سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :16

هن جڏهن شيشا ٺاهڻ تي توجه ڏني تڏهن به کيس ڪنهن روڪ آمدني جي توقع نه هئي. رائل سوسائٽي بحث لاءِ اهو سوال پيش ڪيو ته ”ڇا ڪنهن به نقص کان آجو آپٽيڪل شيشو ٺاهڻ ممڪن آهي؟ هن سوال جو جواب ڳولهڻ ۾ پيش ايندڙ ڪيميائي مسئلا فيراڊي جي هٿن ۾ ڏنا ويا. هن انهي مسئلي تي چار سال ڪم ڪيو ۽ انهي دوران هن ڪيترو ئي شيشو ٺاهيو. پر هو سوسائٽي جي سوال جي جواب ۾ هائو“ چوڻ جي قابل نه ٿي سگهيو.

هو اهڙو شيشو ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جنهن سان دوربين ۾ بهتري اچي وئي پر تڏهن به اهو هر لحاظ کان مڪمل نه هو. آخر ۾ هن ڪجهه وقت لاءِ ڪم بند ڪرڻ جي موڪل گهري ”جئين آءٌ ٻين موضوعن تي پنهنجي خيالن کي عمل جامو پهرائڻ جي خوشي حاصل ڪري سگهيان.“

 

13

ڊيوي 1830ع ۾ نرم لوهه جي ٽڪري جي ڀرسان بجلي جو ڪرنٽ آڻي انهيءَ ۾ مقناطيسي قوت پيدا ڪري ڇڏي. فيراڊي 1822ع ۾ پنهنجي نوٽ بڪ ۾ لکيو:

”مقناطيسي قوت کي بجلي ۾ تبديل ڪريو.“

جيڪڏهن بجلي مقناطيسي قوت ۾ اچي سگهي ٿي ته مقناطيسي قوت بجليءَ ۾ ڇو نه ايندي؟ هو پاڻ کان اهو سوال بار بار پڇندو رهيو. اهو هڪ منطقي نتيجو هو پر هو انهيءَ کي عملي صورت ۾ ڪئين آڻي؟ اها ڳالهه تمام گهربل به هئي ڇاڪاڻ ته بجلي هڪ قيمتي شي هئي ۽ جيڪڏهن گهٽ لاڳت تي ڪافي مقدار ۾ پيدا ٿي وڃي ته هزارين طريقن ۾ ڪارآمد ٿي سگهي ٿي. وولٽائي سٿين تي لاڳت تمام گهڻي ٿي آئي ۽ ڪرنٽ جو مقدار ۽ طاقت به محدود هوندي هئي. اهڙي صورتحال ۾ هڪ سستي ۽ سولي طريقي تمام اهميت رکي ٿي.

جئين ته دنيا خود هڪ وڏو مقناطيس آهي تنهن ڪري مقناطيسي قوت جي ڪا کوٽ ئي نه هئي. انهي عالمي مقناطيسي قوت کان بجلي ڏانهن اچڻ هڪ تمام وڏو قدم هو ۽ اهو لازماً اوندهه ۾ کنيو وڃڻو هو.

مائيڪل کي نه ئي ڪير دڳ ڏيکارڻ وارو هو نه ئي ڪو سهارو هو. تنهن ڪري هو هيڏانهن هوڏانهن ٿڙندو ٿاٻڙجندو رهيو پر هن کي گهر واپس ايندڙ ڪبوتر ۽ گم ٿيل ڪتي واري اندروني ٻوجهي هوندي هئي. هي عمل آهي ته انهي جو رد عمل ڪهڙو ٿيندو؟ هاڻي توانائي جو مثال وٺو: اهو قانون لفظي صورت ۾ منظر تي اچڻ کان گهڻو وقت اڳ هن غير واضح طور اها ڳالهه سمجهي ورتي هئي ته توانائي جو وجود ختم نه ٿو ٿي سگهي. اهي جيتوڻيڪ مبهم نشان هئا پر اهي ڪنهن ڌيان سان مشاهدو ڪندڙ کي ڪنهن جاءِ تي پهچائي سگهيا ٿي.

فيراڊي پنهنجي کيسي ۾ لوهه جو هڪ ٽڪرو کڻندو هو جنهن جي چوڌاري تار ويڙهيل هوندي هئي. هو جڏهن انهي تار ۾ ڪرنٽ موڪليندو هو ته لوهه مقناطيس ٿي پوندو هو. سموري سائنسي دنيا ڏهن ورهين کان انهي حقيقت کان واقف هئي. پر هو مقناطيس جي مدد سان تار ۾ ڪرنٽ ڪيئن پيدا ڪري؟

هڪ سو سال اڳ سموري دنيا ۾ ڪٿي به ڊائنامو يا بجلي تي ٻرندڙ روشنيون يا موٽرون نه هونديون هيون. بجلي تي هلندڙ ڪاروبارن ۾ هڪ پئسي جي به سيڙپ ڪاري نه ڪئي وئي هئي. بجلي ليباريٽري ۾ راند روند جي شي هوندي هئي. سائنس کي خبر هئي ته اهو فطرت جو هڪ گرفت ۾ نه ايندڙ اسرار آهي پر ڪنهن ڪاروباري شخص، سپاهي، وڪيل، ڊاڪٽر، ايڊيٽر، ليکڪ يا هاريءَ لاءِ ”بجلي“ هڪ لفظ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه هئي. انهيءَ جو روزاني زندگيءَ سان پري جو به واسطو نه هو. دز سان ڀريل ڪمرا جن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽيسٽ ٽيوب، لوهه جا پترا، تارن جا ٽڪرا ۽ گنديون بوتلون ٽڙيون پکڙيون پيون هونديون هيون انهي ۾ ٺينگ ٽپا ڏيندڙ بيوقوف لاءِ اها ڪا دلچسپ راند هجي ته هجي پر ڪو مضبوط دماغ وارو ڪاروباري ماڻهو انهي تي پنهنجو سر کپائڻ ۾ پنهنجو وقت ضايع نه ڪندو هو.

