سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:15

ڳالهيون ڪندي ڪندي اسان هڪڙي بار وٽان اچي لنگهياسين. بار جي در وٽ هڪڙو پوڙهو آسٽريليائي بيٺو هو، سندس ٽوپلي ۽ اوور ڪوٽ جي ڪالر تي مير ۽ تيل جا تهه ڄميل هئا. سندس اکين جون پنبڻيون کٿل ۽ جسم جي کل پَرن کٿل ڪڪڙ جهڙي هئي. اسان کي ڏسي  هو نشي ۾ ٿڙندو اڳتي وڌيو ۽ منهنجي آڏو هٿ ڦهلائي چيائين.

”بکيو آهيان، پئسا ڏي ته ماني کاوان.“

”مان هٽڪي بيهي رهيس. مون ايلز ڏانهن نهاريو. هن جو منهن ون ون ڪرڻ لڳو. مون پوڙهي جي بک لاءِ ڦهليل هٿ ڏانهن نهاريو. هي هٿ ته هميشه مون کان منهنجي آزادي ڦرڻ، منهنجي هوشوءَ کي مارڻ ۽ مون کي امداد ڏيئي خريد ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو آهي. اڄ اهو ساڳيو هٿ مون کان بيک گهري رهيو آهي. مون يڪدم کيسي ۾ هٿ وڌو ۽ جيترا کيسي ۾ پئسا پيا هئا سي سڀ ڪڍي مون هن پوڙهي جي هٿ تي رکيا. ايترا سارا پئسا ڏسي هن جو چهرو خوشيءَ ۾ جرڪڻ لڳو. هو ٿڙندو بار  ۾ هليو ويو ۽ منهنجو ڪنڌ غرور ۾ کڄي ويو. اڄ ڄڻ مون ڏهه ڪروڙ ماڻهن جو قرض چڪايو هو ۽ قرض جي ندامت ۾ نميل ڏهه ڪروڙ ڳاٽ غرور ۾ اوچا ٿي ويا هئا، مون ايلز جي ٻانهن ۾ ٻانهن وڌي ۽ چيو.

”ها سو تو ڳالهه ٿي ڪئي ته آسٽريليا ۾ ڪو اڻ پڙهيل ۽ غريب ڪونهي.“

آسٽريليا انگريزن جي ثقافتي بيٺڪ آهي (جيئن پاڪستان کي ايران ۽ عربستان جي ثقافتي بيٺڪ بڻايو پيو وڃي) هتي به لنڊن جيان هائڊ پارڪ آهي. جتي ڪوبه شهري حڪومت کي گاريون ڏيئي سگهي ٿو. مان ۽ ايلز هائڊ پارڪ ۾ وياسين. هڪڙي هنڌ هڪڙو پادري بيٺو هو ۽ آسماني جنت جي بشارت ڏيئي رهيو هو. هن جي بلڪل سامهون هڪڙو اشتراڪي منبر تي بيهي گلو ڦاڙي ڌرتيءَ جي جنت جي بشارت ڏيئي رهيو هو. پادريءَ کي ڪنهن ڪونه ٿي ٻڌو. سڀ اشتراڪي مبلغ جي چوڌاري گوڙ ڪيو بيٺا هئا ۽ هو گلو ڦاڙي آمريڪا ۽ سرمائيدارن ۽ آسٽريليا جي وزيراعظم سر رابرٽ مينزيز کي گاريون ڏيئي رهيو هو جنهن جي حڪومت ويٽ نام ۾ آسٽريليا جي فوج موڪلي هئي. مجموعي مان هڪڙي ماڻهوءَ وڏي واڪي پڇيس.

”آمريڪا ۽ ويٽنام کي ڇڏ. اسان کي ٻڌاءِ تنهنجي اشتراڪيت آسٽريليا کي ڇا ڏيندي.“

”اسٽالن جون وٽيل مڇون ۽ ظلم“ ٻئي ماڻهوءَ جواب ڏنو. اسان ٿورو اڳتي وڌي وياسين. مون ايلز کي چيو.

”حيرت آهي ته اوهان جي حڪومت چين کي قبول نه ڪيو آهي پر پنهنجي ملڪ ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ کي قبول ڪيو آهي. اسان کي ڏس، اسان جا چين سان ڀائپيءَ وارا رشتا آهن پر ته به اسان وٽ ڪميونسٽ پارٽيءَ تي بندش آهي.“

”ڪميونسٽ چين ۽ ڪميونسٽ پارٽي ٻه جدا جدا شيون آهن. هڪ پرڏيهي معاملو آهي ۽ ٻيو گهرو. ڪميونسٽ پارٽيءَ کي اسان ان ڪري اجازت ڏني آهي جو ڪابه پارٽي قائم ڪرڻ يا ڪنهن به پارٽي ۾ شريڪ ٿيڻ هر هڪ فرد جو بنيادي حق آهي جيڪو حڪومت هن کان کسي نٿي سگهي ۽ ڪميونسٽ چين کي قبول ڪرڻ يا نه ڪرڻ ان سياسي پارٽيءَ جو حق آهي جنهن کي ملڪ جي عوام حڪومت جون واڳون سونپيون آهن.“

هتي ٻن قسمن جون نائٽ ڪلبون آهن. هڪڙي ڪلب ۾ اگهاڙو ناچ ٿيندو آهي. انهن ڪلبن ۾ هر قسم جا ماڻهو ايندا آهن. شريف، عياش، خلاصي ۽ سياح. اڌ اگهاڙيون ويٽريس بلبن جيان ٻرنديون، ٻارينديون هيڏانهن هوڏانهن گهمنديون وتنديون آهن. شو شروع ٿيڻ کان اڳ ساري هال جون بتيون وسامي وينديون آهن ۽ اسٽيج روشنين ۾ وهتل هوندو آهي. اوچتو ساز وڄڻ شروع ٿيندا آهن ۽ ڪا جواڻ جماڻ عورت، سارو بدن ڪپڙن سان ڍڪي اسٽيج تي ايندي آهي ۽ آهسته آهسته، هڪ هڪ ڪري، سڀئي ڪپڙا لاهي، مادرزادت نگي ٿي جوڀن ڇلڪائي نچندي آهي. هن جي ناچ کي عورتون ۽ مرد  هڪ جهڙيءَ دلچسپيءَ سان ڏسندا آهن. ڪنهن خلاصيءَ تي چلڪندڙ شباب ۽ ڇلڪندڙ شراب جو نشو چڙهي ويندو آهي ۽ هو رڙيون ڪري ڪنهن نه ڪنهن اڌ اگهاڙي ويٽرس کي وڃي چنبڙندو آهي. در وٽ بي جان بوتن جيان بيٺل داداگير کيس ٽنگو ٽالي ڪري ٻاهر اڇلائي ايندا آهن ۽ شو ايئن هلندو رهندو آهي ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي نه آهي. شو شروع ٿيڻ کان اڳ اعلان ڪيو ويو  هو ته اڄ آخري ناچ ڏاڍو زبردست هوندو ۽ اسين سڀئي بي چينيءَ مان ان ناچ جو انتظار ڪري رهيا هئاسين.  مس مس انتظار ختم ٿيو. هڪڙي نو عمر سهڻي ڇوڪري  اسٽيج تي اچي نچڻ شروع ڪيو، هڪ هڪ ڪري ڪپڙا لاهيندي وئي، باقي ڪڇو ۽ چولي وڃي بچيس. چولي لاهڻ لڳي ته ماڻهن کان رڙيون نڪري ويون. هن چولي نه لاٿي ۽ نچڻ شروع ڪيائين. نچندي وري چولي لاهڻ لڳي ته ماڻهو دانهون ڪرڻ لڳا. هن دفعي به هن چولي نه لاٿي. ٽيون دفعو نچندي نچندي، يڪدم سٽ ڏيئي چولي لاٿائين. اڙي هي ڇا؟ هي ته ڇوڪرو آهي. سڀيئي شرم پرچائڻ لاءِ سيٽيون وڄائڻ ۽ رڙيون ڪرڻ لڳا.

