سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:21

ڪلاپرڪاش

آغا سليم جا ناول ۽ سندس همه اوست

 

سنڌ جي ناول نويس آغا سليم جا چار ناول ”اونداهي ڌرتي، روشن هٿ“ ”ٻه ننڍا ناول“ جي سري هيٺ ”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻ پورو انسان“ ناول پڙهڻ بعد مون کي احساس ٿيو ته ناول جي شاخ ليکڪ سهوليت خاطر اپنائي آهي. حقيقت ۾ هن کي ڪي آدرش ۽ فيلسوفيون ۽ زندگيءَ جون يا تاريخي ۽ راڄنيتي سچايون اظهار ڪرڻ جي تمنا آهي ۽ هن ناول کي هڪ ذريعو بڻايو آهي.

مان ناول نويسيءَ جي ادبي اُصولن جو ذڪر نٿي ڪريان. هر هڪ اديب پنهنجا اُصول پاڻ پاڻ گهڙيندو آهي. اديب آغا سليم ادب کي يا ناول کي هڪ مخصوص مقصد کڻي خلقيو آهي. مان پهرين هن جي ناول ”همه اوست“ بابت پنهنجو ردعمل اظهاريان ٿي.

هن ناول ۾ تاريخي پس منظر آهي. سمن جي دور جي ڪهاڻي آهي. ڪهاڻي هڪ حاڪم سجاول خان سمي جي شڪارگاهه جي محفل  سان شروع ٿي ٿئي. حاڪمن ۽ نوابن جي عيش پرست زندگي، شڪار گاهن لاءِ اڏيل تنبن ۾ زندگيءَ جي هر سهولت ميسر هئڻ سان گڏ رات جي وقت ناچڻيءَ جو بندوبست به هوندو هو ته چارڻن کي به ڳائڻ لاءِ گهرايو ويندو هو. وقت لنگهياڻيون به ڳائڻ لاءِ اچي پهچنديون هيون. چارڻ ۽ لنگهياڻيون پنهنجن ڪلامن ۾ سنڌ جي سقيم حالت بيان ڪنديون هيون ته سنڌ کي ڪيئن ڌاريا لُٽي رهيا آهن.

صفحي 14 تي چارڻن جوڳايل ڪلام:

لک لڙيا لکنوءِ کان، لک اُلٽيا اوهيئڙا

پرب جئن پلٽي پيا، جئن واڪا ڪري واءُ

علادين به آئيو، جت آلا ڪاٺ ٻرن

پوربي ۽ پڇمي، جتي ڪوهستاني به ڪُڏن

ايران ۽ تُوران جا، کنا خوب کڙن

ڪڪا، ڪارا ڪابلي، انت نه امرائن

نوَ لک، ڏهه ڇلين، اچي سنڌ وڪوڙي تن.

هن ناول ۾ ڪردار ايترا گهڻا آهن جو پڙهندڙ مُنجهي ٿو پوي. شاهه عبداللطيف به هڪ ڪردار طور پيش ڪيل آهي. ماڻڪ ۽ موهن نالي ڪردار آهن. پادري الفنسو باربوسا ۽ مسٽر ايلز جا ڪردار آهن. علي ۽ سندس زال هڪ جوڙي جا ڪردار آهن. انهن سڀني ڪردارن جي پنهنجي ليکي ڪا اهميت نه آهي. هو صرف گيتا، جين ۽ ٻڌ ڌرم، چرچ يعني ڪرستانن جو مذهب وغيره سمجهائڻ لاءِ خلقيا ويا آهن.

شاهه عنايت به هڪ ڪردار طور آندو ويو آهي. حقيقت ۾ ڪردار نگاري نه جهڙي آهي. هو به صرف ڪي پيغام ڏيڻ لاءِ خلقيا ويا آهن. البت سارنگ ۽ سنڌوءَ جي ڪردارن ۾ ڪجهه ساهه آهي، پر اُهي به گهڻي دلچسپي پيدا نٿا ڪن.

هن ناول ۾ ماحول بيان ڪرڻ لاءِ يا انساني جسم جي سونهن بيان ڪرڻ لاءِ ليکڪ جو هڪڙو پنهنجو انداز آهي، پنهنجي ٻولي آهي، اُها ڌيان ڇڪائيندڙ آهي.

مثال 146۽ 168 صفحن تي عورت جي انگن جو بيان:

”ڇاتيون ماسيريون، انگور جي رَسيل ڇُڳن جهڙيون، چيلهه سنهي، اکيون وڏيون، پنبڻيون ڊگهيون ۽ وريل....“

قدرت ۽ ماحول جو بيان (شروعات ۾):

”شام لٿي ۽ نيڻ نهار پکڙيل ٻيلو قدرت جي رنگن ۾ جرڪڻ لڳو. ٻيلي جي پاسي کان وهندڙ سنڌوءَ جي ميرانجهي (ميرانجهي ٿيڻ کپي يا ميرانجهڙي؟) پاڻيءَ ۾ شفق جا رنگ پئجي ويا. هوا جو تيز جهوٽو لڳو ۽ ڪپر سان بيٺل ٻيڙين جا اڇا اڇا سڙهه شفق جي ڳاڙهاڻ ۾ ڦڙڪڻ لڳا.

.... ابابيل اڏاڻا ۽ ڪا ولر کان وڇڙيل ڪونج ڪُرڪي.“

هن قسم جو قدرتي ماحول ۽ شڪار گاهن جي تنبن وغيره جي بيان ۾ جيڪو انداز اختيار ڪيو ويو آهي، تنهن کي پڙهي محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ شهر ٻڌجي ويا آهن.

