سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:38

پر هن ئي شهر حيدرآباد جي ريڊيو اسٽيشن ۾ هو سال 1963 ۾ پروڊيوسر ٿي اچي ڪم ڪرڻ لڳو. هن ئي شهر ۾ آغا صاحب پنهنجي زندگيءَ جا ڪيترا سال ويهي گذاريا. هن ئي شهر ۾ هن سنڌي ٻوليءَ جو هڪ هڪ شاندار ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ لکيو. هتان ئي هو پهريون ڀيرو پرڏيهي دوري تي روانو ٿيو . تڏهن کيس سرڪار ٽريننگ لاءِ آسٽريليا موڪليو هو. آسٽريليا مان اچي آغا صاحب سنڌي ادب کي هڪ ڏاڍي دل کي موهيندڙ لازوال ڪهاڻي ”پل پکيئڙا لکي ڏني“. اها ڪهاڻي، سهڻي رسالي ۾ شايع ٿي هئي. قاضي خادم ٻڌائي ٿو ته جڏهن آغا سليم آسٽريليا جي دوري کان واپس حيدرآباد آيو، ته امداد حسينيءَ پنهنجي الهندي ڪچي واري جاءِ تي آغا سليم جي دعوت ڪئي. اها جاءِ گول بلڊنگ وٽ هوندي هئي. ان دعوت ۾ محمد ابراهيم جويو، محمد عثمان ڏيپلائي، مراد علي مرزا، حميد سنڌي، مقبول ڀٽي، نياز همايوني، قاصي خادم شريڪ ٿيا.

گڏجاڻيءَ ۾ آغا سليم ٻڌايو ته ”آسٽريليا ۾ سنڌ مان ويل سنڌي هندو به وڏي تعداد ۾ موجود آهن، پر هو اڃا به سنڌي مسلمانن کي ڄٽ ڪري سڏيندا آهن. هنن مون کان به پڇيو ته سنڌ ۾ هاڻ ڄٽن جو ڪهڙو حال آهي؟ ”سندن ان ڳالهه تي هڪ بزرگ اديب سخت ڪاوڙ جي پيو. ته ايئن ٿي نٿو سگهي. پر آغا سليم کلندي چيو هو، ”توهين کڻي ڇا به چئو، پر هو اڃا سڏين اسان کي ڄٽ ٿا.“

*

شيڪسپيئر چيو آهي:

Care deweels in every old man eye,

Where care deweels there sleep cantnal lie!

 (پوڙهن ماڻهن جي اکين ۾ فڪر رهندو جتي فڪر رهندو آهي اتي ننڊ نه اچي سگهندي آهي!)

هي شعر مونکي دوست قاضي خادم ٻڌايو. ان مهل مون آغا صاحب تي مضمون ويٺي لکيو. آئون مضمون اڌ ۾ ڇڏي، مان قاضي خادم سان ڪچهري ڪرڻ لڳس. هن ڪچهريءَ ۾ ٻڌايو ته آغا سليم سان مراد علي مرزا ۽ منهنجي تمام گهڻي دوستي رهي آهي. تڏهن هو ريڊيو اسٽيشن حيدرآباد ۾ پروگرام مئنيجر هو. ۽ الهداد چنڊ ڳوٺ جي ويجهو ريلوي اسٽيشن ڏانهن ويندڙ روڊ تي شيزان هوٽل ۾ رهندو هو. اتي ”ادارهءِ آواز ادب“ جي سرواڻ رسول بخش خمار، صحافي مقبول صديقي، امداد حسيني، سوز ٽکڙائي، سان گڏ ڏاڍيون ڪچهريون ٿينديون هيون. پوءِ آغا صاحب آسٽريليا ٽريننگ تي هليو ويو. اتان موٽي آيو ته به ساڻس ڏاڍي رهاڻ ٿيندي هئي. شام جو گهڻو ڪري ايڊون بار ۾ ويندا هئاسين. تڏهن 6 رپين ۾ بيئر جي وڏي بوتل سورنهن رپين ۾ وهسڪي جي پنٽ ۽ اٺن رپين ۾ آڌيو مليو هوندو هو. پوءِ جڏهن آغا صاحب ملتان ريڊيو اسٽيشن جو ڊائريڪٽر ٿيو، ته مراد علي مرزا سان گڏجي هن سان ڪچهري ڪرڻ لاءِ ملتان ويا هئاسين. اتي آغا صاحب اسان کي پنهنجي هوٽل ۾ رهايو هو. سڄي سڄي رات رهاڻ ٿيندي هئي، ۽ وقت گذرڻ جي خبر ئي نه پوندي هئي...

