مينڊل ڊگها مٽر کڻي انهن جو ننڍي قسم جي مٽرن سان
پيوند ڪيو. انهي پيوند مان کيس اهڙي اولاد ملي
جيڪا سموري ڊگهي يا ڊگهي ماءُ پيءُ کان به ڪجهه
وڌيڪ ڊگهي هئي. هن پوءِ انهن ڊگهن ٻوٽن جا ٻج کنيا
جن جي ماءُ پيءُ ۾ ڪجهه ڊگها ۽ ڪجهه ننڍا هئا ۽
انهن مان ٻيونسل اُپايو. هاڻي کيس ڊگها ۽ ننڍا
ٻنهي قسمن جا ٻوٽا مليا جن ۾ ڊگها ننڍن کان لڳ ڀڳ
بلڪل ٽيڻ تي هئا. انهي کان ايندڙ نسل ۾ کيس اها
تمام حيران ڪندڙ ڳالهه نظر آئي ته ننڍن ٻوٽن جي
ٻجن مان فقط ننڍا ٻوٽا پيدا ٿيا پر ڊگهي ٻوٽي جي
ٻج مان ننڍا ۽ ڊگها ٻئي ٻوٽا پيدا ٿيا ڇهن ڊگهن
ٻوٽن مان ٻن ڊَگها ٻوٽا ڏنا پر ٻين چئن هڪ ننڍي تي
ٽن ڊگهن جي نسبت سان ڊگها ۽ ننڍا ٻوٽا ڏنا ۽ ايندڙ
سڀني نسلن ۾ اهو تناسب برقرار رهيو.
اهو هڪ اهڙي مسئلي جو واضح حل هو جيڪو انسانن کي
تڏهن کان پريشان ڪندو رهيو هو جڏهن کان انهن
گهريلو جانور پالڻ ۽ ٻوٽا پوکڻ شروع ڪيا هئا.
5
مينڊل جي نظريي جي مرڪزي صداقت اها آهي ته ڌيان
سان ڪيل چونڊ ۽ مشاهدي جي ذريعي خالص قسم جي
افرائش ڪري سگهجي ٿي ۽ جيتوڻيڪ ڪيتريون ئي خاصيتون
۽ خصلتون گڏ حاصل ڪرڻ ڏکيو ڪم آهي پر ڪا به هڪ
خصلت سولائي سان حاصل ڪري سگهجي ٿي. مثال طور بُور(Chestnut)
گهوڙي سان ميڙايل گهوڙي انهي لحاظ کان خالص هوندي
۽ انهي مان اهڙو نسل حاصل ڪري سگهبو جيڪو سدائين
بورڄڻيندو. ساڳئي طرح قدم باز
(Pacers)
جو به بلڪل ائين خالص نسل حاصل ڪري سگهجي ٿو جيئن
خالص ننڍا مٽر حاصل ڪيا ويا هئا ڇاڪاڻ ته: قدم باز
۽ ننڍا ئي ٻئي پوئتي موٽندڙ
(Recessive)
خصوصيتون آهن انهي جو مطلب ته جيڪڏهن قدم باز
(Pacers)
۽ ڊگ هلندڙ
(Trotters)
جو ميلاپ ڪرائبو ته پهرئين نسل جي اولاد ڊگ هلندڙ
(Trotters)
ٿيندي جو گهوڙن ۾ اها خصوصيت قدم باز(Pacers)
واري خصوصيت تي حاوي رهندي آهي پر جيڪڏهن پهرئين
جوڙي جي اولاد جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪرائبو ته ٽئين نسل
۾ يا قدم باز
(Pacers)
يا ڊگ هلندڙ
(Trotters)
پيدا ٿيندو. جيڪڏهن قدم باز
(Pacers)
پيدا ٿيو ۽ انهي جو خالص قدم باز
(Pacers)
سان ميلاپ ڪرايو ويو ته انهي جو اولاد خالص قدم
باز
(Pacers)
ٿيندي. هڪ وقت هڪ ڦر ڏيندڙ جانورن تي تجربا بهرحال
ڏکيا ثابت ٿيندا ۽ ڊگهو وقت وٺندا پر جنهن به هڪ
خصوصيت تي توجه ڏني وڃي انهي لاءِ اهو قانون صحيح
ثابت ٿيندو.