تنبن جي ٻاهران ڏانڊ، اُٺ، گهوڙا، ڍڳي گاڏيون، ڇڪڙا، اچ وڃ ۽ چوٻول، هي ذري پرزي احوال مخصوص ماحول پڙهندڙ اڳيان آڻي ٿو بيهاري جنهن لاءِ مبارڪون!

ناول جو مقصد ته اعليٰ آهي. ان ڪڙي سچ کي پڌرو ڪرڻ ته سچ هر دور ۾ سوريءَ چڙهيو آهي. هن ناول ”همه اوست“ ۾ سنڌ جي سرويچ ”شاهه عنايت“ جي سسي ڌڙ کان ڌار ٿي، ان دل ڏاريندڙ قصي جو آخر ۾ احوال آهي ۽ آخر ۾:

ملڪ مڙيو ئي منصور، ڪُهي ڪُهندين ڪيترا.

هيءَ ڏاڍ ظلم خلاف انسان جي امر صدا آهي. مون شروع ۾ ئي چيو ته فيلسوفي پنهنجي سِر خوبصورت آهي. گهڻيون ئي گيان جون ڳالهيون آهن، مذهبن جي سمجهاڻي آهي- سوال آهي ته ناول ڪٿي آهي؟

ناول ۾ رٿا، ڪهاڻي، ڪردار، ٺهڪندڙ ماحول ۽ فنائتي نموني مقصد تائين پهچڻ، ناول جون تقاضائون آهن. مون کي لڳو، مون هڪ ناول نه پر فيلسوفيءَ تي هڪ گرنٿ پڙهيو آهي.

اديب ڀاءُ آغا سليم جو ٻيو ڪتاب ”ٻه ننڍا ناول“ آهي، جن جا الڳ الڳ نالا آهن.

 

”روشنيءَ جي تلاش“ ۽ ”اڻ پورو انسان“:

مان روشنيءَ جي تلاش ناول کي جيڪر هڪ لنبي ڪهاڻي سڏڻ پسند ڪريان، نه ان ڪري جو صفحا صرف 74 آهن، پر ان ڪري جو اهي 74 صفحا ئي ڪهاڻيءَ جي نائڪا ”شميم“ جي چوگرد ڦرن ٿا، جيڪا هڪ بي چين انسان آهي، جنهن کي روشنيءَ جي تلاش آهي. اها پاڻ پنهنجي لاءِ چوي ٿي ته ”مون ۾ محبت جو مادو ئي ڪونهي.“

هن مشيني دور جي ڪنهن به انسان ۾ محبت جو مادو ڪونهي، سڀ مشين جيان محبت کان خالي آهن.

شميم ’مان‘ ڪردار سان مڪلي ٿي وڃي. اتي جون قبرون ۽ سنسان ماحول کيس ڏڪائين ٿا، هوءَ واپس وري گوڙ گنبڙ واري ماحول ۾ پهچڻ ٿي گهري. هوءَ نائڪ کي چوي ٿي:

”مون کي گوڙگهمسان ۾ وٺي هل، جت مان اڪيلائيءَ جون رڙيون ٻڌي نه سگهان.“

شميم کي هڪ سُڀاويڪ ٻالڪپڻ نه مليو. سندس ماءُ هڪ پئسي واري عورت آهي. طلاق شده آهي، پر پئسو ختم ٿيڻ تي ڌيءَ شميم کي ماءُ ٿي ڪري به هڪ غير مناسب پيشي ۾ ٿي ڌڪي.

ڪن ڳاڻ ڳڻين انسانن سان ائين ٿئي ٿو. اُهي به انساني سماج جو حصو آهن. هنن جا دک درد به ساهت ۾ اچڻ کپن، پر اهو هروڀرو عام فهم مسئلو نه آهي. هن ناول ۾ به ليکڪ آغا سليم نائڪا شميم جي زبان مان بي شمار فيلسوفاڻا گفتا چورايا آهن. جيڪي پڙهڻ ۾ سُٺا لڳن ٿا، پر ناول جي ڪهاڻيءَ کي يا ڪردار کي ڪهڙي هٿي ٿا ڏين، اهو سوال وري به رهجي ٿو وڃي. شميم نالي نائڪا جي شخصي زندگي ۽ سندس ويچار يا جيون فيلسوفي ۾ وڏو تضاد آهي. اهو تضاد هونئن پاٺڪ جي من ۾ جيڪر گهرو درد پيدا ڪري، پر ائين ٿيو ڪونهي. ڪارڻ اهو ئي ٿو لڳي جو ليکڪ نائڪا کي آزاد نه ڇڏيو آهي. پنهنجي فيلسوفي ۽ ويچار هن مٿان زوريءَ مڙهيا آهن. هوءَ ليکڪ جي هٿ ۾ ڪٺ پتلي جيان آهي. اهو ئي سبب آهي جو نائڪا جو زهر وٺي آپگهات ڪرڻ جهڙو واقعو به پاٺڪ جي اکين ۾ ڳوڙها نه آڻيندو. مان ائين ٿي سمجهان. هن ناول ۾ به ”همه اوست“ ناول وانگر هڪ خوبي ضرور آهي، اها آهي ليکڪ جي بيان جي قوت. ’شميم‘ نائڪا جي موت کان پوءِ ناول جو ’مان‘ ڪردار پنهنجي حالت هيئن ٿو بيان ڪري:

