شــاعــــري
سُريمَن ڪلياڻ
داستان پهريون
هَئي هَئي هي انياءُ، موکي! تنهنجي هَٽَ تي
ڪِن وَٽ مَڌُ آ اَڻ ميو، ڪن جو سڪي ساهُ
اُڃيو، سُڃيو، ڍاپيل، ماڻهو ماڻهوءَ ڀاءُ
آءُ ته ڪيون ڪو نياءُ، سَڌُ ورهايون ماڻهين.
مَڌُ ورهايون ماڻهين، سڀ ڪنهن لهي اُڃَ
ڪن وٽ مڌُ آ اَڻ ميو، ڪن وٽ رُڳي سُڃِ
هيءَ جندڙيءَ جي رُڃَ، جرڪي پنهنجي جام سان
آءُ! ته ڌويون مَڌُ سان، اونداهيون اَٿاهُ
اُڀري پنهنجي جام مان، روشن چوڏهينءَ ماهُ
جندڙيءَ جو هر گهاءُ، جرڪي مَڌُ ۽ جامَ سان
موکي! مَڌُ ته آڻِ، اُڃيا تو دَرِ آئيا
تنهنجو جوڀن ڄڻ ته آ، مَڌُ مليل چانڊاڻ
جيئڻ جو اهڃاڻ، موکي! مَڌُ ۽ موه آ
هي جي ماڻهنِ هينئڙا، جهڙا ڀڳل ٿانوَ
موکي! تنهنجي مَڌُ سان، جرڪايون ڪي هانوَ
هينئڙي جرڪن نانوَ، چوڌر چنڊ کڙي پون
موکي! کول ته مَٽَ، اُڃيا تو دَر آئيا
اُڃَ مُئل انسان ٿئي، هي جي اُڀَ نِکَٽِ
ڪڙيون ٻڌنِ ڦٽ، اوتِ تُو مَڌُ اُڃين تي
مَڌُ سان ڌويون دُکَ، دردمنديءَ هر دل تان
ميخاني ڏانهن جا کڄي، واکاڻيون ساوِکَ
هينئڙي سرجن سُک، چوڌر گُلَ ٽڙي پون.
موکي! تنهنجي مَڌُ سان، هينئڙي لاهيون هولَ
ڪينئن ٿا ڏس وڪامجڻ، ماڻهوئڙا انمول
خالي پالها جهول، ڀريون سونهن ۽ موهَ سان
دلڙي ڄڻ ڪا ڪونج، پل پل رولا روههَ جا
هيءَ جا جڳ مڳ جندڙي، ڪُن فيڪون جي گونج
ڏک ڏولاوا، مونجهه، آءُ ته لاهيون لوڪَ تان
جن سان سرجي سونهن، هٿ سي سرجڻهار
پورهيو پوڄا ڀانئيان، پورهيت پالڻهار
جوڙياون جنسار، پورهئي، پگهر، پيار سان.
وائي
آئي مُندَ بهار، موکيءَ کوليا مٽ،
مَٽيءَ مٿان مَڌُ جي، جهڪيل مينديءَ ڌار،
موکيءَ کوليا مٽ.
هي جي تنهنجا انگڙا، ڳاڙها ڳڀ بهار،
موکيءَ کوليا مٽ.
وهي اڄ وجود ۾، ڪڙو ڪننِ تار،
موکيءَ کوليا مٽ.
هنئين ٽِم ٽمِ ڏيئڙا، تَن ۾ ۾ گهنڊيءَ لارَ،
موکيءَ کوليا مَٽَ.
داستان ٻيو
موکي! اڄ ته هارِ، مَڌُ تون تتل تن تي
اندرِ آڳ ۽ اُڃ آ، لڱ ڌڳل اڱار
من ۾ تنهنجي مڌ سان، کڙن کٽڻهار
ڪيڏي لڱن ٺار، موکي! جلندڙ جسم ۾
ڪيئن اجهامي اُڃ، هينئڙي هيڏو حرصُ
وٽيون، مٽيون پي وڃان، چريو ڪري چَسُ
موت ميان! تون ترسُ، چڪيون ته چاڙهي وٺان
موکي! تنهنجون ڳالهڙيون، ڀيڄ ڀنيءَ ڄڻ ماڪ
مرڪ مليل هن مَڌُ سان، جيءُ ۾ جهڙياليون
اُرهه اُڀا ائين ڄڻ، بادل بُرجَ ڪناريون
جيءَ کي جيئاريون، موکي! تنهنجي مَڌُ سان
سُرهي موکيءَ چَڳَ، وهِ وٽيءَ وٽڙي پيو
هن جندڙيءَ کان اَڳهان، اونداها سڀ دَڳ
لاڳاپا هي لڳَ، ڪوڙا جيئڻ آسرا.
