سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :9

باب چوڏهون

ٽائيڪو براهي

وهمن ۾ جڪڙيل قوم ترقي نه ڪري سگهندي آهي. جهالت ڪو جواب ڳولهي وٺندي آهي  پر اهو هميشه غلط هوندو آهي. انهي سان ڳولها ڦولها جو عمل رڪجي ويندو آهي ۽ توهان جڏهن ”ڇو“ وارا سوال ڪڍي ڇڏينداؤ ته دماغ نپوڙجي خشڪ ٿي ويندو. وچئين دور جي يورپ جي ماڻهن کي وهمن ۾ مات ڏئي سگهندڙ ٻي ڪا قوم پيدا ٿي نه ئي هوندي. اهي ڏنڌ ڪٿائون ۽ جهالتون سندن مذهب ۾ شامل ٿيل هيون. هڪ کي هٿ وجهڻ سان ٻئي ۾ پاند اٽڪي پوندو هو ۽ انهي جو مطلب هوندو هو تڪليفون، قيد خانو ۽ ٻرندڙ چهبڪن جي مُٺ جيڪا هڪ مچ جي وچ ۾ بيٺل ملحد تي پئي وسندي هئي.

وهمن ۽ سنسن کي اختيار ڪري وٺڻ ئي ڏاڍو محفوظ ۽ با آرام طريقو هوندو هو يورپ جي ذهن جي سجاڳي ۽ بيوقوفاڻن خوفن ۽ اعتمادن جو موت؛ اهي ٻئي عمل هڪٻئي سان پورو ڇوٽ هليا آهن. اهوئي سبب آهي جو اونداهين دورمان فلڪيات نمو دار ٿي جنهن جديد دنيا کي جنم ڏنو. فلڪيات ڪافي حدتائين محفوظ علم هو. اهو ماڻهن کي سندن پنهنجن جسمن بابت ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪرڻ کان ته لازماً بهتر هو. اناٽامي جي اسپيني ماهر مائيڪل سرويٽس کي اها ڳالهه ڏاڍي دير سان سمجهه ۾ آئي. کيس مذهبي عدالت احتساب سوڙهو ڪيو ۽ هو 1553ع ۾ جيئرو باه ۾ ساڙيو ويو. هن ڪم فقط اهو ڪيو هو جو ڪجهه وهمن کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو هو. اها ڪا ٿوري ڳالهه نه هئي.

ٽائيڪو براهي طب يا فريالاجي کي اختيار نه ڪيو، هو جيڪڏهن ائين ڪري ها ته جهڙي سندس طبيعت هئي هو ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسي ها. اها ڳالهه سندس پنهنجي فائدي ۾ به هئي ۽ دنيا جو به فائدو ٿيو جو هن جي توجه ستارن تي رهي.

 

2

ٽائيڪو اسڪينيا (Scania) ۾ 1546ع ۾ پيدا ٿيو. اهو تڏهن ڊينمارڪ جو علائقو هو. هو ڏهن ٻارن مان سڀ کان وڏو هو سندس پيءَ اوٽو براهي وڪيل هو، سرڪاري عهدن تي رهيو هو ۽ آخر ۾ هيلسنگ بورگ جي قلعي جو نگران ٿي رهيو. پر ٽائيڪو جي پرورش سندس پيءُ نه ڪئي هئي. اهو ڪم سندس چاچي پنهنجن هٿن ۾ ورتو هو. ٽائيڪو جي ڄمڻ کان اڳ اوٽو ۽ سندس ڀاءُ جارج اهو فيصلو ڪيو ته اوٽو جو پهريون پٽ جارج وٽ رهندو جنهنکي اولاد نه هئي ۽ هن پٽ نپائڻ چاهيو ٿي. جڏهن ٽائيڪو ڄائو ته اوٽو ۽ سندس زال ٻار ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، انهي سبب ٻنهي ڀائرن ۾ ڪجهه تلخي به پيدا ٿي. جارج بهرحال انهي معاملي کي اتي ئي ڇڏي ڏنو تان جو هڪ سال پوءِ اوٽو کي ٻيو پٽ ڄائو. هاڻي اڪيلي ماڻهو لاءِ اها تمام وڏي ڳالهه ٿي وئي ۽ هو فوراً ٽائيڪو کي اغوا ڪري ويو. هاڻي جيئن ته انهن وٽ ٻيو ٻار به اچي ويو هو تنهنڪري ماء پي به امير ڀاء سان وڙهڻ ۾ ڪو فائدو نه سمجهيو ۽ ٽائيڪو کي سندس سنڀال هيٺ ڇڏي ڏنو.

ٽائيڪو 13 ورهين جي ڄمار ۾ ڪوپن هيگن يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو. جهڙو ڪنهن پيار ڪندڙ چاچي جي سنڀال هيٺ رهندڙ ٿي سگهي ٿو هو اهڙو ئي بي افعالو ۽ هوٿري قسم جو ڇوڪرو هو. هن کي پنهنجي اسڪول جي ڪم ۾ ڪابه دلچسپي نه هوندي هئي ۽ زندگي جئين پئي ايندي هئي ائين پيو گذاريندو هو.

پر هو جڏهن 14 ورهين جو ٿيو ته هڪ اهڙي شي ٿي پئي جنهن کيس جاڳائي ڇڏيو. سن 1561ع ۾ اگسٽ جي 21 تاريخ تي سج گرهڻ ٿي جيڪا ڪوپن هيگن ۾ به ڏسڻ ۾ آئي. انهي لقاءَ ڇوڪري تي تمام گهرو اثر وڌو. سندس توجه انهي حيرت انگيز منظر پاڻ ڏانهن نه ڇڪائي پر هو انهيءَ حقيقت کان متاثر ٿيو ته سج گرهڻ جي بلڪل درست تاريخ اڳواٽ ٻڌائي وئي هئي.

 

3

ٽائيڪو انهي وقت ۽ انهي هنڌ ئي اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته هو فلڪيات ۽ رياضي جي ايتري ڄاڻ حاصل ڪندو جيئن هو پاڻ اهڙيون اڳڪٿيون ڪرڻ جي قابل ٿي سگهي. هن بطليموس جا فلڪيات بابت ڪتاب حاصل ڪيا ۽ انهن جو اڀياس ڪرڻ شروع ڪيو. هو پنهنجي سموري زندگي جنهن شدت سان بطليموسي نظرين کي چنبڙيو رهيو انهيءَ جو سبب شايد ايتري ننڍي عمر کان سندس ذهن ۾ آسماني جسمن بابت اهي ڳالهيون ويهجي وڃڻ هجي. هن کي ” چريي ڪوپرنيڪس“ جي نظريي ۾ ڪڏهن به ڪا سمجهه ڀري ڳالهه نظر نه آئي.

انهن سائنسي ڳالهين سندس چاچي کي ڪاوڙائي وڌو. هن چاهيو ٿي ته سندس ڀائٽيو وڪيل ٿي سماج جو فضيلت ڀريو ميمبر ٿئي. ٽائيڪو کي ستارن ڏسڻ جي مرض کان بچائڻ لاءِ هن سندس سامان ٻڌي کيس 1562ع ۾ ليپزيگ موڪلي ڇڏيو. جارج هن سان گڏ ويڊل نالي هڪ اتاليق به موڪليو جيڪو ٽائيڪو کان چار سال وڏو هو. ويڍل جي ذمي انهيءَ ڪم جي نگراني ڪرڻ هو ته ٽائيڪو ستارن سان تعلق ختم ڪري ادبيات سان چنبڙيو رهي.

ويڊل ايماندار ماڻهو هو ۽ هن پنهنجي پگهار حلال ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪئي پر ٽائيڪو به ڏاڍو هوشيار هو ۽ پنهنجي اتاليق کان وڌيڪ محنتي هو. ويڊل جڏهن ڏاڍي آرام سان بستري ۾ پئجي رهندو هو ته ٽائيڪو کسڪي نڪري ويندو هو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو ستارا ڏسندو هو يا رياضي ويٺو پڙهندوهو. هن کي بي انداز توانائي هوندي هئي لڳندو هو ته هو ڪنهن به ڪم مان ٿڪجي نه ٿو ۽ هن کي فقط ڪجهه ڪلاڪ جي ننڊ گهربل هوندي هئي.

ٽائيڪو 17 ورهين جي عمر ۾ گرهن جو سنجيدگيءَ سان اڀياس شروع ڪيو. هن اها ڳالهه معلوم ڪري ورتي ته انهن جون جايون ڪتابن ۾ ٻڌايل جاين کان گهڻيون مختلف آهن. پوءِ هن هر ممڪن درستگي سان مشاهدا ڪرڻ شروع ڪيا. اهڙي طرح هو اهڙي ڪم ۾ لڳي ويو جيڪو پوءِ سندس زندگيءَ جو اهم ترين ڪم ثابت ٿيو. ٽائيڪو وٽ ڪا دوربين به نه هئي ۽ سندس اوزار به بلڪل سادا هئا. وقت گذرڻ سان گڏ هن سٺا اوزار ٺاهڻ سکي ورتا پر هن کي ڪنهن شيشي (lens) منجهان آسمان کي ڏسڻ جو موقعو ڪڏهن به نه ملي سگهيو.

ٽائيڪو 19 ورهين جو ٿيو ته سندس چاچي جي وفات سان اتاليق ويڊل جي جاسوسي به ختم ٿي وئي. پوءِ وراثت ۾ هڪ وڏي دولت ملڻ کانپوءِ هو پنهنجي مرضي سان سڀ ڪجهه ڪري سگهيو ٿي.