6
مينڊل جي ليک جي 1900ع ۾ منظر تي اچڻ کانپوءِ ئي
توارث تي ڪم ڪو سمجهه ڀريو انداز اختيار ڪيو ۽
تڏهن ئي وڃي ماڻهن کي صحيح خبر پئي ته انهن کي ڇا
جي ڳولها هئي ۽ اهي پنهنجن مسئلن لاءِ ڪهڙو انداز
اختيار ڪن. منيڊل ئي اها ڳالهه ٻڌائي ۽ هن کانپوءِ
ٻين سندس نظريي جي تائيد ڪئي آهي ته ورثي ۾ ملي
سگهندڙ
(Heritable)
خصوصيتن جي نر ۽ مادي جي جنسي
(Sex)
سيلن ۾ ڳولها ڪئي وڃي. انهن سيلن کي گيميٽ
(gamet)
چيو وڃي ٿو ۽ مادي جي بيضي
(Ovum)
۾ جڏهن اسپرميٽازون
(Spermata zoon)
وڌو وڃي ٿو ته زائگوٽ
(Zygote)
ٺهي ٿو.
اسپرميٽازون متحرڪ پڇ سان هڪ ننڍڙو سيل هوندو آهي
جنهن کي اهو هڪ قسم جي چرپر ڏيندو آهي. ميلاپ
کانپوءِ اسپرميٽازون جو مٿو ۽ پڇ جو ڪجهه حصو بيضي
(Ovum)
۾ داخل ٿي ويندو آهي جيڪو هڪ گهڻو وڏو سيل آهي پر
انهي ۾ چرپر جي طاقت بلڪل نه هوندي آهي.
اسپرميٽازون جيئن ئي بيضي
(Ovum)
۾ زور ڏئي داخل ٿيندو آهي ته زائگوٽ ۾ تمام وڏي
سرگرمي اچي ويندي آهي ۽ سيلن ۾ واڌ اچڻ سان انهي
جي سائيز تڪڙ ۾ وڌڻ شروع ڪندي آهي. هيستائين ڪنهن
کي خبر نه آهي ته ائين ڇو ٿو ٿئي اهو شايد اهڙي
ڪنهن ڪيمياوي عمل جو نتيجو آهي جيڪو اڃا تائين
انسان جي گرفت ۾ نه اچي سگهيو آهي.
شڪل جي لحاّظ کان مختلف انهن ٻنهي سيلن ۾ ڪجهه
شيون مشترڪ آهن. انهي ۾ ڪروموسوم جو ڪو خاص انگ
موجود هوندو آهي. انسان مرد توڙي عورت ٻنهي جي
جنسي
(Sex)
سيلن ۾ اهي 48 هوندا آهن. ڪجهه نيارين صورتن
(Exceptions)
کانسواءِ هر نوع ۾ ڪروموسوم جو ڪو خاص انگ هوندو
آهي هيستائين لڀندڙ ڪروموسوموم جو سڀ کان گهٽ انگ
ٻه آهي جيڪو گهوڙي جي ٿريڊ ورم
(Thread worm)
۾ ٿيندو آهي. سائنس انهن تي چڱو خاصو توجه ڏئي رهي
آهي ڇاڪاڻ ته توارث جو ڳُجهه به شايد انهن ۾ موجود
آهي.
