انٽرويو
مون لاءِ انقلاب جو تصور پرينءَ جي روپ ۾ اچي ٿو.
مان سمجهان ٿو انقلاب اهو پنهون آهي جيڪو اچي
منهنجي ملڪ جي ڏکين ۽ وساريل ماڻهن کي جيئڻ
سيکاريندو!
- آغا سليم
فهميده ميمڻ
کڙيا کٽڻهار
انٽرويو وٺڻ ۽ انٽرويو ڏيڻ ٻئي هڪ جهڙا ڏکيا ڪم
آهن، پر انٽرويو جو سڄو دارومدار ان کي صحيح نموني
لکڻ ۽ پيش ڪرڻ تي آهي. انٽرويو وٺندڙ چاهي ته ڪنهن
بنهه متاثر نه ڪندڙ شخصيت کي بي حد اثرائتو ۽ مڪمل
ڪري پيش ڪري يا ڪنهن چڱي خاصي شخصيت کي اڌورو ۽
نامڪمل پيش ڪري يا ماڳهين هڻي ڊاهي رکي سگهي ٿو.
اهو منهنجو تجربو آهي جيڪو مونکي ڪي انٽرويو وٺي
وٺي (۽ پڻ ڏئي) حاصل ٿيو آهي.
پر ڪن ماڻهن کي ڳالهائڻ جو اهڙو ڏانءُ هوندو آهي
جو انٽرويو وٺندڙ ان کي جيئن جو تيئن ڏيڻ ۾ ئي
بهتري سمجهندو آهي ۽ گفتگوءَ دوران بحث ۾ پنهنجي
راءِ يا دليل ڏيڻ کان ٻڌڻ پسند ڪندو آهي. ڀاءٌ آغا
سليم جي شخصيت ڪجهه اهڙي قسم جي آهي. منهنجن چند
سوالن جي جواب ۾ هن پنهنجن خيالن جو اهڙو ڀرپور
اظهار ڪيو جو انهن جي تسلسل ۽ سوچ جي گهرائي مونکي
ساڻس بحث ڪرڻ جي بجاءِ ٻڌڻ تي ئي مجبور ڪيو.
آغا سليم جو تخليق ڪيل ادب پڙهندڙن جي ذهن ۾ جيڪي
سوال آڻي سگهي ٿو انهن جي شروعات مون هن طرح ڪئي:
”فرانس جي مصور پال گاگن جي هنن اکرن بابت اوهان
جي راءِ ڇا آهي ته، ’ماڻهوءَ جي هٿن جي حاصلات ئي
ان جي تشريح آهي.‘“
چيائين، ”جيتري قدر مان انهيءَ چوڻيءَ کي سمجهي
سگهيو آهيان، ايئن چوڻ بهتر ٿيندو ته جيڪڏهن
منهنجيون لکڻيون، منهنجي هٿن جي حاصلات آهن ته
پوءِ جيڪو ڪچو ڦڪو مون لکيو آهي اهو منهنجي وجود
جو اظهار ڪري ٿو. يعني ته مان پنهنجي وجود کي
پنهنجي فن جي معرفت سڃاڻان ٿو ۽ اهوئي منهنجي وجود
جو اظهار آهي، يا ان کي هنن لفظن ۾ به چئي سگهجي
ٿو ته، منهنجو فن ئي منهنجي وجود جي حاصلات آهي.“
آغا صاحب جي فن بابت اها هڪ عام شڪايت ٻڌي وئي آهي
ته هو روماني ۽ ڪتابي ٻوليءَ ۾ لفظي بازيگري ٿو
ڪري، انهيءَ ڳالهه سان پاڻ متفق ڪونهي چوي ٿو،
”لفظي بازيگري ڪرڻ جي ڳالهه سراسر الزام آهي ۽ ان
جي صفائي ائين ڪندس ته مون وٽ رومانيت بيشڪ آهي ڇو
جو فن بذات خود جمالياتي پهلوءَ سان ڪنهن ڳالهه
ڪنهن حقيقت جو اظهار آهي. مثال طور، شاهه سائين
جڏهن رسول الله لاءِ ڪوبيت چيو آهي ته هن کي
پنهنجو پرين ڪري چيو اٿس. اها سندس رومانيت آهي.
رومانيت کان سواءِ فن اڻپورو آهي. مون وٽ انقلاب
جو تصور به روماني آهي. منهنجي لاءِ اهو تصور
ڳاڙها جهنڊا، لڙڪيل لاش يا رت جون نديون کڻي اچڻ
وارو ڪونهي، پر جيئن مون پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ ۾ اڳ
به چيو آهي ته، مون لاءِ انقلاب جو تصور پرينءَ جي
روپ ۾ ٿو اچي ۽ مان ان لاءِ ايئن ٿو چوان ته،
’منهنجو پرين ايندو جنهن جي پيشاني پرهه جهڙي
آهي.‘ انهيءَ ساڳئي خيال جي شاهه صاحب هيئن تشريح
ڪئي آهي.
’برو هو ڀنڀور، اچي آرياڻيءَ اجاريو،
ڇوريون ڇرڻ سکيو پنهون ڪيائون پور.‘
”مان سمجهان ٿو انقلاب اهو پنهون آهي جيڪو اچي
منهنجي ملڪ جي ڏکين کي ۽
negleced
وساريل ماڻهن کي جيئڻ سيکاريندو.
”مون هڪ هنڌ اڳي بودلي بهار جو ذڪر به ڪيو آهي.
بودلو بهار، قلندر کان اڳي سيوهڻ آيو هو ۽ اچي
سيوهڻ جون گهٽيون ٻهاريون هئائين ته منهنجو قلندر
ايندو ۽ هنن واٽن تان لنگهندو. سو اسين جيڪي اديب
۽ شاعر آهيون سي بودلا بهار آهيون ۽ پنهنجي آئيڊيل
۽ پرينءَ لاءِ، راهون پيا هموار ڪريون، واٽون پيا
ٻهاريون- سو مون وٽ انقلاب جو اهڙو رومانوي تصور
آهي ۽ سچ ته رومانويت کان سواءِ مان لکڻ جو تصور
به ڪري نٿو سگهان- باقي رهيو ٻوليءَ وارو الزام سو
اها ڳالهه به واضح ڪندو هلان ته منهنجو ماحول ۽ ان
۾ رهندڙ ماڻهو جيڪا ٻولي ڳالهائين ٿا، اهائي لکان
ٿو ۽ جيڪا انهن جي احساساتي سطح آهي، اهائي منهنجن
ڪردارن جي احساسن جي سطح آهي ڇو جو منهنجا ڪردار
به منهنجي ماحول مان ورتل ڪردار آهن.
”ٻوليءَ ڏانهن منهنجو رويو تخليقي آهي. مان شعوري
طور لفظ يا تشبيهون گهڙيندو ناهيان ۽ منهنجي ذهن ۾
ڪو تصور اِڪي ٿي نه آيو آهي، هميشه ٻَڌي ٿي آيو
آهي. هر تصور سان ڪانه ڪا تشبيهه پاڻ مرادو گڏ
ايندي آهي. اهڙي نموني مون ڪيترائي نوان
Phrases
ٻوليءَ کي ڏنا هوندا ۽ ائين مون ٻوليءَ ۾ واڌارو
ڪيو آهي، جنهن جي مونکي خوشي آهي. جيڪڏهن ان کي
بازيگري ٿو سمجهيو وڃي ته مان ڇا ٿو عرض ڪري
سگهان. ممڪن آهي مون ۾ ئي ڪا خامي هجي.“
ٻوليءَ جي بحث ۾ اڄڪلهه ڪيترن کان پڇيل سوال ذهن
تي تري آيو، اڪهاڻي ۽ ڪهاڻي بابت.... ان لاءِ
چيائين:
”منهنجي خيال ۾ اڪهاڻي ته ڪا شي ئي ڪانهي جيڪا به
لکي وڃي سا ڪهاڻي آهي يا ان کي
Plotless
ڪهاڻي سڏيو پر اڪهاڻي نه. ٻيو ته مان هندي لفظن جي
استعمال جي خلاف آهيان. بلڪل ايئن جيئن فارسي يا
عربي لفظن جي خلاف. جيڪي به ليکڪ هندي، عربي فارسي
يا ٻي ڪنهن ٻوليءَ جا لفظ گهڻي قدر استعمال ٿا ڪن
تن کي سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ حسن جي خبر ئي ڪانهي
۽ ائين هو ان جي توهين ٿا ڪن. ٻولي ڪنهن به ماحول
۽ معاشري جي اظهار جو ذريعو آهي ۽ ان جي تصوير ڪشي
ڪري ٿي. مان گهر ۾ يا ٻاهرئين ماحول ۾ ’آشا‘ يا
’نراشا‘ يا ’سپنا‘ لفظ استعمال نه ڪندو آهيان نه
ئي ڪنهن ٻئي جي واتان ٻڌا اٿم ان ڪري اهي لکڻ به
مناسب نه سمجهندو آهيان.
”ساڳي ڳالهه اڄڪلهه جي ڪن ڪهاڻين جي ابتي ٻوليءَ
بابت به چئي سگهجي ٿي. تازو ڪنهن چيو آهي ته،
’ليکڪ گرامر جو محتاج ڪونهي ۽ ضروري ناهي ته هو ڪو
وڏو ويا ڪرڻ پڙهي پوءِ لکڻ ويهي-‘ آءٌ ان کي مڃان
ٿو پر جڏهن به ڪا شيءِ وجود ۾ اچي ٿي ته پاڻ سان
پنهنجي زنده رهڻ جاڪي طبعي اصول به کڻي اچي ٿي.