فيراڊي وٽ سن 1831ع جي سرءُ جي مند ۾ يورپ مان اهي خبرون پهتيون ته مقناطيس مان ڪنهن قسم جو ڪرنٽ پيدا ڪيو ويو آهي. پر هڪ سال جي اندر ئي اها رپورٽ واپس ورتي وئي. اها خوش فهمي جي بنياد تي ٿيل مشاهدي جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل هڪ غلطي هئي. هو رستي جي آخري ڇيڙي تي پهچي ويو هو. صورتحال مان ڪو چاڙهو ئي نظر نه پئي آيو.

 

14

انهي اسرار جو حل ڪئين ڳولهجي؟ هن ٽامي جي تار جي هڪ ڪوائل ۾ مقناطيس وڌو پرڪو به نتيجو نه نڪتو. هن وري هڪ ڪرنٽ واري تار هڪ بغير ڪرنٽ واري تار جي ويجهو آندي، هن اڃا وڏو مقناطيس ڪم آڻي ڏٺو. هن تار کي هر قسم جي پيچيدن طريقن سان مقناطيس جي ويجهو آندو. انهي جي باوجود به تار ۾ بجلي جا ڪي به آثار پيدا نه ٿيا.

ائين ته نه آهي ته اهو ڪم ناممڪن آهي؟ مائيڪل جي دماغ جي تري ۾ ڪاشي رڙيون ڪري چوندي رهي ته ”نه نه“، اهڙو ڪو خاص طريقو ۽ لاڳاپو آهي. لوهه مان جڏهن ڪرنٽ گذري ٿو ته انهي ۾ مقناطيسي قوت ڇو ٿي پيدا ٿئي؟ ۽ جئين ئي ڪرنٽ ختم ٿو ٿئي ته انهيءَ مان مقناطيسي قوت ختم ڇو ٿي وڃي ٿي؟ هن کي خبر نه هئي پر ٻئي ڪنهن کي به خبر نه هئي. انهي مان ثابت ٿئي ٿو ته انهن ٻنهي لقائن ۾ ڪو لطيف ۽ گرفت ۾ نه ايندڙ تعلق ضرور آهي. اها ڳالهه ظاهر نه ٿي ٿئي ته مقناطيسيت جو بجلي تي ڪهڙو اثر آهي؟ پر ڪو اثر ضرور هوندو. هن جي وس ۾ فقط ڪوششون ڪرڻ ئي هو.

قسمت يا اتفاق به انهيءَ ماڻهن جو ساٿ ڏيندا آهن جيڪي هار نه مڃيندا آهن. هن کي 17 آڪٽوبر تي هڪ سلينڊر جهڙي مقناطيسي لٺ هٿ اچي وئي جيڪا منو انچ ٿلهي ۽ ساڍا اٺ انچ ڊگهي هئي. هن ٽامي جي تار جا 220 فوٽ انهي اندران خالي سلينڊر ۾ ويڙهي ڇڏيا. هن انهي تار سان گيلوانو ميٽر جوڙيو. تار ۾ ڪرنٽ پيدا نه ٿيو.

هن مقناطيس جو هڪ ڇيڙو تارجي ويجهو آندو. گيلوانو ميٽر جي سئي ۾ ڪابه چرپر پيدا نه ٿي. هن اوچتو مقناطيس کي تار جي ڪوائل ۾ ٽنبي ڇڏيو. سئي حرڪت ڪئي. هن مقناطيس جلدي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، سئي وري چرپر ڪئي.

انڊڪشن جي ذريعي بجليءَ جو ڪرنٽ پيدا ٿي ويو هو. سندس ٻيا سمورا تجربا ناڪام ڇو ٿيا هئا؟ اهو ڪامياب تجربو ٻين کان ڪيئن مختلف هو؟ سندس اکين جي آڏو هڪ وڏي روشني چمڪو ڏنو هو. انهي کان اڳ ۾ سدائين مقناطيس ۽ تار ساڪن هوندا هئا. هن اصل راز دريافت ڪري ورتو هو، يعني حرڪت گهربل هئي. هن جي عمر 40 ورهيه هئي پر هن پنهنجي ليباريٽري ۾ ڇوڪري وانگر ڊانس ڪئي. هن اهو تجربو بار بار ورجايو ۽ هر دفعي سئي اڳئي پوئتي پئي ٿي. اهو ٻاهرين اثرن هيٺ پيداٿيندڙ ڪو اتفاق نه هو. مسئلو حل ٿي ويو هو.

پر ردعمل به سامهون اچي ويو. سندس معاملو جيڪڏهن سئي جي فقط هلڪي جنبش تي ختم پئي ٿيو ته اها ڪا ايتري وڏي ڳالهه ته نه هئي. هن حقيقت ۾ ڪهڙي شي ثابت ڪئي هئي؟ ڇا جنهن شي سندس سئي ۾ جنبش پئي پيدا ڪئي اها ساڳئي شي هئي جيڪا وولٽائي سٿي مان پيدا پئي ٿي.هن سوچيو ته کيس لرزش ڪندڙ سئي کان ڪنهن وڏي شي تي پنهنجو تجربو ڪري ڏيکارڻ گهرجي. تنهنڪري هن 12 ڏينهن پوءِ هڪ ٽامي جي ٿالهي کنئي جنهن تي هڪ هينڊل لڳل هو ۽ رائل سوسائٽي وارن کان هڪ وڏو گهوڙي جي نعل جي شڪل جو مقناطيس اڌارو ورتائين. هن انهيءَ جي پولن جي وچ ۾ پنهنجي ٽامي جي ٿالهي گهمائي جيڪا گيلوانو ميٽر سان جڙيل هئي. ٿالهيءَ جي ڦِرڻ سان سُئي به ڦرڻ لڳي.

