ڏنو آهي. اهو سمجهڻ گهرجي ته ”اَنا“ ڇا آهي؟ ان جو مقصد تڪميل ڪهڙو؟ فقط پنهنجيءَ شڪست جي تلافيءَ لاءِ حسن ۽ عمر جي معيارن کي اضافي سڏڻ لاءِ ڪهڙو جواز ٿي سگهي ٿو؟ بهرحال، هڪ فلسفيانه ۽ نفسياتي مسئلي تي چڱي ڇنڊ ڇاڻ ڪيل آهي.

چوٿون افسانو ”ڊڄڻي“ آهي. ان ۾ ”ڊڄڻي“ سهڻي ۽ مارئي نٿي بنجي، پر پنهنجيءَ پسند ۽ انا کي مائٽن جي رسمن ۽ روايتن تي قربان ڪري به پنهنجيءَ انا کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. پلاٽ پراڻو آهي، تاهم افسانه نگار منجهس جدت پيدا ڪئي آهي.

پنجون افسانو، ”ماريم پنهنجي پرينءَ کي“، هڪ فڪر انگيز مسئلو آهي. هن ۾ هڪ وڏ گهراڻي عورت آهي، جا زمين حاصل ڪرڻ گهري ٿي. ان لاءِ پنهنجو سڀڪجهه گنوائي ٿي، ۽ شرافت تي گفتگو به ڪري ٿي ۽ ڪن مسئلن تي رائزني به ڪري گذري ٿي. ڪاميابيءَ کان پوءِ کيس نفسياتي ۽ اخلاقي طور شڪست جو احساس ٿئي ٿو. هي افسانو اخلاقي خيال کان ڪامياب آهي، ۽ ڀرپور طنز چئي سگهجي ٿو. انا جي حفاظت ۽ عصمت جي نگهباني سڀني مادي ڪاميابين کان اهم ۽ اعليٰ آهن.

ڇهون افسانو، ”جُڳن جا جُڳ ٿيا“، تصوراتي ۽ خيالي آهي. منظر نگاريءَ ۽ نقشگريءَ جي حيثيت سان معياري ۽ سرور آفرين آهي. ”سج جي اڀرڻ تائين“ افسانو ڪمال تي پهچي ٿو. ”ڪينجهر“ کي آڻڻ ۽ مومل جي ملڪ ۾ وٺي اچڻ، نهايت خيال آفرين چيزون آهن. ”مڪليءَ“ ۽ ”ڪينجهر“ جي مناسبت سان اگر ”گندري“
۽ ”نُوري“ آڻجي ها ته شايد وڌيڪ پختگي پيدا ٿئي ها. افساني جي آخر م ”جڳن جا جڳ ٿيا، هُتان نه موٽيو ڪو“ اِها اجائي واڌ آهي. افسانو مٿي ختم ٿي چڪو آهي.

”ٽهڪ“ ۽ خوني“ خالص نفسياتي افسانا آهن، جن ۾ جنسي بيراهه رويءَ جي ڪري پيدا ٿيل انفعالي ڪيفيتون انتقام وٺن ٿيون، اول ٽهڪ جي صورت ۾ ۽ پوءِ خون جي حيثيت ۾ محبت کي تڪميل تائين نه پهچائڻ جي صورت ۾.

”چنڊ جا تمنائي“ ۾ آغا انسان جي تقاضائن کي ٻار جي تمثيل ۾ آندو آهي، جو آرسيءَ ۾ چنڊ ڏسي راضي رهيو. بيشڪ، ڪي تقاضائون ٻاراڻيون به ٿين ٿيون.

ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي

 

آغا سليم

 

سنڌي ڪهاڻيءَ جي جديد دور ۾ جن ڪهاڻيڪارن نالو پيدا ڪيو تن ۾ آغا سليم به ڪافي اهميت رکي ٿو. هن جو پورو نالو آغا خالد سليم آهي ۽ ريڊيو پاڪستان ۾ وڏي عهدي تي فائز آهي. هي پهريون ئي تخليق ڪار آهي جنهن مختصر ڪهاڻيءَ سان گڏو گڏ ناول جي صنف تي به قلم آزماني ڪئي ۽ اهڙيءَ طرح سان هن پنهنجي تصور جي پس منظر کي پکيڙڻ لاءِ افسانوي موضوع کي ڦهلائي، ان کي وسيع پلاٽ ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ورتي اٿس. ان سان گڏ هن ڪيترائي ڊراما به لکيا آهن، جيڪي ريڊيو تان نشر ڪيا ويا آهن، جن مان چند ”پاڇا ۽ پڙلاءُ“ ڊرامن جي مجموعي ۾ شايع ٿيل آهن. هن جو تخليقي عمل به پنهنجي پهلوءَ ۾ هڪ نئون فني تجربو رکي ٿو. هن پنهنجي افسانه نگاريءَ (ڪهاڻي توڙي ناول) ۾ هڪ نئين نفسياتي رخ، ’شعوري رو‘ کي اهميت ڏني آهي، ان ۾ فنڪار ڪنهن خاص واقعي تي زور ڏيڻ بدران صرف ڪردار جي ذهن ۽ شعور جون تصويرون پڙهندڙن جي آڏو آڻڻ چاهيندو آهي. آغا سليم ان واٽ تي مضبوطيءَ سان پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن مان هن جي هڪ آزمودگار فنڪار ۽ پخته قلمي قوت رکندڙ اديب هجڻ جي ثابتي ملي ٿي. آغا سليم پنهنجي ناولن ۾ وڌيڪ ڪامياب آهي. هن پنهنجي فڪر ۽ بيان کي قابوءَ ۾ رکيو آهي ۽ پيچيده ڳالهين کي اهڙي فهميدگيءَ سان نباهيو آهي، جو انهن مان هڪ صاف ۽ سلجهيل تاثير نڪري ٿو، البت ڪٿي ڪٿي هو پنهنجي مقصد ۽ منصب تان ڀٽڪي ويو آهي. هن جا هن وقت تائين هيٺان ڪتاب شايع ٿيا آهن ۽ ٻيون به اٽڪل ٽيهارو کن ڪهاڻيون مختلف ادبي رسالن ۾ ڇپيل اٿس.

”چنڊ جا تمنائي“ ڪهاڻين جو مجموعو) 1962ع ڌاري شايع ٿيو.

”روشنيءَ جي تلاش“ (ناولٽ) 1964ع ۾ شايع ٿيو.

”اڻ پورو انسان“ (ناول) 1977ع ۾ شايع ٿيو.

”اونداهي ڌرتي ۽ روشن هٿ“ (ناول) 1978ع ۾ شايع ٿيو، ليڪن ان جا مختلف باب جدا جدا حصن جي صورت ۾ ”سهڻي“ رسالي ۾ اڳواٽ ڇپجي چڪا هئا، ان ڪري هي ناول ”اڻ پورو انسان“ کان اڳ جي تخليق چئي سگهجي ٿو، ان کانسواءِ ٻه ٻيا ڪهاڻين جا مجموعا شايع ٿيل اٿس.

