سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:14

دائـــرو

زرينه گهنگهرو ٻڌڻ لڳي ته هُنجا مُرا ڏُکڻ لڳا. گذريل رات، هوءَ ساري رات نچي هئي، ساري رات گهنگهرو ڇمڪايا هئائين. انهن گهنگرن هن جي ٻنهي پيرن جي مُرن ۾ اهڙا لڪل زخم ڏيئي ڇڏيا هئا، جيڪي ٻاهران ته نظر نٿي آيا، پر اندر ئي اندر ٿي ڏکيا. هينئر هوءَ گهنگرو ٻَڌڻ لڳي ته هنجي مُرن جا لڪل زخم ڏکي پيا. انهن گهنگرن هنجي روح ۾ به اهڙا ئي لڪل زخم ڏنا هئا. گهرا ۽ اندر ئي اندر ناسور وانگر وگهرندڙ ۽ ڏکندڙ! پر ڪنهن به هنجي روح جي اندر زخمن کي نه ڏٺو هو. هن پاڻ به پنهنجي روح جي انهن زخمن کي نه ڏٺو هو. پهريون دفعو رشيد هن کي انهن زخمن جو احساس ڏياريو هو. پهريون دفعو هن کي انهن زخمن ۾ سور محسوس ٿيو هو ۽ پهريون دفعو هنکي محسوس ٿيو هو ته رشيد جون ڳالهيون اهڙا پها هيون، جيڪي سندس روح جا زخم ڇٽائي رهيون هيون. پر هن جا زخم ڇٽڻ جا نه هئا. انهن زخمن کي ڇٽائڻ جو رشيد هن کي جيڪو عالج ڏسيو هو، اهو هن جي وس ۾ نه هو.

رشيد هن وٽ تماشبين ٿي آيو هو. سنهون ۽ قداور، سهڻا ۽ وڻندڙ روش، ڪڻڪائون رنگ، وڏا ۽ اَڻڀا وار. بت تي کاڌيءَ جو جوڙو، پيرن ۾ چمپل، جهڙو ڪنهن سماج سڌار نموني جي ناول جو هيرو! هو يڪ ٽڪ هن ڏانهن ڏسي رهيو هو. هن لاءِ اها ڳالهه ڪا نئين نه هئي. سڀ تماشبين هن ڏانهن ڏسندا هئا، سندن نظرون هنجي سنڌ سنڌ ۾ سيل ڪڍنديون هيون. چچيءَ وانگر سندس انگ انگ ۾ چنبا کوڙي چنبڙي پونديون هيون. پر هن جي نهارڻ جو نمونو ئي ٻيو هو. هنجي نهار ائين هئي ڄڻ سندس سنڌ سنڌ کي اورانگهي، سندس روح کي ڇهي رهيو هو. هن جون ڳالهيون به ڪهڙيون نه عجيب هيون. وڻندڙ، مٺيون، راحت ڏيندڙ پر ساڳي وقت سنهون سنهون سور جاڳائيندڙ. هن پنهنجي ڳالهين سان هنکي، هنجي روح جي زخمن جو احساس ڏياريو هو، هن جي روح جي لڪل زخمن تان کرونڊڙيون لاٿيون هيون. هن جي ماءُ زيبو ٻائيءَ کي ته هو ڏٺي نه وڻند هو. هن بازار ۾ رشيد جهڙا سڃيا، بکيا ۽ ڏکيا انسان ڪنهنکي ڪيئن وڻندا! ان ڏينهن هن جي ماءُ هن کي بيعزتو ڪري ڪڍيو هو ۽ هو چئي ويو هو ته هو وري هتي پير نه پائيندو. پر هن کي پڪ هئي ته هو ضرور ايندو، پنهنجي ڳالهين مان هن جي زخمن تي پها رکندو.

هن گهنگرو ٻڌا، سڌي ٿي بيٺي ۽ نظرون ڦيرائي سامهون طول ويهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺل تماشبينن کي ڏسڻ لڳي. سڀ هن ڏانهن ڏسي رهيا هئا. هنن جون اکيون ڄڻ ڪاسائيءَ جون ڪاتيون هيون جن سان ڪسائي، تازي، ڳاڙهي ۽ هٿن ۾ ترڪندڙ ۽ ڦڙڪندڙ گوشت جون ٻوٽيون ٻوٽيون ڪندو آهي. هنن جون اکيون ڳجهون هيون، جيڪي هن جون ٻوٽيون ڇنڻ ۽ پٽڻ لاءِ، هن جي جسم جي جيئري جاڳندي ڍونڍ تي لامارا ڏيئي رهيون هيون... استاد طبلي تي هٿ هنيون ۽ بي اختيار هن جا گهنگهرو ڇمڪي پيا. گهنگرن جي ڇمڪڻ سان هن جي مُرن ۾ سور ٿيڻ لڳو، پر ته به هوءَ گهنگرو ڇمڪائيندي رهي، ماپيل توريل انداز سان بت کي ورائيندي رهي. ڪڏهين سندس بت پڪل ميوي سان جهيل ٽاريءَ وانگر جهڪي ٿي آيو ۽ ڪڏهن ڪماڻ وانگر ڪشجي ٿي ويو، جنهن مان سندس جواڻيءَ جا تاڻيل تير، ڇٽڻ کان سواءِ، ڏسڻ وارن جي سيني جي آر پار هليا ٿي ويا آخري ڦيري پائي هو ءَگوڏو کوڙي هڪڙي تماشبين جي سامهون ٿي ويٺي ۽ هٿن کي ناٽ جي انداز ۾ ورائي ڳائڻ لڳي.

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان، آسان به آ، دشوار به آ،

تنهنجي واعدي تي اعتبار ڪهڙو، اقرار به آ، انڪار به آ.

سندس ناز، انداز ۽ آواز جي مَنڊ سامهون ويٺل تماشبين کي مَنڊي ڇڏيو. هن يڪدم کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ پنجاهه جو نئون نڪورو ۽ کڙڪندڙ نوٽ ڪڍي هن ڏانهن وڌايائين... هوءَ نوٽ کي ڏٺو اڻ ڏٺو ڪري پنهنجي ناز، انداز ۽ آواز جو مَنڊ منڊيندي رهي ۽ پوءِ محبوبانه بي نيازيءَ سان هٿ وڌائي، نوٽ کي ڏسي ۽ وچين آڱر ۾ ڦاسائي، هوءَ اٿي بيٺي ۽ جيئن ئي پٺتي ڦري ته رشيد تي هن جي نظر پئي ۽ رشيد کي ڏسي هوءَ اتيئي ڄمي بيهي رهي. رشيد سامهون واري دروازي تي ٽيڪ ڏيئي بيٺو مرڪي رهيو هو. رشيد جي مرڪ ۾ طنز ڀريل هئي ۽ هنکي ائين لڳو، ڄڻ رشيد هن تي ٺٺولي ڪري رهيو هو. هن جي هٿ ۾ جهليل پنجاهه جو نوٽ ڏڪيو، ڪنبيو ۽ پوءِ هٿ مان ڇڏائجي پٽ تي ڪري پيو. هوءَ يڪدم مڙي ۽ ڇير ڇمڪائيندي اندرين ڪمري ۾ هلي وئي.

تماشبينن پهرين رشيد ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ زيبو ٻائيءَ ڏانهن نهارڻ لڳا. زيبو ٻائيءَ جون اکيون رشيد ۾ کتل هيون ۽ سندس اکين ۽ منهن ۾ ڪاوڙ هئي. هن پاندان پاسيرو ڪري رکيو ۽ پنهنجي ڪاوڙ کي لڪائي، آواز ۾ نرمي ۽ ميٺاج ڀري هن تماشبينن کي چيو، ”معاف ڪجو. اڄ زرينه جي طبعيت ٺيڪ نه آهي. ساري رات مجرو ڪيو اٿئين، اڄ ڪجهه ٿڪل آهي.“

تماشبين زيبو ٻائيءَ جي ڳالهه مان اُٿي وڃڻ جو اشارو سمجهي ويا. ٻي ڪنهن ٻائيءَ جو ڪوٺو هجي ها ته اهڙي وقت تي فساد ٿي پوي ها، پر زيبو ٻائي رک رکاءَ واري عورت هئي. ساري بازار ۾ سندس عزت هئي، جهڙو تهڙو تماشبين ته سندس ڪوٺي جي چائنٺ اورانگهي نه سگهندو هو. هن وٽ هميشه شريف ۽ خانداني امير ايندا هئا. پوءِ ڍائي تماشبين جي هڪڙي گفتي مان هوءَ کيس سڃاڻي وٺندي هئي ۽ اهڙو رويو اختيار ڪندي هئي، جو وري هو سندس ڪوٺي تي پير نه رکندو هو. هوءَ تماشبينن کي عزت ڏيئي ۽ هنن کان عزت وٺي ڄاڻندي هئي... زيبو ٻائيءَ جو اشارو سمجهي، سڀ تماشبين اٿي بيٺا ۽ هڪ هڪ ٿي ٻاهر نڪرڻ لڳا. ڪنهن در کي ٽيڪ ڏيئي بيٺل رشيد ڏانهن خارن مان ٿي نهاريو ته ڪنهن ٽوڪ ڀريءَ مرڪ سان ٿي نهاريو. جڏهين تماشبين ۽ سازندا هليا ويا ۽ پڙ پالهو ٿيو ته زيبو ٻائيءَ جي سموري ڪاوڙ اُڀري آئي پر هن شرافت کي هٿن مان وڃڻ نه ڏنو. بيٺل ۽ بردبار آواز ۾ پڇيائين، ”ڇو آيو آهين؟“

رشيد هن جي سوال کي نظر انداز ڪري اڳتي وڌيو ۽ زرينه جي هٿ مان ڇڏائجي پٽ تي ڪريل نئين نڪوري ۽ کڙڪندڙ پنجاهه جي نوٽ کي هٿ ۾ کڻي، نوٽ ڏانهن نهاريندي چيائين،

”دڪان ڦٽائڻ لاءِ معافي ٿو گهران.“

رشيد جي آواز ۾ لڪل طنز زيبو ٻائيءَ کي چيڙائي ڇڏيو ۽ سندس آواز تکو ٿي ويو.

