سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :11

هو سمجهي پيو ته هو هاڻي ٽائيڪو جون جدولون مڪمل ڪرڻ جي پوزيشن ۾ اچي ويو آهي. عظيم براهي جا سڀ ڪاغذ سندس هٿن ۾ هئا ۽ هن انهن تي ڪم شروع ڪري ڏنو. هاڻي براهي جي مصروف مائٽن دخل اندازي شروع ڪري ڏني ۽ مسودن تي پنهنجي دعويٰ ڪري اهي ڪيپلر کان وٺي ويا. جان اهي پاڻ وٽ انهي ڪري رکيا هئا جيئن هو پنهنجو واعدو پورو ڪري ۽ رڊ ولفي جدولون شايع ڪري سگهي.

جان کي واضح طور خبر نه هئي ته سندس نئين اعليٰ حيثيت ۾ سندس ذمي ڪهڙا ڪم آهن. اها گومگو واري ڪيفيت جلد ئي ختم ٿي وئي. رڊولف کي قسمت جو حال ٻڌائيندڙ جي گهرج هئي جيڪو ستارا پڙهي آئيندي جي اڳڪٿي ڪري سگهي. اها ته واهيات پائي هئي ۽ بيوقوفاڻو وهم هو پر رڊولف کي ته قسمت جو حال ٻڌائيندڙ جي گهرج هئي. بوهيميا ۾ حالتون خراب ٿينديون پئي ويون. رڊولف اهڙو ماڻهو نه هو جيڪو انهنکي درست ڪري سگهي. هو ڪڏهن به هڪ راءِ تي نه بيهندڙ، اڌ چريو، اعصابي مريض ۽ بادشاهه نه پر ڄڻ ته ڪو بادشاه جو پاڇو هو. هو حالتن کي بد کان بدتر ٿيندو ڏسندو ۽ ڏاڍي بيوسي ۾ حالتن جي ڄار ۾ ڦاسندو ويو. سندس اکين جي آڏو ڪٽرپڻي ۽ اڻ سهپ جا ٻج ڇٽبا رهيا جن Thirty years war جي صورت ۾ ڦاٽ کاڌو. اها انسانن پاران وڙهيل تمام خونخوار ۽ تمام بير حماڻي جنگ هئي.

ڇا؟ قسمت جو حال ٻڌائيندڙ؟ جيڪڏهن ڪو حال جو صاحب مستقبل تان پردو ڇڪي لاهي ڇڏي ها ته رڊولف غم ۽ خوف وچان مري وڃي ها.

ڪيپلر کي علم نجوم کان نفرت هئي. هن جي نظر ۾ ستارا اهڙا سهڻا اسرار هئا جن جا ڳجها قانون ڳولهي هٿ ڪرڻ جو هن عزم ڪري ڇڏيو هو. انهن سهڻين ۽ ڏورانهين شين جو زمين تي ٻن ٽنگن تي چرندڙ پرندڙ ننڍڙين شين سان ڪوبه واسطو نه هو.

انهن ڳالهين جي باوجود به ڪيپلر نجومي ٿي ويو ۽ رڊولف کي پنهنجا زائچا ٺاهي ڏنائين. انسانذات جي عظيم ترين تصوراتي ذهن کندڙ ماڻهو لاءِ اهو نيچ ڪم هو پر رياضيدان جي ڪٽنب کي زنده رهڻو هو ۽ بادشاهه جنهن پگهار جو واعدو ڪيو اها به نه ملي. هن کي واعدا، ادائيگي جا ڊرافٽ ۽ اهڙيون شيون گهڻيئي مليون پر اهي روڪ پئسن ۾ ڪڏهن به مٽجي نه سگهيون. زائچن مان بهرحال پئسا مليا ٿي ۽ جان جنم پتريون ٺاهڻ جي ڌنڌي ۾ لڳي ويو. هو فارغ وقت ۾ مريخ سان مٿا ڪٽ به ڪندو رهيو.

 

13

هن مريخ جي سج کان فاصلي ۽ انهي جي اسپيڊ ۾ تعلق دريافت ڪرڻ لاءِ ڪيترائي عجيب غريب مفروضا آزمايا ۽ رڃ ۾ ڊوڙون پاتيون. هن کي خبر هئي ته انهي جو ڪو قانون ضرور هوندو ۽ هن اهو دريافت ڪرڻ چاهيو ٿي. جيئن ته اهو بار بار سندس هٿن مان نڪتو ٿي ويو تنهنڪري هن عارضي طور اهو ڪم ڇڏي ڏنو ۽ پنهنجي توانائي رڊولفي جدولن کي ڏيڻ لڳو. هن کي انهن لاءِ سڀ کان شديد ضرورت پئسي جي هئي. هن رڊولف کي عرض ڪيو پر بادشاه جو خزانو خالي هو، بادشاه وٽان ڪابه مدد نه ٿي سگهي ها. تنهنڪري هن جدولن جو ڪم رکي ڇڏيو.

بلڪل انهي وقت ڪيسيو پيا (Cassiopeia) ۾ هڪ نئون ستارو ظاهر ٿيو. انهي مان جان کي علم نجوم تي هڪ نظر وجهڻ جو موقعو مليو ۽ هوهيئن اڳتي وڌيو:

اها ڳالهه طي ڪرڻ ڏاڍي ڏکي آهي ته هي نئون ستارو ڇا جو سوڻ ٿيندو پر ايتري پڪ آهي ته هن جي اچڻ سان يا ته ڪجهه به نه ٿيندو يا ته اهو انسانذات کي اهڙين عظيم ڳالهين جي خبر ڏئي ٿو جيڪي انساني سمجهه ۽ ادراڪ کان ٻاهر آهن. پهرئين ڳالهه ته اهو ڪتاب فروشن لاءِ تمام وڏن مونجهارن ۽ معمولي فائدن جي خبر ڏئي ٿو ڇاڪاڻ ته هر ڪو ماڻهو انهي بابت راءِ پيو ٿو ڏئي ۽ انهن راين کي منظر تي آڻڻ به چاهيندو. ٻيا پڙهيل، اڻ پڙهيل ماڻهو به ائين ئي چاهيندا ۽ ان جي مطلب کان واقف ٿيڻ چاهيندا. تنهنڪري جيڪو به انهن کي اهي ڳالهيون ٻڌائڻ جي دعويٰ  ڪندو هو انهن ليکڪن جا ڪتاب خريد ڪندا. آءُ اهي ڳالهيون فقط مثال طور ٿو بيان ڪريان. ڇاڪاڻ ته ايتري ڳالهه جي ڪنهن وڏي مهارت کانسواءِ اڳڪٿي ڪري سگهجي ٿي. ته به ڪنهن لحاظ ائين ٿيڻ ايترو مشڪل نه آهي جو ڪو چريو، ڪو بڇڙو، ڪو ڪچي اعتقاد وارو جيڪو پاڻ کي وڏو پيغمبر ثابت ڪرڻ چاهيندو هجي يا ڪوسٺو بنياد رکندڙ ڪو طاقتور نواب انهيءَ مظهر کان خوش ٿي انهي ڪري ڪانئين رٿا شروع ڪري ته خدا انهنکي اونداهي ۾ روشني ڏيڻ لاءِ هي ستارو ڪڍيو آهي.

