سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :8

باب ٻارهون

ڪوپرنيڪس

بيڪن جي ڏاهپ بيڪن سان گڏ مري وئي ۽ سندس ڪيل ڪم جو وڏو حصو گم ٿي ويو. هو يورپ جي اونداهين ۾ روشني جي لاٽ هو پر اونده روشني مٿان پردو وجهي ڇڏيو. هو جهڙي دنيا ۾ آيو هو انکي اهڙوئي ڇڏي ويو. اهو شدت پسندن جو دور هو ۽ طاقت انهن جي هٿن ۾ هئي. يورپ جي ميدانن تي وڌيڪ ٻه سو ورهين تائين ڪنهن عظيم شخصيت پير نه پاتو.

پوءِ نڪولس ڪوپرنيڪس آيو. هو 1437ع ۾ پيدا ٿيو ۽ بيڪن وانگر پادري هو. اها ايتري اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي ڇو ته انهي دور ۾ حوصلي مند نوجوانن لاءِ فقط ٻه ڌنڌا ئي هوندا هئا يعني فوج يا چرچ جي نوڪري. ڪوپرنيڪس جيئن ته ڏاڍو ذهين هو تنهنڪري سپاهي ٿي نه ٿي سگهيو.

هو پولينڊ جو رهاڪو هو ۽ وسٽولا (Vistula) ۾ ٿارن (Tnorn) سندن ڄمڻ جو هنڌ هو. ڪجهه ماڻهن جي خيال ۾ هو پروشيائي هو. جيڪڏهن ائين آهي ته هو ڪنهن پروشيائي واري عام تصور کان گهڻو پري هو. هو گهڻو ڪري بيمار رهندو هو. مذهبي سوچ رکندڙ ۽ نرم دل ماڻهو هو ۽ انهي سان گڏوگڏ پاڙهو ۽ ڏاڍو نهٺو به هوندو هو. سندس علم جي اُڃ اجهامڻ جي ئي نه هوندي هئي. انهي ڪري هن ڪراڪو (Cracow)  ۾ طب جي تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ ويانا، بولونيا، فيرارا ۽ روم جي يونيورسٽين ڏانهن ويو. انهن سڀني ادارن ۾ هو ڪنهن جو شيلي شاگرد وانگر رياضيءَ جي پٺيان لڳو رهيو ۽ کيس فلڪيات تي جيڪو ڪتاب هٿ آيو ٿي انهي کي ڳڙڪائيندو ٿي ويو.

پوءِ هو چوويهين ورهين جي ڄمار ۾ پادري ٿي فرائين برگ موٽيو ۽ پنهنجي عمر جو گهڻو عرصو اتي ئي رهيو.

 

2

ڪو به وهم ۽ سنسو هن پادري جي پيرن جي رنجير نه بڻجي سگهيو. هو ماڻهن جو مفت ۾ علاج ڪندو هو ۽ کيس انهي ڳالهه ۾ به يقين نه هوندو هو ته بيماريون خدا جي طرفان اچن ٿيون. ۽ ڪنهن درگاهه تي دعا گهري يا ڪنهن تبرڪ کي هٿ لائي انهن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن کي فطرت جي اکين ۾ اکيون وجهي ڏسڻ جي جرئت هئي ۽ هو پنهنجي مذهبي عقيدتمندي جي باوجود به بائيبل کي ڪو سائنسي ڪتاب نه سمجهي سگهيو. انهي جو مطلب ته ڪو اهڙو ماڻهو پيدا ٿي پيو هو جنهنکي پنهنجو دماغ استعمال ڪرڻو هو.

انهن ڏينهن ۾ پوپ، شهنشاه توڙي عام ماڻهو اهو سمجهندا هئا ته دنيا ساڪن بيٺي آهي. انهنکي ڪڏهن به اها سوچ نه آئي هئي ته اها هٿ جي تريءَ وانگر سڌي آهي. اهي سڀئي چوندا هئا ته زمين ڪائنات جو مرڪز آهي جنهن جي چوڌاري هرشي گردش ڪري ٿي. جيڪو به انهي ڳالهه کان انڪار ڪندو هو انهيءَ کي دين کان ڦريل سمجهيو ويندو هو ۽ ان جو جلداز جلد دوزخ وڃڻ بهتر سمجهيو ويندو هو. اهو پوڙهي بطليموس طرفان يورپ کي ڏنل بهترين ورثو هو.

ڪوپرنيڪس دوزخ کي اهڙوئي برحق سمجهندو هو جيترو هو سڀ ماڻهو سمجهندا هئا پر هن ائين نه ٿي سمجهيو ته ڪنهن ماڻهو کي فقط پنهنجون اکيون ۽ دماغ استعمال ڪرڻ جي سبب دوزخ ۾ موڪليو ويندو. هن کي جيڪڏهن ڪي شڪ شبها هئا ته هن انهنکي نظر انداز ڪري ڇڏيو ۽ خطرو کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو.

 

3

توهان کي ياد هوندو ته ڪجهه يونانين جهڙوڪ فيثاغورث جي اها تعليم هئي ته سج هڪ جاءِ تي بيٺو آهي ۽ زمين ان جي چوڌاري گردش ڪري رهي آهي. ڪو پرنيڪس انهي نظريي کان واقف ٿيو ۽ اهو کيس معقول نظر آيو. پر هو جيئن انهي موضوع تي سوچ ويچار ڪندو ٿي ويو ته کيس انهي ڳالهه جو امڪان وڌيڪ نظر اچڻ لڳو ته گردش زمين ڪري ٿي. هن حساب ڪرڻ شروع ڪيا ۽ انهي نتيجي تي پهتو ته بطليموسي پلان بجاء هن نظريي تي ڳالهيون بهتر نموني ٺهڪي اچن ٿيون. هن کي گرهن جي تبديلين جو حساب رکڻ لاءِ (epicycles)  ڪم آڻڻا پيا پر انهيءَ جو سبب به سندس اها سوچ هئي ته سڀئي جسم هڪ گول ۾ گردش ڪن ٿا. هن اهو گول وارو نظريو به يونانين ۽ خاص طور ارسطو کان ورتو هو.

ڪوپرنيڪس پنهنجا انگ اکر فوري طورعام نه ڪيا. کيس ٻه ڳالهيون روڪي رهيو هيون. هڪ ته کيس پنهنجي درست هئڻ جي مڪمل طور پڪ نه هئي ٻيو ته هو بائيبل کان ڊنل هو.

انهي وقت زنده ڪنهن به ماڻهو کان اها ڳالهه نه وسري هئي ته جوشئا سج کي هڪ جاءِ تي بيهڻ جو حڪم ڏنو ۽ اهو ائين بيهجي ويو هو، پر ڪوپرنيڪس جو اهو عقيدو نه هو ته بائيبل ڪو سائنس جو درسي ڪتاب هو. هو جيئن شخصي خدا ۾ يقين رکندو هو تيئن هو اهي ڳالهيون به مڃيندو هو ته بائيبل مذهبي وحي آهي، خدا جي طرفان آيل آهي ۽ اخلاق جو هڪ بهترين مجموعو پيش ڪري ٿي.

