سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :19

باب چوويهون

چارلس ڊارون

چارلس ڊارون پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ ويٺو هو ۽ خوف سندس پاسي ۾ ڇپ هنيون ويٺو هو. سندس دري کان ٻاهران باغيچي مان سندس ٻارن جا دٻيل آواز اچي رهيا هئا. ڊائون (Downe) جي سانتيڪي ڳوٺڙي ۾ ته جون مهيني واري گرمائش هئي پر مائرن ۽ پيئرن جي دلين ۾ جون جا ڪي به آثار نه هئا.

لال بخار انڌا ڌنڌ ۽ وڏي شدت ۽ جلديء ۾ وار ڪري رهيو هو ۽ ڪو به ٻار محفوظ نه هو. چارلس ڊارون انهيءَ خوفناڪ بيماري کان چڱي طرح واقف هو، ڇاڪاڻ ته اها ست سال اڳ به لڪندي ڇپندي سندس گهر ۾ آئي هئي ۽ ڏهن ورهين جي ايني ايلزبيٿ کي پنهنجين اُلاڪڍندڙ ٻانهن ۾ کڻي وئي هئي. هو سموري گهراڻي لاءِ خوشي ۽ مسرت جو سبب هوندي هئي. هاڻي به جڏهن انهي پياري ۽ سٺي ٻار جو خيال سندس دل ۾ آيو ته سندس اکين ۾ ڳوڙها تري آيا جو هو سندس پياري ۽ ڀاڳن ڀرئي منهن سان هاڻي به ۽ تاابد محبت ڪندو رهندو.

سندس ٻار باغيچي ۾ وري به ڊنل ۽ پريشان ويٺا هئا جڏهن ته گهرجي هڪ هڪمري ۾ 18 مهينن جو هڪ ڇوڪرو زندگي لاءِ جاکوڙي رهيو هو. اهو ٻارڙو ڊارون جي ٻارن مان سڀ کان ننڍو هو ۽ ذهني طور معذور هو. ماءُ جي ممتا انهي ويچاري ننڍڙي ڇوڪري کي ڏاڍي پاٻوهه سان پنهنجي هنج ۾ رکيون ويٺي هئي. جيڪڏهن انهي جي بچڻ جو ڪو به امڪان هوندو ته هوءَ انهي کي بچائي وٺندي.

چارلس پنهنجن ٻين ٻارن کي بچائڻ لاءِ سڀ اپاءُ ورتا هئا. ٿي سگهي ٿو ته اهي ست روشن اکين وارا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون وڌي وڏا ٿي پون ۽ دنيا ۾ پنهنجو نالو ڪڍن. سندس ڳڻتي جو سبب اهي هئا. هن انهن کي ٻِارن کي خوش رکڻ چاهيو ٿي.

اهڙي وقت ۾ ڪو به ڪم ٿيڻ ناممڪن هو. هو پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ هو پر واندو ويٺو هو. هو هيڏانهن ڪو ڪم ڪرڻ نه آيو هو. هو اڪيلو ويهي سوچ ويچار ڪرڻ آيو هو. سندس دريءَ کان ٻاهرين دنيا ۾ پکين جون ٻوليون، هوا جا سرٻاٽ ۽ وڌندڙ شين جا اڻلکيا آواز هئا. لڙڪندڙ ڀرن جي هيٺان اندر ويٺل اکين وارو اهو ماڻهو انهن سڀني ڳالهين کان مڪمل طور واقف هو. هن ته انهن شين کان به اڳتي فطرت جي دل کي به ڏسي ورتو هو ۽ ٻئي ڪنهن به ماڻهو کان وڌيڪ اچرج جهڙيون شيون ڏٺيون هيون. هر هڪ چمڪايل کنڀ؛ گاهه جي هڪ هڪ تيلي ۽ ٽڪريءَ جي هر هر  پٿر ۾ هن لاءِ ڪو پيغام ۽ ڪا معنيٰ سمايل هئي. هن لڳ ڀڳ ٽيهه ورهيه فطرت جي مختلف مزاجي ڪيفيتن جو اڀياس ڪيو هو. هو سندس کيٽن ۽ محبت، سندس ڪٺورتا ۽ ڪوملتا، سندس فياضي ۽ خودغرضي ۽ سندس پاران ڪيل ڪِيسن مطلب ته انهي جي هر ڳالهه کان واقف هو.

هو انهي جي ڳجهين ۽ اندروني ڳالهين کان واقف هو. هن انهي جي ڪجهه سوالن جا جواب ڏنا هئا ۽ جلد ئي هڪ سڀ کان وڏي سوال جو جواب ڏيڻ وارو هو. هو انهي جواب لاءِ ويهن ورهين تائين پنهنجيون توانائيون گڏ ڪندو رهيو هو. هو دنيا جي گولي کي ڦيرو ڏئي آيو هو ۽ عجيب غريب جاين تائين به پهچي ويو هو ۽ بيماري، ٿڪ ۽ اڪيلائي کي منهن ڏئي فطرت جي ٻوليءَ جا لفظ سکڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. هن کي پنهنجو جواب ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ ڏهه هزار چچڙن سان به گڏ رهڻو پيو هو.