 

4

هو ليپزيگ کان روسٽوڪ يونيورسٽي ويو هليو ۽ کيس تقريباً فوراً اڻ گهربل مشهوري ملي وئي. هڪ دفعو چنڊ گرهڻ ٿيڻي هئي ۽ ٽائيڪو اڳڪٿي ڪري ڇڏي ته اها چنڊ گرهڻ ترڪيء جي سلطان جي مرڻ جي نشاني هوندي. سلطان جي مرڻ جي خبر پهچڻ سان ٽائيڪو وقتي طور ته هيرو ۽ قسمت جو مالڪ سمجهيو وڃڻ لڳو پر پوءِ جڏهن اها خبر آئي ته سلطان ته چنڊ گرهڻ کان اڳ فوت ٿيو هو ته نوجوان پيغمبر جي شهرت بدنامي ۽ چٿرن ۾ تبديل ٿي وئي.

ٽائيڪو اهڙو ماڻهو نه هو جيڪو پاڻ تي ٿيندڙ ڀوڳ ۽ چٿرون برداشت ڪري وڃي. هوڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ طعنن تي افسوس جو اظهار ڪيائين. ٽائيڪو پنهنجي سموري زندگي ۾ هڪ دفعو جيڪا ڊيوئل (Duel) وڙهيو هو انهي جو سبب به گهڻي قدر ته اها غلط اڳڪٿي هو. بهرحال هو هڪ شاگرد سان وڙهيو هو ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته انهي جوسبب اهو هو ته ڪنهنکي رياضي جي ڄاڻ وڌيڪ آهي.

ٽائيڪو ۽ سندس مخالف اهو طي ڪيو  ته رات جو انداهي ۾ تلوار سان وڙهي انهيءَ ڳالهه جو فيصلو ڪبو. ڊيوئيل لاءِ ڪنهن روشني جوبه بندوبست نه ڪيو ويو هو ۽ وڙهندڙن کي فقط آواز ذريعي ئي هڪٻئي جو پتو پئجي سگهيو ٿي. ويڙهه ڪجهه وقت ڏاڍي شدت سان هلي ۽ ڪو به نقصان نه ٿيو پوءِ ٽائيڪو جو نڪ مخالف جي تلوار جي ور ۾ اچي ويو. هن انهي ئي وقت لڙائي ۾ هار کاڌي ۽ نڪ تان هٿ کنيائين عزت جي احساس تسڪين ٿي وئي ۽ ٽائيڪو کي ڊاڪٽر ڏانهن نيو ويو.

ڊينمارڪ جو اهو عظيم رهواسي نڪ کانسواءِ زندگي نه گذاري سگهي ها. هو پنهنجي لاءِ سون ۽ چاندي جو نڪ ٺهرائڻ ۾ لڳي ويو ڪجهه ماڻهن مطابق اهو ٽامي جو هو. توهانکي خاطري هئڻ گهرجي ته اهو ٽامي جو نه هوندو. اهڙي معمولي شي ٽائيڪو جهڙي وڏ گهراڻي تي ٺهي ئي نه ها. هن اهوهٿراڌو نڪ پنهنجي جاءِ تي چنبڙائي ڇڏيو. سندس دشمن چوندا هئا ته اهو نڪ پهرئين نڪ کان وڌيڪ سٺو ٿولڳي. بهرحال اهو ڪڏهن ڪڏهن هيٺ به ڪري پوندو هو پر هو اهو کڻي وري چنبڙائي ڇڏيندو هو ۽ بغير ڪنهن رخني جي پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هو.

اها به ڏاڍي عجب جهڙي ڳالهه آهي ته ٽائيڪو ماڻهن سان ايترو گهڻو نه وڙهيو. هن جو مزاج ڏاڍو خراب ۽ زبان ڏاڍي تيز هوندي هئي. هن پاڻ سان واسطي ۾ ايندڙ تقريباً سڀني ماڻهن سان دير سوير جهيڙا ڪيا پر وقت گذرڻ سان سندس دوستن اها ڳالهه سمجهي ورتي ته کيس ايترو سنجيدگيءَ سان وٺڻو نه آهي تنهنڪري هو مرڻ مارائڻ کان بچي ويو.

 

5

ٽائيڪو سدائين شوقين ۽ ڏيکاء وارو ماڻهو رهيو. روسٽوڪ ۾ سندس پاران اٻهرائپ واري اڳڪٿي ۽ اونده ۾ ڊيوئيل مان به اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي. انهي ڏيکاء جي سبب ئي هو علم نجوم ۽ ڪيمياگريءَ ۾ يقين ڪري ويهي رهيو. هن کي سموري زندگي اها خواهش رهي ته هو غير متوقع ۽ اچرج جهڙيون ڳالهيون ڪري ماڻهن کي ڇرڪائيندو رهي.

شايد اهو ئي سبب هو جو هو ڪيمياگري ڏانهن متوجه ٿيو. انهي وقت ڪيمسٽري جهڙي ڪنهن شي جو وجود نه هوندو هو يعني اها ڪيمسٽري جهڙي اڄڪلهه سڃاتي وڃي ٿي. ڪيمياگري سائنس نه هوندي هئي پر اها روپ سائنس جو ڪيون ويٺي هئي ۽ سائنسي طريقن جي نقالي ڪندي هئي. ٽائيڪو سمجهندو هو ته سون متان ڪيمياگريءَ جي طريقن سان به حاصل ٿي وڃي تنهنڪري هن اهو حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون. انهي ڳولها دوران هن پراڻن نسخن جو مطالعو به ڪيو ته ڪجهه پنهنجا نسخا به ٺاهيا. هن جي هڪ پيٽنٽ دوا ڏاڍي مقبول ٿي ۽ جنهن به اها استعمال نه ڪئي هئي انهي کي مڪمل طور صحتمند نه سمجهيو ويندو هو. انهي ۾ ڏاڍيون عجيب ۽ وسهڻ ۾ نه اچڻ جهڙيون شيون ڪم اينديون هيون. پر انهيءَ سموري ڪن ڪچري ۾ ٿورو مقدار سرمي جو به هوندو هو ۽ انهيءَ ٽوٽڪي ۾ جيڪڏهن ڪو فائدو هوندو هو ته انهي جو سبب به شايد اهوئي هوندو هو.

جيڪڏهن ستارا وچ ۾ نه اچن ها ته براهي شايد ائين ئي هلندو رهي ها ۽ پنهنجي ليباريٽريءَ ۾ معجون ملائيندو پنهنجي زندگيءَ وڃائي ڇڏي ها. کيس پنهنجي اکين تي اعتبار نه پئي آيو. هن پنهنجي گاڏيءَ واري کان به پڇا ڪئي. انهي به سندس ڳالهه جي تصديق ڪئي. انهن هڪ بلڪل نئون ستارو ڏٺو هو. اهو هر رات جو ظاهر ٿيندو هو ۽ ڏينهون ڏينهن ويو ٿي وڌيڪ روشن ٿيندو. آخرڪار اهو روشني ۾ مشتري (Jupiter) جو مقابلو ڪرڻ لڳو. پوءِ وري آهستي آهستي انهي جي روشني جهيڻي ٿيندي وئي تان جو اهو غائب ٿي ويو. انهيءَ لقاء براهي کي پنهنجي پهرئين محبت ڏانهن موٽائي ڇڏيو. پر انهي اڃا به وڌيڪ ڪم ڪيو. هن انهي ستاري جو سمورين تبديلين سان مشاهدو ڪيو ۽ جيڪو ڪجهه کيس نظر آيو هو اهو ڌيان سان قلمبند ڪري ڇڏيائين. هن شروع ۾ اهو ڇپرائڻ نه ٿي چاهيو جو سندس خيال ۾ پرنٽر جي مَسُ ڪنهن معزز ماڻهو جي شان کان گهٽ هئي.

اهو ئي سبب هو جو هن ڪوپن هيگن يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ جي دعوت قبول نه ڪئي. بهرحال جڏهن بادشاه به اهو رايو ڏيکاريو ته هو ليڪچر ڏيڻ واري ڳالهه پسند ڪري ٿو ته هن پنهنجي سوچ تبديل ڪري ڇڏي.

 

6

ٽائيڪو ڊينمارڪ انهي ڪري موٽي ويو هو جيئن پنهنجي چاچي جي جائيداد جو بندوبست ڪري سگهي. انهيءَ وقت کيس اتي رهي پوڻ جو ڪوبه ارادو نه هو. هن جو خيال هو ته سندس ڪم لاءِ پراگ يا باسل جا شهر وڌيڪ مناسب ٿيندا. تنهنڪري هن ڊينمارڪ کي هميشه ڇڏڻ لاءِ تياريون شروع ڪري ڏنيون.

انهيءَ وقت ٽائيڪو ۾ هڪ اهڙي تمام عجيب تبديلي اچي وئي جنهن بابت سندس ڪوبه سوانح نگار ڪا به وضاحت نه ڏئي سگهيو آهي. اهڙو وڏو گهراڻو جنهن کي پاڻ تي ايترو فخر هو جو هن پنهنجو مقالو ڇپرائڻ لاءِ نه پئي ڏنو يا يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ تيار نه پئي ٿيو اهو اوچتو انقلابي ٿي پيو.  هو پنهنجن اعليٰ طبقي وارن دوستن کان پاسو ڪرڻ لڳو ۽ هارين نارين جو علاج ڪري مفت ۾ دوائون ڏيڻ لڳو ۽ بلڪل عام ماڻهن سان دوستيون رکڻ شروع ڪيائين.