پر حرڪت ڇو ضروري آهي؟ هن انهيءَ معاملي تي سوچ ويچار ڪئي ۽ آخرڪار کيس جواب سمجهه ۾ اچي ويو. ڌاتو کي مقناطيسي Curves يعني  مقناطيسي قوت جي لڪيرن کي ڪٽڻ گهرجي.

هو انهيءَ کان جلدئي پوءِ بجلي وارين (Electrified) ۽ بغير  بجلي وارين (un electrified) تارن جي تجربن ڏانهن ويو هليو. هن پنهنجي بيٽري جي طاقت وڌائي ۽ ثانوي يا (induced) ڪرنٽ کڻندڙ تار سان ڪوئلي (Charcoal) جون سنهڙيون پينسليون جوڙيون. پوءِ هن جڏهن ڪرنٽ جاري ۽ بند ڪيو ته ڪوئلي جي ذرن جي وچ ۾ هڪ ننڍڙي چڻنگ (Spark) ظاهر ٿي پئي.

بجلي جي روشني جو ٻج پوکجي چڪو هو. فيراڊي جي نظر ۾ اها مشڪل سان نظر ايندڙ چڻنگ ڄڻ ته هڪ نئون سج هو. انهيءَ سان هن جي نظرن ۾ اها ڳالهه ثابت ٿي وئي ته هن ٻي تار ۾ جيڪا شي پيدا ڪئي اها حقيقت ۾ بجلي هئي.

 

15

پر انهن سڀني ڳالهين ته سندس اشتها کي تيز ڪرڻ جو ڪم ڪيو. هو اڳتي وڌيو ۽ پنهنجي لاءِ هڪ نئين بجلي جي مشين ٺاهيائين. فطري طور اها سادي هئي پر پوءِ ايندڙ ڪيترين ئي پيچيدين مشينن جي اڳواڻ هئي. هن ٽامي جي ٿالهي جو ڪنارو هڪ مستقل مقناطيس جي قطبن جي وچ ۾ رکيو. ڪليڪٽر طور ڪم ڏيندڙ ٽامي ۽ شيهي جون پٽيون ٿالهي جي ڪناري سان ملائي رکيون ويون. گيلوانو ميٽر سان جوڙ ڪيو ويو، جڏهن ٿالهي ڦرڻ لڳي ته سئي جو رخ ڦري ويو. اهڙي طرح مقناطيس مان بجلي جو هڪ لاڳيتو ڪرنٽ پيدا ٿي ويو.

فيراڊي پنهنجي مشين پيٽنٽ نه ڪرائي. هن پنهنجي دريافت کي سيني سان چنبڙائي نه رکيو جئين هو ان جي چوري ۽ ٻين جي دخل اندازي کان بچاءَ جي خاطري ڪري پوءِ انهيءَ کي ظاهر ڪري. نه ئي هن جي دل ۾ اهو خيال آيو ته کيس پنهنجي ڏاهپ کي پئسن ۾ تبديل ڪرڻ جو حق حاصل آهي. هن رائل سوسائٽي ۾ پڙهيل هڪ ليک ۾ پنهنجي دريافت ۽ پنهنجن تجربن بابت سڀ ڳالهيون ٻڌائي ڇڏيون. هن ڪابه ڳالهه لڪائي نه رکي. هن سون جي هڪ اڻکٽ کاڻ ڳولهي لڌي هئي پر انهي کي پٺي ڏئي بيهي رهيو. سندس لفظن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن اهو ڪم سوچي سمجهي ڪيو هو:

”منهنجي ته اها خواهش هئي ته آءُ اڳ ۾ ئي حاصل ٿيل شين جي طاقت جي واکاڻ ڪرڻ جي بجاءِ مقناطيسي ۽ بجلي جي انڊڪشن تي دارو مدار رکندڙ نيون حقيقتون ۽ تعلق دريافت ڪريان، ڇو ته مونکي خاطري هئي ته اهو ڪم مڪمل واڌ ويجهه اڳتي هلي وٺندو.“

اسين بجلي تي هلندڙ جيڪي اوزار ڏاڍو عام رواجي نموني ڪم پيا ٿا آڻيون اهي سڀئي فيراڊي جي دريافتن ۽ سندس ٺاهيل سادين مشينن هيٺان لڪيل هئا. هن جيڪو ڪم هٿ ۾ کنيو هو انهي کي پورو ڪيائين. هن بجلي جي ڪائناتي سرچشمي کي قابو ڪري ڇڏيو هو ۽ ٻي هرڪا ڳالهه ڪاروباري مقصد رکندڙ ماڻهن لاءِ ڇڏي ڏني هئائين.

فيراڊي جو بجلي تي ڪم اتي ختم ٿي نه ٿي سگهيو. هن پنهنجي اهم دريافت ڪري ڇڏي هئي پر هو اڃا اڳتي وڌيو ۽ جنهن به مسئلي منهن ڪڍيو انهي کي ختم ڪندو ويو. ڊيوي ۽ ٻيا ماڻهو بجلي جي ان جي سرچشمن مطابق درجي بندي جي ڪوششن ۾ لڳا پيا هئا ۽ هڪ اهڙي شي بابت ڳالهائڻ ۾ تمام گهڻو وقت وڃائي رهيا هئا جنهن جي وضاحت لاءِ فقط هڪ ذهانت تي ٻڌل تجربي جي ضرورت هئي.