”مان اکيون ڦاڙي هن جي مرده چهري ڏانهن نهاريندو رهيس ۽ پوءِ هڪدم ڪمري مان نڪري آيس ۽ شهر جي سڙڪن تي گهمڻ لڳس. هر طرف سانت ۽ تاريڪي ڦهليل هئي. شهر جون سڙڪون هڪ ٻئي سان ملنديون، وچڙنديون، پنهنجي ئي ڳولا ۾ گم ٿي ٿي ويون. ستارن جون ڏياٽيون اجهامي ويون هيون. چنڊ جي شڪل بي نور ٿي ويئي هئي ۽ زندگيءَ جي آوازن کي سانت جي ڌٻڻ ڳهي ڇڏيو هو ۽ ڌرتيءَ جو گلوجلي سڙي رک جو ڍير ٿي ويون هو.“

ناول جي ’وشيه‘ نهايت گهري آهي. ’شميم‘ نالي نائڪا هڪ ٻاڪاريندڙ روح آهي. پاڻ چوندي رهي ٿي ته محبت اڄ ڪلهه آهي ڪانه. پر سندس روح محبت لاءِ تڙپندو رهي ٿو ۽ هوءَ هن محبت کان خالي دنيا ۾ جيئڻ ئي نٿي چاهي. آخر پنهنجو خاتمو ٿي آڻي. ليکڪ جي وشيه سان نباهڻ جي قوت ۾ اڃا گهرائي گهربل هئي. گهرائي، نزاڪت، ڪردار نگاري، انهن عناصرن تي وڌيڪ ڌيان ڏنو وڃي ها ته گهڻو وڌيڪ اثر ڇڏي ها ۽ پاٺڪ جي دل ڏاري ڇڏي ها.

 

اڻ پورو انسان:

هيءُ ناول هڪ ڀت تي ٽنگيل ”پينٽنگ“ جي بيان سان شروع ٿو ٿئي. ٻين ناولن وانگر هن ناول ۾ منڍ ۾ ناول نويس آغا سليم جي تفصيلن ڀرئي ۽ تُز بيان جي خوبي ظاهر ٿئي ٿي. مثال: ”پينٽنگ ۾ هڪ اترادي ڍڳي گاڏي ڏيکاريل آهي، ان ۾ هڪڙو پوڙهو گاڏير ويٺو هو. ڇنل ڦاٽل ڪپڙا، ميري پڳ، ڏرا ڏيئي ويل اکيون، منهن ۾ گهنجن جو ڄار ۽ بي نشان ۽ بي منزل سفر جو ٿڪ! ساڳيءَ ئي پينٽنگ ۾ ان پوڙهي گاڏڙ جي ڀر ۾ هڪڙو ٻار ڏيکاريل آهي. ان ٻار جو بيان پڙهو:

”مٿي تي ٽُڪ جي ٽوپي، پاسي تي ڳچيءَ وارو ململ جو چولو، ڳچيءَ ۾ چانديءَ جو تعويذ، ٻارڙي جي چپن تي مرڪ هئي. هن جي مرڪ باک وانگر ٿي لڳي.“

هي بيان پڙهي مون کي گُني سامتاڻي جي ڪهاڻي ”پرلڻ“ ياد آئي. ڍڳي گاڏيءَ ۾ ويٺل پوڙهو موت جي قريب آهي، پر ٻارڙو جنهن ٽڪ جي ٽوپي، ململ جو چولو ۽ چانديءَ جو تعويذ ۽ مرڪ وري زندگيءَ جو پيغام ٿا ڏين. چپن تي مرڪ پرهه جي باک وانگر آهي ۽ زندگيءَ جو پيغام ٿي ڏئي.

هن ناول جو سڄو نچوڙ ته پهرئين صفحي ۾ ئي گويا ليکڪ آغا سليم ڏيئي ڇڏيو آهي.

هن ناول جي وشيه سري مان ظاهر آهي: انسان پاڻ کي اڻ پورو يا نامڪمل ٿو سمجهي. شاديءَ بعد ٻار ٻچا ٿين ۽ پوءِ هن کي پنهنجي گهرو حياتي پارو ٿي لڳي ٿي. پاڻ کي وندرائڻ لاءِ هو ٻاهر ڀٽڪي ٿو. ڌارين عورتن جو سنگ ٿو ڪري، ڀٽڪي ڀٽڪي وري واپس گهر ٿو اچي. هن ناول جو نائڪ پنهنجيءَ پتنيءَ سڪينه مان دل ڍاپي وڃڻ بعد ٻاهر ڪن عورتن جو سنگ ڪري ٿو. هڪ عورت شميم سان ته ملڪ ڇڏي پرڏيهه وڃي نئين زندگي شروع ڪرڻ لاءِ به سوچي ٿو. پر پنهنجيءَ سوچ تي عمل نٿو ڪري سگهي. اڳتي هلي نائڪ جي سوچ ۾ ڦيرو اچي ٿو:

”ٿي سگهي ٿو زندگيءَ جي واٽ تي شيرين سان هٿ هٿ ۾ ڏيئي هلندي، مان ٿوريءَ دير لاءِ بيهي، پنهنجي ماضيءَ ڏي نهاريان. اُنهن معصوم ٻارن جن جون معصوم خوشيون کسي، لتاڙي مون پنهنجون خوشيون حاصل ڪيون، ٿي سگهي ٿو ته مان اُن وقت پڇتايان، ٿي سگهي ٿو ته مان شيرين کي ڏوهه ڏيان. ٿي سگهي ٿو ته اها ڳالهه منهنجي ضمير جو ناسور بڻجي وڃي ۽ مان شيرين کي اُهي خوشيون ڏيئي نه سگهان، جن کي ماڻڻ لاءِ هوءَ پنهنجي سموري زندگيءَ جو داءُ لڳائي رهي آهي.“

هيءَ سوچ نائڪ جي وويڪ (ضمير) جو آواز آهي.

