سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :15

باب ايڪويهون

لا مارڪ

هن ارڙهين صديءَ ۾ ڪيميادان، ستارا جاچيندڙ ۽ بجلي جا ماهر سڀئي انهيءَ لطيف ۽ گرفت ۾ نه ايندڙ شي تي شديد ڪوششون ڪري رهيا هئا. انهن جي ڪوششن سان اسرار پاڻ پردو هٽائي ڇڏيو. حڪايتون ۽ روايتون پنهنجي اولاد يعني وهمن سنسن سان گڏ روانيون ٿي ويون. اوچتي تيز هوا پراڻي ڪوٺڙيءَ ۾ ڌوڪيندي آئي ۽ پردا ڦاڙي ڊٿل ڪريل سامان هيڏانهن هوڏانهن پکيڙي صدين کانپوءِ صاف هوا ۽ سج جي روشني کي اندر اچڻ ڏنائين ته ماڻهن جا ذهن صاف ٿي ويا.

پر انهيءَ صفائي دوران ڪجهه پاڇا اونداهين ڪُنڊن ۾ بيهجي ويا ۽ انسان جي ذهن کي تاريڪ ڪندا رهيا. مثال طور انهي خاص تخليق (Special Creation) واري نظريي کي وٺو. ڏسو ته اهو ڪيئن نه چنبڙيو پيو آهي. ”ڪنهن انسان ۾ غرور ۽ تڪبر سڀ کان آخر ۾ مرندو آهي.“ خدا پاڻ کي ڪائنات مٿان ڪائنات هلائڻ جي ٿڪائيندڙ ڪم کان فارغ ڪري انسان کي پنهنجن هٿن سان ويهي ٺاهيو. پنهنجي ئي ڪمزوري کان ڊنل ٻه ٽنگي جانور لاءِ اهو ڪهڙو نه دلاسو هو!

انهيءَ ڳالهه تي يقين ڪرڻ کانپوءِ سڀني خلقيل شين جي سردار طور توهان جي بالادستي يقيني ۽ جبلن وانگر پائيدار ٿي ويندي. پر جيڪڏهن ڪنهن کي انهيءَ قلعي مان نيڪالي ملي ته پوءِ؟

2

انهيءَ عقيدي زمانن کان انسان پاران پنهنجي وجود جي طبعي حصي جي اڀياس جا دروازا بند ڪري ڇڏيا هئا. عيسائيت جي شروعات کان وٺي انسان جي روحاني رخ بابت لکيل هر سو ڪتابن تي انسان جي فزيالاجي بابت هڪ جي ڏهين حصي کان به گهٽ ڪتاب لکيا ويا هئا.

نه ئي وري جهنگ جي جانورن ۽ جيتن ۽ پکين کي ڪنهن اڀياس جي لائق سمجهيو ويندو هو. انسان جي انهن پاڙيسرين کي ڪو به روح نه هو ۽ فقط اڻ ڏٺل، اڻ ٻڌل ۽ اڻ ڇهيل روح ئي سنجيدگي سان توجه جي لائق هو. ارسطو پاران پنهنجي طبعي تاريخ (Natural history) لکڻ کانپوءِ انسان جي پاڻ يا پنهنجن ساٿين بابت ڄاڻ ۾ خير ڪو اضافو ٿيو هو. هتي هُتي ڪنهن ڊاڪٽر، ڪنهن جالينوس يا ڪنهن هاروي سچ جي ڳولها ڪئي ٿي پر هو عام ماڻهن جي ويجهو به نه ويندا هئا. انهن جي ڪوشش جي باوجود به عام ماڻهو پنهنجي واٽ وٺيو پيا هلندا ۽ خدا سان پنهنجي ويجهي مائٽي تي گد گد پيا ٿيندا هئا ۽ بيمارين کي خدائي امتحان سمجهي سيني سان لايون ويٺا هوندا هئا.

پر سائنس جون اکيون زندگي ۽ ٻوٽن ۽ جانورن جي دنيا ۾ ٿيندڙ ننڍڙن پُراسرار واقعن کان هميشه لاءِ بند نه ٿي رهي سگهيون. ”ڇو“ واري مڪتب ۾ ذهانت جا نيش تکا ٿي رهيا هئا. ليني (Linne) پنهنجي پُرجوش ڳولهائن سان پنهنجي سامهون ايندڙ هر شي جو اڀياس ڪندو رهيو ۽ پنهنجين سرگرمين کي درجي بندي جي ڪم لاءِ مخصوص ڪندي پاڻ کانپوءِ ايندڙن لاءِ رستي کي سولو ڪندو رهيو.

وري ليني جي گهڙيل واٽ تي بفون (Buffon) دانهون ڪندو آيو، انهيءَ ماڻهو جو آواز ڏاڍو تيز ۽ توجه ڇڪائيندڙ هو. هو درجي بندي ڪندڙ (Classifier)  نه هو. هو اڌ رات جو شاگرد به نه هو جيڪو پنهنجي اک خوردبيني تي رکيون ويٺو هجي؛ نه ئي اهڙو ماڻهو هو جيڪو ورهين جا ورهين ڪا نئين شي سمجهڻ لاءِ ڪشالا ڪٽي ۽ پوءِ اها ڏاڍي نهٺائي سان دنيا جي حوالي ڪري ڇڏي. بفون کي جيڪا شي گهربل هوندي هئي اها ٻنهي هٿن سان قابو ڪري انهي کي فوراً لکت ۾ آڻي پنهنجي مفاد ۾ ڏاڍي هُل هنگامي سان دنيا ۾ موڪلي ڇڏيندو هو. هن انهيءَ ڍڳي جهڙي آواز سان ماڻهن کي ڇرڪائي انهن کي سندن لاتعلقي واري حالت مان ڪڍي انهن کي چرپر ۾ آڻي ڇڏيو جيئن اهي آسپاس نظر ڦيرائين ۽ سج هيٺان ٿوري جاءِ حاصل ڪرڻ لاءِ لاڳيتو جنگ جوٽيندڙ زندگيءَ جي مختلف قسمن تي غور ڪن.

انهيءَ بفون جو تيز آواز بلڪل انهيءَ وقت گونجي رهيو هو جڏهن سموري يورپ ۾ انسان جي هڪ صدي پراڻي ننڊ ڦِٽي رهي هئي ۽ هو بي آرامي ۾ پاسا ورائي اڌ سجاڳي واري حالت ۾ پُڇي رهيو هو ته ”اڃا صبح نه ٿيو آهي؟“

 

3

لوئي چوڏهين هيٺ ڦوهه جواني کي پهچندڙ فرانس زوال ڏانهن تڪڙا قدم کڻي رهيو هو. تمام پيارو (Well Beloved) اڃا پنهنجي تخت تي ويٺو هو ۽ پنهنجين محبوبائن سان پاڻ وندرائي رهيو هو جو پهرئين آگسٽ 1744ع تي پڪارڊي (Picardy) ۾ هڪ دنيا کي لوڏي ڇڏيندڙ (World Shaker) پيدا ٿيو.

جين باپٽسٽ پيري اينٽوئين ڊي موني دنيا ۾ لامارڪ (Lamarck) جي نالي سان مشهور يارنهن ماڻهن جي ڪٽنب ۾ سڀ کان ننڍو هو. اهو ڪٽنب جيتوڻيڪ امير ته نه هو پر نوابي خاندان سان واسطو هوس ۽ فوجي ڪارنامن سان وڏو لڳاء هوس. جين جا ڀائر ته جيتوڻيڪ يورپ جي فوجي ڪيمپن ۾ طوفانن وانگر ڊوڙي ڊڪي رهيا هئا پر هن کي پادريءَ جي نسبتاً محفوظ ۽ خاموش زندگيءَ لاءِ چونڊيو ويو. سڀ کان وڏو ڀاءُ Bergen- op - zoom ۾ اڳيئي مارجي ويو هو جڏهن ته ٻين جي مقدر ۾ شروعاتي زندگي جا موت لکيل هئا. انهيءَ ننڍڙي نوجوان جين کي يقيناً سمجهدار زندگي لاءِ بچائي سگهجي پيو.

جين جي پنهنجي سوچ اها نه هئي. وڏي پيماني تي خون خرابو ڪرڻ جو رومانس ۽ انهن سان لاڳاپيل ظاهري سازو سامان کيس جوش ۾ آڻي ڇڏيندا هئا. پر مائٽاڻو اختيار غائب ٿي ويو ۽ هو ماٺ ميٺ ۾ امينز (Amiens) ۾ يسوعين جي ڪاليج ڏانهن روانو ٿي ويو ۽ پاڻ کي بي دلي سان پنهنجن ڪتابن ۾ مصروف ڪري ڇڏيائين ۽ خدا ۽ بادشاهه لاءِ مشڪل سان حاصل ڪيل عظمت جا خواب ڏسڻ لڳو. سندس پيءَ جي موت سان کيس آزادي نصيب ٿي.

 

4

فرانس جرمني سان پنهنجي معمول واري جنگ جوٽيون بيٺو هو ۽ سپاهي برجين- اوپ - زوم ۾ آخري ڪاهه لاءِ گڏ ٿي رهيا هئا. روڪ ٽوڪ ڪندڙ اختياري قبر ۾ گم ٿي وڃڻ سان جين يسوعين جي ڪاليج کي فوراً ۽ هميشه لاءِ ڇڏي ڏنو.

هن جي عمر 16 ورهيه هئي ۽ ننهن کان چوٽي تائين جنگ جي شوق ۾ ٻڏل هو پر اها ڳالهه سوچي رڪجي ويو ته هو فوج ۾ داخل ڪيئن ٿيندو. پر عورتون سدائين مردن کي جنگ تي ڌڪڻ لاءِ فڪر مند هونديون آهن. مادام ڊي لاميٿ جي ڪجهه فوجي آفيسرن سان واقفيت هئي ۽ انهيءَ جو خط پاسپورٽ ۽ سند جو ڪم ڪري ها. خط لاءِ عرض ڪيو ويو ۽ لکجي به ويو، هاڻي وڃي بيوجوليز جي رجمينٽ جي انهي ڪرنل ڊي لاسٽڪ تائين پهچڻ جو مسئلو باقي هو.

رڳن ۾ خون وانگر ڊوڙندڙ ڳالهه کان جند نه ڇڏائي سگهبي آهي. لامارڪ هٿ پير هڻي هڪ پوڙهو هڏين جو پڃرو گهوڙو حاصل ڪري پاڻ کي سوار سڏائڻ جي لائق ٿي ويو ۽ هڪ نوجوان سان گڏ سفر تي روانو ٿي ويو. انهن ٻنهي پاڻ کي تباهه ڪرڻ جو پڪو پہ ڪري ڇڏيو هو. لامارڪ جي سادي ساٿيءَ جو ڪهڙو حال ٿيو؟ هو شديد لڙائي جي پهرئين ئي ڏينهن تي مري ته نه ويو؟ يا هو ماڊام ڊي لاميٿ کان خط نه هئڻ جي صورت ۾ فوج ۾ ئي شامل نه ٿي سگهيو؟ يا هو ايترو وقت زنده رهيو جو پنهنجن ٻارن کي چئي سگهي ته مون هڪ دفعو توهانجي عظيم لامارڪ سان گڏ سفر ڪيو هو.“ تاريخ ۾ انهن سوالن جا جواب نه ٿا ملن.

تاريخ ۾ بهرحال لامارڪ جا مختصر فوجي ڪارناما محفوظ آهن. مادام ڊي لامٿ وارو خط باقاعدي پيش ڪيو ويو. ڪرنل ڊي لاسٽڪ اهو پڙهيو، آڻيندڙ تي نظر وڌائين پر هو کيس ننڍڙو جوانڙو نظر آيو جيڪو فوجي ٿيڻ جي لائق ئي نه هو. ڪرنل جنهن وٽ سڀاڻي ٿيندڙ خون خرابي لاءِ وڏيون رٿون هيون انهيءَ نئين ريڪروٽ کي واپس ڪري ڇڏيو ۽ وري ان بابت ذهن ۾ ڪا ڳالهه ئي نه آندائين. پر لامارڪ سوچ ويچار ڪئي ۽ فوراً گرينيڊيئرز (شاهي محل جي پيادل فوج، سنڌيڪار) جي هڪ ڪمپني ۾ شامل ٿي ويو. اها به عجيب ڳالهه آهي جو هن انهيءَ ڪمپني جي چونڊ ڪئي جو ٻئي ڏينهن ئي فسنگشاسين  (Fissingshausan) جي لڙائي جو سمورو دٻاءَ انهي تي ئي اچي پيو. لامارڪ جي ڪمپني کي جيئن ته ڪا آڏ ۽ بچاء نه هو تنهنڪري انهن تي جرمنن جي فائر جا ڌوڙيا ٿي ويا. سپاهي ۽ آفيسر مرندا ويا. ڊي لاسٽڪ جا باقي بچيل سپاهي ميدان ڇڏي ويا پر انهن گرينيڊيئرز ميدان نه ڇڏيو.