اهڙي طرح فيراڊي هر معلوم سرچشمي مان حاصل ڪيل بجلي کي ٽيسٽ ڪرڻ شروع ڪيو. هر صورت ۾ سندس ڪردار ساڳيو ئي هو ۽ انهي پاڻ کي ساڳئي لقاء جي صورت ۾ ظاهر ڪيو ٿي. اهڙي طرح هو فقط هڪ ئي نتيجي تي پهتو جنهنکي هنن لفظن ۾ بيان ڪيائين.

”بجلي جو سرچشمو ڪهڙو به هجي انهي جي ماهيت ساڳئي رهي ٿي.“ پسرائڻ بابت ڪهڙي ڄاڻ هئي؟ انهي موضوع بابت ڪابه ڄاڻ نه هوندي هئي ۽ اهو موضوع وڏي بحث هيٺ رهندو هو. مائيڪل گهڻو نه ڳالهائيندو هو. هن جو نظريو اهو هوندو هو ته شي کي ليباريٽري ۾ ثابت ڪجي پوءِ ٻين کي ڇڏجي ته پاڻي انهي بابت بحث مباحثا پيا ڪن. مثال طور کيس خبر هئي ته پاڻي ڪنڊڪٽر (Conductor) آهي. پر کيس اها ڳالهه دريافت ڪري ڏاڍي حيرت ٿي ته برف ڪنڊڪٽر نه آهي. انهيءَ ڳالهه کيس اڃا به اڳتي وڌايو تان جو هن هي قانون ٺاهيو ته ڳري سگهندڙ نهريون شيون جڏهن پاڻياٺ جي صورت ۾ اچن ته ڪنڊڪٽر آهن پر اهي جڏهن ڄميل هجن ته ڪنڊڪٽر نه آهن. هن اهو به ڏٺو ته ڌاتو ۽ سڻڀ انهي قانون ۾ نه ٿا اچن ڇو ته سڀ ڌاتو ڪنڊڪٽر هوندا آهن ۽ سڻڀ ڪڏهن به ڪنڊڪٽر نه ٿيندا آهن.

هو بجليءَ جي جنهن ڪرنٽ سان کيڏي رهيو هو انهي جي پيمائش ڪرڻ چاهيائين ٿي. اهو موجود هو ۽ انهي جي مختلف طريقن سان چڪاس ٿي پئي سگهي پر انهي جي پيمائش جا ڪي معيار ڪيئن مقرر ڪجن؟ هن کي تجربي مان خبر هئي ته بجلي جي ڪرنٽ سان پاڻي پنهنجي ترڪيبي جزن ۾ ورهائجي (Decompose) وڃي ٿو؛  انهي عمل ۾ گئس خارج ٿئي ٿي ۽ ڪرنٽ جي طاقت پاڻي مان گذاريل ڪرنٽ جي نتيجي ۾ خارج ٿيل گئس جي مقدار مطابق ٻڌائي سگهجي ٿي.

هن فيصلو ڪري ورتو ته انهي سان ڪم ٿي ويندو ۽ نتيجي ۾ وولٽا ميٽر وجود ۾ اچي ويو.

”بجلي جي جيڪا طاقت پاڻي جي هڪ ذري جي عنصرن کي مرڪب صورت ۾ رکيون بيٺي آهي انهي کي جيڪڏهن ڪرنٽ جي صورت ۾ آڻجي ته اهو ڪرنٽ جي انهي مقدار جي بلڪل برابر هوندو، جيڪو پاڻي جي انهيءَ ذري کي انهي جي عنصرن ۾ جدا ڪرڻ لاءِ گهربل هوندو“

فيراڊي اهو جملو 1831ع ۾ لکيو هو. انهي ۾ ٻه اهڙا نظريا پوشيده آهن جيڪي سندس دورکان گهڻو وقت پوءِ ترتيب ۾ آيا. انهي مان ٿورو مبهم نموني اليڪٽران جو اشارو ملي ٿو ۽ اهو توانائي جي بقا (conservation) بابت هڪ سڌو سادو بيان پڻ آهي.

 

16

ليباريٽري ۾ ڪم، شام ۽ رات جو ليڪچر، سارا سان رفاقت ۽ سمورو وقت ڪنهن مبهم مسئلي تي سوچ ويچار ڪندو رهڻ. مائيڪل ورهين جا ورهيه سخت محنت ڪندو رهيو هو. اهو سمورو وقت ڪمزور ياد داشت کيس تڪليف ڏيندي رهي هئي. انهيءَ جي هو نوجواني جي ڏينهن کان شڪايت ڪندو رهندو هو. هن جي ڪا سماجي زندگي به نه هوندي هئي. هو ۽ سارا آچر ڏينهن سنڊيمانيائي چرچ وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪيڏانهن به نه ويندا هئا. انساني فطرت اهڙي لاڳيتي مشقت برداشت نه ٿي ڪري سگهي. بهرحال انهيءَ ۾ وقفو به اچي ويو ۽ هو چئن ورهين تائين تقريباً ڪو به ڪم ڪرڻ جي قابل نه رهيو.

انهي عرصي دوران کيس ڳالهائڻ کان نفرت هوندي هئي ۽ اها ڳالهه ڏاڍي تاڪيد سان لکي اٿائين ته هو جيئن ته هن وقت دماغي طور ڪمزور آهي تنهنڪري اها ڳالهه سندس طبيعت کي نه ٿي وڻي. جڏهن ڪو ماڻهو ڪم جي لائق نه ٿو رهي ته ڳالهائي ڇاڪندو؟ اها ڳالهه فيراڊي لاءِ فقط هڪ بار ۽ ٿڪاوٽ جو سبب بڻجي وئي.