هن ناول جي پڇاڙيءَ ۾ نائڪ پنهنجيءَ چيمبر ۾ اچي ٿو. هن اڄ هڪ نوجوان کي ٽي سال سخت پورهئي سان ٽيپ ڏني هئي. فيصلو ٻڌي نوجوان جي چپن تي مرڪ تري آئي هئي. جڏهن پوليس جي گاڏي اُن نوجوان کي جيل نئن لاءِ رواني ٿي، تڏهن ناول جو نائڪ دريءَ مان نظر ايندڙ نظارو ٿو بيان ڪري:

”سامهون وارن گهاٽن ۽ ساون وڻن جون لامون لڏڻ لڳيون. وڻن جي سائن چوٽين مثل آسمان تاڻيل هو، نيرو، روشن ۽ اجرو، جهڙو انسان جو آئيندو!“

انسان جو آئيندو روشن ۽ اُجرو آهي، اهو خيال نائڪ کي اُن مرڪندڙ جيل ڏانهن ويندو نوجوان کي ڏسي ٿو اچي، جنهن آدرش خاطر مرڪندي جيل قبوليو هو!

هتي ليکڪ  هڪ وڏي مطلب جي ڳالهه چئي آهي ته صرف شخصي حياتي ڪمائي، حرص ۽ هوَس آهي. اهي چيزون انسان کي ڪو مان مرتبو نٿيون بخشين، پر زندگي معنيٰ ڀري ان جي آهي، جيڪو ڪنهن آدرش لاءِ، ڪنهن مقصد لاءِ جيئي ٿو. پورڻتا ان ئي انسان کي محسوس ٿيندي، نه ته انسان پاڻ کي اڻ پورو ئي سمجهندو رهندو.

هيءُ پيغام وڏي معنيٰ ٿو رکي، پر هن ناول جي ڪهاڻي، رٿا، ڪردار اهو پيغام ڏين ٿا؟ سڀ ڪجهه ڳڙ ڳڙڌاڻي آهي. سڀ ڪجهه معنيٰ خيز  هوندي به ناول نويسيءَ جي تقاضائن جو خيال نه رکيو ويو آهي. ليکڪ آغا سليم هڪ انسان طور ۽ ٻڌيمان شخص طور ڪافي اُڀري ٿو بيهي، پر ناول نويس طور کيس اڃا گهڻو پنڌ ڪرڻو پوندو.

اونداهي ڌرتي، روشن هٿ :

هن ڪتاب تي لکندي مان پهرين ”روشنيءَ جي تلاش“ ناول جي 12 صفحي تي لکيل لفظ لکان ٿي:

”سنڌ ته آهي ئي بيداد نگري، پراوا حاڪم پرايون عدالتون، پرائي فوج، رڳو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ.“

ليکڪ آغا سليم جو هيءُ درد سندس ناول ”اونداهي ڌرتي، روشن هٿ“ ۾ بخوبي ظاهر ٿيو آهي، ناول جي پهرئين حصي ۾ سارنگ نالي سنڌي سنگتراش سان اهو بيداد ٿيو جو هن جا هٿ ڪپيا ويا. اُن جو ڪارڻ هيءُ آهي ته هن ’سنڌوءَ جي هڪ انمول مورتي ٺاهي. ان وقت جا حاڪم جنهن کي پوڄاري سڏيندا هئا، تنهن هن سنگتراش جا هٿ ان ڪري ڪپايا، جيئن هو ٻيهر ههڙي مورتي ٺاهي نه سگهي. هتي هڪ لاثاني عورت جو ذڪر آهي جيڪا پنهنجيءَ سونهن جو مٽ پاڻ آهي ۽ هوءَ حاڪم يا پوڄاريءَ پنهنجي محل ۾ ويهاري آهي. حاڪم هر سال نئين عورت ڳولهي ويهاريندو آهي. هر سال ميلي ۾ هڪ Beauty Contest وانگر عورتون ڀاڳ وٺنديون هيون ۽ پوڄاريءَ کي جيڪا سڀني کان وڌيڪ وڻي، تنهن کي هو سال لاءِ محلات ۾ رهائيندو هو.  هتي سنڌو اها عورت آهي.

ٽائيٽل تي غور ٿو ڪجي ته ائين ٿو لڳي شايد آغا سليم سنڌ جي ڌرتيءَ کي اونداهي سڏيو آهي، ڇو ته سدائين ظلم ۽ ڏاڍ جو شڪار رهي آهي، پر سارنگ ۽ جهڙس ٻين سنڌ جي ڌرتيءَ جي ديوانن پنهنجا هٿ ڪپائي، پنهنجا سر ڏيئي به هن ڌرتيءَ جي عبادت ڪئي آهي. اُنهن روشن هٿن کي سلام آهي، جن هر دور ۾ مشعالون هٿن ۾ کنيون آهن.

آخر ۾ ناول نويسيءَ تي اچان ته اعليٰ مقصد سان لکيل هيءُ ناول به ناول نويسيءَ جي تقاضائن سان نباهي نه سگهيو آهي. ليکڪ جي مراد ضرور پوري ٿي آهي، جو سنڌ ڌرتيءَ اڳيان باٺڪ سر جُهڪائيندو، سنڌونديءَ جي عبادت ڪندو، پر ڪردار نگاري، افسانوي رنگ ۾ گهڻي رونق نه آهي.