”مان پڇان ٿي ته هتي ڇو آيو آهين؟“

”دڪاندار خريدار کان اهو نه پڇندو آهي ته ڇو آيو آهين. پر اهو پڇندو آهي ته ڇا کپيئي.“

رشيد جو جواب ٻڌي زيبو ٻائيءَ جي هٿ مان وضعداريءَ جو پلئه ڇڏائجي ويو ۽ هن حاڪماڻي انداز سان چيو، ”هتان هليو وڃ نه ته...“

”نه ته ان ڏينهن وانگر بيعزتو ڪري ڪڍندينءَ ”ائينءَ ني“ رشيد هن جي ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽي ڏاڍي ڌيرج ۽ تحمل سان هنجو جملو پورو ڪيو. زيبو ٻائي، ان ڏينهن مان تو وٽ خلوص جي دولت کڻي آيو هئس. پر خلوص، همدردي ۽ سچائي اهڙا کوٽا سڪا آهن، جيڪي تنهنجي دڪان تي نه هلندا آهن. ان ڪري تو مون کي سڃو ۽ سڌڙيو سمجهي گهران ڪڍي ڇڏيو هو. پر اڄ... اڄ منهنجي کيسي ۾ دولت آهي.  اڄ دنيا جي ڪابه طاقت مون کي هتان ڪڍي نٿي سگهي. هو اڳتي وڌي ويهاڻي تي ويٺو ۽ پلٿي هڻي، شاهاڻي انداز سان چيائين، ”مجري جو بندوبست ڪيو وڃي، اڄ اسين مجرو ڏسنداسين.“

”تڏهين اڄ تون تماشبين ٿي آيو آهين؟“

”اسين سڀ تماشبين آهيون ۽ هڪ ٻئي جو تماشو ٿا ڏسون.“

”آخر تون چاهين ڇا ٿو؟“ زيبو ٻائيءَ جي آواز مان هلڪي بي وسي ٿي جهلڪي. رشيد ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ هن جي ويجهو اچي، اکيون هن جي اکين ۾ پائي چوڻ لڳو، ”توکي چڱيءَ طرح خبر آهي ته مان ڇا ٿو چاهيان.“

”جيڪو تون چاهين ٿو سو ناممڪن آهي.“ زيبو ٻائيءَ جي آواز ۾ سختي اچي وئي ۽ سندس ڪنڌ آڪڙجي ويو جنهن مان سندس ارادي جي پختگي ٿي ظاهر ٿي.

”دولت جي آڏو ڪابه ڳالهه ناممڪن نه آهي. رشيد به ساڳي ارادي جي پختگيءَ سان وراڻيو. ”تون دڪاندار آهين. تنهنجو ڪم آهي اگهه ٻڌائڻ. مان خريدار آهيان. منهنجو ڪم آهي اگهه چڪائڻ. ٻڌاءِ گهڻو وٺندينءَ.“

”زرينه منهنجي زندگيءَ جي آخري موڙي آهي ۽ ڪوبه دڪاندار پنهنجي آخري موڙي نه وڪڻندو آهي.“

”تون زرينه کي آخري موڙي سمجهي، ان موڙيءَ کي واپار ۾ سيڙائي، پئسا ڪمائڻ ٿي چاهين ۽ مان هن کي پنهنجي عزت بنائڻ ٿو چاهيان.“

”منهنجو فيصلو تون ٻڌي چڪو آهين.“ زيبو ٻائيءَ جو جواب ٻڌي رشيد يڪدم پنهنجو لهجو مٽايو ۽ آواز ۾ درد ڀري ڊرامائي انداز سان چيائين.

”زيبو ٻائي، مائرون ته ڌين کي خوشبختيءَ جون لوليون ڏينديون آهن. سُگن ساٺ ڪري ڌيئن کي سهاڳڻيون بڻائينديون آهن. تون ڪهڙي ماءُ آهين جو پنهنجي لوليءَ کي ڇير پارائي ٿي نچائين، پنهنجي ڌيءَ جي سهاڳ جو ڪاروبار ٿي ڪرين.“

”اسان جون ڌيئرون هر رات سهاڳڻيون بڻجي سمهنديون آهن، ۽ صبح جو ڏهاڳڻيون ٿي اٿنديون آهن.“ زيبو ٻائيءَ برف جهڙي ٿڌي لهجي ۾ جواب ڏنو. رشيد پنهنجي آواز ۾ وڌيڪ درد ڀري، آواز کي وڌيڪ ڊرامائي بڻائيندي چيو:

”ٿورو سوچ ته سهي ته سڀاڻي جڏهن زرينه کان حسن ۽ جواني کسجي ويندي تڏهين ڇا ٿيندو.“

”تڏهن هن جي جواني هن جي ڌيءَ جي روپ ۾ ٽڙندي، پوءِ هوءَ مون وانگر پنهنجي ڌيءَ جي حسن ۽ جوانيءَ جو ڪاروبار ڪندي ۽ اهو چڪر ائين ئي هلندو رهندو.“

”مان هن کي ان چڪر مان ڪڍڻ ٿو چاهيان.“

”اهو ناممڪن آهي.“

زيبو ٻائيءَ جي جواب سان هن جي دل ۾ ٻرندڙ اميد جو آخري ڏيئو به وسامجڻ لڳو، هن پنهنجي ترڪش جو آخري تير استعمال ڪيو.

”مون سمجهيو هو ته تنهنجي مامتا اڃا مئي نه آهي. تنهنجي دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ ۾ اها تمنا ضرور جيئري هوندي ته تنهنجي ڌيءَ ڪنهن گهر جي عزت ٿئي، اڄ مون کي پڪ ٿي ته تون نه ماءُ آهين ۽ نه عورت، تون صرف رنڊي آهين.“

”نڪري وڃ.“ زيبو ٻائيءَ دانهن ڪئي. هن جو آواز ڪاوڙ جي شدت کان ڏڪي رهيو هو. سندس منهن ڳاڙهو ٿي ويو هو ۽ سندس ساهه تکا تکا کڄي رهيا هئا. رشيد جي وار اُبتو اثر ڪيو ۽ زيبو تي ٿيل رد عمل کي ڏسي هنجي اميد جو ٽمڪندڙ ڏيئو به وسامي ويو. هو ٿڪل وکون کڻندو ٻاهرين در ڏانهن وڌيو. در وٽ پهچي ڪنڌ ڦيري زيبوءَ ڏانهن نهاريائين. هڪ دفعو وري هن جي دل ۾ اميد ڪر کنيو، هو پٺتي موٽيو ۽ زيبوءَ جي ويجهو اچي ڏاڍي ڏکويل انداز سان چيائين:

”مان وڃان ٿو ۽ وعدو ٿو ڪريان ته وري ڪڏهين به موٽي نه ايندس. مون ۽ زرينه هڪ ٻئي سان پيار ڪيو آهي. پيار ڪندڙ دلين کي هميشه لاءِ جدا ڪرڻ کان اڳ، رڳو هڪڙو دفعو اجازت ڏي ته مان آخري دفعو هن سان اڪيلائيءَ ۾ ملان ۽ هن کان موڪلايان.“

زيبو ٻائيءَ ڪو جواب نه ڏنو. رشيد کي يقين ٿي ويو ته هن جي آواز جي نماڻائيءَ ۽ ڏک هن تي ضرور اثر ڪيو هوندو.

”ڇا اها آخري ملاقات هوندي.“

”ها، مان واعدو ٿو ڪريان ته وري زرينه سان نه ملندس.“

”پوءِ ڀلي وڃي ملينس.“

”مهرباني. زيبو ٻائي“

رشيد يڪدم پٺتي مُڙيو ۽ تکيون تکيون وکون کڻندو اندرين ڪمري ۾ هليو ويو.

اندرين ڪمري ۾ زرينه پلنگ تي ڪنڌ جهڪائي ويٺي هئي. رشيد جي پيرن جو آواز ٻڌي هن جهڪيل ڪنڌ مٿي کنيو ۽ رشيد ڏانهن نهارڻ لڳي. رشيد به زرينه کي ڏسي ڪمري جي در وٽ بيهي رهيو ۽ زرينه ڏانهن نهارڻ لڳو. اوچتو زرينه اوڇنگار ڏني ۽ مونن ۾ منهن وجهي روئڻ لڳي. رشيد اتي ئي بيٺو رهيو. هن ننڍيون نڍيون وکون کنيون ۽ پلنگ جي پيرانديءَ واري ٽيڪ تي هٿ رکي ساڳئي ڊرامائي انداز سان چوڻ لڳو، ”اهي لڙڪ اڃان نه هار زرينه، اهي لڙڪ ان وقت لاءِ سانڍي رک، جڏهين تنهنجي ڳلن تي ٽڙيل جواني جا گلاب ڪومائجي ويندا. جڏهين تنهنجي ڪنول وانگر ٽڙيل چهرو ڪومائجي ويندو، ۽ ان تي وقت جو ڪوريئڙو گهنجن جو بدصورت ۽ ڀوائتو ڄار آڻي ڇڏيندو. ان وقت انهن لڙڪن کان سواءِ تنهنجو ڪو ساٿي نه هوندو.“ رشيد جي ڳالهه ٻڌي هوءَ ڦٿڪي پئي. مونن مان منهن مٿي ڪري ڪنهن افساني ۾ پڙهيل جملو ورجايائين، ”ڇا تون منهنجا ڦٽ ڇٽائڻ نه پر ڏکائڻ آيو آهين.“