انهيءَ دوران ويهن ورهين جو عرصو گذري ويو ۽ هن پاران ايما ويج ووڊ سان شادي ڪرڻ کان اڳ ئي هن جواب ڳولهڻ جي ضرورت محسوس ڪري ورتي هئي ۽ هاڻي سندس سڀ کان وڏو پٽ ارڙهن ورهين جو ٿي ويو هو.

 

2

 چارلس ڊارون پنهنجي گهر ۾ لال بخار هوندي به 1858ع جي جون مهيني جي هن ڏينهن تي به پنهنجي ذهن مان ڪم جي ڳالهه مڪمل طور نه ڪڍي سگهيو هو. شايد انهي ڪم کي ذهن ۾ رکڻ ئي بهتر هو جو هو شايد ائين ڪري ڪجهه گهڙين لاءِ ئي ڳڻتين کي پنهنجي ذهن مان ڪڍي سگهي ها.

سندس ڪم جو مقصد هن سوال جو جواب حاصل ڪرڻ هو ته: جانورن ۽ پکين جا مختلف قسم وجود ۾ اچڻ پٺيان ڪهڙي قوت آهي؟ هن جيتوڻيڪ ٽيهه ورهيه اڳ خاص تخليق واري نظريي کي بغير هٻڪ جي قبول ڪري ورتو هو پر هاڻي هو انهي کي هضم نه ٿي ڪري سگهيو. انهن ڏينهن ۾ هو چرچ آف انگلينڊ جو پادري ٿيڻ جي تياري ڪري رهيو هو. پالي پاران ٻڌايل سبب کيس ڪافي لڳندا هئا. زندگي انهي نقطه نظر کان ڏاڍي سادي نظر ايندي هئي ۽ تڏهن اهڙا سوال به منظر تي نه آيا هئا جن جي جواب لاءِ ويهه ورهيه ڪم ڪجي.

چارلس ڊارون انهي سادي نظريي کي چنبڙي نه ٿي سگهيو. فطرت سندس گرفت ڪمزور ڪري ڇڏي. هن پنج ورهيه دنيا ۾ گهمڻ ڦرڻ دوران ڪيتريون ئي اهڙيون شيون ڏٺيون هيون جيڪي شخصي خدا جي دائري ڪار کان ٻاهر هيون. ڪو غير شخصي ۽ پُر عظمت خدا ته ممڪن آهي ته هجي پر سڀئي گل، سڀئي ننڍڙا جانور عبراني پاڪ ڪتابن ۽ اوڻيهين صدي جي انگلينڊ واري خدا جي خلاف رڙيون ڪري رهيا هئا. اهڙي طرح چارلس انهي خدا سان گڏوگڏ خود پنهنجي به ڏورانهين ۽ شاندار خدا کي پري رکي ڇڏيو ڇو ته هو انسان جي فهم کان ٻاهر آهي ۽ پنهنجي توجهه چچڙن ۽ ٽنڊڻن ڏانهن ڪري ڇڏي.

پر هن مهرباني ۽ انساني همدردي جي جذبن کي پاڻ کان پري نه رکي ڇڏيو هو. سندس ڀرسان گڏ ٿيندڙ ٻارن جو هن سان ڏاڍو چاهه هوندو هو ۽ سندس دوست به هن سان پر خلوص هوندا هئا. هو ڪنهن به مذهبي فرقي تي وار نه ڪندو هو ۽ نه ئي ڪنهن ماڻهو جي عقيدي تي تنقيد ڪندو هو. هو چوندو هو ته ”ڀلي هر ماڻهو اميد جي شمع جلايون ۽ جنهن ۾ وڻيس انهي ۾ ايمان رکيون ويٺو هجي.“ پر هن پنهنجي اميد ۽ پنهنجو عقيدو فطرت جي فياضي ۾ رکيو.