ميدان ۾ فقط چوڏهن ماڻهو وڃي بچيا هئا پر دشمنن جي فائر جي شدت گهٽ نه ٿي هئي. لامارڪ پاڻ ڪيپٽن ٿي ويو جو ٻيا سڀ آفيسر مئا يا زخمي لڳا پيا هئا. ڏاڙهين وارن گرينيڊيئرز ڇوڪري وٽ اچي کيس تجويز ڏني ته هو پسپائي جو حڪم ڏئي. پر لامارڪ ڄميل رهيو. هن پنهنجي بالادست آفيسر طرفان حڪم ملڻ کانسواءِ پسپائي نه ڪئي.

لامارڪ کي بهادري جي اهڙي ثبوت تي فوراً ڪيپٽن بڻايو ويو. اهڙي شاندار شروعات جي باوجود به سندس فوجي نوڪري جو مدو محدود رهيو. فسنگ شاسين جي شڪست کانپوءِ سموري فرانسي فوج پٺيان پير ڪيا. لامارڪ اڳ ۾ ٽولون ۽ پوءِ مناڪو ۾ هو. سندس فوجي زندگي مناڪو ۾ پڄاڻي تي پهتي. هو اتي ئي هو ته هڪ خوش طبعي ڪندڙ دوست کيس منڊي کان جهلي ڪرسيءَ تان اٿاريو. انهيءَ سان کيس ضرب اچي وئي ۽ ان کانپوءِ ڪي پيچيدگيون پيدا ٿي پيون جو لمفي گلٽيون (Lymphatic glands) وڏيون ٿي ويون ۽ انهن ۾ سوزش ٿي پئي. ايتريقدر جو ڇوڪري کي علاج لاءِ پيرس وڃڻو پئجي ويو. آخرڪار هڪ آپريشن ضروري ٿي پئي جنهن جا نشان پوءِ لامارڪ جي ڳچي تي سموري زندگي چٽاڏسڻ ۾ ايندا هئا. سندس فوجي نوڪري اهڙي طرح پڄاڻي تي پهتي.

 

5

جيڪڏهن سپاهي نه ته پوءِ ڀلا ڇا؟ ڪنهن به قسم جو ڪم ته بهرحال ضروري هو. چارسو فرانڪن تي ماڻهو پيرس ۾ وڏو وقت ته نه ٿو رهي سگهي. لامارڪ هڪ جاءِ جي مٿيئن ماڙتي هڪ کڏي مسواڙ تي ورتي جتي فقط ڪڪرئي سندس ساٿي هئا. اها جيتوڻيڪ تمام گندي جاءِ هئي پر اتان ئي هن موسم بابت پنهنجو اڀياس شروع ڪيو جو سندس ننڍڙي دريءَ مان فقط ڪڪر ئي ڏسڻ ۾ ايندا هئا.

پر فقط موسميات جي اڀياس تي سندس گذارو ته نه پئي ٿي سگهيو. تنهنڪري هن هڪ بينڪ ۾ نوڪري ورتي ۽ مسلسل انهيءَ سان چنبڙيو رهيو پر خواب ٻين ڳالهين جا ڏسندو رهيو. انهن ۾ طب به هو. موسيقي به دل لڀائيندڙ هئي. پر دنيا جي ڳالهين ۾ هوشيار هڪ وڏي ڀاء سندس ذهن مان اهي فضول ڳالهيون ڪڍي کيس ڊاڪٽر ٿيڻ جي تعليم حاصل ڪرڻ جي راهه تي آندو.

لامارڪ چئن ورهين تائين طب پڙهندو رهيو پر آخر ۾ اهو فيصلو ڪري ڇڏيائين ته هو ڊاڪٽر ٿيڻ نه ٿو چاهي. پر اهي چار ورهيه اجايا نه گذريا. انهن جلد شروع ٿيندڙ ڪنهن سائنسي ڪم جو بنياد وڌو.

 

6

روسو (Rousseau) تڏهن فرانس جو ديوتا ليکيو ويندو هو. هڪ ڏينهن بوٽانيڪل گارڊن ۾ گهمندي لامارڪ جي روسو سان ملاقات ٿي وئي. اها ڳالهه ممڪن نه ٿي لڳي ته روسو کي تڏهن ڪو انهي ڳالهه جو ادراڪ ٿي ويو هوندو ته هو پاڻ کان ڪنهن وڏي ماڻهو جي سامهون بيٺو آهي. بهرحال هن هڪ هم خيال ماڻهو ڏٺو ۽ انهيءَ ڏانهن گرم جوشي جو اظهار ڪيائين ۽ ٻنهي جي دوستي ٿي وئي.

اها ڳالهه لامارڪ لاءِ اهميت واري هئي. هن جو سدائين سائنس ڏانهن لاڙو رهيو هو. روسو کيس انهيءَ موضوع جي مطالعي ڏانهن ڇڪي آيو جنهن لاءِ هو تمام موزون هو. تڏهن کان لامارڪ سائنسدان بنجي ويو. هاڻي نه ڊاڪٽري رهي نه موسيقي ۽ نه ئي وري بينڪ جي ڪلارڪي رهي. تڏهن کان وٺي سندس سموري زندگي کيس سائنس پاڻ ڏانهن ڇڪي بيٺي رهي.

اهڙي طرح 24 ورهين جي انهي نوجوان پنهنجي جنگي جنون کي باٽني سان لڳاءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. هو ڏهن ورهين تائين انهي سائنس ۾ ڪشالا ڪاٽيندو رهيو. ڪنهن کي به خبر نه آهي ته هورهندو ڪيئن هو پر سموري دنيا کي اها خبر آهي ته هو ڪم ڪيئن ڪندو هو. هن انهن ڏهن ورهين جي پڄاڻيء تي ڇهه مهينا پنهنجي ڪتاب (French Flora) تي سخت محنتون ڪيون. هن وٽ انهيءَ وقت جيڪو ڪجهه هو هن اهو انهيءَ ڪتاب کي ڏئي ڇڏيو.

”فرينچ فلورا“ مان کيس پئسو ڏوڪڙ ٿورو پر مڃتا گهڻي ۽ ڪجهه دوست مليا. انهن ۾ فرانسي سائنسدانن ۾ هڪ وڏو آواز بفون به هو. ”منهنجي پٽ سان گڏ سفر ڪر.“ بفون لا مارڪ کي چيو،“ هن کي ڌرتي جي ڪنارن تي وٺي وڃ ۽ کيس زندگيءَ جا قسم ڏيکار.“ لا مارڪ ائين ئي ڪيو ۽ هو نوجوان بفون جي ساٿي طور نه پر شاهي بوٽانسٽ طور ويو. هو ٻج ۽ ٻوٽا؛ جانور ۽ ڌاتو واپس پيرس موڪليندو ويندو هو. هن ميوزيم کي مالا مال ڪري ڇڏيو. پر جڏهن واپس فرانس آيو ته کيس انعام طور ڏيڻ لاءِ ڪا شي نه هئي.

 

7

  بهرحال هربيريم (Herbarium) جي رکوالي جي ننڍڙي نوڪري هئي جيڪا مهربان حڪومت کيس ڏئي سگهي ٿي.

لا مارڪ انهي دوران ڪنهن طريقي سان محبت جي دام ۾ ڦاسڻ، معاشقو ڪرڻ ۽ شادي ڪرڻ جو وقت ڪڍي ورتو. سندس زال جي تصوير اڻ چٽي ئي رهي آهي. هوءَ ڪڏهن به اڳتي نه آئي آهي. لا مارڪ جي واتان هن جي ڪا به شڪايت نه ٿي ٻڌجي. اها به حقيقت آهي ته سڀني وڏن ماڻهن مان لا مارڪ پنهنجي بابت تمام گهٽ لکيو آهي. انهن کي ڇهه ٻار ٿيا هئا ۽ انهن جي گهر ۾ سدائين غربت ۽ تڪليفون رهيون هيون پر ڪڏهن به ڪو ڪروڌ يا شڪايت نه ٿي. هو فقط ڪم پيو ڪندو هو ۽ وڏي سهپ هوندي هئس ۽ پاڻ ۾ پڪو ويساه هوندو هوس.

هن کي هربيريم جي رکوالي جي نوڪري 1779ع ۾ ملي. ڏهه ورهيه پوءِ انقلاب کان ڪجهه وقت اڳ هو1800 فرانڪ سالياني جو سٺو پگهار کڻي رهيو هو. اهڙي طرح ڏاهپ کي مڃتا اهڙي وقت ملي جڏهن فرانس انقلاب ڏانهن ڌوڪيندو پئي ويو. پر حقيقتن جي هن ڳولهائو لاءِ پگهار اهميت نه ٿي رکي. جڏهن مالي مشڪلات ۾ ڦاٿل ۽ ڏيوالي کي پهتل حڪومت ڪجهه پئسا بچائڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڪٽوتيون شروع ڪيون ۽ هربيريم جي رکوالي کي ڏاڍي سهڻي نموني نوڪري تان لاهي ڇڏيو ته لامارڪ: احتجاج طور پنهنجو آواز ضرور بلند ڪيو. هن اسيمبلي جي توجه پنهنجي ڪم جي اهميت ڏانهن ڇڪرائي ته کيس نوڪري تي بحال ڪيو ويو ته به غربت اهڙي ماڻهو کي به آزارڻ کان باز نه رهي سگهي.

اهو سمورو وقت لا مارڪ جي چوڌاري حالتون خراب ٿينديون پئي ويون. پر هن انهن تي توجه ئي نه ڏني نه ئي ڪي تباهي مچائيندڙ شيون هن جي ڀرسان اچي ڪريون. ٻيا ماڻهو ڀڄي ڀُري پيا پر هو طوفان ۾ هلندو رهيو. هو طوفان جي موجودگي کان ئي ذري گهٽ اڻ ڄاڻ لڳو پيو هو. پنجويهن ورهين تائين سندس دلچسپي فقط ٻوٽن ۾ رهي. سندس ذهن ۾ هڪ دفعو به اها ڳالهه نه آئي ته سندس اصلي ڪم ڪنهن ٻئي ميدان ۾ نه هجي.

 

8

لوئي سورهين جي وفات سان شاهي باغ به ختم ٿي ويا ۽ انهن جي جاءِ تي نيشنل ميوزيم اچي وئي. شين جي انهيءَ نئين ترتيب ۾ بوٽانسٽ لا مارڪ زولاجسٽ لا مارڪ ۾ تبديل ٿي ويو. هن آخرڪار پنهنجي زندگي جو اهم ڪم ڳولهي ورتو هو.

فرانسي حڪومت کي لا مارڪ کي زولاجسٽ ڪرڻ ۾ ته ٻه ٽي منٽ ئي لڳا پر کيس پاڻ کي زولاجسٽ ڪرڻ ۾ ڏهه سال لڳي ويا. لامارڪ 1794ع کان 1803ع تائين پنهنجو وات بند رکيو ۽ پنهنجن بغير ڪرنگهي وارن جانورن (Invertebrates) سان گذاريندو رهيو. انهي ڊگهي ماٺ کانپوءِ هن ڳالهايو. سندس پهريان لفظ انهيءَ سائنس بابت هئا جنهن ۾ کيس زوريءَ موڪليو ويو هو.

”جانورن جا اهي ننڍا قسم فطرت جو رخ ۽ اهي ذريعا اسان کي اعليٰ قسم وارن جانورن کان سچائي سان ڏيکارين ٿا جيڪي اها سڀني زنده شين کي وجود بخشڻ لاءِ ڪم آڻي ٿي.“

”اهي ذريعا جيڪي اها ڪم آڻي ٿي“ وارو فقرو ڌيان ۾ رکو. اهو اڳتي هلي ٿيندڙ ڌماڪي جو هڪ اڻ لکو اشارو هو.

 

9

لا مارڪ جبلي طور هڪ بنياد پرست هو. هو سائنس ۾ ڪو نظريو ثابت ڪرڻ نه آيو هو. هن فقط اها ئي تحقيق ڪرڻ چاهي ٿي ته ڇا ٿو وهي واپري. هو فرانس جي روايتي فڪري رحجان ۾ تمام سٺي نموني فٽ ٿي ويو تقريباً هر ڪو ماڻهو جيڪو ڪا نه ڪا حيثيت رکندو هو انهي کي هن ڳالهه ۾ يقين هو ته نوع (Species) هڪ ٻئي ۾ تبديل نه ٿا ٿين. بهرحال اهو نظريو خاص تخليق واري نظريي جو بغير سوچ ويچار جي پيدا ٿيل نتيجو هو. اهو فرض ڪري وٺڻ جو ڪو به سبب نه آهي ته لا مارڪ انهيءَ نظريي تي اٽڪي بيهي رهيو هو. هن جنهن وقت باٽني ڇڏي زولاجي جو اڀياس شروع ڪيو هوندو ته انهي بابت ڪو شڪ شبهو سندس دماغ ۾ نه آيو هوندو.

ڪهڙو سبب ٿي پيو جو لا مارڪ پنهنجو ذهن تبديل ڪري ڇڏيو؟ اها ڳالهه چوڻ مان ڪو به فائدو نه آهي ته انهيءَ وقت ارتقا جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون ڇاڪاڻ ته انهي مان ڪا واضح خبر نه ٿي پوي. بفون جزوي طور ارتقا جو حامي هو. اهو به صحيح آهي ته هوڏانهن انگلينڊ ۾ اراسمس ڊارون مبهم طور نظريا ٺاهي رهيو هو پر رپئي مان پنج آنا امڪان اهو آهي ته لا مارڪ ڊارون جو نالو به نه ٻڌو هوندو. ان جي ڪا شي پڙهڻ جي ته ڳالهه ئي ڇڏيو.

