جمال جا ڪرداري
افسانا
جمال ابڙي کي سنڌي ادب ۾ جيڪو مقام حاصل آهي، سو
ٻئي ڪنهن به سنڌي افسانه نويس کي نصيب ڪونه ٿيو
آهي. مان سمجهان ٿو ته جمال جي ان ڪاميابي جو راز،
هن جي الفاظ جي جادوگري، انسان جي جذبات ۽ احساسات
جي پروڙ ۽ سندس جذبات جي سچائي ۾ پنهان آهي. جمال
افساني لکڻ مهل سڀ کان پهرين پنهنجي الفاظ جي
جادوگري کان ڪم وٺي پڙهندڙ جي جذبات کي پنهنجي وس
ڪندو آهي ۽ پوءِ پنهنجو مقصد بيان ڪندو آهي. مان
سمجهان ٿو ته جمال انسان جي نازڪ جذبن جي اهميت جو
ايترو قائل ڪونهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس افسانا
پڙهڻ وقت اگهاڙي بت تي ڪرندڙ سنهڙن سنهڙن بوندن جي
احساس جي بدران ائين محسوس ٿيندو آهي، ڄڻ ته ڳڙو
پيو وسي، سمنڊ پيو گجگوڙ ڪري، ڌرتي پيئي ڌڏي ۽ سڀ
هيٺايون مٿاهيون هڪ ٿينديون پيون وڃن. هن جا
افسانا پڙهڻ وقت اوهان کي هلڪڙن ۽ مترنم آوازن جي
احساس بدران هميشه ٺڪاون (ڪڙڪاٽ ۽ شرڙاٽ) جو احساس
ٿيندو. جمال هميشه پڙهندڙ جي تيز، ڦتڪندڙ ۽ ڦڙڪندڙ
جذبن کي جاڳائڻ چاهيندو آهي. جمال هيل تائين جيڪي
به افسانا لکيا آهن، تن کي اسين ٽن حصن ۾ ورهائي
سگهون ٿا 1- ڪرداري افسانا 2- طنزيه افسانه ۽ 3-
بيانيه افسانا (هونئن ته جمال سڀيئي افسانا بيانيه
ٽيڪنيڪ ۾ لکيا آهن، پر جيئن ته مون کي سندس ٽئين
قسم جي افسانن لاءِ ڪو مناسب لفظ ڪونه ٿو سمجهي ان
ڪري مان سندس انهن افسانن کي بيانيه افسانا ٿو
سڏيان).
جمال جو هرهڪ افسانو سندس فن جي نمائندگي ٿو ڪري،
پر مان سمجهان ٿو ته هن جا ڪرداري افسانا سندس فن
جي وڌيڪ نمائندگي ٿا ڪن انڪري في الحال مان سندس
ڪرداري افسانن تي ئي اڪتفا ٿو ڪريان.
جمال ڪردار نگاري جي فن جو بادشاهه آهي. هو ڪنهن
به ڪردار کي چٽڻ مهل ان ڪردار جي چٽسالي ۾ گم ٿي
وڃڻ جي بجاءِ پنهنجي فنڪارانه علحدگي قائم رکي،ا ن
ڪردار جي معرفت ڪونه ڪو پيغام به پهچائي ويندو
آهي. هن جا ڪردار زندگي سان سرشار هوندا آهن.
منجهن هٺ ۽ نرڏائي هوندي آهي. ماحول سان سندن رد
عمل جبلتي ٿيندو آهي، جنهن ۾ ارادي ۽ سوچ ويچار کي
گهٽ دخل ٿيندو آهي. ڪڏهين ڪڏهين ته سندس ڪردار
ڌرتيءَ جي سيني مان ڦاٽ کائي نڪتل جبلن جيان
لڳندا آهن: سخت، اڻ گهڙيل ۽ اڻ ٽر! اوهين جمال جو
شروعاتي ڪرداري افسانو خميسي جو ڪوٽ پڙهو. خميسي
کي ڏسي اوهان کي ائين معلوم ٿيندو ڄڻ خميسو مريم
جي ابتدائي صورت آهي. سندس هٺ ته ڏسو- چماٽ ٿو
کائي روئي ٿو ڏي ته به مڙي نٿو. ٻئي ڏينهن ساڳئي
ڪار- ”ها ملان.......“ ! هن افساني ۾ نه رڳو جمال
خميسي جي ڪردار جي ويهي چٽسالي ڪئي آهي ۽ مئل
ماڻهوءَ جا ڪپڙا ملان کي ڏيڻ جي رسم جو مذاق اڏايو
آهي، پر افساني جي دامن کي وقت جي وسعتن مٿان پڻ
وڇائي ڇڏيو آهي. خميسو سيءَ جي سٽ نه سهي مري ويو.
ٻئي ڏينهن سندس ڀاءُ مهر اهو ساڳيو خميسي وارو
پراڻو ڪوٽ پايو بيٺو هو. افسانو پنهنجي قدرتي
انجام وٽ اچي ختم ٿي ٿو وڃي، پر افسانا نويس بس
هڪڙي ٻئي افساني ڏانهن به اشارو ڪري ٿو ڇڏي، جنهن
افساني جو هيرو خميسو نه پر مهر آهي.
جمال جو ٻيو ڪرداري افسانو ”شاه جو ڦر“ آهي.
منهنجي خيال ۾ جمال جو اهو افسانو سندس شاهڪار
افسانو آهي. مان اها اڳ ڪٿي ڪرڻ جي جرات ته ڪري
ڪونه ٿو سگهان ته جمال ساري ڄمار ههڙو مڪمل افسانو
لکي ڪونه سگهندو. باقي ايترو سو چوان ٿو ته جمال
هيل تائين ههڙو مڪمل افسانو لکي ڪونه سگهيو آهي.