نوع (Species) جيڪڏهن خاص تخليق سان نه ته ٻيو ڪهڙي طريقي سان وجود ۾ آيا هئا؟ پيسفڪ سمنڊ جي گلاپاگوس (Glapagos) ٻيٽن وارن ڏينهن دوران مبهم جواب جو هڪ ڪرڻو سندس ذهن ۾ آيو هو. اتي مختلف نوع هڪٻئي سان ملندي جلندي ٿي نظر آيا ۽ اتان جي جانورن جي ڏکڻ آمريڪا جي جانورن سان مشابهت هئي. هاڻي جيڪڏهن گلاپاگوس جون اهي جاندار شيون خاص تخليق جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون هيون ته انهن ۽ سندن پاڙيسرين ۾ فرق بنهه ٿورو ڇو هو؟ خدا ايترين ننڍڙين ڳالهين تي ايتري گهڻي توجهه ڇو ٿي ڏني؟

يا هن کي انهي مان ڪو اشارو يا اشاري جو ڪو پرتو ملي سگهيو ٿي ته ڪي به شيون هوبهو هڪجهڙيون نه آهن. ڪٿي نه ڪٿي اختلاف نڪري اچن ٿا. انهن مان ڪجهه اختلاف فائديمند ٿين ٿا ته ڪجهه نقصان ڏين ٿا؛ ڪجهه زندگي کي سولو ته ڪجهه ڏکيو ڪن ٿا. انهن اختلافن جي سبب جيڪڏهن زندگي سولي ٿي پوي ٿي ته ٻوٽي يا جانور کي زنده رهڻ ۽ واڌ ويجهه جو سٺو موقعو ملي ٿو ۽ جيڪڏهن زندگي مشڪل ٿي پوي ٿي ته خراب خصوصيت کي اڳتي وڌائڻ جو امڪان به گهٽجي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته انهي ٻوٽي يا جانور پاران ماءُ پيءُ ٿيڻ جو ئي امڪان گهٽ رهي ٿو.

چارلس ڊارون جڏهن بيگل نالي سامونڊي جهاز ۾ گلاپاگوس کان اولهه طرف روانو ٿيو هو ته کيس روشني جو اهو ننڍڙو ڪرڻو نظر آيو هو.

پر اها ڳالهه ثابت ڪيئن ڪجي؟ هن کي پاڻ کي يقين ڪئين ٿئي ۽ هو سموري دنيا کي ڪيئن ٻڌائي ته هو صحيح آهي؟ هو ويهن ورهين کان به وڌيڪ عرصي جي خراب صحت دوران به انهي راءِ کي پڪو پختو ثابت ڪرڻ لاءِ مواد گڏ ڪندو رهيو هو. سندس سڌي ڄاڙي ۽ اڳتي وريل ڀرون انهي ڳالهه جي نشاني هئا ته هي ماڻهو هٿ ڪڍڻ وارو نه آهي. ”ڄميل رهندؤ ته ڪامياب ٿي ويندؤ.“ هو اها ڳالهه اڪثر پيو ورجائيندو هو ۽ هو پاڻ به ڄميل رهيو هو.

 

3

ڊارون جڏهن سموري فطرت کي پنهنجن تجربن ۽ تجزين جي ڇاڻي ۾ وجهڻ جو عظيم ڪم شروع ڪيو هوته سندس وات تي اهائي وائي هوندي هئي ته ”حقيقتون، حقيقتون؛ مون کي ثبوت گهرجن.“ نظريي ۾ ڪا به پيچيدگي نه هئي، هن اهو مختصر طور سورنهن ورهيه اڳ لکي ڇڏيو هو ۽ ٻه سال پوءِ تفصيل سان لکيو هئائين. هاڻي هو انهي جي تائيد لاءِ ئي ڪم ڪري رهيو هو.

هن پنهنجو نظريو ڪجهه ماڻهن جي سامهون پيش ڪيو هو جن ۾ وڏو جيالاجسٽ چارلس لائل، نيچرلسٽ جوزف هوڪر (Joseph Hooker) سندس ڀاءُ ڊاڪٽر اراسمس ۽ آمريڪا جي وڏي بوٽانسٽ آساگري (Asa grasys)(1) جهڙا چونڊ ماڻهو شامل هئا. انهن سڀني سندس نظريي کي شڪ شبهي جي نظر سان ڏٺو هو. هائو! چارلس ڊارون کي خبر هئي ته سموري دنيا سندس خلاف هئي. ڪڏهن ڪڏهن ته هو خود شڪ شبهي جو شڪار ٿي ويندو هو ۽ سندس يقين ڪمزور ٿيڻ لڳندو هو. هو سوچيندو هو ته ڪٿي ائين ته نه آهي ته منهنجي ذهن ۾ اها ئي ڳالهه پئي ٿي ڦري تنهن ڪري منهنجي خيالن ۽ اميدن مون کي پنهنجي آسپاس موجود حقيقتن کان انڌو ڪري ڇڏيو آهي.