آغا سليم سنڌي ٻوليءَ جو اهو فنڪار آهي جو مهذبانه اظهار جو مالڪ آهي هن جا ناول ۽ ناولٽ روشنيءَ جي تلاش، اونداهي ڌرتي ۽ روشن هٿ، اڻ پورو انسان توڙي مختصر ڪهاڻيون وغيره پڙهڻ سان تهذيبي قدرن جو شعور، ڪجهه وڃائڻ ۽ پائڻ جو احساس ۽ فرد جي ابديت ۽ شرافت ۾ ڪجهه ايمان جاڳي ٿو. آغا سليم جي تخليق ڪهڙي به فني روپ ۾ ڇو نه هجي، ليڪن سندس تخليقات جي مجوعي مطالعي مان پڙهندڙ جو احساس، ساڳي ئي ادراڪ جي راهن تان گذرندو، سندس وجداني ڪيف ۾ لهندو محسوس ٿيندو.

هاڻي پڙهندڙ ضرور سوال ڪندا ته اهو مهذبانه اظهار آهي ڇا؟ ان چوڻ مان منهنجو مقصد آهي ته تخليق جي اندروني ستاءِ ۽ اسلوب ۾ تهذيب مان ڪهڙي مراد ورتل آهي؟ زير قلم مقالي ۾، هتي ان نڪتي تي تفصيل سان روشني وجهڻ جي ڪا به گنجائش ڪانهي، ان ڪري صرف مختصر طور عرض ڪندس ته: تهذيب انهن سياسي، معاشي ۽ اخلاقي مطلب ته ارضي ۽ روحاني ٻنهي عوامل جي مجموعي نتيجي جو نالو آهي، جنهن جو استخراج هميشه جدليات جي مستقل اصولن جي تحت ٿئي ٿو ۽ جن جي ڪري ئي وقت بوقت، انسان بربريت جي سياهه دائرن مان نڪرندو، انسانيت جي روشن حلقي جي اثر ۾ ايندو رهي ٿو. جيئن جيئن مختلف عوامل جي نوعيتن ۾ فرق پيدا ٿيندو رهندو آهي، تيئن تيئن تهذيب جي نوعيت ۾ تبديلي ايندي رهي ٿي. ٻين لفظن ۾ ائين کڻي چئجي ته هر ڪا تهذيب هڪ سماجي پيداوار آهي ۽ معاشي نظام جي ڪنهن هڪ مخصوص شڪل تي قائم ٿيل آهي. مثال طور جڏهن معاشيات ڇڙوڇڙ وسائل جي صورت ۾ هئي ۽ معيشت يا پيداوار مستقل شڪل ۾ نه هئي، ته اهڙيءَ حالت ۾ سماج جي واڳ به قبيلائي نظام جي هٿن ۾ هئي. معيشت ۾ وسعت اچڻ سان وسيلا يڪجا ٿيڻ سان تمدن ۾ ترقي آئي ۽ سماج هڪ شهنشاهي نظام ۾ جڪڙجي ويو. سنڌ جي معاشري جي زمام ڪار اڃا به وڏيرڪي ۽ جاگيردارنه نظام جي هٿن ۾ آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي تهذيب جو رخ اڄ سوڌو به جاگيردارانه آهي. ليڪن جتي جتي سماج سندن هٿ وس ۾ نه رهيو آهي ۽ معيشت آهستي آهستي سرمائيدارانه نظام ڏانهن وک وڌائي رهيو آهي، انهن هنڌن تي سرمائيدارانه تهذيب جا گڻ به پيدا ٿيندا وڃن پيا.

فنڪار جي ’مهذبانه اظهار‘ جي به ساڳي مراد آهي. در اصل آغا سليم جي اسلوب جي ادا ڪيل لفظن مان سماجي شعور  ٽپڪي ٿو، جنهن جي وسيلي هو انساني رشتن جو ادراڪ ڏئي ٿو. هو قومن جي تاريخي لاڳاپن کان آگاهه ڪرائي ٿو. هو قوم يا فرد جي نفسياتي ڪيفيت يا طبقاتي يا ثقافتي پهلوءَ جو هڪ اهڙو عرفان بخشي ٿو، جنهن جي حيثيت مان ڪاميابي يا شڪست يا استواريءَ جو ڪونه ڪو رخ ظاهر ٿئي ٿو!

تاريخي فلسفي کي قبول ڪرڻ کان پوءِ اها حقيقت خود بخود تسليم ڪرڻي پوي ٿي، ته هرڪا تهذيب ڪنهن خاص موقعي تي ظهور ۾ اچي ٿي. هڪ مخصوص عرصي اندر  اها نشو و نما پائي ٿي، ليڪن جيئن ئي نيون حالتون رونما ٿين ٿيون ته اها انحطاط جو شڪار بنجي وڃي ٿي، ليڪن ان سان گڏو گڏ هڪ نئين تهذيب به اسرڻ لڳي ٿي. ٻن قومن جي ٽڪراو سان پراڻي ۽ نئين تهذيب جي آويزش ناگزير بنجي وڃي ٿي، ليڪن آهستي آهستي ميل ميلاپ جون صورتون نڪري اچن ٿيون ۽ هڪ نئون معاشرو جنم وٺي ٿو. ٻنهي قومن جي تهذيبن جا بهترين گڻ پاڻ ۾ هم آهنگ بنجي نئين ۽ صحتمند تهذيب جي اسرڻ ۾ مددگار بنجن ٿا. تهذيبن جي تصادم ۾ آغا سليم جا مکيه ڪردار حسن خيز ۽ خوبيءَ جا مويد بنجي ظاهر ٿين ٿا، هو نئين تهذيب جو روپ ڌاري ميدان تي لهن ٿا ۽ سچ جي علمبردارن ۾ شامل ٿي وڃن ٿا. آغا سليم سنڌيءَ جو هڪ منفرد فڪشن ليکڪ آهي، جنهن جي نگارشات ۾ تهذيبي آگهي بدرجه اُتم پاتي وڃي ٿي!

آغا سليم هڪ رومانوي افسانه نگار وانگر زندگيءَ جي ابدي حقائق جو به مصور آهي، ته ان جي اخلاقي ۽ روحاني مقصدن جو به ترجمان آهي. حقيقت نگار ڪهاڻيڪار، سماج جي حقيقت مان فراهم ٿيل ڪنڊن ۾ اُلجهي پوندو آهي ۽ پنهنجي دامن کي به خون آلود ڪندو آهي ته پڙهندڙ جي دل و دماغ کي به ضرب رسائيندو آهي. ليڪن ”رومانيت“ جو ليکڪ فنڪار زندگيءَ جي سادن سودن واقعن ۽ ناخوشگوار موضوعن کي پنهنجي اظهار جو ذريعو بنائڻ بدران تخيل جي مدد سان اهڙا منظر، واقعات ۽ ڪردار وضع ڪندو آهي، جن جو مثال حقيقت پسند فنڪار وٽ هرگز نه هوندو آهي. هن جي تخليق جو بنياد مشاهدي تي ٻڌل نه هوندو آهي، بلڪ ان جي بدران هو ان لاءِ تخيل ۽ تصور جو سهارو وٺندو آهي. آغا وٽ زندگيءَ کان فرارواري سستي رومانيت ناهي، بلڪ سندس ذهن شعور جي وهڪري (Stream of Consiiousness) ۾ لڙهندو، زمانن ۽ مڪانن جا تفاوت مٽائيندو، تاريخ جي مختلف  تهذيبي دورن ۾ ڀٽڪندو رهي ٿو ۽ سندس تصور انسان جي بلند ترين ۽ ارفع مقامات تائين پهچي وڃي ٿو ۽ نيٺ اهو فن جي مثاليت جو اهڙو روپ ڌاري ٿو، جيڪو ابديت جو ضامن بنجي پوي ٿو ۽ اهو پڙهندڙن جي دل ۾ جڳهه پائي وٺي ٿو. اهڙيءَ طرح محبت جو جذبو رومانيت جو اهم عنصر آهي. آغا به پنهنجي تخليقن ۾ محبت کي مرڪزي جاءِ ڏني آهي، جنهن پلاٽ جي فني ترتيب، ڪردارن جي سيرت ڪشي، ان جي مقصد  ۽ تاثر ۽ اهڙيءَ طرح سان بحيثيت مجموعي سندس فن تي تمام گهرو اثر وڌو آهي. فنڪار محبت جي جذبي کي، پنهنجي ابتدائي احساس کان وٺي تهذيب جي انتهائي ترقي ٿيڻ تائين ان کي پڄائي ٿو. هن انساني فطرت ۾ محبت جي جذبي کي سطحي طرح نه بلڪ هڪ سحر آفرين جذبي جي حيثيت سان پيش ڪيو آهي ۽ محبت کي انساني تهذيب ۽ هر لطيف فن جي تخليق جو راز ڄاڻايو آهي!

