سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :2

باب ٻيون

فيثا غورس ۽ اناگزا غورس

قديم يونانين مان فيثا غورس جو نالو اڃا تائين پيو ٿو ڳائجي. سڀ ڪو انهيءَ نالي کان ڪنهن نه ڪنهن نموني واقف آهي. جيڪڏهن توهانجو لاڙو علم نجوم (Astrology) ڏانهن آهي ته توهانجو پسنديده نجومي توهانجي ڪنن ۾ فيثا غورس جو نالو ضرور وجهندو. توهان جيڪڏهن علم الاعداد (Numerology) جي ذريعي ايندڙ وقت جي کوٽ ڪرڻ چاهيو ٿا ته توهان کي ٻڌايو ويندو ته مستقبل جي ڄاڻ ڏيندڙ اهو علم فيثاغورس ايجاد ڪيو هو. حقيقت ۾ ته ائين نه آهي پر اها ڳالهه ڪا اهميت نه ٿي رکي. توهان اسڪول ۾ هن جو نالو اهڙي شخص جي حيثيت ۾ ٻڌو هو جنهن اها ڳالهه ڳولهي لڌي ته گوني ڪنڊ ٽڪنڊي ۾ سندس هائپاٽينيو (وڏي پاسي) جو چورس ٻين ٻنهي پاسن جي چورس جي جوڙ جي برابر هوندو آهي.

توهان انهيءَ لاءِ سندس مهرباني به نه مڃي هئي ۽ هاڻي ته توهان کان شايد اها ڳالهه به وسري وئي آهي ته انهيءَ جو مطلب ڇا آهي؟ پر توهان کان فيثا غورس جو نالو نه وسريو آهي.

فيثا غورس 582 ق م ۾ سموس ۾ پيدا ٿيو. هن پنهنجي شخصيت جي سبب پاڻ کي لافاني ڪري ڇڏيو آهي. هن وٽ ڏات پڻ هئي پر سڀ کان اڳ اها ڳالهه ته هن کي ماڻهن کي پنهنجو دوست ڪرڻ ۽ انهنجي دوستي قائم رکڻ جي سگهه هئي. هو هڪ وڏو ڳالهير هو، پر انهيءَ ڳالهه کي به کڻي ڇڏيو. لکڻ جو ڪشالو به سندس ڏانءَ وٽان نه هو.

نيسارڪس (Mnesarchus) نالي سندس دولتمند يوناني پيءَ پنهنجي پٽ کي پڙهيل لکيل ڏسڻ گهريو ٿي تنهنڪري هن فيري سائيڊز (Pherecydes) ۽ هرموڊ ماس (Hermodmas) نالي انهيءَ وقت جي عظيم ماڻهن کي قابو ڪيو ۽ انهنکي هن نوجوان کي پڙهائڻ جي ڪم تي هنيو. هن پڙهڻ ۽ سکڻ ۾ ديرئي نه ڪئي ۽ جلد ئي رياضي ۽ فلسفي ۾ پنهنجي استادن کي مات ڏيڻ لڳو. تنهنڪري انهن وٽ وڌيڪ وقت وڃائڻ بيسود هو.

هو اڃا ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ ئي هو ۽ سندس ڄمار لازماً ويهن ورهين جي اندر هوندي جو مٿاهين جاين تان دنيا جا عجوبا ڏسڻ لاءِ روانو ٿي ويو.

 

2

سندس انهي وقت جي تصوير ذهن ۾ آڻيو جڏهن هو پنهنجي سفر لاءِ تيار آهي. سهڻو کلڻو نوجوان، ڊگهو ۽ کڙو تڙو قد، اندر ۾ سانڍيل اميدن، آدرشن ۽ شديد تجسس سان ٻرندڙ ۽ پرجوش منهن؛ ڪنهن به ڳڻتي ۽ فڪر کان آزاد اوڀر ڏانهن روانو ٿي وڃي ٿو. هن چڱي خاصي رقم ۽ نوجوانيءَ جا سپنا ۽ خواب به پاڻ سان گڏ کنيا هئا.