پر سندس دوست جيڪي شڪ شبهي جو شڪار ٿيا هئا ۽ اڳتي نه ٿي وڌيا اهي به سندس عّظيم ڪم کي دل ۾ پيا ساراهيندا هئا ۽ سندس ناموري ڏسي کين ساڙ پيو ٿيندو هو. اهي کيس چوندا هئا ته ”پنهنجو نظريو ڇپرائي ڇڏ ۽ انهي ۾ ڪا دير نه ڪر، متان ٻئي ڪنهن جي ذهن ۾ به اهو ساڳيو خيال نه اچي وڃي ۽ هو اهو فوراً ڇپرائي تنهنجي ويهن ورهين جي ٿيل ڪم کي تباهه نه ڪري ڇڏي.“

چارلس کي اهڙين ڳالهين پريشان نه ڪيو نه ئي هن ڪا هڙ تڪڙ ڪئي. هو پاڻ کي باربار پيو چوندو هو ته کيس ٻين سائنسدانن پاران اڳ کٽي وڃڻ واري ڳالهه کان پريشان نه ٿيڻ گهرجي. هو سچ جي ڳولها ۾ هو. سندس دل حسد ۽ ساڙ کان آجي هئي ۽ هو سمجهندو هو ته ڪريڊٽ جو معاملو پاڻهي ڪو حل ڪڍي وٺندو.

هو جيتوڻيڪ ڪاميابي حاصل ڪرڻ جي امنگ ۽ جذبي کان خالي نه هو پر اها ڳالهه سولائي سان سمجهي سگهجي ٿي ته سندس امنگ جي تسڪين لاءِ سندس دوست، سندس گهر ٻار ۽ سندس تحقيقون ئي ڪافي هيون. هو جيڪڏهن ننڍڙين ڳالهين جي حاصلات بابت امنگون رکندڙ هجي ها ته هو کيس مليل موقعا ائين هٿان نه وڃائي ها. هو ٻه ورهيه ايڊنبرگ ۾ رهيو هو جتي هن ڊاڪٽر ٿيڻ پئي چاهيو پر هن اتان قرابادين (Mataria medicia) کان نفرت پرائي. هو وري ڪجهه سال ڪيمبرج ۾ به رهيو جتي هن پادري ٿيڻ پئي چاهيو ۽ هو هڪ ڊنر ڪلب سان به لاڳاپيل رهيو جتان خبر پئي هئس ته گهڻو شراب پيئڻ جو مطلب ڇا آهي؟ هو ليڪچرن ۾ به ڪا ڇڪ محسوس نه ڪندو هو. انهي جي بجاءِ هو ڪلهي تي بندوق رکي شڪاري سفر تي وڃڻ پسند ڪندو هو. هن جا ڪي اهڙا سنجيده شوق نه هئا جن ۾ هن جي ٻين ڳالهين کان وڌيڪ دلچسپي هجي. هو گُلن، جيتن ۽ پهڻن جو به ڪنهن ماهر نه پر شوقين وانگر پيو اڀياس ڪندو هو. سندس ذهن ۾ اها ڳالهه ڪڏهن به نه آئي هئي ته سندس زندگيءَ جو اصلي ڪم انهي رخ ۾ واقع آهي.

 

4

پر اهي سڀئي ڳالهيون ته ٽيهه ورهيه اڳ جون آهن. هو هاڻي ته پنهنجن ٻارن جي قسمت بابت سوچي ڏڪي رهيو هو. جڏهن سندس پيارا موت جي منهن ۾ هجن ته ڇا جانوع ۽ ڪهڙا زندگي جا نظريا؟ هو ناس جي چپٽي ڏيڻ لاءِ اٿي هال ۾ ويو. هو قد جو ڊگهو هو ۽ ٿورو جهڪي هلندو هو. سندس منهن ۾ گهنج هوندا هئا پر اهي فقط کلڻ ۽ پاٻوهه جي اظهار وقت ظاهر ٿيندا هئا. سندس عمر 49 ورهيه هئي ۽ هن 18 ورهين تائين هڪ ڏينهن به خوش نه گذاريو هو. انهي جي باوجود به سندس قدم مضبوط؛  رنگ کليل ۽ هڏ ڪاٺ مضبوط هوندا هئس.

هو جيئن هال ۾ بيٺو هو ته پري کان بيمار ٻار  جي تيسي ۾ ورتل ڪنجهه ڪُرڪ سندس ڪن تي پئي. هو انهي ويچاري معذور ٻار لاءِ هاڻي به ڪجهه نه ٿي ڪري سگهيو نه ئي وري پوءِ ڪجهه ڪري سگهندو. ها جيڪڏهن  موت انهي شڪسته زندگي کي پڄاڻي تي پهچائي..

هو ڏاڪا لهي اُٿي ويٺيءَ واري ڪمري ۾ آيو جتي روزاني جي ٽپال سندس انتظار ۾ پئي هئي. هن بغير سوچ ويچار جي خطن کي اٿلائي پٿلائي ڏٺو. هن سوچيو ته  زندگي جو معمول به ڏاڍي ڪٺورتا سان اڳتي هلندو رهي ٿو. انهي لاءِ موت ۽ بيماري جهڙيون ڳالهيون ڪا به اهميت نه ٿيون رکن. ايما بيمار ٻار سان ويٺي هئي ۽ پنهنجي معمول مطابق ٽپال کولي هن کي پڙهي نه ٿي ٻڌائي سگهي. خط انتظار ڪري سگهن ٿا. انهن ۾ اهڙي ڪا تڪڙي ڳالهه ته آهي ڪا نه... سندس اکين ۾ دلچسپي جي چمڪ پيدا ٿي وئي ٻين لفافن  سان گڏ هڪ عجيب ٺپن وارو لفافو به پيو هو جيڪو گهڻا هٿ لڳڻ سبب ميرو ٿي ويو هو. چارلس اهي اکر سڃاتا ٿي ۽ ڏاڍي شوق سان ان جي مهر لاٿائين.