هن دوستين کان به وڏي ڳالهه ڪري ڇڏي ۽ هڪ هاريءَ جي ڌيءَ سان محبت ڪرڻ لڳو. ٽائيڪو بلڪل انوکي قسم جو امير هو پر اها ڳالهه خود سندس وهم گمان ۾ ئي نه آئي هوندي ته هو اهو ڪم ڪندو. شايد ته هن ڪڏهن محبت ڪرڻ جو سوچيو ئي نه هوندو. ڪوپن هيگن جون شادي لائق سڀئي ڇوڪريون سندس پٺيان هيون. پر ٽائيڪو ڪنهن ۾ به ڇڪ محسوس نه ڪئي. هڪ هاريءَ جي ڌي کيس ڇڪي ورتو.

سندس سمورو ڪٽنب ۽ سمورا دوست چوڻ لڳا ته هو بيوقوف آهي يا جن کي اهڙي تيز طبيعت واري ماڻهو کي ڪجهه چوڻ جي جرئت هئي انهن انهي جي لڳ ڀڳ ڪي لفظ چيا. سندس مائٽ ته هن سان وڙهي پيا پر براهي کين چيو هو پنهنجي ڪم سان ڪم رکن ۽ انهي هاريءَ جي ڇوڪري سان شادي ڪري ڇڏيائين.

تاريخ انهي زال باب گهڻو ڪجهه نه ٻڌايو آهي. پر اها لازماً سٺي، صحتمند ۽ درست دماغ واري عورت هوندي. ٽائيڪو جي زال ٿيڻ ڪا مشڪري جي ڳالهه نه هئي. هو تمام تيز طبيعت، مغرور، پنهنجي ذات ۾ مگن ۽ تمام پر عزم ماڻهو هو. هو نرم مزاج، درگذر ڪندڙ ۽ ٻين جو خيال رکندڙبه ٿي سگهيو ٿي پر اهي سٺيون خصلتون ورلي ئي سندس مزاج جو حصو ٿينديون هيون بهرحال هارياڻي زال اهي سڀ ڳالهيون برادشت ڪيون، کيس ڪيترائي ٻار ڄڻي ڏنا، سندس گهر کي پُر سڪون رکيو ۽ سندس مڙس جي صريح غلطين کي به درگذر ڪندي رهي.

عين انهي وقت جڏهن ٽائيڪو پنهنجي پيرن تان ڊينمارڪ جي دز ڇنڊڻ جي تيارين ۾ هو ته فريڊرڪ ٻئين پنهنجي انهي مشهور رعيتي کي محلات ۾ آڻڻ جو تڪڙو نياپو موڪليو. انهيءَ ملاقات جي نتيجي ۾ سائنس لاءِ وڏا ڪم ٿيا. ٽائيڪو کي ڊينمارڪ ۾ رهڻ تي آماده ڪيو ويو. فريڊرڪ پنهنجي ستارا جاچيندڙ کي رهائڻ لاءِ وڏيون رعايتون ڏنيون. هن کيس رصدگاه ٺهرائڻ لاءِ ڳچي سمنڊ ۾ هوئين (Huen) جو ٻيٽ ڏنو ۽ عمارتن ۽ اوزارن لاءِ هڪ لک ڊالرن جي برابر رقم مقرر ڪئي. ٽائيڪو لاءِ ناروي جي جاگير مان آمدني سان گڏوگڏ تقريباً ٻه هزار ڊالر پينشن به مقرر ڪئي وئي.

توهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته هاڻي ٽائيڪو جا تمام بهترين ڏينهن اچي ويا هئا جو سندس نظر انداز ٿيل سائنس شاهي رضامندو حاصل ڪري ورتو هو. دنيا جي هن تمام وڏي ۽ تمام آراسته ٿيندڙ رصدگاه تي فوراً ڪم شروع ٿي ويو. انهيء جو پيڙهه جو پٿر 8-آگسٽ 1576ع تي رکيو ويو ۽ تعمير جو حڪم ڏاڍو تڪڙو هلڻ لڳو. ٽائيڪو هتي 20 ورهين تائين مشاهدا ڪندو ۽ انگ اکر ڪندو رهيو. جيڪي گهڻو پوءِ (Rudolphine Tables) جي نالي سان شايع ٿيا.

 

8

اهو ٽائيڪو جي زندگيءَ ۾ سونهري دور هو. هو پنهنجو وڻندڙ ڪم پنهنجي تصور جهڙين مثالي حالتن هيٺ ڪري رهيو هو. هو روزانو رات جو پنهنجو ڪئاڊرنٽ (Quadrant) کڻي تمام ڌيان سان مشاهدا ڪندو هو ۽ وڏين تڪليفن سان انهن کي لکندو ويندو هو. هن جي ڪم جو وڏو حصو انهن غلطين کي درست ڪرڻ هوندو هو جيڪي سوين سالن کان ستارن جي جدولن جو حصو ٿي ويون هيون. توهان کي لازماً ياد هوندو ته ٽائيڪو جا اوزار جديد معيارن جي لحاظ کان بيوقوفيءَ جي حد تائين سادا هوندا هئا. هن وٽ دوربين به نه هوندي هئي. فقط پنهنجون ٻه سٺيون اکيون هونديون هئس. اهڙين رنڊڪن جي باوجود به هن جيڪي مشاهدا ڪيا آهن سائنس انهنکي اڄ به تعريف جي نظر سان ڏسي ٿي. اها ڳالهه يقين ڪرڻ ۾ ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي. ٽائيڪو جڏهن آسمان تي ستارن کي گردش ڪندي ڏسندو هوندو ته کيس ڪوپرنيڪي نظريي جي صداقت سمجهه ۾ نه آئي هوندي پر کيس واقعي به اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. هو تمام مغرور ماڻهو هو ۽ ٿي سگهي ٿو ته انهي غرور کيس انهي زمين جي ننڍڙي هئڻ واري حقيقت کان غافل ڪري ڇڏيو هجي. هو پنهنجي سمورا زندگي دنيا کي اهم جاءِ ڏيندو رهيو ۽ انهي ڳالهه کي شروعاتي نقطي طور رکندي هن ڪائنات لاءِ پنهنجي هڪ اسڪيم تيار ڪئي. اها اسڪيم وڏي حد تائين بطليموسي هئي. هن زمين کي سڀني جو مرڪز قرار ڏنو پر چيائين ته گره سج جي چوڌاري گردش ڪن ٿا. جڏهن ته سج ۽ سموري ستارا وري زمين جي چوڌاري ڦرن ٿا. اهو ٽائيڪوني نظام هو جيڪو هن سان گڏ مري ويو.

براهي نظرين ۽ رياضي ۾ گهٽ هو پر مشاهدن ۾ وڌيڪ هو. اهو ڪم ڪنهن ماڻهو هٿان سرانجام ڏنو وڃڻو هو ۽ ٽائيڪو انهي لاءِ مناسب ترين ماڻهو هو. حقيقت اها آهي جديد فلڪيات جي تخليق هن هٿان ٿي. سندس ڪوششن کي بنياد بڻائي ڪيپلر ۽ نيوٽن مٿي اڏاوت ڪئي.

 

9

ٽائيڪو فريڊرڪ ٻئين پاران ٿيل بهترين سيڙپ ڪاري هئي. يوراني بورگ دنيا جو سائنسي مرڪز ٿي ويو. سياستدان، فيلسوف ۽ شاگرد ٽولا ڪري هيوئين جي ٻيٽ تي اچڻ لڳا. ڪجهه وقت کانپوءِ اڌ درزن کن ڇوڪرا ٽائيڪو سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ استاد جي پيرن ۾ ويهي فلڪيات سکڻ لڳا.

جيڪو مهمان حقيقت ۾ ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندو هو ٽائيڪو انهي لاءِ هڪ مثالي ميزبان هوندو هو. هو فقط مٿا ڇريون پڇائون ڪرڻ لاءِ ايندڙن کي ناپسند ڪندو هو ۽ پنهنجا اهم اوزار انهنکي نه ڏيکاريندو هو. هو انهن لاءِ رانديڪا، ڪي خودڪار شيون ۽ اهڙا ٻيا اوزار ڪڍي رکندو هو ته جيئن هو ڀلي ميڪا نيڪي اٽڪلبازين تي پنهنجي ذهانت جي مشق ڪن.

ٽائيڪو انقلابي ٿي وڃڻ کانپوءِ سموري زندگي انقلابي ٿي رهيو. هو ماڻهن جو احترام ڪندڙ نه هو. هو جيئن ملاقات لاءِ ايندڙ ڪنهن عام ماڻهو کي ڌڪاري ڇڏيندو هو ته ساڳئي انداز ۾ ڪنهن بادشاه يا وليعهد شهزادي کي به ڌڪاري سگهندو هو. هن وٽ ڪيترائي ملاقاتي ايندا هئا ۽ سڀاويڪ طورسندس مهمان اميرن جي طبقي ۽ درباري حلقن مان هوندا هئا پر ميزبان سدائين سندس هارياڻي زال هوندي هئي. پوءِ جن کي اها ڳالهه پسند نه هجي ته اهي ڀلي ملاقات لاءِ نه اچن.