”دنيا ۾ انسان يا ٻي ڪا به شي خاص تخليق جو نتيجو نه آهي” لا مارڪ چيو.“ اهو اعتقاد ئي ٻاراڻو ۽ فقط قديم دور جي ماڻهن لاءِ ئي مناسب آهي. الٰهيات جا ماهر آدم کان عيسيٰ تائين جو دور 4004 سال ڪري ڳڻين ٿا. پر پٿرآيل آثار (Fossils) ۽ اهي جن پٿرن ۾ واقع آهن انهن جو اڀياس ڪرڻ کانپوءِ آءٌ زمين جي عمر لکين سالن ۾ ڳڻيان ٿو. انهي عظيم قوت يعين فطرت جي آڏو وقت ڪهڙي حيثيت ٿو رکي جنهن وٽ ڪي به گهڙيال نه آهن. توهان پٿرن ۽ وهندڙ پاڻين مان ملندڙ پيغام پڙهو جنهن زمين کي ڳاري تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

”زور سان نپوڙيل زمين يا تباهي آڻيندڙ ٻوڏن دوران انقلاب جي بيوقوفاڻي نظريي کي اڇلائي ڇڏيو. مون جن تبديلين بابت لکيو آهي اهي تمام آهستي آڻلکي نموني ۽ ٿوريون ٿوريون ٿي آيون آهن.

 

10

لامارڪ تي ماڻهو کليا، ٺٺوليون ڪيائون ۽ سندس مطلب کي ڦيرائي پيش ڪيو ويو. ويندي اڄ به بيوقوف ماڻهو اهو ڏسڻ جي تڪليف نه ٿا وٺن ته لامارڪ جي تعليم ڇا هئي؟ ۽ موجوده دور ۾ جئين انگ اکر گڏ پيا ٿيندا وڃن ته سائنس لامارڪ جي نظريي جي ويجهي ٿيندي پئي وڃي.

بي خبر ماڻهو چون ٿا ته لامارڪ جي اها تعليم هئي ته جانورن مثال طور اکيون انهي ڪري حاصل ڪيون جو انهن ڏسڻ چاهيو ٿي. هن ته اهڙي فضول ڳالهه سان پري جي مشابهت رکندڙ به ڪا ڳالهه نه چئي هئي.

پرهن هوشيار فرانسي کان نفرت ڪندڙ عقلمند ماڻهو رڙيون ڪري چون ٿا ته هن چيو هو ته حاصل ڪيل (Acquired) خصوصيتون ورثي ۾ ملي سگهن ٿيون. هائو! پر هن اها ڳالهه تمام مخصوص لحاظ کان ڪئي هئي ته اهو عمل آهستي آهستي ۽ اڻ سڌي نموني (Indirection) ٿئي ٿو. بغير پڇن وارا ڪوئا پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ ڪوئن جا پڇ ڪٽيندڙ اهو ماڻهو نه هو.

وقت ۽ بدلجندڙ ماحول: اهي فطرت جي هٿن ۾ اوزار هئا. اها پڪ آهي ته هن ”نيچرل سليڪشن“ ۽ ”Survival of the fittest“ جا اصطلاح ڪڏهن به ڪم نه آندا هئا. سندس هڪ پسنديده مثال هي آهي:

”زرافي پنهنجي ڊگهي ڳچي ڪئين حاصل ڪئي؟ هڪ آهستي آهستي تبديل ٿيندڙ صورتحال جو تصور ڪريو جنهن ۾ هيء جانور مجبور ٿي ويو ته يا وڻن جا پن کائي زنده رهي يا بکن وگهي مري وڃي.“ انهيءَ تبديلي جي عمل کي صدين جون صديون ڏئي ڇڏيو. اهو سمورو وقت ٽاريون اڃا پري ٿينديون وڃن ٿيون ڪهڙي قسم جو زرافو زنده رهي سگهندو؟ سڀاويڪ طور جنهن جي ڳچي ڊگهي هوندي. هاڻي جيڪڏهن سندس اولاد کي ڊگهيون ڳچيون ملن ٿيون ته اها ڪا اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي. ڇا توهان اڪثر ڪنهن اهڙي ماڻهو بابت نه پيا ٻڌندا آهيو جنهن جو تعلق ڪنهن ڊگهي ڄمار واري ڪٽنب سان هوندو آهي؟

جيڪڏهن توهان جي پيءُ ۽ ماءُ؛ ڏاڏن ۽ ڏاڏين جي ڄمار نوي ورهيه ٿي آهي ته چئي سگهجي ٿو ته توهان به اسي ورهين تائين جئيڻ جي اميد ڪري سگهو ٿا؛ بنسبت انهي جي جنهن جا وڏڙا پنجاه جي خطرناڪ ڏهاڪي مان به مٿي نه چڙهي سگهندا آهن.

لامارڪ پنهنجي زرافي بابت بلڪل اها ئي ڳالهه ڪئي هئي. هن پاڻياٺن (Fluids) جي وهڪري بابت ڳالهه ڪري انهي کي ڪجهه منجهائي ڇڏيو. هن کي جيڪڏهن زرافي پاران پنهنجي ڳچي کي وڌائي غذا حاصل ڪرڻ جي ڳالهه ڪرڻي هوندي هئي ته هو اهم پاڻياٺن (Vital fluids) کي ڳچي ڏانهن وهائيندو هو ۽ نتيجي طور انهيءَ طرف ۾ واڌ ايندي هئي جنهن ۾ اها ڪتب ايندي هئي.

مشهور لامارڪي نظريي جو تت اهو آهي. توهان ڏسو ٿا ته انهيءَ ۾ چاهڻ (Will) جي ڪا ڳالهه ئي نه آهي ۽ لامارڪ وراثت (Heredity) جو لفظ ئي ڪڏهن ڪم نه آندو هو. فطرت ۽ وقت؛ ڪتب اچڻ ۽ ڪتب نه اچڻ: سندس مشهور کيرڻي جا جزا اهي هوندا هئا. مينڊل اڃا منظر تي نه آيو هو ۽ پٿريل آثارن جون ڪڙيون اڄ وانگر ايتريون مڪمل نه ٿيون هيون. لامارڪ انگن اکرن  نه پر وجدان جي مدد سان اها ڊگهو آهستي آهستي واضح ٿيندڙ روڊ ڏسڻ جي قابل ٿي سگهيو جيڪو ڪڪرن ۾ ويڙهيل ماضي ڏانهن وٺي هليو.

 

11

لامارڪ پنهنجي وقت  کان ڪيترو اڳتي هو انهي ڳالهه جو اندازو ڪرڻ لاءِ هيءَ ڳالهه ذهن ۾ رکو.

انهيء وقت  جا سائنسدان پٿرايل آثارن جي رڪارڊن کي شڪ شبهي جي نظر سان ڏسندا هئا ۽ انهن کي ڪنهن وقت وجود رکندڙ جانورن جا پٿرايل نشان نه سمجهندا هئا.

ڪنهن ماءُ پيءُ کانسواءِ جانورن جي از خود پيدائش (Spontaneous creation) واري نظريي کي وڏي پيماني تي مڃتا مليل هئي. لامارڪ پاڻ به ڪڏهن انهي کان پري نه ٿيو هو ۽ اهو نظريو تيستائين هر هنڌ موجود رهيو جيستائين پاسچر ٻين جي مدد سان انهي جو مڪمل خاتمو نه ڪيو.

خاص تخليق جو نظريو به سموري دنيا ۾ مڃيل هو. لامارڪ جڏهن انهيءَ کان انڪار ڪيو ته کيس دهريو ڪوٺيو ويو.

زمين جي تاريخ ۾ برف وارن دورن (Ice ages) بابت ڪنهن ٻڌو ئي نه هو ۽ ماڻهن جو عام اعتماد اهو هوندو هو ته خدا ڇهه هزار سال کن اڳ هيءَ دنيا پنهنجن هٿن سان خلقي ۽ جانور پيدا ڪيا. لامارڪ جي ارتقا جي نظريي جي خلاف هڪ دليل اهو ڏنو ويندو هو ته مصر ۾ رهندڙ جانور هوبهو پنهنجن ٻه هزار سال اڳ جي ابن ڏاڏن جهڙا آهن.

اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن لامارڪ جي نظريي تي ڦٽڪارون ۽ چٿرون ٿيون ۽ اهو سڀني سٺن ماڻهن جي نظرن کان پري رکيو ويو ته انهيءَ ۾ ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي. چرچ جا اڪثر سٺا ماڻهو عدالت احتساب (Inquisition) جا سٺا ڏنهن ياد ڪري ٿڌا ساه پيا کڻندا هئا.

 

12

انهن سمورين ڳالهين دوران لامارڪ پنهنجي رستي تي هلندو رهيو ۽ پٺتي وک نه کنيائين. جيڪو ڇوڪرو پنهنجو پاڻ آفيسر ٿي ويو هو ۽ تباهي ڏسندي به پسپائي کان انڪار ڪري ڇڏيو هئائين اهو لازماً هن ماڻهؤ ماڻهو جو پيءُ هو.

لامارڪ جيتوڻيڪ 24 ورهين جي عمر ۾ ئي مشهور ٿي ويو هو پر سندس شهرت کيس دولتمند نه ڪيو هو. ڪيپلر وانگر غربت ئي سندس اڪيلي دوست هئي ۽ هو ڪيپلر وانگر ئي اڳتي وڌندو رهيو ۽ هن ڪا به شڪايت نه ڪئي. هن تي ڏک ۽ بيماريون اينديون رهيون پر توهان کي سندس تحريرن ۾ سندس ذاتي نقصان جو ڪو به ذڪر نه ملندو. هن چار شاديون ڪيون پر چار ئي دفعا رنڙ ٿيو. سندس ٽي ٻار فوت ٿيا ۽ هڪ ڌيءَ کانسواءِ ٻيا گمناميءَ ۾ ويا هليا. تاريخ ۾ انهن جا نالا به نه ٿا ملن.

پر ڪارنيلي (Cornelie) هڪ سو سال گذرڻ کانپوءِ به پنهنجي عظيم پيءُ جي پاسي ۾ چمڪي رهي آهي. صحيح آهي ته سندس تصوير پيڙائن جي ميناڪاريءَ ۾ ٺهيل آهي پر هوءَ اتي محبت ۽ قربانيءَ جي علامت بڻي ڏاڍي پُرسڪون ۽ صابرين لڳي بيٺي آهي. وقت لامارڪ جي هٿن مان کسڪي ويو هو ۽ اڻکٽ لڳندڙ توانائي هاڻي ختم ٿي چڪي هئي. پڪارڊي ۾ اهو گهر ۽ اها صبح جنهن مان هو سپاهي ٿيڻ لاءِ نڪتو هو انهي ڳالهه کي سٺ ورهين کان وڌيڪ عرصو ٿي ويو آهي. سچ جي هڪ ننڍڙي ذري کي ڳولهڻ جا سٺ سال ئي ڪنهن سائنسدان جي زندگيءَ کي روشن ڪري سگهن ٿا.

گليلو وانگر هن ماڻهو جي زندگي جي پڄاڻي به اونده ۾ ٿيڻي هئي. اهي سڀئي ننڍڙيون شيون جن سان هن پاڻ کي مصروف رکيو هو اهي هميشه لاءِ ختم ٿي ويون هيون. نيشنل ميوزيم ۾ سندس جاءِ تي ٻيو ماڻهو اچي ويو هو. هاڻي کيس ڪنهن هاٿيءَ جي بيماري، ٻڪرين جي ڦر ڏيڻ، ڪو جوان ڍڳو اچڻ، شينهن جي ٻچن کي ڏند اچڻ يا ڏورانهن شهرن لاءِ نقل نمونا موڪلڻ جي مسئلن تي پريشان ٿيڻ جي ضرورت نه هئي. اهي نجي ڪم ڪار ٻين جي هٿن ۾ اچي ويا هئا. لامارڪ نابين ٿي ويو هو.

 

13

انهي جي معنيٰ ته سندس ڪم ختم ٿي ويو هو! نه؛ هو ته مسلسل پنهنجي عظيم ڪتاب Invertebrates تي محنت ڪري رهيو هو. سندس رٿا اها هئي ته هو جيڪر هر ڏينهن مان ٻيڻا ڪلاڪ ڪڍي وٺي. گليلو وانگر سندس ذهن به مسلسل ڪم ڪري رهيو هو هن ڪم پئي ڪيو ۽ ڪارنيلي به ڪم پئي ڪيو.

نابين پيءُ ۽ توجه ڏيندڙ ڌيءَ جي رهائش به ڪا آرامده نه هئي. وٽن ڪو روڪ پئسو به فقط ٻنهي جي سادين ضرورتن جيترو هوندو هو. ڪا ئي ڳالهه نه آهي انهي مان کاڌي ۽ اجهي جو خرچ ته پورو ٿي ويو ٿي. پنهنجو ڪم پورو ڪري وڃڻ جي جدوجهد ڪندڙ فيلسوف وڌيڪ ڪجهه نه ٿي گهريو.