انهن جو ڄاڻڻ يا نه ڄاڻن ايترو اهم ڪونهي پر انهن
جو استعمال ضروري آهي. سنڌي ٻولي به گرامر جا طبعي
اصول پاڻ سان کڻي آئي آهي، ڪاڪي ڀيرومل يا مرزا
قليچ بيگ اهي اصول ڪونه ٺاهيا آهن، ٻولي جي زنده
رهڻ لاءِ اهي فطري اصول ضروري آهن ۽ انهن جي ڀڃڪڙي
ڪندڙ ٻوليءَ کي هاڃو ٿا رسائين.
”ٻي ڳالهه
Streamof Consciouness
جي ڪئي ٿي وڃي. ڇا شعور جي وهڪري کي روڪڻ يا ضابطي
هيٺ آڻڻ انسان لاءِ ممڪن آهي؟هڪ وقت هر ڳالهه، هر
سوچ جو اظهار نٿو ڪري سگهجي. ادب ۾ ۽ خاص ڪري
فڪشن
(Fiction)
۾ ته
dramatic Compromise
ڪرڻا پوندا آهن ۽ اهي ضروري به آهن. مثال طور، اهي
لکڻيون لکڻ واري شخص جا هي لفظ ته ”رستي تي رلي
رهيو آهيان، بوٽ جون ڪهيون ڇڳل اٿم پر وڃي رهيو
آهيان.“ سندس رلڻ مهل ته لکيل ڪونه آهن، انهن کي
لکڻ لاءِ هو هڪ جدا ماحول ۾ قلم ڪاغذ کڻي ويهي ٿو
يعني ته
Compromises
ڪري ٿو. خبر نه آهي ته مان پنهنجي ڳالهه سمجهائي
سگهيو آهيان يا نه!“
انهيءَ بحث کي اتي ئي ختم ڪرڻ ضروري هو نه ته
ڪيترا سوال رهجي وڃڻ جو خطرو هو ان ڪري موضوع کي
ڦيرائيندي چيم. اياز جا اکر آهن ته، ”ڍوڍي ۽ ٿوم
جي بوءِ روح جي هر خوشبوءِ کان زياده پياري آهي،
چلهه ۽ تئو محراب ۽ منبر کان زياده مقدس آهي. پيٽ
ڏيڍ خدا آهي.“ اوهان جو ڪهڙو خيال آهي؟
جواب ڏنائين، ”اهو ڳالهه ڪرڻ جو
direct method
آهي جنهن جو مان قائل نه آهيان. هر سماجي ۽ سياسي
شعور رکندڙ ماڻهو ۽ هر ترقي پسند ليکڪ اهو چوي ٿو
۽ چيواٿس. خود اياز به چيو آهي. پر انهن ساڳين
لفظن جو شاعراڻو اظهار به سماجي غيربرابريءَ خلاف
احساسن کي ظاهر ڪري سگهيو ٿي نه ته اسان وٽ ته اها
عام چوڻي آهي ته ‘ان آهي ته ايمان آهي،‘ ۽ آءٌ ان
کي صحيح ٿو سمجهان.“
هڪ بيحد پراڻو ۽ گهڻا ڀيراپڇيل سوال ذهن ۾ اچي
ويو. ان لاءِ راءِ معلوم ڪرڻ لاءِ پڇيم ته، ”سماج
پاران اديب ڏانهن ڪي جوابداريون ٿين ٿيون. اوهان
انهن کي پنهنجي فن ۾ ڪيتري قدر پورو ڪيو آهي؟“
سوال جو جواب اميد جي خلاف ڪونه هو.
”مون هميشه ڪنهن نه ڪنهن مقصد يا آئڊيل کي اڳيان
رکي لکيو آهي. منهنجون جيڪي خالص روماني ڪهاڻيون
آهن: جيئن ”سوجهرو“ ۾ ڇپيل ڪهاڻي، ”قرب جا فاصلا،“
ان ۾ به مون انساني رشتن ناتن جي تشريح ڪئي آهي.
مون هميشه
Commitment
سان لکيو آهي، سورٺ راءِ ڏياچ ۽گل ڇنو گرنار جو،
۾ مون ڏيکاريو آهي پر فنڪار کي ڪيئن استعمال ڪيو
ٿو وڃي ۽ منهنجا هي اکر منهنجو مقصد واضح ٿا ڪن:
’اڄ کانپوءِ هن ڌرتيءَ تان تلوار جي راڄ جو خاتمو
ٿيندو ۽ سنگيت جو راڄ شروع ٿيندو.‘ منهنجي آڏو
سنگيت حسن ۽ امن جي علامت آهي.“
ڪنهن به اديب يا شاعر کان انٽرويو وٺڻ مهل هڪ اهو
سوال پڇڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي ته توهان ڪڏهن
کان لکڻ شروع ڪيو؟ ۽ ڪهڙن ليکڪن کان متاثر ٿي
لکيو؟ مون به سوچيو ڪجهه آغا صاحب جي پنهنجي باري
۾ به سوال ڪرڻا آهن پوءِ ڇو نه اهو سوال پڇان.
وراڻيائين:
”مون ننڍي عمر ۾ لکڻ شروع ڪيو هو. حيدرآباد ۾
پڙهندو هوس اتي تنوير عباسي ۽ سراج منهنجا دوست
هوندا هئا اسان ٽنهي جو ساڳيو شوق هو. ايئن لکڻ
لڳس ۽ پهرين ڪهاڻي هالا مان نڪرندڙ ”فردوس“ رسالي
۾ ڇپي ان جو نالو هو ’آهه اي ظالم سماج‘ ان وقت
شايد پنجون درجو انگريزي پڙهندو هوس. هر انسان ۾
Creative imagination
هوندي آهي جيڪا ڪڏهن ڪنهن پينٽنگ ۾ ڪڏهن ڪنهن شعر
۾ ته ڪڏهن ڊانس جي انگ ۾ ظاهر ڪندو آهي. اها انسان
۾ شروع کان آهي جنهن ڪري هن غارن ۾ به گل چٽ ڪڍيا
جنهن کي ٽيگور ’برهما‘ سڏيو آهي. اهائي انسان کان
تخليق ٿي ڪرائي ۽ انسان پنهنجي احساس کي جماليات
سان ڳنڍي لطيف فن جي صورت ۾ ان کي پيش ڪري ٿو، ۽
هر تخليق ڪندڙ انسان فنڪار آهي. مون ۾ اها
Creatno imagination
هئي ۽ مون ان کي ڪهاڻين ۾ ظاهر ڪيو. جي اهو ذريعو
نه چونڊيان ها ته ڪو ٻيو ذريعو ان جي اظهار جو
پيدا ٿئي ها.
”پنهنجي ملڪ جي ليکڪن مان مون ڪنهن جو به اثر قبول
ڪونه ڪيو آهي ڇاڪاڻ جو اسان جي ٽهيءَ جي ليکڪن
لاءِ ڪو مثال اڳيان هو ئي ڪونه! ورهاڱي کان اڳي
وارو ادب اسان کي پڙهڻ لاءِ ڪونه مليو ۽ جيڪو مليو
سو ايترو متاثر ڪرڻ جهڙو ڪونه هو. ورهاڱي کان پوءِ
اسان جي ٽهي ميدان ۾ آئي. پنهنجي همعصرن مان آءٌ
جمال ابڙي کي پسند ڪندو آهيان بلڪ ان جو معتقد
آهيان. اياز به هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ فنڪارانه
ڪهاڻيون لکيون جيئن سندس ڪهاڻي ’کلڻي‘ مونکان
ڪڏهن ڪانه وسرندي. اسان کان پوءِ واريءَ ٽهيءَ ۾
عبدالقادر جوڻيجو تمام سٺو ٿو لکي.“
ڪن ماڻهن جو اهو به خيال آهي ته آغا سليم جي
ڪهاڻين مان ڪڏهن ۽ ڪنهن به مرحلي تي قومي ۽ ملڪي
انتشار بابت ڪو تاثر نٿو ملي ان لاءِ پاڻ آغا صاحب
جو چوڻ آهي ته، ”ماڻهن جو اهو خيال صحيح ڪونهي.“
چيائين، ”مون سنڌ جي تاريخ ۽ ان جي پس منظر تي
ڊراما لکيا آهن. منهنجو خيال آهي ته ڪنهن به قوم
کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ان ۾ اهو احساس پيدا ڪرڻ ضروري
آهي ته هن جو ماضي ڪيترو نه شاندار رهيو آهي. اسان
جي قوم کي هروقت ٻين طرفان اهو احساس پئي ڏياريو
ويو آهي ته هوءَ پاڻ ڪجهه ڪانه هئي هن کي تهذيب به
ٻين سيکاري ته تمدن به. ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل
احساس ڪمتريءَ کي دور ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته اسين
پنهنجي قوم کي پنهنجو شاندار ماضي ۽ بهترين تاريخ
ڏيکاريون. ان لاءِ اديبن شعوري ڪوششون ڪيون جيئن
سراج پنهنجي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾ تاريخي پس
منظر ڏنو آهي. مون بلڪل انهيءَ مقصد سان ”دودو
چنيسر“ ۽ ”دولهه دريا خان“ ڊراما لکيا هئا.