*

۽ ان ڳالهه کي به چاليهارو ورهين کان مٿي ٿي ويو آهي. هندستان مان، گورڌن محبوباڻي جو ڪهاڻين جو ڪتاب ”پيلو چنڊ لال داغ“ ڇپيو. اهو ڪتاب، هري همٿاڻيءَ ڇپرايو هو ۽ ڪتاب تبصري لاءِ سهڻي کي موڪليو هئائين. طارق اشرف تبصري لاءِ آغا سليم کي ڏنو. آغا صاحب جو ڇپيل تبصرو مون کي نه وڻيو هو. ڪتاب ۾ هڪ ڪهاڻي ۾ گورڌن هڪ ڪردار جي واتان اهو چورايو، ته هڪ ڏينهن هي سمورا وار به اڇا ٿي ويندا ۽ فرق ختم ٿي ويندو. آغا صاحب ان تي گورڌن محبوباڻي تي تنقيد ڪندي لکيو ته ائين ڪونه ٿيندو، فرق واضح رهندو ۽ اها لڪير ڪڏهن به ختم نه ٿيندي.

اشارو پاڪستان ۽ هندستان ڏانهن هو. آئون به ان وقت جذباتي پڙهندڙ هوندو هوس. طارق صاحب وٽ مون سخت تنقيد ڪئي، ته آغا صاحب کي ائين نه لکڻ کپندو هو. شام جو حسب معمول سهڻي پريس تي آغا صاحب آيو. طارق اشرف ٺهه پهه کيس ٻڌائي ڇڏيو، ته مدد کي تنهنجو تبصرو نه وڻيو آهي. آغا سليم مون کي تعجب مان ڏسندي چيو،“ ڇو من توکي وري ڇا ٿيو؟ مون جيئن سمجهو، ائين لکيو، ان ۾ غلط ڪهڙي ڳالهه آهي.“ ۽ آئون آغا صاحب کي شرم وچان ڪو به جواب نه ڏئي سگهيو هوس.

*

آغا صاحب، جاڳو جو ايڊيٽر ٿيو، ته چين جي دوري تي به ٻه ڀيرا وڃڻ ٿيس. واپسي اچي سفر جا حوال لکيائين. پاڻ نثرجو ته اڳي ئي بادشاهه آهي. پر سندس لکيل سفر احوال ڏاڍا دلڪش ۽ دلپسند آهن، چين، عبدالقادر جوڻيجو به ويو هو. غلام رباني آگرو به ٻه چار ڀيرا چين گهمي آيو. ڪيترا ورهيه اڳ پير علي محمد راشدي مرحوم به چين جو 1962ع کان 1963ع تائين پاڪستان جو سفير ٿي رهيو. راشدي صاحب اٽڪل 10 مهينا چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ رهيو. راشدي صاحب جو ئي پاڪستان ۽ چين جي دوستي ڪرائڻ ۾ مکيه ڪردار هو. پر رباني صاحب چوندو هو، ”راشدي مرحوم بيجنگ ۾ رڳو ڏهه مهينا رهيو. تڏهن ڪامريڊ مائوزي تنگ ۽ چو اين لائي به حيات هئا. پاڻ اڪثر بيجنگ کي پيڪنگ ڪري سڏيندو هو. پر راشدي صاحب بيجنگ ۾ فقط قحبه خاني ۽ ويشائن بابت پڇائون پيو ڪندو هو.“ آغا صاحب جا هي ٻئي سفرناما چين بابت ”حق موجود“ ۽ سبحاني مان اعظم شاني اڻ وسرندڙ سفر جا احوال آهن.