آغا سليم وٽ هڪ قسم جو خاص يا انداز نظر آهي، هن جون نظرون زندگيءَ ۾ اهڙن پهلوئن کي تلاش ڪري وٺن ٿيون، جيڪي سچائي ۾ ترنديون ۽ رنگينيءَ جي آغوش ۾ پلجنديون رهن ٿيون. بهرحال هو معمولي جي بجاءِ غير معمولي، ظاهر ۽ واضح نظر ايندڙ شين بدران پوشيده ڳالهين ۽ حقيقت جي بدران سمورو زور تخيل تي ڏئي ٿو! هو تهذيب ۽ ثقافت جي باب ۾ پنهنجي ذهني محويت ۽ استغراق کي رومانوي ۽ دلڪش انداز ۾ پيش ڪري ٿو! جنهن مان تهذيبي شعور ۽ تاريخي واقعات ۾ تسلسل جو هڪ مبهم تصور پڙهندڙ جي ذهن ۾ ڄمي وڃي ٿو ۽ هو تهذيبي قدرن جي آگاهي حاصل ڪري ٿو! اچو ته انهن معروضات جي روشنيءَ ۾ آغا جي ادبي تخليقن جو مطالعو ڪريون!

اونداهي ڌرتي ۽ روشن هٿ

هي ناول سنڌ جي پنج هزار ساله تاريخ جي پس منظر ۾ انساني تهذيب فرد ۽ سوسائٽيءَ جي ازلي ۽ ابدي ڪشڪش جو داستان آهي. هن ناول ۾ ئي فنڪار جي صلاحيتن جو نقطه عروج ڏسڻ ۾ اچي ٿو. موهن جي دڙي کان وٺي ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين هن ناول جو ڪئنواس پکڙيل آهي. سندس مکيه ڪردار به هر دور ۾ ساڳيائي آهن، جيڪي هر زماني ۾ پنهنجي مخصوص طرز فڪر ۽ مخصوص رجحان جا حامل نظر اچن ٿا. هن زمان ۽ مڪان جي فاصلن کي مختلف ڪڙين سان ڳنڍي يڪسان بنايو آهي، اهڙيءَ طرح جو فرد جي ڪرب ۽ اضطراب مان هڪ ساري قوم جو تهذيبي الميو ۽ درد محسوس ٿيڻ لڳي ٿو! فنڪار پنهنجي مشاهدات، جذبات ۽ تجربات کي حقيقت جو روپ بخشڻ لاءِ مختلف زمانن کي هڪ ئي ليڪ ۾ ڇڪيو آهي ۽ مڪمل تصوير سان هڪ مجموعي تهذيبي احساس پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي!

هن ڪتاب جو پهريون حصو سڄي ناول جي جان آهي، جنهن ۾ مُهن وارو عهد پنهنجي سمورين خصوصيتن سان ڄڻ ته زنده بنجي پيو آهي ”سارنگ“ هر دور جو اهم ڪردار آهي. هن دور ۾ هر هڪ وڏو ”بت تراش“ آهي. شروعات ۾ هو هڪ وڏي فنڪار بنجڻ جي آس کڻي مُهن جي شهر ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ پنهنجي دور جي هڪ نام ڪٺئي سنگتراش (ماڻڪ) جي شاگرديءَ ۽ صحبت ۾ گذارڻ لڳي ٿو مگر هن جي ڏات جي مشعل ڀڙڪي نه سگهي. نيٺ هڪ ڏينهن مها پوڄارڻ بنجڻ واري رسم مهل سنڌوءَ جي مدمست ناچ کي ڏسي، سندس ستل ڏات جاڳي پوي ٿي ۽ هو پنهنجي ڏات کي جرڪائڻ لاءِ سنڌوءَ جي سونهن جي ورنن کي مورتين جو روپ ڏيندو رهي ٿو. سارنگ سنگتراش هو ته سنڌو سندس ڏات هئي. هو اهو فنڪار آهي جيڪو هر دور ۾ هن ڌرتيءَ تي سونهن ۽ سوڀيا پکيڙڻ اچي ٿو. هو سنڌوءَ کي چوي ٿو ته:

”هن ڌرتيءَ تي ڏاڍي بد صورتي آهي، بدصورتي ماڻهن جي روح ۾  پيهي وئي آهي. اچ ته ماڻهن کي هڪ نئين سونهن ۽ سندرتا سان آشنا ڪريون. ماڻهپي جي سونهن، انساني ڀائپي جي سندرتا ۽ ماڻهوءَ جي ماڻهوءَ سان هڪ جهڙائيءَ جي سونهن!“

مها پوڄاري هن دور جو هڪ اپاڌي ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي نفسياتي طلب جي پورائيءَ ۽ ڪوڙي انا خاطر تهذيب ۽ انسانيت ۽ شرافت جي قدرن کي مٽائڻ کان به باز نٿو اچي.  مُهن جي دور ۾ سارنگ کي رڳو ان ڪري سزا ڏني وئي جو هن سنڌوءَ سان پيار ڪيو هو. مها پوڄاري ڪروڌ ۽ حسد ڪري منفي رويو رکندڙ آهي، ان ڪري سونهن ۽ امن جي پرچارڪ سارنگ جهڙي عظيم فنڪار جون آڱريون ڪپائي فن جون شمعون هميشه لاءِ گل ڪري ڇڏي ٿو!