انهي عجيب رصدگاه جي رهواسين ۾ ليپ (Lep) نالي هڪ اڌ چريو بونو به هوندو هو. هو ٽائيڪو کي ڏاڍو پيارو هوندو هو ۽ ڪنهنکي به کيس تنگ ڪرڻ جي اجازت نه هوندي هئي. هو ٽيبل تي سدائين ٽائيڪو سان گڏ ويهندو هو ۽ اهو ديوانو جڏهن چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪرڻ شروع ڪندو هو ته مهمانن کي ماٺ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويندو هو. ٽائيڪو کي يقين هوندو هو يا ٻين کي ڏيکاريندو هو ته کيس يقين آهي ته اهو بيوقوف غيب مان ٻيو ڳالهائي ۽ سندس اڌوگابرا سمجهه ۾ ايندڙ لفظ لکي ڇڏيا ويندا هئا جئين اڳتي هلي انهن جو تجزبو ڪري سگهجي.

ڇا ٽائيڪو کي انهيء بوني ۾ واقعي ويساهه هوندو هو؟ اها ڪنهنکي به خبر نه آهي. براهي پنهنجي سموري زندگي وهمن جو شڪار رهيو ۽ پڻ سموري زندگي ڪجهه نمائشي اداڪاري به ڪندو رهيو. ممڪن آهي ته هو هن کي فقط ٻين بڪ بڪ ڪندڙ چرين کان پنهنجي نفرت جي اظهار طور ڪم آڻيندو هجي. اهو به ممڪن آهي ته هن ويچاري مخلوق جي لفظن ۾ ڪڏهن ڪڏهن ڪي ڏاهپ جا موتي به اچي ويندا هجن. اصل حقيقت کان ڪير به واقف نه ٿي سگهندو. پر انهي مان هڪ اهڙي حقيقي تصوير ملي سگهي ٿي جنهن مطابق تصور ڪري سگهجي ٿو ته عظيم براهي پنهنجي آراسته ٽيبل تي ويٺو آهي ۽ اڌ چريو ڀڻ ڀڻ ڪري ٿوته هو پنهنجي مهمانن کي ماٺ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو.

 

10

اهڙي ريت ٽائيڪو ويهن ورهين تائين پنهنجي ننڍڙي ٻيٽ تان ستارن جو مشاهدو ڪندو ۽ اتي دوڏا ڦوٽاري ڏسڻ ۽ حيران ٿيڻ لاءِ ايندڙ موڳن وڏ گهراڻن تي حڪم هلائيندو رهيو. اسڪاٽلينڊ کان اچي سرد مزاج انگريزن تي حڪومت ڪندڙ ٿلهو ۽ شوباز جيمز پهريون به براهي سان ملڻ آيو هو. بادشاهه ڏاڍو متاثر ٿيو هو ۽ جوش ۾ اچي ويو هو. اها ڳالهه ته رڪارڊ تي نه آهي ته ستارا ڏسندڙ انهيءَ ظل سبحاني جو ڪوذري برابر به خيال رکيو هو پر ايترو آهي ته هو ظاهر ظهور بيعزتي کان بچي ويو هو.

پر جيڪي ماڻهو ٽائيڪو جي رويي جو شڪار ٿيا ۽ جنهن جا پوءِ ٽائيڪو لاءِ تباه ڪن نتيجا نڪتا انهن مان هڪ وليعهد شهزادو ڪرسچين چوٿون به هو. ڪرسچين ننڍي عمر ۾ ٻين ماڻهن وانگر انهيءَ اڻ گهڙيي فلڪياتدان کي ڪم ڪندي ڏسڻ ويو هو. ڪرسچين جي چوڌاري معمول وارا درٻاري چاپلوس هئا ۽ هن جي ذهن ۾ فطري طور اهو خيال به موجود هو ته هو ايترو عقلمند آهي جو ڪنهن به موضوع تي ڪا راءِ ڏئي سهگي ٿو. هن هڪ ڏکئي مسئلي بابت هڪ شاهي قانون ٺاهي ٽائيڪو جي مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اها ڪوشش ڪندي هو ٽائيڪو جي نظرن ۾ ڪو وليعهد نه پر اهڙو گستاخ ڇوڪرو هو جنهن کي پنهنجين حدن ۾ رکڻ جي ضرورت هئي. ڪرسچين کي پوءِ انهي کهري ڳالهائيندڙ سائنسدان سان ڪابه محبت نه رهي پر هو انهي ڳالهه کي درگذر به نه پئي ڪري سگهيو.

ٽائيڪو جي رويي جو شڪارٿيندڙ ۽ انهي کي ياد رکندڙ ٻيو ماڻهو ڊينمارڪ جو چانسلر والڪينڊورف هو. اهو ماڻهو ڪجهه وحشي قسم جو هو. سندس اکيون نيريون ۽ ڪلها موڪرا هوندا هئس۽ مضبوط جسم جو مالڪ هو ۽ نرم مزاح فريڊرڪ لاءِ ڏاڍو ڪارائتو هو. اهو به ٽائيڪو سان ملڻ ويو هو جيتوڻيڪ هن کي تارن ۾ سائنسي دلچسپي ايتري ئي هئي جيتري خود ستارن کي هن ۾ هوندي.

تڏهن هڪ ڪتي ڏکيائي پيدا ڪري ڇڏي، اهو ڪتو به لافاني بڻجي ويو آهي. انهيءَ جو سبب اهو نه آهي ته اهو جيمز پهرئين براهي کي ڏنو هو پر انهي ڪري جو اهو ٽائيڪو جي رصدگاه جي تصوير ۾ موجود آهي. اهوشڪاري قسم جوڪتو ٿو لڳي ۽ شڪاري ڪتن واري مخصوص اداسيءَ سان ٽائيڪو جي پيرن ۾ ويٺو آهي.

اهو ڪتو چانسلر جي رستي ۾ اچي ويو ۽ چانسلر ان کي هڪ کان وڌيڪ دفعا ۽ ڏاڍو زور سان لتون وهائي ڪڍيون. ٽائيڪو وچ ۾ اچي ويو. هن چانسلر کي خوب ست سريون ٻڌايون ۽ انهي دوران سندس ڪيترين ئي اڳين پوين پيڙهين کي به رڳڙي ڇڏيائين. ٽائيڪو جڏهن بس ڪئي ته چانسلر تڙتڪڙ ۾ يوراني بورگ مان روانو ٿيڻ جو ارادو ڏيکاريو.

هو تڪڙ ۾ نڪري ويو پر ويندي ويندي قسم کڻندو ويو ته هو براهي کي تباه ڪري ڇڏيندو. فريڊرڪ مري ويو ۽ ويلڪينڊورف ۽ ڪرسچن چوٿون براهي کي بيعزت ۽ تباه ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ گڏ ٿي ويا. اهي ٻئي ماڻهو ايترا طاقتور هئا جو براهي کي شڪست ڏئي سگهيا ٿي پر اهي تاريخ ۾ فقط انهي ڪري زنده آهن جو انهن براهي کان نفرت ڪئي ٿي.

 

11

ٽائيڪو کان آهستي آهستي سندس وسيلا کسيا ويا. هن کان ناروي واري جاگير ورتي وئي ۽ سندس پينشن روڪي وئي. هن يوراني بورگ کي آراسته ڪرڻ ۽ هلائڻ ۾ پنهنجي خانگي دولت خرچ ڪئي هئي، هاڻي هو رصدگاه به نه ٿي هلائي سگهيو. هن ڪوپن هينگن ۾ خانگي گهر ورتو.

والڪينڊورف جي اڃا به دل نه ٺري. هن ٽائيڪو جي فلڪياتي ڪم جي ڪٿ ڪرائڻ لاءِ هڪ ڪميشن مقرر ڪرائي. اها ڪميشن هو بهو اڄڪلهه جي ڪيترين ڪميشنن جهڙي هئي. ڪابه ڪميشن ورلي ئي پنهنجي آقا جي خواهشن جي ابتڙڪا رپورٽ ڏيندي آهي. والڪينڊورف جا ڪٺ پتلي بلڪل اهڙي ئي قسم جا ماڻهو هئا. انهن رپورٽ ڏني ته ٽائيڪو جو ڪم نه فقط غلط بنيادن تي بيٺل آهي پر اهو ڊينمارڪ جي ماڻهن جي اخلاقي ۽ روحاني سالميت لاءِ پڻ هاڃيڪار آهي.

سادن لفظن ۾ انهي جو مطلب اهو هو ته ٽائيڪو ملحد ٿي ويو آهي. ڪوپن هيگن جي ڀلن ماڻهن انهي مان اهو مطلب ورتو ٿي ۽ هنن وٽ ملحد جو ڪو ڪم ئي نه هو.

ٽائيڪو سموري دنيا ۾ مشهور هو. نه فقط اهو پر هن پنهنجو نالو لافانين ۾ لکرائي ڇڏيو هو. اها ته ڪا ڳالهه نه ٿي. هن کان به هڪ وڏو ماڻهو هڪ دفعو هڪ جنوني ميڙ جي حوالي ٿي چڪو هو. ڪوپن هيگن جي ماڻهن ٽائيڪوتي حملو ڪري ڏنو. هو هاڻي پوڙهو ٿي ويو هو. گذريل ڪجهه مهينن جي آزمائشن ۽ مايوسين کيس ٿڪائي ڇڏيو هو. سندس روح کي ڪا به شي ٽوڙي نه ٿي سگهي. کيس انهيءَ آخري سگهاري جنگ ۾ تصور ڪريو. سندس جوش ۽ جذبو مخالفن کي ساڙيندا پئي ويا. سندس سچائي منافقت کي لتاڙي رهي هئي. سندس جرئت ڪانئرن کي مات ڏيندي پئي وئي. هو ميڙ مان ڌوڪيندو اڳتي وڌندو پئي ويو. سندس منهن مٿي هو، سندس لفظن ۽ انداز ۾ هڪ للڪار ۽ سرڪشي هئي.