”منهنجو ’سارنگ‘ جو ڪردار هر دور ۾ پيدا ٿيڻ وارو
ڪردار آهي. اهو موهن جي دڙي جي وقت کان وٺي هن وقت
تائين وري وري پيدا ٿيندو رهيو آهي ۽ ٿيندو
رهندو.“
سنڌيءَ ۾ ڊراما تمام گهٽ لکيا ويا آهن. ڊراما
لکندڙن ۾ مرزا مراد علي اختر، ممتاز مرزا، چنا
شبير ناز، سراج ۽ آغا سليم جا نالا شامل آهن. آغا
صاحب نه صرف اسٽيج پر ٽي. وي ۽ ريڊيو لاءِ به
ڊراما لکيا آهن. تنهن کان سواءِ ڪيتريون فلمي
ڪهاڻيون به لکيون اٿس، جيڪي خالص تجارتي بنيادن تي
لکيون هوندائين ان بابت پڇڻ ٿي چاهيم سو پڇيم:
ليکڪ جي ڪامرشل ٿيڻ سان ان جي انا ۽ فن تي ڪي اگرا
اثر پون ٿا؟
جهٽ چيائين، ”اثر پون ٿا ۽ تمام گهڻا
Compromises
ڪرڻا پون ٿا پر ان لاءِ وڌيڪ چوڻ بدران شاهه جا هي
لفظ چوندس ته، ’جيئڻ ڪارڻ. جيڏيون مون وڏاوس ڪيا.‘
فنڪارويچارو آهي، وس پيو ڪري.“
ان کان پوءِ جڏهن مون ٻاهرئين لٽريچر بابت هي سوال
پڇيو ته، توهان ڪنهن کي پڙهيو آهي ۽ ڪهڙا اديب يا
شاعر پسند اٿو؟ اهو سوال ٻڌي کلڻ لڳو شايد ڪجهه
ياد آيو هئس چيائين، ”سوال جو مقصد سڌو سنئون
منهنجي پسند معلوم ڪرڻ آهي نه؟ ها ته مان اهو
چوندس ته مون ٻاهريون ادب پڙهيو ضرور آهي پر گهٽ
پڙهيو اٿم ۽ جيڪي پڙهيو اٿم انهيءَ اڳيان انسان
پنهنجو پاڻ کي جيتامڙو ٿو محسوس ڪرڻ لڳي. مونکي
روسي اديب دوستو وسڪي ۽ چيخوف تمام گهڻا پسند آهن.
مان ته ائين چوندس ته چيخوف منهنجو فني مرشد آهي
جنهن کي پڙهڻ لاءِ ذهني وضوءَ جي ضرورت محسوس ڪئي
اٿم. مون پنهنجين لکڻين ۾ غير شعوري ۽ شعوري طرح
هن جو اثر ورتو آهي خاص ڪري سندس
Pessimistclc optimism
هن جا ڪردار گهڻو ڪري ڏکويل هوندا آهن جيڪي هر وقت
پنهنجن ڏکن جو اظهار ڪندا رهندا آهن ۽ آئندي جي
خوشحاليءَ جا خواب به ڏسندا آهن. آءٌ به اهوئي
سوچي لکندو آهيان اسان ته ڏکويل آهيون، پر هن ڌرتي
تي اسان جو ڪو ته نسل سک ماڻيندو ان لاءِ پيا ڏک
ڀوڳيون. اهو خواب يا اهي اميدون مون چيخوف جي
نظريي کان سکيا آهن.
”منهنجو ڊرامو ’کڙندا کٽڻ هار‘ چيخوف جي
Ward number six
کان متاثر ٿي لکيل آهي. ان ڊرامي جوئي عنوان ڏسو
ته نراسائيءَ سان گڏ هڪ اميد به آهي، نيٺ ته
کٽڻهار کڙندا.
”منهنجو ٻيو اهڙو ڊرامو، ’خواب جو سورج‘ آهي ان ۾
به ساڳيو ئي
Pessimcstic optimism
آهي. ان جا ڏکويل ڪردار روشن خواب ٿا ڏسن هي اهي
خواب ٿا ڏسن، جي اهو سورج نڪتو ته هيءَ ڌرتي روشن
ٿي ويندي، اهي خواب روشن ٿي ويندا جيڪي اسين صدين
کان ڏسندا پيا اچون. چيخوف لاءِ ايڏي عقيدت اٿم جو
سندس ڊراموThree
sisters
ٽي. ويءَ تي ڏٺم ته روئي ڏنم. سندس تصوير اڪثر
پاڻ وٽ رکندو آهيان، سندس اکر اڪثر ورجائيندو
آهيان.... بلڪل ايئن جيئن شاهه سائين لاءِ عقيدت
اٿم.“
هڪ آخري سوال سوجهري بابت پڇيم ته چيائين، ”تمام
سٺو ڊرائنگ روم ميگزين آهي.“
سوال ته اڃا به پڇي ٿي سگهيس پر انهن ٿورن سوالن
جا جواب ايترا تفصيلي هئا جو جاءِ جي گهٽتائي جو
سوچڻو پيو ۽ ائين ادا کان موڪلائڻ جو بهانو ملي
پيم.
آمهون سامهون
]مسعود
نوراني، نبي بخش کوسو، يوسف ميمڻ، اقبال جتوئي،
حيدر ڀرڳڙي[
اندر جي ٻولي جيڪا رت ۾ شامل آ بيساخته زبان تي
اچي ويندي آهي
مون جڏهن نئين نياپي جي ”ادارت“ سنڀالي ته فيصلو
ڪيم ته ان پل جو فائدو وٺندي، جهونن توڙي نئين
ٽهيءَ جي انهن نامور شخصيتن جا تفصيلي انٽرويو
شايع ڪندس، جن جو واسطو زندگيءَ جي مختلف شعبن
جهڙوڪ: سياست، ادب، فن ۽ سائنس وغيره سان آهي ۽ جن
پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ چڱو نالو ڪڍيو آهي، منهنجي
خيال ۾ اهڙا انٽرويو اسان جي قوم، جنهن جي محترم
نبي بخش کوسي جي بقول: سوشلاجيڪل واڌ ڪٿي رڪجي وئي
آهي، جي ذهني اوسر ۽ ڄاڻ وڌائڻ لاءِ ڪارائتا ثابت
ٿيندا.
شروع ۾ مون سياسي شخصيتن جا انٽرويو ڪيا، پر بعد ۾
حالتون ڏسي محسوس ڪيم ته جيڪڏهن ان ڏس ۾ ٻه ٽي
وکون ٻيون وڌايم ته رسالي تي بندش پئجي ويندي، ان
ڪري ادبي ميدان ڏانهن رخ ڪيم. هونئن به اهڙين
حالتن ۾ جهڙيون اڄ اسان جي ملڪ ۾ آهن، سياست ادب
جي پناه وٺندي آهي. بلڪ ائين چوڻ صحيح ٿيندو ته
سياست ادب ۾ تبديل ٿي ويندي آهي ۽ ادب سياست ۾ (ون
يونٽ وارو دور) ادب جي ميدان ۾ پهريون انٽرويو هڪ
پئنل جي ذريعي محترم قاضي خادم جو ڪيو ويو. اسان
جي مانوارن پڙهندڙن مهرباني ڪري ان انٽرويوءَ جي
ڪيترين ئي خوبين ۽ خامين ڏانهن اسان جو ڌيان
ڇڪايو. پڙهندڙن جي تنقيد ۽ تعريف جي روشنيءَ ۾ مون
محترم آغا سليم جو انٽرويو به هڪ پئنل جي ذريعي
ڪيو آهي. انٽرويو وٺڻ ۽ انٽرويو ڏيڻ به آرٽ آهي.
مون محسوس ڪيو آهي ته ان معاملي ۾ به اسين اوتروئي
پوئتي آهيون، جيتروڪ زندگي جي ٻين شعبن ۾. آغا
صاحب کان جيتوڻيڪ اسان ڪيترائي سوال ڪيا آهن، پر
سندس فن ۽ فن پارن بابت سوال بلڪل گهٽ ڪيا ويا
آهن. قاضي خادم صاحب جي انٽرويوءَ ۾ به اسان جي
پڙهندڙن ساڳي خاميءَ جو ذڪر ڪيو هو. اها خامي ڇو
رهجي وئي آهي! ان جو هڪ سبب ته اهو آهي ته جهڙي
قسم جا انٽرويو آئون وٺڻ چاهيان ٿو، ان ۾ انٽرويو
ڏيندڙ شخصيت جي زندگيءَ جي هر پهلو کي اٿلائڻ ۽
ڦولهڻ چاهيان ٿو، جيئن عوام اڳيان ان شخصيت جا
پهلو به سامهون اچي وڃن جيڪي اڃان تائين اونده ۾
ڍڪيا پيا آهن، جيئن عوام کي خبر پئي ته اهم،
ڪارائتين ۽ وڏين شخصيتن جي تشڪيل ڪيئن ٿي ٿئي،
انهن جي زندگيءَ جي تجربي مان ڪا اهڙي ڳالهه يا ڪو
واقعو اهڙو سامهون اچي وڃي، جنهن سان قوم کي نجات
جي ڪا واٽ يا ڪو گهٽ ملي وڃي، ظاهر آهي ته ان قسم
جو انٽرويو ڪنهن هڪ شخص جي وس جي ڳالهه نه آهي. ان
ڪري مون پئنل ٺاهي انٽرويو وٺڻ جو سلسلو شروع ڪيو
آهي، جيئن گهڻا ذهن نت نوان ۽ ڪارائتا سوال جواب
ڪري سگهن. مون اها ڳالهه سوچي ٻئي دفعا خالص ادبي
شخصيتن کي به پئنل ۾ شامل ٿيڻ لاءِ مدعو ڪيو هو،
انهن شخصيتن هائوڪار به ڪئي، پر قاضي خادم جي
انٽرويو وقت عين وقت تي اهي ادبي شخصيتون گهت هڻي
ويون، جنهن جي ڪري قاضي صاحب جي انٽرويو ۾ هڪ خال
رهجي ويو. ساڳيو ئي حال آغا صاحب جي انٽرويو مهل
به ٿيو. اسلام آباد ۾ موجود ڪي خالص ادبي شخصيتون
واعدو ڪرڻ جي باوجود عين وقت تي ڌڪ ڏئي ويون. وقت
جي اڻاٺ سبب ڪو نعم البدل نه ملڻ جي ڪري پڙهندڙن
کي آغا صاحب جي فن ۽ تخليقن بابت گهٽ مواد ملندو.