افساني جي هيترڙي ڪنواس تي جنهن تي مريم جي هيڏي
وڏي ڪردار جو ماپڻ ئي محال پيو ڀاسي، ڪيئن جمال
ساري ڳوٺ جو ويهي ڪردار چٽيو آهي. اوهين افسانو
پڙهو اوهان کي افساني ۾ سارو ڳوٺ جيئرو جاڳندو
نظر ايندو. ڪو ڳوٺاڻو کنگهي کانگهارا ٿو اڇلائي،
ڪو ڳڻتين ڳاريل آهي ته ڪو وري اڻ پوري خوراڪ ڪري
ڪيٻاٽيل. انهن سڀني جي وچ ۾ مريم فوني وانگر
ڪڙڪندي ٿي وتي. هيترڙي جيتامڙي مريم فوني وانگر
ڪڙڪندي ٿي وتي. هيترڙي جيتامڙي مريم جو هٺ ته ڪيڏو
عظيم آهي! ”هار ته اصل ڪو نه مڃيندي هئي.....“
هزار حيلا هلائي فتح حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئي.
ويچارا ڪڍي خالي هٿن سان الرون ڪري ۽ آخر ۾ روئي
به پاڻ مڃرائيندي هئي. هڪڙي ڏينهن ”پيرل شاهه“ کي
پاسو ڏنائين ۽ ٻانهن کان جهلي چيائينس ”ماما پئسو
ڏي......“ پيرل شاهه پنهنجي عظمت جي عمارت کي
هيترڙي جيتامڙي جي هٿان ڊهندو ڏسي هن کي ماري ٿو،
پر مريم جي هٺ مڙڻ ته سکيو ئي ڪونه هو. بيهوش ٿي
وڃي ٿي تڏهن به ساڳي وائي وات اٿس. ”ماما......
شائين..... پئشو“ ڪردار نگاري جي ڪمال کان سواءِ
جمال هن افساني ۾ فن- افسانا نگاري جي هر هڪ گهرج
کي پورو ڪري اهو ڏيکاريو آهي ته کيس پڙهندڙ جي
جذبن تي ڪيترو نه ڪنٽرول آهي. افساني جي ابتدائي
منزلن ۾ هو مريم جي معصوم چلولائي سان پڙهندڙ جي
دل ۾ مريم لاءِ پيار پيدا ڪندو ٿو وڃي. جڏهن
پڙهندڙ جو پيار وارو جذبو ڀرپور ٿي وڃي ٿو، تڏهين
هو افساني ۾ اهڙو واقعاتي موڙ’ ٿو آڻي ڇڏي، جنهن
لاءِ پڙهندڙ تيار ڪونهي ۽ افساني جو اهو موڙ هن جي
ڀرپور محبت کي پيرل شاهه لاءِ نفرت ۾ بدلايو ڇڏي.
نفرت به ههڙي تهڙي نه پر مرڻ مارڻ واري نفرت!
ان افساني کان پوءِ جمال ” بدمعاش“ افسانو لکيو.
هونئن ته بدمعاش افسانو تمام سٺو افسانو آهي، پر
افساني جي هيرو جو ڪردار گورڪي جي ڪردار ”پاشا“
سان تمام گهڻي مشابهت ٿو رکي. (سندس پيءُ تي لٺ
اولارڻ وارو عمل وغيره) شايد ان مشابهت جي ڪري ئي
”زندگي پبليڪيشن“ جي منتظمين لکيو هو ته جمال سنڌ
جو گورڪي آهي. هڪڙي فنڪار کي ٻئي ڪنهن فنڪار جهڙو
چوڻ ممڪن آهي ته ڪن دوستن آڏو ان فنڪار جهڙو چوڻ
ممڪن آهي ته ڪن دوستن آڏو ان فنڪار جي وڏائي بيان
ڪرڻ برابر هجي، پر منهنجي آڏو ان ڳالهه جو اعتراف
ڪرڻ آهي ته ان فنڪار ۾ انفراديت ڪانهي ۽ هو ڪنهن
ٻئي فنڪار جو محض پاڇو آهي...... بدمعاش افسانو
پنهنجي جاءِ تي کڻي ڪيترو به مڪمل افسانو ڇو نه
هجي، پر ايترو ضرور چئبو ته افساني جي هيرو جو
ڪردار ليکڪ جي روح مان ڦاٽ کائي ڪونه نڪتو آهي.