ٻي رات وري ٻي ڪلب ۾ وياسين. وڏي هال ۾ هلڪي هلڪي روشني ۽ هلڪي هلڪي اوندهه ڇانيل هئي. سامهون اسٽيج تي هلڪن سرن ۾ ساز وڄي رهيا هئا ۽ ماڻهو ويٺا شراب جون سرڪيون ڀري رهي اهئا. هال جي وچ ۾ ٿوري جاءِ ڇڏيل هئي جتي جوڙا نچي رهيا هئا. مان ۽ ايلز اسٽيج جي ڀر ۾ اچي ويٺاسين ۽ جوڙن کي نچندو ڏسڻ لڳاسين. اوچتو منهنجي نظر پنهنجي هوٽل جي رسيپشسنٽ ڪم ڊيوس تي پيئي. هوءَ سڀ کان پري هڪڙي ڪنڊ ۾ اڪيلي ويٺي هئي. هن جي سامهون ٻه گلاس ٻيا هئا پر سندس سامهون واري ڪرسي خالي هئي.مون اڄ تائين ڪم کي ڪنهن به مڙد سان نه ڏٺو هو. اڄ شايد اسان ايفرو ايشيائي شاگردن مان ڪو شاگرد ساڻس دوستي ڳنڍڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو ۽ کيس هن ڪلب ۾ وٺي آيو هو. مون ڏسڻ ٿي چاهيو ته ڪهڙي شاگرد جي اڄ قسمت کلي هئي، پر ڪم جي سامهون واري ڪرسي خالي هئي، شايد سندس ساٿي ٿوريءَ دير لاءِ ڪيڏانهن ٻاهر هليو ويو هو. مون هر گهڙي ڪنڌ ورائي ٿي ڪم ڏانهن ڏٺو پر هوءَ اڃا اڪيلي ويٺي هئي. گهڻي دير گذري وئي. مان ۽ ايلز ڳالهين ۾ لڳي وياسين. مون وري ڪنڌ ورائي ڪم ڏانهن نهاريو. هوءَ پنهنجي ڪرسيءَ تي ڪانه هئي. مون سامهون نهاريو. ڪم اڪيلي نچي رهي هئي. سندس انگ انگ شراب جي نشي ۾ چور هو ۽ سندس شرابي ۽ مدهوش قدم ٿڙي ٿاٻڙي رهيا هئا. نچندي نچندي هوءَ کلڻ لڳي، وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ لڳي ۽ پوءِ يڪدم وٺي چيٽ ڪيائين.

”بند ڪيو. ساز بند ڪيو. بندوقون ۽ بم بند ڪيو. منهنجي جان ڪٿي آهي. منهنجو... جان!“ هن اوڇنگار ڏني ۽ ڪلٽي کائي فرش تي ڪري پئي. مان ٽپ ڏيئي اٿيس ۽ ڊوڙي وڃي هن کي اٿارڻ جي ڪوشش ڪيم. بيري هن جي منهن تي پاڻيءَ جو ڦوهارو هنيون ۽ هوءَ ڪجهه هوش ۾ اچي وئي. مون هن کي سهارو ڏنو ۽ ايلز جي ڪار ۾ آڻي ويهاريومانس. ڪار جي سيٽ تي هوءَ پٿارجي سمهي پئي. جهڙو لاش! ايلز ۽ مان منجهي پياسين ته هن کي ڪيڏانهن وٺي وڃو. مون کي اها ته خبر هئي ته هوءَ اسان جي هوٽل ۾ رسيپشنسٽ هئي پر اها خبر ڪانه هيم ته هوءَ ڪٿي رهندي هئي. سندس گهر ڪٿي هو. ايلز هن جو ٻٽون کوليو. ٻٽونءَ ۾ سندس گهر جي چاٻي ۽ هڪڙو خط پيو هو جنهن تي سندس گهر جي ايڊريس لکيل هئي. اسين سندس گهر ڏانهن روانا ٿياسين ۽ پڇا ڳاڇا ڪري آخر سندس گهر ڳولي لڌوسين. ايلز هن جي گهر جو در کوليو ۽ مون هن کي ٻانهن تي کڻي آڻي سندس پلنگ تي ليٽايو. هن جي پلنگ سان گڏ هڪ ٻيو پلنگ به پيو هو جنهن جي چادر تي گهنج پيل هئا ڄڻ هينئر ڪو ان پلنگ تان اٿي ويو آهي. پلنگ جي ڀر ۾ مڙداڻا سليپر پيا هئا ۽ پلنگ جي پاٽيءَ تي مڙداڻو سليپنگ سوٽ ۽ گاؤن ۽ ڀر واري ٽيبل تي پائيپ ۽ تماڪ جو دٻو پيو هو. ڪمري ۾ اسان کان سواءِ ٻيو به ڪير ڪونه هو. پر ته به ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ اسان کان سواءِ ٻيو به ڪو موجود آهي. مون چٺي لکي ٽيبل ليمپ جي هيٺان رکي ۽ اسين موٽي آياسين.

پلنگ تي ليٽيس ته عجيب سوال دماغ ۾ اڀرڻ لڳا. ڪم بيحد شريف ۽ ڪنواري هئي پوءِ اهي سليپر، گاؤن، سليپنگ سوٽ، پائيپ ۽ تماڪ جو دٻو ڪنهن جا هئا. اهو مرد ڪير هو جيڪو کيس هوٽل ۾ اڪيلو ڇڏي هليو ويو هو، ۽ ڪم جي تصور ۾ ڪهڙيون بندوقون ٿي هليون ۽ بم ٿي ڦاٽا. جان ڪير هو؟

ٻيو ڏينهن به ٻين ڏينهن جيان طلوع ٿيو ۽ مصروفيت ۾ اُلهي ويو. آفيس مان موٽي پلنگ تي ليٽي سگريٽ پي رهيو هوس ته دروازو کڙڪيو. اٿي در کوليم. سامهون ڪم بيٺي هئي. ساڳي ماٺيڻي، سٻاجهي صورت ۽ ساڳي سسڪندڙ سُر ۽ ماتمي گيت جي آلاپ جهڙي مرڪ.

”هلو ڪم. ڪيئن آهين.“

”ٺيڪ آهيان.“ هن پشيمان مرڪ سان وراڻيو ۽ اچي آرام ڪرسيءَ تي ويٺي.

”ڇا پيئندينءَ؟“

”ڪجهه نه.“

”ائين ڪيئن ٿي سگهي ٿو.“

”ٿورو بير ملي سگهندو.“

مون بير جو گلاس ڀري هن جي سامهون رکيو ۽ هوءَ ماٺ ڪري ڍڪ ڀرڻ لڳي.

”مان تنهنجو ٿورو مڃڻ آئي آهيان جو تو تڪليف ڪري مون کي گهر پهچايو.“

”ٿوري مڃڻ جي ان ۾ ڪهڙي ڳالهه آهي. اهو ته منهنجو فرض هو.“ اسين ماٺ ٿي وياسين.

”ڪالهه اڪيلي هئينءَ يا ٻيو به ڪو ساڻ هئيءِ.“

”اڪيلي هيس.“

”پر تنهنجي ٽيبل تي ٻه گلاس پيا هئا.“

هن منهنجي سوال جو جواب نه ڏنو ۽ دريءَ کان ٻاهر آسمان ڏانهن نهارڻ لڳي. آسمان تي ڪارا ڪڪر مڙيا بيٺا هئا پر مينهن نٿي پيو.

”مان اڪيلي هيس ۽ ٻيو گلاس ان لاءِ ڀري رکيو هيم جو مون پنهنجي پاڻ کي فريب ڏيڻ ٿي چاهيو ته مان اڪيلي نه آهيان پر منهنجو جان به مون سان گڏ آهي. ڪالهه منهنجو جنم ڏينهن هو ۽ گذريل سال اهو ڏينهن مون ۽ جان ان ساڳي ڪلب ۾، ان ساڳي ٽيبل تي گڏجي ملهايو هو. پر هن سال جڏهن منهنجي جنم جو ڏينهن آيو ته مان اڪيلي هيس ۽ جان...“

”جان ڪٿي آهي؟“

”جان ويٽنام جي جهنگن ۾“ ايترو چئي هوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻي چيائين جان مليٽري ۾ سپاهي آهي ۽ ڇهه مهينا کن ٿيا آهن جو هن کي ويٽنام ۾ موڪليو ويو آهي ۽ مان هتي اڪيلي آهيان. جنگ تي وڃڻ کان اڳ اسان ٻنهي مڱڻو ڪيو هو ۽ ٻئي گڏ رهندا هئاسين. هينئر هو موٽندو ته اسان شادي ڪنداسين. مون کي پڪ آهي ته هو ان جنگ مان صحيح سلامت موٽندو. هو ايترو ته معصوم، ايترو ته خوبصورت ۽ ڀرپور جوان آهي جو مون کي پڪ آهي ته موت کي به مٿس رحم ايندو. پر... پر موت ته انڌو ۽ بي رحم ٿيندو آهي. لوهه جي گولين ۽ بمن ۾ رحم ڪٿان آيو! نه... نه منهنجو جان موٽندو ۽ اسان شادي ڪنداسين. تون ڇا ٿو سمجهين ته منهنجو جان موٽندو يا نه؟“

”ضرور موٽندو.“

”پوءِ اچ ته جان جي حياتي ۽ صحت لاءِ جام خالي ڪريون.“

اسان گلاس هوا ۾ لهرائي چپن تي چاڙهيا.