آئون انهن ادبي شخصيتن جو وري به ٿورائتو آهيان،
جن مون کي پنهنجي قوم جي مزاج کان وڌيڪ واقف ڪرايو
۽ آئنده وڌيڪ جفاڪشيءَ، اورچائيءَ، محنت، خيال ۽
احتياط سان ڪم ڪرڻ جو اتساه پيدا ڪيو آهي.
جيئن جيئن تپي ڏينهن، تيئن تيئن تاڻي پڌ ۾. (شاه)
آغا صاحب جو انٽرويو تمام طويل آهي ان ڪري قسطن ۾
شايع ڪرڻ تي مجبور آهيان. دوستن جو خيال آهي ته
ڊگها ۽ طويل انٽرويو وقت، پيسي ۽ قوت جو زيان آهن،
پر آئون انهن صاحبن سان متفق نه آهيان. ان نقطي تي
بعد ۾ ڪڏهن لکبو، آغا صاحب شڪارپوري آهي پر جيئن
ته زندگيءَ جو وڏو حصو حيدرآباد ۾ گذاريو اٿس، ان
ڪري سندس ٻولي حيدرآبادي ۽ شڪارپوري ٻولي جو حسين
امتزاج بنجي وئي آهي. سندس خوبصورت ٻوليءَ جي مهڪ
۽ حسن قائم رکڻ لاءِ مون سندس ٽيپ ٿيل گفتگو ڪوشش
ڪري جيئن جو تيئن پيش ڪئي آهي. هيءُ انٽرويو 2 مئي
1985ع تي شام جو اٽڪل 3 بجي کان 8 بجي تائين آغا
صاحب جي اسلام آباد واري اقامت گاه تي رڪارڊ ڪيو
ويو. آئون محترم نبي بخش کوسي، محترم اقبال علي
جتوئي، محترم يوسف ميمڻ، ۽ محترم حيدر ڀرڳڙي جو
ٿورائتو آهيان، جن صاحبن وڏن عهدن تي هئڻ، بيحد
مصروف رهڻ ۽ منهنجي سياسي پس منظر جي باوجود
موجوده ملڪي حالتن تحت انيڪ قسم جي خطرن ۽ وسوسن
جي پرواه نه ڪندي، پنهنجو نقطهءَ نظر رکندي به وقت
ڪڍي انٽرويو ۾ منهنجو ساٿ ڏيئي پنهنجي حب
الوطنيءَ، بيدار مغزيءَ ۽ گمڀيرتا جو ثبوت ڏنو
آهي.
ڀلا ڀلائي نه
ڀلجن.
- مسعود نوداني
مسعود نوراني: (وڏي واڪي) ”سائين هاڻ انٽرويو جو
سلسلو شروع ڪجي ٿو“ (سڀئي ويٺل صاحب چپ ٿي وڃن ٿا.
۽ نورائيءَ ڏانهن ڏسن ٿا)
آغا سليم: (نورانيءَ ڏانهن نهاريندي) ”ها سائين.“
نوراني: ”پهرين پنهنجي زندگيءَ جو مختصر احوال ۽
تعليم وغيره بابت ڪجهه ٻڌايو.“
آغا: سائين مان شڪارپور ۾ پيدا ٿيو آن. حيدرآباد ۾
تعليم پرائي اٿم. شڪارپور جي اسڪول ۾ پڙهيو آن.
تنهن کان پوءِ مختلف ڊپارٽمينٽن ۾ نوڪريون ڪيون.
ريهيبليٽيشن ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪئي. تنهن کانپوءِ
ريڊيو ۾ آيس ۽ اڃان ريڊيو ۾ آهيان.“
نوراني: ”توهان جي تعليم ڪيتري آهي؟ ڪهڙن اسڪولن ۽
ادارن ۾ پڙهيو اٿو؟
آغا: مان بي اي پاس ڪئي آ ۽ مان سائين، شڪارپور جو
هڪ اسڪول آهي نيو ايرا گورمنٽ هاءِ اسڪول ۽ گورمنٽ
هاءِ اسڪول حيدرآباد ۽ گورمنٽ ڪاليج حيدرآباد،
جيڪو ڦليليءَ جي پريان آ، اتي پڙهيو آن، ۽ ٻيو سچل
ڪاليج حيدرآباد ۾. (اتي زور سان بزر وڄي ٿو ۽ آغا
صاحب جو هڪ فرزند اچي ٻڌائي ٿو ته حيدر ڀرڳڙي آيو
آهي. ٿوري دير ۾ حيدر ڀرڳڙي اندر اچي ٿو ۽ مختصر
خوش خيرعافيت کان پوءِ ويهي رهي ٿو. انٽرويو جو
سلسلو ڪجهه دير لاءِ منقطع ٿي وڃي ٿو.)
نوراني: گفتگو جو سلسلو ٻيهر شروع ڪندي) مطلب ته
اوهان جو گهڻو وقت حيدرآباد ۾ گذريو آهي؟
آغا: ها سائين اسان 1948ع ۾ شڪارپور مان لڏي اچي
حيدرآباد ۾ رهياسين. سو منهن جو ننڍپڻ يا جيڪو به
وقت گذريو آ سو گهڻو ڪري حيدرآباد ۾.“
نوراني: ”شڪارپور ۽ حيدرآباد جي ٻوليءَ ۾ ڪافي فرق
آهي...“
آغا: (سوال ڪٽيندي زور سان) ها ”گهڻو فرق آ.“
نوراني: ”ته اوهان جي ٻوليءَ تي به حيدرآباد ۾ رهڻ
جي ڪري اثر پيو هوندو؟“
آغا: (تڪڙ ۾)
Yes Yes
ها! منهنجي ٻوليءَ تي گهڻو اثر پيو آ. جيتوڻيڪ
ڪڏهين ڪڏهين بي ساخته، اها جيڪا اندر جي ٻولي آ،
جيڪا رت ۾ شامل آ، اچي ويندي آ (زبان تي)، مان
جيڪڏهن ڪنهن اتراديءَ کي ڳالهائيندو ڏسندو آهيان،
خاص ڪري شڪارپور يا لاڙڪاڻي جي يا ويندي خيرپور
تائين، ته مون کي ان ۾ ڏاڍي
Flow
(رواني) نظر ايندي آهي، جيڪا مان سمجهان ٿو ته مون
۾ ڪانهي. حيدرآباد يا لاڙ جي ماڻهن جي ٻوليءَ ۾
ايتري رواني ڪانهي ان ۾ ٿوڙا جهٽڪا ٿا لڳن. آئون،
اينديس، هي، هو، ٿورا
Pauses
(جهٽڪا، وقفا) ٿا لڳن. ۽ اترادي جيڏي مهل ڳالهائي
ٿو ته انهيءَ ۾ مونکي عجيب قسم جي رواني لڳندي آ.
مان چوندو آهيان ته شايد اها فلو مان ۾ ڪانهي ڪا.
اها ڏاڍي مون کي
Sweet
(مٺي) لڳندي آ. ان جو سبب ڇاهي جو حيدرآباد ۾
هاسٽل ۾ رهڻ جي ڪري....... حيدرآباد ۾ ريڊيو
پاڪستان جي سامهون بورڊ جي آفيس هوندي هئي، پوسٽ
آفيس جي ڀرسان ٿيا سافيڪل هال هوندو هو، اتي هاسٽل
هوندي هئي، اوهان ڏٺو هوندو، اتي ڏاڍي وڻڪار
ٻڻڪار..... اتي هوندو هو اسان جو هاسٽل جتي اسان
رهندا هئاسين، اتي گهڻو ڪري لاڙ جا ڇوڪرا رهندا
هئا. ته منهنجي ٻوليءَ تي به ظاهر آ ته اثر پيو آ.