بهرحال اها ڳالهه واضح آهي ته توارث جو ٻي ڪنهن به
شي سان نه پر سيڪس سيلن سان ئي تعلق آهي. اهي سيڪس
سيل ڳپ
(Embryo)
جي واڌ ويجهه جي بلڪل شروعا ت ۾ ئي ڌار ڌار ٿي
ويندا آهن ۽ انهي کانپوءِ لڳي ٿو ته اهي نامياتي
جسم
(Organism)
جو حصو ٿي نه ٿا رهن ۽ دل ڦڦڙن وغيره جا سيل گڏجي
ڪم ڪن ٿا ۽ شايد ته هڪٻئي سان لاڳاپو ۽ هڪ ٻئي تي
دارومدار رکن ٿا.
ٻين لفظن ۾ چئجي ته نامياتي جسم سيڪس سيل پاڻ وٽ
فقط اهڙي طرح رکن ٿا جيئن ڪنهن امين وٽ پئسا رکيل
هوندا آهن. انهي مان معلوم ٿئي ٿو ته اهڙي ڪا به
خصوصيت ايندڙ نسل ۾ منتقل نه ٿي ٿي سگهي جيڪا سيڪس
سيل ۾ نه هجي.
جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ ڪنهن به نوع جا
سڀئي جانور بلڪل هڪ جهڙا ڇو نه آهن؟ منيڊل انهي جو
هي جواب ڏئي ٿو: فطرت ۾
Cross fertilization
جو عمل مسلسل ٿيندو رهي ٿو ۽ اهو تمام ڊگهي وقت
کان ٿيندو رهيو آهي. انهي جو نتيجو اهو آهي ته
اهڙو ڪو ٻوٽو يا جانور مشڪل سان هوندو جيڪو
هوموزائگوئس
(Homozygous)
هجي. نه ته تقريباً سڀ جا سڀ هيٽروزائگوئس
(Heterozygous)
آهن تنهن ڪري اهي مينڊل جي قانون مطابق وقفي وقفي
سان ڪنهن خاص تعداد ۾ اهڙي اولاد پيدا ڪندا رهندا
جيڪا خالص قسم کان چڱي خاصي مختلف هوندي. مينڊل
مطابق اهي اختلاف
(Variations)
- جن تي ڊارون پنهنجو نيچرل سليڪشن جو نظريو تعمير
ڪيو- توارث جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندا آهن ۽ انهن ۾
ڪنهن به لحاظ کان اتفاق يا پيدائشي تبديلي
(innate change)
جو هٿ نه هوندو آهي.
7
ڀلا ارتقا عمل ۾ ڪيئن ٿو اچي؟ نيچرل سليڪشن ته
ارتقا نه آهي. اها ته فقط ڊارون جي سوچ هئي ته
ارتقا اهڙي طرح عمل ۾ اچي ٿو. ڪنهن وقت ۾ انسانن
جي اها سوچ هوندي هئي ته زمين ساڪن بيٺي آهي ۽ سج
ان جي چوڌاري ڦري ٿو. هاڻي انهن جي اها سوچ آهي ته
سج ٻين جي نسبت ۾
(Relatively)
هڪ جاءِ تي بيٺو آهي ۽ زمين گردش ڪري ٿي.
هاڻي انهي سان ته ڪو فرق نه ٿو پوي ته توهان ڪهڙي
ڳالهه ۾ يقين ڪريو ٿا جو سج هاڻي به اوڀر مان
اڀرندي نظر اچي ٿو ۽ اولهه ۾ غائب ٿي وڃي ٿو.
ساڳئي طرح ارتقا به شايد هڪ حقيقت آهي جنهن بابت
نظريا وقت بوقت تبديل ٿي سگهن ٿا.
مينڊل اسان کان انهي دعويٰ تي اسان جو حق نه کسيو
آهي ته اسان جا ابا ڏاڏا وڻن تي رهندڙ ڪا اهڙي
مخلوق هئي جيڪا وڏي حد تائين ڀولڙن سان مشابه هئي
پر اسين جنهن ذريعي سان ٻي ڪا شي ٿيا آهيون اهو
شايد هميشه لاءِ نامعلوم رهندو.
