سيڪشن: شخصيات

ڪتاب: آغا سليم (شخصيت ۽ فن)

 

صفحو:36

 

آغا سان عقيدت

 

شيخ عبدالرزاق راز

آغا سليم

شايد 1954ع جو زمانو هو. بشير مورياڻي، هڪ صحتمند، مضبوط ۽ سهڻي نوجوان سان گڏ اچي منهنجي اوطاق تي پهتو. اجنبي نوجوان قد و قامت جو گهڻو ڊگهو، پر جسم ۾ ڀريل هو جنهنڪري ڊولائتو ٿي لڳو جيتوڻيڪ هو عمر جي لحاظ کان قد ۾ وڌيڪ لمبو ٿي نظر آيو. خدانخواسته جسم تي ڳر ۽ ماس نه هجيس ها ته هو حقي جي گوءِ وانگر ترل لڳي ها سکر پراڻي جا ڇوڪرا ۽ نوجوان کيس عجيب الخلقت سمجهي منهنجي اوطاق جو گهيراءُ ڪري ڇڏين ها. هو سچ پچ مناسب بدن جو مالڪ هو. سندس رنگ سرخي مائل اڇو هو. جيتوڻيڪ سندس اکيون هن جي موڪري منهن جي ڀيٽ ۾ ننڍيون ۽ سنهيون ٿي لڳيون تڏهن به سندس چهري جي تازگيءَ ۽ شگفتگي انهيءَ عيب کي لڪائي ڇڏيو هو. هن جو شمار سدا سهڻن ۾ ڪري سگهجي ٿو. جڏهن هٿ ڏيئي مليو ته سندس گلابي چپن تي هڪ وڻندڙ مرڪ هئي ۽ جڏهن بشير تعارف طور آغا سليم چيو ته مون وري ڏانهن نهاريو هن جي مرڪ کل ۾ بدلجي ويئي بالڪل بي تڪلفانه کل. جنهنڪري سندس ڳلن جو ماس مٿي چڙهي ويو ۽ انهيءَ چرپر ڪري سندس اکيون ٻوٽجڻ جي پوئينءَ ڊگري  تي وڃي پهتيون.

مان ڏڪي ويس. سندس ڳلن جي ڳاڙهاڻ به سندس هرهڪ ڳٽي جي وچ ۾ ڳاڙهو رت جو داغ بڻجي پيئي. سچ پچ ته مونکي اها کلندڙ صورت بنه ڪانه  وڻي ۽ چاهيم ته هي جوان کلڻ جي بدران رڳو مرڪندو رهي ته گهڻين سهڻين ۽ زليخائن جا هانوَ هٿن کان ڇڏائجي ويندا. هو سچ پچ وڻڻ جهڙي چيز هو. نئين جواني ۽ نئون رت تنهنڪري سندس سڀاءُ ۾ الهڙپائي محسوس ڪيم. هو شاگرد هو زماني جي گردش جي هوا کان بلڪل محفوظ ۽ بي نياز هو. هن جا بزرگ ڪابل قنڌار کان گهوڙن تي چڙهي سنڌ ۾ آيا هئا. جابلو ماڻهو هئا شڪارپور ۾ گهر ٺاهي  ويهي رهيا. سنڌ جو پاڻي پي سنڌي بڻجي ويا. آغا کي سنڌي ڪوٺائڻ تي فخر آهي. ريڊيو پاڪستان واري آغا خالد سان منهنجي پهرئين ملاقات اهڙي ئي ڊرامائي تاثر سان ٿي. انهيءَ زماني ۾ منهنجن افسانن جو مجموعو ”َڊاڪ ينگلو“ ۽ اياز جو ”پنهل کانپوءِ“ شايع ٿيا هئا. آغا سليم انهن افسانن جي فني نڪتن تي خيال آرائي ڪرڻ لڳو. سندس ڳالهائڻ مان محسوس ڪيم ته نوجوان کي ڪهاڻيءَ  جي ٽيڪنڪ جي چڱي سڌ ٻڌ آهي. ٻن اڍائن ڪلاڪن جي تفريحي ۽ ادبي ڪچهري کانپوءَ هو موڪلائي شڪارپور موٽي ويا ۽ مان آغا سليم جي تبصري تي سوچيندي انهيءَ نتيجي تي پهتس ته اهو نوجوان ادبي دنيا ۾ هڪ موثر ڪم جي لائق بڻبو زنده دل ۽ خوش طبع هجڻ ڪري سندس هر ڳالهه ۾ ظرافت ۽ ذهانت ٿي بکي. ان کانپوءِ آغا سليم سان ڇهين ٻارهين مهيني ملاقات جو اتفاق ٿيندو هو سو به سرسري. شايد هو ريهبليٽيشن مختيار ڪارهو واٽ ويندي ساڻس ملاقات ٿي. آغا جا مون سان ڪي ذاتي تعلقات ڪونه هئا تنهنڪري مون اهڙين واٽ ويندڙ ملاقاتين کي خير خيريت تائين ٿي نباهيو البته جيڪڏهن هو بشير مورياڻي سان گڏ هوندو هو ته هو به بيڌڙڪ پنهنجو حق سمجهي هليو ايندو هو ۽ مان سندس فراخدليءَ سان آجيان ڪندو هوس. جن سان سنگت هوندي اٿم انهن کي واٽ ويندي پڪڙي وٺندو آهيان.

”سدورو ٻار پينگهي ۾ پڌرو“ جي مثال مون آغا سليم ۾ ادبي صلاحيت ان وقت محسوس ڪئي جڏهن هن مون سان پهرين ملاقات ڪئي هئي. غالباً هو ان وقت فرسٽ ييئر جو طالب علم هو. هو مونکي جڏهن به مليو سندس چپن تي ساڳي مرڪ ۽ سندس کلڻ ۾ نئين تازي زندگي هوندي هئي سندس صاف سٿري ۽ ڌرتل پوتل مسڪراهٽ سچ پچ دل کي وڻندي هئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآبا جي ملازمت وقت ساڻس سال ۾ ٽي چار ڀيرا ملاقات جو اتفاق ٿيندو هو. مان گهڻو ڪري الياس عشقي وٽ ويهندو هوس ۽ جڏهن آغا کي خبر پوندي هئي ته هو وڏي چاهه مان اچي اسان جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندو هو. مان ڪڏهن ڪڏهن ريڊيو پاڪستان ۾ پهچڻ کان پوءِ رسمي طور سڌو آغا جي آفيس ۾ ويندو هوس ۽ ساڻس گڏجي عشقي صاحب وٽ ايندا هئاسي. عشقي وٽ جيڪڏهن محبت جا مڻ هئا ته آغا وٽ به سڪ جا سير هئا تنهنڪري انهن ٻنهي سان گڏ رهاڻيون ڪندي حيدرآباد ۾ ٻن چئن ڪلاڪن جو قيام مزي سان گذري ويندو  هو ۽ ريڊيو پاڪستان منهنجي لاءِ ڪشش جو باعث بڻيو هو. ريڊيو تي ٻيا به شفيق ساٿي هئا پر انهن سان ذاتي تعلقات ڪونه هئا جنهنڪري انهن سان ڇڙي عليڪ سليڪ ٿيندي هئي اهي به قربائتا جوان هئا. پر ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ ۾ اچي بوءِ بهارجي. مان ته بوءِ جو متلاشي آهيان. هن وقت آغا سليم هڪ مشهور ڪهاڻيڪار آهي. سندس ڪهاڻيون فڪري ۽ فني اعتبار کان اڪثر وڻندڙ ۽ معياري هونديون آهن. هو سال ڏيڍ اڳ ڪراچيءَ جي ريڊيو اسٽيشن  تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي عهدي تي فائز هو. مان دستور موجب وئڪيشن ۾ ڪراچيءَ ويل هوس. ان زماني ۾ آغا سان سندس آفيس ۾ اڪثر ڊگهيون ڪچهريون ٿينديون هيون. هڪ ٻه ڀيرو هو مون سان به ملڻ آيو جتي مان کيس پنهنجا نوان غزل ٻڌايا. سڀاويڪ هن جي شعر سان گهٽ دلچسپي آهي. مون کيس ننڍي بحر وارا اچي غزل ٻڌايا جن ۾ ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيل هئا. هن جي دلچسپي ڪجهه وڌڻ لڳي جنهنڪري انهن مجلسن جو رنگ وڌڻ لڳو. هو هڪ مڪالمه نگار آهي هو فلمي ڪهاڻين جي مڪالمن کي تيار ڪندو آهي. آغا ۾ ڪيتريون ئي خوبيون آهن. منجهس اخلاق سان گڏ خلوص به آهي. مون سان سکر اچڻ جو وعدو ڪري به هو ڪڏهن سکر نه آيو آهي جيتوڻيڪ هن جو شڪارپور اچڻ وڃڻ اڪثر ٿئي ٿو بهانن ٺاهڻ جو استاد آهي. هن ۾ فڪر  جو شعور پختو آهي هو ادب جي بنيادي  قدرن کان به وقف اهي تنهنڪري هو جدت  ۽ روايت جي امتزاج جو حامي آهي. ڪڏهن مان ائين محسوس ڪندو آهيان ته هو ٿاٻڙجي پيو آهي پر وري گهڙي کن کان پوءِ ڏسندو آهيان ته هو پاڻ سنڀالي وٺندو آهي. چوندا آهن ته آغا ڊراما به لکيا آهن جن کي اسٽيج ڪرايو ويو اخبارن ۾ تبصرا پڻ شايع ٿيا ليڪن مون نه ڏٺا جنهن ڪري سندس ڊرامن تي مان ڪجهه چئي نٿو سگهان.