هن گهر ۾ ڪو ملاقاتي به نه ايندو هو ۽ لامارڪ پاڻ به ميوزيم ۾ پروفيسرن جي گڏجاڻين کانسواءِ ٻيو ڪيڏانهن به نه ويندو هو. اتي سندس حاضري باقاعدي هوندي هئي. سندس ڪتاب Invertebrates جا جيڪي جُلد سال بسال پڌرا ٿيندا ويندا هئا ته هو اهي به اتي پيش ڪندو هو.

اهڙي طرح ماڻهن پاران ساٿ ڇڏي وڃڻ ۽ ذهين ڪووييار (Cuvier) کي ٻڌڻ لاءِ ميڙ ڪري ايندڙن پاران وساري ڇڏڻ کانپوءِ به لامارڪ ناخوش يا مايوس نه ٿيو هو. کيس هڪ ماڻهو جي پيار ڀري سهائتا حاصل هئي ۽ سندس ديد کان محروم مٿي ۾ وڏا خيال زوڪاٽ ڪري رهيا هئا.

 

14

عورت هاڻي جوان نه رهي آهي. هن به ڪهڙي زندگي گذاري آهي؟ سندس اکين ۽ ڀرن جي چوڌاري پيل ليڪن کان ته پڇي ڏسو. اهي وقت پاران وڌل ليڪون نه آهن. وار ڏاڍي سولائي سان سهڻا به ٿي سگهيا ٿي. هاڻي انهن مان چمڪ ختم ٿي وئي آهي. منهن ۾ جيڪڏهن ڪا رنگ جي ريک هجي ها ۽ ڳل ڀريل هجن ها ته توهان جي اکين ۾ چمڪ آڻي ڇڏي ها پر هوءَ سهڻي نه آهي. ها انهن کي دٻيل ڳوڙهن ۽ سَٺل تڪليفن جو حُسن  چئي سگهجي ٿو. اکيون وڏيون پر غم سان ڀريل آهن. سموري وقت جي پيڙائن جو درد انهن ۾ سمايل آهي.

جنهن جي ڪائنات سُسي سندس سوڙهي ڪمري اندر اچي وئي آهي انهي جو ڇا حال آهي؟ هو سڌي پٺي واري ڪرسي تي دري ڏانهن منهن ڪيون کڙو لڳو ويٺو آهي. انهي پوڙهي منهن جون ليڪون گهريون آهن پر انهن ڪنهن دُرشتي جو نشان نه ڇڏيو آهي ۽ اهي سندس فطرتي جوش ۽ جذبي کي لڪائي نه ٿيون سگهن. سندس بيڪار اکين تي ڇپر ڪريا پيا آهن ۽ انهن مٿان ڳريون ونگ وانگر وريل ڀرون اڇيون ٿي ويون آهن.

ڪارنيلي ٻڌندي لکندي پئي وڃي جڏهن ته لامارڪ چوندو پيو وڃي. اهي The Invertebrates تي ڪم ڪري رهيا آهن. ماڻهوجي زندگي جو آخري باب!

 

15

هو پروفيسرن جي بورڊ جي گڏجاڻين ۾ 11 جولاءِ 1828ع تائين باقاعدگي سان حاضر ٿيندو رهيو. انهيءَ تاريخ کانپوءِ لامارڪ وري نظر نه آيو. ڪنهن کي به خبر نه آهي ته هن پنهنجي زندگيءَ جا باقي 18 مهينا ڪيئن گذاريا. هو ڪهڙي ڪم ۾ مصروف رهيو؟ انهي آهستگيءَ سان هيٺ جهڪندڙ مٿي ۾ ڪهڙا خيال هئا؟ هن جي ڪا به ڳالهه ٻاهر نه نڪتي.

ڪارنيلي کيس مايوس نه ڪيو. ايتري ڳالهه واضح آهي جيڪا انهيء عورت جي دل جي مضبوطي جي شاهدي ڏئي ٿي. سمجهه ۾ اچي ٿو ته هن انهي وقت دوران کيس هڪ گهڙيءَ لاءِ به اڪيلو نه ڇڏيو هوندو. جيڪڏهن سندس پيءُ ڪمزوري سبب ٻاهر نه ٿي وڃي سگهيو ته هوءَ به ٻاهر نه نڪتي. هڪ وقت اهڙو به آيو جو هن ۾ تمام ننڍڙي چڪر ڏيڻ جيتري طاقت به نه رهي. اهڙي طرح هنن ٻنهي پاڻ کي انهيءَ اونداهين گهر ۾ بند ڪري ڇڏيو ۽ اها ڳالهه وساري ڇڏيائون ته ڪا ٻاهر دنيا روشن لڳي پئي آهي.

انهيءَ خوفناڪ گوشه نشيني ۾ رهندي سال 1829ع جي پڄاڻي ويجهي ايندي وئي. لامارڪ 18 ڊسمبر تي آخري عظيم اسرار حل ڪري ورتو.

 

16

ڪارنيلي پنهنجو ڪم صحيح نموني سرانجام ڏيڻ کانپوءِ ٻاهر وڃي سگهي ٿي ۽ تازي هوا ۾ ساه کڻي سگهي ٿي جنهن جي هوءَ گهڻي وقت کان عادي نه رهي هئي. هن لاءِ هن نئين زندگي جو عادي ٿيڻ ڏکيو ڪم هو.

زال ۽ ماءُ ٿيڻ لاءِ گهڻي دير ٿي وئي هئي ۽ سندس دل مان ڪنهن سچي خوشي جو چشمو ڦٽڻ جو وقت به نه رهيو هو. فڪر ۽ ڳڻتي سندس ساٿ اڃا به نه ڇڏيو هو، ڇاڪاڻ ته پيٽ ڀرڻ جو مسئلو اڃا ڪر کنيو بيٺو هو. خوش قسمتي سان پروفيسرن جو بورڊ انهيءَ ڏس ۾ مدد ڪري سگهيو ٿي. کيس سڪل ٻوٽا چنبڙائڻ جو ڪم ڏنو ويو پگهار هڪ هزار فرانڪ ساليانو.

لامارڪ کي نابينائي ۽ هڪ قسم جي پراسرار گمنامي ۾ پڄاڻي کانپوءِ هڪ قسم جي مشهوري ملي وئي. سندس شان ۾ وڏا مدح ناما آيا. هڪ مدح نامو اڪيڊمي آف سائنس پاران ليٽيريل لکيو. هڪ جيوفري سينٽ هليئر انهي ميوزيم جي بورڊ آف پروفيسرز پاران لکيو. هڪ ڪيوويار پنهنجي پاران پڙهيو ۽ شايع ڪرايو. جنهن ۾ بنيادي طور سندس پنهنجي ئي مدح سرائي ڪيل هئي.

پر اها ارتقا واري ڳالهه جنهن جا لامارڪ دنيا ۾ واڄٽ ڪرايا هئا جهن جي ٻين سميت ڪيوويار به مخالفت ڪئي هئي اها اڃا ختم نه ٿي آهي ۽ انهي جي سڀني ماڻهن جي نظرن ۾ اهميت وڌي وئي آهي، انهي ”خاص تخليق“ نالي وهم کي ڪفن ڏئي ڇڏيو آهي ۽ انسان جي پنهنجي خدا بابت تصور کي مهانتا بخشي ڇڏي آهي.

 

باب ٻاويهون

فيراڊي

 

عنبر (Amber) مهٽڻ سان ڇا ٿيندو آهي؟ اهو ڪاغذ جي ٽڪرن ۽ اهڙين ٻين شين کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. قديم دور جا ماڻهو انهي کان واقف هوندا هئا ۽ انهي سان رانديڪي وانگر کيڏندا هئا. سنگ مقناطيس (Load Stone) ڌاتن کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو آهي. اها به پراڻي دور جي معلومات آهي. اهي شيون ڏاڍا دلچسپ اسرار آهن پر انهن کي ڪنهن فيلسوف جي سنجيده اڀياس جي لائق نه سمجهيو ويندو هو. ڇاڪاڻ ته انهن ڏينهن ۾ فيلسوف جيڪڏهن سنجيده ۽ ڳنڀير نه هوندا هئا ته انهن کي ڪا اهميت نه ڏني ويندي هئي.

صديون گوڙ گمسان ڪنديون گذري ويون. سنگ مقناطيس اڃا به پنهنجي اٽڪل ڏيکاريندو ٿي رهيو ۽ بحري قطب نما (Mariners compass)  به استعمال ۾ اچي ويو. پوءِ اهي ڳالهيون بيهجي ويون تان جو وليم گلبرٽ نالي هورا کورا رکندڙ ذهن جي مالڪ انگريز سورهين صدي جي آخري اڌ ۾ سنگ مقناطيس جو اڀياس شروع ڪيو. سندس تحقيق جا نتيجا سندس ”The Magnet“ نالي لاطينيءَ ۾ لکيل ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهن. انهيءَ ڪتاب جا انگريزي ۾ ترجما به ٿيل آهن. هو موجوده معيارن مطابق ته گهڻو اڳتي نه وڌيو پر هن انهيءَ موضوع تي موجود معلومات کي ترتيب ۾ آندو ۽ پنهنجا به هڪ ٻه ڇرڪائيندڙ نظريا پيش ڪيا. هن چيو ته زمين هڪ تمام وڏو مقناطيس آهي ۽ قطب نما ۾ سئي جي چرپر جو به اهو ئي سبب آهي.

گلبرٽ جي وفات کان 24 ورهيه پوءِ 1627ع ۾ پيدا ٿيل رابرٽ بئائيل سائنس جي تقريباً هر شاخ ۾ تحقيقون ڪيون ۽ The  origin of electricityنالي هڪ ڪتاب لکيو. جيستائين بنياد (Origin) جو تعلق آهي ته انهي بابت به کيس گهڻي خبر نه هئي پر هن هڪ نئون خيال ميدان ۾ آندو ته مهٽيل عنبر (Amber) ۽ ڪاغذ جي ٽڪرن ۾ ڪشش ٻه طرفي آهي يعني اهي ٻئي هڪٻئي کي ڇڪين ٿا. انهي نظريي پوءِ ايندڙ کوجنا ڪارن جي مدد ڪئي.

اَوٽووان گيورڪ (Guericke) نالي 1602ع ۾ پيدا ٿيل هن جرمن دنيا کي هڪ بلڪل نئين شي ڏني. هن بجلي پيدا ڪرڻ جي دنيا جي سڀ کان پهرئين مشين ٺاهي. اها هڪ سادي شي يعني گاٺ سان ڦرندڙ گندرف (Sulphur) جو هڪ بال هو پر انهي ڪم ڪيو ٿي.  انهيءَ جيتوڻيڪ هڪ رانديڪي کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ٿي رکي پر اها بهرحال بجلي پيدا ڪندڙ هڪ مشين هئي ۽ اها اڄ به وون گيورڪ جي ذهانت جي ياد ڏياريندي رهي ٿي.

ڊيوفي (Du Fay) نالي هڪ ڏاڍي سرگرم فرانسي جنهن جي مختصر زندگي 1739ع ۾ پڄاڻي تي پهتي؛ ان اها ڳالهه دريافت ڪئي ته عنبر کي مهٽڻ سان پيدا ٿيندڙ بجلي ۽ شيشي کي مهٽڻ سان پيدا ٿيندڙ بجلي ٻئي هڪ جهڙيون نه آهن. انهي مان سڀاويڪ طور اهو سوال پيدا ٿيو ته بجلي جا گهڻا قسم آهن؟ اهو سوال هڪ سو ورهين تائين جواب طلب رهيو. پر ڊيوفي اڃا اڳتي وڌيو ۽ کيس اها به خبر پئجي وئي ته بجلي جون هڪ جهڙيون چارجون هڪٻئي کي ڌڪين ٿيون ۽ مختلف چارجون ڇڪين ٿيون. اهو هڪ ڏکئي مسئلي تي چڱو خاصو ڪم هو.

 

2

ايستائين بجلي دنيا ۾ هڪ بي اعتبار شي هوندي هئي، شيشي کي ريشم يا عنبر کي فلالين سان مهٽبو هو ته اها هڪ پلڪ لاءِ موجود ٿي وري غائب ٿي ويندي هئي پوميراينا (اتر يورپ ۾ بالٽڪ سمنڊ تي اڳ ۾ جرمني جو علائقو هاڻي وڏو حصو پولينڊ ۾. سنڌيڪار) جي اي، سي، وون ڪليسٽ (E.C.von kliest) کي انهي باري ۾ تجسس هوندو هو ۽ انهيءَ تي سوچ ويچار ڪندو رهندو هو. پوءِ هن انهي بابت هڪ تجربو ڪيو جيڪو ڪامياب ٿيو ۽ 1745ع ۾ پهرئين ليڊن جار (Leyden jar) چارج ڪئي وئي. اها ليڊن جار گهڻو پوءِ وائرليس ٽيليگرافي ۾ مددگار ثابت ٿيڻي هئي.