”واليس کي هاڻي الائي ڇا چوڻو آهي،“ هن سوچيو: اڙي هي ويچارو ته بيمار ٿي پيو آهي؛ ڪا ئي ڳالهه نه آهي؛ انهن ٻيٽن جي آبهوا به ڏاڍي خراب آهي پر شڪرانا هو هاڻي ٺيڪ آهي. هو جڏهن بيمار هو ته سندس ذهن ۾ ڏاڍا عجيب خيال هوندا هئا. هو منهنجي راءِ پڇڻ چاهي ٿو، ڇا جي باري ۾ راءِ؟ نوعن جي اصليت  (Origin of species) ۽ نيچرل سليڪشن پاران ان ۾ ادا  ڪيل ڪردار! ڇا؟

هو پنهنجي وڏي پٺيءَ واري ڪرسي تي ويهي رهيو ۽ الفريڊرسل واليس پاران هن ڏانهن لکيل ڊگهو خط آهستي آهستي ۽ افسوس سان پڙهڻ لڳو جنهن جا آخري لفظ هي هئا: سر چارلس لائل منهنجي اڳوڻن ليکن بابت به سٺي راءِ قائم ڪئي هئي توهان جيڪڏهن هي به انهن کي ڏيکارڻ جي لائق سمجهيو ته...

ڊارون هڪ جاءِ تي ويٺو  رهيو. جنهن هٿ ۾ اهو خط هو انهي ۾ به ڪا لرزش نه هئي. سندس منهن جي تاثرن ۾ به ڪا تبديلي نه آئي پر سندس اندر ويٺل اکين مان چمڪ ختم ٿي وئي ڄڻ ته هن ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪو پاڇو اچي ويو هجي. هن ڪا رڙ دانهن نه ڪئي. هن ته ايما کي به سڏ نه ڪيو ۽ انهي ڪمري ۾ اڪيلو ويٺو پنهنجي ناواجبي سزا ڀوڳيندو رهيو.

سندس چوطرف سندس زندگي جي خواب جا ڀڳل ٽٽل ٽڪرا پکڙيا پيا هئا. ٽورنيٽ (Tornate)  جي ڏورانهين ٻيٽ مان واليس کيس تباهه ڪري ڇڏيو هو ڇاڪاڻ ته واليس صاف ۽ چٽن ۾ لفظن ۾ بلڪل اهو ئي نظريو لکي موڪليو هو جنهن تي هو ڪيترن ورهين کان ڪم ڪندو رهيو هو. اهو هر لحاظ کان ايترو ته مڪمل هو ڄڻ ته اهو چارلس جي 1842ع ۾ لکيل هڪ مقالي جو اختصار هجي.

چارلس ڊارون اهو خط پڙهڻ کانپوءِ ايندڙ ڏکين گهڙين ۾ پنهنجي دل کي جانچيو ۽ اتي کيس والس لاءِ ڪا به نفرت ۽ انهي ماڻهو کان ڪو به ساڙ ڏسڻ ۾ نه آيو هو جنهن کيس گوءِ ۾ هارائي ڇڏيو هو. سندس دل ۾ هڪ گهڙي لاءِ به اهو خيال پيدا نه ٿيو ته هو واليس کان اهو اعزاز ڦري وٺي جيڪو حقي واجبي طور هن جو هو پر سندس ذهن ۾ اهي ڏهه هزار چچڙ، اهي ويهه ورهيه ۽ گڏ ڪيل نوٽس جو اهو ڍير ڦرڻ لڳو  جيڪو هاڻي ڪنهن به ڪم جو نه رهيو هو. آخر ۾ هن پاڻ کان اهو سوال پڇيو ته آءُ واليس جي ڪهڙي طريقي سان بهتر خدمت ڪري سگهان ٿو؟

 