هن کي اها به خبر هئي ته ماڻهن جي وڏي اڪثريت بائيبل تي الف کان ي تائين يقين ڪري ٿي، انهي کان ٻاهر ڪنهن به قسم جي علم جي موجودگيءَ بابت شڪ شبهي جو شڪار آهي ۽ اهڙي ڪنهن به ڳالهه کي تسليم نه ڪندي جيڪا بائيبل جي بيان جي خلاف هوندي. ماڻهو جيستائين انهن سان متفق هوندو هو تيستائين اهي سهپ ۽ رواداريءَ جو مظاهرو ڪندا هئا. ڪوپرنيڪس ڪنهن تڪليف ۾ پوڻ نه ٿي چاهيو نه ته جنهن ماڻهو پنهنجي طرفان ٿوري سوچ ويچار ڪئي ٿي انهي لاءِ ڪنهن تڪليف ۾ پوڻ دنيا جي سڀ کان سولي ڳالهه هئي. هن پنهنجي نظريي کي رياضي جي ثبوتن سميت حسابي صورت ۾ آندو ۽ پوءِ مسودو ڪنهن جاءِ تي رکي انکي وساري ڇڏيو، پوءِ هو مريضن جي سارسنڀال لهندو ۽ پنهنجون چرچ واريون ذميواريون سنڀاليندو رهيو ۽ گڏوگڏ سوچ ويچار به ڪندو رهيو.

 

4

هن کي شهرت بابت ذري برابر به پرواهه نه هئي، هن صداقت تائين پهچڻ گهريو ٿي ۽ اها هٿ ڪرڻ کانپوءِ اها ٻين تائين پهچائڻ گهريائين ٿي. تنهنڪري جڏهن جارج جو شم (George Joachim) اچي پڇائون ڪيون ته هن جيڪو ڪجهه دريافت ڪيو هو انهي نوجوان کي ٻڌائي ڇڏيائين ۽ کيس پنهنجو ڪتاب به ڏيکاريائين. جوشم وٽن برگ جي لوٿرن يونيورسٽي ۾ رياضي جو پروفيسر هو ۽ هو پڻ صداقت جو ڳولهائو هو. اها ڳالهه نه آهي ته لوٿر (جرمني جواصلاحي تحريڪ جو اڳواڻ 1546- 1483ع سنڌيڪار) جي پوئلڳن ڪڏهن بائيبل جي سائنسي ڏاهپ ۾ ڪنهن شڪ شبهي جو اظهار نه ڪيو هو. لوٿر گهڻو پڙهيو هو، گهڻي سوچ ويچار ڪئي هئي ۽ بيماريءَ جي جيوڙڻ ۾ شيطان جي هئڻ جي مخالفت ڪئي هئائين. پر اهڙي ماڻهو به انهي نئين نظريي کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو ۽ ڪو پرنيڪس کي بيوقوف سڏيو. اهو لفظ جرمن سميت ڪنهن به زبان ۾ اچارڻ ڏاڍو سولو آهي.

جوشم پنهنجي چرچ جي اڳواڻ سان سهمت نه ٿيو ۽ فوراً ڪوپرنيڪس جي ڪتاب The Revolution of The Heavenly Bodies)  جي ڇپائڻ تي زور ڀريو. ڪوپرنيڪس آڻ مڃي ڇڏي. هو پوڙهو ٿيندو پئي ويو ۽ سندس صحت به خراب ٿيندي پئي وئي. پادري کيس ڪو گهڻو نقصان نه ٿي پهچائي سگهيا. اوچتو موت اچي سمورو معاملو ختم ڪري ڇڏي ها. انهي هوندي به هن ڪي اجايا خطرا نه کنيا. هن پوپ پال ٽئين کي مخاطب ٿيندي مهاڳ لکيو جنهن ۾ تمام مصالحت آميز ۽ معذرت خواهاڻو انداز اختيار ڪندي لکي ٿو:

”آءُ اها ڳالهه بلڪل سولائي سان سمجهي سگهان ٿو ته جيئن ئي ماڻهن کي خبر پوندي ته مون هن ڪتاب ۾ زمين سان ڪاچُرپر منسوب ڪئي آهي ته اهي فوراً رڙيون ڪرڻ لڳندا ته مون ۽ منهنجي نظريي کي رد ڪيو وڃي. مونکي پنهنجي سوچ جي نتيجن سان ايتري به محبت نه آهي جو آءُ انهي جو به خيال نه رکان ته ٻيا ماڻهو انهي بابت ڇا سوچيندا... تنهنڪري مون جڏهن انهي معاملي جو غور سان جائزو ورتو ۽ مونکي جڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي ته ماڻهو جڏهن منهنجي نظريي جي نواڻ ۽ ان جي بظاهر فضول نظر ۾ اچڻ سبب مون کان نفرت نه ڪرڻ لڳن ته آءُ پنهنجي شروع ڪيل ڪم تان لڳ ڀڳ دستردار ٿيڻ لاءِ به تيار ٿي ويس.“

ڪو پرنيڪس پنهنجي انهي عجيب مهاڳ جي آخر ۾ وري ڏاڍو آزاد ۽ مضبوط انداز اختيار ڪندي لکي ٿو:

”پر جيڪڏهن ڪي اهڙا واندا ڳالهير پيدا ٿي ٿا پون جيڪي رياضي جي ڪابه ڄاڻ نه رکڻ جي باوجود به هنن ڳالهين بابت فيصلو ڏيڻ جو حق ڪم آڻي ٿا وجهن ته مونکي انهي جي ڪابه پرواه نه آهي. آءُ ته انهن جي راءِ کي احمقاڻو چئي ڌڪاري ڇڏيندس.“

اهڙي مهاڳ سان اهو عهد ساز ڪتاب دنيا جي حوالي ڪيو ويو. توهان اهو ڪڏهن به نه سمجهجو ته اهو فوراً مشهور ۽ Best Seller ٿي ويو، ڪڏهن به نه! ماڻهن انهي کي ڌڪاري ۽ رد ڪري ڇڏيو ۽ ڪوپرنيڪس جي مرڻ کانپوءِ چرچ انهي کي مردود قرار ڏئي ڇڏيو. انهي کي تمام ٿورن ماڻهن تسليم ڪيو جڏهن ته انهي تي کلڻ وارا گهڻا هئا. عام رواجي ماڻهو جي نظر ۾ اهو بلڪل احمقاڻو ۽ ديني عقيدن جي بلڪل خلاف هو. ڪو پرنيڪس خود بهرحال چٿرن چوٽن توڙي واکاڻ کان بچي ويو.

 

5

هن پوڙهي طبيب پادري کي ٿوري دير لاءِ فرائن برگ ۾ پنهنجا هلڪا ڦلڪا ڪم ڪار ڪندي تصور ڪريو. هو خدا ۽ انسانن جي خدمت ۾ پوڙهو ٿي چڪو آهي. هن گهڻي سوچ ويچار ڪئي آهي ۽ سخت ڪم ڪيو آهي ۽ هاڻي سندس ڪم لڳ ڀڳ پورو ٿي ويو آهي. جوشم جڏهن ڪتاب ڇپرائڻ تي زور ڀريو ته انهي ۾ ڪوشڪ نه آهي ته اهو پوڙهو شخص ڏاڍو خوش ٿيو هو. هن جي سموري زندگيءَ ۾ هن کي غير معمولي شين سان ورلي ئي ڪو واسطو پيش آيو هو. هن انسانن جي ڏکن ڏاکڙن جي ويجهو زندگي گذاري هئي. طبيب ۽ پادري انسانن کي سندن سڀ کان ڏک وارن لمحن ۾ ڏسندا آهن. تنهنڪري اها ڳالهه بلڪل اڻٿيڻي نه ٿي لڳي ته هن ٽيهن ورهين تائين فرائن برگ جي اڌ آبادي جا بار پنهنجن ڪلهن تي کنيا هئا.