 

14

جيئن ته جدولن لاءِ ڪو پئسو نه هو ۽ نه ئي ويجهڙائي ۾ مريخ تي سوڀ حاصل ڪرڻ جو ڪو امڪان هو تنهنڪري جان پنهنجي توجه روشني ڏانهن ڪري ڇڏي هن گهاٽن جسمن ۾ روشني جي موڙ (Refraction) جو اڀياس ڪيو ۽ انهي بابت لکيو. هو انهي مسئلي تي گهڻو اڳتي نه وڌي سگهيو ۽ اصل ڪم آئيندي جي تحقيق ڪارن لاءِ ڇڏي ويو. هو هن ئي ڪم ۾ مصروف هو جو گليلو جي دوربين بابت ڳالهه ٻڌائين. هن چيو ته ٻه اپٽيل شيشا اهڙي طرح ڪم آندا وڃن جيئن اصلي شبيهه نظر اچي سگهي ۽ ريفرنس لاءِ پيمائش واريون تارون ڪم آنديون وڃن. اهڙو ڏاهپ وارو اشارو ڏيڻ کانپوءِ هن انهي ڳالهه کي اتي ئي ڇڏي ڏنو ۽ اوزار ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪيائين. اهو ڪم انگلينڊ جي گيسڪو ني (Gascoigne)  لاءِ ڇڏيو ويو جنهن ڪيپلر جي نظريي تي هلندي عام مشهور فلڪياتي دوربين ٺاهي.

جان اهو تقريباً سمورو وقت ننڍڙن ننڍڙن ڪمن ۾ مصروف رهيو. پنهنجي نوڪري وارو وقت پاڻ کي پگهار لائق بڻائيندو رهيو پر اهو پگهار هو ڪڏهن به نه وٺي سگهيو. هن نئين ستاري تي 1606ع ۾ هڪ ٻيو مقالو لکيو. انهي جومقصد انهي نظريي کي رد ڪرڻ هو ته عجيب ستارو ”ايٽمن جو هڪ اتفاقي ميڙ آهي“ هن جي نظر ۾ اهو ٻئي ڪنهن ستاري جهڙو ستارو هو جيڪو اوچتو زمين جي روشني جي حد (Light range) ۾ اچي ويو هو. ٻئي سال جڏهن هڪ پڇڙ تارو آسمان تي اچي ويو جيڪو هاڻي هيلي (Helley) جي نالي جي پٺيان سڃاتو وڃي ٿو ته هن انهي بابت هڪ ڪتاب لکيو. ڪيپلر وٽ ته ڪي به وهمي خيال نه هئا. هن جي نظر ۾ پڇڙ تارو سڌي ليڪ ۾ حرڪت ڪندڙ هڪ گرهه هو. هن اهو فرض ڪري ورتو ته پڇڙ تارا هن ڪائنات سان واسطو نه ٿا رکن. هو جيڪڏهن اها غلطي نه ڪري ها ته شايد هيلي کان اڳ پڇڙ تاري وارو نظريو پيش ڪري ڇڏي ها.

هن انهيءَ ڪتاب ۾ هڪ اهڙي ڳالهه ڪئي جنهن مان خبر پئي ته هو واقعي هڪ تمام اعليٰ دماغ جو مالڪ آهي. هن انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته گرهه سندن پنهنجي روشنيءَ سان چمڪن ٿا نه ته اهي به چنڊ وانگر مرحليوار نظر اچن ها.

ڪيپلر غلطين کان مٿاهون نه هو پر هو اهڙو ماڻهو هو جو جڏهن هن جي سامهون غلطين جي نشاندهي ڪئي ويندي هئي ته هو ڳالهه تسليم ڪري وٺندو هو. مثال طور هن سج جي سامهون گذرندڙ عطارد (Mercury) جي مشاهدي بابت 1607ع ۾ هڪ تڪڙو بيان ڇپرايو. جلدئي پوءِ گليلو سج جا داغ دريافت ڪري ورتا. ڪيپلر فوراً پنهنجي عطارد واري نظريي تي ليڪ ڦيري ڇڏي ۽ کليو کلايو تسليم ڪري ورتو ته گليلو جي ڳالهه صحيح هئي.

 

15

انهيءَ وقت يورپ ۾ ڪيترائي بيوقو فاڻا خيال گردش ۾ هئا ۽ ڪو پرنيڪي نظريي کي عام مڃتا ملڻ واري منزل گهڻي پري هئي. چرچ به اڃا تائين انهيءَ نظريي کي پٺي ڏنيون ويٺو هو. پر جان ڪجهه غير واضح نموني ۾ پنهنجو ڪشش ثقل جو ترتيب ڏئي رهيو هو ۽ پنهنجي Commentary on the Motions of Mars ۾ لکيو اٿائين:

”ڪشش ثقل ساڳئي اصل وارن (congnate) جسمن ۾ وصل يا ڳانڍاپي جي باهمي محبت جو نالو آهي (اها مقناطيسي اثر سان مشابهت رکي ٿي) اهڙي طرح جو بجاءِ انهيءَ جي جو پٿر زمين ڏانهن ڊوڙندو اچي ٿو زمين خود پٿر کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿي. اهو نظريو اڳتي هلي نيوٽن کي کڻڻو هو ۽ انهيءَ مان رياضياتي ثبوتن جي مدد سان هڪ دليراڻو ۽ شاندار نظريو ترتيب ڏيڻو هو. پر لڳي ٿو ته ڪيپلر جي ذهن ۾ ڪائناتي ڪشش ثقل بابت مبهم خيال ئي آيو هوندو. اهو هن کان ٿورو اڳڀرو بيٺو هو ۽ هن لازماً انهي جو پاڇو ڏٺو هوندو پر خود اصل شي ڪڏهن به هن جي ويجهي نه آئي.

 

16

ڪيپلر ٽائيڪو جي جدولن تي غور و فڪر ڪندو رهيو. هن کي انهن ۾ ڪيتريون ئي عجيب شيون نظر آيون ۽ هو جيئن ته گرهن جي مدارن تي نظر رکندو آيو ته هن کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ته انهن جي گردش بابت ڪو قانونُ يا قانونَ ضرور هوندا. هن جيئن ته اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته هو مريخ کان سچ چَوَرائيندو تنهنڪري هو سدائين ڪنهن نه ڪنهن  عجيب نظريي تي پيو ڪم ڪندو هو هو پر انهن مان اڪثر اڳتي هلي غلط ثابت ٿيندا هئا. پر هن مريخ جي مدارتي ڪم ڪندي هڪ سچي پچي دريافت ڪري ورتي جيڪا هاڻي Keplers second Law جي نالي سان سڃاتي وڃي ٿي:

سج جي مرڪز کي سياري جي مرڪز سان ملائيندڙ سڌي ليڪ ڪن به ٻن هڪجيترن وقفن ۾ هڪ جيتري گولائي واري ايراضي طي ڪندي.