باقي محترمه ثميره جي اها ڳالهه ته گورڪي پاشا جو
نفسياتي پس منظر ڪونه ڏيکاريو ۽ پڙهندڙن تي ڇڏيو
آهي ته هو پاڻ تصور ڪن ۽ جمال بدمعاش جو نفسياتي
پس- منظر ڏيکاريو آهي (ان ڳالهه کي جمال جي برتري
سمجهبي يا ”پاشا“ ۽ ”بدمعاش“ جي ڪردارن جي مشابهت
جو جواز؟) ان لاءِ اسان کي اها ڳالهه نه وسارڻ
گهرجي ته پاشا ماءُ ناول جو
MINOR
ڪردار آهي، جنهن جي نفسياتي پس- منظر ڏيکارڻ جي
ضرورت محسوس ڪانه ٿي ٿئي (پاڻ پاشا جو ڪردار هيرو
جي ڪردار جو نفسياتي پس- منظر ڏيکاري ٿو.) مان
ذاتي طور ”بدمعاش“ جي ”پاشا“
سان مشابهت کي برداشت ڪريان ٿو ان جو جمال ان
افساني ۾ هڪڙو تمام وڏو پيغام پڙهندڙن تائين
پهچايو آهي. مان سمجهان ٿو ته برائي
(VIL)
پيار جي عدم موجودگي جو نالو آهي. پيار پاڻ ازلي
چڱائي آهي ۽ ان ازلي چڱائي جي غير موجودگي برائي
آهي. جمال ان ساڳئي ڳالهه کي افساني ۾ بيان ڪيو
آهي ”بدمعاش“ ساري ڄمار ايتريون ته برايون ڪندو
ٿو رهي جو سندس وجود برائي جي جيئري جاڳندي علامت
بنجي رهجي ويو آهي ۽ هن جو نفسياتي پس- منظر
ڏيکاري جمال اهو ثابت ڪيو آهي ته سندس ان ساري
برائي جو ڪارڻ هن جو اهو ماحول آهي جنهن ۾ هن جو
روح سڪ جي سرڪ لاءِ سڪندو ٿو رهي. افساني ۾ جمال
رڳي اها ڳالهه چوڻ نٿو گهري، پر هو انسان جي ازلي
چڱائي ۾ پنهنجو غير متزلزل اعتماد به ڏيکارڻ ٿو
گهري. افساني جي آخري موڙ وٽ هو اهڙو واقعو ٿو آڻي
جنهن سان بدمعاش جي ازلي چڱائي اڀري سندس براين کي
ڍڪي ٿي ڇڏي...... منهنجي خيال ۾ افساني کي اتي ختم
ٿيڻ گهربو هو جتي بدمعاش جي روح مان چڱائي ڦاٽ
کائي نڪري ٿي اچي. باقي ان کان اڳ وارو سارو ٽڪرو
(لولي جمعدار جي جيلر بنجي وڃڻ وارو اتفاقي واقعو
۽ بدمعاش سان سندس بهيمانه ورتاءُ) نه رڳو اجايو
ٿو لڳي پر افساني جي روح کي به مجروح ٿو ڪري ڇڏي.
افساني جو آغاز ۽ انجام هميشه ليکڪ لاءِ اهم مرحلا
ٿيندا آهن. ليکڪ کي افساني جو آغاز اهڙي نموني
ڪرڻو پوندو آهي جو ايندڙ منزلون هڪ ٻئي سان رشتو
ڳنڍينديون پار پونديون وينديون آهن تان جو افسانو
پنهنجي منطقي انجام تي اچي ختم ٿي ويندو آهي. جمال
پنهنجي افساني جي انجام جي باري ۾ لکيو هو. ”مون
ڄڻ ته هڪ وڏو سوال پيش ڪيو آهي ته بدمعاش ڪير؟ اهو
جو ٺوڪرون ٿو کائي يا اهو جو ٺوڪرون ٿو هڻي؟“
مون کي ساري افساني ۾ ان سوال جي گنجائش ئي نظر
ڪانه ٿي اچي. افساني جو
(VILLIAN)
ماحول آهي ۽ نه لولي جمعدار. ساري افساني ۾ ويچاري
لولي جمعدار جو ڪردار ان ڪتي جي ڪردار کان وڌيڪ
ڪابه اهميت ڪونه ٿو رکي جنهن کي بدمعاش گلر ڪري
پاليو هو. افساني جي آخر ۾ ليکڪ هروڀرو ان غير اهم
ڪردار کي گهلي وچ ۾ آڻي کيس اجائي اهميت ڏيئي
افساني جو رخ پنهنجي قدرتي انجام کان ڦيري ڇڏيو
آهي.
جمال جو آخري ۽ بدنام ڪرداري افسانو ”پشو پاشا“
آهي. مون افساني کي بدنام افسانو انڪري سڏيو آهي
جو جڏهن افسانو ”مهراڻ“ رسالي ۾ شايع ٿيو ته دوستن
کان دانهون نڪري ويون ۽ سڀني گڏ جي ”پشوءَ“ کي
قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مان هتي ”پشوءَ“ جي
افاديت ڏيکاري کيس قابل قبول ثابت ڪرڻ نٿو چاهيان
مان رڳو ايترو ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته جمال کي ڪردار
نگاري ۾ ڪيترو نه ڪمال حاصل آهي. اوهين ”پشو پاشا“
افسانو پڙهو. اوهانکي سارو افسانو پشوءَ جي داخلي
۽ خارجي ڊرامائي عمل جي چوڌاري ڦرندو نظر ايندو.
ڪنهن به ڪردار جو ڊرامائي عمل ٻن قسمن جو ٿيندو
آهي. خارجي ۽ داخلي. خارجي ڊرامائي عمل ان وقت
شروع ٿي ويندو آهي جڏهين هيرو ۽ مخالف خارجي قوتن
جي وچ ۾ ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي آهي ۽ ٻئي هڪ ٻئي سان
ٽڪرائبا، جدوجهد ڪندا پنهنجي قدرتي انجام تي وڃي
پهچندا آهن. داخلي ڊرامائي عمل ان وقت جنم وٺندو
آهي، جڏهين هيرو جي داخلي مخالفن جبلتن جي وچ ۾
ڇڪتاڻ شروع ٿي ويندي آهي.
پشوءَ جي ڪهاڻي پڙهندي مونکي هميشه يوناني ديومالا
جي ڪردار نرگس جي ڪهاڻي ياد اچي ويندي آهي جيڪو
پنهنجي سونهن تي عاشق ٿي گل بنجي پيو هو ”پشو“ به
نرگس جيان سهڻو آهي.... ”سچ پچ به شينهن جهڙو مڙس
هو. ڊگهو قد آور. لڱ مروڙ. رڪ جهڙو چيڙ
هالو......“ هو به پنهنجي سونهن تي عاشق آهي. هو
به نرگس جيان گل (پاشا ۽ جابلو شينهن) بڻجڻ ٿو
چاهي. نرگس جيئن ته ديو مالا جو ڪردار هو تنهن ڪري
کيس گل بڻجڻ لاءِ ڪنهن به ڊرامائي عمل جي ضرورت
پيش ڪانه آئي هئي. پرپشو ته اسان جي هن جيئري
جاڳندي جهان جو جيئرو جاڳندو ڪردار آهي. انڪري
پاشا بڻجڻ کيس خارجي طاقتن سان ٽڪرڻو ٿو پوي.