ڪوپرنيڪس پاڻ کي ڪڏهن به ڪو عظيم ماڻهو نه سمجهيو هو. ارسطو وڏائي سان ڀريل هو ۽ راجر بيڪن پنهنجي ڏاهپ کان با خبر هو پرڪوپرنيڪس جي ذهن ۾ هڪ گهڙي لاءِ به اهو خيال نه آيو هو ته سندس نالو ايستائين زنده رهندو جيستائين دنيا موجود آهي. سندس ڪتاب شايع ٿيڻو هو انهي تي کيس ڏاڍي خوشي ته هئي پر هو ڊنل هو ۽ ڪجهه غمگين به هو. هن کي خبر هئي ته جيڪو ماڻهو اڪيلو هلڻ جي جرئت ڪري ٿو دنيا ان سان ڪهڙو سلوڪ ڪري سگهي ٿي.

هن شايد ته هِتي هُتي پنهنجي ڪنهن ويجهي دوست جي ڪنن ۾ سرٻاٽ ڪري ڇڏيا هئا ته سندس بابت وڏيون ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ خدا شال سندس مدد ڪري. پر هن کي اها خبر نه هئي ته سندس ڪتاب جڏهن وڏن پادرين جي هٿن ۾ پهچندو ته ڪهڙو ممڻ مچندو.

هو خوشي ۽ جوش ۾ ڀريل هو انهي ڪري بيمار ٿي بستري ۾ پئجي رهيو. هو اتي انتظار ڪندو رهيو پر ڪتاب اچڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو ۽ نه ئي موت ٿي آيو. هو ڪمزور ٿيندو ويو پر اڃا سندس اميد باقي هئي. آخر اميد جو ڏيئو به وسامي ويو. هن مان آهستي آهستي روح نڪرندو پئي ويو ۽ پوءِ تڙتڪڙ ۾ ڪتاب جي هڪ ڪاپي هن وٽ آندي وئي. ڪتاب سندس هٿن ۾ ڏنو ويو. انهي تي سندس آڱريون پيار سان ڦرنديون رهيون جو هاڻي اکين ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. پوءِ هو هڪ ڪلاڪ جي اندر فوت ٿي ويو.

 

6

بطليموس هڪ هزار ورهين کان وڌيڪ عرصو راڄ ڪيو هو. انهي پادري ۽ ڊاڪٽر جنهن جي هٿن ۾ تازو ڇپيل ڪتاب پڪڙيو پيو هو ۽ پاڻ هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو هو. هن انهيءَ ٻهروپيي کي تخت تان لاهي ڇڏيو هو ۽ باغين جي انهيءَ ننڍڙي گروپ ۾ شامل ٿي ويو جن دنيا جي تاريخ تي تمام وڏو اثر وڌو آهي.

فرانس بيڪن جنهنکي سائنس اهڙي ماڻهو جي حيثيت ۾ سڃاڻي ٿي جيڪو سدائين غلط هو. انهي ڪو پرنيڪس جي وفات کان 50 ورهيه پوءِ لکيو!

”هو جيڪي ڪيتريون ئي ڳالهيون فرض ڪري وٺي ٿو انهن مان هڪ اهڙي شخصيت جو ڏس ملي ٿو جيڪا فطرت ۾ ڪنهن به قسم جون هٿ ٺوڪيون ڳالهيون شامل ڪرڻ نه ٿي چاهي پر شرط اهو آهي ته سندس انگ اکر درست هجن بيڪن رياضي جي ڪابه ڄاڻ نه رکندڙ هڪ اهڙو ڳالهير هو جنهن بابت ڪوپرنيڪس ڌڪارجا لفظ ڪم آندا آهن. هن عظيم فلڪيا تدان جي سچي ڪٿ اِي. ايف. سي مورٽن ڪئي آهي جنهن لکيو ته:

”پوڙهي راهب جي ڌنڌلي تصوير پنهنجي آسپاس موجود سادڙن بيعقل ماڻهن مان مٿي اڀرندي نظر اچي ٿي ۽ انهن تي پوندڙ ڪوهيڙي کي پنهنجي مٿي سان چيري اڀرندڙ سج جا پهريان ڪرڻا جهٽي وجهي ٿي.“

سادي، صابرين ۽ باهمٿ ڪوپرنيڪس سچ لاءِ کوجنائون ڪيون ۽ اهو جڏهن روشني ۾ اچي ويو ته انهي کي سڃاڻي ورتو. هن وٽ نه ئي گليلو جهڙي ڀڙڪا ڏيندڙ ڏاهپ نه ئي ڪيپلر جهڙي رياضيائي طاقت هئي، پر هو اهڙي وقت ۾ بهادر ٿي رهيو جڏهن هن جي چوڌاري سڀ بد اعمال هئا. هو ڄائي ڄم کان روايتن جا بت ڀڄندڙ هو ۽ هن وڏين ڪوششن سان سخت وار ڪري بطليموس کي تباه ڪيو ۽ هڪ وڌيڪ غلطي کي دنيا ما ڌڪي ٻاهر ڪڍيو.

 

باب تيرهون

 

پيرا سيلس

باسل ۽ باسل يونيورسٽي پاڻ مان مطمئن، ٿڌن ٿانهيرن ۽ مانائتن ماڻهن واريون زندگيون گذاري رهيا هئا. شهر جا رهواسي خدا ۽ چرچ جو خوف رکندڙ ماڻهو هئا ته پروفيسر وري پوڙها دقيانوسي سوچ رکندڙ ماڻهو هئا. جيڪي ڪتابن ۾ حقيقتن طور بيان ٿيل هر ڳالهه کي تسليم ڪري وٺندا هئا. انهن حقيقتن ۾ سوين غلطيون به شامل هونديون هيون جن کي ارسطو ۽ جالينوس لافانيت بخشي ڇڏي هئي. انهن بابت نه ڪنهن شڪ شبها اٿاريا نه ڪنهن انهن جي چڪاس ڪئي. هر ڪو انهن کي مطلق صداقتن وانگر ٻين ڏانهن منتقل ڪندو رهيو.

اها سموري منتقلي لاطيني زبان ۾ ٿيندي هئي. ڪنهنکي به خبر نه هئي ته انهيءَ جو سبب ڪهڙو هو پر جيئن هيمشه کان ائين ٿيندو رهيو هو تنهنڪري لازماً درست ئي هوندو. سائنس ۽ فلسفي جا اسرار ڏاڍا گهرا هئا تنهنڪري اهي بيهودي جرمن زبان ۾ بحث هيٺ نه ٿي اچي سگهيا.