”مون کي غلط نه سمجهه زرينه.“ رشيد هن جي ڀرسان پلنگ تي وهندي چيو، ”تون منهنجي محبت آهين، عزت آهين، مان توکي ڇير پائي نچندو ڏسي نٿو سگهان. ان ڏينهن تنهنجي ماءُ مون کي بيعزتو ڪري ڪڍيو هو. ۽ ان ڏينهن مون پڪو ارادو ڪيو هو ته وري ڪڏهين به هتي نه ايندس، پر اڄ دل هٿان مجبور ٿي وري تنهنجي در جي چانئٺ تي سوالي ٿي جهول جهلي بيٺو آهيان.“

”مون ته پنهنجو سڀ ڪجهه توکي ڏيئي  ڇڏيو آهي.“

”تو ته مو نکي پنهنجو سڀ ڪجهه ڏنو آهي، پر ته به ائين ٿو سمجهان، ڄڻ اڃان منهنجي جهولي خالي آهي اندر ۾ اهڙي اڃ آهي جو پيئان ٿو ته به نٿو ڍاپان. زرينه، مان چاهيان ٿو ته تون دڪان جو سينگار نه ٿين، پر منهنجي گهر جي عزت ٿين. اسين ٻئي گڏجي هڪڙو گهر اڏيون، جنهن گهر جي اڱڻ ۾ تنهنجي چهري جو چنڊ چمڪندو رهي، تنهنجي مرڪ جي باک ڦٽندي رهي. مان ٿڪجي گهر ۾ پير پايان، تون مرڪي مون ڏانهن نهارين ۽ منهنجي زندگيءَ جا سڀيئي ٿَڪ، سموريون ڪورايون لهي وڃن.“

”منهنجي دل به چوي ٿي ته هن گندگيءَ مان نڪران پر امان...“

”جيڪا ماءُ ڌيءَ کي ويڪائو مال سمجهي روز هن تي واڪ ڏياري، ان ماءُ جي ڪري تون منهنجي محبت ۽ شريفاڻي زندگيءَ کي ٿي ٺڪرائين.“ رشيد زرينه جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽي ٽپ ڏيئي اٿي بيٺو ۽ جوش ۾ چيائين، ”زرينه جي واقعي توکي مون سان محبت آهي ۽ جي واقعي تون هن گندگيءَ مان نڪري شريفاڻي زندگي گذارڻ ٿي چاهين، ته پوءِ اڄ رات هلي اچجان ۽ مان ٻين کان ٽين وڳي تائين اسٽيشن تي تنهنجو انتظار ڪندس.“ آخري اکر چئي هو در ڏانهن وڌيو ۽ تکا تکا قدم کڻندو ٻاهر نڪري ويو.

رات جو ڏيڍ لڳي زرينه بيگ کئين ۽ پير پير ۾ کڻندي پنهنجي ڪمري مان نڪري ٻاهرين ڪمري ۾ اچي بيٺي. ڪمري ۾ ٻاٽ اونداهي ڇانيل هئي. ان ڪمري ۾ مجرو ٿيندو هو ۽ رات جو  جڏهين سيٽي وڄندي هئي، تماشبين هليا ويندا هئا، تڏهين هن جي ماءُ ساز ۽ طول ويهاڻا پاسيرا رکي، در جي ڀرسان کٽ وجهي سمهندي هئي. هينئر به ماڻس در جي ڀرسان کٽ تي ستل هئي ۽ هن کي ڊپ هو ته متان ماڻس سندس پيرن جي آواز، يا در کولڻ جي کڙڪي تي جاڳي نه پوي، هوءَ ڌڙڪندڙ دل سان اونداهيءَ ۾ اندازي سان پير کڻندي اڳتي و ڌي. ماءُ جي کٽ وٽ پهتي ته هن جي دل ايتري ته زور سان ڌڙڪڻ لڳي جو هن کي پڪ ٿي وئي ته سندس دل جي دهڪي جي آواز تي ماڻس جاڳي پوندي... کٽ وٽان لنگهي هوءَ در وٽ پهتي ته اوچتو ڪمري جي بتي ٻري پئي، ....................................... سندس ماءُ بيٺي هئي.

”امڙ پيڪاڻو گهر ڇڏڻ کان اڳ ماءُ سان ملي ته وڃ.“

هن جي هٿ مان بيگ ڇڏائجي وئي ۽ هو ڊوڙندي ماءُ جي سيني سان اچي لڳي ۽ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي. ماڻس سندس مٿي تي هٿ ڦيريندي چيو.

”شل سکين رهين، سدا سهاڳڻ رهين. ڪهڙي ماءُ آهي جيڪا پنهنجي ڌيءَ جي سهاڳ ٿيڻ ۾ اَرهي ٿيندي. پر ڌيءَ اسان جي زندگيءَ جي ٻيڙي جنهن ڪُن ۾ ڦاٿل آهي تنهن مان ڪڏهين به نڪري نٿي سگهي، اسان دُڪان جو سينگار ته ٿي سگهون ٿا پر گهر جي عزت ٿي نٿا سگهون.“

”امان رشيد مون سان واعدو ڪيو آهي ته هو مون کي پنهنجي گهر جي عزت بڻائيندو.“

”هر عورت پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ جوڙيندي آهي ۽ ان جاءِ جي ڳولا ۾ ساري حياتي رُلندي آهي. مون به پنهنجي جيءَ ۾ جاءِ جوڙي هئي ۽ ان جاءِ جي ڳولا ۾ تو وانگر آڌيءَ رات جو گهران نڪتي هيس، مون به تو وانگر ڪنهن جي واعدن تي ويساهه ڪيو هو پر مون سان ويساهه گهاتي ٿي ۽ مان رُلي رُلي  ڌڪا ٿاٻا کائي واپس موٽي آيس.“

”امان، رشيد اهڙو نه آهي. هو مون سان ڪڏهين به ويساهه گهاتي نه ڪندو.“

”هيءَ دنيا ڪوڙ جي بازار آهي، جتي واعدن ۽ ويساهن سان ڪوڙ جو ڪاروبار هلندو آهي.“

”امان...“

”مان توکي جهليان نٿي ڌيءَ، مان ته چاهيان ٿي ته شرنايون وڄائي پنهنجي ڌيءَ جي شادي ڪريان. تنهنجون سرتيون سهرا ڳائن ۽ تون ڪنوار ٿي، پنهنجي گهوٽ جي پڳ جي ڇانوَ ۾ پيڪاڻي گهر جي چانئٺ ٽپين. پر اسان جي ته ڄڃ به ائين نڪرندي آهي، ڄڻ ميت پئي نڪري وڃي ڌيءَ، دير ٿيندي هوندءِ، گهوٽهين انتظار ڪندو هوندو. ٻيو ڏاج ته ڏيئي نٿي سگهانءِ، هي ويهين هزارين جو چيڪ اٿيئي شايد وقت نا وقت تي ڪم اچي وڃيئي.“

”امان...!“ هن جي دل جي اٿاه اونهاين  مان آواز نڪتو ۽ هن وري ماءُ کي ڳراٺڙي پاتي ۽ وري سندس اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا.

زرينه پلاسٽڪ جا رنگ برنگي گل، گل دان ۾ سجايا ۽ پوءِ گلن مٿان ڪنڌ جهڪائي، اونهون ساهه کڻي چيائين:

”جنهن گل ۾ خوشبوءِ نه هجي، اهو گل ئي ڪهڙو. گلدانن ۾ پلاسٽڪ جا گل سجائي، ماڻهو ڪيئن نه پنهنجو پاڻ کي دوکو ٿو ڏي.“

رشيد پريان سوٽ بوٽ پائي صوفي تي ويٺو هو. سندس منهن مان اندر جي اڻ تڻ ٿي بکي، زرينه جي ڳالهه ٻڌي هن ٿڌو ساهه کنيو  ۽ ڪنڌ صوفي جي ٽيڪ تي رکي، ڇت ڏانهن نهاريندي چيائين:

”تمناؤن ۽ خواب به پلاسٽڪ جا گل آهن، جن کي ماڻهو پنهنجي دل جي گلدان ۾ سجائيندو آهي.“

رشيد جي آواز مان بکندڙ ڏک ۽ مايوسيءَ کي محسوس ڪري زرينه هن ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ ساڙهيءَ جا پَلو سنڀاليندي رشيد جي پٺيان بيٺي ۽ ٻئي هٿ صوفي تي کري، رشيد جي مٿان جهڪي هن جي منهن جي ويجهو آڻي چيائين:

”رشيد، تون اسان جي تمنائن ۽ خوابن کي پلاسٽڪ جا گل ٿو سڏين؟“

”ها زرينه، منهنجون اميدون ۽ منهنجا خواب منهنجي دل جي گلدان ۾ سجايل پلاسٽڪ جا گل آهن، جن ۾ ڪا خوشبوءِ ڪانهي. ڪڏهين ڪڏهين ته اهي گل ڪنڊا ٿي منهنجي هنيانءَ ۾ چڀندا آهن. مون خواب ڏٺا هئا ته توسان شادي ڪندس، نوڪري ڪندس ۽ ٻئي گڏجي آدم ۽ هوا وانگر پنهنجي جنت اَڏينداسين. اسان جي شاديءَ کي ٻه مهينا ٿي ويا آهن. ٻن مهينن کان هن هوٽل ۾ رهيا پيا آهيون ۽ ٻن مهينن کان تنهنجي ٽڪرن تي پلجي رهيو آهيان.“

رشيد جي آخري اکرن هن کي ڏکوئي ڇڏيو.  ڏاڍي ڏکويل آواز ۾ چيائين، ”ڇا تون مون کي ڌاريون ٿو سمجهين جو اهڙا اکر ٿو واتان ڪڍين. مان تنهنجي آهيان، منهنجو سڀ ڪجهه تنهنجو آهي. پريشان نه ٿيءُ، دل نه لاه، نوڪري به ملي ويندي.“