ڪڏهين کيس شڪر گنج جي چوٽيءَ تي ريڙهيون پائي
چڙهڻو ٿو پوي. ته ڪڏهين جو ڪجهه چئجيس ٿو سو منهن
تي ڦهڪائي ڏيڻو ٿو پوي. ڳوٺ ۾ رئيس به رهندو هو.
پشوءَ کي رئيس جي وڏائي جو احساس آهي ۽ جنهن احساس
کي پشو رئيس جي اڳيان پنهنجون پوريو مڇون وٽي دور
ڪندو ٿو رهي. ان احساس کي ملائڻ لاءِ ئي هڪڙي
ڏينهن رئيس جي گلاس ۾ پاڻي ٿو پيئي ۽ نوڪر جهلنس
ٿا ته چوي ٿو ”ادا رئيس ڇو ڪو چهڙو آهي ڇا...؟“
(عام ماڻهو جيڪر چوي ته ”ادا! مان ڪو چهڙو آهيان
ڇا.....؟“) ائين پشوءَ جو ڪردار ارتقا جون منزلون
پار ڪندو ٿو وڃي تان جو سندس خود پرستي وارو جذبو
مرتفع صورت اختيار ڪري انسان پرستي وارو جذبو بڻجي
ٿو پوي. بلڪل ائين جيئن انساني گوشت جي وڍ ڪٽ ڪرڻ
وارو جذبو خوني ۽ ڌاڙيل بنجڻ جي جذبي جي بدران،
مرتفع صورت اختيار ڪري سرجن بنجڻ جو جذبو بنجي ٿو
پوي. ائين پشو خارجي طاقتن سان ٽڪرائيندو پنهنجي
قدرتي انجام کي ٿو وڃي پهچي. مان هت ”پشو پاشا“
افساني جي انجام جي باري ۾ به ڪجهه چوڻ نه ٿو
گهران اوهين افساني جا آخري جملا پڙهو. ”ڦاسي گهاٽ
مان هزارين پشو اڏامندا نظر آيا. سندس سر تريءَ تي
هوا.....“
ائين پيو معلوم ٿيئي ڄڻ ڪو فنڪار نٿو ڳالهائي، پر
ڪو مبلغ پنهنجي ڳالهه مڃائڻ لاءِ پڙهندڙن جي جذبات
سان کيڏي رهيو آهي.
’هڪ دل جي اڪيلائي‘ تي رايو
’محبت، آرزو، ۽ دل جي دنيا‘ (’نئين زندگي‘ مخزن ۾
شايع ٿيل) کان پوءِ ’هڪ دل جي اڪيلائي‘ (سهڻي
پبليڪيشن جي ڪتاب کڙندا کٽڻهار ۾ شايع ٿيل) تنهنجي
پهرين ڪهاڻي پڙهي اٿم، جيڪا تنهنجي ئي لفظن ۾ بڙڇي
بڻجي هانءُ ۾ کُتي آهي، پاڻ ٻئي ڏاڍا سٺا دوست
آهيون، پر اُن هوندي به مون کي تنهنجي ڪهاڻيون نه
وڻنديون هيون (اخلاقي جرئت ته ڏس! ڏس ته ڪيئن نه
ڊيل ڪارنيگسي جي سڀني ڪتابن ۽ اصولن تي دانگي ملي
ڇڏيم) پر هن ڪهاڻيءَ ۾ تنهنجي اندر ويٺل فنڪار،
جيڪو نعرن جي جنجيرن ۾ جڪڙيل هو، سڀ جنجير ٽوڙي،
بقول اياز جي پوري جوت تي چڙهي ڀيڄ ڀني ڏٺي آهي.
ايڏي شعريت، ايڏي مِٺي ڪوڙاڻ، ايڏي غمگين نغمگي.
ادا، ڪيئن اهڙي ڪهاڻي لکي سگهيو آهين. دل ٿي چوي
ته جيڪر اُها ڪهاڻي مان لکان ها. ڇاڪاڻ ته اهو
ازلي عذاب، جنهن ۾ سمنڊ لڇي پيو، سو منهنجو ئي
عذاب آهي. ٽهڪ ۽ مرڪ، ته ويرون ۽ لهرون آهن. جيڪي
روح مان اُڀري چپن تي وڇائجي وري واپس وري ٿيون
وڃن.
]سهڻي
’امر جليل‘ نمبر[
حميد سنڌي- حقيقت پسند ڪهاڻيڪار
حميد منهنجو هم عصر ليکڪ ۽ ذاتي دوست آهي. هن جي
شخصيت منهنجي اڳيان ائين کليل آهي جيئن سندس
ڪهاڻين جو هي ڪتاب. جنهن جو هڪ هڪ پنو، هڪ هڪ سٽ ۽
هڪ هڪ اکر مان پڙهي سگهان ٿو. اهڙي ليکڪ جي لکڻين
لاءِ لکڻ وڏو مسئلو هوندو آهي. جو لکڻ وارو يا ته
ساڻس دوستي نڀائڻ لاءِ سندس اجائي تعريف ڪندو آهي
يا وري رشڪ جو شڪار ٿي سندس قد گهٽائڻ جي ڪوشش
ڪندو آهي ۽ ٻنهي حالتن ۾ ساڻس انصاف ٿي نه سگهندو
آهي. ٻيو مسئلو هي هوندو آهي ته اهڙي ليکڪ جي باري
۾ لکڻ وارو هن جي لکڻين کي سندس شخصيت جي حوالي
سان پڙهندو آهي، جڏهن ته لکڻين جي ليکڪ کان الڳ
پنهنجي حيثيت ۽ شخصيت هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي
جو 1968ع ۾
Roland Borthes
نالي هڪڙي نقاد ليکڪ جي موت جو اعلان ڪيو ۽ هڪڙو
مضمون لکيو جنهن جو عنوان ئي
The Death of the Author
هو. ان مضمون ۾ هن لکيو هو ته فنڪار ئي پنهنجي فن
جي آخري تشريح سمجهيو ويندو آهي پر ائين نه آهي.