5

 چارلس ڊارون انهيءَ ڏينهن شام جو واريءَ تي واڪ ڪندي آهستي آهستي هلندو رهيو. زندگيءَ مان خوشي ۽ جوش ختم ٿي ويو هو. سندس پٺيان گهر ۾ بيماري، اداسي ۽ موت جا وڌندڙ پاڇا هئا. سندس پٺيان ننڍڙو اڇي رنگ جو فاڪس ٽيريئر ماٺ ميٺ ۾ ٽپڙا ڏيندو اچي رهيو هو ڇاڪاڻ ته هن سمهجي ورتو هو ته سندس مالڪ ڪنهن عجيب ذهني ڪيفيت ۾ آهي. اهو ڊگهو ماڻهو بيهي ڪنهن گل ۾ دير تائين نهاريندو به نه رهيو نه ئي گندن ڪيڙن جي ڳولها ۾ پنهنجي لٺ سان پٿرن کي اٿلائي پٿلائي ڏٺائين. هو اڄ پوڙهي باغائي سان چار چونڪ ڳالهين جا ڪرڻ به نه بيٺو. اڄ سندس اکيون دنيا کان بند هيون ڇاڪاڻ ته سندس خيالن ۾ وڏي آنڌ مانڌ متل هئي.

ڇا هو تڏهن پاڻ کان ايتري اڇاتري انداز ۾ ئي واقف هو؟ ڇا سندس سمورو ڪم واقعي به شهرت لاءِ هو؟ ڇا هو ايترو ننڍڙو هو جو دل کولي ۽ بي ڊپائي سان سچ جي سامهون نه ٿي اچي سگهيو؟ ڇا هو پاڻ کي ۽ پنهنجن سمورن دوستن کي بناوٽي نهٺائي سان دوکو ڏيندو رهيو هو؟ ڇا سندس روح ايترو وڏو نه هو جو اهو خسيس شخصي مفادن کان مٿي سوچي سگهي تنهنڪري هو ڀڄي ڀورا ٿي ويو هو؟ ڀلا اها ڳالهه صحيح آهي ته هن پنهنجي فطرت جي سڀ کان اندروني حصي ۾ ادراڪ ۽ ڏاهپ بجاءِ اعزاز ۽ مرتبو چاهيو ٿي؟ هاڻي اها خوشي ڪيڏانهن وئي هلي جيڪا کيس هڪ دفعو انهيءَ يقين ۾ حاصل ٿي هئي ته هن پنهنجو ڪم ايمانداريءَ سان ۽ بهترين نموني سان سرانجام ڏئي ڇڏيو آهي؟

هو اڳيئي مشهور ٿي چڪو هو. هو امير ماڻهو به هو. سندس نظريي جي عام مقبوليت سندس خوشي ۾ ڪهڙي طرح اضافو ڪندي؟ هن جيڪڏهن اهو چاهيو ٿي ته ماڻهو سچ کان واقف ٿين ته هو اها ڄاڻ ڀلا واليس کان حاصل نه ٿي ڪري سگهيا ڇا؟ دنيا جي پر انهين ڪناري تي رهندڙ انهي سچ جي ڳولهائو ۽ گم نام ۽ غير مشهور نيچرلسٽ کي پنهنجي مقالي مان جيڪا عزت ملي ها. هو انهي جو حقدار نه هو ڇا؟

هن واليس وارو خط اڳي ئي لائل ڏانهن موڪلي ڇڏيو هو ۽ سندس اميدن کي چڪنا چور ڪندڙ انهي حيرت ناڪ بم گولي بابت هوڪر ڏانهن به خط لکي ڇڏيو هئائين. هاڻي اهي ٻئي فيصلو ڪندا ته ڪهڙو ڪم صحيح ٿيندو؟

هن پنهنجي سر اهو پڪو پهه ڪري ڇڏيو هو ته واليس جو مقالو  بنا دير ڇپرايو ويندو جئين اوليت جو ڪڏهن سوال ئي پيدا نه ٿئي.

پر لائل ۽ هوڪر کيس اهڙي طرح پاڻ کي قربان ڪرڻ ۽ انهن ويهن ورهين جي ڪم تان هٿ کڻڻ جي اجازت نه ڏني. هنن اهو طي ڪيو ته ڪم هئين ڪيو ويندو: ”واليس جو هي مقالو ۽ تنهنجو 1844ع ۾ لکيل مقالو يا انهي جو ڪجهه حصو ۽ تو پاران گذريل سال آساگري ڏانهن لکيل خط جو ڪجهه حصو لينائي سوسائٽي (Linnaean Society) ۾ هڪ گڏيل مقالي طور پڙهيا ويندا ۽ پوءِ اهي ٻئي مقالا رڪارڊ تي اچي وڃڻ کانپوءِ تون ڀلي پنهنجو ڪم پيو ڪجانءِ ۽ پنهنجو ڪتاب به ڇپرائجان ۽ انهي سان واليس جي به ڪا حق تلفي نه ٿيندي.“

 

6

لائل ۽ هوڪر اهڙي طرح پنهنجي دوست کي بچائڻ ۽ واليس سان باعزت هلت ڪرڻ جي رٿ رٿي ورتي. پر ڇا انهن جي دوست جو بچاءُ ٿي ويندو؟ جيئن ته ڏينهن به ويا پئي اينگهندا تنهن ڪري اها ڳالهه ڪجهه وقت لاءِ شڪ جي ورچڙهيل پئي نظر آئي. ڇاڪاڻ ته ڊارون پنهنجن اعليٰ اخلاقي قدرن مطابق  انهي ڳالهه تي ڳت ڏنيون بيٺو رهيو ته سموري ڪريڊٽ جو حقدار واليس ئي آهي. هوڪر گهڻا ئي دليل دلائل ڏنا ۽ رڙيون دانهون ڪيون ۽ لائل کيس ڏاڍو ريهي ريبي رام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر چارلس کي پنهنجو ذهن تبديل ڪرڻ تي آماده ڪرڻ سولو ڪم نه هو.

