باب سترهون
گليلو گليلي
سورهين صدي جي آخري اڌ ۾ اٽلي هٿين پيرين ارسطو جي
روايتن ۾ ٻڌو پيو هو. انهن روايتن کي ڪنهن به غلطي
کان مٿاهون سمجهيو ويندو هو ۽ انهن سان اختلاف ڪرڻ
جي صورت ۾ زندگيءَ تان هٿ ڌوئڻو پوندو هو. انهي
هوندي به ڏات جو ديوتا اٽلي تي مهربان رهيو هو.
انهيءَ اٽلي کي ڪيترائي وڏا ماڻهو ڏنا پر هن انهن
کي ٿڏي ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ليونارڊو وقت جو تمام
ڏاهو ماڻهو هو. انهيءَ به پنهنجي ڏات جي روشنيء کي
وڏي پيماني تي چمڪائڻ جي جرئت نه ڪئي. سندس سائنسي
نوٽ ۽ اناٽامي تي تصويرون ٻه سؤ ورهين کان وڌيڪ
عرصي تائين دنيا کان اوجهل رهيون.
ليو نارڊ وکي انساني جسم بابت وڏي ڄاڻ هئي. مشقون،
رڳون، وال، دماغ مختصر طور ته خوردبين جي مدد
کانسواءِ جيڪو ڪجهه ڏسي سگهجي پيو هن کي انهي جي
خبر هئي. سندس وڍيل جسمن تان ڏسي ٺاهيل تصويرون
درستگي جا شاهڪارهيون. انهي هوندي به ليونارڊو جو
سائنس جي ڪهاڻي سان ڪوبه تعلق نه آهي ڇو ته سندس
مرڻ سان سندس ٿيل ڪم منظر تان غائب ٿي ويو ۽ سندس
املهه نوٽس وري منظر تي اچڻ کان اڳ سندس پاران
سرانجام ڏنل سڀئي ڪم ٻين ماڻهن ڪري ڇڏيا هئا.
اسين پڙهي آيا آهيون ته سروٽيس ۽ وساليئس شڪ ڪرڻ
جي جرئت ڪئي هئي ۽ انهيءَ گستاخي جي قيمت ڏني
هئائون. اٽليءَ ۾ به وڏن ماڻهن جي کوٽ نه هئي پر
سندس وڏن ماڻهن هڪ حاسد قوت جي پاڇي ۾ زندگي گذاري
هئي ۽ انهي هيٺ ئي فوت ٿي ويا هئا مذهبي عدالت
احتساب
(Inquisition)
جو خوفناڪ هٿ به انهنکي چنبي ۾ وٺڻ لاءِ سدائين
اڳتي وڌيل رهيو. چرچ کي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ ڪيترائي
ورهيه لڳي ويا ته بائيبل ڪو سائنس تي لکيل مقالو
نه آهي.
2
گليلو گليلي اهڙي اٽلي ۾ 15- فيبروري 1564ع تي
پيسا جي شهر ۾ ليننگ ٽاور
(leaning tower)
جي تقريباً پاڇي هيٺ پيدا ٿيو. انهي ٽاور کي اڳتي
هلي هن بيرحم نوجوان جي زندگيءَ ۾ هڪ وڏو ڪردار
ادا ڪرڻو آهي جيڪو هاڻي پنهنجي ننڍي نيٽي ماء جي
هنج ۾ زور سان کڙيون هڻي رهيو آهي.
يونيورسٽين ۾ وڏي اطمينان سان ارسطو جون غلطيون
ورجائيندڙ عالمن کي ڪنهن به رڙ ڪري نه ٻڌايو ته هڪ
تباهيون ڪندڙ پيدا ٿي چڪو آهي. پيسا ۾ هڪ نئون
ٻارڙو؟ ڇا ٿي پيو؟ اسان وٽ انهي لاءِ قالب تيار
رکيو آهي، اسين کيس کڻي انهي ۾ وجهنداسين. ۽ ٿوري
دير کانپوءِ هو اسان سڀني جي روپ ۾ اچي ويندو. ٻار
جي ماستر سوٽ جو هن بابت اهوئي خواب رهيو هو پر
جيڪڏهن گليلو نالي اهو ڇوڪرو توهانجي قالب ۾ وڃڻ
کان انڪار ڪري ته پوءِ؟ هو جيڪڏهن توهان جي قالب ۽
انهي سان گڏ توهانکي به ڀڃي ڀورا ڪري ڇڏي ته پوءِ؟
پوءِ چرچ هن کي منهن ڏيندو ۽ شال خدا سندس روح تي
رحم ڪري.