انهيءَ عظيم سائنسدان کي جڏهن بيماري ليباريٽري وڃڻ کان روڪي ڇڏيو ته هن عجيب تفريحون ڳولهي ورتيون. هو اڪثر ڪري جانور ڏسڻ لاءِ زولاجيڪل گارڊن ويندو هو. اهي سندس دل کي خوش ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هو انهن جي ٺينگن ٽپن ۾ ٻاراڻي ۽ بلڪل غير سائنسي دلچسپي وٺندو هو. کيس ٻئي نمبر تي ڪرتب باز، بونا ۽ وڏي قد جا ماڻهو وڻندا هئا. هو پنچ ۽ جو ڊي شو (Punch and Judy Show)    ڏسي ٽهڪن ۾ ٻُٽجي ويندو هو. هو ۽ سارا سئٽزرلينڊ ويا هليا، اتي به سندس اهم دلچسپين جا ميدان سندس مشغولي واري ميدان کان تمام پري هئا. جهرڻا، جبلن تان ڪريل برف جون ڇپون، ڍڳيون، رڍون، انهن جا ڌنار، ڌڻن کان ڇڳل آسپاس کان بي خبر ٻڪريون کيس ڏاڍو خوش ڪنديون هيون. لوهارن جا دڪان به هميشه سندس توجه ڇڪي وٺندا هئا.

سموري دنيا کيس اعزاز ڏئي خوش ٿيندي هئي. يونيورسٽين هن تي ڊگرين جا مينهن وسايا. هو انهن اعزازي نشانن کي هڪ پاسي تي رکي ڇڏيندو هو ۽ پنهنجن تمام ويجهن دوستن کي به ڪڏهن کڻي نه ڏيکاريا هئائين. اها ڳالهه سمجهڻ ايتري مشڪل نه آهي ته اهي شيون اهڙي ماڻهو جي نظر ۾ رانديڪن کان وڌيڪ ڪا اهميت نه رکنديون هيون. حقيقت اها آهي ته هو انهن اعزازن کي موٽائڻ ۾ ئي مصروف رهيو. هن رائل سوسائٽي جي صدارت کان انڪار ڪري ڇڏيو. هن لنڊن يونيورسٽي ۾ پروفيسر جو عهدو قبول نه ڪيو. هن رائل انسٽيٽيوشن جي صدارت توڙي سرجو خطاب به قبول نه ڪيو. هن فقط سول لسٽ مان ٿوري پنشن قبول ڪئي ۽ رياست کان ٻيو ڪجهه به نه ورتائين.

هو سچي پچي اهڙو ماڻهو هو جنهنکي پنهنجي ڪم سان محبت هئي ۽ کيس سڀ کان وڏي خوشي ڪنهن سهڻي تجربي مان ملندي هئي.

 

17

هن لوهار جي پٽ، هن جلد ساز ڇوڪري جنهن شاگرد طور ڪنهن يونيورسٽي جو منهن به نه ڏٺو هو انهي دنيا ۾ پنهنجو مقام ٺاهي ورتو هو. ڇا انهي ڳالهه هن ۾ ڪا تبديلي آندي؟ سارا جي پاسي ۾ پوڙهو ٿيندڙ اهو مڙس ڇا انهيءَ نوجوان کان مختلف هو جنهن سان هن شادي ڪئي هئي؟ تڏهن هن جو هڪ غير معروف مذهبي فرقي سان واسطو هوندو هو. هو ته رائل انسٽيٽيوشن ۾ پنهنجن ڪمرن ۾ ڏاڍي ڪفايت سان رهندو هو. هن جي اکين ۾ ڪي خواب هئا، هو شڪ شبهن جو شڪار به ٿيو هو ۽ اميد جي لاٽ به ٻريل رکي هئائين. هو هٿن سان پنهنجو رستو ڳولهيندو ڏاڍي نوڙت سان فطرت جي اسرارن جي آڏو حاضر ٿيو هو.

هن ۾ تمام ٿوري تبديلي آئي هئي. سندس وارا ڇا ٿي ويا هئا. سندس منهن ۾ گهنج پئجي ويا هئا ۽ سندس ياد داشت ويتر ڪمزور ٿي وئي هئي پر سندس دل هميشه جوان رهي. هو ۽ سارا اڃا تائين بغير ڏيک ويک جي رائل انسٽيٽيوشن ۾ رهندا هئا. هو هر آچر تي ساڳئي ئي سنڊيمانيائي چرچ ويندا هئا جنهن ۾ مائيڪل کي هڪ عهدو پڻ هو. هو تڏهن به پنهنجي ورڪ شاپ ۾ ڏاڍي عزت سان داخل ٿيندو هو ۽ تڏهن به کيس ڊپ ۽ خدشا وڪوڙي ويندا هئا.

هو سدا جوان رهيو ڇاڪاڻ ته سندس جوش ڪڏهن به ماٺو نه ٿيو. بان (Bonn) مان آيل پلوڪر (Pluckor) نالي هڪ سائنسدان کيس هڪ تجربو ڪري ڏيکاريو جنهن مان هو ايترو ته خوش ٿيو جو ڪمري ۾ ڊانس ڪندي رڙيون ڪرڻ لڳو ته: ”جيڪر ماڻهو سدائين انهي سان گڏ ويٺو هجي!“

 

18

پر هو انهيءَ سان سدائين گڏ نه رهي سگهيو. وقت شين کي ڇاڻي بلڪل سنهو ڪري ٿو ڇڏي. هن مان طاقت مسلسل ختم ٿيندي رهي هئي. سندس ياد داشت ختم ٿي وئي هئي يا جلد ختم ٿي رهي هئي. هو ڪالهه ڪيل تجربو اڄ ياد نه رکي سگهندو هو. هاڻي ڪم ڇڏي ڏيڻ گهرجي. پوءِ ليباريٽري به هن کي سڃاڻڻ ڇڏي ڏنو. هو پنهنجي ڪمزوريءَ کان واقف هو ۽ پنهنجي ڀاڻيجيءَ ڏانهن خط ۾ لکيائين:

”منهنجون جسماني قوتون ڏينهون ڏينهن ختم ٿينديون پيون وڃن، اها اسان سڀني لاءِ خوشي جي ڳالهه آهي ته اصل حقيقت انهن ۾ پوشيده نه آهي.“

هڪ دوست کيس چيو ته: ”تنهنجو مطلب اهو ته نه آهي ته تون پنهنجي ذهانت کان وڌيڪ عرصو زنده رهي ويو آهين.“

”اهڙي ئي ڪا ڳالهه سمجهه“ فيراڊي ورندي ڏني. ”جيئن ته منهنجي ياد داشت ختم ٿي وئي آهي تنهنڪري مونکي هاڻي ٻارن کي ليڪچر ڏيڻ تي راضي ٿي ويهڻو پوندو. پر پوءِ اهي به پڄاڻي تي پهچي ويا ۽ جلد ئي ليڪچرن جو سلسلو بند ٿي ويو، هن 20 جون 1862ع تي پنهنجو آخري ليڪچر ڏنو.

هو اڃا پنج سال مرڻ ۽ جيئڻ جي وچ ۾ گهلبو رهيو ۽ ويو وڌيڪ ڪمزور ٿيندو، ايستائين جو هو آخر ۾ بمشڪل چُري پري سگهندو هو: سارا هن سان سدائين گڏ هوندي هئي. جيئن گذريل 50 ورهين کان گڏ هئي. هو 25 آگسٽ 1867ع تي آرام سان اهڙي ننڊ ۾ ويو هليو جنهن مان وري هن زندگيءَ ۾ سجاڳ نه ٿيو.

سندس ڪم ٿي چڪو هو. اسين جنهن بجلي جي دور ۾ رهون ٿا ۽ انهي اسانکي جيڪي به عجوبا آڻي ڏنا آهن ۽ اها جيڪا ڪجهه به اسانجي اولاد کي ايندڙ صدين ۾ ڏئي سگهي ٿي اهي سندس ئي ڪوششن سان ممڪن ٿي سگهيا آهن.

 

باب ٽيويهون

پاسچر

ستارا جاچيندڙن آسمان جا نقشا ٺاهي ڇڏيا ۽ مشڪل سان ادراڪ ۾ ايندڙ قانونن کي به گرفت ۾ آڻي ڇڏيو. ڪيونڊش، پريسٽلي ۽ بلئڪ جهڙن ڪيميادانن عنصرن تي ڪاهه ڪري ڏني ۽ سوچ ۽ فڪر جو رخ اهڙن وهڪرن ڏانهن ڪيو جن ۾ اهي اڃا تائين وهي رهيا آهن. بفون لينس ۽ لامارڪ طبعي تاريخ (Natural history) جي اسرارن تي کوجنائون ڪيون. اهڙي طرح سائنس جو دائرو وسيع ۽ گهرو ٿيندو ويو ۽ وسيع افق تائين پکڙجندو پئي ويو.

پر هڪ سڀني کان اهم شعبو رهيو پيو هو جنهن کانسواءِ حقيقي معنيٰ ۾ فتح ناممڪن هئي. انساني صحت اڃا به نظرانداز ٿيل هئي يا وڌ ۾ وڌ به عطائين، پادرين ۽ حجامن جي هٿن ۾ هئي. انسان بيمارين کان ايترا لاتعلق ڇو لڳا پيا هئا؟ اها ته خبر خدا کي پر بيمارين جي ڪا کوٽ به نه هئي. يورپ ۾ وقت بوقت وبائون اينديون رهنديون هيون ۽ وڏن شهرن جون گهٽيون لاشن سان سٿجي وينديون هيون.

جهالت چوندي هئي ته انهن بابت ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ڪاري وبا (Black death)   هڪ خدائي آفت هئي. انسانن وٽ انهي کي برداشت ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪا واٽ ئي نه هئي. چڱائي انهي ۾ آهي ته علاج ۽ احتياط جا ڪي نوان ٺاهيل طريقا آزمائي قدرت سان سينو نه  ساهجي. وهم ۽ سنسا موت سان هٿ ۾ هٿ ڏئي هلندا هئا ۽ ڪنهن جي به ذهن ۾ اها ڳالهه نه آئي هئي ته اهي ته جاڙا ڀائر آهن.

   لڳندو ائين هو ته وساليئس، سرويٽس ۽ هاروي اجايون زندگيون گذاري ويا هئا. انهن جا جانشين گهڻو ڪري عطائي ٿيا. اهي ماڻهو عام انسانن جي خوف ۽ ويساهه جي بنياد تي پئسو ڪمائي امير ٿيندا ويا. اياڻا ۽ ڊنل ماڻهو انهن کي پئسا ڏئي اميد کي ويهي رهندا هئا ۽ آخر ڪار مري ويندا هئا. رياست انهي ڪم ۾  ڪو دخل ئي نه ڏيندي هئي ۽ نه ئي آسمان تان ڪا صفايو ڪندڙ باهه ٿي آئي.