انهن اونداهين گهڙين ۾ جڏهن بخار جي تپش سندس پٽ جي زندگي ختم ڪندي پئي وئي هن اها ڳالهه محسوس ڪري ورتي ته سندس پنهنجو فيصلو به ڀروسي جوڳو نه آهي. هن لائل کي چيو ته مون کي پنهنجي ڪيترن ورهين جي اوليت تان هٿ کڻڻ تان مجبور ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿو لڳي پر مون کي انهي ڳالهه جي ڪڏهن به خاطري نه ٿي لڳي ته..

واليس جو خط پهچڻ کان ڏهه ڏينهن پوءِ ننڍڙو چارلس وارنگ ڊارون فوت ٿي ويو. انهي معذور روح جي وفات کي ڊارون ڪو وڏو نقصان نه سمجهيو هوندو. هو ته پنهنجي  بدقسمت پٽ جي ايندڙ زندگيء کي ڏسندي ڏاڍو ڊڄي ويندو هو. خوف ۽ ڳڻتي، هٿن مان وڃايل ڪم ۽ ڀورا ڀورا ٿيل امنگون؛ پٽ جو موت ۽ ان جي روئندڙ ماءُ انهن سڀني ڳالهين اوچتو گڏجي کيس ڪيرائي وڌو ۽ سدائين سندس پاسي ۾ رهندڙ بيماري به هن کان ڏن گهري رهي هئي.

هو پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ صوفا تي آهليو مٿي جي سور کي منهن ڏئي رهيو هو ۽ انهي سور مان اهو سوال به فوري جواب لاءِ رڙيون ڪري رهيو هو. هو لائل ۽ هوڪر پاران سندن مرضي هلائڻ تي ڪيئن راضي ٿي وڃي؟ پهريان تاثرات عام طور درست هوندا آهن ۽ پهريون دفعو سوچڻ سان مون کي هاڻي پنهنجو مقالو ڇپرائڻ اعليٰ اخلاقي قدرن جي خلاف ٿو لڳي.

”آءُ هاڻي انهي موضوع تي ڪجهه به سوچي نه ٿو سگهان“ هن هوڪر ڏانهن خط ۾ لکيو ”آءُ بلڪل بي حال آهيان ۽ ڪجهه به نه ٿو ڪري سگهان پر ايترو ضرور چوندس ته هاڻي گهڻي دير ٿي وئي آهي مون کي اوليت بابت فڪر ڪرڻ ئي ڏاڍي....

هوڪر کيس رکو جواب ڏئي ڇڏيو ته: ”تون پنهنجو ڪيس لائل ۽ منهنجي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيو آهي تون اسان جو اصيل آهين ۽ توکي اهو ڪرڻو پوندو جيڪو اسين چئون ٿا. تون اسان تي اعتبار ڪر ته اسين تون ۽ واليس ٻِنهي جو دفاع ڪنداسين.“

آخر ۾ ڊارون فقط اهو ئي چئي سگهيو ته: ”آءُ سڀ ڪجهه ڪندس. خدا تو تي رحم ڪري منهنجا پيارا مهربان دوست.“

 

7

چارلس ڊارون پنهنجي مطالعي جي ڪمري ۾ ويٺو هو ۽ سندس کليل دري جي ٻاهران وري جون جو مهينو پنهنجون جولانيون ڏيکاري رهيو هو. ننڍڙي چارلس وارنگ جي قبر تي گل ڦٽندي هڪ سال ٿي ويو هو. سائنسدانن جي هڪ ننڍڙي گروپ کي ڊارون پاران پنهنجي نظريي جا ثبوت پيش ڪرڻ جو انتظار ڪندي هڪ سال ٿي ويو هو ۽ خود ڊارون به پنهنجي سموري طاقت سان هڪ سال کان اهي ثبوت ترتيب ۾ آڻڻ جي ڪم ۾ رُڌل هو.