پر انهيءَ مسئلي تي سوچ ويچار ڪندڙ وونڪليسٽ ڪو اڪيلو ماڻهو نه هو. انهي کان ٻئي سال ليڊن يونيورسٽي ۾ اها جار (برني) ٺاهي وئي جتان انهي تي اهو نالو پيو آهي. دنيا جي هر سائنسدان جي انهي نئين رانديڪي ۾ فوراً دلچسپي پيدا ٿي وئي. هاڻي بجلي جار ۾ شيشي جي پليٽن تي گڏ ڪري ۽ پنهنجي مرضي سان خارج ڪري سگهجي پئي.

بينجامن فرينڪلن به انهي شي ڏانهن ڇڪجي آيو. پر سندس وڏي پيماني تي ڪم لاءِ هڪ برني ڪافي نه هئي. هن دنيا کي ڏيکاريو ته هڪ برني جي ٻاهرين ڪوٽنگ کي ٻي برني جي اندرئين ڪوٽنگ سان جوڙڻ سان برنين جي هڪ قطار کي به پاڻ ۾ جوڙي سگهجي ٿو. انهيءَ سان هن کي تمام گهڻي بجلي گڏ ڪرڻ جو موقعو ملي ويو. جنهن سان هن وڏو چمڪاٽ ڪرايو ۽ هن اها جڏهن پنهنجي هٿ سان خارج ڪئي ته سندس آڱرين جي ڏوڏن تي اڃا وڌيڪ تيز ڌڪ لڳو.

توهان کي ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو هڪ وڏو ٽپ هو. هاڻي اهڙا نوان تجربا ٿي سگهيا ٿي جيڪي اڳ ۾ ناممڪن هئا. انگلينڊ ۾ وليم واٽسن کي اها ڳالهه ذهن ۾ آئي ته انهيءَ بجلي کي برني مان تار تي کڻي سگهجي ٿو. هن انهي کي ٻه ميل ڊگهي تار ۾ موڪليو ۽ کيس اهو ڏسي تپرس وٺي وئي ته انهي اهو فاصلو طي ڪرڻ ۾ ڪو وقت ئي نه ورتو. اهو ٽيليگراف، ڪيبل ۽ وائرليس ڏانهن پهريون قدم هو.

 

3

هاڻي مسئلو اهو هو ته وڏي مقدار ۾ بجلي ڪئين حاصل ڪجي؟ سائنسدان انهي مسئلي تي بيهجي ويا. پوءِ اليسانڊرو وولٽا (Allesandro Volta) منظر تي آيو. انهيءَ اطالوي کي خبر هئي ته هن ڇا ٿي چاهيو ۽ هو سوچي سمجهي اهو حاصل ڪرڻ ۾ لڳي ويو. وولٽائي سٿي (Volta pile) سندس ڪوششن جي نتيجي ۾ حاصل ٿي. واري وٽيء سان ٽامي ۽ جست جون ٿالهيون (Disc) کڻو. انهن جي وچ ۾ ڇڊي تيزاب ۾ ٻڏل ڪپڙو رکندا وڃو. ٻنهي ڇيڙن واريون ٿالهيون پاڻ ۾ جوڙيو. توهان جو ڪم تيار آهي. پوءِ ته تمام وڏيون ۽ ٻن هزار ٿالهين تائين پهچندڙ وولٽائي سٿيون ٺاهيون ويون. انهيءَ مان هڪ آرڪ لائيٽ هلائڻ جيتري بجلي حاصل ڪري سگهجي پئي. اها ڳالهه همفري ڊيوي پوءِ ثابت ڪري ڏيکاري.

هاڻي توهان کي چڱي خاصي مقدار ۾ بجلي حاصل ٿي سگهي پئي جيڪا ڪنهن مناسب تجربي لاءِ ڪافي طاقتور به هجي. پر ايتري وڏي وولٽائي سٿيءَ تي خرچ تمام گهڻو ايندو هو ۽ اهڙي نموني حاصل ٿيل بجلي ڏاڍي مهانگي به هوندي هئي انهي ڪري ان جو تجارتي استعمال نه پيو ٿي سگهي پر ماڻهو اهڙي دريافت ڏانهن وڌي رهيا هئا جيڪا انهي ڳالهه کي عملي صورت ۾ آڻي ها.

ڪو پن هيگن يونيورسٽي جي هينزڪرسچين اورسٽيڊ هڪ تار ۾ ڪرنٽ موڪليو ۽ ڀرسان رکيل هڪ مقناطيس ۾ حرڪت پيدا ڪئي. سئي جيڪڏهن تار  جي هيٺيان هئي ته هڪ پاسي پئي ڦري ۽ جيڪڏهن مٿان هئي ته ٻئي پاسي پئي ڦري. ڇا مقناطيسي قوت ۽ بجلي ۾ ڪو تعلق هو؟

همفري ڊيوي 1820ع ۾ انهي سوال جو جواب ڏنو ۽ ڏيکاريو ته لوهه ۽ اسٽيل ۾ بجلي جو ڪرنٽ موڪلي انهن ۾ مقناطيسي قوت پيدا ڪري سگهجي ٿي.

انهن انگن اکرن سان عظيم ڳالهين لاءِ اسٽيج تيار هئي. بشرطيڪه درست ماڻهو منظر تي اچي وڃي. اها به ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ته تاريخ ۾ ائين بار بار ٿيو آهي ته جڏهن به ڪنهن ماڻهو جي گهرج هوندي آهي ته اهو موجود ٿي ويندو آهي. هاڻي به هو منظر تي اچي ويو ۽ بجلي جي دور جو دروازو کولڻ لاءِ تيار هو.

 

4

هلڪي قدبت سان، ماٺ ميٺ ۾ رهندڙ ۽ ڇوڪرو لڳندڙ هڪ جلد ساز لنڊن جي نمبر 2، بلانڊ فورڊ اسٽريٽ ۾ پنهنجو ڪم ڪندو هو. سندس نالو مائيڪل فيراڊي هو ۽ هو ستن ورهين کان جارج ري بائو (George Reibau) جي رهنمائي هيٺ ڪم سکي رهيو هو. انهي ڇوڪري جي دل ۾ هڪ تڙپ هوندي هئي ۽ هو جُلد لاءِ آيل ڪتابن کي پڙهي انهيءَ تڙپ کي ماٺو ڪندو رهندو هو.

مائيڪل 1791ع ۾ پيدا ٿيو هو. کيس تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو نه مليو هو. سندس پيءُ لوهارهو ۽ پنهنجي بٺيءَ جي تپش ۾ پنهنجي روزي حاصل ڪندو هو. هو پنهنجي ڪٽنب کي کاڌو پيتو ۽ ڪجهه جسماني آرام مهيا ڪندو هو پر هن وٽ غير ضروري آسائشن تي وڃائڻ لاءِ ڪو پئسو نه هوندو هو. هن جي نظر ۾ اسڪول به انهيءَ مد هيٺ آيا ٿي. هنري ڪم ڪرڻ لاءِ تعليم جي ڪهڙي ضرورت هئي؟ جيمس فيراڊي جي ذهن ۾ اها ڳالهه ڪڏهن به نه اچي سگهي ته سندس پٽ فيراڊي هنر کان به ڪنهن چڱي شي ڏانهن وڃي سگهي ٿو. هڪ صدي اڳ واري انگلينڊ ۾ ماڻهو جنهن سماجي طبقي ۾ پيدا ٿيندو هو انهي سان ئي چنبڙيو رهندو هو. مائيڪل پنهنجن هٿن سان ڪم ڪرڻ لاءِ پيدا ٿيو هو.

هيءُ مائيڪل جڏهن 13 ورهين جي عمر ۾ ري بائو وٽ ڪتابن تي جلد ٻڌڻ جو ڪم سکڻ لاءِ شاگرد طور ويو ته ڏاڍو ڦڙت ۽ کلڻو ڇوڪرو هوندو هو. ري بائو کيس هڪ سال لاءِ سنها ٿلها ڪم ڪرڻ ۽ اٿي ويٺي لاءِ رکيو. مائيڪل انهي ڪم ۾ تسلي بخش ثابت ٿيو ته هن سان ستن ورهين لاءِ معاهدو ڪيو ويو.

محنتي ۽ سٺي سڀاء واري مائيڪل پوڙهي ربائو جي دل ۾ پنهجي جاءِ ٺاهي ورتي. ڇوڪري جيڪڏهن پڙهڻ ۾ هڪ ڪلاڪ وڃايو ته ڇا ٿي پيو. هن پنهنجو ”ڪم صحيح نموني ڪيو ٿي. ڏاهپ جو ذرو پرذو حاصل ڪرڻ جو هر ڪنهن کي کي حق حاصل آهي، ”مائيڪل ائين ئي هلندو رهه.“ ري بائو چيو، جيڪو وڻئي سو پڙهندو رهه. تون جيڪڏهن ڪتابن جي ٻاهر سان گڏوگڏ اندر جي به ڄاڻ رکين ٿو ته انهي سان تنهنجي جلد سازي جي فن ۾ ڪا خرابي نه ايندي.“

پر جيڪو ڇوڪرو ڪڏهن اسڪول نه ويو هجي ۽ تمام اڻ ڄاڻ هجي انهيءَ لاءِ اهي شيون پاڻ ۾ لاهيندو وڃڻ به هڪ قسم جي غذا هئي. واٽسن جي The mind نالي ڪتاب کيس پهريون دفعو سوچڻ تي اڀاريو. پوءِ هو هڪ انسائيڪلو پيڊيا جي جلد بندي ڪري رهيو هو ته کيس انهيءَ ۾ بجلي تي هڪ مقالو نظر اچي ويو. مائيڪل فيراڊي جڏهن اهو ورق اٿلايو ۽ اتان پڙهڻ شروع ڪيو تڏهن کيس بجلي بابت ڪابه ڄاڻ نه هئي.

موجوده دورجي معلومات کي سامهون رکندي ڏسبو ته انهي مقالي کيس بنهه ٿوري ڄاڻ ڏني هوندي. پر انهيءَ هڪ تحرڪ جو ڪم ڏنو هوندو. هي موضوع سندس دماغ مان چڻنگون ڪڍي ڇڏيندو هو پر انهيءَ بابت ڪنهنکي ڪا خبر ئي نه هئي. اهو به بهر حال چڱو ٿيو. هو خالي هٿين به شروعات ڪري سگهيو ٿي. فرينڪلن، وون ڪليسٽ، واٽسن ۽ ٻين پاران ڏنل اشارن کي ڪم آڻڻ ۾ ڪو مسئلو نه ٿيندو. ”مونکي انهي عجيب بجلي بابت“ مائيڪل سوچيو ”هيستائين معلوم ڳالهيون سکڻ ۾ ڪو مسئلو نه لڳندو ڇاڪاڻ ته انهيءَ بابت ڪا وڏي معلومات موجود نه آهي.

 

5

اهي شاگرديءَ جا ست ورهيه تيزي سان گذري ويا. مائيڪل پنهنجن هنر مند هٿن سان ڪنهن به بهترين جلد ساز جهڙو جلد ٺاهي سگهندو هو. انهي وقت دوران کيس ڪنهن وقت (The experiments in chemistry) جي ڪاپي هٿ اچي وئي. هو انهي ڪتاب کي هضم ڪري ويو. هو ٽڪو پئسو ڪري جيڪي پئسا گڏ ڪري سگهيو ٿي انهن مان ڪي سادا ۽ سستا اوزار خريد ڪيائين ۽ اهي تجربا ڪري ڪجهه سکيا وٺڻ ۽ ڪا ٽيڪنيڪ ٺاهڻ ۾ لڳي ويو.

هو انهيءَ رستي تي جيترو اڳتي وڌندو ويو اهو ڪم ايترو ئي دلچسپ ٿيندو ويو ۽ سندس هورا کورا اڃا وڌندي وئي. سائنس جو ڪوبه ڪتاب هن کان بچي نه سگهيو. هو ڏاهپ پاران پنهنجو رستو پاڻ ڪڍڻ جو هڪ بهترين مثال هو. سندس جذبي جي سامهون فقط غربت، ڪم ۽ بي علمي ئي رڪاوٽون پيدا ڪندا هئا. جيڪڏهن تجربو بلڪل صحيح بيهندو هو ته هو ڏاڍو کلندو ۽ خوش ٿيندو هو. انهيءَ شخص ۾ سچي نهٺائي جي هيٺان وڏو جوش ۽ وڏو حوصلو لڪيل هوندو هو.

انهيءَ حوصلي کانسواءِ هو شايد پنهنجي زندگي هڪ جلد ساز جي حيثيت ۾ ئي گذاري ڇڏي ها ۽ دنيا سندس دروازي تائين ڪڏهن به رستو نه ٺاهي ها.

رائل انسٽيٽيوشن جي ۾ گيلريءَ ۾ سرهمفري ڊيوي جي ليڪچر وقت ڪنهن جلد ساز جو شاگرد سيٽ وٺي ڇا ڪري ها؟ پر انهي ڇوڪري کي اها سيٽ گهربل هئي  ۽ انهيء لاءِ ايتري دل به ٿيس جو پنهنجي خواهش جو ري بائو جي هڪ گراهڪ سان ذڪر ڪري وڌائين. اهڙي ڳالهه ته اڳ ۾ ڪنهن ٻڌي ئي نه هئي. اها ته بلڪل ناقابل يقين ۽ واهيات ڳالهه هئي. پر اهو گراهڪ سهپ وارو ماڻهو هو. انهي لاءِ کيس ٻه ٽي شلنگ ڏيڻا پون ها. پر هو پنهنجو خوردو انهي کان وڌيڪ ڪهڙي بهتر استعمال ۾ آڻي ها؟ کيس سائنس تي ليڪچرن لاءِ چئن ٽڪيٽن جي قيمت ۾ لافانيت ملي رهي هئي.