اهڙي طرح هو پنهنجي گهر ڏانهن نڪري ويو. ڊينمارڪ لاءِ سموري محبت هڪ شديد ڪاوڙ جي جذبي ۾ سندس دل مان سڙي ختم ٿي وئي. هتي ڪوبه سڪون نه هو. هتي ڪابه آرام جي جاء نه هئي. هتي فقط تڪرار ۽ ذلت هئي. هن ويهن ورهين کانپوءِ وري پنهنجا سفر شروع ڪيا. ويهن ورهين کانپوءِ هن پنهنجو منهن  ڏکڻ طرف ڪيو ۽ کيس پراگ ۾ رڊولف جي صورت ۾ هڪ سرپرست ۽ دوست ملي ويو.

 

12

ٽائيڪو جون 1599ع ۾ پراگ پهتو. رڊولف ٻئين کيس بيناٽڪي جو قلعو گهر طور رهڻ ۽ رصدگاه ٺاهڻ لاءِ ڏنو ۽ خرچ پکي لاءِ پينشن مقرر ڪري ڏني. ٽائيڪو ڪوپن هيگن ڇڏڻ  کانپوءِ رلندو رلندو روسٽوڪ به ويو ۽ هڪ سيارو وٽن برگ ۾ به گذاريائين. هاڻي هو پنهنجي سفر جي پڄاڻي تي پهچي چڪو هو. سندس ڪم پورو ٿي ويو هو.

پراگ ۾ هن کي فقط ٻه اهميت واريون ڳالهيون پيش آيون. انهن مان هڪ ته جان ڪيپلر جو اچڻ هئي پر اها هڪ جدا ڪهاڻي آهي. اها براهي لاءِ فقط انهي ڪري اهميت واري هئي جو ڪيپلر انهيءَ عظيم فلڪياتدان جي مشاهدن کي شايع ڪرائڻ جي حامي ڀري هئي. هن اهو ڪم (Rudolphine Tablesadiophone)  جي نالي سان ڪيو. اهو ڪم ڪيئن ٿيو اها توهان کي اڳتي هلي خبر پوندي. ٻي اهميت واري ڳالهه موت جو اچڻ هئي.

هو بيمار ٿي پيو، بي خوابي ۽ ذهني هيجان کيس جهوري وڌو هو. هن ۾ بيماري سان وڙهڻ جو روح نه رهيو هو. هو اڪثر ٿڌا ساه کڻي پيو چوندو هو: ”جيڪر اها ڳالهه حقيقت هجي ها ته مون پنهنجي زندگي اجائي نه گذاري آهي!“

سندس دوست ۽ سندس ڪٽنب سندس موت واري بستري جي چوڌاري گڏ ٿيا بيٺا هئا. وفادار هارياڻي زال سندس پاسي ۾ بيٺي هئي. 24 آڪٽوبر 1601ع تي پڄاڻي جو وقت اچي پهتو.

ٽائيڪو دفن ٿي ويو ۽ رڊولف سندس محبوب اوزار احتياط سان کڻائي عجائب گهر ۾ رکرائي ڇڏيا پر انهن کي اتي به رهڻ نه ڏنو ويو. پراگ تي جڏهن پيليٽين جي فوجين قبضو ڪري ورتو ته عجائب گهر تي ڪاهه ڪري اوزار ٽيڙي پکيڙي تباه ڪري ڇڏيا ويا. ٽائيڪو جو وڏو پتل جو فلڪياتي گلوب ٽيهه سال پوءِ هٿ آيو ته اهو ڪوپن هيگن جي اڪيڊمي آف سائنسز ڏانهن اماڻيو ويو اهو اڃا به اتي ئي رکيو آهي ۽ ماٺ ميٺ ۾ انهي ڳالهه جي شاهدي پيو ٿو ڏئي ته ڪنهن وقت هن زمين تي ٽائيڪو براهي رهيو هو ۽ ڪم ڪيو هئائين.

جن وڏ گهراڻن کيس ڊينمارڪ مان لوڌي ڪڍيو هو انهن هيوئين جي ٻيٽ تي چڙهائي ڪري ڏني. رصدگاه جو نالو نشان نه بچيو ۽ جتي ڪنهن وقت يوراني بورگ The castle of Heavens بيٺي هوندي هئي اتي اڄ فقط مٽي جو هڪ دڙو بيٺو آهي.

 

13

ٽائيڪو تصوراتي ذهن جو ماڻهو نه هو. سندس خيالي قوت ڪڏهن به ڪيپلر ۽ نيوٽن جهڙي نه ٿي سگهي. هو جڏهن به حقيقتن کان پري ٿيو ته پنهنجي راه وڃائي ويٺو. مثال طور سندس وقت ۾ پڇڙ تارن بابت ڪابه خبر نه هوندي هئي. هو انهن بابت لکي ٿو:

”اهي انسانن جي گناهن ۽ بڇڙائي جي زمين کان مٿي چڙهڻ سبب وجود ۾ اچن ٿا. اهي هڪ قسم جي گئس جي شڪل وٺن ٿا جن کي خدا جي ڪاوڙ سبب باهه وٺي وڃي ٿي. اهو زهريلو مادو وري ماڻهن جي سرن تي ڪري ٿو ۽ هر قسم جي تڪليفن جهڙوڪ وبائن، اوچتي موت ۽ خراب موسم جو سبب بڻجي ٿو.

هائو! براهي ۾ نظريا ٺاهڻ جي قوت نه هئي پر هو ڏسي سگهيو ٿي. هن فلڪياتي ڪم ڪار جو طريقو طي ڪري جديد فلڪيات کي جنم ڏنو. پر هن انهيءَ کان به وڏو ڪم ڪيو. هن اهڙو ٺوس بنياد رکيو جنهن تي اڳتي هلي ڪيپلر ۽ نيوٽن کي پنهنجيون شاندار عمارتون کڙيون ڪرڻيون هيون. هن هميشه درستگي تي زور ڏئي اهو ڪم سرانجام ڏنو، سندس رڪارڊ ايترا ته تز آهن جو موجوده دور جي مشاهدا ڪندڙ کي تمام نازڪ جديد اوزارن جي مدد سان به انهن ۾ ڪا بهتري آڻڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿئي.

 

باب پندرهون

وليم هاروي

 

جيئن اسين ڏسي آيا آهيون پيراسيلس جالينوس جو زوال آڻي ڇڏيو پر جالينوس هيٺ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. بهرحال اهوبت پوءِ به گهلبو آيو ۽ چوڏهن صديون حڪمراني ڪندڙ انهي تي پوءِ به حملا ٿيندا آيا.

آخر ڪار هڪ عظيم اطالويءَ اچي جالينوس جي سند (authority) واري حيثيت کي ختم ڪري ڇڏيو. انهي اطالوي جو دور 1514ع کان 1564ع تائين آهي. انهيءَ يوناني رومي جي غلطين کي وڏي بيرحمي سان وساليئس (Vesalius) جي Fabrica نالي ڪتاب ۾ وائکو ڪيو ويو. اهو پدوا مان ايندڙ هڪ نئون آواز هو. اهو انهي شخص جو آواز هو، جنهن پنهنجون حقيقتون انساني جسم مان حاصل ڪيون هيون.

انهي ڪتاب ڏاڍو گوڙ شور پيدا ڪيو هو. وساليئس جو استاد سيلوئس (sylvius) هن جي خلاف ٿي ويو، هن تي چٿرون ڪيائين ۽ هن خلاف تمام گندي زبان ڪتب آندائين. انهي ۾ ڪوشڪ نه آهي ته سيلوئس کي پڪ هئي ته وساليئس جي هڪ شاگرد ڪولمبس کي به خبر هئي پر هو هڪ اٽڪلباز ۽ موقعي پرست ماڻهو هو. پدوا ۽ اٽلي جا سڀئي وڏا ماڻهو انهي هلڪڙي شخص وسالئيس جا مخالف ٿي بيهي رهيا جنهن جالينوس بابت شڪ شبها اٿاريا هئا.

زيرزمين سازشن ۽ ڪوڙن جو اثر وسالئيس تائين پهچڻ لڳو. هاڻي ڳالهه برداشت کان وڌي وئي هئي. هن جيڪو سچ ڏٺو هو اهو ٻڌائي ڇڏيو هئائين پر دنيا انهي سبب هن کان نفرت ڪرڻ لڳي. وساليئس نوڪري ڇڏي ڏني، پنهنجا نوٽس ساڙي ڇڏيا ۽ اسپين ويو هليو. اتي هو پنهنجي ڏاهپ کان بلڪل پٺي ڦيري درٻاري ٿي ويو. هو 50 ورهين جي ڄمار ۾ بلڪل انهي وقت فوت ٿي ويو جڏهن مقابلي کي نئين سرجيارڻ جون رٿون رٿي رهيو هو.

 

2

سندس قسمت سرويٽس کان گهٽ پُر عظمت هئي پر سندس حصي ۾ ڏکيا ڏينهن به هن کان گهٽ لکيل هئا. ڇو ته ڪالوِن هنکي 1553ع ۾ ساڙائي ڇڏيو هو. سرويٽس مڃيل ڳالهين بابت شڪ شبها اٿاريندو هو ۽ هڪ ڏاڍي متجسس ذهن جو مالڪ هو. اها ڳالهه ڪالوِن جي برداشت کان ٻاهر هئي. هن کي دنيا ۾ ڪنهن به قسم جي اصليت پسند نه هئي. تنهنڪري سرويٽس کي آڙاهه ۾ اڇليو ويو ۽ ”سچي سوچ“ جي ڏوهه ۾ مرندڙ هڪ وڌيڪ شهيد جواضافو ٿيو.