مينڊل ۽ انهن ماڻهن جو ڪم جيڪي سندس پٺيان لڳا ۽
اڃا تائين سندس پٺيان آهن اهو ڏيکاري ٿو ته نيچرل
سليڪشن مان ڪم نه هلندو. اهي تنهن ڪري انهي جي
جاءِ تي عادت جي تبديلي
(Change of habit)
جو ڏس ڏئي رهيا آهن اِي.
ڊبليو.
ميڪ برائيڊ
E.W. Macbrideچوي
ٿو: حاصل ڪيل عادتن ۾ پيدائشي ٿيڻ جو لاڙو موجود
هوندو آهي.
(Acquired habitstend
to become innate)
هو وري لکي ٿو: عادت جي تبديلي پاڻ کي ارتقا ۾ هڪ
وڏي محرڪ جي صورت ۾ ظاهر ڪري ٿي. عضوا جن اصل ۾
نئين ماحول پاران مليل تحرڪ جي نتيجي ۾ واڌ ويجهه
ورتي هئي..........
جڏهن ماحول جي تبديلي نيون عادتون پيدا ڪري ٿي ته
اچرج ۾ وجهندڙ شيون واقع ٿين ٿيون. سمندرن
(Salamander)
جو ڪو جوان جوڙو عام طور 30 يا 40 ٻچا ڏيندو جن کي
ڪلين جي جاءِ تي چهڪ ۽ وڏيون ڪليون هونديون جيڪي
ڌرتيءَ جا جانور ٿيڻ کان اڳ ڇهه هفتا پاڻي ۾
رهندا. انهن کي جيڪڏهن ٿڌي ۽ خشڪ ماحول ۾ رکيو
ويندو ته ٻچن جو تعداد گهٽبو ويندو جيڪڏهن موسم
وڌيڪ ٿڌي ۽ وڌيڪ خشڪ ٿيندي ويندي ته اڃا گهٽ ٻچا
پيدا ٿيندا ۽ انهن جي ڄمڻ وقت ئي وڌيڪ نشوونما ٿيل
(Developed)
هوندي. جيڪڏهن اهي ٻچا به ٿڌي ۽ خشڪ هوا ۾ رهندا
ته اهي به ٿورا ٻچا ڄڻيندا ۽ جيڪڏهن تجربو جاري
رهيو ته انهي جي نتيجي ۾ اهڙا جانور پيدا ٿيندا
جيڪي فقط ٽي يا چار ٻچا ڏيندا جن کي ڪلين جي جاءِ
تي نالي ماتر ٿُٻ هوندا ۽ اهي پاڻي ۾ داخل ئي نه
ٿيندا ۽ فوراً جوانن واري زندگي اختيار ڪري ڏيندا.
بهرحال اڃا وڌيڪ تجربا گهربل آهن ۽ جيئن ته مينڊل
ڏيکاري ويو آهي ته اختلاف
(Variations)
وراثت ۾ ملندا آهن تنهن ڪري ايمبريالاجسٽ ۽
سائيٽالاجسٽ وڏي محنت سان ارتقا جو نئون نظريو
ٺاهڻ جي ڪم ۾ لڳا پيا آهن.
8
مينڊل جو اهو قانون انسانن بابت به ايترو ئي درست
آهي جيترو ٻوٽن بابت. اصلي سوال اهو آهي ته آزاد
انسانن ۾ انهي جو ڪهڙو استعمال ٿي سگهي ٿو؟
جيستائين ڏاهپ شخصي آزادي کان پٺتي رهندي تيستائين
انهي جو شايد گهڻو استعمال نه ٿي سگهندو.
انهيءَ جي باوجود به ڪجهه اهڙيون شيون آهن جن کي
جيڪڏهن ذهن ۾ رکيو وڃي ته مددگار ٿي سگهن ٿيون.