آغا صاحب جا سفرناما پڙهي مون کي به بيجنگ ۾ پنهنجي رهڻ جا ڏهه ڏينهن ياد اچي ويا. اها ڳالهه 1985ع جي آهي. آئون بيجنگ جي هوٽل شنگريلا ۾ ترسيل هوس. هڪ رات ننڊ نه آئي هئي. سڄي رات جاڳندي لنگهي ويئي هئي. پر پوءِ جيئن باک ڦٽڻ لڳي ته آئون روم جي گيلري ۾ وڃي بيٺو هوس. ٻاهر بيجنگ تي رات دم ٽوڙي رهي هئي. سامهون جيئن باک ڦٽڻ لڳي. تيئن ڪونجن جا ڪڙڪاٽ ۽ مگهن جا ڪڻڪات شروع ٿيا. ڪونجن جا ولر ڏسي مون کي سنڌ جو آسمان ياد اچي ويو هو... ۽ پوءِ سوجهري ٿيڻ تائين آئون اتي ئي بيٺو هوس.

*

آغا صاحب جو هي پهريون سفرنامو آهي ته مختصر. پر اهو دلچسپ آهي، ان ۾ هو چين جي هڪ مشهور فلسفي ۽ تصوف جي ڄاڻو بانگ جو ذڪر ڪندي ڪندي لکي ٿو ته بانگ جو چيو هو:

”دنيا جي هر شيءِ کان نفرت ڪجي، پر زندگيءَ جو قدر ڪجي. اسان جي زندگي اسان جي ملڪيت آهي. جنهن مان اسان کي بيشمار فائدا آهن دنيا فائدي وارين شين جي افاديت کان، واقف آهي،پر بي فائدي وارين شين جي افاديت کان اڻڄاڻ آهي. جڏهن ته بيڪار ۽ بي فائدي هجڻ جو فن سکڻ تي زندگي جي بقا جو دارو مدار آهي.“

آغا صاحب ان کان سواءِ چين جي مشهور فلاسفر ڪنفيوشس جو ذڪر ڪري ٿو جنهن تي رُهبانيت اختيار ڪندڙ کليا هئا، جو هن زندگيءَ جي جدوجهد ۾ ڀرپور حصو وٺڻ جي تعليم کي ڏنو آهي.

آغا سليم ان کان سواءِ لا نوزي نالي هڪڙي چيني وحدت الوجودي صوفي کان، پڙهندڙن کي واقعف ڪندي لکي ٿو ته لانوزي جو چوڻ هو:

دنيا بيشڪ، جيتوڻيڪ هڪ مڪمل ۽ مسلسل تغير جو نالو آهي. پر ان تغير جو بنياد ڪن نه بدلجندڙ قانونن تي آهي. انڪري دنياوي زندگيءَ کي ڪامياب بنائڻ لاءِ انهن قانونن جي واقفيت تمام ضروري آهي... آسمان ۽ زمين جي وجود ۾ اچڻ کان اڳ هڪ وجود هو. جيڪو مادي صورت کان سواءِ قائم هو. هن جو ڪو آواز نه هو، فنا نه ٿي سگهڻ وارو ۽ جيڪو پنهنجي وجود لاءِ ڪنهن تي ڀاڙڻ وارو نه هو.! هو هر هنڌ جاري ۽ ساري آهي. هن کي ڪائنات جي هر شيءِ جو سرچشمو چئي سگهجي ٿو. اسان هن جي نالي کان اڻڄاڻ آهيون!“

*

هن سڄي سفرنامي ۾ سندس حسناڪي جو هي جملو ڪيڏو نه دل کي ڇهندڙ آهي:

”صبح بخير... پرهه جي پکيءَ جو پهرئين لات جهڙو آواز منهنجي ڪنن ۾ اوتجي وڃي ٿو. مان ڊائريءَ تان نظرون هٽائي سامهون نهاريان ٿو. ۽ ائين محسوس ٿيئم، ڄڻ سالن جي تهن هيٺان پوريل منهنجو ماضي اوچتو جيئرو ٿي پيو آهي. ساڳيو ڊگهو قد ماسيرو بُت، ڊگهي ڳچي جنهن تي مڙهيل چنڊ جهڙيون وڏيون اکيون.مان انهن اکين ۾ لهي ٿو وڃان. ۽ ماضيءَ جي رت ۾ يادگيرين جون وڄون چمڪڻ ٿيون لڳن!“

*

سندس ٻيو مختصر چين جو سفرنامو ”سبحاني ما اعظم شاني“. سندس لکڻيءَ جو شاندار نمونو آهي. هو چين جي هڪ شاعر يوڪائي جي، ديوار چين بابت نظم کي ڪوٽ ڪري ٿو. جيڪو هڪ طويل نظم آهي. پر ان خوبصورت نظم جا ٽڪرا دل ۾ ٿا لهي وڃن.