سرويٽس رت جي ڦڦڙن واري دوري ڏانهن متوجه ٿيو. هن اهو ٻڌايو ته رت ڦڦڙن ۾ هوا سان گڏجڻ کانپوءِ دل ڏانهن اچي ٿي. هن کي بهرحال اها خبر نه هئي ته رت دل ڏانهن ويندي شريانن (arteries) مان رڳن (veins) ۾ ڪيئن ٿي پهچي وڃي. هن وٽ ڪا خورد بين به نه هئي پر هن ڏاڍو ذهانت وارو اندازو هنيو هو ۽ کيس انهيءَ جرئت جو ڏنڊ ڀرڻو پيو.

وساليئس رت جي انهي اسرار بابت ڏاڍو سرگرم رهيو هو. هن جالينوس جو اهو نظريو ڏاڍي بي دلي سان تسليم ڪيو هو ته رت دل جي ساڄي پاسي کان کاٻي پاسي ڀتين مان سمي وڃي ٿي. هن کي اها خبر نه هئي ته رت دل جي ساڄي طرف اچي ڇا ٿي ڪري ۽ هن هي ڳالهه به شايد پنهنجي دشمنن کي راضي ڪرڻ لاءِ لکي هئي ته:

اسان کي قادر مطلق جي اهاڪارسازي ڏسي حيرت وٺي وڃي ٿي ته رت دل جي ساڄي پاسي کان کاٻي پاسي اهڙن رستن ذريعي ڦڙو ڦڙو ٿي اچي ٿي جيڪي انسان کي نظر نه ٿا اچن.

 

3

جالينوس کي دفن ڪري ڇڏڻ سرويٽس جي وس جي ڳالهه نه هئي. اهو ڪم انهن ٻنهي کان هڪ وڏي ماڻهو لاءِ ڇڏيل هو. اهو ماڻهو وليم هاري نالي هڪ انگريز هو.

هاروي ڪينٽ جي علائقي فاڪسٽون ۾ وساليئس جي مرڻ کان 15 سال پوءِ 1578ع ۾ پيدا ٿيو. هو بلڪل صحيح وقت تي آيو ۽ سندس قدم جلد ئي انهي رستي تي اچي ويا جيڪو هن لاءِ سرويٽس، وساليئس، ڪولمبس، گيبرئل فيلوپيو، ايمبروزپاري ۽ اينڊريوز سيسالپينو جهڙن ماڻهن تيار ڪري ڇڏيو هو. هن کي فقط اڳتي وڌڻو هو ۽ هن ۾ اڳتي وڌڻ جو جذبو اندروني طور موجود هو.

هاروي جو پيء سکيو ستابو آبادگار ۽ پڪو پختو ۽ سمجهدار ماڻهو هو. هن پنهنجي پٽ کي سٺي رهائش ۽ انهي وقت جي چالو تعليم جو موقعو مهيا ڪري ڏنو. هن کي ڪينٽربري جي گرامر اسڪول ۾ موڪليو ويو ۽ 16 ورهين جي ڄمار ۾ ڪيمبرج ۾ داخل ٿيو جتان 19 سالن جي عمر ۾ بي. اي. ڪري نڪتو پوءِ هن ڊاڪٽر ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بنا دير جي پدوا پڙهڻ لاءِ ويو هليو.

وساليئس اتي پڙهايو هو ۽ کيس اتان مار ڏئي ملڪ بدر ڪيو ويو هو. هاروي اتي رهيو ۽ اناٽامي جي سکيا حاصل ڪيائين. هو پنجن ورهين دوران گهڻو وقت پدوا ۾ رهيو ۽ 24 ورهين جي عمر ۾ مڪمل ڊاڪٽر ٿي اسپين موٽيو. انهيءَ بلڪل نوجوان انگريز ۾ پيراسيلس ۽ وساليئس جهڙا ڪي به طوفان ۽ واچوڙا نه هئا.سندس ٻنهي عظيم پيشروئن وانگر هن جي ذهن ۾ ڪڏهن به اها ڳالهه نه آئي هئي ته هو دنيا کي ڳچيءَ کان وٺي انکي پنهنجي سوچ مطابق ڦيري سگهي ٿو. شايد اها ڳالهه به سندس ذهن ۾ نه آئي هئي ته هن وٽ دنيا کي ڏيڻ لاءِ ڪا خاص طور نئين شي آهي. تنهنڪري هو لنڊن ۾ ڪنهن نهٺي نوجوان ڊاڪٽر وانگر ماٺ ميٺ ڪري اها اميد کڻي ويهي رهيو ته ماڻهو بيمار ٿي هن وٽ علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا.

 

4

هو جيمز پهرئين واري لنڊن ۾ موٽيو هو. اهو اڄڪلهه جي شهرن جهڙو ڪو شهر نه هو پر انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هاروي جا همعصر انکي ڪجهه فخر جي نگاهه سان ڏسندا هئا. انهيءَ شهر ۾ تڏهن ڪي پڪا رستا ۽ گندي پاڻي جو نيڪال نه هوندو هو نه ئي ڪا اسٽريٽ لائيٽ هوندي هئي.

پر اهي ننڍڙا اهنج هوندا هئا. شيڪسپيئر ۽ بن جانسن سرگرم لڳا پيا هئا. بن جانسن جيمز پهرئين کي اهو يقين ڏيارائڻ جون بهترين ڪوششون ڪري رهيو هو ته هن جو لنڊن ۾ آڌرڀاء سچي دل سان ٿيو آهي. عشق عاشقي جو چلن عام لڳو پيو هو ۽ اها ڏاڍي سٺي دنيا هئي. سندس خوشين جو هڪ سبب اهو به هو ته انهي کي خبر نه هئي ته پيورٽين (puritans) انهي جو مزو ڦٽائڻ تي آهن.

هائو، انهي لنڊن جي ماحول ۾ عشق عاشقي عام هئي ۽ انهي هاروي کي به پنهنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. اهو ننڍڙو ڊاڪٽر هاروي ڏاڍو معقول ماڻهو هو. هو سراسري قد کان گهٽ ۽ سنهڙو هو. سندس وار گهاٽا ڪارا، چمڙي جو رنگ ڪارو ۽ ننڍڙيون گول، ڪاريون، چمڪندڙ اکيون هونديون هئس. راڻي بيس (Bess) جي اڳوڻي فزيشن ڊاڪٽر لانسيلاٽ برائون جي ڌيءَ جيڪڏهن اهڙي ماڻهوءَ تي پنهنجي وڃڻي جي پٺيان دل لڀائيندڙ نگاه وڌي ته  اها ڪا اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي. انهن 1605ع ۾ شادي ڪري ڇڏي ۽ مجموعي طور ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ڊاڪٽر جي اها خوش باش ڌيءَ ڊاڪٽر جي تسلي بخش زال ثابت ٿي.

اها ڳالهه به سمجهي سگهجي ٿي ته هن پنهنجي ڊاڪٽري جي ڌنڌي کي گهڻي توجه نه ڏني هوندي پر ايترو ضرور آهي ته هو چڱو خاصو ڪامياب ٿيو هوندو ۽ هو اهڙن مريضن تائين سولائي سان پهچي ويندو هو جيڪي وڏيون فيون ڏئي سگهندا هئا. اهڙن ٻين ماڻهن سان گڏوگڏ هن لارڊچانسلر فراسس بيڪن ۽ ارونڊيل جي نواب جو پڻ علاج ڪيو.

اهو هاروي ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هوندو هو ۽ سندس موسم جي جاچ رکندر اک هر وقت تيار رهندي هئي. هن پاڻ کي رائيل ڪاليج آف فزيشنز جو ميمبر ڪرائي ورتو. اهو اعزاز حاصل ڪرڻ هر ڪنهن ڊاڪٽر جي وس جي ڳالهه نه هئي. وري ڪجهه تارون لوڏڻ سان هو سينٽ بارٿو لوميو اسپتال جو فزيشن مقرر ٿي ويو. ثلهي متاري جيمز پهرئين به انهي نوڪري لاءِ سندس حمايت ڪئي جنهن جو مطلب آهي ته هاروي يا ته خود بادشاهه يا تخت جي ويجهو رهندڙ ڪنهن ٻئي ماڻهو جي توجه حاصل ڪري ويو هو. اهي سڀئي ڳالهيون سندس 32 ورهين جي ڄمار تائين واقع ٿي چڪيون هيون جيڪو هڪ قابل تعريف رڪارڊ آهي. ٿي سگهي ٿو ته سندس سهري ڊاڪٽر برائون به مدد ڪئي هجي پر هاروي جيڪڏهن پاڻ فطري سفارتڪار ۽ درٻاري نه هجي ها ته ٻيو ڪير به کيس ايترو تڪڙو اڳتي نه وڌائي سگهي ها. خاص طور جڏهن هن اڃا تائين طب ۾ ڪو توجه ڇڪائيندڙ ڪارنامو به سرانجام نه ڏنو هو.