هو پهريان بابل ويو ۽ گهڻو وقت ڏاهن ماڻهن جي قدمن ۾ ويٺو. انهن ماڻهن جو اهڙي نسل سان تعلق هو جيڪي يونانين جي جهنگلي هئڻ وقت به باتهذيب زندگي گذاريندا هئا. هن اتي گهڻوئي علم حاصل ڪيو پر هو جنهن سڪون جو ڳولهائو هو اهو انهن جي ڏاهپ ۾ نه هو. اوڀر اڃا پاڻ ڏانهن سڏي رهيو هو.

تنهنڪري هو انڊيا ۾ لهي ويو. صدين جو علم ۽ ڄاڻ سندس سامهون پکڙي پئي هئي. هن کي اتي ڪيتري ئي سائنس ۽ ڪيتروئي فلسفو هٿ اچڻ سان گڏوگڏ ٻُڌ به ملي ويو جنهن سندس باقي زندگيءَ جي صورتگري ڪئي.

اها ڳالهه ته درست نه آهي ته فيشا غورس کُليو کُلايو ٻوڌي هو پر سندس سِرّيِت (Mysticism)، سندس پاران روحاني ڳالهين تي زور ۽ سندس غير عملي خواب، انهن سڀني ڳالهين مان ٻڌ جو اثر جهلڪي رهيو هو.

آخر ۾ سندس قدم اولهه ڏانهن ڦِريا ۽ هو مصر ۾ رولاڪيون ڪندو رهيو. انهيءَ ڳالهه جو به چڱو امڪان آهي ته هن نيل ملڪ جي پروهتن کان پنهنجو جاميٽري جو علم سکيو. روايت آهي ته هن پنهنجو گوني ڪنڊ ٽڪنڊي وارو مشهور ٿيورم سڀ کان اڳ اتي ئي حل ڪيو هو.

 

3

   هو آخرڪار يونان موٽي آيو. پر سفر تي ويندڙ انهيءَ ڇوڪري کي ڇا ٿي ويو هو؟ هو 53 سالن جو پوڙهو ٿي موٽيو هو ۽ بلڪل ماٺ ۾ ۽ ڳنڀير ٿي ڏسڻ ۾ آيو. هو جيڪڏهن اوڀر ۾ گذاريل انهن 30 کان ڪجهه وڌيڪ ورهين دوران مري وڃي ها ته دنيا سندس نالي کان به واقف نه هجي ها. پر هو زنده رهيو ۽ پنهنجي وطن اچي خوب ڳالهيون ڪيائين، پنهنجن هم خيالن جو ٽولو (Brotherhood) ٺاهيائين ۽ لافانيت حاصل ڪيائين.

هم خيالن جي ٽولي جو اهو تصور هن شايد اوڀرمان ورتو هو جتي ٻوڌين جون اهڙيون تنظيمون هونديون هيون جيڪي اڳتي هلي يورپ جي خانقاهي سلسلن ۾ مروج ٿيون. فيثا غورس نفس ڪشي، پاڪائي ۽ ڌيان گيان جون رسمون متعارف ڪرايون. انهن جو مطلب ساڳيوئي هو جهڙو عيسائي ڪيٿولڪن وٽ هوندو آهي ته روح جي صفائي ۽ ڄم جي ڦيٿي (Wheel Of birth) کان نجات حاصل ڪجي. ڄم جي ڦيٿي مان مطلب مقدر ۽ قسمت آهي جيڪو انسان کي زندگي ۾ اڇلائي ٿو هڻي ۽ پوءِ به هن کي هيڏانهن هوڏانهن اڇلائيندو ٿو رهي.

 

4

فيثا غورس اٽليءَ جي شهر ڪروٽونا ۾- جتي هن رهائش اختيار ڪئي هئي- سياست ۾ اچي ويو. پر انهيءَ مان ڪوبه فائدو حاصل نه ٿيو. گهڻو امڪان اهو آهي ته هن ڪا مڪمل رياست قائم ڪرڻ ٿي گهري پر کيس پنهنجي سموري ذهانت هوندي اها خبر هئڻ گهربي هئي ته اها ڳالهه نا ممڪن آهي. سندس دوستن کي مختصر ڪاميابي ملي پر سخت دماغ واپارين پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري ورتو ۽ فيثا غورس ۽ سندس آدرش پسندن کي ٻاهر ڪڍيو ويو.