 

نـاٽـڪ

 

 

آغا سليم جا ناٽڪ اهڙا آهن جن کي سنڌي ادب جي جان چئي سگهجي ٿو.

- پير حسام الدين راشدي

گل ڇِنو گرنار جو

 

ڏيک پهريون

(ڏياچ جو راج محل. سورٺ ڇپر کٽ تي، ريشمي وهاڻن تي ڪنڌ رکي ستي پئي آهي. سندس وار وهاڻي تي وکريل آهن. ڏياچ سندس ڀر ۾ ويٺو آهي، ۽ ستار تي پرڀاتي راڳڻي ڇيڙي رهيو آهي. سورٺ اوچتو ڇرڪ ڀري جاڳي ٿي پوي.)

سورٺ: مهاراج!... مهاراج!

ڏياچ: ڇا ٿيو، سورٺ راڻي؟

سورٺ: توهين... توهين ڪيئن آهيو، مهاراج؟ توهان... توهان کي ڪجهه ٿيو ته نه آهي؟

ڏياچ: اسان ته ٺيڪ آهيون، سورٺ راڻي، پر تون ايتري پريشان ڇو آهين؟

سورٺ: (هيڏانهن هوڏانهن نهاريندي) ڪٿي... ڪٿي مان سپنو ته نه ڏسي رهي آهيان! ڇا، اوهين واقعي ٺيڪ آهيو؟

ڏياچ: اسان بلڪل ٺيڪ آهيون. پر، راڻي، اسان کان تنهنجي پريشاني ڏٺي نٿي ٿئي.

سورٺ: شل اوهين جڙيا جيئرا هجو. اوهين ئي منهنجي ۽ منهنجيءَ سينڌ جا سيندور آهيو.

ڏياچ: اسين تنهنجي پريشانيءَ جو ڪارڻ ڄاڻڻ لاءِ بيچين آهيون.

سورٺ: مهاراج، مون هڪڙو ڏاڍو ڀوائتو سپنو ڏٺو... ته گرنار ۾ هڪڙو پرڏيهي چارڻ آيو آهي، جيڪو پنهنجي سُرندي جو گَز، سُرندي جي بجاءِ ماڻهن جي ڳچين تي ٿو وهائي. سندس سرندي مان موت جو سنگيت ٿو اُسري. ڪيئي ڪنڌ ڪپجي ڪرندا ٿا وڃن. گرنار جي پوري مٽي رتو ڇاڻ ٿي وئي آهي. آسمان ٽامڻي هڻي ويو آهي. ۽ منهنجي سينڌ... منهنجي سينڌ!... (سورٺ ڳالهه اڌ ۾ ڇڏي ٿي ڏئي.)

ڏياچ: سپنن کان ايترو پريشان ٿيڻ نه گهرجي، سورٺ راڻي. اسان ستار وڄائي توکي ننڊ مان جاڳائڻ ٿي چاهيو جو هينئر ڪَتين ڪَرَ موڙيا آهن. ٽيڙڻ جو ٽمڪو جهڪو ٿي ويو آهي، ۽ پرڀاتي راڳڻيءَ جي ويل ٿي وئي آهي.

سورٺ: پرڀاتي راڳڻيءَ جي ويل ٿي وئي آهي، ۽ مان ساز سيرانديءَ رکي ستي پئي هيس!

(سورٺ ڏياچ کان ستار وٺي پرڀاتي ڇيڙي ٿي)

ميرا پسي مڱڻا، سپڙ سڏ ڪيا،

سٻوجهن سئا، اٻوجهن آسرو.

صبح جو سهاڳ، مڱڻهارن ماڻيو،

ڏنائون ڏاتار کي، وڏيءَ ويل وهاڳ،

وس منهنجي ناهه ڪا، سيڻن هٿ سهاڳ،

پرين سين پُهاڳ، مانَ نماڻيءَ نصيب ٿئي.

ڏياچ: (ننڊاکڙي آواز ۾) سورٺ راڻي، تنهنجو راڳ ئي اسان جي آتما ۽ پرماتما آهي. تون جڏهن ڳائيندي آهين ته هي سارو جنسار تنهنجي راڳ جو آلاپ بڻجي، اسان جي آتما ۾ گونجندو آهي، ۽ اسان کي ائين لڳندو آهي، ڄڻ هي جنسار ڌڻيءَ جي ڳاتل راڳ جو روپ آهي. پهريون ڀيرو جڏهن اسان توکي ڏٺو هو، تڏهن تنهنجي سرير جي سونهن پسي، اسان کي ائين محسوس ٿيو هو، ڄڻ ڪنهن چانڊوڪيءَ رات ۾، ڀيڄ پنيءَ ويل، ڀڳوان ولهه ۾ ويهي، چنڊ جي ڪرڻن جون تندون تنواري، هڪڙو راڳ ڳاتو، ۽ ان راڳ جا سُر تنهنجو سرير، سونهن ۽ ساهه بڻجي پيا.

سورٺ: مهاراج، مان ته اوهان جي پيرن جي پڻي آهيان. اوهين سنگيت جا ڌڻي آهيو، ۽ مان اوهان جي داسي آهيان.