سيڪس سيل عملي طور لافاني هوندا آهن يعني
Embryo۾
ظاهر ٿيندڙ سيڪس سيل بلڪل انهن سيلن جهڙا هوندا
آهن جيڪي گڏجي اهوEmbroyo
ٺاهيندا آهن. سڀاويڪ طور انهي سان والديني سيڪس
سيلن پاران منتقل ٿيل چڱين يا خراب خصلتن کي
ناقابل يقين پائيداري ملي ويندي آهي.
پوءِ جيڪا به شي سڪيس سيل ۾ پيدائشي اچي ويندي اها
ٻار ڏانهن منتقل ٿي ويندي. پر هڪ ڳالهه انهي قاعدي
کان ٻاهر آهي. جيڪڏهن اها خصوصيت پٺتي هٽندڙ
(recessive)
آهي ته اها چئن مان هڪ يا اهڙي ڪنهن تناسب سان
ظاهر ٿيندي. اک ۾ موتيي ۽ چنبي جهڙي هٿ سميت اهڙا
تقريباً 30 انساني نقص آهن جيڪي ڊاميننٽ
(Dominant)
هوندا آهن ۽اهو نقص هن عجيب صورت ۾ موجود ٿيندو
آهي جو اهڙن ڪٽنبن ۾ عام طور مرد عورتن کان گهڻا
وڌيڪ هوندا آهن انهي خصوصيت کي جنس سان لاڳاپيل
نقص چيو ويندو آهي.
سائنس رنگ نابيني
(Color blindness)
جي عجيب ڪردار کي به پروڙي ورتو آهي. رنگ نابين
مرد ۽ نارمل عورت جا سڀئي ٻار نارمل ٿيندا ۽ پٽ
رنگ نابيني اڳتي نه وڌائي سگهندا. وري ڌيئرون
جيڪڏهن نارمل مرد سان شادي ڪنديون ته اهو نقص
پنهنجن اڌ پٽن کي منتقل ڪنديون پر اهي جيڪڏهن رنگ
نابين مردن سان شادي ڪنديون ته انهن کي رنگ نابين
ڌيئر ڄمنديون. پوءِ جيڪڏهن انهن مان ڪا رنگ نابين
ڌيءُ نارمل مرد سان شادي ڪندي ته پٽ رنگ نابين
ڄمندا، ڌيئرون نارمل هونديون پر انهن کي رنگ نابين
پٽ ڄمندا.
مينڊل وارين واٽن تي تجربن ۽ انهن سان گڏوگڏ انگن
اکرن موروثي بيمارين جي مسئلي تي روشني وڌي آهي.
اهڙو ڪو به اشارو نه ٿو ملي ته ماحول يا ڪم سبب
پيدا ٿيل بيماري ڪنهن به لحاظ کان موروثي ٿي سگهي
ٿي. مائڪروبس سبب پيدا ٿيل بيمارين بابت به اعتماد
سان چئي سگهجي ٿو ته اهي موروثي نه آهن ڄمڻ کان اڳ
بار بار ٿيندڙ عفونت
(infection)
جي سبب به اڻ واقف ماڻهو اهو سمجهي سگهن ٿا ته اها
بيماري سيڪس سيلن مان منتقل ٿي آهي. عصبي نقصن (nervous
disorders)
۽ ڪمزور دماغي (Feeble
Mindedness)
جا ڪجهه قسم موروثي لڳن ٿا ۽ ممڪن آهي ته اهي
ڊاميننٽ (Dominant)
خصوصيتون هجن. عام رواجي حالتن ۾ اهو سمجهڻ ۾ ڪوبه
خطرو نه آهي ته بيماري سيڪس سيلن جي ذريعي منتقل
نه ٿي ٿئي.