”منهنجي سالگرهه جي ڏينهن کان ڪجهه ڏينهن اڳ جان مو نکي ڏاڍو جذباتي خط لکيو هو. لکيو هئائين ته هتي وک وک تي موت سندس انتظار ڪري رهيو آهي پر هو نه مرندو. هو منهنجي لاءِ جيئندو ۽ منهنجي سالگرهه جي ڏينهن ضرور ايندو. مون هن جو سليپنگ سوٽ ۽ گاؤن به ٻاهر رکيا هئا. هن لاءِ نئون پائيپ ۽ تماڪ جو دٻو به وٺي آئي هيس. سندس سليپر به ڇنڊي ٺاهي سندس پلنگ جي ويجهو رکيا هيم ۽ سندس پلنگ جي چادر ۾ ائين گهنج وجهي ڇڏيا هيم ڄڻ منهنجو جان هينئر پلنگ تان اٿي غسل خاني ڏانهن ويو آهي. انسان کي سندس تمنائون ڪهڙا ڪهڙا فريب ٿيون ڏين. مان سارو ڏينهن سندس انتظار ڪندي رهيس. پر هو نه آيو ۽ نه خط لکيائين. الائي ڇو نه آيو. گهٽ ۾ گهٽ خط ته لکي ها.“

هن هٿ وڌائي ٽيبل تان گلاس کنيو ۽ تڪڙا تڪڙا ڍڪ ڀرڻ لڳي.

”منهنجي سالگرهه ائين تمنائن جي فريب ۾ گذري وئي. پر رڃ سان به ڪڏهين اُڃ لٿي آهي. گذريل سال هن مون کي منهنجي سالگرهه جي موقعي تي لاڪيٽ سوکڙيءَ طور ڏنو. ڏس ته هي لاڪيٽ ڪهڙو نه سهڻو آهي، مان ان کي ساهه سان سانڍيندي آهيان. اسان آڌي رات تائين ان ڪلب ۾ پيئندا نچندا ۽ ٽهڪڙا ڏيندا رهياسين. پوءِ سمنڊ جي ڪپر تي وڃي ويٺاسين. مون هن جي هنج  ۾ مٿو رکي کيس گيت ٻڌايو. اهو گيت هن کي ڏاڍو وڻيو آهي. جڏهين به هو خوش هوندو هو مون کي ان گيت ٻڌائڻ لاءِ چوندو هو. تون اهو گيت ٻڌندين! چڱو ٻڌايانءِ ٿي.“

تون منهنجي روشني آهين

تون ئي ته منهنجي روشني آهين،

جڏهين آسمان روشن هوندو آهي.

تون مون کي ڪيتريون نه خوشيون  ڏيندو آهين.

هن جو آواز ڏڪڻ لڳو ۽ اکين مان لڙڪ لڙي آيس. سندس لڙڪ شاهه سائين جي سر ڪيڏاري جيان منهنجو هانو ۾ لهي ويا. دل ڀرجي آيم ۽ مان پنهنجا لڙڪ لڪائڻ لاءِ دريءَ کان ٻاهر نهارڻ لڳس.

جڏهين آسمان روشن هوندو آهي... پر آسمان ڪٿي روشن آهي. آسمان تي ته هر طرف اوندهه انڌوڪار ڇانيل آهي ۽ جهازن جا ڪٽڪ ڳجهن جيان لامارا يندا، بم برسائي رهيا آهن. هيٺ ڌرتيءَ تي هونگڙيون ڏيندڙ ٻار ۽ لوليون ڏيندڙ هنج تي، اتر واءُ ۾ لڏندڙ لمندڙ ڪڻڪ جي پڪل سنگن ۽ ڪنوار جي ماڪ ڀنل مانگڙيءَ تي، هر طرف چيٽون دانهون ۽ ڪيڪون آهن، ڪني ۽ ڳريل ماس جي ڌپ آهي. آسمان ڪٿي روشن آهي.

”مان ۽ جان ته ڏاڍا ننڍڙا، معمولي ۽ غير اهم ماڻهو آهيون. اسان جو ويٽنام جي اشتراڪيت سان ڪهڙو واسطو. اسين ته محنت ڪري زندگي جون ٻه چار گهڙيون خوش گهارڻ ٿا چاهيون. اسين ته ڪلب ۾ نچڻ ۽ ٽهڪڙا ڏيڻ ٿا چاهيون، سمنڊ جي ڪپر تي گيت ڳائڻ ٿا چاهيون اسان کان اسان جا ٽهڪڙا ۽ گيت ڇو ٿا کسيا وڃن. اسان ته زندگيءَ کان خوشين جي ٻن چئن گهڙين کان سواءِ ٻيو ڪجهه نٿا گهرون. پر اسان جي خوشين تي بم برسايا ٿا وڃن. ٻڌاءِ منهنجو جان موٽندو يا نه!“

”ضرور موٽندو. آسمان ضرور روشن ٿيندو ۽ اوهين انڊلٺ جي پينگهه ۾ لوڏا کائي گيت ڳائيندءُ.“

”اچ ته جان جي صحت ۽ حياتي لاءِ جام خالي ڪيون.“

اسان ٻنهي گلاس هوا ۾ لهرايا. مون گلاس چپن تائين آندو ته مون کي بير مان بارود جي بوءِ اچڻ لڳي.

اُها پوءِ ڪيترا ڏينهن منهنجي حواسن ۽ روح تي ڇانيل رهي. پنهنجو پاڻ مان ڪني ۽ ڳريل ماس جي ڌپ اچڻ لڳم. ڪم کي ڏسندو هوس ته سندس ويران ۽ منتظر اکڙين ۾ سندس جان جهڙين جوان تمنائن کي ڏسي ڏکي ويندو هوس پر هن جي اکڙين ۾ اميد جو هلڪو ڪرڻو پيو ٽمڪندو هو. مون هن سان ملڻ ۽ ڳالهائڻ صفا ڇڏي ڏنو. مون کي ڊپ لڳندو هو ته ڪٿي سندس اکڙين ۾ ٽمڪندڙ اميد جو ڪرڻو وسامي نه وڃي ۽ ڪنهن ڏينهن هوءَ مون کي اها خبر نه ٻڌائي ته سندس جان مري ويو.

اسان جا ليڪچر ختم ٿي ويا هئا ۽ عملي ٽريننگ شروع ٿي وئي هئي. اسان مان هر هڪ کي ڪنهن نه ڪنهن موضوع تي پروگرام تيار ڪري ريڊيو تان پيش ڪرڻو هو. مون آسٽريليا جي اصلوڪن باشندن تي پروگرام ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ ”آڊر جنيز ويلفيئر سوسائٽي“ جي سيڪريٽري کي فون ڪيم ۽ شام جو ٽيپ رڪارڊر ساڻ کڻي ساڻس ملڻ لاءِ روانو ٿيس.

هتان جي اصلوڪن رهاڪن کي Aborginies سڏيو ويندو آهي. سندن نڪ ويڪرا، چپ ٿلها، وار گهنڊيدار ۽ رنگ ڪارو ٿيندو آهي. پر جنهن ڇوڪريءَ سان مان وڃي مليس تنهن جو رنگ ڳاڙهاڻ- گاڏڙ سانورو هو. ۽ نڪ به سڌو سنئون هيس. باقي وار، چپ ۽ اکيون سو پنهنجي قبيلي جهڙيون هيس. هن جو نالو ڪيٿ واڪر هو. مان ۽ ڪيٿ هڪڙي ڪافي هائوس ۾ اچي ويٺاسين ۽ مون کانئس سندس قبيلي بابت پڇو. هن چيو:

”اسان پٿر جي اوائلي دور جا ماڻهو آهيون. اسان زمين کيڙي ۽ چوپايو مال ڌاري ڪونه ڄاڻندا هئاسين انڪري لڏ پلاڻ جي زندگي گذاريندا هئاسين. قدرت جي جنهن شيءِ کي سمجهندا هئاسين تنهن کي استعمال ڪندا هئاسين ۽ جنهن کي نه سمجهي سگهندا هئاسين تنهنکي خدا ڪري پوڄيندا هئاسين. شاعر انهن خدائن جي حمد ۾ گيت چوندا هئا ۽ مصور انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ تصويرون ٺاهيندا هئا. اسان وٽ ملڪيت جو تصور ڪونه هو. ان ڪري هڪڙو ماڻهو شڪار ڪندو هو ته سڀني ۾ ونڊي ورهائي کائيندو هو. نه غريبي هئي ۽ نه اميري، ۽ نه ئي طبقاتي ڇڪتاڻ هئي. سڀ هڪ جهڙي زندگي گذاريندا هئا.“

بيري ڪافيءَ جا ڪوپ آڻي اسان جي اڳيان رکيا ۽ مون ڪافي جو ڍڪ ڀريندي هن کي چيو:

”مون اوهان جي مصورن جون تصويرون ڏٺيون آهن. انهن تصويرن ۾ سڀ کان وڌيڪ مون کي رنگن متاثر ڪيو. انهن رنگن کي ڏسڻ سان ائين ٿو محسوس ٿئي ڄڻ اهي رنگ نه آهن پر موسيقيءَ جا هلڪڙا هلڪڙا، نرم نرم سُر آهن، جيڪي روح کي ٿا ڇهين. مون اوهان جي موسيقي به ٻڌي آهي. هڪڙي ڳالهه مون کي ڏاڍو عجب ۾ وڌو. اوهان جيڪا ڏوڪلا وڄائي موسيقي پئدا ڪندا آهيو سا ساڳي موسيقي اسان وٽ به آهي. سنڌ جا هندو ڏوڪلن راند ڪندا هئا جيڪا بلڪل اوهان جي ڏوڪلن واري موسيقيءَ جهڙي هئي. ان جو سبب شايد اهو آهي ته ڪنهن زماني ۾ آسٽريليا خشڪيءَ رستي سنڌ سان مليل هئي ۽ اسان جي هڪڙي تاريخ نويس لکيو آهي ته اوهان جي قبيلي جا ڪجهه ماڻهو خشڪيءَ رستي سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا هئا. شايد ڏوڪلن راند اوهان جي قبيلي جو رهيل يادگار آهي.“

”هينئر به انهن مان ڪي قبيلا آهن.“

”نه منهنجي خيال ۾ سڀ فنا ٿي ويا.“

”فنا ٿيڻ اسان جي قوم جي تقدير آهي. اوهان وٽ فنا ٿي وئي آهي ۽ هتي فنا ٿي رهي آهي.“

هوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ ڪافيءَ جا ڍڪ ڀرڻ لڳي. ٿوري دير کان پوءِ چيائين:

”جنهن هنڌ پاڻ ويٺا آهيون، ڪهڙي خبر ته ڪنهن زماني ۾ ان ساڳي هنڌ منهنجن ابن ڏاڏن جا گهر هجن. سامهون واري سڙڪ، هو وڏيون وڏيون عمارتون، اسان جي ناچ، کيج ۽ راند روند جا ميدان هجن، ان ساڳي هنڌ اڄ مان هيسيل ۽ ڊنل اجنبيءَ جيان ويٺي آهيان.“

”هينئر ته زمانو بدلجي ويو آهي. اڇن اوهان کي شهرين وارا حق ڏنا آهن. هينئر ته اوهان کان ڪوبه نفرت نه ڪندو هوندو.“

”اسان ته پيدا ئي ان لاءِ ٿيا آهيون ته اسان کان نفرت ڪئي وڃي ۽ جيئن نه ڪوڙه جو مريض پنهنجي ڪوڙه ۽ ماڻهن جي نفرت سان هري ويندو آهي، تيئن اسين به پنهنجي ڪاري ڪوڙهه ۽ اڇن جي نفرت سان هري ويا آهيون. پر اسان جي ٻارن لاءِ اها نفرت نئين ڳالهه آهي اسان جي معصومڙن کان جڏهن اسڪول ۾ اڇا ٻار نفرت ڪندا آهن تڏهن هو اکين ۾ لڙڪ ڀري، هيسيل ۽ ڦٽيل حيرت سان اسان کان پڇندا آهن ته اهي اڇا ماڻهو اسان کان نفرت ڇو ٿا ڪن. ان وقت اسان جي صدين جا سور جاڳي پوندا آهن. اڇن جي ظلم جا ڦٽ ڇڙي پوندا آهن ۽ اسان جي ساري جسم ۾ رت جي بدران نفرت جو وهُه ڊوڙڻ لڳندو آهي. آخر ڪيستائين اسان جي ٻارڙن کي نفرت جا نانگ ڏنگيندا رهندا. ڪيستائين اسان  پنهنجي رنگ جي گناهه جو ٻوجهه کڻي گهمندا رهنداسين. ڇا هن هيڏي ساري ڌرتيءَ تي ڪا اهڙي ڪنڊ ڪانهي جتي اسان پنهنجو هي ڪارو چهرو لڪائي سگهون، جتي اسان جي رنگ ۽ نسل جي گناهه کي معاف ڪيو وڃي ۽ اسان کي به پنهنجو سمجهي سيني سان لاتو وڃي.“

هوءَ چپ ٿي وئي. سندس اکيون رئڻهارڪيون ٿي ويون.

”منهنجي مائٽياڻي آهي. هتي سڊني ۾ رهندي آهي. هن پنهنجي ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو. ٻه ٽي ڏينهن گذريا ته سندس ٻار اڇن ٻارن جي نفرت جون شڪايتون شروع ڪري ڏنيون ۽ جڏهن  ڏٺائين ته شڪايتن جو ڪو تدارڪ نٿو ٿئي تڏهين ڇا ڪيائين جو بليڊ وٺي آيو ۽ ڪمري ۾ ويهي پنهنجي کل ڪپڻ لڳو. ماڻس ڊوڙي وڃي بيلڊ کسيس ۽ دانهون ڪرڻ لڳو ته ڇڏ امان ته مان پنهنجي هيءَ ڪاري ۽ ڪني کل لاهيان ۽ ٻين ٻارن وانگر اڇو بڻجي وڃان...“

”اسان به اوهان وانگر اڇن جي ڏاڍ جا ڏنگيل آهيون. 1857ع ۽ مياڻيءَ جي جنگ ۽ هشوءَ جو رت اسان کان ڪڏهين نه وسرندو.“

”هن به ائين ئي چيو هو . هن ساڳي ڪافي هائوس ۾ هن سامهون واري ڪرسيءَ تي ويهي هن چيو هو ته اسان ايشيائي به اوهان وانگر مظلوم آهيون ۽ مظلوم هميشه مظلوم جو ڀاءُ آهي. پر هو ڪوڙو هو، دوکيباز هو.“

”ڪنهن جي ٿي ڳالهه ڪرين؟“

”پنهنجي هڪڙي ايشيائي دوست جي ٿي ڳالهه ڪريان. هو مليشيا کان هت ٽريننگ وٺڻ آيو هو ۽ اسان جي قوم تي ڪتاب لکي رهيو هو. ان ڪتاب جي سلسلي ۾ هو مون سان اچي مليو هو. هن جو نالو احمد بن جبار هو. هن ساڳي ڪافي هائوس ۾ اسين پهريون دفعو مليا هئاسين. مون هن کي پنهنجي قوم تي ٿيل ظلمن جون ڳالهيون ٻڌايون هيون ۽ سندس اکڙين ۾ لڙڪ تري آيا هئا. اسان ته هميشه ماڻهن جي اکين ۾ نفرت ڏٺي آهي، ان ڏينهن پهريون دفعو مون ڪن اوپرين اکڙ:ن ۾ همدرديءَ جا لڙڪ ڏٺا هئا. منهنجي دل چيو ته هن جي سيني تي مٿو رکي روئان. ايترو روئان، ايترو روئان جو ساڻي ٿي پوان. اسين هر روز ملڻ لڳاسين. ڪڏهن ڪنهن نائيٽ ڪلب ۾ ۽ ڪڏهن سمنڊ جي ڪپر تي. مون محسوس ڪيو ته مو ن کي احمد سان محبت آهي. پر مان پنهنجي ڪاري ڪوجهي محبت هن کي آڇي نٿي سگهيس. هڪڙي ڏينهن هن پاڻ محبت جو اظهار ڪيو. شاديءَ جو واعدو ڪيائين ۽ مڱڻي جي منڊي پارايائين.“ 

”توکي شايد خبر نه آهي ته انگريز جڏهن هتي اچي آباد ٿيا تڏهين هنن اسان جي قوم جي ماڻهن کي ڳولي ڳولي ماريو. اسان جا ڪيئي قبيلا ڪسجي ويا. عورتون غلام بڻجي ويون ۽ گهڻو ڪري اسان جو سارو موجوده نسل انگريزن جو حرامي نسل آهي. منهنجو رنگ ۽ روش انگريزن سان ملن ٿا ني. مان به هڪڙي انگريز جي حرامي ڌيءَ آهيان. مان جڏهن جواڻ ٿيس ته منهنجي جوانيءَ تي مردن جي نظرجون ڳجهون لامارا ڏيڻ لڳيون پر مون دل ۾ پڪو پھ ڪيو ته مان ڪنهن به انگريز جي حرامي ٻار جي ماءُ نه ٿيندس ۽ پنهنجي ست جي حفاظت ڪندي رهندس.