اهو قانون هٿ ڪرڻ کان پوءِ هن اڳتي وڌي مريخ جو بلڪل صحيح رستو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي. جيئن توهان کي خبر آهي ارسطو ۽ ٻين يونانين جو انهي ڳالهه تي زور هوندو هو ته گول (Circle) هڪ مڪمل Curve آهي تنهنڪري آسمان ۾ هر شي کي لازماً گول ۾ حرڪت ڪرڻ گهرجي. ڪيپلر به گول کي آزمايو. انهيءَ ڪم نه ڪيو. هو مريخ کي اٺن منٽن جي اندر نه آڻي سگهيو. هن کي خبر هئي ته براهي پنهنجي سموري زندگي ۾ ڪنهن به مشاهدي ۾ اٺن منٽن جي غلطي نه ڪئي هئي. هن کي پڪ هئي ته غلطي براهي جي نه پرسندس پنهنجي آهي.

”آءُ انهن اٺن منٽن سان آسمان جي اسرارن تان قلف لاهيندس“ هو چوندو هيو.

هن آخرڪار اهو فيصلو ڪيو ته مدار گول نه ٿو ٿي سگهي. پوءِ هو بيضوي شڪلين جي پٺيان لڳو ۽ پنهنجي مرضي سان انهن جون شڪليون مقرر ڪندو رهيو. انهن مان ڪجهه ڪافي حد تائين فٽ ٿي وينديون هيون، پر ڪابه مڪمل طور فٽ نه ٿي سگهي. اهو سمورو ڪم سندس طاقت کي ڊوهيندو ۽ فرا ڪيپلر جي برداشت ختم ڪندو پئي ويو. گولن تي ڪم ڪرڻ وقت ئي معاملا ڪافي خراب رخ اختيار ڪري ويا هئا پر هن جڏهن بيضوي شڪليون هٿ ۾ کنيون ته ڪم تمام گهڻو وڌي ويو. ته به ڳالهه صحيح نه پئي ٿي. هڪ دفعو ته هو سمجهڻ لڳو ته هو ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ جشن ملهائڻ شروع ڪيائين، پر مريخ جي پوزيشن جي اڳڪٿي ڪندي جلد ئي غلطيون ظاهر ٿي پيون. هو وري غلط ٿي ويو. ڇا انهيءَ سلسلي جي ڪا پڄاڻي ئي نه ٿيندي؟ هن جو انهيءَ ڳالهه تي زور هو ته پڄاڻي ضرور ايندي ڇاڪاڻ ته هن کي پڪ هئي ته ڪو قانون موجود آهي ۽ هو اهو ڳولهي وٺندو.

بلڪل انهي وقت جڏهن هو عملي طور هر قسم جي بيضوي شڪل ڪم آڻي چڪو هو ته هڪ ناقابل يقين اتفاق پيش اچي ويو:

جان پنهنجون شڪليون سامهون رکي خوابن ۾ گم لڳو پيو هو. هن کي لڳي پيو ته هو هر شي آزمائي چڪو آهي ۽ هو همٿ هاري، ٿڪجي ۽ بد دل ٿي چڪو هو. ايترن وڏن حسابن تي ڪيل ڪشالن کيس جهوري وڌو هو جيڪي هاڻي اجايا ٿي لڳا. ڳجهه ڪٿي نه ڪٿي موجود هو پر هن کان گُسيو ٿي ويو. هو ڀلا انهي سموري معاملي کي ئي ڇڏي ڏئي؟

سندس اک سامهون رکيل شڪلين تان گهُمي وئي. اها ٻن عددن تي بيهجي وئي. انهن 1.00429 ۽ 00429. جا انگ ڏٺا هئا. انهن مان پهرئين مريخ جي سڀ کان وڏي Optical inequality ظاهر ڪئي ٿي جڏهن ته ٻيو ellipse ۽ گول جي وچ ۾ فاصلي جو اڌ هو. ڏات کيس مهميز ڏني. اهو ئي سندس گهربل انگ هو. انهيءَ سان ئي هو گهربل مدار ٺاهي سگهيو ٿي. هو وڏي جوش سان ڪم ۾ لڳي ويو. سندس نتيجن کيس يقين ڏياري ڇڏيو ته هو صحيح آهي. هن پنهنجي دريافت دنيا جي حوالي ڪرڻ وقت سوڀ جا جيڪي لفظ ڪم آندا هئا اهي سندس واتان ئي ٻڌو:

”مون ٻاويهه ورهيه اڳ آسماني مدارن ۾ پنج سالڊ دريافت ڪرڻ شرط ئي جيڪا اڳڪٿي ڪئي هئي، بطليموس جون Harmonies ڏسڻ کان گهڻو اڳ جنهن ڳالهه ۾ مون کي پڪو يقين هو، مون کي پنهنجي دريافت تي پڪي يقين هئڻ کان اڳ ئي مون پنهنجي ڪتاب تي جيڪو نالو رکي انهي ۾ پنهنجن دوستن سان جنهن ڳالهه جو واعدو ڪري ڇڏيو هو، مون 16 ورهيه اڳ جنهن شيءِ جي ڳولها تي زور ڏنو هو، جنهن جي لاءِ مون ٽائيڪو براهي سان گڏ ڪم ڪيو هو، جنهن جي لاءِ آءٌ پراگ ۾ رهيو هوس، جنهن جي لاءِ مون پنهنجي زندگي جو بهترين حصو فلڪياتي سوچ ويچار لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، اها مون آخرڪار منظر تي آڻي ڇڏي آهي ۽ انهيءَ جي صداقت کان واقف ٿي ويو آهيان، مون 18 مهينا اڳ جنهن روشني جا ترورا ڏٺا هئا، ٽي مهينا اڳ جيڪا باک ڦٽندي ڏٺي هئي انهن جو چٽو ۽ اکين کي وڻندڙ سج مون کي چند ڏينهن اڳ ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي. مونکي ڪابه شي روڪي نه ٿي سگهي آءٌ پنهنجي مقدس جذبي جي تسڪين ڪندس، آءٌ انهي ڳالهه جو اعتراف ڪري انسانذات جي سوڀ ماڻي وٺندس ته مون مصرين جا سونا ٿانو چورايا آهن، جيئن مصر جي حدن کان تمام پري پنهنجي خدا لاءِ عبادتگاهه ٺاهي سگهان. توهان جيڪڏهن مون کي معاف ڪندا ته مون کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن توهان ناراض ٿيندؤ ته آءٌ اها ڳالهه برداشت ڪري ويندس. تيرڪمان مان نڪري ويو آهي. ڪتاب لکجي چڪو آهي، جيڪو هاڻي ٿو پڙهجي يا ايندڙ نسل ٿو پڙهي انهي جي مونکي پرواهه نه آهي. اهو هڪ سو سال به پڙهڻ واري جو انتظار ڪري سگهي ٿو جيئن خدا ڪنهن مشاهدو ڪندڙ جو 6000 ورهيه انتظار ڪيو آهي.