9
مينڊل برون ۾ پنهنجي خاموش باغيچي ۾ کوجنائون ڪندي
اها صداقت دريافت ڪئي ته اسين وقت جي باک ڦٽي
تائين پهچندڙ ابن ڏاڏن جي ڊگهي قافلي ۾ شريڪ هر
مرد ۽ عورت جو حصو آهيون. جرم پلازم
(Germ plasm)
پاڻ سان گڏ عجيب طاقتون ۽ خصوصيتون به کڻي هلندو
رهي ٿو جيڪي انهي وقت ڪم آيون هيون جڏهن جهنگ ۾
ڇتي ويڙهاند ٿيندي هئي ۽ ماڻهو اوچتي موت جي منهن
۾ رهندو هو پر انهي پاڻ سان اهڙا جذبا به آندا آهن
جيڪي ڪوملتا ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ اهڙيون جبلتون
آنديون آهن جن خدا کي ۽ زندگي ۾ خوشي کي دريافت
ڪري ورتو آهي.
باب ڇويهون
هرٽز
فيراڊي هڪ سو ورهيه اڳ فطرت جي بجلي جي خزانن جي
چاٻي ڳولهي لڌي ۽ انسانذات لاءِ هڪ نئين دنيا ۽ هڪ
نئين دور جو دروازو کولي ڇڏيو. پر هن جهڙي ذهانت
رکندڙ ماڻهو به هڪ صديءَ دوران ايندڙ تبديلين جو
تصور به نه ڪري سگهيو. زندگي ڄڻ ته هڪ وک کڻي
ٽيليگراف ’سامونڊي ڪيبل، ٽيليفون، فونوگراف ۽ بجلي
مان ملندڙ طاقت، حرارت ۽ روشني تي پهچي وئي.
انهيءَ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ ۽ خطرناڪ وهڪري
(Fiuid)
کي آخرڪار قابو ۾ آڻي ڪم ۾ هنيو ويو.
هاڻي دريافت ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه باقي رهيو هو ڇا؟
هائو! نيون خاصيتون ۽ نوان اظهار ته نه پر نوان
استعمال اڃا دريافت ٿيڻا هئا. جيمس ڪلارڪ ميڪس ويل
فيراڊي جي بيمثال منطق جي منڊ ۾ منڊجي انهن سڀني
جادوئي لفظن لاءِ رياضياتي ثبوت ڳولهڻ شروع ڪيا ۽
نيٺ انهن کي ڳولهي ورتو. ميڪس واضح ۽ پاڻ
مڃرائيندڙ فارمولا ترتيب ڏنا ۽ فيراڊي جي بيانن جي
درستگي ثابت ڪري ڏيکاري.
پر ميڪس ويل جي حيثيت فارمولن جي بازيگر کان وڌيڪ
هئي. هو جڏهن پنهنجين مساواتن
(Equations)
تي ڪم ڪري رهيو هو ته سندس تصور کيس انهن مان
نڪرندڙ ڏاڍا عجيب نتيجا ڏيکاري رهيوهو. هن محسوس
ڪري ورتو ته فيراڊي جنهن لقاءَ جي دل تائين پيهي
ويو هو انهي جي فقط چند اسرارن تان ئي پردو هٽايو
هو ۽ ان جي ڪيترن ئي پاسن تي اڃا تحقيق جي گنجائش
موجود هئي. جنهن دور ۾ هر ماڻهو جي وات تي اها
ڳالهه هئي ته بجلي بابت هر ڪا ڳالهه گرفت ۾ اچي
وئي آهي ۽ انهي جون سڀئي طاقتون معلوم ٿي چڪيون
آهن؛ ميڪس ويل اهڙي دور ۾ روشني ۽ بجلي جي
توانائيءَ ۾ فرق جانچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ انهي
ڳالهه تي زور ڏئي رهيو هو ته سندس نظريي مان اها
ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته اليڪٽرو-ميگينٽڪ
Electro magnetic Disturbances
لهرن جي صورت ۾ اڳتي وڌن ٿا.