اي ديوار چين، اي عظيم ديوار،

پهاڙن جي لڪن تي چمڪندڙ چنڊ ڏورانهون نه آهي.

چنڊ روشن ۽ شفاف آهي. فتح نه ٿي سگهڻ وارن بلند پهاڙن تي چمڪي پيو.

مان چمڪندڙ چنڊ کان پڇان ٿو:

ڇا تو کي اهي ماڻهو ياد آهن، جن ٻه هزار سال اڳ هن ديوار جو بنياد وڌو؟

مان هنن سر بلنڊ پهاڙن جي لڪن کان پڇان ٿو:

ڇا اوهان اسان جي ڪيترن نسلن جا مردانگي وارا غمگين ۽ ڏکويل گيت ٻڌو ٿا؟

.......

هي هڪ طويل نظم آهي. پر آغا صاحب ان جو ڏاڍو سهڻو ترجمو ڪيو آهي. جنهن کي پڙهندي گريٽ وال آف دي پيپل اکين آڏو ٿي اچي بيهي. ڄڻ ماڻهو، ان عظيم ديوار جي پاڇي ۾ بيٺو ماضيءَ جي چارڻن کي رڍون چاريندي ۽ بانسريون وڄائيندي پيو ڏسي ۽ ان ديوار جي مٿان چنڊ کي چمڪندو به ڏسي، جيڪو تاريخ جي هر دور ۾ ساڳيو آهي. جنهن تي وقت ۽ ان جا واءَ واچوڙا ڪوبه اثر نه وجهي سگهيا آهن ۽ اها غمناڪ ۽ بهادري واري ديوار جنهن جو ڪنڌ سدائين غنيم حملي آورن سان مقابلو ڪندي پنهنجو ڪنڌ سدائين اوچو پئي رکيو آهي.

آغا صاحب هن سفرنامي ۾ چيني قوم جو ڪيڏو نه سچو ۽ کرو تجزيو ڪري ٿو:

”چين هڪ ئي وقت پنهنجي حال ماضي ۽ مستقبل ۾ جيئي ٿو. سندس حال ۾ جيئڻ جو مثال هي آهي. ته هو وجود جي پوري سچائيءَ سان پورهيو ٿو ڪري. ان سان سندس ۽ سندس نسل جو مستقبل تعمير ٿو ٿئي. جنهن کي هو روحاني تهذيب ٿو چئي. هو پنهنجي تاريخ جي ماڳن کنڊرن ۽ آثار قديم جي سياحت لاءِ ايئن ٿو وڃي، جيئن اسان وٽ عقيدت مند درگاهن جي زيارت لاءِ ويندا آهن. اسان وٽ ته مُهن جي دڙي جهڙي ثقافتي درگاهه جي زيارت تي، ڪو ورلي ئي وڃي ٿو!“

*

اڄ ڪلهه آغا صاحب شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي گنج شريف جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪري رهيو آهي . سندس لکيل ڪتاب ”لات جا لطيف جي“ شاهه سائين جي فن ۽ فڪر بابت هڪ املهه ڪتاب آهي. شاهه سائين جي فڪر بابت هي پهريون ڪتاب آهي، جنهن ۾ ليکڪ ڏاڍي سچي، کري، ۽ نئين رخ واري ڇنڊ ڇاڻ ڪئي آهي. اڳي اسان به ڪٿي اهو نه پڙهيو ته شاهه سائين جي شاعريءَ جا ٽي وسيلا آهن، غم، حُسن ۽ موسيقي. آغا صاحب چواڻيءَ ”شاهه پنهنجي شاعريءَ ۾ نه رڳو محي الدين ابن العربيءَ جي وحدت الوجود جي نظريي جي تشريح ڪئي آهي. پر هو پاڻ ان نظريي جو وڏو تخليقي مفڪر به آهي، ۽ هن حقيقت جي عرفان جو... ٻين سڀني کان جدا طريقو پڻ ٻڌايو آهي. هن جو نظريو آهي ته، جڏهن ماڻهوءَ جو اندر اجرو ٿئي. اندر جي اجري شين کي انگريزيءَ ڪيٿارسس چوندا آهن، ۽ شاهه ان کي نجس جو نڪرڻ ٿو چئي!“