مائيڪل انهن ليڪچرن ۾ ويو. هن اتي ڳالهيون ٻڌيون نوٽس ٺاهيا ۽ ٻُڌل ڳالهيون کيس سمجهه ۾ به آيون. پوءِ هن 18- واءَ مائوٿ اسٽريٽ ۾ ڊيوي جي ليڪچرن جي وضاحت ۾ پنهنجا نوٽ لکيا ۽ اهڙي طرح ثابت ڪيو ته کيس هر شي بابت ڄاڻ آهي ۽ هن ڊيوي جي لفظن جو مطلب سمجهي ورتو آهي. ڇا هو جڏهن وڏي محنت سان ويٺو لکندو هو ايستائين جو سندس ٻانهن ۾ سور پئجي ويندو هو ۽ سندس مٿو ڦرڻ لڳندو هو ته هو محسوس ڪندو هو ته هو هڪ عظيم تبديلي جي ڪناري تي آهي؟ ڀلا ڪنهن هيستائين اهڙي قسم جي ڳالهه محسوس ڪئي هئي؟

بهرحال تبديليءَ جي ضرورت هئي. اهو جلد بندي جو ڪم ايترو سولو نه هو. ري بائو ته صحيح هو پر هاڻي هو ڪنگ اسٽريٽ جي جنهن ماڻهوءَ وٽ مڪمل ڪاريگر طور ڪم ڪرڻ ويو هو اهو ري بائو کان مختلف هو. هو ڏاڍو تيز طبيعت ۽ جذباتي ماڻهو هوندو هو ۽ اڳ ۾ ڳالهائي پوءِ سوچيندو هو. هن جي نظر ۾ صحيح ڳالهه اها هئي ته ماڻهو ڪتابن تي جلد ٻڌي ۽ پنهنجي دلچسپي انهن جي ٻاهرين پاسي تائين محدود رکي. هن ماڻهوءَ جي دڪان ۾ سائنسي مقالا پڙهڻ جو ڪم ٿي نه ٿي سگهيو.“ اهي فضول ڳالهيون پنهنجي دماغ مان ڪڍي ڇڏ.“ ري بائو مائيڪل کي خراب ڪري ڇڏيو هو ۽ هي سخت گير مالڪ کيس مسلسل ڇينڀيندو رهندو هو. هاڻي ڌنڌي بابت ڳالهيون به کيس سمجهه ۾ اچي رهيون هيون ۽ کيس جيتريون وڌيڪ ڳالهيون سمجهه ۾ اينديون پئي ويون هو ايترو وڌيڪ سمجهندو پئي ويو ته هي ڌنڌو هن لاءِ مناسب نه آهي.

پر انهيءَ مان جان ڪيئن ڇڏائجي؟ سائنس جو شوق ته پنهنجي جاءِ تي پر سائنس ۾ روزگار جو بندوبست ڪيئن ٿيندو؟ مائيڪل ڪو ماهر ته نه هو. هن وٽ نه ڊگري هئي نه ئي ڪا رياضي جي ڄاڻ هئس. هن کي ڪي دوست يا کڻي چئجي ته ڪو اثر رسوخ به نه هو. هو غربت جو ماريل هڪ ذهين ماڻهو هو جيڪو وڃي جلد ساز ٿيو هو ۽ کيس ڏينهون ڏينهن پنهنجي ڌنڌي سان نفرت پئي ٿيندي وئي.

سچي نهٺائي جي هيٺان لڪيل سندس جرئتمندي کيس حوصلو پئي ڏنو. هن هڪ ڏينهن ويهي عظيم ڊيويءَ ڏانهن هڪ خط لکيو. جنهن سان گڏ پنهنجي دلي شوق جي ثبوت طور ليڪچرن جا نوٽس به شامل ڪيائين. هو اتنظار ڪندو رهيو پر کيس پڪ نه هئي. کيس چڱي خاصي خاطري اها هئي ته کيس ڊيوي وٽان موٽ ئي نه ملندي. ڊيوي لنڊن جو سڀ کان وڌيڪ مقبول ليڪچرار ۽ دنيا جي عظيم ترين سائنسدانن مان هڪ هو. هو ڪنهن غريب جلد ساز جي خط جو جواب ڏيڻ جو وقت ڪيئن ڪڍي سگهندو؟

پر ڊيوي ڏاڍي شفقت ڀري نموني ۾ جواب ڏنو ۽ ملاقات لاءِ وقت مقرر ڪيائين، هن انهي عمل ذريعي پنهنجي تمام حيران ڪندڙ دريافت ڪري ورتي هئي. يعني هن مائيڪل فيراڊي ڳولهي ورتو هو.

 

6

پنهنجي عمر کان وڌيڪ ذهين ڊيوي کي ننڍي عمر ۾ ئي شهرت ملي وئي هئي. ڪيمسٽن کي کلندڙ گئس (Laughing gas) کان هن ئي واقف ڪرايو هو. هو تڏهن برسٽول جي ميڊيڪل نيوميٽڪ انسٽيٽيوشن سان لاڳاپيل هو ۽ سندس عمر 21 ورهيه هئي جو اها ڳالهه دريافت ڪري ورتي هئائين ته نائٽرس آڪسائيڊ کي ساه سان اندر موڪلڻ سان ڪي خراب اثر نه پوندا. انهي دريافت کان وري ٻئي سال Researches chemicals and philosophical ڇپجڻ سان سندس شهرت آسمان جي بلندين کي پهچي وئي. ڪائونٽ رمفورڊ کيس لنڊن ۾ پنهنجي نئين قائم ٿيل رائل انسٽيٽيوشن ۾ ليڪچرار ڪري رکيو.

هو جڏهن لنڊن آيو ته اصلي الاڪڍندڙ نوجوان ڊيوي ئي هو. هو ڪو قدآور ۽ ٺاهو ڪو نوجوان ته نه هو پر ڏاڍو متحرڪ هوندو هو ۽ ڪا ڳالهه ٻين جي سامهون پيش ڪرڻ جو سٺو ڏانءَ هوندو هوس. ماڻهو سندس ليڪچرن جا ديوانا ٿي ويا ۽ سندس ڪنهن به ليڪچر ۾ هڪ هزار ماڻهو ته باقاعدگي سان اچي ويندا هئا.

هن جي فيراڊي سان ملاقات بابت هڪ کان وڌيڪ روايتون آهن. هڪ روايت مطابق هن جي مائيڪل سان ملاقات جلد سازي جي دڪان ۾ اوچتي ٿي وئي هئي ۽ هن جڏهن پنهنجا ليڪچر اتي ڏاڍي سهڻي نموني جلد ٿيل طاق تي رکيل ڏٺا هئا ته هو ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو هو. اهو ته شايد ڪو افسانو ئي هجي. گهڻي قدر سچي ڳالهه اها آهي ته جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي ته فيراڊي ٻنهي ۾ ملاقات کان اڳ ڊيوي ڏانهن خط لکيو هو ۽ ڊيوي جواب ۾ لکيو هو ته ”اچ ۽ مون سان ملي وڃ.“

پوءِ سال 1813ع جي فيبروري جي آخر ۾ فيراڊي رائل انسٽيٽيوشن روانو ٿيو هو. هو انهيءَ عظيم ماڻهو لاءِ انتظار ۾ ويٺو هو ته سندس لڱ ڏڪي رهيا هئا. آخر جڏهن ڊيوي آيو ته فيراڊي کي ڪا خبر ئي نه پئي ته کيس ڇا چوڻ گهر جي. نيٺ هٻڪندي هٻڪندي سندس وات مان هي لفظ نڪتا ته هو ڪنهن ڪم جي ڳولها ۾ آهي. انهيءَ دوران سائنس جي اخلاقيات ۽ اعليٰ قدرن بابت ڪي عام رواجي ڳالهيون پڻ ڪيائين ۽ هنرمندن بابت ناڪاري خيالن جو اظهار ڪيائين.

ڊيوي مسڪرائيندي کيس چيو ته: ”جيستائين فيلسوفن جي اعليٰ اخلاقي قدرن جي ڳالهه آهي ته آءُ توکي انهي معاملي ۾ ڇڏي ٿو ڏيان. ڪجهه ورهين جي تجربي کانپوءِ تنهنجا خيال صحيح ٿي ويندا. باقي منهنجو مشورو اهو اٿئي ته جلد سازي کي چنبڙيورهه. اهو ڌنڌو جيڪڏهن تنهنجي روح کي تڪليف ٿو ڏئي ته.....“ انهيءَ کانپوءِ هن چيو ته هن کان جيڪوٿي سگهيو ڪندو. کيس پڙهڻ لاءِ ڪتاب ڏيندو رهندو ۽ اداري ۾ ڪنهن نوڪري جي موقعي جي تاڙ ۾ رهندو. في الحال ڪا نوڪري موجود نه آهي. اهڙي طرح اها پهرئين ملاقات پڄاڻي تي پهچي وئي.

هڪ مهيني کانپوءِ مارچ مهيني جي شروعات ۾ فيراڊي ۽ سندس ماءُ دري مان واء مائوٿ اسٽريٽ ۾ نهاري رهيا هئا ته کين هڪ وڏي گاڏي مان هڪ کڙو تڙو وردي پوش ملازم لهندي نظر آيو. فيراڊي جي ماء تپرس ۾ پئجي وئي. اهو ماڻهو سندس دروازي ڏانهن ئي اچي رهيو هو. هائو! هو انهن ڏانهن ئي آيو ۽ مائيڪل فيراڊي کي هڪ خط ڏئي ويو. انهيءَ مختصر خط جو پڙاڏو دنيا ۾ اڃا تائين گونجي رهيو آهي.

ڊيويءَ خط ۾ لکيو هو ته مائيڪل فيراڊي ٻئي ڏينهن صبح جو رائل انسٽيٽوشن اچي! ٿورو اندازو ڪريو ته مائيڪل کي انهيءَ رات صحيح ننڊ آئي هوندي يا کيس صبح جو انٽرويو لاءِ دير ته نه ٿي وئي هئي! يا هن ڪنهن هٻڪ جو اظهار ته نه ڪيو هو جڏهن ڊيوي کيس ٻڌايو هوندو ته: ”ليباريٽري لاءِ 25 شلنگ هفتيوار پگهار تي اسسٽنٽ گهربل آهي. تون اڃا به جيڪڏهن پنهنجو ڌنڌو تبديل ڪرڻ جي خواهش...“ هائو! هن کي خواهش هئي ۽ هو فوراً پنهنجي نئين نوڪري تي چڙهڻ لاءِ تيار هو.

سموري دنيا جيڪا هاڻي بجلي جي روشني تي پڙهي رهي آهي ۽ شهرن ۾ بجلي تي هلندڙ ٽرينن تي ڊوڙندي ٿي وتي يا بجلي واري هيٽر مان گرمائش ٿي وٺي؛ انهي کي هن فيصلي تي خوش ٿيڻ ۽ همفري ڊيوي جو ٿورائتو رهڻ گهرجي جنهن مائيڪل کي موقعو ڏنو.

 

7

فيراڊي ڪيمسٽري ڪٿان سکيو هو؟ هو ڪنهن به اسڪول نه ويو هو نه ئي ڪنهن استاد جي قدمن ۾ ويٺو هو. ته پوءِ ڀلا ڪٿان؟ هن اها معلومات هوا مان حاصل ڪئي هئي جئين ٻوٽا هوا مان نائٽروجن وٺندا آهن اهو چوڻ ۾ ڪو به واڌاءَ نه ٿيندو ته هن کي انهي موضوع سان جبلت جي حد کي پهچندڙ لڳاءُ هو.

هو جڏهن سرهمفري ڊيويءَ سان اچي گڏ ڪم ڪرڻ لڳو ته کيس کاڻيون کوٽيندڙن لاءِ سيفٽي ليمپ ايجاد ڪرڻ جو ڪم ڏنو ويو هو. اهو ڏاڍو نازڪ ڪم هو ڇاڪاڻ ته انهي ۾ هزارين زندگيون داءُ تي لڳل هيون. فيراڊي فوراً مسئلي جي پاڙ تي پهچي ويو ۽ ڏاڍيون بهترين تجويزون پيش ڪيائين جن جي مدد سان ڊيوي معاملي کي توڙ رسايو. اهو ڪنهن غير ترتيب يافته سيکڙاٽ جو ڪم نه هو. ڊيوي اها ڳالهه محسوس ڪري ورتي ۽ فوراً انهي اسسٽنٽ جي طاقت کان واقف ٿي ويو.

ڇهن مهينن جي ڪم کانپوءِ اها راءِ وڌيڪ مضبوط ٿي وئي ۽ فيراڊي لاءِ اڃا وڌيڪ موقعن جي راهه هموار ڪيائين. ڊيوي يورپ جي ملڪن جي سفر تي روانو ٿي رهيو هو جئين اتي ٿيل سائنسي اڳڀراين کان واقف ٿي سگهي. سندس زال به هن سان گڏ وڃي رهي هئي. ڀلا مائيڪل به منشي طور گڏ ڇو نه هلي؟ ڊيويءَ لاءِ نوٽس به لکي ۽ ٻين سنهين ٿلهين ڳالهين تي به نظر رکي.