فنڪار جي تخليق پاڻ ئي پنهنجي تشريح هوندي آهي.
اها تشريح پڙهندڙ ڪندو آهي ۽ پڙهندڙ جو جنم ليکڪ
جي موت سان ئي ممڪن آهي. بودليئر جي ڪنهن نظم کي
هڪ ناڪام انسان جي ناڪاميان ۽ وان گوگ جي ڪنهن
تصوير کي هن جي چريائپ جي حوالي سان اچڻ گهرجي.
مارڪس لاءِ به چيو ويندو آهي ته هو يوناني آرٽ جو
وڏو مداح هو ۽ آرٽ جي
relative autonomy
جو قائل هو. ان ساري تمهيد جو مقصد اهو آهي ته مان
پنهنجي پر ۾ ڪيتري به کڻي ڪوشش ڪيان پر ته به مان
شايد حميد جي لکڻين سان انصاف ڪري نه سگهان.
حميد جي ڪهاڻين ۾ جنهن ڳالهه سڀ کان وڌيڪ منهنجو
ڌيان ڇڪايو، اها وقت جي بي رحميءَ جو غمناڪ ۽
ڏکوئيندڙ احساس آهي. هر شيءِ وقت جي لتڙ ۾ آهي ۽
ڀڄند، ڀرندي ۽ جهرندي ٿي وڃي. ماڻهو، مڪان، ماڳ –
ڪا شيءِ پنهنجي اصلي حالت ۾ نه آهي. وقت جي اهڙي
احساس جي ڪري سندس گهڻي ڀاڱي ڪهاڻيون حال کان
ماضيءَ ڏانهن سفر ۽ فليش بيڪ ۾ آهن. ماضي حال کان
وڌيڪ... آهي. ”ڳوٺ ۾ نه اهي گهٽيون آهن نه اهي ماڳ
مڪان، نه اهي راڳ رنگ جا روپ، ڳتيل گهٽيون، چؤڌاري
جاين جو جوڙاءُ، لنگهه به بازاريون، نه اهي باغ
بستان، نه آهي مستيءَ جا پيمانا پياريندڙ پيرن
فقيرن جون درگاهون.“... ”هي اجڙيل ديار، چؤڌاري
مڙهه ئي مڙهه. نصير شاهه بي وس. سندس خاندان رليل“
(ٿيس ڏهاڳڻ ڏيهه ۾). ’زماني جو دستور‘ ڪهاڻي جي ته
شروعات ئي قبرستان جي ذڪر سان ٿي ٿئي. ”جڏهن به
ڳوٺ وڃان ته صبح جو پنڌ ڪندي وڃي قبرستان نڪران.“
’ڪتاب جو بند باب‘ ۾ لکي ٿو ته هڪڙو پوڙهو جهور
ماڻهو هڪڙي جهرندڙ ڪمري ۾ ويٺو آهي. سندس نڙي ۾
ڪينسر آهي. ارد گرد جو ماحول سندس وانگر ئي وقت جي
لتڙ سان جهريل آهي. سامهون ڀت تي هن جي جوانيءَ جي
تصوير ٽنگيل آهي. ”ڳل ڀريل، ٽويڊ جي ڪوٽ ۾ سٺي
ٽاءِ، اڌڙوٽ... پڪي ارادي وارو بهادر ليکڪ، بهادر
استاد، هڪ مڪمل بهادر انسان. وقت وچي مان
بادشاهه... پوڙهن جي پيشاني ۾ پيرا مون پسجن.“
۽ هوءَ جيڪا، ’دردونديءَ جو ديس‘... جي نازو آهي،
ڪال گرل، تيز ڳاڙهي رنگ واري لپسٽڪ، ڀرون ٺهيل،
آئي ليشز، جيڪا مڙس سان تڙيءَ سان ٿي ڳالهائي ۽
انگريزي اکر ٿي استعمال ڪري، اها ماضيءَ جي لالان
آهي. معصوم ۽ بي خبر، پنهنجو پاڻ کان، پنهنجن
جذبن، احساسن کان ۽ زماني کان. ڳل تي چمي ٿي مليس
ته رئي سان اُگهي ٿي ڇڏي. چپن تي چمي ٿي مليس ته
پنهنجن احساسن کي سمجهي نٿي سگهي ۽ چئي ٿي، ’مون
کي الائي ڇا ٿو ٿئي‘. اهڙي معصوم ڇوڪريءَ کي وقت
ڪال گرل بڻائي ٿو ڇڏي... هوءَ روئي ٿي ته سندس
اجڙيل ويران پوٺي جهڙي وجود ٿي لڙڪن جو وسڪارو ٿو
ٿئي ۽ ڄڻ ته دردونديءَ جو ديس وسي ٿو پئي. هوءَ
پنهنجي ماضي جي معصوم منظر کي
replay
ڪرڻ لاءِ انهن ساڳين هنڌن تان ٿي لنگهي جتان به
ننڍپڻ ۾ لنگهي هوءَ گهر ويندي هئي. پويون در،
ڏيڍي، ٽڪري وارو پيچرو، ان کان پوءِ پراڻو پيچرو.