جئن سو تارو صبح جو، موکي! تنهنجو نانءُ
تنهنجي مَڌُ ۽ موهَ سان، جرڪي منهنجو هانءُ
ڳايان آڌي آءٌ، گيت ڪي آڌرڀاءَ جا
مَڌُ پيالو هَٿ ۾، آڻيان ويٺو خواب
اونداهيءَ ۾ جرڪندا، سپنا ڄڻ مهتاب
ڳاڙها گونچ گلاب، کڙندا ٽرندا ٽارئين
مَڌُ پيالو هَٿَ ۾، سپنا اُڻيا مون
تون ئي منهنجي ننڊ آن، سپنو ساڀيان تون
جرڪي پوندي ڀون، سپني ساڀيان سونهن سان.
وائي
ٽِڙيا موکيءَ انگَ، جهرمر رنگ شفق جا جرڪيا
شامَ، شفق جو مَڌُ ٽمي ٿو، مَڌُ ماتا هي مَنگههَ
جهر مر رنگ شفق جا جرڪيا
آڇا اُجرا پَرَ پکيڙي، اُڏندا آيا ڪنگ
جهر مر رنگ شفق جا جرڪيا
تنهنجي جوڀن لاٽ تي آيا، پچڻ لاءِ پتنگ
جهر مر رنگ شفق جا جرڪيا
هيڻان هيج مان هاريندا اڄ، ڀري ڪي دارونءَ دُنگ
جهر مر رنگ شفق جا جرڪيا
نيٺ ته لهندي اُڃَ ازل جي، ساٺ ڪندا سارنگ
جهر مر رنگ شفق جا جرڪيا.
داستان ٽيون
مَڌُ ۾ جرڪن مونهنڙا، جيئن سي چوڏهينءَ چنڊَ
مَڌُ ۾ ئي محلول ٿيا، منهنجا سپنا ننڊَ
هينئڙي ۾ هٻڪار ٿي، سيڻ سندم سر کنڊ
مَنڊ جي ويڙا مَنڊ، موکي! تنهنجي مَڌُ سان
وچ ۾ مٽيون مَڌُ جون، چوڌر ماڻهن ميڙَ
مَڌُ پيالا هَٿَ ۾، کيپ ۾ کائن ٿيڙَ
اندرِ جن انڊيڙ، گهٽن ۾ گهٽڪن پيا
مَڌُ ۽ ٽڙيا مونهنڙا، جهڙا ڏاڙهونءَ گُلَ
وُٺا اڄ وجود تي، مينهن ڦڙن جيئن پَلَ
اچو، پيئو پياڪُو!، نه ڪا جهَلَ نه پَلَ
اونداها اَجل! نور نسورو جندڙي
مَڌُ ۽ مچيل مَچَ جو، منهن تي عجب اُهاءُ
ڏيئا ٽِمڪيا ڏيل ۾، جرڪي جيءَ اونداه
سهڻي هن سنسار جو، ڪوئي انت نه ٿاه
پنهنجا ساهَ پَساهَ، اَچ ته اُجاري وٺون
ماڪَ ملائي مَڌُ ۾، پيئن پره پياڪ
ڳاڙها گُلَ مَ ڀانئيو، هي جي هينئڙي چاڪ
لاک رتي آ باک، پِرهَ باکون ڪڍيون
موکيءَ ڇوڙيا وارَ، ڪارا ڪڪر ڪيس
جُه سي اڱڻ آئيا، جن جا لعل لبيس
در دوندن جا ديس! وسنديون بوندون بره جون
هي جي چوليءَ انگڙا، جهڙا ڇڳا ڊاک
وٺي اڄ وجود تي، ڦڙا ڦڙا ماڪ
ڦٽي پيئڙي باک، اُجري پنهنجي اندر مان
وٽي ڀري مَڌُ جي، اڇلايم آڪاس
جرڪي رات اُماس، تارا ڇنڊا مَڌُ جا
وٽي ڀري مَڌُ جي، ڇڙڪايم چوڌار
ڳاڙها گونچ ڦٽي پيا، مٿان مينديءَ ڏار
هنڌِ هنڌِ ٿي هٻڪار، آئي بوءِ بهار جي.
وائي
چوڏهينءَ چڙهيو چَنڊُ، موکيءَ مَٽَ اُپٽيا
موکيءَ سُرها ساه ائين، سرهو ڪو سر کنڊ
موکيءَ مٽ اُپٽيا.