ڏياچ: پاڻ کي اسان جي پيرن جي پڻي چئي، تون سنگيت ۽ سونهن جي گهٽتائي ڪري رهي آهين. ڀڳوان پاڻ نسورو سنگيت ۽ نسوري سونهن آهي، ۽ تون ڀڳوان جو روپ آهين. مون کي هڪڙي چارڻ ٻڌايو هو ته جڏهن دنيا مان سونهن ۽ پيار ختم ٿي ويندا آهن، تڏهن ماڻهن جي آتمائن کي انياءَ، ڪروڌ ۽ ڌڪار جو ڪوڙهه لڳي ويندو آهي. پوءِ ڌڻي پاڻ ڪنهن چارڻ جي روپ ۾ دکايل ڌرتيءَ تي پير ڌريندو آهي، ۽ پنهنجي سنگيت سان ماڻهن جي آتمائن کي ان ڪوڙهه مان ڇوٽڪارو ڏياريندو آهي. هينئر ڀڳوان تنهنجي روپ ۾ اسان وٽ آيو آهي.

سورٺ: مان جڏهن ننڍي هيس، مهاراج، تڏهن هڪڙو جٽائن وارو انگ ڀڀوت جوڳي اسان وٽ اچي مهمان ٿيو هو. هن مون کي راڳ جي سکيا ڏني هئي، ۽ هڪ اونداهيءَ رات جو هڪڙي ڳالهه ٻڌائي هئائين. هن ٻڌايو هو ته سهسين صديون اڳي، جڏهن ديوتائن هي جڳ بڻايو هو تڏهن، هن جڳ ۾ هر طرف اوندهه انڌوڪار هو. ماڻهن جا مَنَ پاپ ۾ ڪارا ٿي ويا هئا. پوءِ هڪڙو  چارڻ پيدا ٿيو. هن پنهنجون رڳون ڪپي رباب بڻايو، ۽ هڪڙيءَ اونداهيءَ رات جو رباب وڄائي هن اهڙو ته راڳ ڳاتو جو ماڻهن جا مَن اُجرا ٿي ويا. اونداهي آسمان ۾ ستارن جا ڪنول ٽڙي پيا. چنڊ جي چهري تان رات جون جٽائون هٽي ويون، ۽ پهريون ڀيرو ڌرتيءَ تي پرهه ڦٽي، ۽ سج جي ڪنوارن ڪرڻن ان چارڻ جي پيرن کي ڇهيو. هن اهو به ٻڌايو هو ته...

ڏياچ: چپ ڇو ٿي وئينءَ، سورٺ راڻي؟

سورٺ: هن اهو به ٻڌايو هو ته جڏهن به ڌرتيءَ تي انساني رت وهندو ته ڌرتي سَنڍ ٿي ويندي، ۽ ڌرتيءَ جي ڪُک مان سنگن جو سونو سنگيت نه اُسرندو. ملڪ ۾ ڏڪار پئجي ويندو. ماڻهو ماڻهوءَ کي کائيندو. تيستائين اهو ڏڪار ختم نه ٿيندو، جيستائين ڪو وڏو چارڻ نه پيدا ٿئي ۽ پنهنجي چنگ سان ڌرتيءَ تان انساني رت کي ڌوئي. ان ڏينهن اوهان ۽ انيراءِ جي جنگ ۾ انساني رت کي وهندو ڏسي، مون کي ان جوڳيءَ جا لفظ ياد اچي ويا ۽ منهنجو سارو سرير ڪنبجي ويو.

ڏياچ: انيراءِ سان اسان جنگ نه جوٽي هئي، ۽ نه اسان ئي انساني رت وهايو هو؛ اسان کي جنگ لاءِ مجبور ڪيو ويو هو. تون سنگيت جي ديوي آهين، ۽ ديويءَ کي ويريءَ کان بچائڻ هر پوڄاريءَ جو وڙ آهي. انيراءِ انياءَ جو راءِ آهي. هن تنهنجي پيءُ رتڻي کي مجبور ڪري توکي هٿ ڪرڻ ٿي چاهيو. اسان سمجهيو ٿي ته هن جي محلن ۾ تنهنجي سنگيت جو گلو گهٽجي ويندو، ۽ جڏهن سورٺ جي سنگيت جو گلو گهٽجي، تڏهن ساري ڌرتيءَ تان سونهن ۽ سچائيءَ جو نالو مٽجي ويندو. ان ڪري جو سنگيت سونهن آهي، ۽ سونهن سچائي. اسان سنگيت، سونهن ۽ سچائيءَ جي رکواليءَ لاءِ تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو.

سورٺ: پر مهاراج، انيراءِ هار کان پوءِ ماٺ نه ويهندو. هو ضرور بدلو وٺندو.

ڏياچ: اسان انيراءِ سان هر ويل وڙهڻ لاءِ تيار آهيون. اسان جا هٿ ساز وڄائي ڄاڻن ٿا، ته تلوار به هلائي ڄاڻن ٿا. اسان جي هٿن ۾ جڏهن تلوار وڄ وانگر وراڪا ڏيندي آهي، تڏهن ڪائنات ڪنبي ويندي آهي، آسمان ٽڙڪي پوندو آهي، ۽ ڌرتيءَ جي دل دهلجي ويندي آهي.