هوءَ اسپتال جي گيٽ وٽ ٽيوب لائيٽس جي ورشنيءَ ۾
بيٺي آهي. اها ئي معصوم، سنهڙي سيپڪڙي لالان. اتي
هانءَ کي جهٻو اچي ٿو وڃي.
’پل جو موهه‘ جي ڦلان، وڪيل جي پراڻين فائيلن مان
هڪ فائيل ۾ دفن آهي. ”فائيل کي ڇنڊڻ سان دَزَ
اڏاڻي، مون کي لڳو ته هيءَ زماني جي دَزَ آهي،
جنهن ڪئي ڊنگ لٽي ڇڏيا. هن ٿوريءَ دَزَ ۾ ئي ڦلان
دفن هئي جو، هن جو وِت ئي ايترو هو.“
’هي زهر ڪير پيئندو‘ جو استاد شفيع پينشن جي ڪاغذن
جي پڇا ڪرڻ جي بهاني پوري وقت تي اسڪول ويندو آهي.
سندس زندگي سندس ڪمري ۾ ٽنگيل 1936ع واري گهڙيال
جهڙي آهي.
حميد جي ڪهاڻين جا ڪردار ۽ واقعا هٿ جا گهڙيل نه
هوندا آهن. ائين به ٿيندو آهي جو ڪي ڪردار زندگيءَ
جي ڪنهن رويي، ڪنهن نظري ۽ ڪنهن سوچ جي تجسيم (personification)
هوندا آهن ۽ انهن جي اوسر لاءِ ليکڪ ڪي خاص واقعا
۽ صورتحال گهڙيندو آهي، جن ۾ انهن ڪردارن جي اوسر
ٿيندي آهي ۽ سندس اندر اجاگر ٿيندو آهي. پر حميد
جا ڪردار زندگيءَ جا ڪردار آهن، جن جون ڪهاڻيون
پڙهندي لڳي ٿو ته عام زندگيءَ ۾ اسين انهن ڪردارن
سان ڪٿي نه ڪٿي ملي چڪا آهيون ۽ هنن جي زندگيءَ ۾
جيڪي واقعا پيش ايندا آهن اهي اسان جي اڳيان رونما
ٿيندا رهيا آهن. ڪهاڻين جي ڪردارن لاءِ چوندا آهن
ته ڪي ڪردار
type
هوندا آهن، جيئن ’دردوندي...‘ ڪهاڻيءَ ۾ لالان جو
مڙس شمن جنهن سان اڄ به ڪنهن به سرڪاري بنگلي ۾
ملاقات ٿي سگهي ٿي. ڪهاڻي ٻڌائڻ وارو جڏهن کانئس
لالان جو پڇي ٿو ته هو جواب ٿو ڏي ته، ”لالان اتي
آهي، گهرايانس.“ ۽ پوءِ هو ٿورو مرڪي. ٿو. هن جي
جواب، خاص ڪري سندس مرڪ سان هن جو سمورو ڪردار
چٽجي ٿو وڃي، جيڪو هونئن شايد صفحا لکڻ سان به
چٽجي نه سگهي ها. ڪي ڪردار فليٽ هوندا آهن. اهي
ڪردار ايڏا ته سڌا سنوان هوندا آهن جو هنن جي باري
۾ پڙهندڙ اڳ ۾ ئي اندازو لڳائي سگهندو آهي ته هو
ڇا ڪندو، ڇا ڪري سگهندو ۽ ڇا ڪرڻ وارو آهي، جيئن،
’زماني جو دستور‘ جو ڪردار مامون شمن، جنهن مان
اندازو ٿي ٿو وڃي ته پنهنجن مائٽن سان، جيڪي وڏن
ماڻهن جا پٽ آهن، سندس اٿڻ ويهڻ ڪهڙي نوع جو
هوندو. ڪي وري
round
ڪردار هوندا آهن، منجهيل ۽ ڳتيل، جن جي شخصيت جا
تهه آهستي آهستي کلن ٿا. جيئن ’پل جو موهه‘ جي
ڦلان. وهي کاڌل، پنجاهه ويجهو پهتل، ڪمزور نٻل،
ميرن لٽن ۾ ويڙهيل، فقيراڻي حال واري، هڪ بغچو هنج
۾، پراڻو چڳل گيتلو پيرن ۾، پير مٽيءَ ۾ ڪٺ، ماس
ڪوريل، هڏاوان هٿ، منهن ڌوتل نه ڌوتل، وار بنڊ،
پراڻو ميرو رئو مٿي تي، جتي گسڪ گسڪ ڪندي سڄي جهان
کي ٻڌائيندي هلندي ته ڦلان اچي وئي آهي. ٻيڙين جا
سوٽا، ڳالهه ڳالهه تي اک ڀڃڻ. ماسي چئوس ته مڇرجي
پوندي، ’ماڻهين ماسي، پڻهين ماسي، مائي نه ڪندو
ڪر. اڄ به ڏندين ڏاند آهيان. ڪيئي پاڻي ڀري ڀري
مري کپي ويا. ڪي ڀرڻ لاءِ اڃا به آتا آهن.‘
”سهڻا صاحب، نظر هٽائي.“ ڳالهائڻ کربل پر دل ڌوتل.
هٿ چراند جو شڪ پئيس ته لتن سان ڪُک ڪڍي ڇڏي. وڪيل
جي منشيءَ کيچل ڪيس ته ٿڦون وهائي ڪڍائينس.
ڪهاڻيءَ جي هيرو جو موهه ۾ وٺجي وئي. نيٺ کيس جوان
ڌيءَ ڏيکاري، دارون پياري، پهر مستيءَ ۾ ساڻس سمهي
پل جو موهه حاصل ڪيائين.