آغا صاحب پنهنجي هن ڪتاب جي شروعات ۾ ثابت ڪري ٿو، ته شاهه لطيف هڪ پڙهيل لکيل هڪ مفڪر شخص هو. ڇاڪاڻ ته هن پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيترا اهڙا اکر استعمال ڪيا آهن، جيڪي صوفياڻي فلسفي ۾ ڪنهن خاص معنيٰ ۽ مفهوم ۾ استعمال ٿيندا آهن.

هن ڪتاب جا ڪيترائي باب آهن. اهي دنيا جي فلسفي جو نچوڙ آهن. مثال طور شاهه جي غم جو فلسفو، ڄاڻ جو هڪ سمونڊ آهي. يونان جي قديم فلاسفر پارمينڊيس، فيثاغورث، افلاطون، زينوفينس، سقراط، ننڍي کنڊ جي فلاسفر بادريان، گوتم ٻڌ، يونان جي ارسطو آرسٽيپس، ايپي ڪيورس، اڻويهين صدي جي فلاسفر جان اسٽيوارٽ مل شوپنهار، تائين سمورن فلاسفرن جو فلسفي جو نچوڙ  اسان کي آغا صاحب ٻڌائي ٿو. هو شاهه سائين جي ڏک ۽ سور جي نظريي بابت ٻڌائي ٿو ته، دنيا ۾ ڏک جي پهرئين نظريي جا وڏي ۾ وڏا علمبردار گوتم ٻڌ ۽ جرمن فلاسفر شوپنهار هئا. جڏهن ته شاهه صاحب ان معاملي بابت هيئن بيان ڪري ٿو:

صدا وڌيم سورجي، اڳيان ڪوهياري

جو نجس نيکاري، سوپنهون وڌم پاند ۾.

آغا صاحب جي ڪتاب ”لات جا لطيف“ جي بابت جيڪڏهن تفصيل سان ويهي لکجي، ته هوند اهو پڻ هڪڙو ڪتاب بڻجي وڃي. مثال طور ”آئي مند ملهار“ باب ۾ ته آغا صاحب علم جو درياهه اٿلائي ڇڏيو آهي. آغا صاحب لکي ٿو:

”هونئن ته شاهه جي سموري شاعريءَ ۾ سندس ٻوليءَ جو استعمال تخليقي آهي پر سُر سارنگ ۾ شاهه اعليٰ شاعراڻيون ترڪيبون تخليق ڪيون آهن. حَسين جُهڙ جي جهونگار، بادل جا برج، سارنگ جون صراحيون، کنوڻن جا کٽڻهار. ڪڪرن جون ڪينهان، ٽارين جو ٽهڪڻ تا سيارو تَروڄ جو لال لباس، وغيره... ڪاليداس جو طويل نظم ميگهدوست بادل ۽ بارش جي موضوع تي دنيا جو طويل ترين نظم آهي. پر شاهه جو سُر سارنگ ان کان به طويل آهي... ڪاليداس جي نظم جو مرڪزي ڪردار يڪش پرڏيهه مان پنهنجي زال ڏي بادل وسيلي ٿو پيغام موڪلي، ان ڪري بادل کي دوست ٿو چئي. (ميگهه دوست) شاهه لطيف به بادل کي يار ٿو سڏي. پر شاهه جو بادل کي يار سڏڻ جو سبب اهو آهي، بادل ماڻهن تي مينهن ٿو وسائي ۽ سندن ڏنجهه ڏولاوا ڏور ٿو ڪري.

اڄ پڻ منهنجي يار، وسڻ جا ويس ڪيا!