حقيقت اها آهي ته اهي پوڙها گليلو کي پنهنجي قالب
۾ آڻڻ جي بلڪل ويجهو پهچي ويا هئا. هو ته هن کي
باقاعدي چرچ جي نوڪري ۾ داخل ڪرڻ جي به ويجهو اچي
پهتا هئا. ڇاڪاڻ ته هن جي ذهن جو لاڙو مذهب طرف هو
۽ هن شروعات ۾ ئي انهي چرچ ۾ پادري ٿيڻ جو فيصلو
ڪري ڇڏيو هو جنهن کي اڳتي هلي کيس پنهنجي لوهي
چنبي ۾ قابو ڪرڻو هو. جيڪڏهن کيس اکين جي تڪليف نه
ٿئي ها ته شايد چرچ کيس پنهنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏي ها.
گليلو جي پيء ونسنزيو گليلي
(Vincenzio Galeli)
کي اکين جي ساڙي سبب پنهنجي پٽ کي ويلمبروسا جي
راهبن جي هٿن مان ڪڍڻ جو موقعو ملي ويو. گليلو وري
ڪڏهن به چرچ جي ايترو ويجهو نه ويو جو پنهنجي
زندگي مذهب کي ارپڻ بابت سوچي سگهي.
هو جيئن ته هڪ سرگرم ۽ ڳولهائون ڪندڙ ذهن جو مالڪ
هو تنهنڪري سندس توجه فوراً ٻين دلچسپين ڏانهن ٿي
وئي. مشينري جي شڪل ۾ ڪابه شي سندس توجه ڇڪائي
وٺندي هئي ۽ هن پنهنجي ڇوڪراڻي عمر جا ڪيترائي
ڏينهن ميڪانيڪي رانديڪا ٺاهڻ ۾ گذاريا. اهو ڪم
سندس پيء جي نظر ۾ سٺو نه هوندو هو.
3
اهو ونسينزيو گليلي هڪ قسم جو پٺتي پيل نواب هو.
سندس ابا ڏاڏا ريپبلڪ واري دور ۾ فلارينس جا نواب
رهيا هئا. ويجهڙائي ۾ اهو نوابي وارو ڪم ٻين هٿن ۾
اچي ويو هو ۽ هوشيار پر سُڃي ونسنزيو جي زندگيءَ ۾
ڪا به سهوليت ۽ آرام نه هو. هو هڪ بهترين
رياضيدان، موسيقي بابت بهترين ليکڪ ۽ اٽلي جو
چيمپئن ستار نواز هو. پر انهن مهارتن کي سولائي
سان پئسي ۾ تبديل نه پيو ڪري سگهجي تنهنڪري گليلو
جي ننڍپڻ واري گهر ۾ غربت رهي هئي.
ونسينزيو جيڪڏهن اها ڳالهه طي ڪري ڇڏي ته گليلو
رياضيدان يا موسيقار نه ٿيندو ته اهاڪا اچرج جهڙي
ڳالهه نه آهي ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته انهن ڳالهين
جي اٽليءَ ۾ طلب نه هئي پر جيئن ته ڪپڙا هر ڪو
ماڻهو پهري ٿو تنهنڪري ڪپڙي جو واپاري گهڻي ڪوشش
کانسواءِ بک جي راڪاس کي پري رکي سگهي ٿو. انهيءَ
ڪري گليلو لاءِ ڪپڙي جي واپار جو سوچيو ويو.
پر اڳ ۾ هو ڀلي ڪجهه تعليم حاصل ڪري وٺي ڇاڪاڻ ته
هو آخرڪار هڪ نوابي خاندان منجهان آهي ۽ هو جڏهن
ڪپڙو وڪڻڻ جو ڪم شروع ڪندو ته ٿوري ٿڪي علم جي ڇاٽ
کيس ڪو نقصان نه ڏيندي. پر گليلو تعليم جي معاملي
۾ ماڻهن کي عجب ۾ وجهي ڇڏيو. هو لاطيني، يوناني،
فلسفي، موسيقي ۽ مصوري کي چڱي حدتائين ڳڙڪائي ويو.
مصوري سندس پهرئين محبت هئي ۽ هو ڪجهه وقت ته مصور
ٿيڻ بابت سوچيندو رهيو. موسيقي ۾ ڪابه ڏکيائي نه
هئي ۽ ٿوري وقت اندر ئي پوڙهي ونسينزيو کي اها
ڳالهه تسليم ڪرڻي پئي ته نوجوان گليلو انهن جي
ڪنهن به بهترين فنڪار سان گڏ ستار وڄائي سگهي ٿو.