ٻه سال کن ٿيندا آغا سهڻي رسالي ۾ هڪ ناول جو سلسلو شروع ڪيو. پهرئين قسط شايع ٿي موضوع جي اعتبار کان اهو هڪ تاريخي ناول آهي. باوجود بعض ڪمزورين جي ناول جي پهرئين قسط مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. ناول لاءِ شايد سنڌجي ڌرتي وارياسي رهي آهي. هتي سالن ۾ ناول لکيو ويندو آهي تنهنڪري سنڌي ادب ۾ ناول نويسين جي اڻاٺ آهي. آغا جي ناولي قسط کان متاثر تي مون باقاعدي ناول لکڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن ۾ سنڌ جي تاريخ جي مختلف ڪڙين کي سلسليوار جوڙڻ جي ڪوشش ڪيم. ان ناول کي پوري ڪرڻ ۾ مونکي ڇهن مهينن جو عرصو لڳي ويو. حالتن اجازت ڏني ته ان کي پهرئينءَ فرصت ۾ ڇپائڻ جي ڪوشش ڪندس ۽ خواهش اٿم ته اهو آغا جي نالي منسوب ڪريان.

آغا سليم سان ڪيتري عرصي کان ملاقات نه ٿي آهي. پويون ڀيرو مان کيس حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي مليو هوس. مون ساڻس ان ملاقات ۾ پنهنجي ناول جي مسودي جو ذڪر ڪيو هو. ۽ کيس ٻڌايو هيم ته سندس ناول نويسي جي شوق منهنجي شوق کي جرڪايو هو. هو ڏاڍو کليو ۽ کلڻ مهل سندس ٻنهي واڇن جي ڪنڊن مٿان گهنج پئجي ويا سندس اکيون پورجي ويئون. نوجواني وارا اهي ڳاڙها داغ سندس ڳلن تي نه ڏٺم ۽ منهن تي گهنجڙيون. هو پنهنجي عمر کان وڏو ڏسڻ ۾ آيو. سمجهيم ته دنيا جي نشيب و فراز سندس چهري جي لالائي ۽ سندس ڳلن جي سرخيءَ کي چوسي ڇڏيو آهي.

مئي 1971ع

 

عبدالقادر جوڻيجو

 

ٿوهر جي ماکي آغا سليم

 

آغا سليم تي لکڻ لاءِ منهنجي ذهن ۾ جيڪا پهرين ڳالهه آئي، سا اها ته شروع ڪهڙن لفظن سان ڪريان. منهنجيءَ پين تي پهريان جيڪي لفظ چهٽي پيا، سي هئا ’سامعين حضرات‘. اهي لفظ ٻڌڻ سان اهو سوال ته ضرور اُٿندو ته مون جهڙي اڻ گهڙئي ڳوٺاڻي ڪاٺ وٽ اهڙا چوغي بردار لفظ ڪٿا آيا ته، سائين منهنجا، اهو ڪارنامو به آغا سليم جو آهي، جيڪو مونکي ريڊئي لاءِ لکڻ جو چوندو رهندو آهي ۽ آءٌ لکندو رهندو آهيان ۽ ريڊڻي جي هر لکڻيءَ ۾ پهريان لفظ ’سامعين حضرات‘ ضرور استعمال ڪرڻ پوندا آهن.

سو، سامعين حضرات، سوچيان ٿو ته منهنجي پهرين پهرين نئين ڄاڻ سڃاڻ ڪڏهن، ڪٿي ۽ ڪهڙين حالتن ۾ ٿي؟ ۽ آغا غريب جي ڪڏهن ڦٽي؟ ۽ ان سوچ جو ڦري گهري اهو نتيجو ٿو نڪري ته ڪنهن ذهين ۽ ڪلاڪار قسم جي ماڻهوءَ سان هر ملاقات نئين ملاقات آهي. آغا سان ٿيندڙ هر ملاقات ۾ سندس ٿوهر جي ماکيءَ جهڙي شخصيت جو ڪونه ڪو نئون پهلو نظر آيو اٿم. ۽ ائين به آهي ته سندس شخصيت جا اهڙا پهلو به گهڻا هوندا. جن تي آءٌ هڪڙو اکر به ڳالهائي نه سگهندس. ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ جو چڱيءَ طرح وقف نه هوندو آهي ته ٻئي لاءِ ڇو هام هڻي.

آغا سليم جيتوڻيڪ شڪارپور جو ويٺل آهي، پر پوءِ به کيس شڪارپوري چوندي هٻڪ ٿيندي اٿم. ٿي سگهي ٿو ته ڪي اهڙا ماڻهو به هجن، جيڪي پنهنجيءَ پر ۾ پاڻ کي سچار سمجهي آغا کي شڪارپوري چوندا هجن. خبر اها ته هر ڪنهن جي نيت.

مونکي اها به خبر آهي ته آغا، مدد خان جي پوين مان آهي، پر ريڊيو پاڪستان جي سندس آفيس ۾ ۽ ريڊيو جي آسپاس اهڙين جڳهين تي، جتي رات جو برسات وسڻ جي بدران تارا وسندا آهن ۽ اندر جو اڱڻ جهومر جهرمر تارن جي ڦڙين سان ڀرجي ويندو آهي، انهن هنڌن تي آغا سان ٿيندڙ ملاقاتن ۾ کيس ڪڏهن به مدد خان جو پونير ڪونه محسوس ڪيم. مون ته سندس آفيس جي ڪمري ۾ هميشه مٺيءَ مٺيءَ محبت ۽ خلوص جي گرمي محسوس ڪئي آهي. اها البت سندس لکڻين پڙهڻ کانپوءِ تاريخ جو اهو ڳجهه ضرور نظر اچي ٿو ته هڪڙيءَ پيڙهيءَ جون رت ۾ ٻُڏل تلوارون ٻيءَ پيڙهيءَ ۾ تکن مٺن لفظن ۽ تشبيهن جو روپ جهلي بيهنديون آهن. پر پوءِ به پنهنجيءَ تي اچن ته اهي تلوارون ئي رهنديون آهن. بت کي وڍ ڏين نه ڏين، پر اندر جا اڌ ڪڍندي دير ڪونه ڪن.