هن انهن لهرن کي جيتوڻيڪ اڃا ڪنهن نظريي جي صورت ۾
محسوس ڪيو هو پر کيس يقين هو ته رياضي اهو ثابت
ڪري ٿي ته انهن جو وجود لازمي آهي پر انهي کان اڳ
جو سندس ڳالهه ليباريٽري ۾ ثابت ٿي سگهي هو 46
ورهين جي ڄمار ۾ فوت ٿي ويو.
2
هينرخ رڊولف هرٽز هيمبرگ ۾ جڏهن 1857ع ۾ پيدا ٿيو
ته ميڪس ويل جي عمر 26 ورهيه هئي ۽ هو مشهور
سائنسدان هو. ابرڊين ۾ نيچرل هسٽريءَ جي پروفيسر
انهيءَ اسڪاٽلينڊي ڏاهي کي تڏهن اها ڳالهه وهم
گمان ۾ به نه هوندي ته روشني ۽ بجلي جي لهرن بابت
سندس ٻن عظّيم نظرين جو مستقبل انهي ڳاڙهي منهن
واري جرمن ڇوڪري جي هٿن ۾ آهي جيڪو هيمبرگ جي هڪ
پينگهي ۾ اڻ ڳڻين ڪمبلن ۾ ويڙهيو پيو آهي. انهيءَ
جي باوجود به انهن ٻن نظرين مان ئي دنيا کي روشني
بابت هڪ نئون تصور ۽ بجلي جي طاقت جو هڪ اهڙو نئون
دور ملڻو هو جنهن مان وائرليس ’ٽيليگراف ۽ ريڊيو
منظر تي اچڻا هئا.
نوجوان هينرخ جڏهن هيمبرگ جي اسڪولن مان تعليم
پوري ڪئي ته هن سوچيو ته کيس انجنيئر ٿيڻ گهرجي.
هن ويهن ورهين جي ڇوڪري کي اهو ئي عزم 1877ع ۾
ميونح وٺي ويو. اتي هڪ سال کان به گهٽ عرصي جي
پڙهائي هن جي ذهن مان انجنيئرنگ جو خيال ڪڍي ڇڏيو.
هو گهر کان هڪ سال ٻاهر رهي دنيا کي پنهنجي منهن
سان ڏسي وائسي پنهنجي صحيح رنگ ۾ اچي ويو ۽ کيس
خبر پئجي وئي ته هو ڇا ٿيڻ چاهي ٿو ۽ انهي ڪم ۾
لڳي ويو. انهي کانپوءِ هن پاڻ کي طبعي سائنس
(Physical science)
لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.
هو 1878ع ۾ وان هيلموٽس
(Von Helmohtz)
جي ليڪچرن ۾ شريڪ ٿيو. هن انهيءَ ڪورس لاءِ گذريل
سياري ۽ اونهاري جي موسم ۾ لئپلاس ۽ لينگرانج جا
ڪتاب پڙهي تياري ڪري ڇڏي هئي. انهن ٻنهي ليکڪن جي
ڪتابن ۾ ڪا به هلي ڦلڪي ۽ هوائي ڳالهه بيان ٿيل نه
هئي. لئپلاس بهترين رياضيدانن کي به ڏاڍو ڏکيو
لڳندو آهي ۽ انهن کي سندس ڪنهن هڪ نقطي کي سمجهڻ
لاءِ به ڪلاڪن جا ڪلاڪ مٿا ڪٽ ڪرڻي پوندي آهي.
هرٽز جڏهن هيلموٽس کي ٻڌڻ شروع ڪيو ته هن اهڙي قسم
جي تياري به اڳواٽ ئي ڪري ڇڏي هئي ۽ هو بنا دير
اصلي قسم جي تحقيق ۾ مصروف ٿيڻ جي قابل ٿي ويو. هن
1880ع ۾
Kinetic energy of Electriciy in motion
نالي پنهنجي ليک تي انعام کٽيو. انهيءَ مان توهان
سمجهي سگهو ٿا ته هينرخ جي زندگيءَ ۾ نوجوانن واري
ڪا به شوخي ۽ شرارت نه هئي. هو لڳي ٿو ته پوڙهو
ڄائو هو ۽ هن کي بلڪل شروع کان ئي عمر جي لحاظ کان
وڌيڪ تربيت ۽ سکيا مليل هئي ۽ هن پاڻ کي ننڍي عمر
۾ ئي ڳاري ڇڏيو.