اهڙي طرح اهو فيصلو ٿي ويو ۽ فيراڊي 18 مهينا انگلينڊ کان ٻاهر رهيو. هو بلڪل آخري وقت تي سفر تان ئي هٿ کڻڻ وارو هو ڇاڪاڻ ته هن ذاتي خدمتگار (Valet) طور وڃڻ نه ٿي چاهيو.

ڊيوي پاڻ به ڪارنوال جو سڃو ٿي رهيو هو ۽ شادي ۾ پئسي واري زال ملڻ تائين غربت جا ڏينهن گذاريا هئائين. لڳي ٿو ته اها ڏاڍي مغرور عورت هئي. شايد انهي جو سبب اهو هجي ته هو سر والٽراسڪاٽ جي پري جي مائيٽياڻي هئي. معزز ماڻهو جي ڏسڻ ۾ ايندڙ ۽ خارجي علامت طور ذاتي خدمتگار تي اصرار لڳي ٿو ته سندس ئي سوچ هئي. پوءِ ڊيوي به اها راءِ اختيار ڪري ورتي ۽ هنن پاران يورپ اُسهڻ تائين هن به اهو طي ڪري ڇڏيو هو ته ذاتي خدمتگار سندس خوشي لاءِ انتهائي ضروري هو. پر سندس انگريز خدمتگار ڊووراسٽريٽ (Dover Strait) جي خطرن کي منهن ڏيڻ کان بلڪل انڪار ڪري ڇڏيو. مائيڪل کان پڇيو ويو ته ڇا هو پيرس پهچڻ تائين ذاتي خدمتگار طور ڪم ڪرڻ کي خراب ته نه سمجهندو؟ مائيڪل ٻڌائي ڇڏيو ته هو انهي ڳالهه کي پسند نه ٿو ڪري. ڊيوي انهي تي اچي واويلا مچائي ۽ گهل گهوڙا ڪرڻ لڳو. هاڻي نوڪر نه هئڻ جي صورت ۾ سفر ئي رڪجي ٿي ويو. مائيڪل به يورپ پهچڻ جي شوق ۾ آڻ مڃي ورتي پر ايترو چيائين ته ”آءُ اهو ڪم پيرس پهچڻ تائين سرانجام ڏيندس. ”ٺيڪ آهي.“ ڊيوي رڙ ڪئي، توکي ڪو گهڻو ڪم نه ڪرڻو پوندو آءٌ پنهنجو سڀ ڪم پاڻ ڪندس.“

پر پيرس ۾ به ڪو خدمتگار نه مليو. گهٽ ۾ گهٽ اطمينان بخش نه ملي سگهيو ”نه ئي وري“ لائونز (Lyons) مونٽ پيليار، جينوئا (Genoa) فلارينس، روم نه ئي سموري اٽليءَ ۾ ڪٿي ملي سگهيو.“ فيراڊي لکيو آهي ”۽ آءٌ سمجهان ٿو ته آخر ۾ کيس خدمتگار حاصل ڪرڻ جي خواهش به نه رهي هئي، اسين هاڻي به اهڙا ئي آهيون جهڙا پنج مهينا اڳ انگلينڊ ڇڏڻ وقت هئاسين.“

توهان جي لاءِ اهو سوچ جو لمحو آهي. اوڻيهين صديءَ جو بجلي بابت وڏو شوق رکندڙ شاگرد هڪ اهڙي مغرور ۽ چيڙاڪ ماڻهو سان ذاتي خدمتگار طور ڪم ڪري رهيو هو جنهن سان هڪ مغرور ۽ بيوقوف زال پڻ گڏ هئي. پر انهي وقت هوءَ پنهنجو اختيار ڏيکارڻ پسند ڪندي هئي ۽ شروعات ۾ مون ڏٺو ته هو مونکي ڄاڻي واڻي بيعزتو ڪندي هئي. مائيڪل چيو هو. سندس انهيءَ ڪوشش سبب هڪ دفعو جينوا ۾ ڏاڍي ڏکي صورتحال پيدا ٿي وئي هئي.

يورپ جي سائنسدانن مائيڪل کي گفتگو جي لائق سمجهيو ٿي ۽ هنن انهيءَ ڳالهه کي ڪا توجه ئي نه ڏني ته هو سماجي لحاظ کان ڊيوي کان گهٽ آهي. اڪيڊمي آف جينيوا ۾ فارماسيوٽيڪل ڪيمسٽري جي پروفيسر گسپارڊ ڊي لا رائيو کي ته اها ڳالهه ڪڏهن به ذهن ۾ نه آئي. گسپارڊ انهي نوجوان مائيڪل کي پسند ڪندو هو ۽ جڏهن ڊيوي وارا سندس گهر مهمان ٿي آيا ته هن پنهنجي سر اهو فرض ڪري ورتو ته هو سڀئي گڏ جي ماني کائيندا. ليڊي ڊيوي ۽ خود ڊيويءَ جي ذهن ۾ ته ٻيون ڳالهيون هيون ۽ انهن جو اظهار به ڪري ڇڏيائون. ڊي لارائيو کي ته ڏاڍو صدمو پهتو ۽ هن ڊيوي وارن کي پنهنجي راءِ کان آگاه ڪري ڇڏيو پر انهي سان مائيڪل کي ڪو فائدو نه پهتو ۽ هن هڪ جدا ڪمري ۾ اڪيلي سر ماني کاڌي.

يورپ ۾ گهڻو وقت اها ڳالهه گردش ۾ رهي ته گسپارڊ پوءِ فيراڊي جي مان ۾ ڊنر ڏني هئي. هاڻي ايماندار مورخ کي انهي ڊنر واري ڳالهه ميسارڻي پئجي وئي آهي پر اها ڳالهه درست آهي ته گسپارڊ پنهنجي باقي زندگي فيراڊي سان خط ڪتابت ڪندو رهيو ۽ سندس وفات کانپوءِ سندس وڌيڪ مشهور پُٽَ خطن جو سلسلو جاري رکيو.

 

8

مائيڪل ارڙهن مهينن کانپوءِ گهر موٽندي ڏاڍو خوش هو ۽ برسلز مان جڏهن ماءُ ڏانهن خط لکيو اٿائين ته هن سان ملڻ جي خوشي ۾ جذبات جي وهڪري ۾ وهي ويو آهي: ”پياري امڙ، مون توهان ڏانهن جيڪي به خط لکيا آهن هيءَ انهن مان تمام مختصر ۽ منهنجي نظرن ۾ تمام پيارو آهي. ملاقات تائين الله حافظ.“ هيءَ عورت جيڪڏهن مشڪل سان ڪجهه لکي پڙهي سگهندي هئي ته انهيءَ سان ڪهڙو فرق ٿي پيو. هوءَ سندس ماءُ هئي ۽ هو سندس قوت ۽ طاقت ۽ نرمي ۽ ملائمت کان واقف هو.

هو فوراً رائل انسٽيٽيوشن پهچي ويو ۽ پنهنجو پگهار وڌرائي هفتيوار 30 شلنگ يعني ساڍا ست ڊالر ڪرايائين. هاڻي هن جي عمر 24 ورهيه ٿي وئي هئي ۽ وقت به گهڻو بدلجي ويو هو.

هن ۽ ڊيويءَ کاڻ مزدورن لاءِ ليمپ تي ڪم پورو ڪيو ۽ اها ٻئي سال کاڻين ۾ استعمال هيٺ آئي. فيراڊي اها ڳالهه تسليم ڪئي ته: اها هر قسم جي حالت ۾ مڪمل طور محفوظ نه آهي.“ ڊيوي انهي ڳالهه تي چڙي پيو ۽ هن ۽ ڪنهن حادثي جي وچ ۾ سندس هٺ ۽ غرور حائل ٿي ويو.

مائيڪل شاگرديءَ جو هڪ دور پورو ڪيو هو ۽ هاڻي ٻئي دور ۾ ڪم ڪري رهيو هو. جڏهن پروفيسر ليڪچر ڏيندا هئا ته هو ڀرسان تجربي لاءِ سامان تيار رکيون بيٺو هوندو هو. هو سدائين ڊيويءَ جي ڀر سان موجود رهندو هو ۽ هن جي علم جي سڀ ڪا ڳالهه پاڻ ۾ سمائيندو ويندو هو. انهن مهينن دوران هن ۾ پختگي اچي وئي ۽ هو پنهنجن قدمن تي بيهڻ لڳو. هن سٽي فلا سافيڪل سوسائٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي جنهن جي بلند آهنگ نالي هيٺ سائنس ۾ دلچسپي رکندڙ نوجوانن جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون. اتي هو جيتوڻيڪ ڪا نئين ڳالهه ته پيش نه ڪندو هو پر هن کي آهستي آهستي پنهنجو ادراڪ ٿيڻ لڳو ۽ هو حاضرين جي موجودگي ۾ ڳالهائڻ ۽ تجربا ڪري ڏيکارڻ جي فن کان واقفيت حاصل ڪرڻ لڳو.

 

9

عورتون هن نوجوان جي نظرن ۾ ڪا اهميت نه رکنديون هيون. هو فقط ڪا اهڙي شي هيون جن کان پاسو ڪرڻو هو، جن جي خلاف لکڻو هو. انهي جي ثبوت ۾ سندس ”محبت ۾ ڦاسڻ.“ تي تنقيد ۾ لکيل مذمتي ليک پيش ڪري سگهجي ٿو. محبت جهڙي بيوقوفاڻي شي کيس پريشان نه ڪري سگهي ها ۽ انهي ڪيو به نه. اهڙي طرح سال گذرندا ويا ۽ هو ڪيمسٽريءَ جي ڄاڻ حاصل ڪندو، سٽي فلاسافيڪل سوسائٽي کي ليڪچر ڏيندو ۽ ڪئارٽرلي جنرل آف سائنس لاءِ مقالا لکندو رهيو. انهي دوران هو پنهنجا پير مضبوط ڪندو ويو.

پر جنهن به ماڻهو جي دل خوش آهي اهو هن دنيا ۾ محفوظ نه آهي. مائيڪل هاڻي 29 ورهين جو ٿي ويو هو ۽ کيس انهي ڳالهه جو اطمينان ٿي سگهيو ٿي ته هو هاڻي زندگي جي کڏن کوٻن مان پنهنجو رستو ڪڍڻ جي قابل ٿي ويو آهي. هو مذهبي ماڻهو هو ۽ پنهنجي ماءُ سان گڏ باقاعدگي سان سنڊيمانيائي (Sandamanian) چرچ ويندو هو.

سارا برنارڊ نالي هڪ ڇوڪري چاندي جو ڪم ڪندڙ ڪاريگر جي ڌيءَ هئي ۽ ڏاڍي هوشيار، سٺي سوچ رکندڙ ۽ مهربان هوندي هئي. مائيڪل جي نظر مٿس پئجي وئي ۽ سندس دل مان سڪون هليو ويو. هاڻي محبت جي هجو ۾ بيت به بند ٿي ويا. انهي جي بجاءِ هن سارا ڏينهن لکيو:

”تون مونکي مون وانگر يا مون کان به بهتر نموني سمجهين ٿين. تون منهنجين ڪمزورين، منهنجي هٺ ۽ منهنجي سموري دماغ کان واقف آهين. آءُ بار بار پنهنجا احساس چپن تائين آڻڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو پر آڻي نه ٿو سگهان.“

هجو لکندڙ ماڻهو التجائون ڪندڙ ۽ دنيا جو هڪ عظيم عاشق ٿي ويو. هو 43 ورهيه پوءِ سارا ڏنهن ڪومل ۽ پُر جذبات محبت ناما پيو لکندو هو ندو. اهي تقريباً 50 ورهيه گڏ رهيا. پر فيراڊي جي محبت هڪ گهڙي لاءِ به ماٺي نه ٿي. سارا دائمي محبت جي انهي هلڪي روشني جي پس منظر ۾ هڪ مڪمل زال جي روپ ۾ بيٺي آهي. هن ڪڏهن به شڪ شبهو نه رکيو؛ ڪڏهن به پٺتي نه هٽي ۽ هن کي ڪڏهن به مايوس نه ڪيائين. هوءَ سدائين کيس هن کان به بهتر نموني ۾ سمجهندي رهي ۽ سندس ذهن ۾ ڪا به دنيا داري، ڪا به ريس ۽ ڪا به لالچ نه رهي. هو دولت ڪمائڻ جي موقعن کان پري ڀڄندو رهيو سارا سندس حمايت ڪندي رهي. هو پنهنجي محدود آمدني مان دل کولي خرچ ڪندو هو سارا انهي تي اعتراض نه ڪندي هئي. هن جلدئي سماجي زندگي مان ڪنارا ڪشي اختيار ڪري ڇڏي هن. ڪو شڪوو شڪايت نه ڪئي. دنيا جي تاريخ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ دفعو هڪ مرد ۽ هڪ عورت اهڙا مليا جيڪي هڪٻئي کان دلي ۽ ذهني طور واقف هئا ۽ پڪي پختي طرح اهو ثابت ڪري ڏيکاريائون ته ائين ٿي سگهي ٿو.