مثال طور ڀيڻهان کڏ تي چڙهڻ، اهي اکر مون ڪڏهن ٻڌا
ڪونه هئا، (ڪو واقعو ياد ڪندي ۽ مشڪندي) آئون
اوهان کي هڪ مزيدار ڳالهه ٻڌايان، حيدرآباد ۾ جڏهن
مان آيس، ته اسان شڪارپور جا ماڻهو ٿوڙو هڪ ٻئي کي
ڳالهائڻ ۾ عزت ڏيندا آهيون. اهو مون محسوس ڪيو آ
ته هڪ ٻئي مان ڳالهائڻ ۾ ادا، من اهڙي نموني جا
Expression
هوندا آهن. ٻئي ڪنهن سان
rude
(رکو) نه آهي ڳالهائڻو. سو مان چڙهان پيو ڏاڪڻ
تي. مان چوٿون درجو پڙهندو هوس. حيدرآباد جو هڪ
ڇوڪرو هو، مون کي چيائين ”اي ڏس ته.“ مان وڃي
ڳچيءَ کان ورتو مانس. مون چيو ”اي ڇاهي؟ (اي‘ مون
کي ڇو چيئي؟“ (آغا سميت سڀ کلن ٿا) هو ڏاڍو حيران
ٿيو، ۽ وڃي ماستر کي دانهن ڏنائين ته سائين هيءُ
الائي ڪهڙي قسم جو ماڻهو آهي جو نارمل گفتگو ۾ ڀي
مون سان وڙهي ٿو. ان ٽيچر جو نالو هو مسٽر علي
نواز، خيرپور جو هجي. انهي مونکان پڇيو ته ”ڇا
ڳالهه آ؟“ مون چيو ”سائين هيءُ مون سان اي ڪري ٿو
ڳالهائي.“ يعني اهو اسان ڪڏهن ٻڌو ئي ڪونه هو،
ننڍي لائيڪون توڙي ٻار هڪ ٻئي کي گاريون ٻاريون
ڏيندا آهن، اڙي، ڀيڻهان، هيءُ هو. پر ڪنهن نئين
ماڻهو سان انهي لهجي ۾ گفتگو ڪرڻ اسان نه ٻڌي آ.“
نوراني: ”ته ظاهر آهي ته حيدرآباد ۾ رهڻ جي ڪري
توهان جي ٻوليءَ ۽ نتيجي ۾ لکڻين تي به اثر پيو
آهي؟
آغا: ها سائين ضرور پيو آ.“
نوراني: ”توهان جو ادب ڏانهن لاڙو اسڪول يا ڪاليج
زماني کان ٿيو يا بعد ۾ ٿيو؟“
آغا: ”منهنجو وڏو ڀاءَ هوندو هو. اهو فوت ٿي ويو.
انهيءَ کي ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هوندو هو.
Actually
(حقيقت ۾) ڏاڍو سٺو پڙهندڙ هو. انگريزيءَ جا ڪتاب
۽ ان زماني جا ادبي رسالا وٺي ايندو هو. مون کي
پڙهڻ ۾ نه ايندا هئا، پوءِ آئون سوچيندو هوس ته
وڏو ٿيان ته اهي ڪتاب پڙهان. مون کي اهي ڪتاب ڏاڍا
پراسرار لڳندا هئا ته الائي انهن ۾ ڇا آهي! جن جون
تصويرون اهڙيون آهن، انهن ۾ اندر ڪهڙيون نه سٺيون
ڳالهيون هونديون! ايئن مون پڙهڻ شروع ڪيو ته پوءِ
مون ننڍي وهيءَ ۾ لکڻ شروع ڪيو. يعني مان پنجون يا
ڇهون درجو پڙهندو هوس، تڏهن فردوس نالي هڪ رسالو
نڪرندو هو هالا مان، انهيءَ ۾ منهنجي پهرين ڪهاڻي
ڇپي ۽ انهيءَ ڪهاڻيءَ جو اندازو توهان کي انهيءَ
ڪري ٿو ٻڌايان ته انهيءَ جي ٽائيٽل مان توهان ان
جو معيار سمجهي ويندو، ته اهو ڇا هوندو ته ” آه اي
ظالم سماج“ (خود ئي هڪ شاهي ٽهڪ ڏيندي) ته هڪڙو
پنجين ڇهين درجي جو ڇوڪرو جيڪو ان قسم جا فلمي
رسالا ٻسالا پڙهي ته ان جي ذهن مان اهڙي ئي قسم جو
ٽائيٽل نڪري سگهي ٿو.“
نوراني: ”مطلب ته اوهان پنهنجي ادبي زندگيءَ جي
شروعات هڪ رومانوي ڪهاڻيءَ سان ڪئي؟“
آغا: ”ها. اهڙي عمر به هئي!“
نوراني: ”پوءِ ناول ۽ افسانو وغيره ڪيئن شروع
ٿيو؟“
آغا: ”اتي هاسٽل جي ڀرسان تنوير رهندو هو. مونسان
نه، پر اتي هڪ کٽل کاتي جي آفيس آهي، اتي سندس
والد مئنيجر هوندو هو. ان سان دوستي ٿي. پوءِ سراج
ميمڻ سان دوستي ٿي. پوءِ وڌيڪ ڪتاب پڙهڻ شروع
ڪياسين. مون ننڍ پڻ جون ڪهاڻيون.... ظاهر آ ته
ماڻهو ڦاڙي به ٿو ڇڏي. تڏهن نه هوندا هيا ڪي رسالا
سنڌيءَ ۾، نه ڪو اديب هيا، نه ڪو شاعر. ڇاڪاڻ جو
اهو هڪڙو وڏو
Gap
(خال) پيدا ٿي ويو... هندوستان هليا ويا سڀ....
اقبال جتوئي: ”آغا توسان گڏ جيڪي پڙهندا هئا، انهن
۾ ڪي اهڙا به هئا جيڪي بعد ۾
Out standing
(نمايان) ٿيا، لٽريچر وغيره ۾ ؟“
آغا: ”نه نه. ها! تنوير مون کان هڪ سال سينئر هو.
آئون ڇهين درجي ۾، ۽ هو مئٽرڪ ۾ پڙهندو هو. اهو
ٿيو. ۽ اسان ٻنهي کان وري سينيئر هو سراج، اهو
ٿيو. اهو به ايندو هو هاسٽل ۾. ان سان ڪچهريون
ٿينديون هيون، ۽ اسان کي انهيءَ
Serous
(سنجيده) ادب پڙهڻ جو شوق ڏياريو. تنوير
active
(ڦڙٿ) ماڻهو هو. تنوير کي مون محسوس ڪيو ته هو
Every inch
(انچ انچ) جنهن کي شاعر چئجي، اهو هو
Temperamentaly
(مزاجن) ۽ ادب ۾ ڄڻ ڪو ماڻهو ننڍي لائي کان وٺي
Devoted
(ارپيل- فدا) هجي.“
جتوئي: ”جيئن نئون نئون ڪو شاعر ٿيندو آهي؟“
آغا: ”نه. ايئن نه. ان جي سڀاءَ ۾ شاعري هئي. هو
هڪ شاعر ٿي پيدا ٿيو هو. تنوير لاءِ منهنجي اها
Observation
هئي. ننڍي لائي کان هن جي دوستي مجروح ۽ اياز
قادريءَ سان هئي. انهن سڀني سان مان واقف ٿيس
تنوير جي
through
(معرفت). هالا ۾ مشاعرا ٿيندا هيا. مان والي بال
کيڏڻ ويندو هوس. اتي مئچون به کيڏڻ ويندا هئاسين.
اتي به تنوير سان آئون مشاعرن ۾ گڏ ويس. اتي حليم
جوش، اياز قادري ۽ مجروح ، انهن سان ملاقات ٿي
مجروح تڏهن اسان کي تمام وڏو شاعر لڳندو هو.“
اقبال: (مشڪندي) ”تڏهن!“
آغا: ”ها، اهي وڏا شاعر مون کي لڳندا هئا. پر مون
کي تنوير همٿايو.“
نبي بخش کوسو: ”شڪارپور واپس ويندي، ڇاڪاڻ جو
حيدرآباد جو چڱو خاصو ذڪر ٿي ويو. توهان ٻڌايو ته
توهان نيو ايرا اسڪول ۾ پڙهيا آهيو. ان ۾ اياز به
پڙهيو آ. نورالدين سرڪي به پڙهيو آ. کيئلداس فاني
به ان اسڪول ۾ ماستر هو. اياز هڪ ڪتاب ۾ ان جو ذڪر
ڪيو آ. ڀلا نيو ايرا اسڪول ۾ اهڙي ڪا شيءَ هئي،
جنهن توهان کي انسپائير ڪيو هجي، حالانڪ ننڍپڻ هو
توهان جو؟“
آغا: ”آئون ننڍو هوندو هوس. پر اتي جو ماحول عجيب
هو. ڪو ايجوڪيشن هوندي هئي! ۽ اسان کي ان زماني ۾
ڇوڪريون پڙهائينديون هيون. ڏاڍو هڪ
Enlightened
(سڌريل، روشن) اسڪول هو، اڄ جي ڀيٽ ۾ اهو اسڪول
مون کي
Enlightened
ٿو لڳي.“
کوسو: ”ڇاڪاڻ جو ان اسڪول جي اها وڏي ڪنٽريبيوشن
مون کي ذهن ۾ اچي ٿي. کيئلداس فاني اياز ۽ توهان
اهڙا نالا آهن جن وڏو نالو ڪڍيو.“
آغا: ”خير! مان ته اهڙو چڱو نالو نه ڪڍيو جو.....“
(آغا سميت سڀئي کلن ٿا)
نوراني: ”بنيادي طور تي توهان جو لاڙو ناول نگاري
ڏانهن آهي يا افسانه نگاري، ڊرامي يا وري شاعريءَ
ڏانهن؟“
آغا: ”نه سائين! مان توهان کي ٻڌايان ته جيئن ڪا
شيءَ پنهنجو
Form
(صورت، شڪل روپ) وٺي اچي ٿي ته تيئن ڪا
Theme
(مرڪزي خيال، موضوع) ڪنهن ليکڪ جي ذهن ۾ اچي ٿي ته
اها پنهنجو
Form
(روپ) وٺي ٿي اچي. مثال جي ڳالهه جيڪڏهن ڪا ٿيم
ڪهاڻي لکڻ لاءِ ٿي اچي ته اها ڪهاڻي بنجي ذهن ۾ ٿي
اچي. ۽ اهو رائيٽر ڪهاڻي ٿو لکي. وري ڪا وڏي ٿيم