ناول جو ٻيو دور وري سومري سلطان ڀونگر راءِ جي زماني يعني 1400ع صديءَ ۾ شروع ٿئي ٿو ۽ دودي چنيسر جي خانه جنگي ۽ تاتارين جي ڪاهن سان پڄاڻيءَ تي رسي ٿو! ان دور ۾ سارنگ برهمڻ هو ۽ هو ننڍي هوندي ئي جڻيو پائي گروءَ جي آشرن ۾ داخل ٿي ويو. هن پنڊت ماڻڪ کان موسيقيءَ جي سکيا ورتي ۽ سرندو وڄائڻ شروع ڪيو. ليڪن سندن سرندي جي تارن مان سدائين ٻُسا ٻُسا سُر نڪرندا هئا، سندس روح جي راڳڻي وڄي نه سگهندي هئي. هڪڙي پورنماسيءَ جي رات درياءَ جي ڪنڌيءَ تي ميلو لڳو، جتي سندس مکاميلو سنڌوءَ سان ٿئي ٿو. سنڌوءَ جي سونهن سوڀيا، هن جي سرندي جي تارن ۾ سُر ڀري ڇڏيا ۽ هو  موسيقار بنجي پيو! سنڌو نيرون جي هڪ ناچڻي هئي، هوءَ وئشيا هئي، جنهن سان پيار ڪرڻ سندس ڌرم ۾ مهاپاپ هو. ليڪن سارنگ ذات پات جا سڀئي ويڇا مٽائي سنڌوءَ سان وڃي مليو، هو روز مڌ پي سرندو وڄائيندو هو. سنڌو نچندي هئي، جنهن سان ساري ڪائنات رقص ڪندي هئي. سارنگ، سونهن کي ئي نيڪي ڪري ڄاڻندو هو، ان ڪري سنڌو هن لاءِ وئشيا نه، پر سرسوتي ديوي هئي، جنهن وڏن وڏن ڪلاڪارن کي جنم ڏنو هو. هڪ ڏينهن نيٺ سنڌوءَ کي برهمڻ وديارٿيءَ سان پريم ڪرڻ جي ڏوهه ۾ شهر نيڪالي ڏني وئي ۽ هوءَ نيرون ڇڏي ڪنهن نامعلوم جڳهه ڏانهن وئي هلي پوءِ جڏهن سارنگ ويراڳ ۾ ڀٽڪي ڀٽڪي ٿڪو، ۽ پنهنجون خواهشون ميٽي روح سان رهاڻ ڪيائين ۽ آخرڪار سرندو سنڀالي زندگيءَ ۾ موٽي آيو. هو سومري سلطان جي ڪتب خاني جو سنڀاليندڙ مقرر  ٿيو ۽ سوز ۽ سڪ کيس هڪ وڏو عالم ۽ سنگيت ڪار بنائي ڇڏيو!

هن ئي باب ۾ سارنگ جي ’بوعلي‘ سان ملاقات ٿئي ٿي. هو عرب سيلاني هو ۽ سنڌي فرمانروائن جي علم دوستيءَ جي هاڪ ٻڌي، بغداد کان هتي پهتو هو. بوعليءَ جي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ سان تاريخ جو هڪ نئون ورق وري ٿو. اهو ئي زمانو هو جنهن ۾ سنڌي ماڻهو گهڻي ۾ گهڻا مسلمان ٿيا ۽ خود اسلامي انڪار ۾ هندو ويدانت جو پيوند پختو ٿيو! بوعلي سنڌ جي ساوڪ ۽ سونهن پسي عربستان جا نخلستان ذهن تان ميساري ڇڏي ٿو. سارنگ ۽ بوعليءَ جي پاڻ ۾ سنگت، سارنگ جي فصاحت ڀري عربي گفتگو ۽ بوعليءَ جي سنڌي سنگت ۽ رسم و اخلاق لاءِ ڪشش پيدا ٿيڻ ۽ آخر ۾ سنڌ وطن تان مري مٽجڻ ۽ ان جي تهذيب ۾ پاڻ کي جذب ڪري ڇڏڻ. اهي سڀئي ڳالهيون عربي ۽ سنڌي تهذيب جي سنگم بابت اشارتي (symbolical) آهن. منظر بياني ۽ ڪردارن جي رغبتن بابت باهمي گفتگوءَ ذريعي تهذيبي ربط کي ظاهر ڪيو ويو آهي. ليکڪ هن حصي کي پوريءَ طرح نباهي نه سگهيو آهي. واقعاتي رمزن، ڪردارن جي ڪشمڪش يا ناول ۾ ڪلائيميڪس پيدا ڪرڻ بجاءِ صرف تاريخي تفصيلن دهرائڻ سان خانه پُري ڪئي وئي آهي.

گذريل باب ۾ مها پوڄاري ظاهر ۾ هڪ پاڪباز هو، ليڪن اندر ۾ هڪ نفس پرست مڪار هو. سنڌوءَ ۽ سارنگ جي پيار ۾، پنهنجي خواهشن کي پامال ٿيندو ڏسي، ڍونگ رچائي انتقام وٺي ٿو. انهيءَ ڪشمڪش ۾ ئي تجسس، حيرت ۽ واتعاتي دلچسپيءَ جو ماحول تيار ٿئي ٿو، ليڪن ٻئي باب ۾ سارنگ، سنڌو توڙي بوعلي انسانيت ۽ تهذيبي اخلاق جا رکوالا آهن، اهڙو ڪوبه ڪردار خلقيو نه ويو آهي، جيڪو گهاتڪ هجي ۽ نيڪي ۽ سچائيءَ ۾ سدراه بنجي. هن جي منفي عمل منجهان دوريون ۽ ويڇا پيدا ٿيندا هجن، ۽ ٽڪراو جي ڪيفيت مان ناول جو ڪلائيمڪس پيدا ٿئي!

ان کانپوءِ ميرن، انگريزن ۽ قيام پاڪستان وارن دورن ۾ شعوري ڳانڍاپو ۽ احساساتي ربط مليل آهي. ”سارنگ“ هر زماني جو مکيه ڪردار آهي. هر دور ۾ محبت ۾ هار کائي ٿو ۽ سونهن ۽ سچ واسطي مري مات ٿئي ٿو. ليڪن هن جي ظاهري هار ۾ جيت لڪل آهي، هو آدرشي ڪردار آهي. ميرن جي دور ۾ هو شڪارپور جي حسين فضائن جو رهاڪو آهي. وڏي زمينداري خاندان جو هڪ فرد آهي، ليڪن ڄڻ ته رومانوي شهزادو لڳي ٿو. سماجي ويڇا ۽ مذهبي ٻنڌڻ کائنس سنڌوءَ کي هميشه واسطي ڌار ڪري ڇڏين ٿا. جنهن کان پوءِ هو ميرن جي محافظ دستي ۾ شامل ٿي وڃي ٿو. هو عالم ۽ شاعر هجڻ سان گڏ سپاهه گيريءَ جي فن ۾ به ماهر بنجي ٿو. حيدرآباد ۾ هڪ انگريزي ريزيڊنسيءَ جي هڪ نو وارد عملدار فلپ سان هن جي دوستيءَ جو ڳانڍاپو ٿئي ٿو. فلپ به پنهنجي وطن ۾ محبت ۾ شڪست کائي، رنجيده دل سان انگلنڊ جي فضائن ۽ سامونڊي ڪناري کان الوداع ڪري هن ڌرتيءَ تي قدم رکيا هئا، مگر سنڌ جي نيم خوابيده ماحول ۾ جلدي هن جي دل کي سڪون ملي ٿو! سارنگ جي دوستي، شعر وشاعري ۽ ماحول جي پنهنجائپ ۽ مٺڙيون مرڪون هن جون ڪل سرمايو هيون. ليڪن وقت آيو جو هرڪا شيءِ هن جي لاءِ اجنبي بنجي پئي ۽ اهو فلپ جنهن شاهه جا بيت ترجمو ڪيا هئا، تنهن پنهنجي هٿن ۾ بندوق کي مضبوطيءَ سان جهليو، ۽ سارنگ به هٿن مان قلم ڦٽو ڪري مٿس ترار اُڀي ڪري بيٺو!