اهڙي طرح اهو ڏاهو پنهنجن رهيل کهيل هم خيالن سان گڏ ميٽاپونٽم (Metopontum) ويو هليو ۽ خاموش زندگي گذارڻ لڳو. اتي هو پنهنجن شاگردن کي پڙهائڻ لڳو ۽ ڳالهين ٻولهين ذريعي پنهنجي دلپسند، عجيب ۽ پراسرار فلسفي جو پرچار ڪرڻ لڳو.

فيثاغورس اهڙين ڪهڙين ڳالهين جي تعليم ٿي ڏني جيڪي ويهين صديءَ جي سائنسدان لاءِ دلچسپيءَ واريون ٿي سگهن؟ هو سڀ کان اڳ هڪ فلڪياتدان هو ۽ سندس نظام ڪو پرنيڪس جي اچڻ تائين دنيا جو بهترين نظام ٿي رهيو.

هن جو چوڻ هو ته دنيا گول آهي ۽ خلا ۾ لڙڪيل آهي. هڪ جاء تي بيٺل نه آهي پر هيسشيا (Hestia) نالي هڪ مرڪزي باهه جي چوڌاري گردش ڪري رهي آهي. اها باهه سج نه آهي ڇاڪاڻ ته سج خود هيسشيا مان روشني جي موٽ سبب روشن آهي. انهيءَ وقت جي ڪنهن ماڻهو لاءِ اها ڳالهه چوڻ تمام وڏي ڳالهه هئي ته دنيا هٿ جي تريءَ وانگر سڌي نه آهي ۽ هڪ جاءِ تي بيٺل به نه آهي. ٻيا گرهه به انهيءَ مرڪزي باهه جي چوڌاري ڦري رهيا هئا ۽ انهن خلا ۾ پنهنجي حرڪت ۾ تمام تيز سُر به پئي ٿي ڪڍيا جيڪي اسانکي انهي ڪري ٻڌڻ ۾ نه ٿي آيا جو انهن کي ٻڌي ٻڌي اسان جا ڪن انهن تي ٺهي ويا هئا.

 

5

جيئن ته علم الاعداد جا ماهر به توهانکي ٻڌائيندا ته فيثا غورس انگن جو ديوانو هو، پر نه انهن ۽ نه ئي ٻئي ڪنهن کي صحيح خبر آهي ته هن انگن بابت ڇا سيکاريو هو. سندس انگن جي نظام بابت جيڪو ڪجهه لکت ۾ آيو آهي اهو سندس مرڻ ۽ دفن ٿي وڃڻ کانپوءِ به هڪ صدي پوءِ جي ڳالهه آهي. ٿيبس جو فلولاس سڀ کان پهريون ماڻهو هو جنهن ماڻهن کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهيءَ جو مطلب ڇا آهي. هن کي به اهي ڳالهيون ٻُد سُڌ مان معلوم ٿيون هيون ۽ سندس بيان کي تز به نه پيو چئي سگهجي ۽ اهو گهڻو واضح به نه هو. بهرحال ايترو چئي سگهجي ٿو ته فيثاغورس هيءَ ڳالهه چئي هئي ته ”سڀ شي جو اصل انگ آهن،“ انهيءَ ۾ توهان جيڪڏهن حرڪت جو واڌارو ڪريو ته ان کي ڇڪي تاڻي جديد اليڪٽراني نظريي جي برابر بيهاري سگهجي ٿو. پر فيثاغورس کي اليڪٽران بابت ڪا به خبر نه هئي ۽ اها پڪ آهي ته هن جو اهو مطلب نه هو.