 

17

ڪيپلر 1609ع ۾ پنهنجو  Commentaries on Mars ڇپرايو. انهيءَ ڪتاب ۾ سندس ٻه وڏا قانون ڏنل آهن. ٻيون قانون جيڪو اڳ ۾ دريافت ٿيو هو اهو برابر ايراضين ۾ برابر وقتن (equal areas in equal times) سان لاڳاپيل آهي. ۽ پهرئين مطابق: سيارا اهڙي ريت هلندا رهن ٿا جو سندن رستو هڪ(1) بيضوي شڪل اختيار ڪري ٿو جنهن ۾ سج هڪ مرڪزي نقطو بڻجي ٿوسندس ٽيون قانون هي آهي:

سيارن جي نوبتي وقتن (periodic times) جا چورس سندن سج کان سراسري فاصلي جي ٽين سگهه سان نسبت رکن ٿا. 

انهن قانونن کيس (law maker of the heavens)  جو نالو ڏياريو.

اهڙي طرح هو مشهور ٿي ويو. هن کي پراگ جي درٻار مان هڪ وڏي نالي وارو لقب مليل هو. پر تڏهن به هو هٿين خالي هو ۽ رڊولفي جدولون نه ٿي ڇپرائي سگهيو. هن اهي جدولون دنيا کي ڏيڻ چاهيون ٿي. هن آخري پساه کڻندڙ ٽائيڪو سان واعدو ڪيو هو ۽ هن پنهنجو واعدو پاڙڻ جو پہ ڪري ڇڏيو هو. پر ڪنهن مشهورفلڪياتدان کي به گذر سفر جو ڪو وسيلو ته گهرجي.

بوهيميا مالي توڙي سياسي طور خراب حالت ۾ هو. سدائين ڪجهه قدر چريو لڳندڙ رڊولف مايوسي ۽ بي همٿي جي ڪن ۾ ڦاسندو پئي ويو. هن کي ستارن کان سواءِ ڪنهن به ڳالهه سان تعلق نه هو. هن کي اڃا به انهي ڳالهه ۾ دلچسپي هئي ته اهي سندس ۽ سندس معمولي ڪمن بابت ڇا ٿا چون. اها پر اهين معلومات مهيا ڪرڻ ڪيپلر جو ڪم هو.

هن کي انهيءَ ڪم کان نفرت هئي. پر هو اهو ڪم ڪندو رهيو ۽ سندس اڳڪٿيون ٻئي ڪنهن به نقلي نجومي جهڙيون ئي ڀروسي جوڳيون ثابت ٿينديون هيون ۽ جيئن ته ڪنهن آمدني جو واحد ذريعو اهو ئي ٿي نظر آيو تنهنڪري هو پيشيور قسمت جو حال ٻڌائيندڙ ٿي ويو ۽ سندس شهرت ۽ سندس لقب سندس زائچن جي طلب پيدا ڪندا رهيا.

 

18

ڪنهن انسان کي عطاٿيل عاليشان تصوراتي دماغ ننڍڙن انسانن کي ستارن جي ذريعي قسمت جو حال ٻڌائڻ جي ڪم ۾ لڳو پيو هو.

”مائي“ جان ڪيپلر چيو“ اسين پراگ مان نڪري هلنداسين.“ ”هائو“ فراڪيپلر چيو“ هلو ته گهر هلون. رڊولف ته چرين جي آچار آهي هو اسان لاءِ ڪجهه به نه ڪندو.“

تون سچ ٿي چوين. پراسين گهر نه هلنداسين. منهنجي لاءِ اتي ڪوبه ڪم ڪونهي، لنز (Linz) ۾ هڪ موقعو آهي.

هوسن 1610ع ۾ اوڏانهن ويو ۽ هن کي اتي نوڪري ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو. پر هو جڏهن پراگ واپس آيو ته کيس حالتن ۾ وڳوڙ نظر آيو. رڊولف تي تخت تان دستبر دار ٿيڻ جو زورپئجي رهيو هو. دشمنن ۾ هڪ پاسي فريڊرڪ ۽ ٻئي پاسي ميٿياس(Matthaias) هئا. جنگ سر تي چڙهي آئي هئي. سندس زال بيمار هئي ۽ هنگريائي بخار ۽ مرگهيءَ سبب بستري داخل هئي. هؤ آهستي آهستي صحتياب ٿي رهي هئي ته ٽن ٻارن کي ماتا ٿي پئي. انهن مان هڪ ڪيپلر جو سڀ کان پيارو پٽ مري ويو ۽ ميٿياس تخت تي ويٺو. نئين بادشاه کي علم نجوم ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي ۽ کيس ٻيهر شهنشاهي رياضيدن مقرر ڪري ڇڏيائين ته به هن لاءِ ڪو پئسو ڏوڪڙ هٿ نه ڪري سگهيو. پوءِ ڄڻ ته ڪنهن چَٽي ۽ تنگ ڪندڙ ماتحت کان جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ جان جي ٻانهن عظيم ويلن سٽين (Wallenstain) جي حوالي ڪري ڇڏيائين جنهن پگهار جون سڀي بقايائون ادا ڪرڻ جي هامي ڀري. ويلن سٽين جي مرضي نه هئي يا طاقت نه هئس تنهنڪري اهو بار نه لاٿائين.

 

19

پراگ ۾ وبا پکڙي پئي هئي ۽ هر طرف جنگ هئي. ”هتي منهنجي جاءِ نه آهي. هن دفعي آءٌ هميشه لاءِ نڪري ويندس.“ جان چيو. هن آسٽريا جو ٻيو سفر ڪيو ۽ لنز جي يونيورسٽي ۾ مقرر ٿيو. هتي سندس پگهارن جي به ادائيگي ٿيندي ۽ ممڪن آهي ته هورڊولفي جدولن جي ڇپائي جو به رستو ڪڍي وٺي. آئيندو ڏاڍو صاف ۽ چمڪدار نظر اچي رهيو هو.

هو خوشي سان پنهنجو ڪٽنب وٺڻ پراگ موٽيو. پر انهي ماڻهو جي مقدر ۾ بدقسمتيون لکيل هيون. فراڪيپلر وري بيمار ٿي پئي. ڏکن، ڳڻتين ۽ ڪمزور جسماني بناوت پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ وري سندس ڦٽڪار يا روئيندي ڪنهن شڪايت جو آواز نه اڀريو. جان جڏهن سندس ڪمري ۾ داخل ٿيو ته موت اڳيئي سندس پاسي ۾ ڪرونڊڙو لڳو ويٺو هو. هن ماڻهو جنهن ڪڏهن به پنهنجي ٻارن جي ماء سان محبت نه ڪئي هئي پنهنجو هٿ وڌايو ۽ مرندڙ عورت جي ٿڪيل اکين ۾ نهاريندو رهيو.