انگريزي فتح مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وري به هڪ نئين دور جو آغاز ٿئي ٿو، جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي تعمير ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي خوشحاليءَ جون رٿائون عمل ۾ اچن ٿيون. سارنگ ۽ فلپ وري به هڪ ٻئي جا دوست آهن. ساڳيءَ طرح پنهنجي پنهنجي محبوبائن کان وڇڙيل ۽ پيار جي پرهه جا پياڪ. هو گڏجي علم ۽ فن جي آبياري ڪن ٿا. ليڪن وقت وري سندن هڪ ٻئي سان ٽڪراو ڪرائي ٿو. هو ٻئي پنهنجي پنهنجي ڌرتيءَ ڏانهن جوابده ۽ سماجي ذميوارين ۾ جڪڙيل هئڻ ڪري مجبور آهن. وطن ۾ آزاديءَ جي ستل چڻنگ ڀڙڪڻ لڳي ٿي ۽ سارنگ جو جذبو به يڪايڪ اُٿلي اچي ٿو. هو ان دکيل چڻنگ کي ڦوڪون ڏئي ڀڀڙ ٻارڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. نيٺ فرنگين جي هٿن ۾ گرفتار ٿي ڦاسيءَ چڙهي ٿو!

ناول نگار، قيام پاڪستان کانپوءِ واري دور کي ڏاڍي پُرڪشش انداز ۾ نقش ڪيو آهي. سارنگ جي محبوبه سنڌو، وطن جا وڻ ڇڏي، هندستان هلي وڃي ٿي! وقت گذرڻ سان سماجي تبديلين باعث نوان نوان خيال ۽ نظريا به پروان چڙهن ٿا. هن دور ۾ به سارنگ حسن ۽ حق جا آدرش کڻي، مظلومن جي حمايت ڪرڻ لاءِ سياسي ميدان تي لهي اچي ٿو. غريب مسلمان آزاديءَ سان گهڻيون ئي اميدون وابسته ڪري ٿو، ليڪن کيس فقط مايوسيون پلئه پون ٿيون. معاشي استحصال سان گڏ، هو هن دور ۾ ثقافتي ۽ روحاني استحصال جو به بريءَ طرح سان شڪار ٿي وڃي ٿو. ڪجهه طالع آزما ڦرلٽ جي مال ميڙڻ ۾ لڳي وڃن ٿا، هو پنهنجي ڌرتيءَ کان ته ڪٽجي آيا، ليڪن نئين ڌرتيءَ ۾ پنهنجون پاڙون هڻن لاءِ تيار نه ٿيا. هو خوشحاليءَ سان همڪنار ٿيڻ بعد، دهليءَ ۾ لکنوءَ جي جاگيردارنه تهذيب کي مغربي ڪلچر ۾ بدلائڻ لڳا. ڪيترن خاندانن جا نه رڳو مرد مغربي آرائش محفل جا دلداده بنجي پيا، مگر سندن عورتون به پرده نشينيءَ کي ترڪ ڪري ڪلب ۽ پارٽيءَ جي ماحول ۾ بي حجابيءَ سان شرڪت ڪرڻ لڳيون! ليڪن سارنگ اهوئي هڪ سادي سودي سنڌي مسلمان جي تصوير بنيل آهي، جيڪو ٻهراڙيءَ جي اڻ سڌريل ماحول ۾ رهندي ۽ خسته حال گذاريندي اناج جا انبار پيدا ڪري شهري ماڻهن جو پيٽ ڀري ٿو! سارنگ جي الميي ۾ پوري قوم جو درد ۽ ڪرب سمايل آهي!

مهن جي دڙي جي تهذيب کان ورهاڱي ٿيڻ تائين، وسيع ڪئنواس ۾
”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ناول کي پکيڙيو ويو آهي. سارنگ، سنڌو ۽ ماڻڪ بار بار روپ بدلائي هر دور ۾ اُڀرن ٿا. تهذيب جا مختلف موڙ تاريخي واقعاتي بيان بدران پڙهندڙن تائين تاثرات، جذبات ۽ يادگيرين جي ذريعي پهچن ٿا. جيڪو انساني ذهن جي فڪري ۽ جذباتي گهرائي جي تسلسل کي پيش ڪرڻ جو ڪامياب ذريعو آهي.

هن ناول ۾ اڃا به کوٽ محسوس ٿئي ٿي. خصوصا مُهن جي دڙي واري تهذيب کان ناول جي شروعات ڪري، وري يڪدم ان کي سومرا زماني جي تهذيبي موڙ تي آندو ويو آهي. وچ ۾ ڪيتريون ئي تهذيبي اٿلون ۽ انقلاب آيا، جنهن سان وطن جي ڌرتي زير و زبر ٿي، تهذيب موت و حيات جي ڪشمڪش مان لنگهي وري به هڪوار استقامت ماڻي. ڪم از ڪم اهڙو هڪڙو باب ضرور هجي ها، جنهن ۾ دراوڙن ۽ آرين جي آويزش کي عيان ڪيو وڃي ها ۽ ان مان اها خبر پوي ها ته آريائي خانه بدوش ۽ جنگجويانه تهذيب پنهنجا ڪهڙا آدرش آندا ۽ سنڌي تهذيب ۾ ڪيئن جذب ٿيا ۽ هتي جي ماڻهن ويدڪ ڌرم کي ڪهڙي روپ ۾ اختيار ڪيو ۽ ”دراوڙ سارنگ“
ڪهڙيءَ طرح ”برهمڻ سارنگ“ بنجي ويو!

ان کانپوءِ 1900ع کان 1947ع تائين وارو دور تاريخ ۾ وڏي اهميت رکي ٿو. ان دور ۾ فرقيوارانه سياست هن ڌرتيءَ سان ڏاڍا راڱا ڪيا. ان زماني ۾ مرزا قليچ بيگ جهڙو آدرشي ليکڪ پيدا ٿيو، جنهن رنگ، نسل ۽ عقيدي کان سواءِ هر مذهب جي چڱاين کي ڳايو، هن سونهن سچائي جو پرچار ڪيو ۽ ادب ۽ فن جي عبادت ڪئي. ڀڳت ڪنور جهڙو آدرشي فنڪار ۽ ڳائڻو پيدا ٿيو، جنهن  تعصب ۽ دوئيءَ کي نندي انسانن جي مهما کي ڳايو ۽ انسانيت جو بول بالا  ڪيو. سارنگ ۽ سنڌوءَ جي روپ ڌارڻ لاءِ هن زماني جا ڪيترائي زنده ڪردار آسانيءَ  سان موجود ٿي سگهيا ٿي. هن دور ۾ انهن جو نمودار ٿيڻ ان ڪري ضروري هو، جو قوم هن دور ۾ گهڻو ڀوڳيو ۽ سَٺو، جنهن جا اُگرا نتيجا اڳتي هلي ظاهر ٿيا. سارنگ ۽ سنڌوءَ جي درد ۽ پيڙا مان قوم جي اجتماعي تڙپ ۽ احساس کي ظاهر ڪرڻ مٿين ناول جي مقصد سان بلڪل ٺهڪيل هو! ڇو ته سارنگ ئي اهو انسان آهي، جيڪو صدين کان پنهنجي سيني تي ڌارين جون ڏاڍايون سهندو، پيار ۽ نيڪيءَ جو پرچار ڪندو رهيو آهي!