”هڪڙي ڏينهن احمد کي مان پنهنجي قبيلي ۾ وٺي ويس ۽ رات جو جڏهن چوڏهينءَ چنڊ کڙي بيٺو تڏهن باهه جا مچ ٻاري، پنهنجي بت تي ڳاڙها پيلا ليڪا ڪڍي، باهه جي اُلن جي عڪس ۾ هن جي سامهون پنهنجي قبيلي جو ناچ نچڻ لڳس ۽ جڏهن نچي نچي ٿڪجي پيس تڏهن هن کي ٻانهن کان گهلي جهوپڙيءَ ۾ وٺي آيس ۽ هن کي پنهنجو جسم، جواني ۽ ست سونپي ڇڏيم.“

”مان ڏاڍي خوش هيس. منهنجي زندگي هڪڙو نئون پاسو ورايو هو. مون هڪڙو نئون صبح پسيو هو ۽ منهنجي سنڌ سنڌ ۾ هڪڙي نئين سرهاڻ سرايت ڪري وئي هئي. الا، مان ڪيڏي نه خوش هيس هڪ هڪ پل، هڪ هڪ گهڙي مون لاءِ ڪيڏي نه اهم هئي. گهڙيون ۽ پل کسڪندا، گذرندا ويا ۽ هڪڙي ڏينهن مون احمد کي هڪڙي اڇي ڇوڪريءَ سان ڏٺو. مان آفيس مان ٿڪجي، گهر موٽي رهي هيس ته مون احمد کي هڪڙي اڇي ڇوڪريءَ جي ٻانهن ۾ ٻانهن وجهي فٽ پاٿ تي لنگهندو ڏٺو. مان اتي ئي بيهي رهيس. ڄڻ ڄنگهن مان ست ئي نڪري ويو هو. احمد مون کي ڏٺو ۽ پوءِ يڪدم ڪنڌ ڦيري ڇڏيائين، ڇا هي اهو ئي احمد هو جنهن منهنجي قوم تي ٿيل ظلمن لاءِ لڙڪ هاريا هئا، جنهن مونکي هيترو پيار ڏنو هو ۽ جنهن کي مون پنهنجي اکين کان اوجهل ٿي ويا ۽ مان اتي ئي بيٺي رهيس. منهنجو ڪارو رنگ ڪاريهر جيان منهنجي ساري بدن کي ڏنگڻ لڳو ۽ مان وهه ۾ وٽ کائيندي رهيس.“

”پوءِ؟...“ مون يڪدم هن کان پڇيو.

”پوءِ احمد ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ڇڏي ۽ هتي ئي رهڻ لڳو. هونئن ته ڪوبه ايشيائي هتي آباد ٿي نٿو سگهي پر جي ڪو ايشيائي هتان جي ڪنهن ڇوڪريءَ سان شادي ڪري ته پوءِ آباد ٿي سگهي ٿو. احمد ان ڇوڪريءَ سان شادي ڪئي ۽ هتي آباد ٿي ويو. منهنجي ۽ هن جي محبت ٻار جي صورت ۾ منهنجي پيٽ ۾ پلجڻ لڳي. هينئر مان هن جي ٻار جي ماءُ آهيان. احمد هتي رهندو آهي پر منهنجي ٻار کي خبر ڪانهي ته سندس پيءُ ڪير آهي ۽ ڪٿي آهي.“

هوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ مان به ماٺ ڪري ويٺو رهيس. هن گهڙي ڏٺي ۽ چيائين:

”اوه ڏاڍي دير ٿي وئي. منهنجو پٽ منهنجو انتظار ڪندو هوندو. سڀاڻي اچانءِ ته انٽرويو ڏيندي سانءِ.“

رات جا ٻارهن ٿيا هئا. مان پنهنجي هوٽل جي ڪمري ۾ ويٺو ڪتاب پڙهي رهيو هوس ته اوچتو در کڙڪيو. اٿي در کوليم. سامهون ايلز بيٺي هئي.

”ڪپڙا مٽاءِ ته ٻاهر هلون.“

ٻاهر مشرقي عورت جي ست جهڙي بي داغ چانڊوڪي پکڙيل هئي. اڄ ايلز خاموش ۽ اداس هئي. ٿڌي هوا جو جهوٽو لڳو ۽ هن جي بت مان سيءَ جوسيسڙاٽ نڪري ويو. چيائين:

”مون کي سهارو ڏي.“

مون ٻانهن وڌائي سندس چيلهه جي چوڌاري ورائي ۽ هوءَ منهنجي ٻانهن جي سهاري تي هلڻ لڳي. اسين سمنڊ جي ڪپر تي اچي ويٺاسين. سمنڊ وڻجاريءَ جي اڻٿڪ انتظار جهڙو لڳي رهيو هو. لهرن جو ليلاؤن چنڊ جي چنيسر سان چاڳ ڪري رهيون هيون. ڪا ڇوه ڀري ڇولي، گهوڙيل جيان اُڇانگ ڏيئي، واسينگ وانگر وري، ڪاريهر وانگر ڪر کڻي، ڪپر ڏانهن وڌي آئي ۽  پوءِ زندگيءَ جي خوابن جان وٽڙي ٿي وئي. چانڊاڻ ۾ واريءَ تي پيرن جا نشان چمڪي رهيا هئا. جتي مان ۽ ايلز ويٺا آهيون ان ساڳي هنڌ پهرين به ڪي ماڻهو اچي ويٺا هوندا ۽ پيار ۽ محبت جون مٺڙيون ڳالهيون ڪيون هوندائون، هينئر اهي سڀ ڪٿي آهن. مان ۽ ايلز سڀاڻي ڪٿي هونداسين. ڇا انسان جو سمورو اڊنبر ۽ ٽڪساٽ وقت جي واريءَ تي پير جي نشانن کان وڌيڪ ڪجهه نه آهي.

”ايلز تون اڄ اداس ڇو آهين؟“

هن پنهنجا اداس نيڻ کڻي مون ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ سمنڊ ڏانهن ڏسڻ لڳي.

”تون ڪهاڻيون لکندو آهين ني؟“

”ها...“

”ڪيئن لکندو آهين.“

”ڪيئن لکندو آهيان!... الائي ڪيئن لکندو آهيان!... ڪڏهين ڪڏهين ڪا ڳالهه هانوَ ۾ کپي ويندي آهي ۽ پوءِ اندر ئي اندر پئي جلندي، لائيندي، ٺهندي ۽ ڊهندي آهي ۽ پوءِ جيئن نه ٻرندڙ جبل جي هانوَ مان جوالا ڦاٽ کائي نڪري ايندي آهي، ائين منهنجي اندر مان به ڪهاڻي پاٽ کائي نڪري ايندي آهي. مان آهسته آهسته پنهنجو هانءَ ڪوري ڪردار جوڙيندو آهيان ۽ پوءِ جڏهين انهن ڪردارن جي صورت ڏسندو آهيان ته سندن صورت ۾ پنهنجي ئي شبيھ نظر ايندي اٿم. مان هنن سان گڏ کلندو ۽ رئندو آهيان، جيئندو ۽ مرندو آهيان ۽ پوءِ سڀني ڪردارن کي ڪاغذ جي ڪفن ۾ ويڙهي وقت جي وير ۾ لوڙهي ڇڏيندو آهيان.“

”ڇا توکي ڪڏهن ائين محسوس ٿيو آهي ته تون ماڻهن جي ميڙ ۾ پَرايو، اجنبي ۽ اڪيلو آهين.“

”اڪيلائي اسان جي نسل جو سڀ کان وڏو عذاب آهي. هي نائيٽ ڪلبون، بيٽلز بنجڻ جا رجحان ۽ ٿورڙي وقت ۾ گهڻي ۾ گهڻي مسرت ماڻڻ جي تمنا، ان اڪيلائيءَ کان فرار جون اجايون ڪوششون آهن. اسان سڀئي هڪٻئي کان ڇڄي ڌار ٿي ويا آهيون ۽ پنهنجي وجود جي ڀيٽ ۾ اڪيلا ويٺا آهيون ۽ چوڌاري اڪيلائي جو سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي. مون کي ته ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ مان پنهنجن مٽن مائٽن، دوستن ۽ پيارن مان نه آهيان. پر ڪنهن ٻئي ديس جو رهاڪو آهيان. ڄڻ زندگيءَ جي ويٽنگ روم ۾ ويٺو آهيان ۽ ريل جو انتظار ڪري رهيو آهيان جيڪا مون کي منهنجي وطن وٺي ويندي ۽ مان پنهنجن پيارن سان وڃي ملندس. پر ريل ليٽ ٿي وئي آهي يا شايد پٽڙيءَ تان ئي لهي وئي آهي.“

”مون کي به ائين محسوس ٿيندو آهي ته مان ڪنهن ٻئي ديس جي رهواسي آهيان ۽ پنهنجي پرينءَ کان وڇڙي، رستو ڀلجي هتي اچي نڪتي آهيان ۽ هينئر پنهنجي پرينءَ کي ڳوليندي ٿي وتان. اڄ مان تو وٽ هڪڙو اعتراف ڪرڻ آئي آهيان. مان توکي اهو ٻڌائڻ آئي آهيان ته مون کي ته مون کي آور سان پيار ڪونهي.“

مون  ڇرڪي هن ڏانهن نهاريو. سندس چهري تي مايوسيءَ جا ڪڪر مڙيا بيٺا هئا.