”عورت ماضيءَ ۾ جيئندي آهي ۽ مڙد مستقبل ۾ جيئندو آهي. منهنجو مستقبل ڇا آهي. اهو ئي نه، ته ساري زندگي تنهنجي پئسن تي گذاريان ۽ جڏهين تنهنجا پئسا ختم ٿي وڃن، تڏهين ڪا معمولي نوڪري ڪري ٻين هزارين ۽ لکين انسانن وانگر گم نام ۽ نهايت ئي غير اهم زندگي گذاريان، نه مان اهڙي زندگي نه گذاريندس. مان پنهنجو آئيندو اڏڻ ٿو چاهيان. پنهنجي مستقبل لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻ ٿو چاهيان.ڪجهه ڏينهن اڳ دوستن جي صلاح سان لکين روپين جي ٺيڪي جو ٽينڊر ڀريو هوم. اهو ٽينڊر پاس ٿي ويو آهي. ٻن ٽن ڏينهن ۾ ڪم شروع ڪرڻو آهي. پر مون وٽ پائي به ڪانهي.“

”پريشان ڇو ٿوٿين، الله سڀ چڱي ڪندو. گهڻا پئسا گهرجنئي.“

”لکن جو ڪم آهي، گهٽ ۾ گهٽ اڌ منو لک ته هجي جو ڪم شروع ڪري سگهان. پوءِ بل ملڻ شروع ٿي ويندو ۽ ڪم پيو هلندو.“

”ايترا پئسا مونوٽ ٿي ويندا. پنجويهه هزار بئنڪ ۾ آهن. ويهين هزارين جو امان چيڪ ڏنو هو.  ٻيا زيور آهن، تون زيور وڪڻي بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي پنهنجي نالي بئنڪ ۾ رکراءِ ته جيئن ڪم ۾ هٿ نه منجهيئي.“

”زرينه، مان مڙد آهيان. مڙد زالن کي زيور پارائيندا آهن. زالن جا زيور لاهيندا نه آهن.“

”تو مون کي شرافت جو زيور پارايو آهي، اُهو زيور نه لاهجان. ان زيور کان سواءِ مو نکي ٻيو ڪوبه زيور نه گهرجي.“

رشيد انڪار ڪندو رهيو ۽ زرينه کيس مڃائيندي رهي. آخر زرينه جي گهڻي آزي نيزاريءَ کان پوءِ رشيد سندس زيور ۽ پئسا وٺڻ لاءِ راضي ٿي ويو. زرينه هن کي زيورن جي پيتي ۽ پئسن جو چيڪ آڻي ڏنو. رشيد چيڪ ۽ زيور وٺي زرينه کان موڪلائي گهر مان نڪتو ۽ زرينه صوفي تي اَهلي ايندڙ خوشين جي خوابن ۾ گم ٿي وئي.

صبح جو سوير در کڙڪيو، زيبو ٻائيءَ اٿي در کوليو ته هن کان دانهن نڪري وئي. هن جي سامهون زرينه بيٺي هئي.

”زرينه تون! تون هتي ڪيئن.“

زرينه يڪدم اڳتي وڌي، ماءُ جي سيني سان اچي لڳي ۽ اوڇنگارون ڏيئي رُئڻ لڳي، زيبو ڌيءَ کي ڀاڪر ۾ جهليو ۽ کيس سهارو ڏيئي اندر وٺي آئي.

”ڇا ٿيو ڌيءَ.“

”ڪجهه نه امان. مان رستو ڀلجي وئي هيس. هينئر رلي رلي پنهنجي منزل تي موٽي آئي آهيان.“

”رشيد ڪيڏانهن ويو؟“

”هو پنهنجي منزل ڏانهن موٽي ويو ۽ مان پنهنجي منزل ڏانهن موٽي آئي آهيان. تو چيو هو نه ته: هيءَ دنيا ڪوڙ جي بازار آهي جنهن ۾ واعدن ۽ ويساهن سان ڪوڙ جو ڪاروبار ٿيندو آهي. هو به وڻجارو هو ۽ وڻج واپار ڪري هليو ويو.“

”پر ڌيءَ...“ هنکي سمجهه ۾ نه آيو ته پنهنجو جملو ڪيئن پورو ڪري.

”امان،“ هن ڀريل آواز سان چيو، ”مون کي هنج ۾ ليٽاءِ. مان ڏاڍي ٿڪجي پئي آهيان.“ هن ڏاڍي آهستگيءَ سان ننڍڙي ٻار وانگر ماءُ جي هنج ۾ ڪنڌ رکيو ۽ روئڻ لڳي.

اڄ وري زيبو ٻائيءَ جي ڪوٺي تي محفل متل هئي. تماشبين طول ويهاڻن کي ٽيڪ ڏيئي ويٺا هئا. اڄ وري طبلي تي هٿ لڳو ۽ بي اختيار زرينه جا گهنگهرو ڇمڪي پيا. اڄ وري هوءَ ماپيل توريل انداز سان بت کي ورائيندي رهي. ڪڏهين سندس بت پڪل ميوي سان جهنجهيل ٽاريءَ وانگر جهڪي ٿي آيو ۽ ڪڏهين ڪماڻ وانگر ڪشجي ٿي ويو، جنهن مان سندس جواڻيءَ جا تير، ڇٽڻ کان سواءِ ڏسڻ وارن جي سينن جي آر پار هليا ٿي ويا. آخري ڦيري پائي هوءَ گوڏو کوڙي هڪڙي تماشبين جي سامهون ويٺي ۽ هٿن کي ناٽ جي انداز ۾ ورائي ڳائڻ لڳي.

”تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان، آسان به آ دشوار به آ،

تنهنجي واعدي تي اعتبار ڪهڙو، اقرار به آ، انڪار به آ.“
 

پل پکيئڙا

 

جهاز اُڏاڻو ته پکيئڙي به پرڙا سانباهيا ۽ اک ڇنڀ ۾ افلاڪ اورانگهي الائي ڪٿان کان ڪٿي وڃي پهتو. اکين آڏو اڻ ڏٺل افق ۽ اجنبي آسمان جون وسعتون پکڙجڻ لڳيون. اسان سنڌي ته هڪ شهر مان ٻئي شهر ويندا آهيون ته جهڙا پرديسي، پر سنڌ جي نئين نسل جي هانوَ ۾ اوپرن آسمانن جي وسعتن تي ڇانئجڻ جو هي ڪهڙو جذبو جاڳي پيو آهي جو جندڙي ٿي جهوميم!

جهاز لنڊن کان سڊني وڃي رهيو. ساري جهاز ۾ ”اڇا“ مسافر ويٺا هئا مان ئي هڪڙو ”ڪارو“ هوس. منهنجي ڀر ۾ هڪڙي ڌوتل پوتل، سينگاريل سنواريل، اڇي اُجري يورپي گڏي ويٺي هئي. سندس تن تجليون ڏيئي رهيو ۽ سنڌ سنڌ سرهاڻ. هن مون ڏانهن ڌيان ئي نٿي ڏنو، ڪڏهن ڪتاب ٿي پڙهيائين ته ڪڏهن جهاز جي ڇت ۾ نهاري، پنهنجو پاڻ سان رهاڻ ٿي ڪيائين، ٻي سيٽ تي هڪڙو پوڙهو انگريز، سيٽ تي مٿو ٽيڪي کونگهرا هڻي رهيو هو. مون دريءَ کان ٻاهر نهاريو. ٻاهر هر طرف روشن ۽ نيرو آسمان ۽ اڄ جي انسان جي روح ۾ ڦهليل خال جهڙو اٿاهه خال ڦهليل هو. هن هيڏي وڏي خال جي آڏو مان ڪيترو نه حقير ۽ هيچ آهيان. جي مان هينئر مري پوان، جي هي جهاز ڪِري پوي ته ڌرتي ۽ آسمان جي وچ ۾ ڦهليل هن خال، وقت جي هن اٿاهه ساگر ۾ ڪالهر نه اڀرندي، ڪو ڦوٽو اڀري نه ڦاٽندو، اهو خال ائين ئي قائم رهندو، لازوال ۽ لامڪان! پر ڪير ٿو چوي ته مان هيچ ۽ حقير آهيان. مان ته ان خال جو سينو چيريندو، ڪائناتون لتاڙيندو، چنڊ تي چڙندو ٿو وڃان. منهنجي عظمتن جي آڏو سڀ عظمتون هيچ آهن.

”اوهان کي چاڪليٽ گهرجن.“ هوسٽيس جي مٺڙي آواز مون کي خيالن مان جاڳائي ڇڏيو.

”نه مهرباني، چاڪليٽ کائڻ واري عمر گذاري آيو آهيان.“

”چاڪليٽ کائڻ واري عمر ڪڏهن به گذرندي نه آهي. انسان جي اندر ۾ ويٺل ٻار هن عمر ۾ به چاڪليٽ گهرندو آهي.“ هوسٽيس چاڪليٽي مرڪ سان وراڻيو.

”هينئر منهنجي اندر ۾ ويٺل ٻار تنهنجي مرڪ جا چاڪليٽ گهري رهيو آهي.“

هوسٽيس مرڪندي هلي وئي. ڀر ۾ ويٺل ڇوڪري به مرڪڻ لڳي، مون هن جي مرڪ کي ساڻس گفتگو ڪرڻ جو ”ويزا“ سمجهيو ۽ يڪدم پڇيومانس.

”اوهان ڪيڏ انهن وڃي رهيا آهيو.“

”سڊني وڃي رهي آهيان.“

”مان به سڊني پيو وڃان.“

”ڏاڍو سٺو.“

”اوهان شايد لنڊن کان اچي رهيا آهيو.“

”جي ها.“

”سڊني ڪيئن وڃي رهيا آهيو.“

”سڊنيءَ ۾ منهنجو گهر آهي. لنڊن ۾ پڙهندي آهيان ۽ هينئر امتحان ڏيئي واپس وڃي رهي آهيان.“

”مون سمجهيو ته اڄڪلهه يورپ کان آسٽريليا ۾ ماڻهن جو جيڪو ”رونبو“ ٿي رهيو آهي، اوهين به ان سلسلي ۾ سدڊني وڃي رهيا آهيو.“

هن ڪو جواب نه ڏنو.