مجموعي طور ناول تي ياسيت ۽ قنوطيت ڇانيل آهي، جيڪو آغا جي سموري افسانوي فن جو اڀريل احساس آهي. ناول ۾ جيتوڻيڪ فرد جي تهه دامنيت ۽ قوم جي ويرانين جو ذڪر آهي، ليڪن فنڪار پڙهندڙن کي نراس ۽ مايوسيءَ جي بحر ۾ لوڙهي ڪونه ٿو وڃي. هر ڪاهه ۽ برباديءَ کانپوءِ تعمير ۽ امن جو دور شروع ٿئي ٿو ۽ وقت جا فنڪار وري به حسن، خير ۽ خوبيءَ جا مويد بنجي، علم ۽ عرفان جون ڌارائون وهائين ٿا. سنڌي تهذيب جا گهاتڪ ۽ حمله آور ان جي مقناطيسيت ۾ ڇڪجي اچن ٿا ۽ اها سونهن ۽ سوڀيا جون نيون وصفون حاصل ڪري، اڳي کان به وڌيڪ سگهاري بنجي وڃي ٿي. سنڌي قوم جا گهاوَ ڀرجي وڃن ٿا ۽ تهذيب جا ساوا سلا وري ڦٽڻ لڳن ٿا، سارنگ جي هر باب ۾ بظاهر ناڪامي ٿئي ٿي، ليڪن ظاهري شڪست ۾ فن جي عظمت ۽ تهذيبي عروج جو راز سمايل آهي. هن جي پسپائي وري به انسان جي ڪاميابيءَ ۾ بدلجو وڃي ٿي!

آغا سليم جي فني طرز، شعور جو وهڪرو (Stream of Consciousness) خصوصا ورجينا وولف جي ناول آرلينڊو ۽ قرة العين حيدر جي ”آگ ڪا دريا“ تان متاثر ٿيل معلوم ٿئي ٿي، ليڪن ان ٽيڪنڪ جو استعمال هن پنهنجي ڪاوش ۾ هڪ اوريجنل اديب جي حيثيت سان ڪيو آهي. انساني تهذيب ۽ تاريخ جي شعور، جذبات ۽ احساسات جي ترجماني، مشاهدي جي قوت، تجربي ۽ تخيل جي پخته ڪاري، تاثر جي وحدت، ڪردار نگاريءَ جي بلوغت کانسواءِ خاص ڪري اسلوب جي شگفتگي ۽ جاذبيت ۾ هن جي قلم کي ڪمال حاصل آهي. اهو ئي سبب آهي، جو هو جنهن به شهر، سماج يا تهذيب جو نقشو چٽي ٿو، سا پنهنجي سمورين رعنائين ۽ رنگينين سان اکين آڏو حرڪات ۽ چرپر ڪندي نظراچي ٿي! جنهن کي ڏسي پڙهندڙ جون اکيون خيره ٿيون وڃن! هتي جيڪڏهن هر  خوبيءَ لاءِ ناول مان مثال پيش ڪبا، ته تنقيد جو سلسلو طويل ٿي ويندو، جنهن جي هتي گنجائش نه آهي. هي فنڪار نه رڳو رومانٽڪ انداز سان ادبي لطافت بخشي ٿو، بلڪ سندس مهذبانه فن پڙهندڙ کي تاريخي شعور کان آگاهي به ڏئي ٿو!

همه اوست

آغا سليم جو ناول (همه اوست) نيو فيلڊس وارن شايع ڪيو. هي ناول شاهه عنايت شهيد جي دور جي پس منظر ۾ لکيل ناول آهي، جيڪو ان دور جي مزاج ۽ وحدت الوجود جي فلسفي جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. تصوف جي پسمنظر ۾ لکيل هن ناول ۾ ٽن مختلف ڪردارن جي اپٽار ڪري ٿو. جن ۾ سارنگ مسلمان، ماڻڪ هندو ۽ الفانسو عيسائي آهن. ناول جو مرڪزي ڪردار سارنگ آهي، جيڪو سنڌي مسلمان آهي. هو بهادر هجڻ سان گڏو گڏ انتهائي ذهين، سلجهيل ۽ عالم آهي. سندس مسئلو اهو آهي ته هو هڪ طرف سنڌ سان بيحد عشق ڪري ٿو ته ٻئي طرف مغلن وٽ نوڪري ڪندي سنڌي ماڻهن کي ماري ۽ ايذائي ٿو. ماڻڪ جيتوڻيڪ هندو آهي، پر هو هميشه روحانيت جي تلاش ۾ آهي. روحاني تلاش ۾ شادي به ڪري ٿو پر سندس ان تڙپ جو علاج نٿو ٿئي. آخر دنيا کي تياڳ ڪري ۽ سفر ڪندو سڌو صوفي شاهه عنايت جي درگاهه تي پهچي ٿو، جتي هو پاڻ کي مطمئن محسوس ڪري ٿو. اهڙي طرح الفانسو جو ڪردار وڏي اهميت وارو آهي. هن ناول ۾ ٽن مذهبن جي ماڻهن کي پيش ڪرڻ جو پهريون تجربو آغا سليم ڪيو. جيڪي تصوف جي جذبي سان ڀرپور آهن.

هي ناول ارغون دور جي پڄاڻي ۽ مغلن ۽ ڪلهوڙن جي دورن جي پسمنظر ۾ لکيو ويو آهي. ٻيو ته هي ناول ان وقت سنڌ ۾ رائج تصوف جي بنيادن تي روشني وجهي ٿو. هن ۾ هندو ڌرم، اسلام ۽ عيسائين جي مذهب ۾ ان عنصر کي موجود ڏيکاريو ويو آهي ته انسانيت هڪ ئي، بين الاقوامي مذهب آهي. هن ناول ۾ بيان ڪيل ٽيون نقطو سنڌ جي سماجي زندگيءَ جي مختلف رنگن روپن جي منظر ڪشي آهي ۽ چوٿون نقطو اهو آهي ته هن ۾ سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه لطيف جي شعر ۽ شاهه عنايت شهيد جي تصوف جي نقطي جي اپٽار ڪيل آهي.

ناول شروع ڪرڻ سان جن ڪردارن سان واقفيت ٿئي ٿي، سي اڪثر پنهنجي چوڌاري هڪ مخصوص خول ۾ قيد آهن، جهڙوڪ سارنگ، سنڌو، علي، نواب لطف علي، ماڻڪ، گوپي، گيتا ۽ پدمڻي وغيره. هنن ڪردارن جي مدد سان هڪ ڪهاڻي اُڻي ويئي آهي، جنهن کي هڪ تسلسل به آهي. ڪهاڻيءَ جو سلسلو هلندي ناول نگار ڪي نُڪتا مختلف مذهبن جي اصولن جي حوالن ۽ ڪن شعرن جي مدد سان واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. بياني سلسلي ۾ به ليکڪ پنهنجا خيال ڪٿي ڪٿي ڪنهن ڊگهي ڊائلاگ وانگر ظاهر ڪري ٿو. ناول جي ڪهاڻي جيئن پکڙجي، وڌي ويجهي ٿي تيئن ختم نٿي ٿئي. تڪميل ڏي ايندي ڪهاڻي شاهه عنايت شهيد ڏي تيزيءَ سان اچي ٿي ۽ شهادت تي ختم ٿي ٿئي. تاريخ جو شاگرد ڄاڻي ٿو ته نواب لطف عليءَ کان جيڪا ڪهاڻي شروع ٿي، تنهن جو خاتمو شاهه عنايت شهيد تي ٿيڻو آهي. ٿوري ئي بياني سلسلي ۽ مڪالمن تي ايئن ٿئي ٿو.