آغا جي لفظن جو زباني وڍ، لکڻيءَ کان به تکو آهي، سو به تڏهن جڏهن شيخ غلام حسين اڳيان ويٺل هجيس. آءٌ جيڪڏهن ڀاڱو ڀان هجان ته ڪر يڪدم اهو شعر چوان ته:

’سر تنهنجو غلام حسين ڇڏيان کنن سان کائي.‘ تاريخ ته ايتري گهڻي ڪانه پڙهي اٿم، پر اها خبر اٿم ته مدد خان ٿر تي حملو ڪونه ڪيو هو. ڇو ته جي مدد خان حملو ڪري ها ته آغا سليم کي ٿر ڏانهن وڃڻ جي ضرورت نه پوي ها.

سائين، ڪرڻي خدا جي ٿي يا ٿر جي ڇانهن جي قسمت ڦٽي- سو آغا سليم پنهنجن هٿيارن پنهوارن غلام حسين شيخ ۽ سنڌ الاجيءَ جي يونٽ سميت ٿر علائقي جو رخ ڪيو. همراهه سنڀرڻو هو، سو غلام حسين جي ڪلچر پروپئگڊا تي سنڀري ويهي رهيو. جيڪڏهن کيس اها خبر هجي ها ته غلام حسين کيس مانيءَ ۾ به سندس چواڻيءَ: ڪلچر کارائندو ته ڪر ’غوشت‘ کائڻ وارو آغا ڪڏهن به چڀڙن جي ٻوڙ تي ڪونه ڪري ها، پر هاءِ ڙي قسمت!

مونکي به آغا جو حڪم (عرض ڪرڻ جي عادت ڪونه اٿس.) مليو ته بنا دير جي ميرپور خاص ۾ حاضر ٿيان. ميرپور مان وٺ وٺان ڪري چڙهياسين ٿر جي. هڪڙي مڪڙ مار کاتي جي خوشبودار گاڏي ته هٿ ڪئيسين، پر گاڏي اڃا ٽي ڀٽون مس اڪري ته آغا جي ريهو رڙ لڳي پيئي هجي، ”جهل بابا جهل، ٿڪجي پيو آهيان.“ ۽ پوءِ جڏهن گاڏي جهليسين ٿي ۽ آغا کي ننڍن کٽولڙن تي ليٽڻ جي ورزش ڪندي، ٿڌا ساهه ڀريندي ڏٺوسين ٿي، ته سمجهيوسين ٿي ته ٻيلي همراهه برابر ٿڪجي پيو آهي، پر جڏهن رڙيون ڪري، ڇانهان گهرائي، ٻئي ٻانهون کُنجي ڇانهن تي چڙهيو ٿي ويو، تڏهن سمڌوسين ٿي ته آغا مدد خان وارن مان آهي، ٿڪڻ جا رڳو بهانا آهن ۽ جڏهن ڇانهان کائي انهن کي ٿر جو بيئر ٿي چيائين، تڏهن اهو پتو ٿي پيو ته آغا ڪهاڻيڪار آهي ۽ جڏهن سڀ ڇانهان پاڻ کائي، گهڻن ڇانهن کائڻ جو الزام غلام حسين تي ٿي ڌريائين، تڏهن اها پڪ ٿِي  ٿي ته آغا شڪارپور جو ويٺل آهي.

اسان ته کيس هيءَ شئي ٿي سنڌو يا هوءَ شئي ٿي سمڌو، پر جتي به جيپ بيٺي ٿي، ته اتي ٿرين کيس پوليس جو ڪو عملدار ٿي سمڌو، ڇهه فوٽي ڳاڙهيءَ بلا کي ٻيو ڇا سمجهندا. پر جڏهن نزاڪت ڀرئي مٺي شڪارپوري لهجي ۾ ڳالهايائين ٿي، تڏهن کيس ’ٻن ٽن‘ ڇانهن جي جاءِ تي ’ڀريون‘ ٿي مليون.

آغا کي مهمان سمجهي گهڻي ڪوشش ڪئيسين ته کيس ڪابه تڪليف نه اچي، پر سندس هڪڙو مسئلو اسان کان حل ٿي نه سگهيو، اهو هو کٽ جو. ٿر ۾ ايڏيون ڊگهيون کٽون ڪٿان آڻيون، جيڪي ’کٽون‘ نه ’کٽان‘ هجن.

اهو هڪڙو سنگت جو اڻ لکيو دستور هوندو آهي ته چوياريءَ ۾ ڪڏهن ’الف‘ جي هلندي آهي ته ڪڏهن ’ب‘ جي، پر آغا جي سنگت ۾ الف ب تگ ڇا پر پورا لشڪر (ان ڪري آغا لشڪرن سان سنگت نه رکندو آهي.) هجن ته به مرضي آغا جي هلندي، ڇو ته آغا جو پهريون حرف الف آهي. الف اڳيان ۽ ٻي ڪُت خلق پويان. هونئن به ڳالهائڻ تي ايندو آهي، ته ٻئي کي ’الف‘ ڪندي ڪونه گسندو. آغا ٽاڪڻون ڪاٺ آهي، مُڙندو ڪونه، پر ڀڄي پوندو. پوءِ اها دوستن جي مرض آهي ته ٻه ٽڪر ڪنس يا ٽي ٽڪر. ۽ آغا جڏهن ٽڪر ٽڪر ٿيندو آهي تڏهن سڄو سور پنهنجي قلم مان ڪڍندو آهي. جتي قلم جي پُڄت نه هوندي آهي، اتي زبان کي روهيءَ تي لائي تکو ڪندو آهي‘ شل نه ڀر مان ڪو مٽيس ڌڪيندي دير ڪونه ڪندو، پوءِ اهو ڇو نه کڻي اقبال جتوئي هجي. انهن ارکاڻن جي ڪري آغا کي هر وقت ڪنهن نه ڪنهن سنگتيءَ ساٿيءَ جي ضرورت هوندي آهي، جنهن کي هو لفظن جون چونگون ڏيئي پنهنجو اندر ٺاري سگهي. سندس اهڙن يارن ۾ ڪئپسٽن سگريٽ کي اهم مقام حاصل آهي. جيڪو اندر ٺارڻ سان گڏو گڏ اندر ساڙيندو به اٿس.

سگريٽ کي ڏسڻيءَ ۽ وچينءَ آڱر ۾ ڏاڍيءَ نزاڪت سان ڦاسائي، ٻگهه پکيءَ وانگر ڳچي مٿي کڻي، دونهين کي پاڻيءَ وانگر  هيٺ لاهيندو ويندو آهي، ته جيئن دونهن چڱيءَ طرح ڦڦڙن کي وٺي سگهي. اهو ان ڪري ڪندو آهي ته جيئن دوستن کي اهو ٻڌائي سگهي ته سگريٽن کيس بيمار ڪري وڌو آهي. ظاهر آهي ته سگريٽ کنگهائيندو ته اٿس. نه رڳو سگريٽ، پر غلام حسين شيخ به جڏهن پنهنجيءَ تي ايندو آهي ته کنگهائي وجهندو اٿس.