 

2

طبي اسڪولن ۾ ڏاڍي واڌ اچي وئي هئي پر سڀ هڪ ٻئي کان وڌيڪ واهيات پائي تي ٻڌل هئا ۽ سڀئي ڏاڍا مشهور به هئا. جان برائون جو ئي مثال وٺو جيڪو چوندو هو ته جاندار ٽشو جوش ۾ اچي سگهن ٿا. تنهن ڪري بيماري تمام گهڻي يا ناڪافي جوش جو نتيجو آهي. هو مريض کي ڏسي فيصلو ڪندو هو ته ڪهڙي صورت آهي پوءِ جيڪڏهن اهي جوش ۾ هوندا هئا ته انهن کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ آفيم ڏيندو هو ۽ جيڪڏهن ٿڌا هوندا هئا ته انهن کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ الڪحل ڏيندو هو. هو جڏهن محسوس ڪندو هو ته سندس پنهنجو جوش ٿڌو ٿي ويو آهي ته شراب ڏوگهيندو هو ۽ انهيءَ علاج جي اثر هيٺ تمام گهڻو جوش ۾ اچي ويندو هو ته آفيم سان پاڻ کي ماٺوڪندو هو. انهن ٻنهي جي ميلاپ کيس آخرڪار نهوڙي نيو.

هڪ وڌيڪ مثال جارج ارنيسٽ اسٿال (Stahl) جو آهي هن جو رايو هو ته ”حساس روح“ (sensitive soul) زندگيءَ ۾ اهم شيء آهي. هو اهو به چوندو هو ته جسم ته هڪ قسم جي مشين آهي تنهنڪري اناٽامي ۽ ڪيمسٽري ڊاڪٽر جي ڪنهن به ڪم جون نه آهن. بيماري سندس نظر ۾ روح پاران غلط رخ ۾ ٿيل ڪوشش هئي. ڊاڪٽر جو ڪم اهو هو ته هو روح کي صحيح روش اختيار ڪرڻ جي سکيا ڏئي. اهو ڪم ڳجهن علاجن جي ذريعي بهتر نموني سرانجام ڏئي سگهجي پيو. جڏهن اهو طريقو ناڪام ٿي ويندو هو ته هو جسم مان رت خارج ڪندوهو. سندس ڪجهه مريض بچي ويندا هئا پر اڪثر مري ويندا هئا پر اسٿال کي ڪا پرواهه ئي نه هوندي هئي سندس دوست ساٿي ۽ پيروڪار به هوندا هئا ۽ سندس حماقت جوانت ڏاڍي ڏکيائي سان آيو.

 

3

ارڙهين صدي ۾ سير ڇوڙائڻ جو ڪم پنهنجي عروج تي هو. سرجريءَ جو ڪم حجامن جي هٿن ۾ هوندو هو ۽ ڏندن جي ماهرن جو ڪو وجود ئي نه هوندو هو. دائپي جو ڪم پوڙهين عورتن جي حوالي هو. آپريشن ٿيل ماڻهن مان اڌ کان وڌيڪ رت ۾ زهر پکڙجڻ سبب مري ويندا هئا. نئين ڄاول ٻار جي پهرئين سال مان ٽپي هلڻ جو امڪان اٺن مان هڪ تي هوندو هو. سن 1771ع کان 1777ع تائين جي ڇهن ورهين دوران پيرس فائونڊلنگ هاسپيٽل ۾ 31،951 ٻارڙا داخل ٿيا جن مان 25،467 فوت ٿي ويا. ڊبلن ۾ حالتون اڃا وڌيڪ خراب هيون اتان جي فائونڊلنگ اسپتال ۾ 10،272 داخل ٿيل ٻارن مان فقط 45 زنده رهيا.

روسو فرانسي مائرن کي پنهنجن ٻارن جي پاڻ پالنا ڪرڻ جو چئي ڪنهن ٺلهي جذباتيت جو مظاهرو نه پئي ڪيو. سندس اها سوچ بلڪل سائنسي هئي. پنهنجي ماءُ جي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار جي زنده رهڻ جو امڪان وڌيڪ هوندو آهي.

تڏهن به اسپتالون ته هونديون هيون پر اهي اڄ جهڙيون صاف سٿريون ۽ اطمينان بخش نه هونديون هيون. فقط شديد بيمار ماڻهوئي اوڏانهن ويندا هئا ۽ چند ماڻهو ئي زنده بچي نڪرندا هئا. اڄڪلهه به جيڪو ڪڏهن ڪڏهن اسپتالن جو ڊپ نظر اچي ٿو اهو انهي وقت جي بچيل نشاني آهي جڏهن اسپتالون موت گهر (death houses) هونديون هيون ۽ ڪو به سالم دماغ وارو ماڻهو وصيت ڪرڻ ۽ دوستن کان موڪلائڻ کانسواءِ اوڏانهن نه ويندو هو.

پيرس جي هوٽل ڊائيو (hotel dieu) نالي اسپتال ۾ 1200 بسترا هوندا هئا ۽ هڪ بستري تي ڇهه ڇهه مريض ڏسڻ ڪا غير معمولي ڳالهه نه هوندي هئي. هڪ بستري تي چئن کان ڇهه مريض ته قانون هوندو هو. جيڪڏهن سڀ بسترا ڀرجي ويندا هئا ته هڪ هال ۾ فرش تي ڪک ڪانا وڇائڻ سان ئي ڪم ٿي ويندو هو ۽ انهن هالن ۾ ته ڪڏهن ڪڏهن 800 تائين به مصيبت ماريل موجود هوندا هئا. ٽينن (Tenon) جي پيرس جي اسپتالن بابت يادگيرين ۾ ته اڃا خوفناڪ حالتون بيان ٿيل آهن.