همه اوست ناول ۾ ڪيتريون ئي نيون ڳالهيون آهن، جيڪي هن ناول جي اهم خوبين ۾ شمار ڪيون وڃن ٿيون. پهرين ته هي ناول (Third Person) جي صورت ۾ لکيل آهي. ٻيو اهو ته هي ناول، نيم تاريخي پسمنظر ۾ لکيل آهي ۽ ٽين اهم خوبي اها آهي ته هي ناول رومانوي ڪيفيت ۾ لکيو اٿس. هن ناول ۾ موضوع جي نواڻ سان گڏ پختي ڪردارنگاري، سيرت نگاري ۽ اسلوب بيان پڻ شامل آهن.

اڻ پورو انسان: سندس ناول ”اڻ پورو انسان“ در اصل ناولٽ آهي، جنهن ۾ مٿئين طبقي (Upper Social Class) جي فردن جي کوکلي پن کي چٽيو اٿس. هي هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ عيش و آرام، لذتون، دولت ۽ اختيار هر طرح موجود آهن، ليڪن ان هوندي به سندس اندر، سڪون ۽ آسودگي غير موجود آهي.

روشني جي تلاش: سندس ناولٽ ”روشني جي تلاش“ جو موضوع به لڳ ڀڳ ”اڻ پورو انسان“ وارو آهي. هن ناول ۾ ناول نگار جنهن مسئلي کي کنيو آهي. اهو آهي جنس جو مسئلو. هن ناول ۾ آغا سليم هڪ نئين ٽيڪنڪ خود ڪلامي (Monologue) ۾ کنيو آهي. هن ناول جو ڪردار نعيم پنهنجي ڪهاڻي پاڻ بيان ڪري ٿو. هو يادگيريءَ مان احوال ڏيندو ۽ احساسات بيان ڪندو هلي ٿو.

برف پنکڙيون ۽ چنڊ: هن ڪتاب کي آغا سليم سفرنامو ڪري شايع ڪرايو آهي، جڏهن ته اهو ناول جون سڀ تقاضائون پوريون ڪري ٿو. ٻين لفظن ۾ ليکڪ ناول ۽ سفرنامي جي ادبي صنفن جو گڏ مزو ورتو آهي. هن ڪتاب جو جهڙي طرح نالو رومانٽڪ آهي تهڙي طرح پورو ناول رومانوي فضا ۾ سفر ڪندڙ سرزمين، معاشي حالتن، سماجي قدرن جي سياحتي انداز ۾ ڄاڻ مهيا ڪري ٿو.

آغا سليم جي ناولن جي پلاٽ لاءِ اڪبر لغاري لکي ٿو ته ”سندس ناولن ۾ پلاٽ ڪنهن خارجي واقعي تي ٻڌل نه هوندو آهي، بلڪ ڪردارن جي داخلي ڪشمڪش کي ظاهر ڪندو آهي. هو تهذيب جي اعليٰ قدرن کي پنهنجي ناولن جو مقصد بنائي ٿو نيڪي ۽ بدي جي ٽڪراءَ سبب، نيڪي جي وقتي شڪست کي سندس لازوال فتح ۾ تبديل ڪري ٿو ڇڏي. هو آغا سليم جي ناولن جي ڪردارنگاري لاءِ لکي ٿو ته آغا سليم جي ناول جا ڪردار عام ماڻهو هوندي به عام نه آهن. اهي اعليٰ آدرشي انسان آهن، جيڪي اعليٰ انساني قدرن جا رکوالا آهن. سندس پيغام محبت آهي، امن آهي، فن آهي ۽ علم آهي. آغا صاحب سماجي مسئلن جي لکڻ بجاءِ انسان جي ازلي مسئلن تي لکيو آهي.“

(سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، ص- ن 82)

اڻ پورو انسان

آغا سليم جو هي تازو ڇپيل ناول آهي. ان ۾ اپر ڪلاس سوسائٽيءَ جي فردن جي کوکلي زندگيءَ کي چٽيو اٿس. هيءَ هڪ اهڙي ڪردار جي ڪهاڻي آهي، جنهن وٽ جسماني عيش و آرام ۽ لذتون، دولت ۽ اختيار هر طرح موجود آهن، ليڪن ان هوندي به سندس اندر، سڪون ۽ آسودگي لاءِ تڙپي رهيو آهي! هن ڪنهن به عورت سان جسم ۽ روح جي سچائيءَ سان پيار نه ڪيو هو. هن هن خوبصورتيءَ ۾ شوق صرف جسماني لذت تائين هوندو هو. هو صرف پنهنجي حيواني خوهش جي پورائيءَ لاءِ عورت کي پاڻ ڏانهن راغب ڪندو هو ۽ جسماني ميلاپ کانپوءِ ان عورت مان سندس چاهت ختم ٿي ويندي هئي ۽ حسن ڏانهن ڪشش وارو سمورو جذبو ڪراهت ۾ ڍڪجي ويندو هو. هن ڪنهن به دوست سان دل جي خلوص ۽ سچائي سان محبت نه ڪئي ۽ ڪنهن به انسان جي ڏک کي پنهنجي دل ۾ گهرائيءَ سان محسوس نه ڪيو. زال کي سچو پيار ڏئي نه سگهيو، ان ڪري اها چيڙاڪ ۽ جهيڙاڪ بنجي پئي. اولاد تي به ڪڏهن شفقت ڀريو هٿ نه ڦيرايائين، ان ڪري اهي به صحيح راهه تان ٿڙي ويا. مطلب ته فطري سڀاءَ جي غلط لاڙن سبباب هن جي زندگي جهنم بنجي وڃي ٿي ۽ هو هر گهڙي احساس تنهائيءَ ۾ بي چين ۽ مضطرب گذاري ٿو.

سوسائٽي يا سماج فردن جو هڪ ٻئي سان تعلقات يا باهمي ربط کي چئجي ٿو. هر فرد جو هڪڙو دائره عمل هوندو آهي، جنهن ۾ هو ٻين فردن جي دائري عمل سان مربوط يا متصادم آهي. هرڪو ماڻهو حقيقت ۾ پنهنجي خالص وجود جي اعتبار کان ضرور تنها آهي. ليڪن سماج، خاندان، مذهبي عقيدي، طبقي ۽ تقوميت سان تعلق رکڻ باعث تنها ناهي. البت ائين ضرور آهي، جو هو پنهنجي احساس يا شعور باعث ڪن تعلقات تي پورو لهي نٿو سگهي، جنهن ڪري هو مخصوص مواقع ۽ ڪن خاص رابطن ۾ ضرور تنهائي محسوس ڪندو آهي. ليڪن ڪي اهڙا انسان هوندا آهن، جن تي تنهائيءَ جو احساس هڪ بيماريءَ جي روپ ۾ مسلط ٿي ويندو آهي. حقيقت ۾ اها تنهائيءَ جي صورت به خارجي حالت جي طابع هوندي آهي ۽ رد عمل طور انسان فرسٽريشن جو شڪار ٿي نفسياتي الجهن ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي!