 

2

باسل جي شهر ۾ اونهاري  جي موسم آهي- 1526ع جوسن آهي. شهر جي پڙهيل لکيل حلقن ۾ هڪ قسم جي هلچل پيدا ٿي وئي آهي ته هڪ مشهور ڊاڪٽر انهن سان ملڻ پيو اچي. اهي پاڻ ۾ ڳالهيون پيا ٿا ڪن ته اهو پيرا سيلس ڪهڙي قسم جو ماڻهو ثابت ٿيندو. سندس علاجن بابت خبرون هن کان اڳ ئي پکڙجي ويون آهن. هي معجزا ڪري ڏيکاريندڙ ماڻهو آهي. فقط ڪو ڊاڪٽر اهڙا ڪم نه ڪري سگهندو جهڙا هي ڪري ٿو. اهي هن ڳالهه تي متفق ٿي وڃن ٿا ته اهو يا ته شيطان جي اثر ۾ آهي يا کيس پنهنجي خالق طرفان ڪو وڏو ايمان جو تحفو عطا ٿيو آهي.

اهي انهن ڳالهين ۾ ئي لڳاپيا آهن ته پيراسيلس اچي وڃي ٿو. هو پهرئين نظر ۾ ئي ڪجهه زبرو ماڻهو ٿو لڳي. سندس وڏي مٿي تي بخمل جي ٽوپي پاسيري ٿي رکي آهي. سندس وڏا وار جوش سان ڀريل منهن جي چوڌاري فريم ٺاهيو بيٺا آهن. سندس ڪارين چمڪندر اکين جي ڪنارن وٽ کِلڻ سبب گهنج پئجي ٿا وڃن. هو جسم ۾ ڀريل آهي ڪلها موڪرا اٿس ۽ پنهنجي ڪم ۽ حالتن بابت پر اعتماد ماڻهن وانگر ڄمائي پير رکي رهيو آهي.

سندس پاسي ۾ تلوار کڙکڙ پئي ٿي ڪري ۽ سندس چوغو هوا ۾ اٿلجي باربار پوئتي پيو ٿو وڃي. هو ڪنهن وڏي طبيب بجاء ڪو ڌمچر مچائيندڙ ويڙهو وڌيڪ ڏسڻ ۾ پيو اچي. سندس طبيعت جو چڱو خاصو لاڙو ٻنهي پاسن ڏانهن آهي.

شهر جا پروفيسر ۽ اهم شخصيتون هن ڏانهن چتائي ڏسي رهيا آهن پر هو جڏهن انهن سان مخاطب ٿئي ٿو ته انهن جي لاتعلقي ختم ٿي وڃي ٿي. سندس آواز ڪو جادوئي اوزار آهي اهو حرارت، موسيقي ۽ پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ واري خلوص سان ڀريل آهي، هو انهي ذريعي دوست ٺاهي ٿو. پنهنجي پٺيان ماڻهن جا حشام هلائي ٿو. ساڳئي آواز سان هو ڪنهن مسئلي ۾ وڃي ڦاسي ٿو ۽ وري اتان نڪري به اچي ٿو.

اهڙي ڳالهين هوندي جيڪڏهن کيس ڳالهيون ٻولهيون هلائي شهر جي ڊاڪٽر واري نوڪري وٺڻ ۾ ڪا ڏکيا ئي پيش نه ٿي اچي ته اها ڪا اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي. پيراسيلس ڪم تي چڙهڻ کانپوءِ مصروف ٿي وڃي ٿو، هن جي عمر اڃا 36 ورهيه آهي ۽ هو پاڻ کي ايترو جوان سمجهي ٿو جو پنهنجي ڪم لاءِ چڱو جوش ۽ جذبو اٿس ۽ اختياريون به سندس مدد ڪن ٿيون. اهڙو ڪو ماڻهو پيدا ئي نه ٿيو هوندو جيڪو ايترو جلدي ۾ دوست ٺاهي وٺي يا ايترو جلدي ۾ اهي وڃائي به ويهي. فقط چند ڏينهن ۾ هر طرف سندس ڌوم مچي وڃي ٿي.

اهڙين حالتن ۾ کيس يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ جي دعوت ڏني وڃي ٿي. انهن ليڪچرن کي اڳتي هلي طب ۽ يورپ جي ذهني ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪرڻو آهي پر پيراسيلس جي تباهي به انهن هٿان اچڻي آهي.

 

3

پيراسيلس يونيورسٽي جي دروازي تي پنهنجن ليڪچرن جو نوٽيس هڻي ڇڏيو. اهو ڪو نهٺائي وارو نوٽيس نه هو. هن پاڻ کي سڀ کان وڌيڪ ڄاڻو طبيب ڄاڻائيندي پاڻکي عظيم (Aureoles Theophrastus Bombastus von hohen heim) ڄاڻايو. هو اهو به چوندو رهيو ته هو جالينوس ۽ بوعلي سينا عرب جي ڪتابن مان ليڪچر نه ڏيندو. هو فطرت جي ڪتاب مان ليڪچر ڏيندو جنهن جي ورقن تي هو گهميو ڦريو آهي ۽ جنهن جا اسرار هن حاصل ڪري ورتا آهن.

هن انهي نوٽيس جي بيباڪي مان فائدو ورتو ۽ سندس ليڪچر جو ڪمرو ماڻهن سان ڀر جي ويو. پوءِ موجود  ماڻهن کي ڏاڍي حيرت ٿي جو هن جرمن زبان ۾ ڳالهايو. انهي تي ڪنهن کي يقين ئي نه پئي آيو. اها ته وڏي گستاخي واري ڳالهه هئي. شاگرد ته ڏاڍا خوش ٿيا پر پروفيسرن کي ڏاڍو صدمو پهتو.

پيراسيلس جنهن جي خود پسندي انهي نالي مان ئي ظاهر ٿي رهي هئي انهي ڊاڪٽرن ۽ منهن سُڃائي ويٺل پروفيسرن تي وارو وارلائي ڏني هن چيو ته هو اهڙن ماڻهن کان نفرت ڪري ٿو ۽ انهن کي ڌڪارجي نظر سان ڏسي ٿو جيڪي پنهنجون حياتيون هڪ شل ٿيل هٿ جي گرفت ۾ گذاري ڇڏين ٿا. ڇو ته ڪتاب مئل شيون آهن. فطرت زنده آهي، موهيندڙ آهي ۽ سچار آهي. جڏهن ته ڪتاب غلطين ۽ ڪوڙن سان ڀريل آهن، ڪتاب پڙهندڙ ماڻهو جاهل ۽ پاڻ مان مطمئن لڳا ويٺا هوندا آهن. جيستائين هن جو تعلق آهي ته هن ڪي به ڪتاب نه پڙهيا آهن. پر هن کي سڀني ڊاڪٽرن جي گڏيل ڄاڻ کان وڌيڪ علم آهي. پوءِ هن انهن تي حقيقتن جو مينهن وسائي ڏنو. هن انهنکي طب ۽ ڪيمسٽري بابت اهڙيون ڳالهيون ٻڌايون جيڪي انهن ڪڏهن خواب ۾ به نه ڏٺيون هيون. سندس سچ تي هئڻ بابت يقين جي جوش سندس لفظن ۾ اثر پيدا ڪيو، هو نه فقط پنهنجا ڪلاس هلائيندو رهيو پر پنهنجي دور جو هڪ عظيم ماڻهو ٿي چمڪيو.

 

4

پيرا سيلس جيڪا معلومات پنهنجن شاگردن جي سامهون ظاهر ڪندو رهندو هو ۽ جيڪا ڊاڪٽرن جي مغز ۾ اڇلائي ٿي هيائين اها آندي ڪٿان هئائين. انهن جا ٻه ذريعا هئا. هڪ فطرت ٻيو وراثت جنهن مان کيس اهڙي قسم جو ذهن مليو هو.