 

4

انهيءَ دور ۾ چرين ماڻهن جو ٿيندڙ علاج ڏسي ته انساني فطرت تان ويساهه ئي کڄي وڃي ٿو. جن چرين مان ڪنهن نقصان جو انديشو نه هوندو هو اهي ته آزاد گهمندا وتندا هئا. خطري وارن چرين کي ٿڌين پوسل وارين ڪوٺڙين ۾ زنجيرن ۾ ٻڌي رکيو ويندو هو. انهن کي مارون ڏنيون وينديون هيون يا انهن مٿان ٿڌو پاڻي هاري انهن جي چرپر بند ڪئي ويندي هئي ۽ کين دوائن جا ڳرا وزن ڏنا ويندا هئا. آفيم، ڪافور ۽ بيلا ڊونا نالي هڪ زهريلو ٻوٽو انهن جي علاج جون پسنديده شيون ليکيون وينديون هيون. جيڪڏهن اهي به ڪم نه ڪنديون هيون ته مريض مان ڪنهن بهتري جي اميد لاهي وڌيڪ ڪجهه به نه ڪيو ويندو هو. سرنهن جو لپريون ۽ اسپينش فلاءِ نالي هڪ ڀونرو سڪائي انهيءَ مان ٺهيل دوا به گهڻي ڪم آندي ويندي هئي. عقل جو ڪو ذرو رکندڙ ماڻهو به لازماً اهڙي علاج کان پاسو ڪري ها.

اهڙي جهنگلي پڻي ۾ فرينڊس (نالي سڏيا ويندڙ ڪئيڪر نالي عيسائين جي هڪ جمعيت جا ماڻهو، سنڌيڪار) داد جا مستحق آهن. وليم ٽيوڪ (William tuke) پاران 1794ع ۾ يارڪ ۾ قائم ٿيل The Quackor Retreat  انهي سوچ جو شروعاتي اهڃاڻ آهي ته چرين جو جهنگلي جانورن وانگر نه پر انسانن وانگر علاج ٿيڻ گهرجي.

نابينن جي حالت به ڪا بهتر نه هوندي هئي. اهي جئين ته چرين کان وڌيڪ حساس هوندا هئا تنهن ڪري انهن جي حالت اڃا خراب هوندي هئي. يورپ انهن سان ڀريل هوندو هو ۽ رياست توڙي شهر پاران انهن جي سنڀال لاءِ ڪي معمولي قدم به نه کنيا ويندا هئا. انهي ڪري ئي هر جاءِ تي نابين فقيرن جا ڪٽڪ نظر ايندا هئا جيڪي خيرات وٺڻ جي ڪوشش ۾ وڙهي پوندا هئا ۽ هنگاما ڪري وجهندا هئا.

ڊينس ڊائڊيراٽ کي پيرس جي ڏک ڏاکڙا ڏسندڙ نابينن کي ڏسندي 1749ع ۾ ذهن ۾ هڪ خيال آيو، هن چيو ته اهڙو ڪو نظام ايجاد ڪري انهن مصيبت ماريلن کي پڙهڻ سيکارجي ۽ کين ڪنهن ڪارآمد ڌنڌي جي سکيا ڏجي. انهي تي سڀني ڀلن ماڻهن کان رڙيون نڪري ويون: تنهنجي سوچ شخصي آزادي لاءِ تباهڪار ۽ بادشاهه جي قوت لاءِ هاڃيڪار آهي؛ هن کي ته باسٽل جيل اماڻيو وڃي. هو باسٽل جيل ئي ويو ۽ اتي ٽي مهينا سڙندو افسوس ڪندو رهيو ته کيس اها سوچ ڇو آئي؟

روسو جيل ۾ هن سان ملڻ ويو ۽ هن سان نابينن بابت گفتگو ڪندي اڀريل اکرن جي تجويز ڏنائين جيڪي اهي شايد پڙهي سگهن. انهي مان جيتوڻيڪ ڪو نتيجو ته نه نڪتو پر سٺا خيال مشڪل سان مرندا آهن يا اهي ڪڏهن به نه مرندا آهن ۽ صحيح ماڻهو جي انتظار ۾ ماٺ ڪيون پيا هوندا آهن. ڊائڊيراٽ جي اها سوچ پوءِ ويلنٽن هاءِ (Hauy) جي سامهون آئي جنهن انهيءَ کي عمل ۾ آندو ۽ اڀريل اکرن سان ڪتاب ڇاپي نابينن کي پڙهڻ، لکڻ ۽ موسيقي وڄائڻ سيکاري. هو 1786ع ۾ لوئي سورهين جي آڏو اها ڳالهه ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي  ويو ته نابين به ڪارآمد ٿي سگهن ٿا ۽ خوش گذاري سگهن ٿا.

 هن ۽ ڊائڊيراٽ جي مهرباني سان اڄڪلهه نابين پنڻ تي مجبور نه آهن.

5

ايمبرائيز پاري (Ambroise pare) جيتوڻيڪ حجام هو پر 1510ع کان 1590ع تائين پنهنجي دور جو هڪ عظيم سرجن ٿي رهيو. هو ئي سڀ کان پهريون ماڻهو هو  جنهن زخمي فوجين جو علاج ڪرڻ جي ڪمري مان ٽهڪندڙ پاڻي ۽ تتل لوهه جون سيخون ڪڍرايون. هو عضوا ڪٽڻ وقت به انهن کي ڏنڀ ڏيڻ بجاءِ شريانون ٻڌي ڇڏيندو هو.

اهو هڪ وڏي ماڻهو پاران وڏو قدم هو پر هڪ قدم ڪافي نه هو. حجام پنهنجي گندن اوزارن سان چنبڙيل رهيا ۽ ماڻهو مارڻ جو ڪم جاري رکيو آيا. ڊاڪٽر جن کي سٺي ڄاڻ هئڻ گهرجي ها اهي به هن معاملي ۾ الزام کان آجا نه هئا. اهي سرجري کي حقارت جي نظر سان ڏسندا هئا. ڊاڪٽر کي هڪ قسم جي سماجي حيثيت حاصل هوندي هئي ۽ سرجن پاڻ کي ڀلي ڪنهن به نالي سان سڏائي هو حجام ئي هوندو هو. بيمارن جي آرام کان فخر وڌيڪ اهميت رکندو هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org