*

۽ آغا صاحب هڪ شاعر به آهي. تصوف جو ڳوڙهو اڀياس ڪيل اٿس. راڳ مان واقف آهي. ۽ وڏي ڳالهه ته هڪ شاعر هن جي اندر ۾ ويٺل آهي. ڪنهن هنڌ انگريز جي هڪ مشهور شاعر لارڊ بائرن جي هن سٽ کي ڪوٽ ڪيو آهي:

Dark heaving boundless, endless, and sublime the image of etemity

يعني اونداهون، اڀرندڙ، لامحدود، بي انت، اعليٰ پُر جلال ابديت جو عڪس!

هڪ ٻئي شاعر شيلي جي هڪ نظم اولهه جي هوا Ode to west wind جو هي بند سندس ئي ڪيل ترجمي سان پڙهي ڏسو:

O lift me, as a wave, a cold a leaf,

O fall uon the thoms of life!

اي اولهه جي هوا، مون کي لهر بادل ۽ ڇڻيل پن وانگر کڻ، جو مان زندگيءَ جي ڪنڊن تي ڪريو آهيان، ۽ رت ٿو ڳاڙيان!

*

حياتي ڪڏهن ڪڏهن اونداهه جو گجگاه ڀاسندي آهي. ڪوئي اڻڄاتل ڊپ وڪوڙي ويندو آهي. خبر ناهي ڇو، جڏهن به پوئين تاريخن جو زرد چنڊ آڪاس ۾ ڏسبو آهي، ته اندر ۾ هڪ عجيب ماٺ ڇائجي ويندي آهي. اندر جي هر جوت پوءِ وسامي ويندي آهي. ڪابه روشني، جهرمر نه ڪندي آهي. من جون سموريون دنيائون ويران ٿي وينديون آهن. ۽ ماڻهوءَ جي مٿان چانڊوڪي رات ۾ به ڪائي اماوس جي رات لهي ايندي آهي. پوءِ قرة العين حيدر، شيخ اياز يا آغا سليم يا ڪافڪا جو ڪوئي ڪتاب پڙهڻ سان ته اکين ۾ سمورا وڃايل سپنا موٽي ايندا آهن. اکيون ته سپنا سدائين سنڀالي رکنديون آهن. ۽ رات جون پاڙون پاتال ۾ کتل هونديون آهن. ڪوئي ڪتاب جنهن جو مون مٿي ذڪر ڪيو،يا وري خود شاهه جو رسالو پڙهڻ سان دل جي ويراني ۾ ڪوئي ٿڌي هوا جو هير جهڙو جهوٽو لهڻ شروع ٿي ويندو آهي.

*

آغا سليم سچ پچ ته صحيح لکيو آهي ته:

”سنڌ ۾ ڪو سحر آهي. ڪو جادو آهي. ڪو طلسم آهي ۽ اسرار آهي. اهو ڇا آهي؟ ڇو آهي؟ ان لاءِ ڪجهه به نٿو چئي سگهان!“

سنڌ جو طلسم هزارين ورهين کان ٿو هلندو اچي. اهو سلسلو ڊگهو

آهي. ننڍي کنڊ جي مشهور بادشاهه، اشوڪا دي گريٽ کي امن جي راهه ڏيکاريندڙ ڀڪشو ”اپگپت“ جو تعلق، سنڌ سان هو. شيخ اياز چيو آهي:

تو کي ڪهڙي ڪل، جيءَ اچي نه جهل

مون کان سنڌ نه وسري!

اڪبر بادشاهه، جڏهن سنڌ فتح ڪرڻ لاءِ پنهنجي سالار ميرزا عبدالرحيم خان خانان کي سنڌ اماڻيو هو، ته هن ميرزا جاني بيگ سان ويڙهه ته وڙهي هئي، پر ٺٽي وٽان سنڌو درياه، ۽ پريان سنڌي سمنڊ ڏسي اچرج ۾ اچي ويو هو. پوءِ هن ٺٽي ۾ ويهي ڪيترا سنڌي راڳ ٻڌا هئا. چون ٿا ميرزا جاني بيگ پاڻ ڳائيندو هو، ۽ ڪڏهن موج ۾ اچي راڳ جي سحر ۾ کوئجي ناچ ڪندو هو. ڪهڙي خبر تاريخ ۾ ڇا ڇا نه پوريو پيو آهي ۽ تاريخ ڏاڍي عجيب آهي. ڇا تاريخ کان ماڻهو الڳ ٿي سگهي ٿو؟ ڇا تاريخ کان ڪوبه انسان پنهنجا پلئه آجا ڪرائي ٿو سگهي؟ تاريخ کان سواءِ ماڻهو ڪجهه به نه آهي. بلڪه انسان ان کان سواءِ هيڪلو ۽ ويڳاڻو آهي. شيخ اياز مون کي هڪ خط ۾ لکيو هو. ”شخصيتون تاريخ جا پير هونديون آهن.“