سندس پيءُ هڪ طبيب جو حرامي ٻار هو ۽ طبيب طور سکيا ورتي هئائين. سندس ماء نرس هئي ۽ آئن سيڊلن ۾ هڪ اسپتال جي سپرنٽنڊنٽ هئي. هؤ جڏهن وليم بامباسٽس وون هوهين هائيم سان ملي ۽ ان سان شادي ڪيائين ته نرسنگ جو ڪم ڇڏي ڏنائين ۽ ڊاڪٽر جي گهر واريءَ طور ذميواريون سنڀالڻ لڳي.

پيراسيلس اهڙي ماءُ جي گهر ۾ 1490ع ۾ پيدا ٿيو. هو اڃا ننڍو ئي هو ته پنهنجي پيء وٽ پڙهيو هو جنهن جو ظاهر آهي ته پراڻي مڪتب فڪرسان تعلق هو ۽ ان ۾ پنهنجي پٽ واري ڪا ڇتي انفراديت نه هئي.هو 16 ورهين جي ڄمار ۾ باسل يونيورسٽي ۾ داخل ٿيو جتي 20 سال پوءِ کيس ليڪچر ڏيڻا هئا.

سورهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي اسڪول جي معمول سندس دل کٽي ڪري وڌي ۽ هن بيزار ٿي اها جاءِ ڇڏي ڏني ۽ اسپون هائيم ويو هليو ۽ J. Trithemius   وٽ ڪيمسٽري پڙهڻ لڳو. هو انهي وقت انهي سائنس ۾ آخري لفظ سمجهيو ويندو هو. پر انهي کي سائنس به مروت ۾ چيو ويندو هو. اها اڃا ڪيمياگري واري درجي تي هئي. ليباريٽري ۾ سمورو ڪم پارس پٿر جي چوگرد ڦرندو هو.

اها خبر نه آهي ته پيراسيلس انهي سموري معاملي کي ڪهڙي نظر سان ٿي ڏٺو. پر هن ڪيمسٽري جي ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪئي ۽ پوءِ پنهنجي سموري زندگي انکي ڪم آڻيندو رهيو.

هن پُڇ پُڇ ڪندڙ ڇوڪري کي سپون هائيم ۾ به باسل کان وڌيڪ اهڙي ڪا شي نه ملي جنهن جي کيس تمنا هئي. هن فطرت کي چيري ڏسڻ چاهيو ٿي ته شين جا اصلي محرڪ ڪهڙا آهن. هن زندگي کي اصلي حالت ۾ ڏسڻ چاهيو ٿي. زندگي پنهنجي اصلي صورت ۾ ته ٽائرول (Tyrol) جي کاڻين وٽ هئي، اهي کاڻيون فوگر نالي هڪ امير خاندان جي ملڪيت هيون. هو انهي طاقتور خاندان جي مدد سان انهن جي سيرتي ويو هليو.

هن کي جنهن ڳالهه جي ڳولها هئي اها اتي ملي وئي. هن اهي ڪوششون به ڏٺيون جن جي ذريعي فطرت پنهنجي سون ۽ چاندي تان هٿ کڻي ٿي. هن انهن ڌاتن کي صاف ڪرڻ لاءِ گهربل ضروري محنت مان هڪ سبق سکيو. هن ٿڪل ٽٽل کُهيل ۽ مرڻ ڪنڌي تي پهتل ماڻهو ڏٺا، هن کي اهڙا ماڻهو به نظر آيا جيڪي حادثن ۾ چپجي ويا هئا. هن انهن تباهين جي فطرت پاران تلافي جو طريقو به ڏٺو. مختصر طور چئجي ته هن ٽائرول ۾ طبيب ٿيڻ لاءِ گهربل سڀ ڳالهيون سکي ورتيون.

هن اتي اهو پڪو پہ ڪيو ته هو ڪي به ڪتاب نه پڙهندو پر پنهنجي سموري ڄاڻ لاءِ سڌوسنئون اصل ذريعن ڏانهن ويندو. سندس انهيءَ عزم کيس ڏورانهن علائقن ۾ رولاڪين تي موڪلي ڇڏيو. هن جو چوڻ هو ته ماڻهو کي فطرت جو ڪتاب پڙهڻ ۽ سندس ورقن تي هلڻ گهرجي. انهي ڪري هو گهمندو رهيو ۽ ورهين تائين سموري يورپ ۾ رُلندو رهيو. هو سندس پنهنجي دعويٰ موجب شايد اوڀر ڏانهن به ويو هجي ۽ شام ۽ هندستان جي ڏاهپ کان به فيض پرايو هجي.

انهي ئي دور ۾ مٿس ” بي خبر سيلانيءَ جو نالو پيو. شايد ته انهي مان فقط سيلاني وارو لفظ ئي مٿس ٺهڪي آيو ٿي. اها به پڪ نه آهي ته هن وٽ ڪو پئسو ڏوڪڙ به هو يا نه. سيلاني طبيب طور هو ڪجهه ڪمائي وٺندو هجي ته ٻي ڳالهه آهي ته به اهاڪا وڏي آمدني نه هوندي. هن جو ڪجهه ماڻهن وانگر پئسي کانسواءِ گذارو سهوليت سان ته نه ٿيندو هوندو. هن جي ته شراب سان دل هوندي هئي ۽ هو سهڻا ڪپڙا پهري چيلهه سان تلوار لڙڪائي گهمڻ پسند ڪندو هو.

 

5

اهڙي طرح هو سموري يورپ ۾ لوڏ سان هلندو رهيو. هن پنهنجي دل گهرين دوستن سان ڇا پئي ڪيو انهي کي ته کڻي ڇڏيو پر هو پاڻ گهڻو وقت شاعر ۽ شاگرد ٿي رهيو. سندس حافظو بهترين هوندو هو. هو جيڪڏهن پنهنجي حاصل ڪيل حقيقتن کي لکندو نه ويندو هو ته به اهي سندس ذهن ۾ محفوظ هونديون هيون ۽ هو انهنکي وقت سرڪم آڻي سگهندو هو. مختلف ملڪن ۾ ماڻهو جن بيمارين جو شڪار ٿين ٿا هن انهن جو اڀياس ڪيو هو. هن مقامي علاجن جو تجزيو ڪري انهن ۾ بهتري آندي هئي. هن سچ چيو هو ته؛ ”مونکي پنهنجن ماڻهن کان واقف ٿيڻ لاءِ لازماً سڀني ماڻهن جي ڄاڻ رکڻي پوندي“. هو انهي ڪم تي لڳي ويو ۽ پکين وانگر بي نشان رستن تي رلندو رهيو.

هولٻاڙ گهڻي هڻندو هو. تنهنڪري ٻين کي بيوقوف بڻائيندي هو پاڻ بيوقوف ٿي ويو. هڪ وقت اهڙو به آيو جو هن کي پنهنجي انهي باربار ورجايل دعويٰ تي چڱو يقين ٿيڻ لڳو ته دنيا ۾ موجود سموري ڏاهپ هن وٽ ئي آهي. پر هن جيڪڏهن انهي معاملي  ۾ پاڻ کي دوکي ۾ رکيو ته به هو ٻين ڳالهين ۾ بلڪل سچو ۽ کرو هوندو هو. هو پنهنجي ڌنڌي بابت نهايت ئي آدرشي خيال رکندو هو. هو ڊاڪٽر کي اهڙو ماڻهو سمجهندو هو جيڪو سچ جي لاءِ هر ڪنهن کي منهن ڏئي وڃي ٿو ۽ انسانذات جي خدمت ۾ ڪنهن به قرباني کان نه ٿو ڪيٻائي.