 

10

مائيڪل ۽ سارا جي 12 جون 1821ع تي شادي ٿي ۽ شهرت کيس منهن نه ڏيکاريو هو ۽ نه ئي ڪا پڪ هئي ته اها کيس ڪڏهن ڪا ڏيکاري ڏيندي. اهو به ٿي سگهيو ٿي ته هن کان گهٽ شهرت جي طلب رکندڙ ڪو ماڻهو پيدا نه ٿيو هوندو. هن کي پنهنجو ڪم ڪرڻو پوندو هو. هن چاهيو ٿي ته سندس نوڪري هلندي رهي. هو پنهنجي زال ۽ ماءُ جي ضرورتن جو پورائو ڪندو رهي ۽ جيڪڏهن ٿي سگهي ته فطرت جي به هڪ يا ٻن اسرارن جي ڳولها ۾ لڳو رهي. سندس سچو ۽ ڪنهن به ڏيک ويک کان خالي پروگرام اهو ئي هو. هو مسلسل انهيءَ کي اڳتي وڌائيندو رهيو. ڊيوي جي ليباريٽري ۾ مدد ۽ ليڪچرن ۾ معاونت ڪندو رهيو ۽ سائنسي رسالن لاءِ ننڍا مقالا لکندو رهيو.

جئين ته سندس اکين تي وڏن خوابن جا پردا چڙهيل نه هئا تنهن ڪري هو پنهنجي سامهون آيل ننڍين شين کي واضح طور ڏسندو هو. مثال طور هن کي جڏهن ٻڌڻ ۾ آيو ته آرسٽيڊ (Orasted) مقناطيسي سُئي جي ويجهو بجلي جو ڪرنٽ گذاري ان جو رُخ موڙي ورتو آهي ته هو تمام خوش ٿيو پر پوءِ پاڻ کي انهي بابت هڪ مونجهاري ۾ به ڦاسائي ڇڏيو هئائين.

وليم هائيڊ ووليسٽن (Wollaston) انگريز ڪيميادانن ۾ هڪ وڏو نالو هو. هو تڏهن 1821ع ۾ 55 ورهين جو هو ۽ دنيا کان الڳ ٿلڳ رهندو هو. هن کي ڪنهن تي به ويندي سائنسدانن تي به ڪو ڀروسو نه هوندو هو ۽ سندس تجربا ڳُجهه ڳوهه ۾ ٿيندا هئا ۽ ڪنهن کي به ڪنهن به حالت ۾ سندس ليباريٽري ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملندي هئي. آرسٽيڊ جي انهي دريافت کيس ڇرڪائي پنهنجي خول کان ٻاهر آندو ۽ هو انهي بابت ڊيويءَ سان ڳالهائڻ لاءِ تڙتڪڙ ۾ انسٽيٽيوشن هليو آيو. پير مرد جي ذهن ۾ ڪنهن نموني اها ڳالهه اچي وئي هئي ته جيڪڏهن مقناطيس جي قطب کي ڪنهن ڪرنٽ واري تار جي ويجهو آندو وڃي ته تار کي پنهنجي محور تي گردش ڪرڻ گهرجي. هن ڊيويءَ جي ليباريٽري ۾ تار کان اها ننڍڙي اٽڪل بازي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هن کان ائين نه ٿي سگهيو.

گهڻي قدرته فيراڊي آسپاس بيٺو هو ۽ سموري ڪارگذاري ٻڌي ۽ ڏسي رهيو هو. ڏسڻ لاءِ ته ڪجهه هوئي نه جو ڪو ڪم ٿيو ئي نه هو. بهرحال ووليسٽن بيزار ٿي ويو هليو. مائيڪل سوچيو ته ممڪن آهي اهو ڪم پوءِ ٿي وڃي تنهن ڪري هن پاڻ ڪوشش ڪئي هن کي 3 سيپٽمبر 1821ع تي پهريون دفعو بجلي جي تار مقناطيس جي چوڌاري گردش ڪندي ڏسڻ ۾ آئي.

”اها ٿي وڃئي، اها ٿي وڃئي.“ هو پنهنجي ساز سامان جي چوڌاري نچندي رڙيون ڪرڻ لڳو.

هن ڪيترائي دفعا اهو تجربو ورجائي ڏٺو ۽ 25 ڊسمبر 1821ع تي تار کي فقط زمين جي مقناطيسي قوت جي اثر هيٺ گهمايائين. سڀاويڪ طور مائيڪل ڏاڍو خوش ٿيو. هن اهو ڪم ڪيو هو جيڪو سائنسدان نه ڪري سگهيا هئا. هن پنهنجي ننڍڙي تجربي جو بيان ڏاڍي خوشي سان ڪئارٽرلي جرنل آف سائنس ڏانهن لکي موڪليو جنهن ۾ اهو آڪٽوبر 1821ع ۾ ڇپيو.

اهو ليک جڏهن ووليسٽن جي نَظر مان گذريو ته هن کي يقين ٿي ويو ته سندس پاران ٻين ماڻهن تي عدم اعتماد واري روش ڪا بي بنياد نه آهي ۽ انهيءَ ڳالهه تي ڳت ڏئي بيهي رهيو ته ڪريڊٽ کيس ملڻ گهرجي. مائيڪل انهي کان انڪار ڪيو. هن چيو ۽ جيڪا ڳالهه سچي به هئي ته ووليسٽن ڪوشش ڪئي هئي ۽ ناڪام ٿيو هو ۽ ڪنهن دريافت جو اهڙي شخص سان ته واسطو ئي نه ٿو ٿي سگهي جيڪو اها ڪري ئي نه سگهيو هجي. حقيقتن جي موجودگي ۾ ڊيوي ۽ ٻيا ماڻهو فيراڊي سان متفق ٿيا ۽ معاملي کي وقتي طور اتي ئي ڇڏيو ويو.

مائيڪل کي انهي کان جلد ئي پوءِ ڊيويءَ جي فخر جي احساس کي ڇيهو رسائي وڌو. مائيڪل پنهنجي واندڪائي جي وقت ۾ گئسن کي پاڻياٺ ۾ تبديل ڪرڻ جي مسئلي تي ڪم ڪري رهيو هو. هن ڊيوي جي تجويز تي ڪلورين جي هائڊريٽ کي هڪ مهربند ٽيسٽ ٽيوب ۾ گرم ڪيو ۽ اهڙي طرح ڪلورين کي پاڻياٺ ۾ تبديل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. اها هڪ نوجوان ڪيميادان لاءِ وڏي شي هئي ۽ هن انهي بابت رائل سوسائٽي لاءِ هڪ ليک تيار ڪيو. ڊيوي اهو ليک پڙهي انهي ۾ پنهنجو هڪ نوٽ ٽنبي تجربي ۾ سندس حصي بابت لکي ڇڏيو. فيراڊي انهي تي ڪو به اعتراض نه ڪيو ۽ ڊيوي پاران ايڊٽ ٿيل ليک سوسائٽي جي اجلاس ۾ پڙهيو ويو.

پر ڊيوي جي دل ۾ حسد هو. هن اڳوڻي جلد ساز ۽ خانگي نوڪر جو ڪهڙو ڪم جو پنهنجي استاد جي بلڪل اکين جي سامهون ويٺو ٿو اهڙا حيران ڪندڙ تجربا ڪري ۽ انهي جو ڪريڊٽ به پاڻ ٿو کڻي؟ توهان ۽ اسين سمجهون ٿا ته فيراڊي ڪريڊٽ جو حقدار هو پر ڊيوي هڪ وڏو عرصو انگلينڊ جو چمڪدار سائنسي ستارو ٿي رهيو هو. هن لاءِ اها ڳالهه تسليم ڪرڻ ڏاڍي ڏکي ڳالهه هئي ته هڪ رقيب سندس روشني جهيڻي ڪري رهيو هو.

 

11

انهن سڀني غلط فهمين وري 1823ع ۾ منهن ڪڍيو. فيراڊي جو نالو رائل سوسائٽي جي ميمبرشپ لاءِ تجويز ڪيو ويو، جنهن جو هڪ ميمبر ووليسٽن ۽ ڊيوي صدر هو. انهن ٻنهي ماڻهن سندس چونڊ جي مخالفت ڪئي پر ووليسٽن معقول ماڻهو ثابت ٿيو. مائيڪل هن وٽ وڃي بلڪل صحيح ڳالهه ٻڌائي ڇڏي ته هن بجلي جي تار ۽ مقناطيس سان ڪئين تجربو ڪيو هو. ووليسٽن وضاحت قبول ڪندي اميدوار تي پنهنجي مهر هڻي ڇڏي.

پر ڊيوي اهڙو ماڻهو نه هو. هن فيراڊي کي حڪم ڏنو ته هو پنهنجو نالو واپس وٺي ڇڏي پر هن چيو ته هو ائين نه ٿو ڪري سگهي. ڊيوي اصرار ڪيو ته نالو تجويز ڪندڙن کي چيو وڃي ته هو اهو واپس وٺن. مائيڪل کي پڪ هئي ته هو ائين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندا. هن جي اها ڳالهه صحيح ثابت ٿي. پوءِ ڊيوي چيو ته هو صدر جي حيثيت ۾ پاڻ نالو خارج ڪري ڇڏيندو.

”مون کي پڪ آهي ته سرهمفري ڊيوي اهو ئي ڪندو جنهن کي هو رائل سوسائٽي جي حق ۾ بهتر سمجهندو.“ فيراڊي چيو.

اهڙي قسم جي ماڻهو کي ڪهڙي دليل دلائل ڏجن؟ بهرحال نالو تجويز ٿي ويو ۽ جڏهن ووٽ ٿيا ته فقط هڪ ڪاروگولو نڪتو. ڪنهن کي به خبر نه آهي ته اهو ڪنهن وڌو پر هاڻي اها ڳالهه اهميت به نه ٿي رکي خانگي نوڪرائل سوسائٽي جو ميمبر ٿي ويو ۽ کيس انهن جي بهترين ماڻهن سان گڏ ٽيبل تي ويهڻ جو حق به حاصل ٿي ويو.

 

12

فيراڊي ۾ آهستي آهستي پختگي ايندي ٿي وئي. هو هاڻي ٽيهن ورهين کان چڱو اڳتي هو. رائل سوسائٽي جو ميمبر ٿي ويو هو ۽ رائل انسٽيٽيوشن جو ڊائريڪٽر هو. هن ٻه اهميت واريون اصلي تحقيقون ڪيون هيون ۽ کيس ليڪچر ڏيڻ ۽ دوست ٺاهڻ جو فن به اچي ويو هو. ڪنهن سائنسي مسئلي کي منهن ڏيندڙ ڪاروباري ذهن رکندڙ ماڻهن کي هڪ ماهر طور سندس خدمتن جي گهرج رهندي هئي. هو وڌ ۾ وڌ ڪجهه محدود ماڻهن جي حلقي ۾ هڪ وڻندڙ ۽ ڀروسي جوڳي ماڻهو جي حيثيت ۾ سڃاتو ويندو هو. پر دنيا جي اکين آڏو چمڪڻ جي منزل کان اڃا پري هو.

هن هڪ ڳالهه جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته هو ٻيو ڪجهه به پر هڪ سائنسدان ٿيندو. ماهر طور ڪم ڪرڻ ۾ پئسا ملندا هئا پر اهو ڪم وقت وٺندو هو. هن اهو ڪم ڇڏڻ ٿي چاهيو ۽ سارا به انهي تي راضي هئي هن جا ڪي مهانگا شوق به نه هئا ۽ نه ئي کين ٻار هئا.

 انسٽيٽيوشن ۾ پگهار ٿورو هوندو هو پر اهو ڪافي هوندو هو ۽ انهي سان کيس تجربا ڪرڻ ۽ شايد ته ماڻهن کي اڃا تائين نامعلوم هڪ ٻه شيون سکڻ جو موقعو به ملي وڃي ها.

اهڙي طرح هن فيصلو ڪري ورتو ۽ 1830ع کانپوءِ حڪومت لاءِ لائيٽ هائوس لاءِ ڪيل ڪم کانسواءِ ماهر طور ٻيو ڪو به ڪم نه ڪيو. انساني همدردي طور ٿيل انهي ڪم بنا دير فيراڊي جي همدردي حاصل ڪري ورتي. هن پنهنجي ليباريٽري کان ٻاهر ٻئي ڪنهن به قسم جو ڪم وري ڪڏهن به قبول نه ڪيو.

پر سندس پاران رائل سوسائٽي جو ميمبر چونڊجڻ کان 1830ع تائين واراست سال بي ڪاريءَ ۾ نه گذريا. هن 1824ع ۾ ڄميل گئس (Oil gas) مان بينزين ڌار ڪئي ۽ انهي کي هائڊروجن جي بائيڪاربورنيٽ جو نالو ڏنو. انهي بينزين تي ڪيترائي وڏا ڪاروبار شروع ٿي ويا آهن ۽ اها فيراڊي پاران رستو ڏيکارڻ کانپوءِ بي انداز مقدار ۾ تيار ٿي آهي. پر مائيڪل پنهنجي دريافت مان ڪو به پئسو نه ورتو نه ئي وٺڻ گهريائين ٿي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org