۽ تاريخ... اسان کي فڪشن ۾ قرة العين حيدر ۽ آغا سليم پڙهائي آهي. لفظن جي ذريعي سڀ ڪجهه ٻڌائڻ ڏاڍو ڏکيو هوندو آهي.

*

گلي ۾ طوق صليبون سجائي سينن ۾،

هر هڪ صليب تي مصلوب ها سچا خواب،

هنيائون سين ته آهي ڪو اهڙو ديوانو،

هلي جو دار ڏي، تن تي سجائي زخم گلاب

هوا ۾ آهي شهيدن جي خون جي خوشبو،

شهيد لاش جيان روشن ڏسو ته آ مهتاب

هلو ته دار تي لڙڪيل لاش ڏسون ڪي شهزادا،

جنين جي خون سان قائم آ بهارن جون شباب

صدائون ڏيندا رهيا ديس ۾ هر در در تي

کلي نه ڪائي دري ۽ نه وري ڪوئي دروازو

نه ڪنهن ڪوٺي تي چڙهي شهر ۾ ليئو پاتو،

نه ڪنهن پڙهيو، ۽ نه ڪنهن گل گلاب

شهر جي سانت ڏنو، تن جي صدائن جو جواب!

    (آغا سليم)

*

فرانز ڪافڪا چوي ٿو: ” هر اهو ماڻهو، جيڪو سونهن کي ڏسڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ڪڏهن پوڙهو نٿو ٿئي!“

*

اڄ ڀلي شڪارپور جي ڪائي گهٽي يا گذرگاهه هن جي نالي نه هجي. حيدرآباد جي ريڊيو پاڪستان جي آفيس جو اهو ڪمرو، جتي هو پروگرام مئنيجر يا اسٽيشن ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ويٺو. يا ريڊيو پاڪستان ملتان، ريڊيو پاڪستان راولپنڊي جي سيٽلائٽ ٽائون جي آفيس. يا گلگت جا چنار جا وڻ... ناگا پربت... گلگت درياءِ جو اڇو اجرو نيرو. اس ۾ جهرمر ڪندڙ پاڻي. جيڪو ڪڏهن هن جي من اندر جا نياپا کڻي هنزهه درياهه سان ملي وڃي سنڌو درياهه کي پهچائيندو هو ۽ اتان جون فضائون سنڌ جي هن مهان ليکڪ کي سندس ٽهڪن کي ياد رکيو ويٺيون آهن.

سنڌ جو هي مهان ليکڪ اڄ ڪلهه ڪراچي جي ڊفينس هائوسنگ سوسائٽي جي علائقي ۾ امام بارگاهه جي بنهه ڀر ۾ رهي ٿو. آئون اڪثر اتان لنگهندو آهيان. امام بارگاهه ۾ لڳل غازي عباس علمدار جي علم کي ڏسي، ساڄو هٿ ڇاتيءَ تي رکندو آهيان، ته نماڻا نيڻ آغا صاحب کي سلام ڪرڻ لڳندا آهن ۽ مون کي ياد ايندو آهي سندس هڪ شعر:

اڄ دل جي سراءِ ۾ ڪو قافلو لٿو آ.

ڪيڏا ڏيئا ٻرن ٿا، ڪيڏي آ روشنائي!

يا هي انگريزي شعر ياد ايندو اٿم:

Take my words among, unawakened mankind like,

Like sparks from an unextinguished hearth,

If winter comes, can spring behind,

 (ڪڏهن به نه اجهامندڙ ڪنهن کوري جي چڻنگن جيان منهنجا اکر ان جاڳيل انسان ذات تائين پهچاءِ.