گهڻو پوءِ ارسطو اها ڳالهه لکي ته ”هن جي خيال ۾ انگن جا عنصر ئي سڀني شين جا عنصر آهن.“ انهي انداز ۾ سوچيندي ماڻهو چون ٿا ته هن کي اهو يقين هو ته ڪائنات ڪنهن موسيقيائي پيماني ۽ انگ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. هن هڪ کي انگن جو جوهر ۽ ٻين سڀني جو بنياد قرار ڏنو. تنهنڪري هو منطقي طور اها ڳالهه سيکاري سگهيو هوندو ته ”هر شي جو سرچشمو هڪ آهي. خدا سڀ شي تي حاوي آهي سڀني کي حرڪت ۾ آڻي ٿو ته به هڪ کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي.

 

6

هن جي انگن جي نظريي مان هڪ سٺو نتيجو به نڪتو. انهيءَ مان اڳتي وڌي هن موسيقيائي سُرن تي تجربا ڪيا ۽ اها ڳالهه دريافت ڪئي ته ارتعاش ڪندڙ تارون پنهنجي ڊيگهه تي دارو مدار رکندڙ سُر خارج ڪنديون آهن. سندس هارمونيائي وقفن (Harmonic Intervals) وارو بيان انهيءَ مان ئي نڪتو آهي. هن انهيءَ نظريي جي چڪاس ۽ انهيءَ کي ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪو اوزار ٺاهيو انهيءَ کي طبعي سائنس ۾ دنيا جو سڀ کان پهريون اوزار سمجهيو وڃي ٿو.

هن اهو به ڏيکاريو ته انگي حسابن (Arithmetic) کي ڪيئن جاميٽري سان ڳنڍي سگهجي ٿو ۽ اهڙي طرح رياضي جي هڪ نئين شاخ ايجاد ڪيائين. چيو وڃي ٿو ته يونان کي وزن ۽ ماپا به هن ئي ڏنا.

فلڪيات ۾ هن صبح ۽ شام جي تارن جي سڃاڻپ ڪئي ۽ هو اها ڳالهه ٻڌائيندڙ سڀ کان پهريون شخص هو ته چنڊ ٻئي ذريعي مان موٽيل روشني مان روشن آهي.

بهرحال اهي سڀ شيون گم ٿي ويون ۽ وقت اچڻ تي جڏهن صحيح ماڻهو آيو ته انهن کي منظرتي آندو ويو ۽ اهڙي طرح فيثا غورس دنيا کي اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڪئي.

 

7

هن ميٽا پونٽم ۾ ڪنڊائتو ٿي ويهڻ کانپوءِ سياست ترڪ ڪري ڇڏي. اتي هو پنهنجن دوستن ۾ گهيريل رهندو هو جيڪي سندس ڳالهيون غورسان ٻڌندا هئا ۽ هو ڏاڍو خوش هوندو هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڳالهائڻ پسند ڪري ٿو ته کيس خوش ڪرڻ لاءِ اها ڳالهه ئي ڪافي آهي ۽ توهانکي خاطري هئڻ گهرجي ته فيثا غورس ڳالهائڻ پسند ڪندو هو.

انهيءَ بابت ڪو به اشارو نه ٿو ملي ته سندس پيروڪارن ۾ ڪا اڻبڻت هوندي هئي. شايد انهن ۾ ڪابه عورت نه هوندي هئي. حقيقت ۾ فيثاغورس جي سموري زندگيءَ ۾ اهڙي ڪنهن ڳالهه جو ڏس نه ٿو ملي جنهن مان خبر پوي ته هن ڪڏهن ڪنهن عورت سان ڳالهايو هجي. اڪثر يوناني فيلسوفن عورتن بابت پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن جيڪو ڪجهه چيو آهي انهيءَ جي وڏي حصي ۾ عورتن جي چڱائي نه ڪئي وئي آهي. فيثاغورس هن موضوع تي ماٺ رهيو آهي. ڪٿي هو پنهنجي محبت بابل، انڊيا يا مصر ۾ ته نه ڇڏي آيو هو؟

فيثاغورس عقلمند ٿيڻ سان گڏوگڏ عمر ۾ وڌندو ويو ۽ سندس عضوا ڏڪڻ لڳا ۽ آخرڪار گذاري ويو. موت جي بستري تان ڪيل سندس تقرير به هاڻي موجود نه آهي. سندس قبر بابت به ڪنهنکي ڪا به خبر نه آهي ويندي سندس موت جي وقت بابت به ڪا پڪ نه آهي. سمجهيو وڃي ٿو ته اهو واقعو پنجين صدي قبل مسيح جي شروعات ۾ ٿيو هوندو.