هي ڌنڌو جنهنکي هن عزت ۽ شان ڏئي ان جو مان مٿاهون ڪرڻ ٿي چاهيو انهي ۾ وهمن سنن جي ڪري بگاڙ اچي ويو هو ۽ هيٺاهين ۾ ڪري پيو هو. تنهنڪري هن کي جهالت ۽ وهمن سنسن کان نفرت هئي. هن کي انهن ماڻهن کان به نفرت هوندي هئي جن جا ذهن بند ۽ جن جا مقصد ادنيٰ هوندا هئا. هن ۾ ڪنهن صليبي مجاهد وارو جوش هوندو هو. هو حقيقتن ۽ صداقت جي تلاش ۾ هوندو هو جن جي مدد سان پنهنجي دشمنن تي حملا ڪري ۽ پنهنجي اصلاح جي جنگ جوٽي ۽ کٽي سگهي.

 

6

 هي اهو ماڻهو هو جنهن جرمن زبان ۾ ليڪچر ڏئي ۽ ڊاڪٽرن خلاف وڏيون تقريرون ڪري باسل جا وڻ وڄائي ڇڏيا هئا. پيرا سيلس جيئن ڦٽڪارن جا تير وسائي رهيو هو ۽ باسل جي دانهون دانهن لڳي پئي هئي ته سندس هڪ تمام حيرت انگيز ۽ ڊرامائي عمل مان انهي کي ماٺ وٺي وئي.

هڪ دفعو شاگرد ڪو جشن ملهائيندي باه جو وڏو مچ ٻاريون انهي جي چوڌاري نچي ۽ ڳائي رهيا هئا ته يونيورسٽي جي سامهون واري دروازي مان پيراسيلس داخل ٿيو. سندس ٽوپي هميشه وانگر پاسيري لڳي پئي هئي پر سندس منهن مان ڪنهن مذهبي شدت پسند واري روشني تجلا ڏئي رهي هئي. هو پنهنجن هٿن ۾ ٻه ڪتاب کنيون مٿي کان مٿي جهليون بيٺو هو جيئن سڀ ماڻهو ڏسي سگهن. انهن مان هڪ ڪتاب ديوتا جي مرتبي تي پهتل جالينوس ۽ ٻيو عظيم الشان بوعلي سينا جو هو.

”هي ڏسو!“ پيراسيلس رڙڪئي، ”قديم جو موت ۽ نئين جو جنم“ انهن لفظن سان هن ٻئي ڪتاب باه ۾ اڇلائي ڇڏيا ۽ چيائين:” ڀلي ته انهن جون غلطيون ۽ ڪوڙي تعليم سڙي ختم ٿي وڃي. انهن ۾ جيڪو سچ آهي اهو تباه نه ٿو ٿي سگهي.“

انهيءَ عمل ۾ انسان جو روح ڀڙڪا ڏئي رهيو هو. هن کي ڪابه ڪهل نه ٿي آئي جو هو سچ جو ڳولهائو هو.

طب جي خدائن جي اهڙي بيعزتي تي باسل اهڙي بدعتي خلاف نفرت ۾ ڀرجي ويو. ويندي سندس شاگردن کي به صدمو رسيو. اڳ ۾ جيڪي ماڻهو هن کان ڊڄندا هئا انهنکي به عام روش مان هٿي ملي وئي ۽ انهن هن تي حملا شروع ڏنا. هن کي نيم حڪيم ڪوٺي ننديو ويو ۽ سندس ڪردار تي گند اڇلايو ويو. هن کي چيلينج ڪيو ويو ته هو ثابت ڪري ڏيکاري ته هن وٽ ڊاڪٽر جي ڪا ڊگري آهي. سندس طور طريقن، سندس دعوائن ۽ سندس وڏائي تي چٿرون ڪيون ويون، کيس بهتانن ۽ ڪوڙن سان ڀري ڇڏيو ويو. سندس مقبوليت راتو رات ختم ٿي وئي ۽ هو دشمنن جي شهر ۾ اڪيلو بيٺو دشمنن سان وڙهي رهيو هو.

انهيءَ هوندي به هو ڊاڪٽرن کي ٻڌائيندو هو ته هو سندن بابت ڪهڙي راءِ رکي ٿو ۽ هيلٿ آفيسر طور پنهنجو ڪم ۽ بيمارن جي تيمار داري جاري رکيون آيو. هو روڪڻ جو نه هو حالتون سندس مڪمل خلاف هيون ته به هو جنگ جاري رکيون آيو. هو جيتوڻيڪ مات کائي چڪو هو پر هن طب جي سڪل هڏن کي لوڏي ڇڏيو هو، هن هڪ باهه دکائي ڇڏي هئي ۽ انکي وڃڻا هڻي هڪ وڏو مچ مچائي ڇڏيو هئائين.

 

7

ماڻهو پيراسيلس کان نفرت ڪندا هئا پر سندس علاج ۽ سندس مهارت جي ساک ڀريندا هئا. هو جيتوڻيڪ ڊاڙي هو ۽ ماڻهن کي پسند نه هو پر پنهنجي ڪم کان واقف هو جڏهن ڪو مريض بلڪل آخري حالت کي پهچي ويندو هو ۽ پراڻي دور جا ڊاڪٽر ناڪام ٿي ويندا هئا ته هن نيم حڪيم کي گهرايو ويندو هو.

جڏهن ڪينن ڪارنيلس پاڻ کي مرڻ ڪنڌي تي سمجهڻ لڳو تڏهن به اها صورتحال واقع ٿي. ڊاڪٽرن به ائين ئي ٿي چيو. ڪارنيلس کي خبر هئي ته فقط هڪ ماڻهو کيس بچائي سگهي ٿو. تنهنڪري هن پيراسيلس ڏانهن نياپو موڪليو.

ڪارنيلس انهيءَ هلڪڙي ماڻهو کي سخت ناپسند ڪندو هو. پر هن زنده رهڻ چاهيو ٿي. پيراسيلس ڪارنيلس جو معائنو ڪيو ۽ چيائين ته هو هن جو علاج ڪري سگهي ٿو؛ پر هن کي خبر هئي ته هن جو معاملو هڪ دشمن سان آهي تنهنڪري ٻيو ڪجهه به ڪرڻ کان اڳ في بابت ڳالهايائين. هن هڪ وڏي قيمت رکي ۽ چيائين ته ”جيڪڏهن آءُ تنهنجو علاج ڪري وڃا ته پوءِ اها رقم ادا ڪئي وڃي“، ڪارنيلس وڏي شوق سان ها ڪئي. هو ڄڻ ته پنهنجي زندگي خريد ڪري هيو هو. پيرا سيلس سندس علاج ڪري ڇڏيو.

پوءِ هن پئسا وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پرڪارنيلس هن تي کلڻ لڳو ۽ چيائين ته في تمام ڳري آهي ۽ هو اها ڳالهه ڪورٽ ۾ به ثابت ڪري سگهي ٿو. هن کيس گهربل رقم جو ڪجهه حصو ڏيڻ جي آڇ ڪئي. انهي کان انڪار ڪيو ويو. سيلاني جي قيمت مقرر ٿيل هئي ۽ هن کي ڏاڍو عزت جو احساس به هو. هن کي پيشيوراڻي فخر جو احساس هو ۽ ڪارنيلس انهي کي هاڃو رسايو هو.