انهن ٻنهي ويجهن اوپرن کي انهي آخري وقت ۾ هڪٻئي سان ڳالهائڻ لاءِ ڪي گهڻيون ڳالهيون نه هيون. هو ڪجهه بي معنيٰ ۽ جذبات کان خالي ڪي عام رواجي لفظ ئي چپن مان ڪڍي سگهيا. معاملو جلد ئي ختم ٿي ويو ۽ جان ڪيپلر ٻن ٻارن وارو رنڙ ٿي ويو جنهن وٽ نه ڪو پئسو ۽ نه ئي ڪي وسيلا هئا.

 

20

هاڻي هڪ عظيم ماڻهو جي تاريخ جو هڪ عظيم باب اچي ٿو. ڪيپلر زال ڳولهڻ نڪتو. هو هاڻي گهر ۾ هڪ عورت سان گڏ رهڻ جو عادي ٿي ويو هو ۽ سندس سار سنڀال لهڻ واري عورت جي غير موجودگيءَ ۾ هن بي آرامي پئي محسوس ڪئي. هن وٽ ٻه ننڍڙا ٻار هئا ۽ انهن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هئس. لنز ۾ سندس آمدني معمولي هئي. هو اڃا به زائچا ٺاهيندو هو پر انهيءَ ڪم ۾ به ڪا وڏي دولت نه هئي. هو مشهور ته هو پر هر ڳالهه کان لاتعلق رهندو هو. غير حاضر دماغ ۽ رومانوي طبيعت رکندو هو. انهي ويجهي نظر واري بندري ٿلهي جرمن کي ڪنهن به ڪڏهن ٺاهوڪو نه سڏيو هو ۽ سندس مزاج به ڦرڻو گهرڻو ٿي پيو هو.

انهيءَ کان وڌيڪ حيرت انگيز ڪو ماڻهو ڪڏهن زال ڳولهڻ نه نڪتو هوندو. ڪيپلر انهي ڳولها ۾ تمام سچو هو ۽ وڏي ضابطي سان ڪم ڪري رهيو هو.

هن ڪيترين ئي عورتن ڏانهن پيش قدميون ڪيون. انهن مان ڪجهه هن کي پٽيءَ انڪار ڪري ڇڏيو، ڪجهه کي وري هن اڻ وڻندڙ سمجهي لسٽ مان خارج ڪري ڇڏيو. هن درزن کن عورتن کي سنجيدگيءَ سان ويچار هيٺ آندو. انهن مان هڪ کان وڌيڪ عورتن وٽ پئسو به هو. لڳي پيو ته دولت جي وارث عورت سان شادي مان سندس دل ڀرجي وئي هئي. هو انهن مان هر هڪ جي چڪاس ڪندي انهن جون خصوصيتون نوٽ ڪندو ويو: ڪا تمام ٿلهي هئي ته ڪا تمام ڊگهي هئي ته ڪنهنکي وري ڪا خبر چار ئي نه هئي. نه ئي اهي ڪجهه سکي سگهيون ٿي. انهن مان هڪ ڪيپلر کي ٽن مهينن تائين لڙڪايون بيٺي رهي. تان جو هن ڪاوڙجي سندس نالو لسٽ مان ئي خارج ڪري ڇڏيو.

سندس دوستن انهي زال جي ڳولها واري معاملي ۾ ڏاڍي دلچسپي ورتي. انهن هن کي صلاحن مشورن جا ڍير ڏنا ۽ مناسب عورت ڳولهڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيائون پر آخر ۾ جان پنهنجي چونڊ پاڻ ئي ڪئي. اها ڳالهه ڪارڊ تي نه آهي ته هو جنهن به عورت وٽ ويو هجي ته انکي ڪو محبت جو لفظ چيو هجئين. محبت واري ڳالهه شايد ڪنهن سندس دماغ ۾ داخل ئي نه ٿي.

هن جڏهن پنهنجي چونڊ جو اعلان ڪيو ته سندس دوستن کي ڏاڍو افسوس ٿيو. انهن کيس ٻڌايو ته هو ڏاڍو بيوقوفيءَ وارو ڪم پيو ڪري. هو ۽ سندس زال آخر گذارو ڇا تي ڪندا؟

هن پنهنجي ڪنوار طور هڪ واڍي جي اهڙي يتيم ڌئ چونڊي هئي جيڪا ٻارنهن سال ليڊي اسٽارين برگ جي خرچ تي اسڪول ۾ رهي هئي.

”سندس شخصيت ۽ اٿي ويٺي مون سان ٺهڪندڙ آهن.“ ڪيپلر لکيو. ”هن ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت آهي، وچولي عمر جي آهي، اهڙي طبيعت ۽ صلاحيت اٿس جو گهربل ڳالهيون حاصل ڪري سگهي ٿي.“

انهي وچولي عمر واري ڪنوار جي اها ڪهڙي نه تصوير آهي جنهن تي جذبات جو ڪوبه رنگ چڙهيل نه آهي. ”شخصيت ۽ اٿي ويٺي مون سان ٺهڪندڙ!“ پهرئين فراڪيپلر لاءِ ته اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن به نه چيون ويون هيون. لڳي ٿو ته اها ماٺ مٺوڙي، نرم ڳالهائيندڙ ڇوڪري هوندي جيڪا سهڻي ته نه پر بي سمجهه به نه هوندي. هڪ يتيم جنهن جي زندگي ايتري سولي نه گذري هوندي تنهنڪري هن ۾ ڪم ڪرڻ صلاحيت آهي. ڪيپلر جي زال کي لازماً ڪم ڪرڻو پوندو ۽ نظر اندازي، غربت ۽ ڏک به برداشت ڪرڻا پوندا.

ڪيپلر جي وڏي نالي انهي يتيم ڇوڪريءَ تي رعب ته نه وجهي ڇڏيو هو؟ يا انهيءَ شخص جي روح ۾ ڪا اهڙي شي هئي جنهن سندس عورتپڻي کي ڇڪي ورتو هو؟ ڇا هن انهيءَ  شادي جي تاڃي پيٽي مان ڪورومانس پيدا ڪيو ۽ هن جي دل ۾ پنهنجي مڙس لاءِ ڪا محبت پيدا ٿي؟ ايتري سا خبر آهي ته ڪيپلر آخرڪار پنهنجي گهر ۾ خوشي سان وقت گذاريو. جو سندس باقي سموري حياتي سندس”شخصت ۽ اٿي ويٺي“ هن سان ٺهڪندڙ رهيا. سندس ٻئين چونڊ ايتري ئي عقلمنديءَ واري هئي جيتري پهرئين چونڊ بي عقليءَ تي ٻڌل هئي.