8

ڳالهير فيثا غورس ته مري ويو پر استاد فيثاغورس زنده رهيو. سندس دوست 50 سالن تائين سندس ڪم کي جاري رکندا آيا. اهي فيثا غورسي عام ماڻهن لاءِ ڏاڍا عجيب ماڻهو هوندا هئا تنهنڪري انهن کان نفرت ڪئي وڃڻي هئي. اهڙا سرٻاٽ پيا ٿيندا هئا ته اهي ديوتائن ۾ ايمان نه ٿا رکن ۽ بي دين آهن. عقلمند ماڻهن لاءِ پراڻا ديوتا مري رهيا هئا پر عام ماڻهن لاءِ اهي ابدي جوانيءَ ۾ تروتازا لڳا پيا هئا تنهنڪري عام ماڻهو شڪ شبهو ڪرڻ جي جرات رکندڙن جي بي دينيء کي برداشت نه ڪري سگهيا. فيثا غورسين جي عادت هوندي هئي ته پنهنجي ڪنهن دوست جي گهر ۾ گڏجاڻيون ڪندا هئا. اتي استاد جون ڳالهيون ٻولهيون ڪندا هئا، سندس نظريا بيان ڪنداهئا ۽ سندس خيالن جي وڌيڪ پرچار بابت رٿون رٿيندا هئا.

پر زيوس (Zeus) جي پُر جوش پوڄارين لاءِ اهي گڏجاڻيون شيطاني اثر رکنديون هيون. اهي ماڻهو ڪڏهن به سٺا ٿي نه ٿي سگهيا. تنهنڪري انهن کي ڇو برداشت ڪجي؟ مائيلو جي گهر جي ٻاهران جتي فيثاغورس جي گڏجاڻي ٿي رهي هئي ماڻهن جو هڪ ميڙ گڏ ٿي ويو. مائيلو ۽ سندس دوستن انهن تي ڪابه توجه نه ڏني، ميڙ اڳتي ڌوڪيندو آيو. دروازو هڪ منٽ ۾ ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ ميڙ وارن مائيلو ۽ ٻين بي دينن کي جهلي قتل ڪري ڇڏيو ۽ پنجاه کان وڌيڪ چچريل جسمن سميت گهر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.

اهڙي طرح فيثاغورس جي مڪتب جي پڄاڻي ٿي ۽ قاتلن ۽ مقتولن کي مٽيءَ ۾ ملي صديون ٿي ويون آهن، جن ديوتائن جي اعزاز ۾ اهي قتل ٿيا اهي به گهڻو وقت اڳ اولمپيا جي چوٽين تان سفر سڌاري چڪا آهن. اهي خود داستانن جي دزبڻجي چڪا آهن پر فيثا غورس زنده آهي ۽ هر شاگرد سندس قدمن ۾ ويهي ٿو ۽ دائرن جي موسيقي (Music of spheres) جو سُر ٻڌي ٿو.

9

فيثاغورس، سندس انگن بابت عجيب نظريي ۽ نامعلوم مستقبل بابت سندس غير واضح اشارن جي جاءِ تي اناگزاغورس ۽ هڪ واضح حقيقت اچي وئي. ڪلازومين جو اهو سائنسدان 500 ق م ۾ پيدا ٿيو ۽ دنيا ۾ لڳ ڀڳ اهڙي وقت آيو جڏهن فيثا غورس اتان روانو ٿي رهيو هو. هو هڪ امير پيءُ جو پٽ هو ۽ انهي ۾ ڪو شڪ نه آهي ته کيس پنهنجون فطري صلاحيتون پروان چڙهائڻ جا سڀ موقعا ڏنا ويا. اها خبر نه آهي ته هو ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ پڙهيو ڇاڪاڻ ته سندس عمر جي پهرين 40 ورهين بابت ڪابه خبر نه آهي. ممڪن آهي ته هن سفر به ڪيو هجي ڇاڪاڻ ته اهڙي وقت جڏهن ڪتاب هڪ ته چڱا خاصا وڏا ۽ ٻيو ته ايترا گهڻا به نه هوندا هئا تڏهن علم حاصل ڪرڻ جو اهوئي يقيني ذريعو هوندو هو.