”مان اي بي سي (آسٽريلين براڊ ڪاسٽنگ ڪميشن) ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ آسٽريليا وڃي رهيو آهيان.“

”اي بي سي ۾“ هن ائين اچرج وچان پڇيو، ڄڻ چئي رهي هجي ڪٿي منهن مريم جو ۽ ڪٿي الله يار!

”اي بي سي جو ٻڌي اوهان حيرت ۾ پئجي ويا؟“

”ان ڪري جو اي بي سي ۾ نوڪري ڪرڻ اسان وڏي فخر جي ڳالهه سمجهندا آهيون.“

(اسان وٽ ته ريڊيو کي ميراثن جو کاتو سمجهندا آهن.)

مون ۾ ٿورو اعتماد پيدا ٿي ويو.

”مان اوهان جو نالو پڇي سگهان ٿو.“

”منهنجو نالو ايلزبيٿ ڪنگ آهي پر سڀ مون کي ايلز سڏيندا آهن.“

مون پنهنجو تعارف ڪرايومانس ته ايتري ۾ جهاز ڪلڪتي جي هوائي اڏي تي اچي پهتو. هوائي اڏي جو ڪجهه حصو زير تعمير هو ۽ مردن سان گڏ عورتون به مزدوري ڪري رهيون هيون. هنن جا پگهر ۾ شم ٿيل ڪارا ڪارا بدن گهگهرن مان نظر اچي رهيا هئا. سڀ يورپي حيرت وچان هنن کي ڏسڻ لڳا.

”پاڪستان ۾ به عورتون مزدوري ڪنديون آهن؟“ ايلز پڇيو.

”ها.“

”پر توهين ته مسلمان آهيو ۽ مسلمان عورتون پڙدو ڪنديون آهن.“

”غريبن کي پڙدو ڏاڍو مهانگو پوندو آهي، انڪري غريب عورتون پڙدو نه ڪنديون آهن. وچولي طبقي لاءِ پڙدو شرافت آهي ۽ مٿانهين طبقي لاءِ غير ضروري.“

هوائي اڏي تان هن ڪلڪتي جي مشهور جاين جا فوٽو ڪارڊ ورتا ۽ سڀني مسافرن کان پري، اڪيلي ويهي خط لکڻ لڳي. جڏهن جهاز اڏامڻ جو وقت ٿيو تڏهن خط دٻي ۾ وڌائين.

جهاز اڏاڻو ته مانيءَ جو وقت ٿيو، مان هڪڙو سڌو سادو سنڌي ماڻهو مان ڇا ڄاڻان ڇرين ڪانٽن ۽ انگريزن جي ڦڪي ۽ اُٻريل کاڌي مان! اک ٽيٽ ڪري ايلز کي ڏٺم، جيئن هن کاڌو ۽ جو هن کاڌو سو کاڌم. مانيءَ مٿان ڪنهن آفريقي ڪنواريءَ جي جوڀن جهڙي ڪاري ۽ گرم ڪافي جو ڍڪ ڀري ايلز کان پڇيم.

”تو ڪڏهين هن ننڍڙي کنڊ جو ادب پڙهيو آهي.“

”نه، بدقسمتيءَ سان ڪنهن به ايشيائي ملڪ جو ادب نه پڙهيو اٿم. اوهان جا ايشيائي اديب اڄڪلهه ڇا ٿا لکن؟“

”بک، بيروزگاري ۽ جهالت خلاف جنگ ٿا جوٽين ۽ انسانن جي محنت ۽ عظمت جا گيت ٿا لکن.“

”تو يورپي ادب پڙهيو آهي.“

”ٿورو گهڻو پڙهيو اٿم ۽ جيتريقدر پنهنجي وت آهر سمجهيو اٿم ته ان نتيجي تي پهتو آهيان ته يورپي اديب جي آڏو ڪو آدرش ڪونهي، ڪا روشني ڪانهي ۽ هو اوندهه ۾ پيو هٿوراڙيون ڏي. ٻي مهاڀاري لڙائي، يورپي اديب آڏو انسان جي اندر ويٺل حيوان کي نانگو ڪري بيهاريو، ۽ انسان کي حيواني روپ ۾ ڏسي هو انسان جي آئيندي کان مايوس ٿي ويو ۽ سندس سڀئي آدرش اچي پٽ پيا. ويتر جو اشتراڪي ۽ سرمائيدار نظامن جي وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي،  تنهن ته هڻي هن کي گهٽي ۽ ٻوساٽي ڇڏيو. ان سرد جنگ جي پٺيان هو ٽئين مهاڀاري لڙائيءَ جي دئيٿ کي نچندو ڏسي رهيو آهي جنهن جي هڪ چنبي سان دنيا جي ساري سونهن، انسان ۽ انسان جا خواب ۽ اميدون هيرو شيما جيان رک جو ڍير بنجي وينديون. توهان جو موجوده ادب ان ڊپ، گهٽ ۽ هراسن جي پئداوار آهي.“

”ان ڊپ کان ايشيا جو اديب به بچي نٿو سگهي.“

”في الحال ويچارو ايشيائي اديب بک ۽ بيماريءَ ۾ جهرندڙ ۽ غلاميءَ جي ناسورن جي سور ۾ وٽ کائيندڙ ايشيا جي علاج ۾ رڌل آهي. پر ان جي معنيٰ اها نه آهي ته هو ايٽم جي تباهيءَ کان غافل آهي. هيروشيما جي رک هينئر به سندس اکين آڏو اڏامي رهي آهي ۽ ويٽنام ۾ جلندڙ جنگ جي آڳ سندس ڄيرو ڄرڪائي رهي آهي ۽ هن کي خبر آهي ته ايشيا يورپ جي ايٽمي هٿيارن جو تجربيگاهه آهي. پر ته به هو ڊنل ۽ هراسيل ڪونهي. هو بک ۽ بيماري سان وڙهندي ان صبح جا خواب ڏسي رهيو آهي. جڏهن ايشيا جو هيڏو سارو کنڊ سجاڳ ٿيندو ۽ ڪنهن غير ايشيائي ملڪ کي ڪنهن به هيروشيما کي تباهه ڪرڻ ۽ ڪنهن به ويٽنام کي باهه ڏيڻ جي جرائت ڪانه ٿيندي.“

ڳالهين ئي ڳالهين ۾ جهاز بئنڪاڪ جي هوائي اڏي تي اچي پهتو. ايلز وري وڃي هتان جي مشهور جاين جا فوٽو ڪارڊ ورتا ۽ سڀ کان پري، اڪيلي ويهي خط لکڻ لڳي. پريان ٻڌ جا مٿي ڪوڙيل ڀڪشو ڀيڙو چادرون ويڙهي، آرام ڪرسين تي ليٽي سگريٽ پي رهيا هئا ۽ چيني گڏين جهڙيون نازڪ ۽ نفيس عورتون ”پنگ پانگ، هانگ ڪانگ، چچ مچ چئچلداس“ جي آهنگ سان ملندڙ ٻولي ڳالهائينديون هروڀرو مرڪنديون، هيڏانهن هوڏانهن گهمي رهيون هيون. مان اڪيلو بيٺو هوس ته هڪڙو پوڙهو آمريڪي منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺو ۽ ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين.

”نوجوان، جي زندگيءَ  جي هڻ هڻان مان واندڪائي مليئي ته جوانيءَ جون ٻه چار گهڙيون بئنڪاڪ ۾ ضرور گهارجانءِ. هي شهر مرڪن جو شهر آهي. هتان جي عورت جي مرڪ گوتم جي گيان جهڙي حسين ۽ سندس جسم گوتم جي نرواڻ جهڙو نرم ۽ پرسڪون آهي. عورتن جو خاص ڌنڌو گل فروشي آهي، ۽ گل فروش عورت کي ڏسندين ته سمجهي نه سگهندين ته گل ڪير آهي ۽ گل فروش ڪير!“

مون هن پوڙهي آمريڪي ڏانهن نهاريو سندس چهري تي شاهه سائين جي شاعريءَ جهڙو سڪون ٿي جهلڪيو. مون سوچيو. ههڙو ماڻهو ويٽنامي ماڻهن تي ڪيئن گوليون هلائيندو هوندو.

ايلز خط دٻي ۾ وڌا ۽ اسان جهاز ۾ اچي ويٺاسين. اندر ۾ اورا کورا هيم ته هن ڪنهن ڏانهن ٿي هيڏا طويل خط لکيا.

”ڪنهن کي ٿي خط لکيءِ؟“

”آور کي ٿي لکيم. آور منهنجو مڱيندو آهي. هو به مون وانگر ايشيائي آهي. انڊونيشيا جو رهاڪو آهي مون سان گڏ پڙهندو هو. اسان جو پروگرام هو ته امتحان ڏيئي شادي ڪنداسين پر في الحال اسان کي شادي ملتوي ڪرڻي پئي.“

”ڇو؟“

”ڊيڊي نٿو چاهي ته مان آور سان شادي ڪريان. ڊيڊي ايشيا ۾ رهيو آهي چيائين ٿي ته ايشيائي ۽ يورپي ماڻهن ۾ صرف رنگ ۽ نسل جوئي فرق ڪونهي پر رهڻي ڪرڻي ۽ ريتن رسمن جو به فرق آهي ۽ مان ايشيا ۾ رهي نه سگهندس. مون جڏهين زور ڀريو مانس تڏهن چيائين ته ”چڱو بيشڪ آور سان شادي ڪر.“ پر منهنجي هڪڙي ڳالهه مڃ. تون پنهنجي محبت جي جذبي کي آزمائي ڏس ته تنهنجي اها محبت جنهن جي اثر هيٺ تون هيڏو وڏو قدم کڻي رهي آهي، ڪٿي نوجواني جي جذبات جي وقت اٿل ته نه آهي. تون ڪجهه عرصو آور کان جدا رهه جي ان جدائيءَ کان پوءِ به تنهنجي محبت سلامت رهي ته پوءِ بيشڪ آور سان شادي ڪري ڇڏجان. هينئر محبت جي ان امتحان مان پار پوڻ لاءِ سڊني وڃي رهي آهيان.“

هوءَ ٿوري دير لاءِ ماٺ ٿي وئي ۽ پوءِ چيائين.