حميد جي ڪهاڻين جي ڪردارن مان جيڪو ڪردار پوري طرح
اڀري سامهون ٿي اچي. اهو ڪهاڻي ٻڌائڻ واري جو
ڪردار آهي. اهو ڪردار ڪڏهن مان ته ڪڏهن ٽيون ماڻهو
ٿي ڪهاڻي ٻڌائي ٿو ۽ پڙهندڙن جي ذهن ۾ هن جو جيڪو
ڪردار جڙي ٿو، اهو هن ريت آهي: نرم ۽ رحمدل،
ننڍيءَ ننڍيءَ ڳالهه تي روئي ڏيڻ، جذبن جي غلبي ۾
ڏڪندڙ. ’دردوندي...‘ ڪهاڻي جو لالي گهڻن سالن کان
پوءِ ساڻس ملي ٿي ته کيس ڏڪڻو سائين ٿي سڏي.
’ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن‘ ۾ سندس دوست عاشق ۽ هن جي گرل
فرينڊ ڀاڪر ٿا پائين ۽ چميون ٿا ڏين ته سندس سڄو
بت ٿو ڏڪي ۽ پنڊ پهڻ ٿي بيهي ٿو رهي. گهريتڙو ٻار
جنهن کي هر وقت بابي ۽ خاندان جو خيال ٿو رهي. رڳو
خيالي عشق ڪندو، دردناڪ چٺيون لکندو يا وري دريءَ
جي اشارن وارن ديدار ڪندو آهي.
Middle class morality
وارا عاشق ائين ئي هوندا آهن. اخلاقي جرئت ايتري
به ڪانه جو بنگلي جي چوڪيدار کان لالان جي سڌي پڇا
ڪري. کانئس اڻ سڌي طرح ٿو پڇا ڪري ته، ’ماسي جنان
سان ٻيرڍ ڪير هئي؟‘ ۽ کيس گهربل جواب ملي ٿو،
’سائين لالان، سندس ڌيءَ‘
’ٽانڊاڻا ٿا ٽمڪن‘ ڪهاڻيءَ ۾ سندس اخلاقي جرئت جو
فقدان کيس ولئن بڻائي ٿو ڇڏي. ولئن به بديءَ جي
قوتن وارو نه پر ڊپ ۽ خوف جهڙو نٻل ۽ سازشي. هو
وڏي چالاڪيءَ سان پنهنجي دوست عاشق ۽ سندس گرل
فرينڊ ۾ اختلاف پئدا ڪري پاڻ ان کي حاصل ٿو ڪري.
ڪوڙي انسان پرستي، غريبن سان همدردي ڪري ۽ پنهنجي
همدرديءَ مان مزو وٺي پنهنجي انا کي تسڪين ٿو ڏي.
هن کي
mother fixation
آهي. هو جڏهن لالان جا چپ چمڻ جي ٿو ڪري جن تي
ڪهاڻيءَ جي هيرو جي ماءُ جي لپ اسٽڪ لڳل آهي ته
سندس مدر فڪسيشن ڪراهت ۾ بدلجي ٿي وڃي. ان فڪسيشن
جي ڪري هو ساري زندگي شادي نٿو ڪري. ڦلان جي جوان
جماڻ ڌي شانان کان وڌيڪ هن لاءِ کانئس ٻيڻ تي وڏي
عمر واري ڦلان جي ياد آهي، ايئن لڳم ته ڦلان ڀاڪر
۾ ڀري مٺيون پئي ڏئي. مان وري ڦلان جي موهه ۾ پئجي
ويس.هي پل ڄڻ ورهيه هئا. شانان ڪوهه پري هئي.“
ڪو زمانو هو جو ادب ۾ اميرن جي اجاره داري هئي.
اميرن جي زندگي جا ناول ۽ ڪهاڻيون لکيا ويندا هئا.
ٽريجڊي ڊرامن جا هيروز ته هوندا ئي بادشاهه ۽
جرنيل هئا، جيڪي سماجي بلنديءَ تان پستيءَ ۾ ڪرندا
هئا ۽ سندن زوال مان ٽريجڪ تاثر پيدا ڪيو ويندو
هو. پر پوءِ آهستيءَ آهستيءَ عام ماڻهوءَ به
ناولن، ڪهاڻين ۽ ٽريجڊي ڊرامن ۾ جاءِ والارڻ شروع
ڪئي ۽ هيرو سان گڏ اينٽي هيرو جا ڪردار به پيش ٿيڻ
لڳا. ادب جيڪڏهن زندگيءَ جو آئينيدار آهي ته پوءِ
زندگيءَ کي خوبصورت ۽ آدرشي بڻائي پيش ڪرڻ جي
بدران جيئن جو تيئن ڇونه پيش ڪيو وڃي. ٽريجڊي
ڊرامي جيڪڏهن هن ڪائنات ۾ ماڻهوءَ جي مقام ۽
ڪردار، سندس عروج ۽ زوال، اهنجن، ايذائن جو عڪاس
آهي ته پوءِ بادشاهن ۽ جرنيلن جا ڊراما ڇو لکيا
وڃن، عام ماڻهوءَ جا ڊراما ڇونه لکيا وڃن؟ ايئن
ادب ۾ ريئلزم جي تحريڪ شروع ٿي ۽ هڪڙي نقاد ته
حقيقت نگاريءَ جو نالو ئي
slices of life
رکيو.
حميد جون ڪهاڻيون به ادب ۾ حقيقت نگاريءَ واريءَ
روايت جون ڪهاڻيون آهن، جن ۾ اينٽي هيروز به آهن
ته اينٽي هيروئنز به. اهو زندگيءَ کي جيئن جو تيئن
ڪرڻ جي ڪري ئي آهي جو سندس ڪهاڻين جا ڪردار اسان
ڏٺل وائٺل ۽ ڄاتل سڃاتل ٿا لڳن ۽ ڪهاڻين جا واقعا
به اڻ ڏٺل ۽ اوپرا نٿا لڳن. شمن باغائي جي ڀيڻ ۽
سوٽ حويليءَ ۾ پرڻيل آهن. اهو انهن سان رڳو ڏيوڍي
۾ ملي ٿي سگهيو. ڏيوڍيءَ جي چائنٺ ٽپي نٿو سگهي.