ٿي اچي ته پاڻ سان گڏ ناول کڻي ٿي اچي ۽ ماڻهو
پوءِ ناول ٿو لکي. ڪڏهن واٽ ويندي ڪو مصرعو، ڪو
شعر اهڙو آ جنهن جو ناول ۾ اظهار ٿي سگهي ٿو. مان
شاعريءَ جو ذڪر ڪو نه ٿو ڪيان. ڪو ڪو شعر ڊرامي ۾،
جنهن ۾ ٿيم ئي اهڙي آ، جنهن ۾ ان جو ڪنواس وڏو آ،
ته ماڻهو ڊرامو ٿو لکي. سو ڪو
Concious effort
(شعوري ڪوشش) ليکڪ نٿو ڪري. آئون پنهنجي باري ۾ ٿو
ڳالهايان“
اقبال: ”Concious
effort
فارم جي لاءِ؟“
آغا: ”ها فارم لاءِ نٿو ڪري ته هن لاءِ مون کي ڪا
ڪهاڻي لکڻي آ. ڪو ناول لکڻو آ. ڪا ٿيم اچي ٿي، ڪو
خيال اچي ٿو ذهن ۾ ته ماڻهو بيچين ٿي لکي ٿو ته،
فارم پاڻ اچي ٿو. پوءِ اهو نٿو سوچي ته ٽيڪنڪ هن
جي ڪهڙي آ! ٽيڪنڪ وغيره نٿو سوچي. ماڻهو لکي ٿو
ڇڏي. مان پنهنجي تجربي جي ڳالهه ٿو ڪيان. هاڻ
شاعريءَ لاءِ توهان جيڪا ڳالهه مونکان پڇي ته
شاعري مونکي نه ايندي آ. اڄ به منهنجو عقيدو آ ته
شاعريءَ کان وڌيڪ فڪشن لکڻ ڏکيو آ. ان ۾ وڏي هڪڙي
Inner- Discpline
(اندروني ضابطي) جي ضرورت آ. وڏي هڪڙي
Characterisation
(ڪردار نگاري) وڏي
Study
(مطالعي) جي ضرورت آ. صبر جي ضرورت آ. ڪڏهن ڪڏهن
هڪڙو فڪشن رائيٽر نثر ۾ الائي ڪيتريون نظمون
Poetic Exphession
(شاعرانه اظهار) سان هڪڙي صفحي تي لکي ٿو ڇڏي.“
يوسف ميمڻ: ”اوهان پهرين ڪهاڻي لکي ادبي دنيا ۾
اچڻ جي لاءِ؟“
آغا: ”ها ڪهاڻي لکيم.“
يوسف: ”پوءِ ڊرامون؟“
آغا: ”ها ڊرامون.“
يوسف: ”۽ ڊراما توهان اسٽيج به ڪيا. اسان شاگرديءَ
واري زماني ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ هئاسين ته اوهان
هڪ ڊرامو اورينٽ هوٽل ۾ ڪيو هو. اهو ساڳيو جوش هو
۽ ڀريل آهي. ۽ هاڻ اوهان شاعري شروع ڪئي آهي. پر
شاعريءَ ۾ اوهان ايڏو مقبول ڪونه آهيو، جيترو
بحيثيت ڪهاڻيڪار يا ناول نگار يا ڊرامه نويس جي نه
اوهان جو ڪو مجمعو ڇپيو آهي. اوهان ۾ اوچتو شاعري
جو انقلاب ڪيئن اچي ويو؟“
آغا: ”سائين هڪڙي ڏينهن ڇا ٿيو، روبينه، شاه
سائينءَ جي هڪڙي ڪافي ڳائي آ:
تڙ نهاريان تي
منهنجا بندر وئڙا جي
مونکي ڏاڍي وڻي. منهنجي اسلام آباد بدلي ٿي ته اها
ريڊيو تان آئي. مون کي ايڏو وڻي ۽ ايڏي منهنجي
طبيعت اداس ٿي وئي جو مون يڪدم، شيخ اياز جيڪو
ترجمو ڪيو آ، اهو ڪڍيو ته اها مان ڪافي ڪڍان ۽ هتي
ريڊيو تان اها رڪارڊ ڪرايان. پر جيڏي مهل اهو
ترجمون مون پڙهيو ته مونکي مزو صفا نه آيو. سو
الائي ڪيئن منهنجي طبيعت، چاهيو جو مان سائينءَ جو
رسالو ڪڍيو ۽ ان ڪافي جون ماترائون ويهي ڳڻيون ته
ان ۾
Beats
(تالون) گهڻيون آهن، ۽ سائينءَ جي بيٽس تي مون
انهن جو ترجمو ڪيو. ترجمو هڪ شاعر کي ڏيکاريم ته
هن چيو ته هي وزن ۾ ٺيڪ آ. مون پوءِ سائين جي بيٽس
تي سائينءَ جو ترجمو ڪيو.“
يوسف: ”مطلب ته شاهه جي ڪلام کان اوهان شاعري شروع
ڪئي؟“
آغا: ”ها سائين. شاعري ڪرڻ جي چڱي ڳالهه آهي ته
پوءِ، پارس مان لوه سڪين ته سون ٿيان بس لطيف رڳو
ڇهي ته سڀ سون آ.“
نوراني: ”شاعريءَ جي ڳالهه نڪتي آهي ته پڇندا هلون
ته سنڌ جي ڪهڙن شاعرن کان اوهان متاثر آهيو؟“
آغا: ”سنڌيءَ ۾ سائين بس هڪڙوئي.... جيڏانهن ڪيان
نظر تيڏانهن سڄڻ سامهون. لطيف کان سواءِ ٻيو ڪير
آ. لطيف ئي لطيف آ چوڌاري. مون ان جو ترجمو ڪيو آ.
ان کي چڱيءَ طرح پڙهيو آ. لطيف کان سواءِ ته اونده
آ. باقي اياز پنهنجي دور جو هڪ شاعر آ. اياز تمام
وڏو شاعر آ. منهنجو سائين آ.“
نوراني: ”اياز جي ڪهڙي خاص شيءَ پسند آ اوهان کي؟“
آغا: ”اوهان مونکان منهنجي راءِ پڇي ته آئون هڪ
مزيدار واقعو اوهان کي ٻڌايان، آئون اڃان مئٽرڪ ۾
هوس ته اياز جو هڪ گيت ڇپيو هو نئين زندگيءَ ۾.
ايڏو مون کي اهو
Poetic
(شاعراڻو) گيت لڳو، جو اڄ تائين مون اهو بيوقوفيءَ
وارو ڪم نه ڪيو آهي جو شاعرن کي خط لکان، ننڍي
لائي کانوٺي. پر مون اياز کي خط لکيو. سکر ۾ ڪئينس
روڊ تي هن جي آفيس هوندي هئي. اها (52- 1953) جي
ڳالهه آهي ته مون هن کي خط لکيو. تنهن کان پوءِ هڪ
آل انڊو پاڪستان ادبي ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ اياز ۽
ٻيا ڪيترائي شاعر آيا. تڏهن مون هن کي خط لکيو ته
تنهنجي گيت ۾ مونکي ايڏي شاعري نظر آئي جو جيڪا
مونکي تمام گهٽ شاعرن ۾ نظر ايندي آهي.“
کوسو: ”سائين اهو گيت ياد اٿو؟“
آغا: نه! گيت ياد نه اٿم. اياز وري مونکي موٽ ۾ خط
لکيو ۽ مونکي دل ۾ ايڏي ڇڪ ٿي جو مون سوچيو ته مان
ڪيئن اهڙي ماڻهوءَ سان ملان جو ايڏو وڏو شاعر آ.
پوءِ منهنجو ڀاءُ هوندو هو ميرپور ماٿيلي ۾. مان
اوڏانهن ويس ان کان گاڏي ورتم ان کان پوءِ سکر آيو
آن ۽ وڏي بيتابيءَ سان اياز سان مليس. ايڏو وڏو
شاعر آ.
نوراني: ”تنوير عباسي ۽ امداد حسينيءَ جي باري ۾
ڇا خيال آ؟“
آغا: ”اهي سائين سڀ شاعر آهن. سڀ سٺا آهن. دوست
آهن. ڏسو نه، گلاب جيڪڏهن اسين گهر ۾ هڻون ٿا ته
ان جي به
Variety
(قسم) ٿا هڻون. اياز جي رنگ ۾ ٻيا شاعر پيدا ٿيندا
رهيا ته فائدو ڪهڙو! هرهڪ جو پنهنجو هڪ رنگ آ
پنهنجي هڪ اسٽائيل آ. هاڻي اڃان توهان کان ٻه منٽ
اڳ ۾ اقبال سان ڳالهه ڪيم ته امداد تمام وڏو شاعر
آ. پر هاڻي سوال آ ته هر گل جي پنهنجي پنهنجي
خوشبوءَ آ.
يوسف: تازو جڏهن اڪيڊمي آف ليٽرس وارن جو هتي
سيمينار ٿيو ته توهان شاه صاحب تي پنهنجو مقالو
پڙهيو، ۽ توهان سر سارنگ ۽ ٻين سرن مان ڪجهه ترجما
ٻڌايا ۽ اهي ترجما ايڏا پسند ڪيا ويا جو آخر ۾
قاسمي صاحب خاص وقت ڪڍي توهان جي ترجمي لاءِ آيو ۽
چيو ته، ”هيتري منهنجي عمر گذري آ ۽ مون لطيف کي
هيترو ٻڌو ۽ پڙهيو آهي ۽ ترجما ڏٺا ۽ پڙهيا آهن.،
پر جهڙو آغا صاحب ترجمون ڪيو آ، اهڙو هيستائين
ڪنهن ڪونه ڪيو آهي.“ اها ڳالهه اوهان جي لاءِ ڄڻ
سنڌ آهي. جڏهن اسان وٽ شيخ اياز جو منظوم ترجمو به
آهي، ڊاڪٽر سورلي جو انگريزيءَ ۾ ترجمو به آهي ۽
ان کان پوءِ هاڻ تازو مرحوم الانا صاحب جو ترجمو
به اسان ٽي ويءَ تي ڏٺو ۽ ٻڌو. ته توهان انهن
ترجمن ۽ پنهنجي ترجمي ۾ ڪيترو تفاوت محسوس ٿا ڪيو
۽ ٽيڪنڪ جي لحاظ کان ٻنهين ۾ ڪيتريون ڳالهيون ملن
ٿيون ۽ ڪيترين ۾ فرق آهي؟“
آغا: سائين! هاڻي سائينءَ جي ترجمي ڪرڻ کان اڳ
اتفاق چئجي جو مون ٿورو ڀڳتي تحريڪ جا شاعر پڙهيا.