”آور ڏاڍو پڙهيل ڪڙهيل آهي، پنهنجي ٻوليءَ جو شاعر به آهي. پهرين لامذهب اشتراڪي هوندو هو پر پوءِ مون سڌيءَ راهه تي آندو مانس. تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا شاعري صرف اشتراڪي فلسفي جي تشريح ۽ تبليغ آهي. معاشيات جو فارمولو آهي! شاعري ته روح جو نغمو ۽ محبت ۽ آزاديءَ جو گيت آهي.“

سينگاپور ۾ لٿاسين ته هوائي اڏي تي مقامي ماڻهن کان وڌيڪ ڌاريا ماڻهو هئا. مون کي سنڌ ياد اچي وئي، سنگاپور، شڪارپور، خيرپور... پر سنگاپور ۾ سنڌ واري سينگاپوري چانهن ڪانه هئي.

جهاز اڏاڻو. رات جي مانيءَ جو وقت ٿي ويو هو. ماني کائي ايلز ته کڻي اکيون ٻوٽيون ۽ سيٽ تي مٿو رکي سمهي پئي ۽ مان دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳس. آسمان ۾ ستارن جا فانوس روشن هئا. اڄ ستارن پنهنجي وٽ مٿي ڪري ڇڏي هئي ۽ هر طرف روشنين جي جهرمر لڳي پئي هئي. اڄ منهنجي امنگن به وٽ مٿي ڪري ڇڏي هئي ۽ جندڙيءَ جي جهرمر لڳي پئي هئي.ا ُماس جي رات هئي پر ههڙي چانڊاڻ... منهن ورائي ايلز ڏانهن نهاريم چنڊ ته پنهنجي چانڊاڻ جي چادر تاڻي ستو پيو هو.مون کي هن چنڊ جو تمنائي آور ياد اچي ويو، جيڪو هي چنڊ صرف ان ڪري ماڻي نه سگهيو، جو هو ايشيائي هو. ايلز ۽ آور جي وچ ۾ مشرق ۽ مغرب جو فاصلو هو. ڪاري ۽ اڇي جو ويڇو هو. ويهين صديءَ جي ڪلن ته سڀيئي فاصلا ختم ڪري ڇڏيا آهن، پر اها ڪل ڪڏهن ايجاد ٿيندي جيڪا ماڻهوءَ جي ويڇي کي به ختم ڪندي.

صبح جو پنجين لڳي هوسٽيس ننڊ مان اٿاري چانهن جو ڪوپ اڳيان رکيو. ايلز جي اکڙين آرس ڀڳا ۽ هن ننڊاکڙا نيڻ کڻي مونڏانهن نهاري ”صبح بخير“ چيو ۽ منهنجي اندر ۾ ڪيئي صبحون طلوع ٿي ويون. چانهه پي سگريٽ دکايم ته اعلان ٿيو ته سگريٽ وسائي ڇڏيو، جو هينئر اسين سڊنيءَ پهچڻ وارا آهيون، سگريٽ وسائي هيٺ نهاريم، هيٺ سڊنيءَ جي هوائي اڏي جون بتيون ٻري رهيون هيون. صبح جي هلڪي سوجهري کان هراسيل ۽ شرمسسار!

سڊني اسان سنڌين جي دلين جهڙو ويڪرو ۽ ڪشادو شهر آهي. ماڻهن جا تن اسان جي من جهڙا اُجرا آهن. موسم عورت جهڙي مزاجي آهي. گهڙيءَ ۾ تولو، گهڙيءَ ۾ ماسو گهڙيءَ ۾ جهڙ ڦڙ، گهڙيءَ ۾ اُس! ماڻهو موجي آهن. دنيا اونڌي ٿي پوي پر هو آفيس مان نڪري بار ۾ ضرور ويندا ۽ وڏو ٽهڪ ڏيئي، سڀئي ڳڻتيون، ڏک ۽ سور بير جي گلاس ۾ اوتي، ڳيت ڏيئي پي ويندا. باقي جنهن ڏينهن سئيڪارنو ڪو گجندڙ بيان ڏيندو آهي ته ان ڏينهن سندن گلاس چپن تائين پهچڻ کان اڳ ڇُلڪي پوندا آهن. آسٽريليا جي ڪرڪيٽ جو ڏاڍو نالو ٻڌو هئم. سمجهيم ٿي ته سارو ڏينهن ماڻهو ڪرڪيٽ کيڏندا هوندا، ڪرڪيٽ جي باري ۾ گفتگو ڪندا هوندا يا ڪميٽري ٻڌند اهوندا. پر هتي اچي ڏاڍي مايوسي ٿي. ڪرڪيٽ ته ڪنهن کي ياد به ڪانهي، هر ڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهي. يورپ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان ماڻهو لڏي هتي اچي آباد ٿيا آهن ۽ ڪوبه آفريقي يا ايشيائي آباد ٿي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ جو هو هن کنڊ کي ”اڇو کنڊ“ رکڻ ٿا چاهين.پنهنجي ان ”اڇي کنڊ“ واري نيتيءَ جي وضاحت ڪندا چوندا آهن ته اسين نسلي امتياز جا قائل نه آهيون پر اسين نٿا چاهيون ته هتي به ٻين ملڪن جيان نسلي فساد ٿين. جي ايشيائن کي آباد ٿيڻ جي اجازت ڏني به سي، ته به جپانين کي آباد ٿيڻ نه ڏينداسين. ڇاڪاڻ جو ٻي مهاڀاري لڙائيءَ ۾ هو اسان سان وڙهيا هئا پر جرمنن کي هينئر به آباد ٿيڻ جي اجازت آهي! هتي انگريزن کان پوءِ يوناني ۽ اطالوي تمام گهڻا آهن. هڪڙي ڏينهن، هڪڙي يوناني ڌوٻيءَ وٽ ڪپڙا ڌوئارڻ لاءِ ويس. يونان سان ذهن ۾ هميشه سقراط ۽ بقراط جا تصور ايندا آهن هن يوناني ڌوٻيءَ کي ڏسي سمجهيم ته اجهو ٿو ڪپڙا هڪ طرف اڇلائي ۽ زندگيءَ جي ڪنهن مسئلي تي تقرير شروع ڪري. پر هو ويچارو منهنجي شلوار جي مسئلي ۾ منجهي پيو ته ان کي استري ڪيئن ڪيان. مون شلوار دڪان جي فرش تي وڇائي ۽ کيس سمجهائڻ لڳس. حيران ٿي پڇيايئن.

”هي آخر آهي ڇا؟“

”منهنجي ملڪ جي پتلون آهي.“

”پتلون آهي ته پوءِ پٽو ڪٿي ٻڌندا آهيو.“

مون شلوار ۾ اڳٺ وجهي کيس سمجهايو ته اسين هن پتلون کي هيئن پٽو ٻڌندا آهيون ۽ اسان جي هن پتلون جي پائنچن کي پاسن کان استري ٿيندي آهي. اوڏي مهل ته سڄي سمجهي ويو پر جڏهين شلوار ڌوئي ڏنائين ته شلوار جي پائنچن کي پتلون جيان اڳيان استري ٿيل هئي.

هڪڙي ڏينهن وري هڪڙي اطالوي حجام وٽ وار ڪوڙائڻ لاءِ ويس. سندس لباس ڏسي ائين محسوس ٿيم ڄڻ مان حجام آهيان ۽ هو منهنجي ملڪ جو ڪو و ڏو آفيسر آهي. حجام سنڌ جو هجي يا اٽليءَ جو، پر گهڻو ڳالهائو ضرور هوندو. هن جو به ڳالهائڻ لاءِ اندر ٿي ڦاٽو، پر انگريزي پوري پني ٿي آيس، سو ابتي سبتي انگريزيءَ ۾ اونڌا سونڌا سوال پڇڻ لڳو. مون سندس گفتگو مان اندازو لڳايو ته هو پڙهيل ڪڙهيل آهي ۽ هونئن به گهڻو ڪري يورپي ماڻهن ۾ جهالت ته آهي ئي ڪانه. مون سندس ملڪ بابت ڳالهيون ڪندي کيس ٻڌايو.

”مون تنهنجا مشهور ليکڪ   پرانديلو ۽ البرٽو مورايو پڙهيا آهن.“

منهنجي ڳالهه ٻڌي هو سوچ ۾ پئجي ويو، پنهنجي ساٿيءَ سان اطالويءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو ۽ پوءِ چيائين.

 ”ها ها. پرانديلو ۽ موراويو کي مان چڱيءَ طرح سڃاڻان هو وينس جا مشهور حجم آهن.“

اسان سڀني ايشيائي آفريقي شآگردن کي هڪ ئي هوٽل ۾ رهايو ويو هو، جدا جدا ملڪن جا ماڻهو، ڪارا سانورا ۽ پيلا، هوٽل ته نه هو ڄڻ آفرو ايشيائي ملڪن جو يو اين ايو هو، گهانا مان هڪڙي نوجوان ڇوڪري آيل هئي، نالو هيس مس آما، ڀريل، وٽيل سٽيل، ڪارو ڪارو بدن، ڪاريون ۽ وڏيون اکيون جن ۾ اونداهي راتين جو خنڪ اونداهيون رچيل هيون. ڦڻ ڪڍي لهرائيندڙ ڪاريهر جهڙي چال. سوئيڪارنو چيو هو ته ارڙهن سالن جي عمر ۾ عورت آفريڪا جهڙي ٿيندي آهي. ڇتي ۽ وحشي، سٺ سالن جي عمر ۾ آسٽريليا جهڙي ٿيندي آهي، ساري دنيا کان پاسيري! آما ارڙهن سالن جي به آهي ۽ آفريقا جي به!