هن ڪورٽن ۾ اپيلون ڪيون. جج فطرت توڙي عادت جي لحاظ کان قدامت پرست ٿيندا آهن. پيراسيلس به وڏو ويڙهاڪ هو. هو مروج طريقن ۽ دستور جي سخت خلاف هو. هاڻي کيس پنهنجين حدن ۾ رکڻ جو موقعو اچي ويو هو. ججن ڪارنيلس جو پاسو ورتو ۽ پيراسيلس جي دعويٰ رد ڪئي وئي.

پيراسيلس سمجهيو ٿي ته هن سان ڏاڍو خراب ورتاء ٿيو آهي. هن ڏاڍن سخت لفظن ۾ پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن هر ڪنهنکي بلڪل صحيح ٻڌائي ڇڏيو ته هو ڪارنيلس، ججن ۽ سموري نظام بابت ڪهڙي راءِ رکي ٿو. سندس زبان ڏاڍي سخت ۽ ڪنهن به مصلحت کان خالي هئي. انهي مان کيس ڪو به فائدو نه پهتو رهندو انهي سندس دشمنن ۾ هلچل مچائي انهنکي متحد ڪري ڇڏيو.

 

8

پيراسيلس کي باسل ۾ رهندي ٻه سال به نه گذريا هئا. هن شهرت ۽ مقبوليت حاصل ڪرڻ کانپوءِ اهي وڃائي به ڇڏيون هيون. سندس بچاء ۽ مدد ڪرڻ وارا ڪي چند ماڻهو وڃي بچيا هئا.

ڪارنيلس، ڊاڪٽر، پروفيسر، جج سڀ سندس خلاف هئا. هنن انهيءَ معاملي تي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون ۽ انهي ڏکيائيون پيدا ڪندڙ کان جان ڇڏائڻ جو فيصلو ڪيو. انهن مان اڪثر ماڻهن جي مرضي هئي ته هن کي فقط شهر نيڪالي ڏئي ڇڏجي پر ڪجهه ماڻهن جي خواهش هئي ته کيس موت جي سزا ڏني وڃي اهڙن ڪجهه ماڻهن پنهنجون رٿائون تيار ڪيون. پيراسيلس پنهنجي جوشيلي انداز ۾ انهن، سندن ابن ڏاڏن ۽ سندن اولاد کي بيعزتو ڪيو هو. اهو ڏاڍو خراب زمانو هو ۽ انصاف کي گهڻو ڪري خانگي معاملو سمجهيو ويندو هو. ڊاڪٽر کي مارڻ يا ڪو عضوو وڍڻ سان انهن جي عزت نفس ۽ امن امان بحال ٿي ويندو.

هڪ دوست انهي رٿا کان واقف ٿي ويو ۽ جڏهن بدلي جي باهه ۾ سڙندڙ اهو ٽولو وار ڪرڻ لاءِ تيار ٿي رهيو هو ته هن پيراسيلس کي چتاء ڏئي ڇڏيو، ڊاڪٽر گيدي ته نه هو پر ٻارهن ماڻهن سان مهاڏو نه ٿي اٽڪائي سگهيو. تنهنڪري هو ڀڄي ويو. هن وٽ پنهنجي ڪابه شي کڻڻ جو وقت نه هو. هو رات جي وقت ۾ تڙتڪڙ ۾ باسل مان نڪري ويو ۽ اوڏانهن وري ڪڏهن واپس نه ويو. هن پنهنجن ڳاڻ ڳڻين دوستن، ڪتابن، اوزارن ويندي ڪپڙن تان به هٿ کڻي ڇڏيو. هو اڪيلو هٿين خالي ورهين جي رولاڪي تي نڪري پيو. بلڪل آخر ۾ ٿوري وقت کانسواءِ هن کي وري ڪڏهن گهر نه مليو. باسل کيس جيڪي ڌڪ هڻندو رهيو هو انهن کان ڪڏهن به جان ڇڏائي نه سگهيو.

 

9

انهي هوندي به هن آڻ مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. هو هلندو. پنهنجي سرڪشي جو آواز اٿاريندو، ڍانچا کڙڪائيندو ماضي تي ڦٽڪار وجهندو ۽ پره ڦٽي جي آگاهي ڏيندو رهيو. ڪولمر، نيوريمبرگ ۽ اپينزيل جي شهرن سندس آواز ٻڌو پر وري باسل مان اٿندڙ طوفان هن طب جي پيغمبر کي نون ميدانن ۾ آڻي ڦٽو ڪيو. باسل هميشه سندس پٺيان لڳو آيو. هو ڪو به پڪو ٺڪاڻو نه ڳولهي سگهيو. گلائون ۽ غيبتون سندس پٺيان لڳيون آيون. هو ورلي ئي ڪنهن شهر ۾ ڪجهه مهينن کان وڌيڪ عرصو رهي سگهيو. هو سال جيترو وقت ته ڪٿي به نه رهيو.

هن پنهنجي زندگي اڻ هوند ۽ غربت ۾ گذاري. ڪٿي ڪي چند مريض ملندا ۽ ڪي معمولي فيون ملنديون هيس ته وري هو اڳيان ته پٺيان لوڌ ڊوڙندو ويندو هو. نه تجربو ڪرڻ ۽ ڪنهن ليباريٽري ۾ اوزار رکڻ جو موقعو ٿي مليس نه ئي ڪو فارغ وقت ٿي مليس جنهن ۾ ڪجهه لکي سگهي. هو هڪ بي گهر رولاڪ هو. هن اهڙي ئي حالت ۾ زيورچ، فافرز، مڊل هائيم، ميران، ولاڪ ۽ آگسبرگ جا شهر ڏٺا. هو هر شهر ۾ اڪيلو ۽ اجنبي ٿي رهيو. وٺ سٺ ڪندو ايندو هو شراب جا پيالا پيئندو وري اڳتي روانو ٿي ويندو هو. دنيا انهي کان وڌيڪ غمگين ۽ سفر جي مَرُمٽي سان ڀريل ڪنهن ڏاهي جي شخصيت وري ڪڏهن نه ڏٺي آهي.

ڏکي زندگي ۽ ڏکين سفرن سائنس ۾ نئين دور جي هن پرچارڪ کي پوڙهو ڪري ڇڏيو. وقت ۽ هل هلان هن جي روح کي ماٺو نه ڪري سگهيا. هن وٽ ٻڌائڻ لاءِ صداقت هئي جيڪا هورڙيو ڪندو دنيا کي ٻڌائيندو رهيو.

باسل مان ڀڄڻ وقت سندس عمر 39 وررهيه هئي. آخرڪار جڏهن کيس پناه ملي ته هو پنجاه سالن کان ٽپي هليو هو. هو ڏهن ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين يورپ جي رستن تي ڀٽڪندو رهيو. ماڻهو مٿس چٿرون ۽ ڀوڳ ڪندا رهيا. ڏهن ورهين کان وڌيڪ عرصي تائين ڏک سندس جگر پٽيندا رهيا. هو پنهنجي ڏاهپ ۽ قابليت کان واقف هو. هن کي پنهنجي پيغام جي طاقت جي به خبر هئي. پرچند ماڻهن کان سواءِ ڪنهن به سندس ڳالهه نه ٻڌي ۽ هن تي يقين نه ڪيو.