عام طور تي مرد جي ذات عورت کي صرف ’عورت‘ سمجهي ان ڏانهن نهاريندي آهي. ۽ ان جي دل ۾ عورت لاءِ صرف هڪ خانو هوندو آهي. پر آغا جي دل ان معاملي ۾ خانائي آهي. آغا جي دل جي اوطاق ۾ عورتن لاءِ ڪئين ڪوچ ڪرسيون رکيل آهن. هيءَ ٻانهن ڀڳل ڪرسي اديبه ڀيڻ لاءِ آهي، هيءُ ڪوچ ڀاڄائي وڏيءَ لاءِ آهي. هت صرف محبوبه ويهي سگهي ٿي. ان معاملي ۾ آغا صفا رڄ ڳوٺاڻو آهي، پنهنجائيءَ ۾ ته ڪک به ڪونه سهندو، پر سنگت به ست ڪوهه تي رکندو. ياري به شڪل سان ڪونه رکي پر ’عقل‘ سان پيچ ڳنڍيندي دير ڪونه ڪندو، پوءِ شڪل تي ڀلي ٻارهان وڳا پيا هجن. ’عقل‘ کي ڏسي ڏند ٽڙي پوندا اٿس، پر شڪل ڏانهن نهاري ’شڪل‘ کان ڏند ٽيڙايو وجهي. ٺلهيءَ شڪل کي ٽارڻ جي به ڪوشش ۾ هوندو ته جيئن ٻين وٽس ويٺلن جي روزيءَ تي لت ڏيئي سگهي.

اديب وڙهڻ وقت صرف لفظن جون ڪهاڙيون بڇي سگهندا آهن. جهيڙي جهٽي ۾ ٻانهن کان وڌيڪ زبان کي عزت جو شرف بخشين. ٻانهون کنجي وڙهڻ لاءِ تيار ٿي وڃڻ جو صالح ڌنڌو آغا ڄاڻي ۽ ٻيو شمس الدين عرساڻي.

پاڙي تي پهرو ڏيڻ جي مائٽاڻي عادت به آغا ۾ آهي. شل نه رات جو دير سان گهر ڏانهن موٽندي پاڙي ۾ ڪنهن گهر جي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ يا گاڏيءَ کي شڪي حالت “۾ ڏسي اصل ڌوڌٽ ڪندو وڃي پهچندو ۽ هيڪا هيڪي ڪري  پوءِ گهر ڏانهن موٽندو. ان هوندي به آغا اڃا زنده سلامت آهي ۽ دعا ڪريو ته زنده سلامت رهي.

هونئن به آغا کي دعا ئي ڏيئي سگهجي ٿي، صلاح ته هو ڪنهن جي ڪونه مڃيندو.

مدد علي سنڌي

 

دل جي سراءِ ۾ ڪو قافلو لٿل آ

                

تازو خواهي داشتن، گرداغهاي سينه را،

گاه گاهي باز خوان، اين قصهءِ پارينه را!

[جيڪڏهن سيني جي داغن کي تازو رکڻ ٿو چاهين ته ڪڏهن ڪڏهن هي پراڻا قصا تو کي پڙهڻ کپن!]

سال 1972ع جي ڳالهه آهي. آرهڙ جي هڪ شام اسين شڪارپور ۾ دوست اقبال ترين جي گهر کان موٽي رهيا هئاسين. اهو گهر شڪارپور جي محلي ڪِڙي عطا محمد ۾ واقع هو. [ڪِڙي جو مطلب آهي منزل گاه.] اتان ٿي، اسين سامهون هڪ شاندار، پر اجڙيل ماڙيءَ کي ڏسڻ لاءِ بيهي رهياسين. اها شڪارپور جي ڪنهن هندو سيٺ جي ٺهرايل هئي. ٻماڙ عمارت ٻاهر شاندار گيلري... روشن دان ۽ درين ۾ لڳل رنگين شيشا. ماڙي جي بيهڪ ۽ انهيءَ جي اڏاوت، سندس اصل مالڪن جي شان ۽ مان جي شاهدي پئي ڏني. مون سان گڏ منهنجا دوست نثار احمد لنڊ ۽ شفيق کوسو گڏ هئا ۽ اسان ڪا مهل انهيءَ ماڙيءَ کي پئي ڏٺو.

   ان شاندار ماڙيءَ کي ڏسندي مون کي فارسيءَ جو هڪ شعر ياد اچي ويو هو.

هر ڪجا افتاده بيني، خشت در ويراني،

هست فرد دفتري، احوال صاحب خاني!

 (ڪنهن سُنسان هنڌ تو کي مٽيءَ جي ڪا پڪي سر نظر اچي، ته سمجهو اها انهيءَ ماڳ جي مالڪ جي احوال جو دفتر آهي.)

   ۽ پوءِ ڪِڙي عطا محمد پاڙي مان لنگهندي مون کي ياد آيو هو، ته هن محلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مشهور ڪهاڻيڪار ۽ ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ جي ليکڪ آغا سليم جو جنم ٿيو هو. تڏهن مون آغا سليم جو ناول، طارق اشرف جي رسالي سهڻيءَ ۾ قسطوار پڙهيو هو. ان ناول مون تي ڏاڍو اثر ڇڏيو هو، ناول پڙهي آئون آغا صاحب جو عقيدت مند بنجي ويو هوس. اهو ناول سهڻيءَ ۾ قسطوار ڇا ڇپيو، ڄڻ سنڌي ادب ۾ ان وقت ٿرٿلو مچي ويو هو. ڊاڪٽر تنوير عباسي ناول جون قسطون پڙهي سهڻيءَ ۾ هڪ خط لکيو هو. ان خط جو هڪ جملو دل تي اڃا به تازو بيٺو هو.

-    هينئر هينئر آلين اکين سان ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ پڙهي پوءِ ويٺو هي خط لکان...

*

۽ آغا سليم ۽ شيخ اياز جو شهر. سامي ۽ شهيدالله بخش سومري جو ڏيهه، اسان جي اکين آڏو هو. شڪارپور سمورو وڏين وڏين خوبصورت ماڙين جو شهر... جتي شهر کي ڪڏهن اٺ دروازو هئا، جيڪي شڪارپور شهر جي عظمت جو ڏيک پيا ڏيندا هئا. اسان جي سامهون شهر شڪارپور هو ۽ اسين آهستي آهستي شهر جي اتر پاسي واقع محلي ڪِڙي عطا محمد مان ٿيندا، اچي لکي در وٽ پهتا هئاسين. اسان جي مٿان شڪارپور جي آسمان جي تپش ٿڌي هوا ۾ بدلجندي پئي ويئي. سامهون لکي در وٽ ڪيپيٽل سئنيما جي شاندار بلڊنگ اسان جي آڏو هئي. ان کان اڳ مشهور مٺائي واري ديوان ٺاڪرداس جو دڪان هو. اسان ان هوٽل ۾ وڃي ويٺاسين ۽ هوٽل واري کي ملڪ روز جو آرڊر ڏيئي، سامهون شڪارپور کي پئي ڏٺوسين. شام جي مهل ڪيترن ماڻهن جي هٿن ۾ رابيل جي گلن جا هار هئا. ماڻهو آيا ۽ ويا پئي ۽ مون کي آغا سليم جي ناول اونداهي ڌرتي روشن هٿ جو هڪ باب ياد اچي ويو هو:

”-چٽ ڀڳي ته سارنگ شڪارپور جي تياري ڪئي. سارو آرهڙ سج، اُلا وسائي هينئر ساڻو ٿي پيو هو. ڏينهن مڙيا هئا، پوءِ راتيون ٿڌيون ٿيون هيون. سارنگ جو ڳوٺ شڪارپور کان پنج ڪوهه پري هو. شڪارپور اناج جي منڊي هئي. ان لهندو هو ته پسگردائي جي ڳوٺن مان ان جون گاڏيون ۽ ان ڀرجي شڪارپور ايندو هو. هڪڙي ڏينهن سارنگ به گهوڙي تي سنج وڌا ۽ وڏي ڀاءَ کان موڪلائي بيل گاڏين ۽ اٺن جي قافلي سان آڌي رات جو شڪارپور روانو ٿيو. اونداهي، سانتيڪي ۽ ڀنل رات، بيل گاڏين جا چيچاٽ اٺن جي چڙن جا آواز آسمان ۾ ٽمڪندڙ ٽيڙو ۽ ڪتيون، رات جي جهرمر جهرمر ۽ جهومڪ پنڙا ۽ ڦليون... هڪڙي گاڏر ڪن تي هٿ رکي راڻو ڳائڻ شروع ڪيو:

آئون راڻا ره رات، تنهنجي چانگي کي چندن چاريان

گاڏر کان ڪو راڻو وڇڙيو هو ۽ هو مومل بنجي پنهنجي راڻي کي ياد ڪري رهيو هو. هن جي آواز ۾ ڪيڏو نه درد هو. گاڏر جي درد، هن جي محروميءَ کي وڌائي ڇڏيو. هن جو نه ڪو راڻو هو، نه هن کان ڪا مومل وڇڙي هئي. پوءِ مومل جي وڇوڙي جا ورلاپ ڇو هن جو هانءَ ڪوري رهيا هئا. گاڏر ڪافي پوري ڪئي. سارنگ مهل جاچڻ لاءِ ستارن ڏانهن نهاريو. اوڀر وٽ وهائو تارو چمڪي رهيو هو.“

*

جڏهن به اسين شڪارپور جو نالو ٿا وٺون ته هڪ تاريخ ٿي اچي اسانجي آڏو بيهي. سنڌ جي اعليٰ تهذيب ۽ تمدن جو مرڪز هو ڪڏهن شڪارپور.

   تاريخ جي مشهور ڪتاب تاريخ ”تازه نواءِ معارڪ“ ۾ آيل آهي ته تيمور شاهه ابداليءَ جي دور ۾ غلام صديق خان 1783ع ڌاري شڪارپور جو گورنر هو، هو پنهنجي دور جو وڏو داناءُ ۽ هوشيار حاڪم ۽ شاعر هو. شڪارپور جي نامور شاعر، محمد عارف صنعت جي ڪلام جو دلداده هو. ملڪ ۾ زرعي ترقي ڏانهن گهڻو ڌيان ڏنائين. ڳڙهي ياسين، محمداباغ ۽ بختيارپور ۾ واهه کوٽايائين، جنهن ڪري پوکن کي گهڻو پاڻي ميسر ٿيو. شڪارپور جي قلعي ۾ اوڀر طرف کان هڪ ماڙي ٺهرايائين، اهو محلو به صديق ماڙي سان منسوب آهي.

   شڪارپور پنهنجي اڳوڻي اوج ۾ ڇا هو؟ ان لاءِ محمد عارف .

’صنعت‘ جا تاثرات هن ريت آهن:

”خوانند هست جنت اڪبر شڪارپور،

وارهست در بهشت نڪوتر شڪارپور.

احرام طواف ڪعبه ڪوي بتان شوخ،

بستند حاجيان حرم در شڪارپور.

از نور عارض رخ خوبان ماهرو،

چون بزم انجم است منور شڪارپور.

صنعت برنگ بلبل خوش خوان به وصف يار،

آمد بخوش اداري سخنور شڪارپور.“

ترجمو: ”چون ٿا، ته شڪارپور وڏي جنت آهي بلڪ ان کان وڌيڪ به بهتر آهي. حرم جي حاجين شوخ نازنينن جي ڳليءَ ۾، طواف لاءِ تياري ڪئي آهي. سهڻن جي چمڪدار ڳلن کان ستارن وانگي شڪارپور روشن آهي. صنعت، بلبل وانگي يار جي وصف ڪارڻ سخنور ٿي آيو آهي.“

” شڪارپور کي چوپاسي هڪڙو مضبوط قلعو ڏنل هو. ان قلعي جون ڀتيون 1845ع تائين بلڪل ڀُري چڪيون هيون، جنهن کان پوءِ برساتين سبب اهو قلعو ڏينهون ڏينهن وڌيڪ زبون ٿيندو ويو، شڪارپور شهر جو قلعو ڪچي مٽيءَ جو آهي، (جيڪا پڪ سرين ڪنڌين جي وچ ۾ وڌل هئي) جيڪو پوءِ برباد ٿي ويو، اهو قلعو 3800 والن جو هو، ان کي اٺ دروازا هئا. جن جا نالا هئا:

1. لکيءَ ڏانهن ويندڙ رستو لکي دروازو. 2. هزاري در، جتي فوج جي ڇانوڻي هئي. 3. هاٿي دروازو، هي ڪشادو دروازو هو. 4. خانپوري دروازو، خانپور طرف ويندڙ رستي لاءِ. 5. ڪرن دروازو، ڪرن طرف آمدرفت لاءِ. 6. نوشهرو دروازو، هي دروازو ڳوٺ نوشهري ابڙي طرف اچ وڃ لاءِ هو. 7. واڳڻو در، وڳڻ ڳوٺ ڏانهن. 8. سيوي در، هتان سبي جي طرف شاهراهه ٿي وئي. قلعي جا ڪجهه نشان هزاري دروازي ۽ هاٿي دروازي جي وچ ۾ 1940ع تائين موجود هئا، قلعي جي چوڌاري وڏي خندق (کاهي) هئي، جنهن کي انگريزن مٽيءَ سان ڀرائي، ان جي مٿان رستو ٺهرائي ڇڏيو.“

*

اسين سال 1970ع ۾ به شڪارپور گهمڻ آيا هئاسين. نبي بخش کوسو مون سان گڏ هو. اسان شيخ محله ۾ شيخ اياز جو گهر ۽ اهو کوهه ڏسڻ نڪري پيا هئاسين، جنهن جو اياز، پنهنجي ڪتاب ”جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي“ ۾ ذڪر ڪيو هو. پوءِ اتان ٿي، بيدل مسرور جي گهر تي وڃي ويٺا هئاسين. اتي شڪارپور جون ڪيتريون ئي ڳالهيون نڪتيون هيون. شڪارپور ڪنهن دور ۾ سنڌ جو پيرس هوندو هو. چون ٿا ته سرچارليس نيپيئر به شڪارپور اچي، ان جو عروج ڏسي مٿس موهت ٿي پيو هو. اهو زمانو سال 1842ع جو آهي. ان وقت سر چارليس نيپيئر، پنهنجي برٽش فوج سان گڏ، ڪابل مان شڪست کائي واپس اچي رهيو هو. واٽ تي بولان واري لڪ، وٽ مٿس بگٽين جي سردار ببرڪ خان حملو ڪري ڏنو. نيپيئر ان حملي جو بهانو ٺاهيو ته اهو حملو، خيرپور جي مير رستم خان ٽالپر جي هُشيءَ تي ڪيو ويو هو. ان ڪري هن هندستان جي گورنر جنرل کي لکي موڪليو، ته سکر، بکر، شڪارپور توڙي سبزل ڪوٽ کي برٽش سرڪار پنهنجي قبضي هيٺ آڻي.

ان لاءِ هن خيرپور وڃي مير رستم سان ڳالهايو هو. اتان موٽي هو شڪارپور آيو هو. شڪارپور جو تڏهن وڏو اوج هو. شهر جي سونهن، سڀيتا ۽ اوج کي ڏسي، پڪو پهه ڪري ورتو هو، ته شڪارپور کي هٿ ڪري رهبو.