ڪتاب پڄاڻي جي ويجهو هو. مري (Murray) جيتوڻيڪ مسودو ڏٺو به نه هو ته به چئي ڇڏيو هئائين ته هو اهو سٺن شرطن تي ڇاپيندو. ڊارون به اها ڳالهه ظاهر ڪري ڇڏي هئي ته انهي ۾ مذهبي آزاد خيالي فقط ايتري آهي جيتري انهي مضمون لاءِ هئڻ ضروري آهي. انهي سان مري کي ته اطمينان ٿي ويو پر ڇا  اهو ٻئي ڪنهن کي مطمئن ڪري سگهندو؟ لائل هوڪر، گري ۽ جيالاجي ۾ سندس پراڻو استاد سيج وڪ مطمئن ٿي ويندا؟ سندس ڪئمبرج وارو پروفيسر هينسلو ۽ عظيم فزيالا جسٽ اوون مطمئن ٿي ويندا؟ خود سندس زال ايما ڊارون مطمئن ٿي ويندي؟

ايما ڏاڍي کل خوشي سان پنهنجيون زال ۽ ماءُ واريون ذميواريون ادا ڪندي رهي. ست صحتمند ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون ڪنهن به عورت لاءِ چڱو خاصو ڪم ٿي سگهن ٿا ۽ ايما پنهنجين ذميوارين کان ڪنڌ ڪڍائڻ واري عورت به نه هئي. هائو! هوءَ پنهنجا ڪم ته کل خوشي سان پئي ڪندي هئي پر سندس مرڪ جي پٺيان شڪ جو هڪ اڻ چٽو عڪس به موجود هوندو هو ۽ هوءَ اها ڳالهه سوچي ڪجهه پريشان ٿي ويندي هئي ته هو اها ڳالهه سمجهي نه ٿي سگهي ته سندس مڙس جي دماغ ۾ ڇا ٿو وهي واپري. گهڻو ڪري هو جڏهن کيس ڪجهه پڙهي ٻڌائيندي هئي ۽ هن کي صوفا تي ويٺي ويٺي سندس آواز جي لوليءَ تي ننڊ اچي ويندي هئي ته هو پنهنجو ڪتاب هيٺ رکي انهيءَ چهري کي پڙهڻ لڳندي هئي جنهن کان هو چڱيءَ طرح واقف ته هئي پر ان جي اصليت کان ڪڏهن به واقف نه ٿي سگهندي.

 هن ۽ چارلس جي وچ ۾ پيدا ٿيندڙ اها سنهڙي ڪوهيڙي جهڙي غير محسوس شي ڪهڙي هئي؟ اهو ڪو نظريو، ڪو عقيدو يا اهڙي ڪا ڇڪ هئي جنهن تائين سندس ذهن جي رسائي ناممڪن هئي. ڇا هي شخص جنهن سان هن ويهه ورهيه اڳ شادي ڪئي هئي ۽ جنهن کي ڏهه ٻار ڄڻي ڏنا هئائين اهو ڪو اجنبي هو؟ ڇا ٻنهي جون دنيائون ۽ ٻنهي جا طور طريقا مختلف هئا؟ سندس پاڙيسرين ۾ سرٻاٽ پيا ٿيندا هئا ۽ اهي ڀرون ڇڪيندا ۽ عجيب نظرن سان پيا نهاريندا هئا. هوءَ ته چارلس جي نظريي جي هر ڳالهه کان گهڻي وقت کان واقف هئي پرهن ته انهي کي ڪڏهن به ڪا گهڻي توجهه ڏيڻ جي قابل نه سمجهيو هو.

هاڻي جڏهن هوڪر ۽ لائل پاڻ ۾ ڳالهائي رهيا هئا ته هو انهن جي گفتگو جي ڪجهه ڳالهين تي توجهه ڏيڻ کان رهي نه سگهي ته دنيا شايد چارلس جي نظريي تي کلندي ۽ چارلس کان نفرت ڪندي. اهي ڳالهيون ٻڌي هوءَ صدمي ۾ وٺجي وئي. هو ته سدائين مهربان ۽ صابرين رهيو هو. هو ڪڏهن به ڪو شڪوو شڪايت نه ڪندوهو ۽ پنهنجي بيماري بابت به سوچ فڪر کان ڪم وٺندو هو. جيڪڏهن سندس فطرت ۾ ئي ڪا نفرت جهڙي ڳالهه نه هئي ته ماڻهو هن کان نفرت ڇو ڪندا؟


(1) هتي ڳالهه جو مطلب هي آهي  ته جيئن ته گلاپاگوس پيسفڪ سمنڊ تي ٻيٽن جو مجموعو آهي ته جيڪڏهن اتي جاندار شيون  خاص تخليق جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيون آهن ۽ خود ڏکڻ آمريڪا جي کنڊ وارا جاندار به خاص تخليق جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل آهن ته انهن ٻنهي ۾ فرق ته تمام وڏو هئڻ گهرجي ها پر جيئن ته انهن ٻنهي جاين جا جاندار خاص تخليق جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل نه آهن تنهن ڪري انهن ۾ فرق به ٿورو آهي. (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org