”ها. مان اعتراف ٿي ڪريان ته مونکي آور سان محبت ڪانهي. آور سان ملڻ کان اڳ مان هڪڙي مصور سان ملي هيس. هن کي ڏسي مون ائين سمجهيو هو ته اهوئي منهنجو پرين آهي جنهن کي مان ڳوليندي ٿي وتان. هو ڪلاڪن جا ڪلاڪ مون کي سامهون ويهاري منهنجون تصويرون ٺاهيندو هو. آهسته مون محسوس ڪيو ته هن کي مون کان وڌيڪ پنهنجي فن سان پيار هو ۽ جنهن فن جي ڪري مون هن سان پيار ڪيو هو ان ساڳي فن سان مون کي ساڙ ٿيڻ لڳو ۽ جلد ئي مون محسوس ڪيو ته مون پنهنجو پاڻ کان فريب کاڌو آهي ۽ هي منهنجو پرين نه آهي، مون هن کي ڇڏي ڏنو، پر جذباتي لحاظ کان صفا بي سهارا ٿي پيس ۽ پوءِ مان پڙهڻ لاءِ انگلنڊ ويس. انگلنڊ ۾ منهنجي ملاقات آور سان ٿي ۽ وري مون پنهنجو پاڻ کان فريب کاڌو ۽ آور کي پنهنجو وڇڙيل پرين سمجهي ويٺس پر هتي اچڻ کان پوءِ آهسته آهسته مون محسوس ڪيو ته آور به منهنجو پرين نه آهي. ٻڌاءِ منهنجو پرين ڪٿي آهي، ڪهڙو آهي ۽ مان هن کي ڪڏهن ڳولي لهندس.“

هوءَ ماٺ ٿي وئي ۽ وري يڪدم چيائين.

”سگريٽ اٿئي؟“

مون هن کي سگريٽ ڏنو ۽ هوءَ سگريٽ دکائي سوٽا هڻڻ لڳي. مون پهريون ڀيرو هن کي سگريٽ پيئندي ڏٺو هو. ”منهنجي زندگيءَ جو ڪو مقصد ڪونهي. اجايو ۽ هروڀرو پئي جيئان. مون پنهنجي شخصيت جي اظهار لاءِ تصويرون ٺاهڻ شروع ڪيون پر جلد ئي خبر پئجي ويم ته مون ۾ تصويرون ٺاهڻ جي ڏات ڪانهي. شاعري شروع ڪيم. ڪچا ڦڪا شعر لکي ڦاڙي ڇڏيم. وري ڪهاڻيون لکڻ لڳس ته اهي به بي جان بي چسيون ۽ ڦڪيون. مون ۾ ڪا ڏات ڪانهي. مان هڪڙي معمولي، اجائي ۽ عام زندگي ٿي گهاريان.“

”چڱو ٿيو جو توکي جلد ئي خبر پئجي وئي ته تو ۾ ڏات ڪانهي. مون کي ته هينئر خبر پئي آهي جڏهن وقت گهڻو گذري چڪو آهي. مون ڏات جي ڪوڙي ڏيک تي ڀنڀلجي پنهنجو سارو رت ۽ ست ان کي پياري ڇڏيو ۽ پاڻ ايترو ته نستو ۽ ساڻو ٿي پيس جو زندگي ۽ وقت سان وک وڌائي نه سگهيس. هينئر ته چيلهه ۾ رسا ٻڌل آهن ۽ گهڙين جون گهوڙيون گهلينديون، لتاڙينديون، چيڀاٽينديون سنبن سان ساڻو ڪنديون ڊوڙنديون ٿيون وڃن. آخر مان ڇو ٿو لکان. ڪنهن لاءِ ٿو لکان. مون کي پڙهڻ وارو ڪير آهي. هر ڪو پنهنجي لٽي ۽ اٽي جي چڪر ۾ ڦاٿو پيو آهي ۽ ڪنهن کي فرصت ڪانهي جو مون سان گڏ اهي عذاب سهي جيڪي مان ڪهاڻيون لکڻ کان اڳ ۽ ڪهاڻيون لکڻ مهل سهندو آهيان. جڏهن مون ۾ ڏات به ڪانهي مون کي ڪو پڙهڻ وارو به ڪونهي ته پوءِ مان ڇو ٿو لکان. بليڪ مارڪيٽنگ ڇو نٿو ڪيان. گهڻا ليکڪ پنهنجو پاڻ کي اهو فريب ڏيندا آهن ته هو سماج مان براين کي تڙڻ لاءِ لکي رهيا آهن. مون کي ته ان فريب جو به سهارو ڪونهي. مان ڪڏهن به سماجي سڌارڪ جيان ور کنجي، قلم جو ڀالو هٿ ۾ کڻي سماجي براين سان وڙهڻ لاءِ نه نڪتو آهيان مون ته هميشه قلم جي ڀالي کي پنهنجي هانءَ ۾ هنيو آهي ۽ پنهنجي ئي رت ڦڙن سان ڪهاڻيون لکيون اٿم.“

هوءَ مون ڏانهن يڪ ٽڪ نهاري رهي هئي ۽ پوءِ منهنجي سيني تي مٿو رکندي چيائين.

”تنهنجو درد ڪيترو نه فنڪارانه درد آهي. اسين ٻئي زندگيءَ جي ويٽنگ روم ۾ ويٺل مسافر آهيون، اڪيلا، اوپرا ۽ اداس، اچ ته ٻئي هڪ ٻئي کي سهارو ڏيون.“

مون هن کي سيني سان لاٿو. چنڊ آسمان مان لهي اچي منهنجي سيني تي مٿو رکيو ۽ ڇولين جون ڇوريون ڇال ڏيڻ لڳيون.

پل پکيئڙا پرڙا ڦرڪائي اڏامندا ٿا وڃن، وقت کسڪندو، ترڪندو، وهندو ٿو وڃي. ڄڻ ريل ۾ ويٺو آهيان ۽ سڀئي وڻ ٽڻ، سهڻيون صورتون، من موهيندڙ نظارا پٺتي ڊوڙندا ٿا وڃن ۽ ريل رڙندي، گجندي، باهه اوڳاڇيندي، سڀني نظارن کي لتاڙيندي، چيڀاٽيندي، ڊوڙندي ٿي وڃي. فوٽ پاٿ تي بيهي ٽيڪسيءَ جو انتظار ڪري رهيو آهيان. اوچتو سامهون بورڊ تي نظر ٿي پئيم. لکيل آهي. No Standing (بيهڻ جي منع آهي) اڳتي وڌي ٻي فوٽ پاٿ تي ٿو بيهان. هتي به ساڳيو بورڊ! وري اڳتي وڃي فوٽ پاٿ تي ٿو بيهان. هتي به بيهڻ جي منع آهي. هر هنڌ بيهڻ جي منع آهي ته پوءِ ڪٿي بيهي بس جو انتظار ڪريان. هيڏي وڏي شهر ۾ بيهڻ جي جاءِ نٿي مليم پنڌ ئي پنڌ، سهڪندو هوٽل ۾ ٿو پهچان. خبر پيم ته No Standing جي معنيٰ آهي No Parking (موٽرن بيهارڻ جي منع آهي.)

ايلز هوٽل ۾ چانهه تي سڏايو آهي. رات جي ماني ٽڪي کائي، خوب پيٽ ڀري، وڃان ٿو پر هن سان ڊنر کائڻي ٿي پوي شرم کان چئي نٿو سگهان ته ماني کائي آيو آهيان. صبح جو پيٽ خراب. ايلز چوي ٿي:

”مون ته توکي دعوت ئي مانيءَ جي ڏني هئي.“

”تو ته چيو هو ”ٽي“ مون سان پيجانءِ.“

”وه“ هوءَ کلي ٿي. ”رات جي مانيءَ کي اسين ”ٽي“ چوندا آهيون.“

هي ”نيرا پهاڙ“ (پر هنن جو رنگ ته نيرو ڪونهي!) پهرين پهرين جڏهن انگريز هن کنڊ ۾ اچي لٿا ته کين خبر ڪانه هئي ته هن پهاڙن جي هن پار ڇا آهي. ڪيتري عرصي تائين انهن پهاڙن کي عبور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا. آخر ڪامياب ٿيا. پهاڙ جي هن طرف درياه هئا ۽ انسان جي آباد ٿيڻ جا امڪان هئا. جنهن ٽوليءَ هن پهاڙ کي  عبور ڪيو تنهن چيل جو هڪ وڻ ڪپي ان جو ٿڙ هتي کوڙي ڇڏيو جيڪو هينئر به ان حالت ۾ بيٺو آهي. پهاڙ جي چوٽي اٽڪل چار هزار فوٽ بلند  آهي ۽ چوٽيءَ تي پورو شهر آباد آهي. چوٽيءَ جي پکيڙ جتي ختم ٿي ٿئي اتي چار هزار فوٽ اونهي کاهي آهي کاهيءَ جي مٿان جبلن جون ٽي سنهيون چوٽيون اهڙيءَ طرح گهڙيل آهن ڄڻ ٽي عورتون بيٺيون آهن. انهن کي ٽي ڀينر سڏيو ويندو آهي. قدرت جي هٿن سان گهڙيل ٽن ڀينرن جون اهي مورتيون ڪنڌ کڻي کاهيءَ جي هن پار واري پهاڙ ڏانهن ڏسي رهيون آهن جتي ڪارا ڪڪر وسي وسي ٿڪجي، ساڻا ٿي ليٽي پيا آهن. ساڄي هٿ تي هڪڙي سنهي چوٽي ڪر کنيون بيٺي آهي. مٿس اڇو جهڙ ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو سنڌي سورهه اچي پڳ پائي بيٺو آهي. ايلز ۽ مان هيٺ کاهيءَ ۾ نهاريون ٿا ته پستي ۽ بلندي جو فرق ڏسي سارو وجود ڏڪي ٿو وڃي... مو نکي ائين ڇو ٿو محسوس ٿئي ته مان پهرين به هتي آيو آهيان. هي بلنديون ۽ پستيون، پهاڙ جي چوٽيءَ تي ستل ننڊاکڙا ڪڪر قدرت جي هٿن سان گهڙيل هي ٽي ڀينر ۽ ايلز پهرين به مون ڏٺيون آهن، شايد مان ۽ ايلز هتان جي اصلوڪن رهاڪن جي ڪنهن قبيلي ۾ پئدا ٿيا هئاسين ٻئي نانگن بتن تي آسمان ديوتائن جون ڳاڙهيون پيليون شبيهون چٽي، هٿن ۾ پٿر جا ڀالا کڻي، جبل جي هنن ٻيلن ۾، ڪينگرو جو شڪار ڪندا هئاسين. هنن ٽن ڀينرن جي ڀر ۾ ويهي مون ايلز جي سونهن جي حمد ۾ گيت چيا هئا ۽ منهنجي قبيلي جي ماڻهن انهن گيتن کي آسماني اشلوڪ سمجهي چانڊوڪي راتين ۾ باهه جي مچ ٻاري، نچي نچي ڳايو هو. پوءِ اڇن اچي مون کي، ايلز کي ۽ منهنجي گيتن کي ڪٺو. مان ۽ منهنجا گيت هر هنڌ ڪٺا آهيون. منهن جي دڙي ۾، مياڻيءَ جي ميدان تي ۽ هنن ٽن ڀينرن جي ڀر ۾!

پهاڙ جي ٻئي ڇيڙي تي هوٽل آهي جنهن ۾ اسان رهيل آهيون. هوٽل جي دريءَ کان هيٺ ساڳي کاهي ٻيلا ۽ هلڪو هلڪو ڌنڌ. والز شروع ٿئي ٿو. ايلز چوي ٿي.

”اٿ ته نچون.“

”مان نچي نه ڄاڻان.“

”تون اٿ ته سهي.“

والز جا سر ڪيترا نه ڪومل آهن. بدن جا بار لهي ويا آهن. اسان جا روح سُرن جي پرن تي نچندا، جهومندا، اڏامندا ٿا وڃن. هر طرف خنڪيءَ ۾ رچيل ڌنڌ آهي ۽ وري اوچتو چنڊ نڪري ٿو اچي چانڊاڻ روح ۾ رچندي ٿي وڃي. سڀ نظارا پٺتي ڊوڙندا ٿا وڃن ۽ ريل رڙندي گجندي، باهه اوڳاڇيندي، سڀني نظارن کي لتاڙيندي چيڀاٽيندي ڊوڙندي ٿي وڃي ۽ اڳيان آئيندو  پيو آهي، اڻ ڏٺل، اڻ ڄاتل ۽ پراسرار!

اسان جي ٽريننگ ختم ٿي وئي آهي ۽ اڄوڪو ڏينهن اسان جو هتي آخري ڏينهن آهي. اڄ اسان کي اي. بي.سي طرفان الوداعي پارٽي ملي هئي. هال ۾ اي. بي. سي جي اسٽاف جا مرد، عورتون ۽ اسين ايفرو ايشيائي ڪارا، سانورا ۽ پيلا شاگرد بيٺا هئاسين. سڀئي شاگرد پنهنجو پنهنجو ملڪي لباس پائي آيا هئا. مان به سنڌي شلوار، شڪارپور جو ڀرت ڀريل پاسي تي ڳچيءَ وارو ململ جو چولو پائي آيو هوس. سڀ حيرت وچان اسان کي ڏسي رهيا هئا. اسان جي ٽريننگ جي ڊائريڪٽر مسٽر ٿامس گلو صاف ڪيو ۽ عينڪ کي اکين تي ٺيڪ ڪندي چيائين.”منهنجا پيارا پرديسيو! اڄ کان ڇهه مهينا اڳ، هن ساڳي هنڌ، مون مرڪندڙ هانوَ سان اوهان جو آڌر ڀاءُ ڪيو هو ۽ اڄ ڇهن مهينن کان پوءِ ان ساڳي هنڌ مان روئندڙ دل سان اوهان جي اڳيان وڇوڙي جي تقرير ڪري رهيو آهيان. پنهنجي دل کي روئندي، ڏسي، پنهنجو پاڻ کان پڇان ٿو ته آخر مون ۾ ۽ هنن آفريقي ۽ ايشيائن ۾ ڪهڙو رشتو آهي جو هنن کان جدا ٿيڻ وقت دل روئي رهي آهي. اوهينڪير ۽ مان ڪير، اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ رنگ، نسل ۽ جاگرافي جا ويڇا ۽ فاصلا آهن، پوءِ آخر اسان جي وچ ۾ اهو ڪهڙو رشتو آهي، جيڪو غم بنجي منهنجي هانءَ ۾ چڀي رهيو آهي. جنهن انهن سڀني ويڇن ۽ فاصلن کي ريٽي ۽ ميٽي ڇڏيو آهي. شايد اهي سڀيئي ويڇا هٿرادو آهن ۽ اسان نه يورپي آهيون، نه ايشيائي ۽ نه آفريقي، اسان صرف هن ڌرتيءَ جا ٻچڙا آهيون، اسان ڌرتي ماءُ جي ٿڃ پيتي آهي ۽ اسان جو پاڻ ۾ رشتو عظيم ۽ اٽوٽ آهي. اچو ته اسان ڀائپي جي ان لازوال رشتي لاءِ جام خالي ڪريون.“ سڀني گلاس چپن تائين آندا. مسٽر ٿامسن جي تقرير جو جواب اسان مان ئي ڪنهن کي ڏيڻو هو. اسان سڀني مليشيا جي گهڻ ڳالهائو نمائندي ڏانهن نهاريو. هو فلپين جي نمائندي ڏانهن نهارڻ لڳو، فلپين جي نمائندي مون ڏانهن ڏٺو ۽ مان مس اما ڏانهن ڏسڻ لڳس. مس اما اڳتي وڌي گلو صاف ڪيو ۽ چوڻ لڳي:

مسٽر ٿامسن ۽ منهنجا پرديسي ساٿيو! اڄ رات اسان هميشه لاءِ وڇڙڻ لاءِ گڏ ٿيا آهيون... ايترو مس چيائين ته هانءُ ڀرجي آيس، آواز ڏڪڻ لڳس ۽ وٺي اوڇنگار ڏنائين. سڀ اداس ۽ خاموش ٿي ويا ۽ ساري ماحول تي اداسائي تلوار جيان تاڻجي وئي.

پارٽي شروع ٿي. پروگرام مطابق سڀني کي پنهنجو پنهنجو ملڪي گيت ٻڌائڻو ۽ ناچ ڏيکارڻو هو. زيمبيا جي نمائندي ۽ مس اما گيت ۽ ناچ شروع ڪيو. هلڪي هلڪي موسيقي اڀري ۽ اکين آ ڏو آفريقا جا جهنگ پکڙجي ويا. زال ۽ مڙس خوشيءَ ۾ ٽڙندا، ٽهڪڙا ڏيندا جهنگ مان لنگهن ٿا ۽ اوچتو ڇرڪي بيهي ٿا رهن. اڳيان موت سندن انتظار ڪري رهيو آهي. ٻئي هراسيل اکين سان هيڏانهن هوڏانهن نهارين ٿا. هڪڙو ماڻهو جهنگ مان نڪري مرد تي حملو ٿو ڪري. عورت چيٽ ڪري پري بيهي ٿي رهي. هو ٻئي وڙهندا ٿا رهن ۽ عورت جي چهري تي ڪيئي جذبا جرڪڻ ٿا لڳن. هراس، مايوسي، پوءِ اميد جو هلڪو هلڪو سوجهرو مرڪ جي صورت ۾ سندس چپڙن تي چمڪي ٿو. ۽ هوءَ خوشيءَ وچان پنهنجي ڦٽيل، ٿڪيل، سهڪندڙ ۽ ساڻي ٿيل مڙس اڳيان نچي ٿي. خوشي ۽ فتح جو وحشي ناچ!

هينئر منهنجو وارو هو مان ”هو جمالو...“ جي ٽيپ چاڙهي، اچي ايلز جي ڀر ۾ بيهي رهيس. سڀ ماٺ ٿي ويا ۽ ماٺ جو سينو چيري سنڌي ساز ۽ آواز جي لهر اُڀري ”هو.. جما... لو“ ڄڻ ته سانتيڪي درياه ۾ هلڪڙي لهر ڪر کنيو آهسته آهسته ڪپر ڏانهن وڌڻ لڳي ۽ پوءِ ڪيئي لهرون اُڀريون، جهڙيون مشرقي ڪنواريءَ جي دل ۾ پهرين محبت جون امنگون، ۽ پوءِ تاڙين جي ليءِ، ڄڻ وڏ ڦڙي جو وسڪارو. سڀئي پنهنجا گلاس رکي ”هو جمالو“ جي آهنگ سان ملندڙ آواز جون وراڻيون  ڏيڻ ۽ تاڙيون وڄائڻ لڳا. مس اُما ڊوڙ: اچي مون کي ٻانهن کان جهليو ۽ گهلي آڻي وچ ۾ بيهاريائين.