شڪارپور پنهنجي اوج سبب ڏينهان ڏيهه مشهور هوندو هو. ڪابل، قنڌار سمر قند ۽ بخارا سان سندس واپار هلندو هو. ان ڪري ڪارل مارڪس به پنهنجي ڪتاب ۾ شڪارپور جو ذڪر ڪيو آهي.

شڪارپور ان وقت به ڏاڍو عجب جهڙو شهر هو. انگريزن جي دور جو منشي لطف الله به سنڌ ۾ آيو هو. ان وقت اڃا سنڌ ۾ ٽالپرن جو راڄ هو. منشي صاحب پنهنجي سفرنامي ۾ لکي ٿو ته شڪارپور جي آمدني ٽي لک رپيا سالياني آهي. ان جا ست ڀاڱا ٿيندا آهن: چار ڀاڱا حيدرآباد جي ميرن جا، باقي ٽي حصا خيرپور جا مير کڻندا آهن. حيدرآباد جي ميرن جو حصو وري شڪارپور جي ديوان ڄيٺمل کي چوڏنهن هزار ۾ ڏنل آهي. ڄيٺمل جو شڪارپور ۾ شراب جو هٽ هو. ڄيٺمل، بت جو ڀريل، قدآوار نوجوان. ٻاڪري گوشت جو شوقين مڙس، روزانو رات جو برانڊيءَ جي هڪ بوتل پي ويندو هو. شڪارپور شهر تي ميرن پاران، آغا سيد ابراهيم شاهه ۽ ڄيٺمل جو حڪم هلندو هو. شڪارپور شهر جي اٺن دروازن تي سندن چوبدار ويهاريل هوندا هئا.

1882ع ۾ هڪ آئرش آفيسر... مسٽر آرٿر ڪونلي... شڪارپور آيو هو. پوءِ هو به هن شهر جي حُسن ۾ کوئجي ويو. 1890ع ۾ سيٺ اوڌو داس شڪارپور ۾ سلڪ فيڪٽري کولي هئي ۽ 1899ع ۾ هتي ڄيٺانند نالي هڪ شخص پرنٽنگ پريس کولي هئي. تڏهن هتي جون سئنيمائون به ڏاڍيون مشهور هيون. هڪ ڪئپيٽل ۽ ٻي ايمپائير. تنهن کان سواءِ 1897ع ۾ هڪ رٽائيرڊ سيشن جج ديوان ٺاڪر داس (چون ٿا ته هو جادوگري به ڄاڻندو هو) هڪ ڊراميٽڪ ڌراما اميچوئرڊ جي نالي سان تنظيم ٺاهي هئي. انهن جا به ناٽڪ هتي سندر ٿئيٽر هال ۾ ٿيندا هئا. جتي پوءِ هري ولڀ ٽاڪيز ٺهي هئي. اها سئنيما سيٺ مولچند، ۽ سيٺ ولڀ داس سندر داس ڀاٽيا جي هوندي هئي. شڪارپور ۾ 1910ع ۾ به واپار زور هوندو هو. هتان جي ڍڪ بازار ۾ مشهور واپارين جا هٽ هوندا هئا. 1910ع ۾ وري هتان ٽيڪچند گوڪلاڻي نالي هڪ همراه ”واپار سماچار“ نالي اخبار ڪڍي هئي. پر ان کان به اڳ 1891ع ۾ هفتيوار اخبار طوطيهءِ سنڌ، چهلرام منگهرمل لوهاڻي جاري ڪئي هئي. ۽ 1910ع ۾ انگريزي هفتيوار اخبار ”انڊين فارين ٽريڊ“، کيارام آهوجا جاري ڪئي. شڪارپور جي واپارين ايڏو زور ورتو هو، جو هنن ڪراچيءَ جي بندر روڊ تي پنهنجي عاليشان ڪپڙن جي مارڪيٽ ٺهرائي هئي. شايد شڪارپور، سنڌ جو پهريون شهر هو، جتي اوورهيڊ برج سُڪ پل جي نالي سان ٺهي. سنڌ جو مشهور جديد ادبي رسالو ”سنڌو“ به شڪارپور مان نڪتو. تنهن کان سواءِ شڪارپور ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج 1920ع ۾ ٺهي. سال 1873ع ۾ شڪارپور جي اسٽيشن روڊ تي هاءِ اسڪول قائم ٿيو هو. هن ئي شهر ۾ پهرين جنوري 1886ع ۾ منشي پوڪرداس، سنڌي ادب جي محسن، پبلشنگ هائوس جو بنياد وڌو.

*

۽ اسين اڇي رنگ جي ٺهيل ٽماڙ بلڊنگ وٽان لنگهي رهيا آهيون. خوبصورت جاءِ مٿان موهيندڙ ٻارنهن دري ”خبر ناهي ڪنهن ٺهرائي هوندي“ مون سوچيو هو ۽ پوءِ آئون به هن شهر شڪارپور جي سحر ۾ گم ٿي ويو هوس.

اسان شاهي باغ وڃي ڏٺو هو. رستي ۾ هڪ هنڌ پِتل جو هڪ وڏو نلڪو ڏسي پڇيو هوم ته هي ڇا جي لاءِ آهي. ٻڌايائون ته ورهاڱي کان اڳ ميونسپل ڪارپوريشن شهر ۾ باهه وسائڻ لاءِ ويندڙ گاڏين کي پاڻي ڏيڻ لاءِ شهرن ۾ اهي نل هڻايا هئا. باغ ۾ ميريويدر پويلين ڏسي اچرج وٺي ويو هو. اسان سيٺ اوڌو داس تاراچند جي ٺهرايل اسپتال پڻ ڏسڻ ويا هئاسين، اتي اسپتال ۽ اسپتال جي چائنٽ وٽ فرش تي لکيل سندس نالو ڏسي عجيب لڳو هو. پوءِ خبر پئي هئي ته هن نيڪ ماڻهوءَ جو مقصد هو ته، جيڪو به ماڻهو اسپتال ۾ اندر داخل ٿئي ته اهو سندس نالي تان لنگهي پوءِ اندر اچي. ڇا ته هئي ان ماڻهوءَ جي عظمت ۽ سندس جذبي جو وزڊم. اهڙا ماڻهو، هاڻ ڪٿي؟

ٻڌائين ٿا ته شڪارپور جي ڀرسان جڏهن سنڌ واه وهندو هو ته آرهڙ جي مند ۾، اتي ميلا مچي ويندا هئا. هندو ۽ مسلمان غريب غربو اچي، اتي گڏ ٿيندو هو. هر ڪو ماڻهو پنهنجي خوراڪ پاڻ سان گڏ کڻي ايندو هو. مُند هوندي انبن جي، ته انبن جا ٽوڪرا اچي لهندا هئا. شڪارپوري آچار، مختلف قسمن جون رڌل ڀاڃيون، گوشت ڀڳل، پلاه، زردو، لکي در تان... مٺائي ۽ ٻاٽليون به اچي پهچنديون. مٺائي به سُرهي، پستن جي ڪا رنگ جي سائي، ڪا ڳاڙهي، ڪا گلابي ۽ خس خس جي ٿاڌل، جيڪا بادامن ۽ ست مغزيات ۾ گهوٽيل.

۽ اها شڪارپور، پير علي محمد شاهه راشدي چواڻي، ”آخري ڀڙڪو تڏهن ڏنو، جڏهن الله بخش سومرو حيات هو...“ (۽ ماضي کڻي ڪيڏو نه خوبصورت ڇو نه هجي، وقت سان گڏ سموريون ڳالهيون رفت گزشت ٿي وڃن ٿيون.)