جيڪڏهن اڄ سيارو آهي ته ڇا بهار ڪو پري آهي)

هو سنڌي ادب جو روشن مينار آهي. جيڪو سدائين پڙهندڙن جي اندر ۾ ڪائي جوت جا ڳائيندو رهندو!!

 بيدل مسرور بدوي

 

محبتن جو سفير: آغا سليم

                                          

”بدوي! تون پنهنجي استاد سان ته ملاءِ...“ ڪاپيءَ تي ڪجهه لکڻ کان هٿ روڪي چوڻ لڳو، ”بدوي مون ان جي ڏاڍي تعريف ٻڌي آ.“

گرمين جي موسم ۾ اسان جو استاد ارباب خان کوسو ٽن مهينن لاءِ جيڪب آباد کان ڪوئٽيا اچي رهندو هو.

هڪ ڏينهن استاد ارباب خان کي ساڻس ملائڻ لاءِ ريڊيو اسٽيشن ڪوئٽيا تي وٺي ويس، آغا صاحب ساڻس ملي ڏاڍو خوش ٿيو، ڪجهه راڳن جي باري ۾ پڇيائينس، پوءِ مون کي چيائين: ”بدوي تنهنجو استاد واقعي لائق شخص ۽ راڳ جو سٺو ڄاڻو آهي.“

انهن ڏينهن ۾ آغاصاحب، لطيف سائينءَ جي ڪلام جو اردو ترجمو پئي ڪيو ۽ ان جي موسيقيءَ واري پهلوءَ تي به کوجنا به پئي ڪئي، شايد ملتان ريڊيو تي ملازمت واري دور ۾ ڪجهه راڳن بابت معلومات گڏ به ڪئي هئائين.

......

ڪوئٽيا جون رڳو راتيون سرد نه هيون، ڏينهن به پنهنجي ٿڌين اکين سان نهاري ڏڪائي ڇڏيندو هو، بس هڪ سميع بلوچ هو، جنهن جو گهڻو اٿڻ ويهڻ آغا سليم صاحب سان هوندو هو ۽ شامون گهڻو ڪري آغا سليم صاحب جي صحبت ۾ سجائي، رات ڪري موٽندو هو، منهنجي بدلي ڪوئٽيا ٿي ته مون کي جيستائين رهڻ لاءِ گهر نه مليو هو تيستائين مان سميع بلوچ جي گهر تي سندس گهر ڀاتين وانگر رهندو هوس.

ائين مان به آغا سليم صاحب جي ستن مخصوص رتنن ۾ شامل ٿي ويس، سرديءَ کي سهڻ جي ميزباني گهڻو ڪري ادبي ذوق رکندڙ ارباب خانصاحب ڪندو هو، باقي رتنن ۾ ارباب خان جو ڊرائيور، سميع بلوچ، اطهر منگي، براهوي شاعر افضل مراد ۽ سندس دوست سعيد بلوچ پوءِ مان شامل هئاسي.

......

سردين جي احساس کي گهٽائڻ لاءِ ٿيل محفلن ۾ آغا صاحب جون علم ۽ عقل جون سوين ڳالهيون ٻڌيونسي، ڪاش ڪو ٽيپ رڪارڊر هجي ها، جو اهي سانڍي سگهجن ها! هڪ اڌ محفل رڪارڊ ٿي به هئي، پر ان ۾ پي ٽي وي جو معروف پروڊيوسر نصرت ٺاڪر شامل هو، جنهن ۾ ان ئي گهڻو پئي ڳالهايو ۽ ٿوري ٿوري ڳالهه تي ڪنهن نه ڪنهن اردو شاعر جو شعر ٿي ڦهڪايو.

پر اها خبر گهٽ ماڻهن کي آهي ته آغا صاحب ڳائيندو به سُر ۾ آهي، ظاهر آهي شڪارپور جهڙي سُريلي شهر جو آهي، مٿان وري ريڊيو جي آفيسريءَ سان به وڏي وابستگي رهي اٿس، ڪيترن فنڪارن ۽ فنڪارائن کي ٻڌي آڊيشن ۾ پاس ناپاس به ڪيو اٿس، ته اعتبار اچڻ گهرجي ته آغا صاحب يقينن سُر ۾ ئي ڳائيندو هوندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org