ونسينزيو کي آهستي آهستي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ
لڳي ته اهڙين صلاحيتن وارو ڇوڪرو ڪوٽ سوٽ جي ڌنڌي
۾ ضايع ٿي ويندو. مصوري ۽ موسيقي به لسٽ مان خارج
هيون، باقي طب ئي وڃي ٿي بچيو. ڊاڪٽر ترقي ۾ هئا ۽
انهن کي جيڪڏهن يونيورسٽين ۾ نوڪري ملي ويندي هئي
ته پگهار سٺو هوندو هو. ٺيڪ آهي پوءِ گليلو کي
ڊاڪٽر ٿا ڪريون. جڏهن اهو وڏو مسئلو طي ٿي ويو ته
سترهن ورهين جي عمر واري ڇوڪري کي پيسا يونيورسٽي
۾ عظيم آندري سيسالي پيو وٽ طب پڙهڻ لاءِ موڪليو
ويو.
گليلو هڪ مڪمل فرض شناس پٽ وانگر وڏي توجه سان
سيسالپينو جا ليڪچر ٻڌڻ ۽ نوٽس ٺاهڻ شروع ڪيا-
پوڙهو ونسيزيو ڏاڍو خوش هو ۽ سندس پٽ جي يونيورسٽي
۾ پڙهائي جو خرچ خوشيء سان ڀريندو هو. هو سوچيندو
هو ته جڏهن سندس پٽ مڪمل ڊاڪٽر ٿي نڪرندو ته اهو
خرچ سٺين فين جي صورت ۾ هن وٽ واپس اچي ويندو.
4
هاڻي اهو 18 ورهين جو قداور ڇوڪرو اڻ وڻندڙ نموني
ڪرندو ڊهندو نوجواني ڏانهن وڌي رهيو آهي. سندس وڏي
دماغ ۾ عجيب نوان نوان خيال زوڪاٽ ڪري رهيا هئا.
هي ڏسندڙ اکين وارو ڇوڪرو هو ۽ پراڻو اکين جي ساڙي
وارو مرض جنهن کيس چرچ کان بچايو اهو گهڻو وقت اڳي
ختم ٿي چڪو هو. ڏسو ته هو پيساجي ڪيٿيڊرل ۾ ڪيئن
بيٺو آهي؟ هو هڪ لڏندڙ فانوس ۾ جوهه وڌيون بيٺو
آهي. جڏهن ته سندس ساڄي هٿ جون آڱريون سندس کاٻي
ويڻيءَ تي رکيل آهن، سندس چپن ۾ جنبش آهي. هو ڪجهه
ڳڻي رهيو آهي.
اهي فانوس ته اتي ڪيترن ورهين کان لڏندا رهيا آهن
۽ انهنکي هزارين ماڻهو ڏسي پنهنجي واٽ وٺي ويندا
رهيا آهن ۽ ڪنهن جي خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه
ايندي آهي ته اهي هڪ عظيم اسرار جي بلڪل ڀرسان
گذري ويا آهن.
ارڙهن ورهين جي انهيءَ ڳڻيندڙ ڇوڪري جي نظر ۾ انهن
لڏندڙ فانوسن ۾ ڪا معنيٰ هئي ۽ هن پنهنجي سوچ مان
پينڊولم جو قانون ترتيب ڏنو ۽ انهي گهڙيال جو وجود
۾ اچڻ ممڪن بڻايو جيڪو توهانجي شيلف تي رکيل آهي.
هن پنهنجي ڳاڻيٽي لاءِ پنهنجي نبض کي گهڙيال طور
ڪم آڻيندي اها ڳالهه ڏسي ورتي ته لوڏي
(Oscillation)
جي ڊيگهه ڀلي ڪيتري به هجي لوڏ
(Swing)
جو وقت برابر
(Constant)
رهي ٿو.
هو انهيءَ قانون تي فوراً پهچي ويو ۽ انکي بنياد
طور ڪم آڻيندي هن جلدئي هڪ اهڙو اوزار ٺاهي ورتو
جنهن جي مدد سان ڊاڪٽرن لاءِ نبض جي رفتار بلڪل
صحيح نموني ڏسڻ ممڪن ٿي پيو. پر گهڙيال ٺاهڻ جو
خيال سندس ذهن ۾ نه آيو. اهو افسافو آهي. پر اها
ڳالهه آهي ته جڏهن صحيح ماڻهو منظر تي اچي ويو-
کڻي چئو ته هي جينز
(Huygens)
-ته گليلو جو قانون گهڙيال ٺاهڻ ۾ ڪم آيو. اهو سڀ
هڪ خواب ڏسندڙ ئي ممڪن ڪري ڏيکاريو جنهن لڏندڙ
فانوس ۾ جُوهه پائي ڏٺو هو جڏهن ته عملي ماڻهو کيس
نظر انداز ڪندا رهيا.