۽ سنڌ جو ڪڏهن پئرس سڏجندڙ هي شهر، ورهاڱي کان پوءِ پنجويهن، ٽيهن سالن اندر آهستي آهستي مٽيءَ جو ڍير بڻجڻ جي راه تي نڪري پيو هو. بقول عبدالڪريم گدائيءَ جي:

هي شهر به ڪڏهن شهر هيو

هن شهر جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي!

*

منهنجي آغا سليم سان شخصي عقيدت، چاليهارو ورهين کان به مٿي جي آهي. مون آغا صاحب کي پهرين پهرين طارق اشرف وٽ ڏٺو، اهو زمانو سال 1969ع جو آهي. پوءِ ته جهڙوڪرآئون هن جو عقيدت مند بڻجي ويس. ڳالهائڻ جو مٺو، خوش پوش، سدائين اڇو اجرو. طبيعت جو نازڪ مزاج. ڪو وقت هو جو حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن ۾ ٻن اديبن وٽ منهنجو ڏاڍو وڃڻ ٿيندو هو. آئون ان مهل ڪو اديب به نه هوس. پر امر جليل ۽ آغا سليم جي آفيسن جا در سدائين سمورن ماڻهن لاءِ کليل هوندا هئا. آئون نه سنڀران اها ڳالهه ته ڪڏهن هو منهنجي اچڻ مان بيزار ٿيا هوندا. مراد علي مرزا به اتي ڪم ڪندو هو پر مراد صاحب سان تڏهن ايتري ويجهڙائپ نه هوندي هئي.

سال 1970ع جي ڳالهه آهي. ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي حيدرآباد ۾ آيل هو. مون هن جي دعوت پنهنجي گهر ۾ ڪئي هئي. اهو ذڪر طارق اشرف آغا صاحب سان به ڪيو. آغا وٽ ٻئي ڏينهن ويس، ته چوڻ لڳو، ”يار، سوڀي صاحب سان منهنجي ڪچهري ڪرائي، جو مون کي پنهنجي ناول ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ جو هڪ باب لکڻو آهي، جنهن ۾ ناول جو هيرو سارنگ جيل ۾ وڃي ٿو. هاڻي جيل جو تجربو ته مون کي ڪونهي. تون سوڀي سان ملاقات ڪرائي ته کانئس جيل جو احوال وٺجي، ڇاڪاڻ ته هو پاڻ به هڪ ليکڪ رهيو آهي، ۽ هڪ ليکڪ يا سياسي ورڪر جي حيثيت سان هن جي جيل جون ڳالهيون مون کي ڏاڍو ڪم ڏينديون؟!“

پوءِ مون ڪامريڊ سوڀي صاحب سان ذڪر ڪيو. ٻئي يا ٽئين ڏينهن، حيدرآباد جي هوٽل اورينٽ ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي ۽ آغا سليم جي مون اتي ملاقات ڪرائي. اورينٽ هوٽل جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. قاضي محمد اڪبر ۽ قاضي عبدالمجيد عابد، ڏاڍي دل سان حيدرآباد شهر جي وچ گاڏي کاتي ۾ اها هوٽل ٺهرائي هئي. هوٽل جي نوري لائونج ۾ چانهه ۽ سنيڪس ملندا هئا، جڏهن ته انجي ڀر ۾ تماچي لائونج ۾ وري لنچ ۽ ڊنر سرو ٿيندا هئا. نوري لائونج جون ديوارون سنڌي ڪلچر سان ڀريل هونديون هيون.

سو خير، هاڻي ته اها هوٽل به ڊهي وئي ۽ اتي هڪ بدصورت فليٽن جي گهڻ ماڙ عمارت بيٺي آهي، انجي سامهون موتي محل واقع هو. جيڪو هو ئي هڪڙو محل. ان ۾ لڳل ڪلاڪ ٽاور... اندر شاهي اڱڻ... سيٺ نارائڻ داس جو ٺهرايل اهو سهڻو محل، ورهاڱي کان پوءِ هڪڙي نابينا شخص حافظ مبارڪ کي ڪليم ۾ هٿ چڙهيو هو. اهو به ڪو وقت ٿيو ته ڊهي فليٽن ۾ بدلجي ويو.

بهرحال ڳالهه پئي هلي اورينٽ ۾ آغا سليم ۽ ڪامريڊ سوڀي جي ملاقات جي، شام جي مهل هئي، آغا صاحب پنهنجي خاص اڇي ڪلف لڳل پوشاڪ شلوار ۽ قميض ۾ اسان جي آڏو هو. اتي هوٽل ۾ آغا صاحب ڏاڍي تفصيل سان ڪامريڊ کان جيل جو حال احوال ورتو. هڪ سوال ته مون کي اڃا تائين ياد بيٺو آهي. آغا صاحب سوڀي کان پڇيو هو، ”ڪامريڊ! اهو ٻڌايو ته جيل ۾ پهريون ڀيرو جڏهن قيد خاني جو در ٽپجي ٿو، ته ان مهل ماڻهوءَ جي ڪهڙي محسوسات هوندي آهي؟“

ڪامريڊ سوڀي وراڻي ڏني هئي، ”اها مهل ڏاڍي عجيب هوندي آهي. جڏهن ماڻهو پهريون ڀيرو جيل جو ڦاٽڪ ٽپندو آهي. ان مهل هن جو من گهڙيءَ لاءِ وسامي ويندو آهي. پر پوءِ هو جيل ۾ رهي اتانجي وايو منڊل سان هري وڃي ٿو.“

*

قدرت خدا جي آغا سليم کي جنرل ضاء الحق جي مارشل لاء ۾ گرفتار ڪري جيل ۾ قيد رکيو ويو. اها ڳالهه سال 1978ع جي آهي. فيبروريءَ جو مهينو هو. حيدرآباد ۾ اڃا ٿڌيون هوائون هلي رهيون هيون. سيءَ اڃا باقي هو، پر سرءُ اچڻ ۾ ڪي ڏينهن باقي هئا. جو اوچتو 22 فيبروري 1978ع تي اربع جي ڏينهن آغا سليم، سيد الله بخش شاهه بخاري ۽ ارشاد پٺاڻ کي مارشل لاء جي قانون تحت گرفتار ڪيو ويو. آغا صاحب تڏهن ريڊيو اسٽيشن تي پروگرام مئنيجر هو، سيد الله بخش شاهه بخاري سينيئر پروڊيوسر ۽ ارشاد پٺاڻ ڪاپيئسٽ هئا، کين مارشل لاء جي ضابطي نمبر 13 تحت گرفتار ڪيو ويو هو. کين 23 فيبروري خميس جي ڏينهن سيشن ڪورٽ حيدرآباد جي بلڊنگ ۾ واقع قائم سمري مليٽري ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. ڪورٽ کين ڏهن ڏينهن جي جوڊيشل ريمانڊ تي ناراجيل موڪلي ڇڏيو. ساڳي ئي وقت کين نوڪري کان پڻ معطل ڪيو ويو.