مليشيا جو نمائندو مسلمان هو. مختيار بن دائود، سو في سيڪڙو مسلمان نالو. پر کيس اها به خبر ڪانه هئي ته حضرت عمر ۽ حضرت علي ڪير هئا.

فلپين جو نمائيندو قوم پرست اديب هو. سندس ڳالهين مان اشتراڪيت جي بوءِ ايندي هئي. صبح جو اٿي مان ڏاڙهي ڪوڙيندو هوس ته فلپين ۽ مليشيا جا ٻئي نمائندا ڏاڍي حسرت سان مون ڏانهن نهاريندا هئا. سندن منهن تي هڪ به وار ڪونه هو.

جيئن ئي لٿاسين ته سڀني کي انهيءَ فڪر اچي ورايو ته ڪانه ڪا ساهيڙي ٺاهجي نه ته هي جبل جيڏا ڏينهن ڪيئن گذرندا. وڏو شڪار ڪرڻ کان اڳ، پهرين پنهنجي گهر جا ڪڪڙ ماربا آهن، سو سڀني هوٽل جي رسيپشنسٽ مس ڪِم ڊيوس تي قسمت آزمائڻ شروع ڪري ڏني. ڪم شڪل جي سهڻي سٻاجهي هئي، ڪنهن سان گهڻو نه ڳالهائيندي هئي.  سندس نيرن اکڙين ۾ اُداسائيءَ جا پاڇا لهرائيندا هئا. مرڪندي هئي ته ائين محسوس ٿيندو هو ڄڻ سندس مرڪ ڪو سسڪندڙ سر آهي. ڪنهن ماتمي گيت جو آلاپ آهي. الائي سندس شهر دل ۾ ڪهڙو ماتم متل هو، جو سندس مرڪ به ماتمي هئي. اسان سڀني هن سان دوستي ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪنهن کي به قسمت ساٿ نه ڏنو سڀئي مايوس ٿي وياسين.گهر جي ڪڪڙ نه مئي ته وڏو شڪار ڪيئن ٿيندو!

اسان کي هتي آئي پنڌرهن ڏينهن ٿي ويا هئا. هڪڙي ڏينهن پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هوس ته ٽيليفون جي گهنٽي وڳي. رسيور کنيم، هوٽل جي رسيپشنسٽ ڪم جو فون هو. چيائين ته ڪا محترمه هيٺ هال ۾ اوهان جو انتظار ڪري رهي آهي، يڪدم ڪپڙا بدلائي هيٺ لٿس. سامهون ايلز ويٺي هئي. مون کي ڏسي سندس چپڙن تي مرڪي اچي وئي. حيران ٿي پڇيومانس. ”توکي ڪيئن خبر پئي ته مان هتي رهيل آهيان؟“

”پرڏيهي معاملن واري آَيس مان تنهنجي ائڊريس هٿ ڪيم.“

اسين اچي هڪڙي هوٽل ۾ ويٺاسين.

”مون سمجهيو تون مون کي سڃاڻندين ئي ڪونه.“ ايلز چيو.

”ڪيئن نه سڃاڻندو سانءِ. رتيءَ جي رهاڻ جو ملهه اسان مشرقين کان پڇ.“

”ٻڌاءِ، هيترا ڏينهن ڪيئن گذاريءِ. ڇا ڇا ڏٺو اٿئي. اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن بابت ڪهڙو رايو قائم ڪيو اٿئي؟“

”اهي سڀئي ڏينهن آسٽريليا جي تاريخ، ماڻهن جي رهڻي ڪهڻي ۽ ريتن رستمن بابت ليڪچر ٻڌي ۽ شهر جا رستا ۽ گهٽيون رلي گذاريا اٿم. جنهن هنڌ پاڻ ويٺا آهيون تنهن کي ”ڪنگز ڪراس“ سڏيو ويندو آهي. ڪنگز ڪراس ۾ وک وک تي نائيٽ ڪلبون ۽ ”ڪال گرلز“ آهن. ڪال گرلز غير ملڪي ماڻهوءَ کي ڏسي پڇنديون آهن:

”عورت گهرجيئي؟ ڇهه پائونڊ وٺندي سانءِ. پنج پائونڊ منهنجا ۽ هڪ پائونڊ هوٽل جو.“ هر هڪ ڪال گرلز وٽ هڪ ڪار ۽ هڪ اطالوي داداگير هوندو آهي. رات جو آڌيءَ تائين هوٽلن ۽ رستن تي شريف گهراڻي جون بگڙيل ڇوڪريون پاڻ سان بادفرنگ ۽ آتشڪ جهڙا بڇڙا ۽ خطرناڪ مرض کڻي گهمنديون ۽ ورهائينديون وتنديون آهن. نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا اهي خطرناڪ مرض اوهان جو هڪ وڏو قومي مسئلو آهي،  جيڪو ڏينهن و ڏينهن وڃي ٿو منجهندو. رستن تي ڇوڪران ڇوڪرين جو پيڇو ڪندا آهن ۽ اسان وري ٻنهي جو پيڇو ڪندا آهيون ته ڪيئن ٿي ڳالهه ٺهين. ڇوڪري ڦاسائڻ جو بهترين طريقو هي آهي ته ويجهو وڃي چئجيس.

”هلو سهڻي شهزادي“

جي هوءَ به جواب ۾ ”هلو“ چوي ته سمجهه ڳالهه ٺهي وئي. جي ڪاوڙجي ته معنيٰ محنت گهڻي ڪرڻي پوندي ۽ جي ڪو جواب نه ڏي ته ان جي معنيٰ انڪار سمجهجي. هڪڙي ڏينهن دل ٻڌي مون به هڪڙي سهڻي ڇوڪريءَ کي چيو.

”هلو سهڻي شهزادي“

”هلو سهڻا شهزادا“ ٺھ ڦھ وراڻيائين. ڏڪي ويس، ڊپ وچان هيڏانهن هوڏاهن نهاريم ته ڪنهن ٻڌي ته نه ورتو ۽ پوءِ وٺي ڊوڙ پاتم ۽ ڪمري ۾ اچي ساهه پٽيم. پاڪستان هجي ها ته موچڙا کاوان ها.“

ايلز کلندي چيو:

”ڏاڍو ڏنگو آهين، ايترن ڏينهن ۾ سڊنيءَ جو اهڙو روپ ڏٺو اٿئي جيڪو مان ساري عمر ڏسي نه سگهي آهيان.“

”اسان وٽ عورتون پڙدو ڪنديون آهن ۽ اوهان وٽ وچ بازار ۾ مڙد کي ڀاڪر پائي پيار ڪنديون آهن. مڙد ۽ عورت ڀاڪر پائي پيار ۾ مصروف هوندا آهن ۽ رستي تي لنگهندڙ ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾.“

”پهريون دفعو هڪڙي جوڙي کي وچ رستي تي ڀاڪر پائي پيار ڪندي ڏٺم ته شرمائجي ويس ۽ منهن ڦيري ڇڏيم آهسته آهسته اک ٽيٽ ڪري ٻيهر ڏٺو مان ۽ وري منهن ڦيري ڇڏيم. پوءِ خيال آيم ته هي ته آسٽريليا آهي هتي اهو عيب ڪونهي پوءِ ويجهو وڃي غور ۽ حيرت وچان ڏسڻ لڳس. مون کي جو ائين تارا ڦاڙي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏٺائون ته يڪدم هڪٻئي کان الڳ ٿي ويا ۽ تکيون تکيون وکون کڻي اڳتي وڌي ويا.“

”اوهان کي پنهنجي رنگ تي ڏاڍو ناز آهي. پر مان توکي توهان جي رنگ بابت هڪڙو لطيفو ٿو ٻڌايان. خدا جڏهين پهريون انساني بوتو ٺاهي کوري ۾ پچايو، ته اهو ڪچو رهجي ويو. خدا ان ڪچي بوتي کي ڌرتي تي اڇلايو ۽ اهو يورپ ۾ وڃي ڪريو ۽ ”اڇو“ ماڻهو سڏجڻ لڳو. خدا وري ٻيو بوتو ٺاهي کوري ۾ پچايو ته اهو سڙي ڪوئلا ٿي ويو. خدا ان سڙيل بوتي کي ڌرتيءَ تي اڇلايو ۽ هو آفريڪا ۾ وڃي ڪريو ۽ ”شيدي“ سڏجڻ لڳو. هاڻي ٽيون بوتو ٺاهيو ۽ هن کي چڱيءَ طرح پچايائين. اهو مڪمل انسان هو. خدا هن کي ايشيا ۾ اڇلايو ۽ اهو هينئر تنهنجي سامهون ويٺو آهي.“

”ڏاڍو خود پرست آهين“ ايلز مرڪندي چيو .

”هاڻي توکي توهان جي انگريزي جي لهجي ۾ اچاربابت به ڪجهه ٻڌايان. الائي ڪهڙي انگريز ليکڪ چيو هو ته: انگريزن ۽ آمريڪن جي ٻوليءَ کانسواءِ ٻي سڀ  ڳالهه هڪ جهڙي آهي. اوهان آسٽريليائن ۽ انگريزن جي انگريزي جو به ساڳيو حال آهي، اوهين A کي I ڪري اچاريندا آهيو، يعني جي اوهان کي T.A.A. چوڻو هوندو ته چوندؤ T.I.I پهرين ڏينهن هتي لٿس ته هڪڙي آسٽريليائي پنهنجي مخصوص لهجي ۾ پڇيو.

Have you come here to die

(ڇا تون هتي مرڻ لاءِ آيو آهين)

مون کان ڇرڪ نڪري ويو. دانهن ڪري چيم.

”نه نه، مان مرڻ لاءِ نه پر جيئڻ لاءِ آيو آهيان.“

Oh. No, I mean to die

(نه نه، منهنجو مطلب آهي ته مرڻ آيو آهين)

”مان تنهنجو مطلب چڱيءَ طرح سمجهان ٿو. ڪير هٿ لاءِ ڏيکاري ته مزو چکايانس.“

مون کي ڪاوڙجندو ڏسي هو ويچارو اچي ششدر ٿيو. آخر هجي ڪري سمجهايائين.