هن ناول ۾ مکيه ڪردار پنهنجي وجود ۾ علم ۽ عرفان جي پيدا ڪيل روشنيءَ موجب حق ۽ سچائي جي واٽ کي اختيار نٿو ڪري، جيڪو اصل ۾ سندس آدرش هو. هو نفساني خواهشن ۾ ڦاسي، دولت ۽ لذت جو غلام بنجي پوي ٿو. مٿين ڪلاس جو فرد بنجڻ کانپوءِ، هو پاڻ کي ماحول سان ٺهڪائي (Adjusst) نٿو ڪري سگهي. مٿس اها حقيقت ذهن نشين ٿئي ٿي ته ان ڪلاس جي ظاهري زندگي ته ڏاڍي مهذبانه ۽ چمڪندڙ آهي، ليڪن اندروني طور بلڪل کوکلي ۽ پوري آهي. تضاد اڀرڻ کانپوءِ، هو حالتن سان متصادم ٿي شڪست کائي ٿو ۽ جيئڻ جا ٻيا عارضي سهارا تلاش ڪندو رهي ٿو. ليڪن هر بار هو ڌٻڻ ۾ گپندو وڃي ٿو ۽ پنهنجو وجود ئي هن کي پاڻ کان الڳ ٿيندو محسوس ٿئي ٿو!

هو اونده ۽ روشنيءَ جي ڪشمڪش ۾ اوندهه، موت ۽ زندگيءَ جي تصادم ۾ صرف موت ۽ ويراني ۽ آبادي ۾ صرف ويرانيءَ کي چهٽيو پيو آهي. ليڪن ڪو به شخص کڻي ڪيترو به اونده ۾ گهيريل ڇو نه هجي، ليڪن ان سان محبت ڪونه ڪندو آهي. دل جو نگر ويران ٿي وري آباد ٿيندو آهي. هن جي اندر ۾ به قباحتن کي ڇڏي، سونهن کي حاصل ڪرڻ جي چاهت آهي. هن جي اها تنهائي جي ڪيفيت به سماجي شعور ۽ دٻايل ضمير جي آواز سببان آهي. هو مروج قدرن کان مطمئن ناهي ۽ هن جو روح ڪنهن آئيڊيل جي ڳولا ۾ آهي. هو مفاهمت جي فضا چاهي ٿو، ليڪن سندس ۽ سوسائٽيءَ جي درميان فاصلن جو رڻ پٽ حائل آهي. ان ڪري ئي هن جو وجود يا نفس مضطرب ڪيفيتن ۾ مبتلا رهي ٿو. ائين ٿو لڳي ڄڻ ته هو هڪ تنها، بي حيثيت، بي حقيقت، بي عمل ۽ سماج کان بيزار انسان آهي. هن جو انفرادي تجربو ڪائنات وانگر وسيع آهي جيڪو احساس تنهائي متعلق آهي. هن جو وجود نا مڪمل آهي. هو زندگيءَ جي ٻه واٽي تي بيٺل اهو ڀٽڪيل مسافر آهي، جنهن کان صحيح راهه ڀلجي وئي آهي ۽ منزل تي رسڻ جو وقت به نڪري ويو اٿس!!

مکيه ڪردار جي ياداشت دوران تصور ئي تصور ۾ سڀ حالات روشن ٿيندا وڃن ٿا، جن مان هو لنگهيو آهي. فنڪار نفسياتي عوامل ۽ سماجي پس منظر ۾ انساني جذبات، احساسات، محبت، نفرت، ڏک درد، فرض ۽ خود غرضي، خواب ۽ خواهش، انهن سڀني جي تند تار سان انساني ذهن جي پستي ۽ بلنديءَ جون تصويرون هن ناول ۾ چٽيون آهن! هڪ ئي مکيه ڪردار جي خواب ۽ خيالات ذريعي ساري زندگيءَ کي وحدت جي عمل ۾ آندو ويو آهي ۽ واقعات کي مربوط ڍانچي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ورتي وئي آهي!

ڪردار جي ذهني عڪاسيءَ لاءِ هن ۾ به ساڳي شعور جي وهڪري واري فني طرز اختيار ڪئي وئي آهي. مکيه ڪردار جي ذهني سفر سان، ناول جي شروعات ٿئي ٿي، جيڪو انجام تائين جاري رهي ٿو. هو ذهن ۾ پنهنجي خسته حال، بي رونق ۽ بي ڪيف زندگيءَ جي يڪسانيت ۽ گذشته زندگيءَ جي حادثن تي سوچيندو هلي ٿو. ان سان گڏ ڪنهن وقت آس پاس جي ماحول تي به سوچ ڪري ٿو. مکيه ڪردار شعوري وهڪري تحت سوچيندو هلي ٿو. ان ۾ داخليت ۽ خارجيت ٻنهي جو امتزاج آهي. ڪڏهن ڪڏهن خيالات جي لهر آهسته آهسته هلندي رهي ٿي. ليڪن ڪنهن ڪنهن وقت ذهن ۾ طوفان اچيو وڃي ۽ هو کوٽي کوٽي نوان خيال ڪڍي ٿو، جنهن ڪري تسلسل ۾ رخنو پئجو وڃي. ڪنهن وقت گذريل وارداتون مڪالمن جي صورت ۾ يادگيريءَ جو حصو بنجي ذهن مان نڪرنديون رهن ٿيون. ناول نگار بيانيه ٽيڪنڪ ۾ انداز بدلائيندو هلي ٿو. حال کان شروع ڪندو ماضيءَ تي پهچي ٿو ۽ ڪٿي وري آئيندي جي نتيجي يعني ته مستقبل جي سوچ ڪري ٿو ۽ وري يڪايڪ حال جي گرفت ۾ هليو وڃي!

هن ناول ۾ اسلوب جي رنگيني ۽ دلڪشي، ڪيفيات جي عڪاسي، هڪ فضا جي تعمير ۽ زندگيءَ جي حسن ۽ زندگيءَ جي غم جو ڪوهيڙي وانگر ڇانيل احساس آهي، جيڪي فنڪار جي فڪشن جون مجموعي خصوصيتون پڻ آهن. هن ناول ۾ ڪي خاميون به آهن. ان ۾ ڪنهن به واقعي کي ٺوس، حقيقي ۽ واضح صورت ڏيڻ جو فقدان آهي. اسين جڏهن حقيقي واقعات ڳوليون ٿا ته رڳو فنڪشنن، ثقافتي شوز، ڪلب، هوٽل، رقص ۽ سرود جي محفلن، ايئر ڪنڊيشنز ۽ ڊرائينگ رومز جو ذڪر ملي ٿو. جيتوڻيڪ پيش ٿيل مسئلن جو زندگيءَ سان رابطو غير حقيقي لڳي ٿو، تاهم انهن ۾ مٿاهين سوسائٽيءَ جو هڪ عڪس ضرور آهي. آغا جي ڪردارن جا مهانڊا به سندس تخيل سان هم رنگ هوندا آهن، اُهي جيئرن جاڳندن، گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن بدران خلا ۾ ڀٽڪندڙ روح نظر اچن ٿا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org