اقبال جتوئيءَ کان ورتم ميران جو ڪلام، تنهن کان
پوءِ مون وٽ هڪ ڀڄنا پئي هئي ڪبير جي، ۽ انهيءَ
کان ٿورو اڳ مون بابا فريد گنج شڪر جو ڪلام پڙهيو،
جنهن جو مون ترجمو سنڌيءَ ۾ ڪيو آ ۽ اردوءَ ۾ به ۽
ٻيا مون مسلمان شاعر پڙهيا جيڪي صوفي آهن. مون
محسوس ڪيو ته ان جو به هڪ موڊ آ اسان جي
Sub- continent
(ننڍڙي کنڊ) يعني انڊين شاعريءَ جو هڪ موڊ آ. اسان
جي هڪ روايت آ. فارسي شاعريءَ جي ٻي روايت آ. اسان
جي روايت ۾ عورت مرد تي عاشق ٿي ٿئي ۽ اها ٿي
محبوب کي ڳوليندي وتي. انهيءَ ۾ وري تمثيلون آهن.
مثال طور: بوعلي قلندڙ پاني پتي جڏهن شاعري ڪئي آ
ته برهن ٿي ڪري يا عبدالرحيم خان خانان، جيڪو ايڏو
وڏو سپه سالار هو، تنهن به جيڏي مهل شاعري ڪئي آ
ته اها نهٺائي، نوڙت نياز ۽ برهن واري شاعري آ. سو
سائينءَ کي پهرين سمجهجي ته ان روايت جو شاعر آ.
انهيءَ روايت کي سمجهي پوءِ اردوءَ ۾
persianised
(فارسي زده) ٻوليءَ ۾ ان جو ترجمو ٿو ڪجي ته اها
ڪورٽ لنگيج آ. ان ڪري ان ٻوليءَ ۾ سائينءَ جي نوڙت
نياز ۽ نهٺائي جيڪا آهي شاعريءَ ۾،
Transform
(تبديل) ٿي نٿي سگهي. انهيءَ ڪري مون اهو سڄو
ڀڄناپتيءَ واري شاعريءَ جو مطالعو ڪيو ۽ ڪوشش ڪئي
ته ان جي ڊڪشن معلوم ٿئي ۽ ڊڪشن معلوم ڪرڻ کان
پوءِ مون سائينءَ جو ان ڊڪشن ۾ ترجمو ڪيو. تنهن
کان پوءِ مونکي ٿورو گهڻو موسيقيءَ سان لڳاءُ آ.
يعني تال ۽ لئي.“
يوسف: ”۽ اوهان کي ڄاڻ به آهي؟“
آغا: ”ها. بس ٿوري، ۽ ان ترجمي ۾ مون ان جو سهارو
ورتو آ. سائينءَ جو اورل امپئڪٽ ٻيو آ. سائينءَ کي
پڙهو ته ٻيو مزو ٿو اچي، جي وري ڪنهن کان ٻڌو ته
ٻيو مزو. مون جيڪي بيت پڙهيا سي ٻيڙي فقير کان ٻڌا
ته اثر ٻيو، پليجي کان ٻڌا ته اثر ئي ٻيو! هڪڙو
بيت جيڪڏهن ٻئي ماڻهوءَ جي واتئون ٿا ٻڌون ته ان
جو اثر ئي ٻيو آ. جيڏي مهل رسول بخش پليجو ٺٽي
واري لهجي ۾ ”چارڻ سين ”چئجن“ ٿو چوي ته ان جو
امپئڪٽ ئي ٻيو آ، اسين اترادي چونداسين چارڻ سين
چئجن. مون الانه صاحب کي جيڏي مهل ڪتاب ڏنو،
منهنجو سائين آ، ڏاڍو سٺو دوست آ، سو فون تي
پڇيومانس ته، ”سائين هيءُ منهنجا ترجما ڪيئن آهن؟“
ته چيائين ”ها، ها، مڙئي ٺيڪ آهن:“ مون چيومانس،
”سائين کلي ڳالهايو.“ چيائين ”ادا ٺيڪ نه آهن.“
انهيءَ ڏينهن وري جڏهن مون سائين الانه کي ترجما
پڙهي ٻڌايا، ته هٿ ملائي چيائين ”آغا ڏاڍا سٺا
ترجما ڪيا اٿئي.“ انهيءَ مان معلوم ٿيو ته سائينءَ
جو اورل امپئڪٽ وڌيڪ آ، شاعريءَ ۾ ڀي، ڳائڻ ۾ ڀي ۽
ڳائڻ ۽ ٻڌڻ جي شاعري آ.“
يوسف: ”لطيف جي شاعري توهان جي لحاظ کان آهي ئي
ڳائڻ واري؟“
آغا: ”ها، ماترائن جي انهيءَ ڇند ۾ لکي وئي آ. ۽
مون ڪوشش ڪئي ته وزن اهو رکان ۽ ڪنهن حد تائين
ڪافيا ساڳيا رکان ته ميوزڪ جون بيٽس ان تي پوريون
اچن. شايد اهو ئي سبب آ جو دوستن کي اهي ترجما
پسند پيا آهن.“
يوسف: ”ها سڀني کي پسند پيا.“
کوسو: آغا ٻه مزيدار سوال منهنجي ذهن ۾ اچن ٿا، جن
جو توهان جي ذات سان تعلق ڪونهي، پر مونکي اوهان
جو اوپينين (رايو) کپي ٿو. اسين پنهنجون
ڪانٽيمپوري (همعصر) قومون ڏسون ته اها شيءَ مونکي
هميشه
Disturb
(پريشان) ڪري ٿي. مثال طور پنجاب ۾ جتي هو
(پنجابي) وارث شاه کي ڳائين ٿا، اتي هو ويهين
صديءَ جي ٻن شاعرن اقبال ۽ فيض کي به اوترو ئي اون
ڪن ٿا. اسين انهن سان متفق هجون يا نه. اهڙي نموني
بنگال جو وڏو شاعر آهي ئي ويهين صديءَ جو، جيڪو
رايندرناٿ ٽئگور آ. ان کان پوءِ خود بلوچن ۾ رحم
علي مري ۽ گل خان نصير آهن. اهڙي نموني سان روس،
جنهن دنيا کي سڀ ڪجهه ڏنو، انهن جو انقلاب کان
پوءِ واري دور جو شاعر پشڪن آهي يا هاڻ وري مايا
ڪو وسڪي اٿن. انگريز اڪيلي قوم آهي، جيڪا شيڪسپيئر
۾ ڦاسي پئي آهي.“
آغا: (ڳالهه ڪٽيندي) ”ايليٽ آ، جنهن کي هو مڃن ٿا،
ڊڪ....“
کوسو: ”نه انهن کي آمريڪي سوسائٽي مڃي ٿي، انگريز
اتي ئي ڦاسي پيا آهن. ان کان پوءِ فرينچ ۽ ٻين
قومن جا انقلاب کانپوءِ جا شاعر موجود آهن، اسين
سوشالاجيڪلي (معاشرتي طرح) ڪٿي ڦاسي ته نه پيا
آهيون جو شاه لطيف تي رڪجي ويا آهيون! ڇاڪاڻ جو هر
شاعر
In Tune with time
(وقت سان هم آهنگ) ٿئي ٿو؟“
آغا: ”اهو ڏاڍو سٺو سوال آهي. مون پنهنجي ليکي ان
تي ڏاڍو سوچيو آ آخر ائين ڇو آ!“
اقبال جتوئي: ”منهنجي خيال ۾ اسين سنڌي
ايڊوانسمينٽ ۽ تاريخ جي ان اسٽيج تي بيٺا آهيون
جتي اسين شاه ۾ ڦاٿل آهيون، جڏهن ته انگريزن
آمريڪين پنهنجي همعصر يا ويهين صديءَ جي شاعرن کي
ورتو ته انهن جي تواريخي ۽ اقتصادي ڊيولپمينٽ ايڏي
Rapid
(تڪڙي) ٿي جو انهن کي اهي شاعر قابل قبول هئا؟“
آغا: ”سائين ڳالهه اها آ ته اڪيڊمي آف ليٽرس ۾ مون
جيڪو مضمون پڙهيو، ان ۾ مون ڳالهه ئي ان تان شروع
ڪئي آ ته ڪوبه شاعر پنهنجي دور جي تقاضائن، ۽
ضرورتن تي پورو نٿو لهي، اهو آئوٽ ڊيٽيڊ (مدي
خارج) ٿي ٿو وڃي، پوءِ اهو رڳو لئبريرين ۾ دفن ٿي
وڃي ٿو. ۽ پوءِ ڪو ريسرچ اسڪالر پنهنجي تحقيقي
ڪئريئر جي لاءِ ان تي مضمون ٿو لکي، ته ڀئي فلاڻو
به ڪوشاعر هو. جيڪي اڄ جون ضرورتون آهن، جيڪڏهن
شاعر انٽرپريٽ ٿي انهن کي پورو ٿو ڪري ته اهو اڄ
جو شاعر آ. پنهنجي دور وارو شاعر جيڪو حوالو نٿو
بنجي، اهو مري ٿو وڃي. مون اها ڳالهه محسوس ڪئي آ
ته لطيف ئي اهو شاعر آ، جيڪو اڄ جي عذاب جو ته
شاعر آ. ۽ انهيءَ ڪري جيئرو آ. اسين ڦاٿل نه
آهيون. مثال طور مونکي ڪنهن به ماڊرن دور جو شاعر
نه مليو آ جنهن چيو هجي ته:
بندر جان پئي، ته سکاڻيا م سمهو ڪپر ٿو ڪن ڪري،
جيئن ماٽيءَ منجهه مهي ايڏو سور سهي ننڊ نه ڪجي
ناکئا.