Oh, I mean TODAY

(منهنجو مطلب آهي ٽي او ڊي اي واءِ، ٽ ڊي يعني اڄ آيو آهين)

”اوه! ٽ ڊي“ جڏهين ڳالهه سمجهيم تڏهين وڃي پيٽ ۾ ساهه پيو“

ايلز ٽهڪڙا ڏيڻ لڳي. سندس ٽهڪ ٻڌي ڀر واري ٽيبلن تي ويٺل ماڻهن ڪنڌ ورائي اسان ڏانهن نهاريو ۽ مرڪي وري پنهنجين ڳالهين ۾ لڳي ويا. ايلز جي کل بند ئي نه ٿئي.

”توهين پاڻي پيو ڪونه ۽ اسين پاڻيءَ کان سواءِ جي نه سگهون. هڪڙي ڏينهن هوٽل ۾ ماني کائڻ لاءِ ويس، اڃ به ڏاڍي لڳي هيم وڃڻ سان ويٽريس کي چيم.

”واٽر پليز“

هوءَ سمجهي ئي ڪانه. آخر هجي ڪري ٻڌايومانس.

”ون گلاس آف ڊبليو اي ٽي اي آر.“

”اوه ووئاٽر!“

”جي ووئاٽر.“

ماني کائيندي وري پاڻي گهريومانس ته اچرج ۾ پئجي وئي. ٽيون دفعو پاڻي گهريومانس ته دانهن نڪري ويس.

”جي ايڏو پاڻي پيئندين ته پوءِ پڪ آسٽريليا ۾ خشڪ سالي ٿيندي.“

ٻئي دفعي وري نيرن تي دير سان پهتس. کائڻ واري هال مان ماڻهو اٿي ويا هئا ۽ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ويٺو هو. مان وڃي ويٺس ته هڪڙي سهڻي ويٽريس من موهڻي مرڪ سان پڇيو.

You are right

(خوش آهين)

”ها، بلڪل خوش آهيان.“ مون خوش ٿيندي وراڻيو، ”تون ڪيئن آهين؟“

”ٺيڪ آهيان.“

ائين چئي هوءَ هلي وئي ۽ مان سگريٽ دکائي ناشتي جو انتظار ڪرڻ لڳس ايتري ۾ هڪڙي ٻي ويٽرس اچي اهو ساڳيو سوال پڇيو. هانءُ ئي ٽڙي پيم. سمجهيم ڪنهن رومان جي ابتدا ٿيڻ واري آهي، پر جڏهين ٽين ويٽريس به اچي اهو ساڳيو سوال پڇيو. تڏهن پڪ ٿيم ته رومان ٻومان ته ڪونهي، مون ۾ ڪا گڙ ٻڙ آهي. يڪدم غسل خاني ڏانهن ڀڳس، آئيني ۾ ڏٺم سڀ ڪجهه ٺيڪ هو. ڏاڙهي به ڪوڙيل هئي. لباس به ٺيڪ هو ۽ منهن مان بيمار به ڪونه ٿي لڳس، پوءِ هر ڪنهن ويٽريس ڇو ٿي پڇيو ته ٺيڪ آهين. موٽي اچي وري ناشتي جو انتظار ڪرڻ لڳس ۽ ٽيئي ويٽرسيز منهنجي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ لڳيون. جڏهن ڏٺم ته ناشتو ته پاڻ مرادو ڪونه ٿيون ڏين، تڏهين هڪڙي ويٽريس کي سڏ ڪري ناشتي جو چيم، هوءَ کلي ويٺي ۽ کلندي چيائين.

”اسان ٽنئي توکان واري وٽيءَ تي ناشتي جو پڇيو، پر تو ناشتي جي گهر ئي ڪانه ڪئي.“

”اوهان ته حال ٿي پڇيا، ناشتي جو ڪنهن ڪونه پڇيو.“

”يو آر رائيٽ جي معنيٰ آهي ته توکي ڪجهه گهرجي ته ڪونه.“

ايلز کلندي رهي. ماڻهو منهن ورائي اسان ڏانهن نهاريندا رهيا. آخر کلي کلي جڏهن ٿڪجي پئي تڏهين پڇيومانس.

”تنهنجي ايشيائي مڱيندي جو ڪهڙو حال آهي؟“

”مون کانسواءِ ڏاڍو اداس ٿو رهي. ڏاڍا اُداس ۽ شاعراڻا خط لکندو آهي.“

”شروع ۾ سڀئي اهڙا خط لکندا آهن، پر پوءِ آهسته آهسته اداسائي ۽ شاعريءَ سان گڏ خط به ختم ٿي ويندا آهن.“

”ائين نه آهي. اسان جي محبت وقتي نه، پر هميشه رهندڙ آهي.ٻن ڏينهن کان آور جو خط نه مليو آهي ته اُداس ٿي پئي آهيان سوچيم، ڪيڏانهن وڃي دل وندرايان. تنهنجي يادگيري پيم ۽ تو وٽ هلي آيس. تو ته منهنجي دل جا سڀئي غم ڌوئي ڇڏيا، سڀاڻي موڪل آهي تون ته واندو هوندين سڀاڻي هل ته توکي پنهنجو شهر گهمايان.“

 تاريخي لحاظ کان آسٽريليا اڃا ڀانڀڙا پائيندڙ ٻار آهي. هتي ڪا اهڙي جاءِ ڪانهي جنهن کي ڏسڻ سان وقت جون واڳون وري وڃن ۽ ماڻهو سال ۽ صديون اورانگهي ماضيءَ جي خوابستان ۾ پهچي وڃي. هر طرف دونهون اوڳاڇيندڙ، چيٽون دانهون ڪندي ڊوڙندڙ، رنگ برنگي ويهين صدي آهي. ڪو سنڌو ڪونهي جنهن جي مستي ۽ موج جي تعريف ۾  رشين اسلوڪ چيا هجن، جنهن جي ڪپر تي عظيم تهذيبن جنم ورتو هجي ۽ جنهن جي پور ۾ پئجي رخ مٽايو هجي ته ڪيئي تهذيبون مٽيءَ جا دڙا بڻجي ويون هجن. ڪا مياڻي ڪانهي جنهن جي مٽيءَ مان وطن لاءِ وڙهندڙ سرويچن جي رت جي سڳنڌ ايندي هجي. ريگستان آهن پر مارو ۽ مارئي ڪانهي. هر طرف ماڻهن جا جهنگ آهن، ويهين صديءَ جو ڪن ڦاڙ شور ۽ گوڙ آهي. ساوا، سوگوار ۽ خاموش ميدان آهن ۽ وڏن وڏن کاهين ۾ چيل ۽ يوڪلپٽس جا ٻيلا آهن جن مان جڏهين واءُ زوزاٽ ڪري لنگهندو آهي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ آسٽريليا جي اصلوڪن رهاڪن جا مظلوم، ڪارا ۽ جلاوطن روح اڇن جي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ خلاف فرياد ڪري رهيا هجن.

ايلز چئي ٿي.

”هي باٽني نار آهي. ڪپتان ڪڪ ڪاري پاڻيءَ جي سزا کاڌل قيدين جا ٻيڙا وٺي هن نار وٽ اچي لنگر انداز ٿيو هو.  اسين سڀئي انهن جلاوطن ڏوهارين جو اولاد آهيون. اسان جي وڏن جي اچڻ کان اڳ هتان جي مٽيءَ مان اناج جو ڪو سلو نه اسريو هو. پاڻيءَ جي اڻاٺ هئي ۽ چوپايو مال ڪونه هو. اسان جا وڏا هن وحشي کنڊ سان وڙهندا رهيا ۽ آخر فتح مند ٿيا. اڄ اسان هن کنڊ مان ذري گهٽ ساري دنيا جي ملڪن ڏانهن، اناج، گوشت، کير ۽ اُن موڪليون ٿا. تاريخ قوم جو لاشعور ٿيندي آهي پر اسان جي قوم کي لاشعور ڪونهي. ٻن سو سالن جي تاريخ به ڪا تاريخ آهي.

اسان باٽني نار کي موٽياسين ۽ فٽ پاٿ تي هلندي ايلز چيو.

”توهان وٽ ڏينهن و ڏينهن وڌندڙ آدم شماري مسئلو آهي ۽ اسان وٽ وري ماڻهن جي اڻاٺ هڪ وڏو مسئلو آهي. هن هيڏي ساري کنڊ ۾ اسين ڪل  هڪ ڪروڙ ماڻهو آهيون. اسان ساري يورپ مان ماڻهو لڏائي آڻي هتي آباد ڪري رهيا آهيون، پر ته به ماڻهن جي اڻاٺ جو مسئلو حل نٿو ٿئي. جيڪي يورپي هتي آباد ٿيڻ لاءِ ايندا آهن تن کي اسان جي حڪومت هر قسم جي سهولت ڏيندي آهي. مثال جي لنڊن مان ڪو ماڻهو لڏي هتي اچي آباد ٿيڻ چاهي ته حڪومت هن کان صرف سٺ روپيا وٺندي ۽ سندس ڀاڙي، رهائش جي انتظام ۽ نوڪري يا زمين وغيره جو بندوبست به ڪري ڏيندي. ماڻهن جو معيار زندگي ڏاڍو اوچو آهي ۽ مزدوري مهانگي آهي. محنت جو احترام ڪيو ٿو وڃي انڪري پنهنجي هٿ سان ڪم ڪرڻ کي ڪوبه عار نٿو سمجهي. اسان سڀ کان وڏو ڪارنامو اهو ڪيو آهي ته ملڪ مان جهالت ۽ غربت کي تڙي ڪڍيو اٿئون. ساري ملڪ ۾ ڪو اڻ پڙهيل ۽ غريب ڪونهي.“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org