3
برلن پهچڻ کان جلد ئي پوءِ هرٽز جي توجهه ميڪس ويل
جي اليڪٽرو ميگنيٽڪ نظريي ڏانهن ٿي وئي ۽ هيلموٽس
کيس پنهنجي ليباريٽري ۾ انهي تي ڪم ڪرڻ لاءِ آماده
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن انهي وقت اهو ڪم نه ڪيو جو
کيس ڪا خبر ئي نه پئي پوي ته اهو ڪم ڪئين ٿيندو.
انهي موضوع تي هو بجلي جي ٻين شاگردن وانگر ئي هو
جن جو پڻ ميڪس ويل جي نظريي سان واسطو پيو هو. اهو
نظريو ته ڏاڍو سٺو ٿي نظر آيو پرانهي کي ٽيسٽ
ڪئين ڪجي؟
اهو خيال هرٽز جي دماغ ۾ واڌ ويجهه وٺندو رهيو
جنهن کي ڪنهن ڏينهن دنيا ۾ جنم وٺڻو هو. هن انهي
مسئلي تي پهريون دفعو سنجيدگي سان 1883ع ۾ ڪيل
(Kiel)
۾ ڪم ڪيو پر تڏهن ڪا اهميت واري شي دريافت نه ٿي.
هو ٻه سال پوءِ ڪارلس روهي
(Carlsruhe)
پوليٽيڪنڪ ۾ فزڪس جو پروفيسر مقرر ٿيو ۽ اتي
پنهنجي ليباريٽري ۾ وري ميڪس ويل واري مسئلي کي هٿ
۾ کنيائين.
هن دفعي ڏاهپ جي هڪ چمڪندڙ شعلي کيس رستو ڏيکاريو
۽ هوڪامياب ٿي ويو. سندس ڊٽيڪٽر ۾ اهي ننڍڙيون
چڻنگون ِظاهر ٿيڻ سان هرٽز يا ئي لهرن
(Hertzian waves)
جو ظاهري ثبوت ملي ويو. ميڪس ويل درست ثابت ٿي ويو
۽ وائرليس ۽ ريڊيي ڏانهن پهريون قدم کڄي ويو.
هرٽز جي تجربي جي سادگي تمام حيران ڪندڙ هئي. ٻئي
ڪنهن کي به ائين ڪرڻ جو خيال ڇو نه آيو هو؟ اها
ڳالهه به ايترو ئي منجهائيندڙ هئي جيتري اها ته
فيراڊي کان اڳ ٻئي ڪنهن به ائين ڇو نه سمجهيو هو
ته اليڪٽرو ميگنيٽڪ انڊڪشن لاءِ چرپر ضروري هئي.
هرٽز جي ڪم جو تفصيل هن طرح آهي: هن جست جون ٻه
پليٽون کنيون جيڪي اهڙين لٺين
(Rods)
سان جڙيل هيون جن جي ڇيڙن تي تمام پالش ٿيل پتل جا
بال لڳل هئا. اهي لٺيون انڊڪشن ڪوائل جي ڇيڙن
(poles)
سان جڙيل هيون. هاڻي انهن پليٽن کي چارج ڪرڻ ۽
ٻنهي بالن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ سان سڀاويڪ طور
هڪ مان چڻنگ نڪري ٻئي ڏانهن وئي ٿي هلي. جيئن هنن
چڻنگن مان ثابت ٿي ويو ميڪس ويل به اهو ئي چيو هو
ته ڪرنٽ جا اهي اڳتي پوئتي ٽپ بجلي جي لهرن کي هوا
۾ موڪليندا. |