هو پهريون دفعو واضح صورت ۾ تڏهن نظر اچي ٿو جڏهن 460 ق م ۾ ايٿينز ۾ داخل ٿئي ٿو. اهو ايٿينز اڃا تازوئي يونان جو فڪري مرڪز بڻيو هو، پيريڪلز، يوريپائيڊز ۽ پروٽاگورس انهيءَ دور جا عظيم انسان هئا ۽ اناگزاغورس انهن سان دوستي ڪري ورتي. هو 30 ورهين تائين شهر جي فڪري زندگيءَ ۾ هڪ سگهارو اثر بڻيو رهيو.

هن جيئن ته پنهنجو وقت ۽ پيسو سائنس ۽ فلسفي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو تنهنڪري هو آخرڪار غربت جي چنبن ۾ ڦاسي ويو ۽ ٻيون مصيبتون به هن مٿان ڪاهي آيون.

هو انهيءَ وقت جي مقبول عام مذهب جي جيتوڻيڪ سنئون سڌو خلاف ته نه هو، ته به انهي سان کيس ڪا همدردي ڏسڻ ۾ نه ٿي آئي ۽ انساني تاريخ جي هر دور ۾ اهڙي حيثيت ۾ رهڻ ڏاڍي خطرناڪ ڳالهه رهي آهي. عام ماڻهو پنهنجن خدائن کي بيعزتو ٿيندي ڏسي نه سگهندا آهن. انا گزا غورس جڏهن چيو ته سج ۽ چنڊ مٽي ۽ پٿرن جا ٺهيل آهن ته کيس ڏاڍو بي باڪ ۽ گستاخ سمجهيو ويو پر جن معجزن جي ساراه هر ڪنهن جي وات تي هئي انهنکي حقارت سان ڏسندي هو ڄڻ ته موت سان کيڏي رهيو هو.

عوامي ميڙ کيس 30 ورهين تائين برداشت ڪرڻ کانپوءِ اهو فيصلو ڪري ڇڏيو ته اهي هاڻي هن ماڻهو جو گهڻو ئي لحاظ ڪري چڪا آهن. کيس گرفتار ڪري مرڻ لاءِ قيد خاني ۾ ڦٽو ڪيو ويو. پيريڪلز جو اثر رسوخ آهستي آهستي ختم ٿي رهيو هوپر کيس اڃان به پنهنجي دوست جي زندگي بچائڻ جيتري طاقت هئي، پر ايٿينز ۾ رهندي هو هن جو ڪوبه دفاغ نه ڪري سگهي ها، تنهنڪري هو اتان ويو هليو ۽ لمپسيڪس ۾ پناه ورتائين جتي وڏي عمر ۾ بغير ڪنهن اعزاز ۽ شهرت جي وفات ڪيائين. انهيءَ کانپوءِ جيڪي ماڻهو کيس پٿر هڻڻ ۾ مصروف رهيا هئا اهي سندس بابت روايتون ۽ داستان ٺاهڻ ۾ لڳي ويا.

10

اناگزا غورس ذهانت (Intelligence) ۽ ذهن (Mind) متعارف ڪرايا جن سان مادي گردش ڪرڻ شروع ڪئي. انهيءَ کانپوءِ عنصرن به پنهنجو بلو پاڻ ڪري ورتو. انهن عنصرن ۾ ڪابه تبديلي نه ٿي اچي سگهي نه ئي اهي تباه ٿي سگهيا ٿي. اهو نظريو جديد سوچ جي ڪافي ويجهو آهي. هن پنهنجي انهيءَ خيال سان پوءِ ايندڙ ايٽمي نظريي جي به جهلڪ ڏيکاري ڇڏي ته هيولي ((chaos ۾ موجود بي انتها ننڍڙن جرثومن (germs) ۾ ذهن ذريعي جيڪو تحرڪ اچي ٿو انهي سان پوءِ اهي اندروني تعلق جي ذريعي گڏجي ٺوس شڪل ۾ اچن ٿا جنهن سان ڪائنات ٺهي ٿي.