سورٺ: بيشڪ، مهاراج، اوهين سنگيت جا ديوتا آهيو ته تلوار جا به ڌڻي آهيو. انيراءِ پورا ٻه مهينا گرنار کي گهيرو ڪري ويٺو رهيو. پر تڏهن به اوهان تلوار مياڻ مان نه ڪڍي؛ ڇاڪاڻ جو اوهان انساني رت وهائڻ نٿي چاهيو. اوهان جا ڪن سنگيت جي مٺڙن ۽ ڪومل سُرن تي هريل آهن، ۽ اوهان ڦٽيل ۽ مرڻينگ ماڻهن جون رت ورنيون رڙيون ٻڌڻ نٿي چاهيون. (کلندي) پر انيراءِ سمجهيو ته اوهين ڪانئر آهيو، تڏهن ساڻس وڙهڻ لاءِ ميدان ۾ نٿا نڪرو. پوءِ جڏهن اوهان ڪروڌ ۾ اچي تلوار کي مياڻ مان ڪڍيو، ته سنگيت جي ڌڻيءَ جي هٿن ۾ تلوار ڏسي، سج ڪڪرن جو ڪارو وڳو کڻي ڍڪيو. اوهان جو لشڪر ڪڪرن جيان گجندو، ڳڙي جيان وسند، واچوڙي جيان انيراءِ جي لشڪر کي وڪوڙي ويو. پوءِ ته تلوارن جا چمڪاٽ ٿيا. گهوڙن جي سنبن سان سينا ساڻا ٿيا. ڳچيون ڳچ ٿيون، ۽ رت ريلا ڪري وهي ڇڙيو. (ساهه کڻي) مان ۽ راڄ ماءُ خاتو محل جي دريءَ مان جنگ ڏسي رهيون هيونسين. اڄ به جنگ جو ڏيک اکين آ ڏو اچي ٿو ته ساهه سڪي ٿو وڃي!

ڏياچ: جنگ ۾ ائين ئي ٿيندو آهي. پر، سورٺ راڻي، جنگ جون ڳالهيون وساري، اسان کي سنگيت ٻڌاءِ.

سورٺ: جيڪو حڪم، مهاراج.

(سورٺ ستار تي پرڀاتي ڇيڙي، ڳائي ٿي.)

ڏاتار ته تون، ٻيا مڙيئي مڱڻا،

مينهن مندائتا وسڻا، سدا وسين تون،

جي گهر اچين مون، ته ميريائي مان لهان.

*

ڏيک ٻيو

(انيراءِ جو محل. انيراءِ ۽ سندس وزير مينڌرو داخل ٿين ٿا)

انيراءِ: مينڌرا!

مينڌرو: جي، ڏيهه ڌڻي!

انيراءِ: انتقام جي آڳ ۾ اسان جو اندر جلي پچي رک ٿي ويو آهي.

مينڌرو: هر ڪا هار، جيت جو مهاڳ ٿيندي آهي، ڏيهه ڌڻي.

انيراءِ: اسان کي ڪوڙن دلاسن سان نه وندراءِ، مينڌرا. اسان کي خبر آهي ته اسان جي پيشانيءَ تي هار جو جيڪو داغ لڳو آهي، سو ڪڏهن نه مٽندو.

مينڌرو: ڏيهه ڌڻي، ڪالهه مون ملڪ جا سڀئي جوتشي سڏايا هئا. سڀني جوت هڻي ٻڌايو ته اڳي پوءِ جيت اسان جي آهي.

انيراءِ: جوتشي ڪوڙن اميدن جا وڻجارا ٿيندا آهن، اسين ڪوڙ جا خريدار نه آهيون. اسان کي خبر آهي ته ڏياچ جي ڏيهه جا ماڻهو ان سمنڊ جيان آهن، جنهن جو مٿاڇرو ماٺيڻو ٿيندو آهي، پر جنهن جي هڪ هڪ وير ۾ طوفان تڙپندا آهن. ان ٻرندڙ جبل جيان آهن، جيڪو ٻاهران خاموش هوندو آهي، پر جنهن جي اندر ۾ آڳ پئي ڀڙڪندي آهي.

مينڌرو: اسين سمنڊ جو سينو چيري ڇڏينداسين. ٻرندڙ جبل جي سيني جي آڳ اجهائي ڇڏينداسين.

انيراءِ: (ٽوڪزنيءَ سان کلندي) لفظ! خالي ۽ بيجان لفظ!

مينڌرو: سائينجن کي ياد هوندو، مون سائينجن سان ٻيجل چارڻ جي ڳالهه ڪئي هئي.

انيراءِ: (ڪاوڙ ۾) اسان جا ڪن جلادن جو نالو ٻڌڻ ٿا چاهين، ۽ تون اسان سان چارڻن جون ڳالهيون ڪري رهيو آهين!

مينڌرو: ڏيهه ڌڻي، جنهن چارڻ جي مان ڳالهه ڪري رهيو آهيان، تنهن جي چنگ ۾ اهڙو ڏنگ آهي جو ڪاريهر به سندس قدمن تي ڪنڌ نمائيندا آهن. هو ان چنگ سان ڏياچ جو ڪنڌ ڪپيندو.

(انيراءِ سوچ ۾ پئجي ٿو وڃي.)

انيراءِ: ڇا، ٻيجل ان ڪم لاءِ راضي ٿيندو؟

مينڌرو: مان اوهان کي اها خوشخبري ٻڌائڻ آيو هوس ته ٻيجل ان ڪم لاءِ تيار ٿي ويو آهي.

انيراءِ: اسان ٻڌو آهي ته ٻيجل ڏاڍو ارڏو ۽ هٺيلو چارڻ آهي. تو کيس ڪيئن راضي ڪيو؟

مينڌرو: ٻيجل جهڙي ارڏي چارڻ کي راضي ڪرڻ لاءِ مون کي دولت جو ڄار وڇائڻو پيو مون هڪڙيءَ ڌوتيءَ کي ٻيجل جي زال ڏانهن موڪليو، جيڪا ڏينهن رات کيس هيرن تي هرکائيندي رهي. ۽ پوءِ مون سون جي ٿال ۾ اڻملهه موتي ۽ مڻيا ڀري، شهر ۾ پڙهو گهمرايو ته جيڪو به ڏياچ جو سر وڍي ايندو، تنهن کي موتين جو سونو ٿالهه ڏنو ويندو. ٻيجل جي زال، مڻين تي موهجي، ٿالهه وٺي رکيو ۽ وعدو ڪيائين ته هن جو مڙس ڏياچ جو سر آڻي ڏيندو!