 

10

سلاسبرگ جي آرچ شپ ارنيسٽ سن 1541ع ۾ رولاڪ کي گهر گهرايو. پيراسيلس تمام خوشي ۾ ويو. هاڻي کيس اهو موقعو ملي رهيو هو جنهن جي کيس تمام گهڻي وقت کان طلب هئي يعني ليباريٽري، فراغت، سڪون ۽ ڳڻتين کان ڇوٽڪارو. هاڻي هو پنهنجا خيال ڪاغذ تي لکي سگهيو ٿي پنهنجن نظرين جي چڪاس ڪري سگهيو ٿي ۽ ٻيا هزارين ڪم ڪري سگهيو ٿي جن جون هن رٿائون پئي رٿيون هيون ۽ خواب پئي ڏٺا هئا.

پر وقت ٿورو هو. سالسبرگ هن کان فقط ڪجهه مهينا ٿيا ته واقف ٿيو هو. خبر ناهي ڪهڙي چڻنگ ٻري جنهن هن حيران پريشان ديو جي زندگيءَ ۾ آخري وڏو واقعو رونما ڪري ڇڏيو. ٿي سگهي ٿو ته انهي جي شروعات باسل کان ٿي هجي ۽ ڪنهن دشمن سالسبرگ ۾ افواه پکيڙي ڇڏيا هجن. پيراسيلس اتي پاڻ کي محفوظ سمجهڻ جو حق رکيو ٿي. هن ڪوبه ڏوهه نه ڪيو هو ۽ کيس هڪ دوست به ملي ويو هو. وري پراڻا ڪوڙ ڪر کڻي بيهي رهيا. اهي ڳالهيون انسان جي برداشت کان ٻاهر هيون.

پيراسيلس نئين سر ڀڙڪو کاڌو، سندس نئون چوغو هوا ۾ اڏامي رهيو هو. سندس پراڻي تلوار پاسي ۾ کڙڪاٽ ڪري رهي هئي. سندس ٽوپي اڃا به مٿي تي پاسيري رکي هئي. سندس وڏو مٿو هاڻي اڇو برف ٿي ويو هو ۽ سندس منهن ۾ ڏاڍا گهنج پئجي ويا هئا. پر سندس اکين ۾ سرڪشي اڃا چمڪي رهي هئي. هو 24- سيپٽمبر 1541ع جي انهي موتمار گهڙيءَ ۾ انهي شراب خاني ۾ به ڪنهن افواه ساز جي پٺيان ته نه ويو هو؟ يا هو فقط هڪڙو جام نوش ڪري دل وندرائڻ ۽ ڪنهن دلپسند واقف ڪار سان ٻه چار ڳالهيون ڪرڻ ويو هو. ڪم بهرحال ڪهڙو به هوس هو انهيءَ ڪمري ۾ داخل ٿيو ته موت به سندس پٺيان لامارا ڏيندو آيو.

معاملو جلد ئي ختم ٿي ويو. ڪنهن ڪو حقارت ڀريل لفظ چيو، ڪنهن ڪا پراڻي بيعزتي واري ڳالهه کولي وڌي ۽ اوچتو سندس اها تيز طبعيت اڀري آئي جنهن کيس باسل مان ڪڍ رايو هو. پر پيراسيلس هاڻي پوڙهو ٿي ويو هو ۽ ڀڄي ڀري پيو هو. جنهن فوري تڪڙي رد عمل کيس هزار دفعا بچايو هو هن دفعي انهي ۾ اڌ سيڪنڊ جيتري رنڊڪ اچي وئي ۽ پنهنجي وقت جو عظيم ڊاڪٽر مٽي جو ڍير ٿي ويو.

 

11

يا توهان سندس موت بابت ڪنهن ٻي روايت تي يقين ڪنداؤ؟ پيراسيلس ٻاهر واڪ ڪرڻ ويو هو ۽ پنهنجي دلپسند فطرت جي مهربان رخ جي مشاهدي ۾ مصروف هو. هو هڪ جابلو چوٽي جي ڪناري تي بيهي رهيو. سندس منهن لهندڙ سج ڏانهن هو ۽ ڪي ڳرا پاڇا سندس پٺ تي هئا. هيٺ گهڻو هيٺ چمڪندڙ واري ۽ پٿرن تي پاڻي وهندو پئي ويو. اهو عظيم انسان محفوط ۽ پُرسڪون بيٺو هو. هن جي ذهن ۾ وڃايل ورهين ۽ پنهنجي ليباريٽري کان پري گذاريل وقت جا خيال نه پر سامهون رکيل ڪم ۽ ڏکين مسئلن کي حل ڪرڻ جا خواب هئا.

هو ڪائناتي طاقتن ۽ انهي ڪائنات بابت سوچي رهيو هو جنهن جو هو هڪ حصو هو ۽ جيڪا هڪ مڪمل وحدت هئي. سندس ايمان تمام وڏو هو ۽ سندس سيني ۾ ڏاڍو سڪون هو.

سندس پٺيان ڪجهه چرپر ٿي ۽ پاڇن مان پاڇا وڌندا آيا. پوڙهي ويڙهاڪ جو مٿو مٿي ٿيو ۽ سندس هٿ تلوار جي دستي ڏانهن وڌيو. پر تيستائين گهڻي دير ٿي وئي هئي. پيراسيلس مختصر جهڙپ کانپوءِ پٿر جي ڪناري تان هيٺ ڪري پيو ۽ ڍرڪندو پٿرن سان چٿبو هن دنيا ۾ هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.

هن انسان کي شراب خاني ۾ يا جبل تي قتل ڪندڙ ڪميڻن جا نالا تاريخ ۾ نه ٿا ملن.

پر انهن هٿان شڪار ٿيل زنده آهي ۽ وڌ کان وڌ مضبوط ٿيندو پيو وڃي ۽ انسانن جي روحن کي جاڳائيندڙ آواز بڻبو پيو وڃي، هو اسپينوزا، گليو، هاروي، لسٽر ۽ فيراڊي جهڙن لافاني باغين جي ننڍڙي ٽولي سان تعلق کي ٿو.

 

12

پيراسيلس ڪو تخليقي ذهن. رکندڙ ڏاهو نه هو. هو روايتن جا بت ڀڃندڙ هو ۽ ڀوتن کي سيرون وجهندو هو. هن انهي سڪل هٿ کي ڪپي ڇڏيو جيڪو هزارين ورهين کان طب کي پنهنجي گرفت ۾ جهليون بيٺو هو. هن ستارن کان به پنهنجي اها حيثيت کسي ڇڏي ته اهي انساني معاملن م ڪو سرگرم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن فطرت کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو ۽ سندس مٿي تي نئين عظمت جو تاج رکيو. هن انسانن جا ننڍڙا ڪتاب ساڙي ڇڏيا ۽ تجربي جي ٽيبلن ڏانهن ويندڙ رستو ڏيکاريو. نيون واٽون وجهندڙ جي حيثيت ۾ سندس مان تمام مٿاهون آهي. هو سچ جو اڻٿڪ، مدامي ۽ حوصلو نه هاريندڙ ڳولهائو هو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org