ڪانٽ ۽ لاپلاس جنهن نظريي جي سبب مشهور ٿيا هو انهيءَ جي به بلڪل ويجهو اچي پهتو هو جو چيائين ته سج، چنڊ ۽ ستارا شروعاتي اٿلن پٿلن جي نتيجي ۾ زمين جي مشترڪ مرڪز مان ڪٽجي ڌار ٿيا آهن.

فيثا غورس وانگر هن به چيو ته سج موٽيل روشني مان چمڪي ٿو ۽ هن انهيءَ ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي ته چنڊ گرهڻ وقت زمين سج ۽ چنڊ جي وچ ۾ اچي وڃي ٿي. هن گليلو کان به اڳ اها ڳالهه ڪئي ۽ انهي تي زور ڏنو ته چنڊ تي به زمين وانگر جبل ۽ ماٿريون آهن. هن اهو به ٻڌايو ته زمين جي تاريخ ۾ ڪيترائي دور ٿي گذريا آهن ڪيترن ئي جُڳن دوران باهه ۽ پاڻي ذريعي ڌرتي جي گولي تي ڪيتريون ئي تبديليون آيون آهن. هن ۾ ايتري به جرات هئي جو هن چئي ڏنو ته جيڪڏهن ڪافي وقت ملي ويو ته ڪنهن ڏينهن لمپسيڪس جا جبل سمنڊ ۾ اچي ويندا.

هن بائلاجي ۾ به پنهنجن اکين کي ڪنهن مقصد لاءِ ڪم آندو ۽ اها ڳالهه ڳولهي ورتي ته مڇيون پنهنجين ڪلين سان ساهه کڻن ٿيون. اها حقيقت هن کان اڳ ڪنهن به نه ڏٺي هئي. هن چيو ته ٻوٽا زنده مخلوقات آهن ۽ ڪنهن قسم جو ساهه کڻن ٿا. هن جي ذهن ۾ اها به ڳالهه آئي ته اهي خوشي ۽ ڏک محسوس ڪن ٿا يعني مکڙين جي کُلڻ وقت خوشي ۽ پنن ڇڻڻ وقت ڏک.

11

هو هڪ قسم جو ايناٽامي جو ماهر پڻ هو ۽ ذهن جي ليٽرل وينٽريڪل (lateral ventricles) ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ پهريون ماڻهو هو جيڪي سندس خيال ۾ ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار ۾ پيدا ٿيندڙ سڀ کان پهرئين شي هوندا آهن. هن چيو ته ڇوڪرو ماءُ جي ساڄي طرف ۽ ڇوڪري کاٻي طرف پرورش وٺندا آهن. هن شديد بيمارين جو سبب صفرا جي ڦڦڙن ۽ ڦڦڙن جي پردي ڏانهن حرڪت کي قرار ڏنو.

توهان کي نظر ايندو ته اناگزا غورس جا خيال حقيقت ۽ افساني جو هڪ ميڙ آهن. هن کي جن ڳالهين بابت خبر نه هئي انهن بابت هن اندازا هنيا آهن. يونان جي ڏاهپ جي اها خصوصيت هئي ته انهي کي ڪونه ڪو جواب گهربل هوندو هو ڀلي جواب غلط ئي ڇو نه هجي. اها به ڳالهه آهي ته هن کي ڪيترين ئي ڳالهين بابت ڪا خبر ئي نه هئي. تمام ننڍڙين ۽ تمام پري جي شين کي ڏسڻ ۾ اکين جي مدد لاءِ هن وٽ ڪابه شي نه هئي. هن کي ڪيمسٽري جي به ڪا ڄاڻ نه هئي. بهرحال اها ڳالهه اهم آهي ته هو درست رخ ۾ وڃي رهيو هو ۽ سندس نالو بجا طور سائنس جي تاريخن ۾ ايندو رهي ٿو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org