انيراءِ: اسان تنهنجين ڪوششن ۽ ڏاهپ کي ساراهيون ٿا. (ٿوري دير خاموش رهي) پر جي ٻيجل پنهنجيءَ زال جي ڳالهه نه مڃي ته پوءِ؟

مينڌرو: ته پوءِ هن کي جيئري جلايو ويندو.

انيراءِ: (خار مان) ٻيجل جي جيئري جلڻ سان اسان جي انتقام جي آڳ اُجهامي نه سگهندي.

(ايتري ۾ داسي داخل ٿئي ٿي.)

داسي: مهاراج، ٻيجل چارڻ واهان جا پير ڇهڻ ٿو چاهي.

مينڌرو: (خوش ٿيندي) ٻيجل اچي ويو؟ (داسيءَ کي مخاطب ٿي) هن کي حاضر ڪيو وڃي.

(داسي وڃي ٿي.)

مينڌرو: ڏيهه ڌڻي، مون نٿي چيو ته ٻيجل پنهنجيءَ زال جي ڳالهه هرگز هيٺ نه ڪندو.

(ٻيجل داخل ٿئي ٿو.)

انيراءِ: ڀلي ڪري آئين، ٻيجل! اسان تنهنجي ئي واٽ نهاري رهيا هئاسين. پر تنهنجي هٿ ۾ هي ٿال ڇا جو آهي؟

ٻيجل: مهاراج، منهنجيءَ زال هيرن جواهرن جو هي ٿال وٺي جيڪا غلطي ڪئي هئي، مان ان جي معافي وٺڻ آيو آهيان.

انيراءِ: ڇا مطلب؟

مينڌرو: (وچ ۾ ٽپي) هن جو مطلب آهي ته هي اوهان جو ٻانهو آهي، ۽ ٻانها پنهنجي آقا جو انتقام وٺڻ لاءِ ڪوبه انعام نه گهرندا آهن.

ٻيجل: نه، منهنجو اهو مطلب نه آهي. منهنجو مطلب آهي ته جنهن ڪم جو منهنجيءَ زال اوهان سان واعدو ڪيو هو، سو مان پورو ڪري نه سگهندس.

انيراءِ: ڇو؟

ٻيجل: ڇو جو مان سنگيتڪار آهيان، ۽ سنگيت زندگي ڏيندو آهي، وٺندو نه آهي.

انيراءِ: ٻيجل، شايد تو اسان جو جلال نه ڏٺو آهي!

ٻيجل: مون صرف سنگيت جو جمال ڏٺو آهي.

انيراءِ: اسان توکي جيئري جلائي ڇڏينداسين!

ٻيجل: راڳ جي آڳ کان سواءِ مون کي ڪا آڳ جلائي نه سگهندي.

انيراءِ: اسان تنهنجو نالو نشان مٽائي ڇڏينداسين!

ٻيجل: ته به منهنجي سرندي جو نالو هميشه قائم رهندو.

انيراءِ: (ڪاوڙ ۾) مينڌرا!

مينڌرو: جي، ڏيهه ڌڻي.

انيراءِ: هن گستاخ جي زبان وڍائي وڃي! هن جي کل لاهي، ان ۾ ڀوسو ڀرايو وڃي! هن جي گهر کي باهه ڏني وڃي!

(انيراءِ تکيون تکيون وکون کڻندو، محل ۾ اندر هليو ٿو وڃي. اسٽيج تي ٻيجل ۽ وزير مينڌرو رهجي ٿا وڃن.)

مينڌرو:  ٻيجل، مون کي اميد نه هئي ته تو جهڙو مهان چارڻ پنهنجي آقا جي شان ۾ گستاخي ڪندو.

ٻيجل: جي سچ چوڻ گستاخي آهي ته پوءِ مون گستاخيءَ جو گناهه ڪيو آهي.

مينڌرو: آخر تون پنهنجي ويريءَ کان وير پاڙڻ کان انڪار ڇو ٿو ڪرين؟

ٻيجل: ان لاءِ جو مان سنگيتڪار آهيان، ۽ سنگيتڪار جو ڪو ويري نه ٿيندو آهي.

مينڌرو: ٻيجل، جي ڌاريا تنهنجي ملڪ تي ڪاهي اچن، تنهنجي ديسين کي غلام بڻائين، ۽ نياڻين جا ننگ لٽين، تڏهن تون ڇا ڪندين؟

ٻيجل: تڏهن مان ساز اُڇلائي، ترار کڻندس.

مينڌرو: پر تنهنجو ساز تلوار کان وڌيڪ طاقتور آهي، ۽ اڄ تنهنجي ديس ۽ تنهنجي ديسين جي نياڻين کي تنهنجي ۽ تنهنجي ساز جي ضرورت آهي. ڏياچ اسان جي بادشاهه جي مڱ سورٺ کي کڻي وڃي پنهنجي ڪوٽ ۾ قيد ڪيو آهي. سورٺ جو ست ۽ سنگيت توکي سڏي رهيو آهي. پنهنجو ساز سنڀال، ٻيجل ۽ سورٺ جي ست، سنگيت ۽ سونهن جي ويري ڏياچ جو ڪنڌ ڪپي اچ.

ٻيجل: مان تيار آهيان! مون کي پنهنجي سُرندي جو قسم، تيستائين پنهنجي ملڪ نه موٽندس، جيستائين ڏياچ کان وير نه وٺندس!

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org