 

5

سن 1616ع ۾ جنهن سال شيڪسپيئر جي ميڻ بتي جهڙڪو ڏئي وسامي وئي  هاروي سينٽ بارٿو لوميو ۾ ليڪچرن جو هڪ سلسلو شروع ڪيو. پيراسيلس جي انقلابي تبديلين سان هن جو ڪو واسطو نه هو.  هولاطيني سان چنبڙيو رهيو ڄڻ ته هنکي جيڪي ڳالهيون چوڻيون هيون اهي اهڙي اعليٰ قسم جون هيون جيڪي بيهودي انگريزي زبان ۾ نه ٿي ادا ٿي سگهيون. هو جيتوڻيڪ قدامپرست انداز برقرار رکيون آيو پر سندس ليڪچر پيراسيلسس ۽ وساليئس جي خوابن جهڙائي انقلابي ۽ روايتن کان هٽيل هئا.

هن فوراً دل ۽ رت جي حرڪت جي مسئلي تي حملا شروع ڪيا. انهي جي باوجود به انهن ليڪچرن طبي قدام پرستي جي سانيتڪي ندي ۾ ڪا لهر پيدا نه ڪئي. ڪنهن نامعلوم ماڻهو پاران ڪيترا به ليڪچر پاڻ مان مطمئن ۽ ٿڌي طبيعت واري انگريز ڊاڪٽر کي ڪجهه به نه ڪري سگهن ها. گهڻو امڪان اهو آهي ته سندس ڳالهيون ليڪچر واري ڪمري کان ٻاهر تمام ٿورن ماڻهن تائين پهچي سگهيون هونديون. هن جي شخصيت به اهڙي ڪا جذباتي نه هئي جيڪا ڪنهن پروفيسر کي مقبول ڪرائيندي آهي. اها ڳالهه به رڪارڊ تي نه آهي ته هو ڪنهن هڪ شاگرد ۾ به علم حاصل ڪرڻ جي شديد تڙپ پيدا ڪري سگهيو.

هاروي اهو سمورو وقت لازماً عام رواجي ٿڌي ٿانهري زندگي گذاري هوندي. انهي خيال جي پٺڀرائي هن ڳالهه مان به ٿئي ٿي ته هن کي 1618ع ۾ جيمز پهرئين جو فزيشن مقرر ڪيو ويو. عام رواجي ڳالهين کي وڏو ڪري ٻڌائيندڙ موڳو جيمز جڏهن فوت ٿيو ته هاروي کي چارلس پهرئين جو فزيشن مقرر ڪيو ويو.

هاروي جو نالو 50 ورهين جي ڄمار ۾ به لنڊن کان ٻاهر تقريباً نامعلوم هو ۽ يورپ ۾ ته بلڪل نامعلوم هو. بهرحال سن 1628ع اهو سال آهي جنهن ۾ هن کي شهرت ملي ۽ هو هميشه لاءِ بقراط ۽ جالينوس جهڙن عظيم ماڻهن جي صف ۾ بيهجي ويو. هن انهي سال رت ۽ دل جي چرپر تي پنهنجو ڪتاب ڇپرايو

 

6

هاروي جي نظريي ۾ ڪهڙي ڳالهه ايتري منفرد ۽ جرئت واري هئي؟ دل ۽ رت حرڪت ڪن ٿيون اها ڳالهه ته قديم ترين دور کان معلوم هئي. اٽليءَ ۾ گليلو جي مدد سان نبض تي تمام گهڻو ڪم ٿيو هو. جيئن اسين اڳ ۾ پڙهي آيا آهيون سرويٽس ڦڦڙن مان رت جي دوري بابت لکي چڪو هو، سلويئس رڳن ۾ وال دريافت ڪري ۽ انهن بابت احوال لکت ۾ آڻي ڇڏيو هو. پوءِ ڀلا هاروي ڪهڙو ڪم ڪيو هو؟

هن فقط اهو ڪم ڪيو هو جو جتان سرويٽس کان ڪم ڇڏرايو ويو هو ۽ جتان سيلوئيس اڳتي نه وڌي سگهيو هو؛ هن اتان اڳتي ڪم شروع ڪيو. هن چيو ته رت هڪ مستقل وهڪري جي صورت ۾ دل مان نڪري جسم جي سڀني حصن مان ٿيندي وري واپس دل ۾ اچي ٿي. هن چيو ته دل جي سُسڻ سان رت ٻاهر نڪري ٿي ۽ جڏهن دل پنهنجي حالت ۾ اچي ٿي ته رت اندر اچي ان کي ڀري ڇڏي ٿي. هن اها ڳالهه ڏيکاري جالينوس کي دفن ڪري ڇڏيو ته ڦڦڙن کانسواءِ دل جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ۾ ڪوبه رابطو نه آهي.

اهي سڀئي ڳالهيون اڄڪلهه ته ڪجهه قدر پراڻيون ۽ عام معلوم حقيقتون لڳن ٿيون پر هاروي جڏهن اهي پهريون دفعو ڇپائي هيٺ آنديون هيون ته هن ڄڻ ته مڃيل ديني عقيدن کان ڦرڻ جو ڏوهه ڪري وڌو هو. ڇاڪاڻ ته انهي کان گهٽ ڳالهه تي ويسالئيس کي ديس نيڪالي ڏني وئي هئي ۽ انهي کان گهٽ ڳالهه تي سرويٽس کي باهه ۾ ساڙيو ويو هو ۽  انهي کان گهٽ ڳالهه تي پيراسيلس تي باسل ۾ ميڙ حملو ڪري کيس ماري ڇڏيو هو.

 

7

هاروي انهن مان ڪنهن کان اڳتي وڌي بچي سگهي ها؟ ڪڏهن به نه! هن جي ڪتاب جي پڌري ٿيڻ سان هن جي پرئڪٽس گهٽجي وئي. پنهنجي زندگي ڪير اهڙي چريي ماڻهو جي هٿ ۾ ڏيندو؟ پر هو جيئن ته چارلس پهرئين جو منظور نظرهو تنهنڪري ڌنڌي جي انهي نقصان کي ڪا اهميت نه ڏنائين. لڳي ٿو ته سندس آمدني هر وقت چڱي چوکي رهندي هئي. ته به هو پنهنجو ڪتاب دنيا جي هٿن ۾ ڏيندي خوف محسوس ڪري رهيو هو جو لکيو اٿائين:

”مونکي رت جي مقدار ۽ ان جي سر چشمي بابت جيڪو ڪجهه چوڻو آهي اها ايتري ته نئين انداز جي ڳالهه آهي ۽ اڳ ۾ ڪنهن ٻڌي ئي نه آهي جو مونکي نه فقط ڪجهه ماڻهن جي حسد مان پاڻ کي نقصان جو انديشو آهي پر آءُ اهو سوچي به ڪبني وڃا ٿو ته متان سموري انسانذات منهنجي دشمن نه بڻجي وڃي. ڇاڪاڻ ته گهڻو ڪري رواج به فطرت بڻجي ويندو آهي. جنهن نظريي جو هڪ دفعو ٻج پوندو آهي ته اهو پاڙون پختيون ڪري ويندو آهي ۽ سڀني ماڻهن ۾ قديم دورجي شين توڙي نظرين لاءِ عزت موجود هوندي آهي بهر حال تيرڪمان مان نڪري چڪو آهي ۽ مونکي پنهنجي صداقت سان محبت ۽ سلجهيل ذهنن جي صاف گوئي تي يقين آهي.“

سلجهيل ذهن؟ ڪالوِن کي به ته سلجهيل ذهن هو پر انهي سرويٽس کي نه بچايو. سيلوئيس کي به سلجهيل ذهن هو پر اهو وساليئس سان گندي ورتاءُ کي روڪي نه سگهيو هو. فرانسس بيڪن کي به سلجهيل ذهن هو پر هو سموري يورپ ۾ هاروي تي ڦٽڪارون وجهندو رهيو. ريني ڊيڪارٽ انهيءَ نظريي کي بنا دير تسليم ڪري ورتو ۽ هو جيئن ته تجربا ڪندڙ هو ۽ ڪنهن اختيار رکندڙ وانگر ڳالهايائين ٿي انهيءَ ڪري هن هاروي لاءِ انهيءَ کان به گهڻو ڪم ڪيو جيترو هو پاڻ لاءِ ڪري سگهيو ٿي.

مجموعي طور ڏسجي ته انقلابي ذهن رکندڙ هاروي جي حيرت انگيز طورتي معمولي تنقيد سان جان ڇٽي وئي. ممڪن آهي ته تخت جي ڇانو سندس بچاءِ ڪيو هجي- سندس 76 صفحن وارو ڪتاب جيڪو اها ڳالهه ثابت ڪرڻ جي نقطه نظر سان لکيو ويو آهي ته دل ۽ رت بابت اڳ۾ تقريباً هر ڪا ڳالهه بڪواس آهي اڄ به سندس ذهانت جو پڙهڻ جوڳو ثبوت آهي.

هاروي پنهنجي دور کي هڪ رعايت ڏني: هن روح بابت ڪجهه چوڻ ضروري سمجهيو. پر هن جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو عقل جي تمام ٻاهرئين حد وٽ لامارن کانسواءِ ڪجهه به نه آهي. انهي کي سندس تجرباتي سائنس مان حاصل ڪيل درست نتيجن سان ڪوبه تعلق نه آهي. هن چيو ته روح رت ۾ واقع آهي. هاروي وٽ اها ڳالهه محسوس ڪرڻ جي خيالي قوت نه هئي ته روح جسم ۾ نه آهي پر ”جسم روح ۾ آهي.“ بهرحال اهو هڪ ننڍڙو مسئلو هو ۽ انهيءَ کي پهرئين انگريز ڊاڪٽر تي تنقيد جو ذريعو نه ٿو بڻائي سهگجي.