”اچ ته نچون.“

مون ساڄي پاسي جهڪي تاڙي وڄائي ” هو جمالو“ چيو ۽ ڦيري پائي، هٿ هوا ۾ لهرائي چپٽيون وڄايم. اُما به ائين ئي ڪيو. هينئر مون کاٻي پاسي جهڪي، چپٽيون وڄائي ڦيري پاتي ۽ هٿ هوا ۾ لهرائي تاڙي وڄائي ”هو جمالو“ چيم. هن به ائين ئي ڪيو. اسين ٻئي هڪٻئي جي ايترا ويجها اچي وياسين جو مان هن جي جسم جي ٿڙڪندڙ ڇهاءُ ۽ سندس بدن جي بوءِ کي به محسوس ڪرڻ لڳس. جمالي جي ڌن تيز ٿي عروج تي پهچي وئي ۽ اَما وڄ وانگر وراڪا ڏيڻ لڳي...

ٽيپ ختم ٿي. سڀئي تاڙيون وڄائڻ لڳا. اُما مون کي ٻانهن کان جهلي ٻاهر وٺي آئي. ٻاهر آسمان ۾ چنڊ کڙيل هو. هر طرف گل ڦل ٽڙيل هئا، اُما جي ڳلن تي پگهر جا ڦڙا چمڪي رهيا هئا، جهڙا ڪارن گلابن تي ماڪ ڦڙا. سندس وڏين اکين ۾ اونداهين راتين جون خنڪ اونداهيون رچيل هيون.

”مان پاڪستاني ناچ سٺو ڪري سگهان ٿي ني.“

”ڏاڍو سٺو ڪري سگهين ٿي.“

”مون کي تو وانگر تنهنجي ملڪ جو گيت ۽ ناچ به پسند آهي. مان توکي هميشه ياد رکنديس. پر تون مون کي رنجايو آهي جنهن لاءِ مان توکي ڪڏهين معاف نه ڪندس.“

”مون توکي رنجايو آهي!“

”ها، تو مون کي رنجايو آهي. تو ڪڏهين به مون سان ٻه چار اڪيليون گهڙيون نه گهاريون. ڪڏهين به مون کي بيچ تي يا ڪنهن نائيٽ ڪلب ۾ نه وٺي وئين. هڪ ٻه دفعو چيومانءِ ته نٽائي ڇڏيءِ. ان ڪري ني جو مان ڪاري آهيان، شيدياڻي آهيان.“

”نه نه، اها ڳالهه نه آهي.“

”نه ته ڪهڙي ڳالهه آهي. آخر ايلز ۾ ڇا آهي جيڪو مون ۾ نه آهي. مون ڏانهن نهاري. ڇا مان ايلز جهڙي جوان نه آهيان. منهنجو بدن ايلز جي بدن کان گهٽ حسين آهي ۽ جوان آهي. پوءِ آخر ڪهڙي ڳالهه آهي جو تون ايلز جي ڪڍ لُور لُور ڪندو ٿو وتين ۽ مون کي ليکين ئي نٿو. ان ڪري ني جو مان ڪاري آهيان، شيدياڻي آهيان اوهان ايشيائي ته رنگ جي مت ڀيد کان مٿاوان ٿيندا آهيو ۽ ايشيا ۽ آفريقا جي ڀائپيءَ جا نعرا هڻندا آهيو. پر اوهين ڪوڙا آهيو. سامراجين وانگر چالباز آهيو. اوهين صرف يورپ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ آفريڪا کي ايشيا سان ڳنڍڻ ٿا چاهيو. هونئن نه ته اوهان کي به اسان جي ڪاري رنگ کان نفرت آهي. اسان کي به توهان کان نفرت آهي. توهان جي سهڻي رنگ ۽ روشن کان نفرت آهي، ٻڌين ٿو خود پرست ايشيائي، مون کي توکان نفرت آهي.“

هن اوڇنگار ڏني ۽ ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي ڊوڙندي اندر هلي وئي. مان اتي ئي بيٺو رهيس، بي حس ۽ بي ستو! گهڻي دير کان پوءِ اندر ويس ته اُما هڪڙي شيدي ڇوڪري سان ٽوئسٽ ناچ نچي ۽ ٽهڪڙا ڏيئي رهي هئي.

آخر ۾ سڀني گڏجي الودائي گيت ڳاتو ۽ لڙڪ گاڏڙ مڪر سان هڪ ٻئي کان موڪلايون.

مان ۽ ايلز هينئر پارٽيءَ تان موٽيا آهيون ۽ سمنڊ جي ڪپر تي اچي ويٺا آهيون.ر ات جا ٻه لڳي رهيا آهن. مون کي صبح جو پنجين لڳي هوائي اڏي تي پهچڻو آهي. باقي چند گهڙيون وڃي بچيون آهن. اڄ به آسمان ۾ چنڊ کڙيو بيٺو آهي ۽ لهرن جون ليلائون چنڊ جي چنيسر سان چاڳ ڪري رهيون آهن. ڪا لهر گهوڙيل وانگر اڇانگ ڏيئي، واسينگ وانگر وري، ڪاريهر وانگر ڪر کڻي ڪپر ڏانهن ڊوڙندي ٿي اچي ۽ پوءِ زندگيءَ جي خوابن جيان وٽڙي ٿي وڃي. چانڊاڻ واريءَ تي ماڻهن جي پيرن جا نشان چمڪي رهيا آهن. چند گهڙين کان پوءِ اهي سڀئي نشان مٽجي ويندا. مان هليو ويندس ۽ چنڊ ائين پيو چمڪندو سمنڊ ائين پيو لڇندو، ڇولين جون ڇوريون ائين ئي پيون ڇال ڏينديون ۽ هن واريءَ تي نت نون ماڻهن جي پيرن جا نوان نشان پيا چمڪندا. ايلز چوي ٿي:

”مان توکي هميشه ياد رکندس. مون توسان زندگيءَ جون ڏاڍيون پياريون ۽ مٺڙيون گهڙيون گهاريون آهن. اهي گهڙيون مون کان ڪڏهين نه وسرنديون. اسان ٻئي زندگيءَ جي واٽ تي ٻن همدرد دوستن جيان ملياسين، ٿوري دير گڏ سفر ڪيوسين. هڪٻئي جو ڏک سور ونڊيوسين ۽ هينئر وڇوڙي جي ٻه واٽي تي اچي بيٺا آهيون. هيءَ واٽ منهنجي آهي ۽ هوءَ تنهنجي. اسان جي دوستيءَ جو ناتو سچو ناتو هو. اهو ناتو هميشه قائم رهندو. اسان ٻئي زندگيءَ جي ويٽنگ روم ۾ ويٺل مسافر آهيون اداس، اوپرا ۽ اجنبي ۽ ريل جو انتظار ڪري رهيا آهيون اها ريل ضرور ايندي ۽ اسان کي ان ديس ۾ وٺي هلندي جتان اسان کي جلاوطن ڪيو ويو آهي، جتي مان پنهنجي وڇڙيل پرينءَ سان ملندس ۽ جتي ايشيا جي بک، بيماري ۽ غلاميءَ جا ناسور ڇٽي ويندا، ماڻهو خوشحال هوندا ۽ تنهنجي ڏات کي سڃاڻندا ۽ سمجهندا.“

اسين ڳالهائيندا ٿا رهون. سمنڊ رئندو ٿو رهي، چنڊ جو چهرو بي نور ٿيندو وڃي.

مان جهاز ۾ ويٺو آهيان ۽ پريان پنهنجن پيارن کي الوداع چوڻ لاءِ آيل ماڻهن سان گڏ ايلز بيٺي آهي ۽ هٿ ۾ رومال لوڏي مون کي وڇوڙي جو پيغام ڏيئي رهي آهي. وقت کسڪندو ترڪندو، وهندو ٿو وڃي، سڀئي سهڻيون صورتون، من موهيندڙ نظارا، پٺتي رهندا ٿا وڃن... روڪيو روڪيو جهاز کي روڪيو، ريل کي روڪيو، نظارن کي روڪيو، پر جهاز زوزاٽ ڪندو اڏامندو ٿو وڃي. ريل رڙندي، گجندي، باهه اوڳاڇيندي، سڀني نظارن کي لتاڙيندي، چيڀاٽيندي ڊوڙندي ٿي وڃي ۽ اڳيان آئيندو وڇايو پيو آهي. ڊٺل وائٺل ۽ اونداهون!

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org