 

21

غربت اڃا به ڪيپلر جي پٺيان لڳي آئي. لنز ۾ سندس پگهار جي ادائيگي نه ٿي. رياست لوڏن ۾ هئي. اڳتي هلي Thirty years war جي نالي سان مشهور ٿيندڙ مذهبي افراتفري سموري وچ يورپ کي وڳوڙن جي لپيٽ ۾ آڻي رهي هئي. خود ڪيپلر تي يسوعين حملو ڪيو ۽ کيس مذهبي اٿي ويٺي مان نيڪالي ڏئي ڇڏيائون. سندس لائبريري سيل ڪئي وئي ۽ شاهي تحفظ کيس قيد خاني ۽ ٻين تڪليفن کان بچائي ورتو.

اهڙين حالتن کيس وري قسمت جو حال ٻڌائيندڙ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ هن ”هڪ گندي اڳڪٿين جي جنتري ڪڍي جنهن ۾ ۽ پنڻ ۾ ڪو ٿوروئي فرق هوندو. شهنشاه مونکي بلڪل ڇڏي ڏنو آهي ۽ مونکي بکن ۾ ماري ڇڏيندو.“

گندي جنتريءَ کيس لنگهڻ ڪاٽڻ کان بچائي ورتو ۽ کيس پنهنجو هڪ شاندار ڪم ڪرڻ جو وقت ڏنو. هن 1619ع ۾ Harmonics جي نالي ڪتاب ڇپرايو جيڪو انگلينڊ جي جيمز پهرئين ڏانهن منسوب آهي. اهو هڪ عجيب ڪتاب آهي. انهيءَ جي ڪجهه حصي ۾ سائنسي دلچسپيءَ واريون ڳالهيون آهن پر گهڻو حصولفاظي تي ٻڌل آهي. مثال طور هو چوٿين باب ۾ زمين بابت ائين ٿو ڳالهائي ڄڻ هو انکي واقعي ڪو جانور سمجهي ٿو ۽ سوچي ٿو ته ڇا انهي جي گهرائَي ۾ ڪي اهڙيون شيون لڀنديون جيڪي ”ڦڦڙن ۽ ڪلين جو ڪم ڏئي سگهن.

هن پنجين باب ۾ گولن جي هم آهنگي ۽ ميل بابت ڪيتريون ئي ڳالهيون لکيون آهن. اهو مبهم نظريو فيثاغورث جي ڏينهن کان هلندو پئي آيو. لڳي ٿو ته هن وٽ انهي بابت غير واضح خيال ئي هئا ۽ هن پنهنجي پڙهندڙن کي ڪا پڪي پختي شي نه ڏني آهي. پر انهي ساڳئي ڪتاب ۾ هن آسماني جسمن جي حرڪت بابت پنهنجي شاندار ٽئين قانون جو اعلان ڪيو آهي. سندس اهو قانون ڪيتري وقت کان سندس ذهن ۾ زوڪاوٽ ڪندو ٿي رهيو پر سندس گرفت ۾ نه ٿي آيو. هن اندروني ٻوجهي ذريعي محسوس ڪري روتو هو ته گرهن جي گردشن ۽ انهن جي سج کان فاصلن جي وچ ۾ ڪو تعلق هئڻ گهرجي.

اهو سندس محنت جو تڪميلي نقطو هو. هو ويهن ورهين کان وڌيڪ عرصي کان انهيءَ قانون جي ڳولها ۾ هو. انهيءَ دوران هو سوين مفروضن تي هليو. هن بي انتها وڏن حسابن تي اهڙي اُدم سان ڪم ڪيو هو جنهن جو مثال سائنس جي تاريخ ۾ ورلي ملندو. بي انداز شخصي تڪليفون ۽ پئسي ڏوڪڙ لاءِ سرپرستن جو نه ملڻ به هن اڻٿڪ ماڻهو کي ڪم کان نه روڪي سگهيا. قانون موجود هو. انهي بابت ڪو به شڪ شبهو نه هو. هو لاگرٿم ۽ ڪائناتي ڪشش ثقل بابت ڪنهن به واضح نظريي کانسواءِ انهي زبردست مسئلي تي محنتون ڪندو رهيو.

ٿورو تصور ڪريو ته هن ڪيترن نه ڪاغذ جي ڍيرن کي شڪلين سان ڀري ڇڏيو هوندو! معمولي ساز سامان واري گهر ۾ رات جو ڪيترا نه ڪلاڪ گندي بوءِ واري بتي يا جهڙڪا ڏيندڙ ميڻ بتي تي ويهي ڪم ڪيو هوندو. هو گهڻو وقت بيمار رهيو ۽ سمورو وقت غربت ۾ گذاريائين. سموري زندگي ڪڏهن به سک سان نه ويٺو؛ ڪڏهن دوستن ۽ زال جي موت جا صدما ته ڪڏهن نئين زال ڳولهڻ جون پريشانيون؛ ڪڏهن يونيورسٽي ۾ ذميواريون ته ڪڏهن گندي اڳڪٿين جي جنم پتري ٺاهڻ جا ڪم. چرچ پاران حملا به ٿيس ته دين نيڪالي به مليس وڳوڙن ۽ جنگ ۾ گهيريل به رهيو ته به اهڙا حساب ڪاميابي سان ڪري وڃڻ جو وقت ڪڍي ورتائين جن کي سائنسي دنيا کي معلوم سڀ کان گهرا ۽ سڀ کان منجهيل سمجهيو وڃي ٿو.

 

22

ڪيپلر جي ويڙهاڪ ماء جنهن پنهنجي مڙس کي ڏيهه نيڪالي ڏئي ڇڏي هئي ۽ پنهنجي بيمار پٽ کي تمام گهٽ محبت ڏني هئائين اها اڃا جيئري هئي ۽ جيتوڻيڪ تمام پوڙهي ٿي وئي هئي ته به تمام ڏڙي ڏاڍي لڳي بيٺي هئي. ڪيپلر لنز ۾ هو جو اها ڳالهه ٻڌائين ته سندس ماء قيد خاني ۾ آهي ۽ ان مٿان ڪهڙي به وقت تشدد ٿي سگهي ٿو. هن فوراً ورٽيمبرگ جو ڊگهو سفر شروع ڪري ڏنو. هن کي انهي عورت کي لازماً عقوبت گهر کان بچائڻو هو.