آغا سليم ۽ ٻين جي گرفتاري حيدرآباد ۾ باهه وانگر پکڙ جي وئي هئي. مارشل لاء کي نافذ ٿئي اڃا ست مهينا مس ٿيا هئا. ملڪ ۾ جنرل ضياء جي مارشل لاء ڦٽڪن ۽ سزائن جي دهشت پکڙيل هئي. ان وچ ۾ خبر پئي ته آغا صاحب جي ايندڙ شنوائي 9 مارچ 1978ع آهي. آئون صبح ساڻ گهران نڪري وڃي سيشن ڪورٽ پهتو هوس. اهو ڏينهن جمعي جو هو. صبح جا 9 ٿيا ته هڪڙي پوليس وين ڪورٽ جي پوئين درَ وٽ سول ڪورٽ جي سامهون ڊپٽي ڪمشنر واري بنگلي جي پاسي وٽان داخل ٿي اندر اچي بيٺي. ڪجهه دير ۾ آغا سليم، سيد الله بخش بخاري ۽ ارشاد پٺاڻ پوليس جي پهري ۾ گاڏي مان لٿان، مون ڏٺو ته آغا سليم، اهو ئي هشاش بشاش، خوش. اڇا ڪپڙا ڪلف وارا پاتل... منهنجي سامهون بيٺو هو. آئون نوڙي وڃي هن سان مليس. مون کي ڏسي آغا صاحب ڏاڍو خوش ٿيو، پوليس وارا ڪجهه دير ۾ کيس مٿي فوجي ڪورٽ ۾ وٺي ويا. آئون به سندن پويان ڪورٽ جي ٻاهران بيهي رهيس. ڪجهه دير کان پوءِ هو واپس آيا ۽ اچي ٻڌايائون ته ايندڙ شنوائي هاڻ 18 مارچ 1978 تي ٿيندي.

آئون ڪجهه دير اتي ساڻس بيٺو هوس. الله بخش شاهه بخاري سان منهنجي پراڻي واقفيت هئي. جو سندس والد سيد ٻڍل شاهه بخاري اسان جي مامي مرحوم فقير محمد قريشي جو دوست هو. ۽ الله بخش شاهه بخاري جي ڀيڻ، وري امان مرحيات جي دل گهري ساهيڙي هوندي هئي. ڏٺم ته بخاري صاحب ٿورو منجهيل هو. اصل ۾ بخاري صاحب جي ننڍي ڀاءَ سيد احمد شاهه بخاري کي 1967ع ۾ ايوب خان جي دور ۾ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪيمپس وٽان گرفتار ڪيو ويو هو. ۽ هو به اٽڪل ڇهه مهينا بي دريافتو حيدرآباد جيل ۾ بند پيو هو. ان جو پس منظر هي هو ته 4 مارچ 1967ع واري واقعي ۾ ڪمشنر مسرور حسن خان جي خلاف باهه ٻري هئي. ان کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ ان وقت جي هڪ سنڌي دانشور ڊائريڪٽر انفارميشن، ايوب خان جي خلاف سنڌي شاگرن جي نالي ۾ هڪ پوسٽر ڇپرائي، سنڌ يونيورسٽي وٽ هڻايو هو ۽ صدر ايوب خان کي اها رپورٽ اماڻي هئائون، ته 4 مارچ جي تحريڪ دراصل فيلڊ مارشل ايوب خان جي خلاف آهي. پوسٽر لڳڻ کان پوءِ، شام جو احمد شاهه بخاري پنهنجي دوست سان گڏ اولڊ ڪيمپس وٽان لنگهيو پئي ته کيس گرفتار ڪري الزام هنيو ويو ته اهو پوسٽر هو، ٻئي ڀت تي هڻي رهيا هئا.

سو بخاري صاحب کي اهو زمانو ياد بيٺو هو. ان ڪري هو ڳڻتيءَ ۾ هو. البته آغا صاحب، کلي ڳالهائي رهيو هو. ان مهل اسان اهو ضرور محسوس ڪيو هو. ته مارشل لاء جي دهشت سبب ڪوبه مقامي سنڌي، اديب يا ڪو ٻيو ماڻهو، اتي ملاقات لاءِ آيل ڪونه هو. گهڙي کن ۾ پوليس وين آغا صاحب وارن کي واپس کڻي وڃڻ لڳي، ته آغا صاحب مون کي چيو هو، ”من! ايندڙ حاضري تي به ايندين نه؟“ مون کيس مرڪي چيو هو ”آغا صاحب آئون اوهان سان هر حاضري تي ملاقات لاءِ ايندو رهندس. آئون اوهان جو فين آهيان!“ هن مرڪي مون کي ڀاڪر پاتو هو.

پوءِ جڏهن آغا سليم کي سيشن ڪورٽ حيدرآباد ۾ سمري مليٽري ڪورٽ ۾ آڻيندا هئا. آئون به تقريبن سندس هر حاضري تي وڃي پهچندو هوس. نئين نئين مارشل لاء جو دور هو. سمري مليٽري ڪورٽ ۾ اندر ميجر وٽ مون کي ته نه وڃڻ ڏيندا هئا، پر پوليس جي پهري ۾ هڪ ليکڪ کي ايندو ڏسي، هر ڀيرو مون کي ترڪيءَ جو انقلابي شاعر ناظم حڪمت ضرور ياد ايندو هو. ضياء الحق جي مارشل لاء جو اهو ڏاڍو ڏکيو دور هو. مون مٿي به ذڪر ڪيو ته آغا صاحب جي حاضريءَ تي ڪوبه اديب، ڪنهن به ادبي تنظيم جو ڪوئي عيوضي نه ايندو هو. اها ڳالهه خود آغا صاحب پاڻ به محسوس ڪندو هو. ها البته اسان جو محترم دوست، عبدالحميد آخوند ڪڏهن ڪڏهن اُتي اچي نڪرندو هو. ۽ پوءِ هو صاحب اندر ملٽري ڪورٽ ۾ پنهنجي اثر رسوخ جي ڪري هليو ويندو هو. هڪ ڀيرو آئون آغا صاحب ۽ الله بخش شاهه بخاريءَ سان گڏ ويٺو هوس. مون آغا صاحب کي هر حاضريءَ تي ڪڏهن به دلگير نه ڏٺو، بلڪه هو جيل مان سهي سنڀري ايندو هو. اڇا ڪپڙا، پيرن ۾ پالش ڪيل سينڊل ۽ چهري تي هڪ عجب مرڪ. شايد ان ڪري هن کي ڏسي مون کي سدائين ناظم حڪمت ياد اچي ويندو هو. ناظم حڪمت کي به ترڪيءَ ۾ سال 1938ع ۾ هڪ فوجي عدالت 28 ورهين جي قيد جي سزا ڏني هئي. هو جڏهن جيل پهتو هو ته اتي جيل جا عملدار ڏاڍو گهٻرائجي ويا هئا. ۽ پوءِ جيل ۾ به هن کان پيا ڊڄندا هئا.

اصل ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سنڌ جي ليکڪن کي جيل ۾ وجهڻ جو سلسلو مسلسل هلندڙ آهي. 1948ع ۾ پهريون ڀيرو سنڌ جي مشهور اديب حشو ڪيولراماڻيءَ کي ڪراچي جيل ۾موڪليو ويو هو. ان کان پوءِ شيخ اياز کي ٽي ڀيرا جيل رسيد ڪيو ويو، 1965ع ۾ شيخ اياز سکر جيل ۾ اٺ مهينا قيد هو. 1969ع ۾ اياز ساهيوال جيل ۾ ۽ 1971ع ۾ وري هو سکر جيل ۾ قيد ڪيو ويو. يحييٰ خان جي مارشل لاء ۾ مارچ 1971ع ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا، حميد سنڌي، پروفيسر محمد عمر ميمڻ، يوسف ٽالپر، سيد شاه محمد شاهه، آفتاب مغل، پروفيسر اشوڪ ڪمار، پروفيسر ارجن لال ۽ نند لال ورياڻي گرفتار ڪيا ويا هئا، رشيد ڀٽي به 1971ع ۾ گرفتار ٿيو هو. غلام حسين رنگريز ۽ ابراهيم منشي به 1974ع ۾ گرفتار ٿيا هئا. طارق اشرف وري 1976ع ۾ جمهوري حڪومت ۾ ٻاويهه مهينا جيل ڪاٽي آيو هو ۽ هاڻ 1978ع ۾ آغا سليم جهڙو ليکڪ مارشل لاء هيٺ گرفتار ٿيو هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org