تُنهن جي تن جو اولڙو، چوڏهينءَ جو هي چنڊ
موکيءَ مٽ اُپٽيا
ڪهڙي مانڊيءَ آ منڊيو، سندرتا جو مَنڊُ
موکيءَ مٽ اُپٽيا
اونداهين ۾ جرڪندو، اوندهِ ايشيا کنڊُ
موکيءَ مٽ اُپٽيا.
سُر رامڪلي
پهرين ڏينهن پروڙ، ڪيم ڪاپڙن جي،
چوٽا چندن چِڪُ ٿيل، جڳ مڳ جرڪي نور،
اٺئي پهر اندوه ۾، سوامي چڪنا چُور،
پل پل تن کي پُور، ماڻهو، مٽي، ملڪ جو.
ٻئي ڏينهن پيا ٻري، ٻري جيئن مشعل،
وُٺا اڄ وجود تي، بره جا بادل،
هينئڙي ۾ هلچل، جوڳي جاڳائي ويا.
ٽئين ڏينهن ٽمڪيون، در در تن جي دونهيون،
هينئڙي تن جي هيج ٿي، هو جي در مانديون،
ٻَر ٻَرِ تَن ٻانهيون، سيڪن ويٺيون هٿڙا.
چوٿين ڏينهن چانڊاڻ ۾، چوٽا ڳُتياون،
ڪنڌ نوائي ڌوڙ ۾، ڌرتي پوڄياون،
ميرن ماڻهن سامهون، ٻانهون ٻڌائون،
ڪي جو اَلتياون، ماڻهنِ مَنَ مرڪي پيا.
پنجين ڏينهن پاٻوه مان، هنجن پوئي هار،
لاٿاون لوڪ تان، ڪارا ڪارونڀار،
ڌوتاون ڌرتيءَ کي، ڪري وس وسڪار،
جهڙا ميگهه ملهار، تهڙا سامي سنڌ جا.
ڇمڪي ڇهين ڏينهن تي، ڇم ڇم تن جي ڇير،
بُکيا جي ڌرتيءَ ڌڻي، هيءَ هي هي انڌير،
ڌرتي ماڻهن ملڪ آ، ڪوئي ايَرُ نه ڦير،
سَڀاڻي سوير، ميڙو ٿيندو ماڳ تي.
ستين ڏينهن تي سورَ، سليا سامن سنڌ جا،
جيجل! توسان وئل ٿيا، تن زخمن سان چُور،
شاه عنايت، بلاول سائين، مَٽُ نه جن منصور،
ڦٽي پيڙو نور، ڌرتيءَ جي هر گهاوَ مان.
آديسي آٺين ڏينهن، اُٿيا آڌيءَ رات،
ماڻهوئڙن جي موهَ جي، پل پل تن کي تات،
پوڄي ماڻهوءَ ذات، ريجهائن ٿا رام کي.
نائين ڏينهن تي نيڻ، جهڙا نينهن نپائيا،
هَٿَ هٿن ۾ سڀ جا، ماڻهو ماڻهوءَ سيڻ،
ڏس تون ڇنڀي نيڻ، ڏکيون ڏِک ويهاريون.
ڏهين ڏينهن تي ڏاڻ، ڏنا سامين ڏيه کي،
اونداهي آڪاس ۾، چمڪي پئي چانڊاڻ،
هينئڙي هيرن کاڻ، جڳ مڳ جرڪيون جندڙيون.
ريجهائن ٿا رام کي، پوڄي ماڻهن مَن،
ماڻهو مڙهي رام جي، ماڻهو ئي درسن،
ماڻهوءَ ۾ ساجن، مُڪتي ماڻهوءَ موه آ.
مڪتي ماڻهوءَ موه آ، ماڻهو ئي آ، رام،
ڪاشيءَ ڪنهن جي لاءِ وڃن، ماڻهنِ ملين رام
رام ڪري بسرام، ميرن ماڻهن من ۾.
مون سي ڏٺا ماءِ، دَرِ دَرِ جن جون دونهيون،
هلو ته سيڪيون هٿڙا، ٻرن ٿيون باهيون،
هلو ڳَرِ لايون، سامي آيا سنڌ ۾.
مون سي ڏٺا ماءِ، سامي سج ورن،
تَنَ تسبيح، من مڻيا، تنبورا جن تن،
ماڻهوءَ، مٽيءَ موهَ ۾، ڦرن مڻيا مَن،
بُتَ تي لعل ڪفن، ڪُنڍلَ، ڪيوٽيون ڪنن ۾.
مون سي ڏنا ماء، ساميئڙا مهان،
جهورياون جندڙيءَ جا، ظلم، زور، زندان،
سرجياون جهانَ، جهر مر جن ۾ جندڙيون.