ته موجوده سچوئيشن تي، موجوده صورتحال تي ايڏي
ڀرپور ۽ مڪمل انداز سان ٻيو ڪو شعر مان نه پڙهيو
آ، جيڪا اوهان جي دور جي جذباتي رڌم (وزن، بحر) آ،
ان سان شاعر جي شاعرانه رڌم
Synchronise
(ساڳي وقت ٿيڻ) ٿئي ٿي ته شاعر زنده آ.“
کوسو: ”آئون ان بحث کي اڃان ٿورو اڳتي وڌائيندس
ڇاڪاڻ جو اهو مسئلو
Sortout
(ڇنڊڇاڻ) ڪرڻ جهڙو آ. شاعر پنهنجي دور جي
Pulsating feelings
(ڌڙڪندڙ جذبات) جو شاعر آ ۽ اهو به معيار ڪونهي.
مثال طور هومر حضرت عيسيٰ کان به اڳ جو شاعر آ ان
جو ريليوينس آ، پر يوناني اتي ئي ڪونه بيٺا آهن.
جيئن اوهان کي اها سٽ ملي، اهڙي هڪ سٽ مخدوم نوح
جي به آهي. ان جي نه رليونس آهي.“
آغا: ”ها آهي. اها جيئري ٿي رهي.“
کوسو: ”پر آئون ائين نٿو چوان اسين جڏهن چئون ٿا
ته بابا بس دنگ هن تي آ، اتي مان ڀايان ٿو ته
سوشالاجيڪلي اسان جي واڌ ڪٿي رڪجي وئي آ.“
آغا: ”اها به شين کي ڏسڻ جي هڪ اينگل آ. پر مان
ڇاڪاڻ ته شاعر، اديب يا لٽريچر جو ماڻهو آهيان، ان
ڪري پنهنجي اينگل سان اهو ڏسان پيو. مان ڀانيان ٿو
ته جن به شاعرن جا حوالا اوهان ڏنا، انهن کان لطيف
وڏو شاعر آ. ۽ الائي ڇا آهي جو مون ان مضمون ۾
پڙهيو ته شاه اڄ جي دور جو به شاعر آ.“
کوسو: ”اهو ته توهان جو رايو ٿيو نه ته هيءُ ايرا
شاه جو آ. اهو هر سنڌيءَ جو خيال هوندو. ممڪن آهي
منهنجو به هجي! ڇاڪاڻ جو اسين سڀ
Biased
(طرف دار، جهڪيل) شاه ڏانهن آهيون. پر جنهن
ماڻهوءَ جي سوشالا جيڪل اوسر ٿي آ ان کي ڇڏجي ته
اهو فيصلو ڪري ته شاه اڄ جي دور جو شاعر آيا نه؟
اسان سڀ هڪڙي هنڌ بيهي رهيا آهيون.“
آغا: ”توهان مون کي ڇا ٿا سمجهو، ته مان لطيف جي
يا ڪلهوڙن جي دور جو ماڻهو ته نه آهيان نه؟“
کوسو: ”آهيو. اسين سڀئي ڪلهوڙن جي دور جا ماڻهو
آهيون.“
آغا: ”نه آئون ڪلهوڙن جي دور جو ماڻهو ناهيان.
منهنجو ايڪسپوير گهڻو آ. شاه جو به ايڏو ايڪسپوير
نه هوندو جيترو منهنجو آ. مون تي ٻاهر جا انفلوئنس
آهن ٻاهر جون
Comparisons
(ڀيٽون) آهن. پسند ۽ ناپسند آ. گهڻيون شيون آهن
انهيءَ کان پوءِ به مان توهان کي ٻڌايان ته مان
ڪلهوڙن جي دور کان به اڄ شاه کي وڌيڪ پسند ٿو
ڪيان. ۽ لطيف جي تشريح ڪيان ٿو جديد دور جي درد
تي.“
کوسو: ”اسين ڪٿي نه ڪٿي ڦاٿل آهيون. مثال طور
منهنجي حساب سان ڄام نوريءَ سان ڪو به چڱو ڪم نه
ڪيو
Exaetly What Shahjahan did with Mumiaz.
(بلڪل اهڙي طرح جيئن شاه جهان ممتاز سان ڪيو.) ان
تي چئي ويو:
اڪ شهنشاه تي بنا ڪي حسين تاج محل
هم غريبون ڪي محبت ڪا اڙايا هئي مذاق
پر ڪينجهر هن وقت به اسان جي ايڪسپريشن آ. معنيٰ
ته اسين ڪٿي نه ڪٿي ڦاٿل آهيون.“
آغا: ”جنهن ڪانٽيڪسٽ (نسبت) ۾ لطيف نوري ڄام تحاچي
لکي آ، اهو ٻيو ڪانٽريڪسٽ آ. جيڏي مهل آئون ان کي
پسند ٿو ڪيان اهو ٻيو ڪانٽريڪسٽ آ. اها شاه جي
عظمت آ، جو اڄ جي دور جو حوالو ٿو ٿئي. ورنه شاه
سائين پنهنجي دور جي
Mysticism
(تصوف) جي حوالي مان ڳالهه ڪئي آ،“
جتوئي: ”انٽرويو ته آغا جو آ، پر آئون رڳو ڳالهه
ڪندس ته فرق اهو آهي ته نوري ڄام تماچيءَ جي قصي ۾
ڄام پاڻ کي
De-class
(پنهنجي طبقي کان هيٺ) ٿو ٿئي جڏهن ته شاه جهان
پنهنجي ڪلاس مان ئي بيٺو آ.“
آغا: ”اها ڀي وري تشريح آ. معنيٰ شاه ۾ ايتري
وائٽيلٽي (قوت) آ جو هن دور ۾ به پنهنجي شاعريءَ
سان هن کي مطمئن ڪري ٿو.“
جتوئي: (ڪلام جو سلسلو جاري رکندي) ٻي ڳالهه ته
ڄام نوريءَ کي جڏهن پنهنجو ڪيو آ ته هن محصول ۽
ڍلون مهاڻن تان معاف ڪيون آهن. ”ڄام کنيو ڄارو
مرڪي ملاحن جو“ پاڻ مڇي ٿو ماري، ڄارو ٿو کڻي.
تنهن ڪري منهنجي خيال ۾ شاهجهان ۽ ڄام ۾ ڪو رليونس
ڪونهي.“
آغا. ”مون اها ئي ڳالهه پي ڪئي ته شاعر جيستائين
پنهنجي دور جو ريفرنس نٿو ٿئي تيستائين، ٻئي دور ۾
جيئرو نٿو رهي. معنيٰ (جتوئيءَ ڏانهن نهاريندي)
تنهنجو دور هن جي شاعريءَ ۾ انٽرپريٽ ٿي سگهي ٿو.
اها شاه ۾ اهليت آ. انهيءَ ڪري جيئرو آ.“
نوراني: ”کوسي صاحب جي پوائنٽ اها ته نه آهي ته
شاه صاحب هاڻ ايترو رليونٽ نه رهيو آ؟
آغا، جتوئي ۽ کوسو (گڏجي) ”نه نه نه نه اهو مطلب
نه آهي.“
جتوئي: ”کوسي جو مطلب هيءُ آهي ته ڪٿي اسين
سوشالاجيڪلي ڦاسي ته نه پيا آهيون؟“. جڏهن ته
مغربي توڙي هندستاني ڪلاسيڪل جيڪي شاعر آهن ته
انهن کان پوءِ ويهين صديءَ ۾ جيڪو شاعر پيدا ٿيو
آ، اهو به عوام ۾ مقبول ٿيل آ، جڏهن ته اسان وٽ
جيڪي شاعر آهن (کوسي ڏانهن نهاريندي) تنهنجو اهوئي
مطلب آهي نه ته انهن جون پاڙون پختيون نه ٿي
سگهيون آهن؟
معنيٰ ته ان جو هڪ اهو به سبب آهي ته انهن جي اوسر
اسان کان ٿورو اڳتي آهي؟“
کوسو: ”ها بلڪل.“
جتوئي: ”ان ڪري شاه صاحب جا جيڪي ڏک آهن سي اسان
سان واسطو ٿا رکن.“
آغا: ”پر جيڪي ان دور مان نڪري ويا آهن. اڄ به جي
الانا جهڙو ماڻهو به لطيف کي ائين ٿو پڙهي.
بودليئر کي پڙهڻ وارا به شاه اڳيان ائين ٿا سر
جهڪائين، جيئن تون ۽ مان ٿا جهڪايون.“
نوراني: ”ايئن ته ڪونهي ته اڄ ڪلهه شاه جي غلط
تشريح ڪئي پئي وڃي؟
کوسو: ”نه نه هن جي ڳالهه ٻي اٿو. هن بحث کان الڳ
اٿو.“ |