5
گليلو کي جلد ئي هڪ وڏو واقعو پيش آيو جيڪو هن
لاءِ وڏو پر دنيا لاءِ تمام وڏو هو. گليلو ڪٽنب جي
دوستن ۾ ريچي
(Ricci)
نالي هڪ رياضيدان به هو. اهو به هڪ اتفاق ۽
واسطيداري جي سبب لافاني بڻجي ويو آهي.
ٽسڪيني جي درٻار جنهن سان ريچي وابسته هو، گشت
دوران پيسا آئي ۽ گليلو پنهنجي دوست سان ملاقات
لاءِ ويو. گليلو جڏهن محلات ۾ پهتو ان وقت ريچي
ڇوڪرن کي جاميٽري پڙهائي رهيو هو. گليلو درکان
ٻاهر بيٺو ٻڌندو ۽ ڏڪندو رهيو. هو انهيءَ مضمون
کان بلڪل نا واقف هو ۽ هن ۾ موجود ڪا شي فوراً
جاڳي پئي. هن فوراً سمجهي ورتو ته هن کي جاميٽري
لازماً پڙهڻي آهي. هو ڏاڍو فرض شناس پٽ هو ۽ سندس
پيءَ چئي ڇڏيو هو ته ”نوجوان رياضي ڪڏهن به نه،“
پر اهو فوراً تمام اهميت وارو معاملو ٿي ويو هو.
گليلو انهي گهڙيءَ ئي رياضيدان ٿي ويو ۽ سندس ڏاهپ
کي اصلي ميدان ملي ويو.
جڏهن اهو راز کليو ته ونسينزيو ڏاڍو گوڙ شورڪيو.
هو ڀلي جيڪڏهن اسڪول پاس ڪري ۽ پنهنجي لاءِ ڪا
نوڪري هٿ ڪري وٺي ته به رياضي سڀ کان گهٽ پگهار
وارو ڪم هو. پر هو جنهن ڇوڪري جو پيء ٿيو هو اهو
ته پنهنجي هلائڻ وارو هو.
ونسينزيو جي ذهن مان طب واري ڳالهه ڪڍڻ ڏاڍو ڏکيو
ڪم هو. بهرحال اها گليلو پاران اڳتي وڌڻ کان اڳ
نڪري وئي. هو اقليدس
(Euclid)
۽ ارشميدس مان واچوڙي وانگر پار ٿي ويو. پوڙهو
ونسينزيو جيئن ته پاڻ رياضيدان هو ۽ جڏهن پاڻ جهڙو
ماڻهو ڏٺائين ته انکي سڃاڻي ورتائين.
”ڀلي جيئن وڻئي تيئن ڪر“ هن آخرڪار گرڙاٽ ڪيو.
”ٿيءُ رياضيدان ۽ ٿي سُڃو، ۽ خوش رهه، آءُ توکي
تنهنجي قسمت کان بچائي نه ٿو سگهان.“
پر هو پنهنجي هوشيار پٽ کي ڪو وڌيڪ عرصو اسڪول ۾
به نه رکي سگهيو. هن وٽ جيڪي ٿورا پئسا هئا هن اهي
ڏئي ڇڏيا هئا. اهري طرح گليلو 1585ع ۾ ڊگري
کانسواءِ ئي يونيورسٽي ڇڏي ويو. سندس ماء پي
فلارينس ۾ رهندا هئا هو انهن وٽ ويو پر اڃا زندگي
کي منهن ڏيڻ جي قابل نه ٿيو هو.
هو ايڪيهن ورهين جو جانٺو، ٺاهوڪو ۽ زور آور جوان
هو جيڪو رانديون به کيڏندو هو، اوچتو ڪو جهيڙو به
ڪري وجهندو هو، رات جو دير سان گهر موٽندو هو ۽
شديد معاشقا به ڪندو هو. هن ۾ اٽليءَ جي گرم رت
هئي تنهنڪري سندس نوجوانيءَ واري عمر جي گهڻين
خطائن کي درگذر ڪري سگهجي پيو. پر درگذر ڪرڻ جهڙي
ڪا ڳالهه ئي نه هئي. گليلو وٽ اهڙن اجاين ڪمن تي
وڃائڻ لاءِ ڪا توانائي نه هئي.