امير گهراڻي جا مائٽ ڇوڪرا ساڻس چرچا ڀوڳ ۽ چٿرون
پيا ڪن، ڪرڪيٽ ۽ اٽي ڏڪر راند ۾ پيا کيس ڊوڙائن ۽
هو انهن ۾ پنهنجو مقام پيدا ڪرن لاءِ سڀ ڪجهه پيو
سهي ۽ ڪري.
’پل جو موهه‘ جي ڦلان جي ننڍي هوندي جي شادي.
پهريون مڙس گلو ڌاڙي ۾ ٻڌو ته پوليس گولي هڻي پورو
ڪيس. ٻئي مڙس کان رئيس طلاق ڏياري ساڻس شادي ڪئي.
جوان زال کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪيمن جي بلي ٿيو جن
کيس ڪشتا کارائي اڌرنگ ڏيئي ڇڏو. مئو ته ڦلان کي
سندس ملڪيت مان حق نه مليو. اهي واقعا روز پيا
اسان جي اڳيان ٿين.
ريئلزم جي روايت ۾ لکيل حميد جي ڪهاڻين مان، ’هي
زهر ڪير پيئندو‘ بي رحم حقيقت نگاري واري ڪهاڻي
آهي. استاد شفيع محمد ريٽائرڊ هيڊماستر ٽن جوان
ڌيئن جو پيءُ، پٽ کريل، ڌيئن جا ڪپڙا ڦاٽل ۽
گهرجون ڀتيون جهريل. مٿي تي ڦندڻ واري ترڪي ٽوپي،
هٿ ۾ مٺئي وارو لڪڻ. ڪيڏو نه عزتدار ٿو لڳي. بازار
مان لنگهي ٿو ته سڀ کيس سلام ٿا ڪن. پر پوءِ وچ
بازا ۾ بڪالي ۽ هندو بجاج کانئس اوڌر گهرڻ لاءِ
ڦري ٿا اچن. هو سندن اوڌر ڪيئن لاهي. هي
anti-people
معاشرو کيس وفاداري ۽ عزت سان جيئڻ جو حق به نٿو
ڏي. سندس پينشن جا ڪاغذ نٿا ٺهن، جو ڏيتي ليتي کان
سواءِ هتي ڪنهن جو ڪم نه ٿيندو آهي. اوستو غفور
کيس ٻڌائي ٿو ته سندس پٽ هيروئن وڪڻندو آهي. ويڻن
جا وَڍَ کائيندو هو اسڪول ۾ ٿو اچي ته استاد ڪلاس
وٺڻ جي بدران ٻيڙيون پيا پيئن، شاگرد به دونهان
پيا ڪڍن، هيڊماستر به آفيس ۾ ٻيڙي پيو ڇڪي. هي سڀ
ڪجهه هن لاءِ ناقابل برداشت آهي. ۽ هو پاڻ به ان
نئين صورتحال لاءِ ناقابل برداشت آهي. ساري
صورتحال سندس خلاف ٿي وڃي ٿي. هو وساري ويٺو آهي
ته هو هاڻي ڪهن کي علم جي عبادت گاهه جي تقدس کي
پامال ڪرڻ کان جهلڻ جي حيثيت ۾ نه آهي. سندس ذلت
جي انتها ان وقت ٿي ٿئي جڏهن سندس پٽ آبڪاري وارن
کان ڀڄندي هيروئن جا ٻه پڙا سندس کيسي ۾ ٿو وجهي ۽
پوءِ کيس نوٽن جومچو ٿو ملي. هو نوٽن جو مچو باهه
۾ وجهي ٿو ۽ لفافي ۾ پيل هيروئن جون ساريون پڙيون
پاڻيءَ جي جڳ ۾ ملائي پي ٿو ڇڏي. هي زهر نيٺ ڪنهن
کي ته پيئڻو هو، جيڪو استاد شفيع پاڻ ئي پي ڇڏيو.
زهر شو ديوتا به پيتو هو.هن سمنڊ ولوڙي امرت ۽ زهر
ڪڍيو هو. امرت هن دنيا کي ڏنو ۽ زهر پاڻ پي ويو.
زهر پيئڻ جي ڪري هن جي ساري ڳچي نيري ٿي وئي، ان
ڪري نيل ڪنٺ يعنيٰ نيري ڳچي وارو سڏبو آهي. زهر جو
رڳو هڪڙو ڦڙو سندس چپن مان ترڪي زمين تي ڪريو هو.
دنيا ۾ هي ساري ڪاوڙ، ڪروڌ، نفرت ۽ حسد ان هڪڙي
ڦڙي جي ڪري آهي. پر استاد شفيع جي زهر پيئڻ سان نه
سندس نياڻين جا انگ ٿا ڍڪجن.، نه سندس پٽ سڌري ٿو،
نه سندس پينشن جا ڪاغذ ٿا ٺهن ۽ نه هيروئن جو
ڪاروبار بند ٿو ٿئي. ڇا هيءَ عام انسان جي ڪهاڻي،
سماجي بلندين تان پستين ۾ ڪرندڙ ڪنهن بادشاهه يا
جرنيلن جي زوال ۽ سندس اذيتن ۽ ايذائن واري ٽريجڊي
ڊرامي کان ڪنهن به طرح ڪو گهٽ ٽريجڊي ڊرامون آهي.
ڪراچي 16 مارچ 2002ع |