ڊيم ڪيپلر تي جادو گري جو الزام هو. هوءَ ڏاڍي ڪنجوس، تيز طبيعت، ويڙهاڪ گهڻ ڳالهائڻي ۽ فتنا پيدا ڪندڙ عورت هئي. هؤ ڪيترن ورهين کان هڪ پاڙيسرڻ تي بدناموسي جو مقدمو هلائيندي پئي آئي. جوابدارڻ تي اهوالزام هو ته هن اها ڳالهه چئي هئي ته ڊيم ڪيپلر هڪ زهريلي سُتي ٺاهي ڪنهن کي پياري هئي. ڊگهي مقدمي بازي کانپوءِ جڏهن هڪ نئون جج بينچ تي آيو ته فرقو ڦري ويو ۽ ڊيم ڪيپلر تي ڏائڻ هئڻ جو الزام لڳي ويو ۽ هؤ قيد خاني ۾ اچي وئي. سندس دشمن جڏهن هوشياري سان ورائي ڌڪ هنيو ته هؤ ڪاوڙ ۾ آپي کان ٻاهر نڪري وئي. پرهاڻي سندس تيز زبان ۽ ناداني واري ڪاوڙ سندس ڪابه مدد نه ڪري سگهيون.

ڪورٽ کيس فقط لفظ هي چيا ته: ”ڏوه باس يا تشدد لاءِ تيار ٿي.“ اهو هڪ بي سمجهي وارو عمل هوندو هو جنهن ۾ ڪيتريون ئي ڏائڻيون دکدائڪ انجام تي پهتيون. مشهور پٽ ورٽمبرگ ۾ نِد وقت تي پهتو، سندس طاقت ۽ حشمت سندس ماء کي تشدد واري شڪنجي کان ته بچائي ورتو پر اهي کيس قيد خاني کان ٻاهر نه ڪڍرائي سگهيون. هو هڪ ورهيه جيترو عرصو اتي رهي نفرت کي نپائيندي رهي. آخرڪار جڏهن سندس خلاف ڪيس خارج ٿيو ۽ هؤ آزاد ٿي ته ماڻهن جو خيال هو ته هوءَ هاڻي قانون کان پري ڀڄندي پر هؤ اهڙي عورت نه هئي هن فوراً هرجاڻي ۽ خرچ جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو.

پر هڪ دشمن کيس روڪي ورتو. موت وچ ۾ اچي ويو ۽ انهن چپن کي خاموش ڪري ڇڏيو جن ڪيترائي تيز لفظ اوڳا ڇيا هئا.

پڄاڻي جي وقت ڪيپلر هن وٽ نه هو. هو لنز ۾ هو ۽ پنهنجي ٿوري رقم جي ادائيگي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو هو. جڏهن اها خبر هن وٽ پهتي هوندي ته هن جا ڪهڙا خيال هوندا؟ هو ڏاڍي سخت ماء رهي هئي ۽ ڪيپلر ڪيترا ورهيه ڪنهن گهر گهاٽ کانسواءِ دنيا ۾ رلندو رهيو هو.

هؤ عجيب سخت مزاج پوڙهي عورت وٺ سٺ ڪندي غير متوقع طور تاريخ جي صفحن تي ظاهر ٿئي ٿي ۽ پوءِ هميشه لاءِ ماٺ ٿي وڃي ٿي.

 

23

ڪيپلر لاءِ هڪ ڪم رهيل هو. هن کي اڃا ٽائيڪو براهي سان پنهنجو واعدو پاڙڻو هو ۽ رڊولفي جدولون شايع ڪرائڻيون هيون. هن وڏي ڪوشش ۽ ذاتي عرض ڪري ويانا جي سرڪاري خزاني مان ٻه ٽي سو فلارين ڪڍرائي ورتا. اها رقم ناڪافي هئي. خدا ٿو ڄاڻي ته هن باقي رقم ڪٿان حاصل ڪئي پر هو اها حاصل ڪري ويو ۽ 1627ع ۾ جدولون دنيا جي حوالي ٿي ويون. انهن جدولن جي اهميت جو اندازو ڪرڻ لاءِ اهائي ڳالهه ڄاڻڻ ڪافي آهي ته هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي تائين سمنڊ تي ويندڙ هر انهيءَ ماڻهو جو دارومدار فقط انهن تي هوندو هو جيڪو پنهنجي جهاز کي ترندڙ ۽ پاڻ کي زنده رکڻ چاهيندو هو.

اهي بلڪل تُز ۽ بلڪل مڪمل هيون يا کڻي چئجي ته اهي املهه شي هيون. ٽسڪيني جي نواب انهن جي اهميت جي مڃتاطور ڪيپلر ڏانهن هڪ سوني زنجير موڪلي. گليلو جو به شايد انهي معاملي ۾ دخل هو. بهرحال زنجير مان پئسا ٿي سگهيا ٿي. انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اها ڪيپلر ڪٽنب جي پيٽ جي باهه وسائڻ جي ڪم آئي.

 

24

جدولن جي پڌري ٿيڻ سان ڪيپلر جو ڪم پورو ٿي ويو. پرهن جو پنهنجو اهو خيال نه هو. هن پنهنجي تصوراتي ذهن ۾ تمام وڏين ڳالهين جي رٿابندي ڪئي هئي. هو رٿائون جوڙيندو ۽ خواب ڏسندو رهيو جڏهن ته حقيقت کيس مجبور ڪري رهي هئي ته هو پئسن لاءِ رٿابندي ڪري. هن هڪ تمام وڏي رقم لهڻي ٿي. پر ويلن اسٽين ادائيگي نه ٿي ڪري سگهيو نه ئي ٻئي ڪنهن ماڻهو ڪنهن ٺلهي سائنسدان جي ڳالهه ٻڌڻ چاهي ٿي. جڏهن ته ٻيا ڪرڻ جهڙا سٺا ڪم ئي کوڙ پيا هئا جهڙوڪ ڪنهن موڳي بادشاه جي اشاري تي عيسائين کي قتل ڪرڻ

قتل ۽ ڪوس جو ڪم ڏاڍي کِل خوشي ۾ ٽيهن ورهين تائين هلندو رهيو ۽ اهي ڪاسائي مسواڙ تي ڪرڻ لاءِ پئسو سدائين دستياب رهيو. يا ته اهي پنهنجو دليراڻو ڌنڌو مفت ۾ ڪرڻ لاءِ ئي تيار هوندا هئا. هڪ طرف اها نمائشي ۽ اجائي سرگرمي هلندي رهي ٻئي پاسي جنهن ماڻهو آسمانن ۾ ڳولهائون ڦولهائون ڪري ٽي عظيم قانون دريافت ڪيا هئا جنهن جو فقط اهو سوال هو ته کيس پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاءِ کاڌو ۽ سر ڍڪڻ لاءِ اجهو ڏنو وڃي اهو پنهنجي ڪمايل رقم حاصل ڪرڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو هو.

پوڙهي ڊيم ڪيپلر جو روح پنهنجي پٽ جي ڏاهپ ۾ موجود هو. هن به آڻ مڃڻ نه ٿي چاهي. پئسا حقي واجبي طور هن جا هئا ۽ اهي هن کي پنهنجن ٻارن جي روڄ ختم ڪرڻ لاءِ گهربل هئا. جنهن شخص ڪڏهن به جواب طور ناڪار قبول نه ڪئي هئي انهيءَ ماڻهو هڪ وڌيڪ ڪوشش ڪئي ۽ پڪو عهد ڪري هڪ عرضداشت پيش ڪئي.