 

8

چارلس پهرئين لاءِ مقرر ٿيل فزيشن وليم هاروي جا معاملا ائين سهولت سان هلندا رهيا. هو سن 1603ع ۾ نوجوان ڊيوڪ آف ليناڪس (Lennox) جي ساٿي طور وڏي سفر تي نڪتو ۽ يورپ جا ڪيترائي ملڪ ڏٺائين. هو سن 1636ع ۾ ارونڊيل جي نواب سان  گڏ پراگ ۾ ڪيترن ئي وڏن ڊاڪٽرن سان مليو جن مان ڪجهه تڏهن به سندس ”رت جي دوري“ تي نڪ کي موڙو ڏيندا هئا.

انهيءَ سفر تان واپس اچڻ تي هن کي پنهنجي پرئڪٽس شروع ڪرڻ جو ارادو هو پر چارلس کيس 1639ع ۾ اسڪاٽلينڊ وٺي ويو. انهي کانپوءِ هو ٻه يا ٽي سال پنهنجي منهن رهي لنڊن جي فيشني ماڻهن جو علاج ڪندو رهيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي عظيم نظريي جي دفاع ۾ ڪو خط به لکي وٺندو هو.

اهي سڀ ڳالهيون تمام سٺيون هيون پر اهي برقرار نه رهي سگهيون جو انگلينڊ هاڻي ڌپ ڪرڻ تي هئي. ڪرامويل پهچي ويو هو ۽ هو ۽ سندس پيوريٽن جيڪي آواز ڪري رهيا هئا اهي وڻندڙ نه هئا. هاروي ننهن کان چوٽي تائين شاهپرست هو ۽ 1642ع ۾ ٿيندڙ هل هنگامو سندس نظر ۾ سنئين سڌي بغاوت هئي. هو چارلس سان ٻڌل رهيو ۽ ايج هل (Edgehill) جي جنگ ۾ به بادشاهه سان گڏ هو ۽ هڪ لوڙهي پٺيان ڪتاب پڙهي رهيو هو جو هڪ گولي اچي کيس اڃا پري هٽڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. چارلس جڏهن متوقع فيصلائتي سوڀ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو ته هو به پنهنجي شهزادي سان گڏ آڪسفورڊ موٽي آيو.

آڪسفورڊ ۾ هن پنهنجو وقت آني ۾ چوزي جي نشوو نما  جو اڀياس ڪندي گذاريو. هو هرروز هڪ آنو کولي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ٿيل تبديلي جو غورسان مشاهدو ڪندو هو. اهڙي طرح هن پيدائش (generation) بابت پنهنجي ڪتاب لاءِ مواد گڏ ڪيو. هن انهي ڪتاب لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو ۽ تمام گهڻا مشاهدا ڪيا پر عملي طور انهي جي اهميت بلڪل گهٽ آهي. انهيءَ جو ذڪر انهي ڪري ڪيو ويندو آهي جو انهيءَ هڪ اهڙي موضوع تي اڀياس کي نئين سرجياريو جيڪو ارسطو جي وقت کان وٺي غير سرگرم لڳو پيو هو. هن خودبخود پيدائش واري وهم کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر جهالت سندس خلاف اتحاد قائم ڪيون بيٺي هئي ۽ خوردبين جي تمام ترقي يافته صورت وٺڻ کانپوءِ ئي انهي نظريي مان هٿ ڪڍيا ويا.

هو اڃا آڪسفورڊ ۾ ئي هو- هو اتي ٽي سال رهيو- ته انهي ڳالهه جو چڱو خاصو امڪان پيدا ٿي ويو ته هن کان سينٽ بارٿو لوميو واري نوڪري هلي ويندي ڇو ته هو، ”پارليامينٽ خلاف هٿيار کڻندڙ پارڻي ۾ شامل ٿي ويو هو.“ ظاهري طور به اهو پيو ڏسڻ ۾ اچي ته ڪرامويل يا ان جي ماتحت ڪو ٻيو ماڻهو بادشاهه لاءِ مقرر فزيشن خلاف ڪا سنجيده ڳالهه ٻڌائي ڏاڍو خوش ٿئي ها. بهرحال لنڊن تي پارليامنيٽ جي حامين (Roundheads) جو قبضو ٿي وڃڻ کانپوءِ هاروي جي وهائيٽ هال ۾ رهائش جي تلاشي ورتي وئي ۽ موجود مسودن سميٽ هر شي تي قبضو ڪيو ويو.

اهو ڏاڍو شديد ڌڪ هو پر انهي کان اڃا وڌيڪ شديد ڌڪ جو وارو پوءِ آيو. آڪسفورڊ فيئرفيڪس آڏو آڻ مڃي ڇڏي ۽ هاروي لاءِ انهي جو مطلب دنيا جي پڄاڻي هئي.

هن جي جن دوستن سان 40 کان وڌيڪ ورهين کان گهرائپ رهي هئي اهي پنهنجي پراڻن ٺڪاڻن تان هڪلجي ويا هليا. هو جنهن درٻار جي روشني ۾ چمڪيو هو اها تباه ٿي وئي. جيستائين هن جو تعلق هو لنڊن زمين جي تختي تان مسارجي ويو هو.  

هو انهن حمد ۽ منا جاتون ڳائيندڙن سان اڪيلي سرنه ٿي وڙهي سگهيو جن انهيء ٻيٽ تان خوشي کي ديس نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي. هن جي عمر 68 ورهيه ٿي وئي هئي ۽ هو انسانن جي طور طريقن کان بلڪل بيزار ٿي پيو هو تنهنڪري هر قسم جا سرڪاري عهدا ڇڏي گوشه نشين ٿي ويهي رهيو جتان هو وري ڪڏهن به ٻاهر نه نڪتو. فقط هڪ دفعو کيس ڇڪي منظرتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. کيس رائيل ڪاليج آف فزيشنز جو صدر چونڊيو ويو. هن عمر جي بنياد تي انهي اعزاز کان انڪار ڪري ڇڏيو. شايد سچي ڳالهه اها آهي ته هاروي بادشاهه کانسواءِ واري انگلينڊ تي راضي ٿي نه پيو ٿي سگهي. تنهنڪري هن انهن مذهبي جنونين ۾ دلچسپي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو جن سندس ملڪ کي تباه ڪري ڇڏيو هو.

 

9

جانورن جي پيدائش تي سندس ڪم 1651ع ۾ شايع ٿيو. هاروي کي خود انهي بابت ڪوبه فڪر نه هو. ڊاڪٽر جارج اينٽ جي نظر جيڪڏهن  مسودي تي نه پوي ها ۽ هو اهو دنيا کي ڏيڻ تي زور نه ڀري ها ته اهو سندس پيتيءَ ۾ ئي گهمجي خراب ٿي وڃي ها. ”ٺيڪ آهي،“ هاروي چيو“ انهي کي جيڪو وڻئي سو ڪر؛ اهو منهنجي لاءِ ڪابه اهميت نه ٿو رکي.

هن لاءِ هاڻي ڪهڙي شي اهميت ٿي رکي؟ هو پاڻ بي اولاد رنڙ هو جنهن کان سندس بادشاهه ۽ اهي سڀ چمڪندڙ روح کسجي ويا هئا جيڪي هن سان گڏ بادشاهه جي پيرن ۾ چمڪيا هئا. هن جي عمر هاڻي لڳ ڀڳ 80 ورهيه ٿي وئي هئي. سندس وار اڇا، ڏاڙهي برف جهڙي ۽ منهن تان گوشت ختم ٿي ويو هو؛ فقط ننڍڙيون، ڪاريون، چمڪندڙ اکيون گذريل خوشي ۽ زندگي ۽ توانائي جو ڏس ڏينديون هيون.

هن لاءِ زندگيءَ ۾ ڪجهه به نه بچيو هو ۽ سندس هي پنهنجا لفظ بلڪل بيوسي جو اظهار هوندا هئا ته: ”رياست طوفانن جي سبب گردش ۾ آهي ۽ آءُ پاڻ ڄڻ ته کليل ٻيڙي ۾ سمنڊ تي آهيان.“

جنوري 1649ع ۾ چارلس پهرئين جو سر قلم ڪيو ويو. وليم هاروي انهيءَ کانپوءِ به اٺ سال جيئرو رهيو ۽ اهو عجيب غاصب ڪرامويل اڃا طاقت ۾ هو.

پرسن 1657ع ۾ جون جي ٽين تاريخ جو سج پوڙهي  ڊاڪٽر لاءِ ڏاڍو روشن ٿي اڀريو جيڪو پنهنجي بادشاه کي نه بچائي سگهيو هو ۽ هاڻي پاڻ کي بچائڻ جي به سگهه نه رهي هئس. مٿس فالج جو حملو ٿيو هو ۽ هو ڪجهه وقت ته ڳالهائڻ ٻولهائڻ کان به محروم هو. جيتوڻيڪ انهي دوران به هوش حواس بحال هئس. ڀائيٽيا ۽ دوست سندس چوڌاري اچي گڏ ٿيا هئا. هن ماٺ ميٺ ۾ ڪمزور اشارن سان پنهنجيون ننڍيون ننڍيون شيون ماڻهن کي ورهائي ڏنيون. هن اهڙي طرح معاملا اڪلائي هر ڳالهه کي درست ڪيو ۽ شام ٿي ۽ سج لهڻ سان وليم هاروي جي زندگي جو ڏيئو وسامي ويو.


*اهڙو اوزار جيڪو وڌندو وڌندو وڃي 90 درجن جي ڪنڊ ٺاهيندو آهي ۽ ڪنڊ رکندڙ اوچايون ماپڻ لاءِ ڪم ايندو آهي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org