وائي
آڌيءَ سُئيم سَنگ، آيلِ! آديسين جا،
لايان آئون ته لِڱَنِ کي، سندنِ پيرنِ رَکَ،
لاهيندا جي لوڪَ تان، ڏَنجهه، ڏولاوا، ڏک،
سج سڀاڻي جا ڪري، سامين سي ئي مُک،
هي جي هيسيل هينئڙا، سرجيا تن مان سُکَ.
غزل
اڄ وري هيرَ گُهلي، چنڊ چڙهيو آهستي،
نانءُ ڪو هانءَ هُريو، چاڪُ چڪيو آهستي.
درد جي هير گُهلي، چاڪ پيا سڀ چڪي،
هَٿُ پاٻوهَ مان تو دل تي رکيو آهستي.
شهرِ دل جا ته اُڀا منگهَه هئا رت رتل،
شفقِ درد ٽڙي، واءُ گهليو آهستي.
ڪالهه اڌ رات جوئي بوند پئي، کنوڻ کنوين،
دل جي دروازي تي هو سَڏ ٿيو آهستي.
پن ڇڻ پَنَ ڇڻيل، ڄڻ ته منهنجا تنهنجا خواب،
گهر جو ويران آڱڻ، چنڊ چڙهيو آهستي.
غزل
چَنَڊ! چَئُه، منهنجو ڪو ساجن تو ڏٺو،
نيڻَ جنهن جا سيڻ ۽ تن موتيو.
توڏي تڪندڙ نيڻ چئه تو ڪي ڏٺا،
جن ۾ اوجاڳا، ننڊاکو خواب ڪو.
نانءُ جنهن جو هان وَ جي هٻڪار هو،
ڌر تتيءَ ۾ ڄڻ ته ڪوئي ڇانورو.
اُڃ ۾ ٽڙڪيل هيو منهنجو بدن،
هو ته بادل بڻجي هو مون تي وٺو.
ڪيڏا ڳاڙها هِن شفَق جا رنگ اَڄُ،
اَڄ وري ڪو گهوٽ شايد آ ڪُٺو.
غزل
شهر هيسيل، منگهه چُپ، سڏڪي ٿي سانت،
اڄ شهر ۾ واءُ هي ڪهڙو گهليو.
حَدَ کان لاحَدَ سڀ اونداهيون،
پوءِ به جرڪي ٿو پيو ڪو ترورو.
پرهَ پانڌيئڙا اڪيلا رڻِ ۾،
ڌَرتتي ۽ سِجُ چوٽيءَ تي چڙهيو.
آڱريون ٻوڙي ڇنڊا اُڀ ڏي هنيم،
رت جا ڪي داغ، رنگ ڳاڙهو کڙيو.
غزل
اڄ ڪونجَ ڪائي ڪرڪي، ۽ ياد تنهنجي آئي،
ڪجهه لڙڪ اکڙين ۾، چپڙن تي مُرڪَ آئي.
اڄ دل جي سرائي ۾، ڪو قافلو لٿو آ،
ڪيڏا ڏيئا ٻرن ٿا، ڪيڏي ته آ سهائي.
چهرن جا چنڊ چڙهيا، گهاوَن جا گُلَ کڙيا،
آ شهرِ دل ۾ ڪيڏي، خوشبو ۽ روشنائي.
اويار! ڪٿ وسين ٿو، دل ۾ سدا رهين ٿو،
توکي ئي مون آ ڳوليو، صورت نظر جا آئي.
اونده جو آ هي ساگر، تارا حباب جرڪن،
اونداهين ۾ ڀٽڪن، جي چنڊ جا سودائي.
احرام ڀي ٻڌو آ، جڻيو به آهي پاتو،
ڪعبي سان قرب پنهنجو، ڪا شيءَ سان شناسائي.
غزل
تنهنجي دل مان ائين نڪتاسين، ڪعبي مان جيئن لات
منات،
ڄڻ تي ڪي معزول خداوند، حمد نه جن جون ڪي آيات.
تن جي ڪاري گهاٽي جهنگ ۾، ڦوڪارن ٿا ڪارا نانگ،
تنهنجي تن جو چنڊ چڙهيو ۽ ڪارن نانگن کاڌي مات.
ڪيئن ڇهاءَ سان انگ انگوريا، سنڌن مان ها سُرَ
ڦٽا،
وري وجود ۾ گونجي هئي ڪا، ڪُن فيڪون جي مٺڙي لات.
انگَ اگهاڙو ڪارو وحشي، ڪاري جهنگ ۾ آيو هو،
وهِ وهاٽيل، انگڙا آٽيل، تتل تن تي پئي برسات.
اڄ وري ٿو تن ۾ گونجي، آجرو اُجرو ڪوئي گناه،
آدم جو آ گناه عبادت، جنهن سان جهرمر آ ڪائنات. |