جان ڪيپلر سرء جي هڪ اونداهين ڏينهن پنهنجي زال کي خدا حافظ چيو. اها زال جنهن جي شخصيت ۽ اٿي ويٺي هن سان ٺهڪندڙ هئا. هو گهوڙي تي چڙهي ويٺو ۽ روانو ٿي ويو. اتي ويٺي ويٺي ئي منهن پٺتي ورائي آخري دفعو هٿ لوڏي موڪلاڻي ڪيائين. هائو آخري موڪلاڻي. هو لنز مان آخري دفعو رانو ٿي رهيو هو. سندس خيال هو ته سندس گهوڙي جو رخ پراگ ڏانهن آهي پر حقيقت ۾ هو انهي کان ڪنهن وڌيڪ ڏورانهين سفر ڏانهن قدم کڻي رهيو هو.

ڪيپلر جڏهن اها آخري ڪوشش ڪئي تڏهن سندس عمر 59 ورهيه هئي ۽ هو انهن دوران ڪڏهن به چاق چڱو ڀلو نه رهيو هو. اهو هڪ ڏکيو سفر هو. مايوسيءَ کانسواءِ ڪجهه هڙپلئه نه پيو. جان بحث مباحثا ڪيا، ايلاز منٿون ڪيون پر هو انهن ماڻهن سان مخاطب هو جيڪي سندس واهر ڪرڻ جي قابل ئي نه هئا. جنگ شهر توڙي رياست کي ڌوئي ڇڏيو هو. پراگ ۾ پئسو حاصل ڪرڻ جو ڪو ذريعو ئي نه هو.

 

25

پڄاڻي جو وقت اچي ويو هو. جان ڪيپلر! ڪجهه به نه ٿيندو، پنهنجي گهوڙي تي چڙهه ۽ گهر ڏانهن روانو ٿي. انهي کان وڌيڪ ڪو قابل رحم ماڻهو ڪڏهن ڪنهن شهر جو ڦاٽڪ نه ٽپيو هوندو. توهان جيڪڏهن انهي مصيبت ماريل منهن ۽ انهن ويجهو ڏسندڙ خواب لهندڙ اکين ۾ غور سان ڏسو ها ته هو فيلسوف ۽ سائنسدان هو. پر مٿاڇري نگاه وجهڻ سان هو هڪ پوڙهو، بيمار ۽ همٿ هاريل شخص ٿي ڏسڻ ۾ آيو جيڪو پنهنجي هني تي ڍرڪيو، لهندڙ سج جي پاڇن ۾ اڳتي وڌندو ٿي ويو.

هو انهن پيارن کي ڇا ٻڌائيندو جيڪي سندس واپسي جون واٽون نهاري رهيا هئا. هن وٽ انهن کي ڏيکارڻ لاءِ پنهنجي خالي هٿن ۽ خالي کيسن کانسواءِ ڪجهه به نه هو ۽ هنن جو ته واحد سهارو هيءُ ئي هو.

نومبر جو مهينو هو ۽ سندس رستي تي ڇڻيل پن ۽ وڻن جي خالي ٽارين مان کيس ڪابه خوشي نه ٿي ملي. ٿڌيون هوائون گهلي رهيو هيون ۽ مينهن وسي رهيو هو. جان ڪيپلر مان ويڙهاڪ روح ختم ٿي ويو هو. هو ڳوڙهي ٿيو مضبوطي سان هني تي ويٺو رهيو ۽ گهوڙي تي يقين هوس ته پنهنجي واٽ ويٺو هلندو رهندو.

هو راتسبان (Ratisban) ۾ رات گذارڻ لاءِ لهي پيو. ٻئي ڏينهن هو اٿڻ کان لاچار هو. هو سمورو ڏينهن بستري ۾ پيو دير ٿيڻ تي افسوس ڪندو رهيو.

”آءُ صبح تائين بهتر ٿي ويندس. آءُ انهن حملن تي ٺهي ويو آهيان اهي گهڻو وقت نه هلندا آهن.“ پر صبح جو سندس طبيعت صحيح نه ٿي. بخار وڌي ويو. سندس چوڌاري پاڇا وڌندا ويا ۽ بيٺل اجنبين جا آواز جهيڻا ٿيندا ويا.

سندس ذهن ۾ ڪهڙيون سوچون هيون؟ هو مذهبي ماڻهو هو ۽ شايد ته سندس ذهن خدا ۽ مسقبل بابت سوچي رهيو هو. خاتمي جو وقت تمام ٻاجهه ڀري جلدي سان اچي ويو. جان ڪيپلر راتسبان جي ننڍڙي شهر ۾ 1630ع ۾ فوت ٿي ويو.

 

26

ڪيپلر جو موت وانگر زندگي جي به وڏي حصي سان مکا ميلو اڪيلائي ۾ ٿيندو رهيو. جيئن اسين ڏسي آيا آهيون ٽائيڪو براهي سندس ٿوري وقت لاءِ مدد ڪئي. انهي مختصر وقفي کان اڳ توڙي پوءِ هن پنهنجي جنگ ٻئي ڪنهن جي مدد کانسواءِ وڙهي. براهي کي بادشاه تمام سٺي گرانٽ ڏني. نواب گليلو جي پٺڀرائي ڪندا رهيا ۽ رياست نيوٽن جي مدد ڪئي. غريب ۽ بيمار ڪيپلر کي اهڙو ڪو به سرپرست نه ملي سگهيو جيڪو سندس ضرورتن جو خيال رکي.

پر ڪابه ڳالهه انهيء ماڻهو جي آڏو نه اچي سگهي. هو ٿا ٻڙ جي ڪريو به پروري پيرن تي بيهي رهيو. هو ناڪامين پٺيان ناڪاميون ڏسندورهيو پر انهن کي ڪا به اهميت نه ڏنائين ۽ انهن کي جوڙي هڪ مينار تعمير ڪري ورتائين جنهن جي چوٽي تان آسماني قانونن کي گرفت ۾ آندائين. هن پنهنجي ڪمزوري ۽ بيمار جسم جي باوجود آسمانن آڏو آڻ نه مڃي ۽ سندس للڪار کيس لافاني سوڀ بخشي ڇڏي.


*  آسمان جي اترئين اڌ گول ۾ ستارن جو هڪ ميڙ جنهن جا پنج ستارا W جي شڪل ٺاهين ٿا، عربي ۾ انهيءَ لاءِ ذات الڪرسي جو لفظ مستعمل آهي. (سنڌيڪار)

(1)گول کي هميشه هڪ مرڪز هوندو آهي پر بيضوي شڪلين کي ٻه مرڪزي نقطا هوندا آهن. سنڌيڪار

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org