6
انهي ڇوڪري جنهن اسڪول به پڙهي پاس نه ڪيو هو تنهن
پنهنجي ايجاد ڪيل
Water balance
بابت مضمون لکي فوراً توجه ڇڪرائي ورتي. انهي
کانپوءِ هن نهرين شين ۾ ڪشش ثقل جي مرڪز بابت
مقالو لکيو. اهي ايڪيهن ورهين جي ڄمار واري نوجوان
جون هلڪيون ڦلڪيون مصروفيتون هيون. پوڙهو ونسينزيو
جڏهن ٻڌندو هو ته سندس پٽ کي ”پنهنجي وقت جو
ارشميدس“ ڪوٺيو وڃي ٿو ته هو پنهنجو ڪنڌ کڻي
لوڏيندو هو ۽ حيرت جو اظهار ڪندو هو.
پر گليلو انهن ڪوششن مان واکاڻ جي لفظن کان وڌيڪ
ٻيو ڪجهه به حاصل ڪيو.سندس مشهوري جي سبب کيس
پنهنجي پراڻي پيسا جي يونيورسٽي ۾ رياضي جي
ليڪچرار جي نوڪري ملي. پگهار ته ونسينزيو جي خدشن
کان به گهٽ هو پر گليلو کي انهي وقت پئسن ۾ دلچسپي
نه هئي. هن هڪ هزار ڪم ڪرڻ چاهيا ٿي ۽ پيسا کيس
انهن مان گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏئي وڌو.
اهو گليلو وڏو برجستو مفڪر هو ۽ ڏاڍن عجيب وچ وارن
رستن
(Short cuts)
تان وڃي پنهنجي نتيجن تي پهچندو هو. مثال طور
ارسطوچيو هو ته هيٺ ڪرندڙ جسم جي اسپيڊ سندس وزن
سان سڌي نسبت ۾ هوندي آهي يعني ڏهه پائونڊ وزن
رکندڙ جسم هڪ پائونڊ وزن واري جسم کان ڏهه دفعا
وڌيڪ تڪڙو هيٺ ڪرندو. اها بظاهر ڏاڍي معقول ڳالهه
لڳندي هئي ۽ هر ماڻهو انهيءَ کي سچ سمجهندو هو.
پيسا جا پروفيسر ڏاڍي سنجيدگي سان اها ڳالهه
پنهنجن شاگردن کي پڙهائيندا هئا.
اهو بيان ڪنهن ڳُوڙهي سبب جي ڪري کيس آئڙندو ئي نه
هو. هن انهيءَ جي چڪاس ڪئي ۽ ڳجهي نموني تجربو ڪري
ڏٺو ته اهو صحيح نه آهي. هاڻي ارسطو ته انهن ڏينهن
جي اسڪالرن جي نظر ۾ خدا کان فقط هڪ يا ٻه درجا
هيٺ هو. سترهن صديون انهي يوناني ڏاهي جي سامهون
اڀين پيرين بيٺيون هيون. هي گليلو ته پنجويهن
ورهين جو ڇوڪرو هو. هو اهڙي اختياري کي ڪيئن ٿي
للڪار ڪري سگهيو؟ پر نوجواني جي ازحد اعتماد وقت
جي تعصب کي خاطر ۾ ئي نه آندو.
پيسا جو ليننگ ٽاور
(Leaning Tower)
سندس تجربي لاءِ بهترين ميدان هو. هن ڪنهن طريقي
سان پروفيسرن کي ٻاهر ٽاور وٽ آندو. هن انهن کي
ٻڌايو ته جڏهن ٻئي وزن ٽاور جي چوٽيءَ تان هيٺ
ڪيرائبا ته ڇاٿيندو. پوءِ هو پنهنجا وزن کڻي ٽاور
تي چڙهي ويو. سندس پٺيان چوغا پهري بيٺل ماڻهن ۾
ڳالهيون ٿيڻ لڳيون؛
”هي ڇوڪرو ته ڪو چريو آهي. پر ڇڏيوس ته ڀلي پنهنجو
ڪم ڪري انهيءَ مان کيس سبق ملي ويندو. هن
پاڻهرتڙيي ارسطو سان اختلاف ڪرڻ جي جرئت ڪيئن ڪئي
آهي؟“
هاڻي هو چوٽي تي بيٺو هو. ٽاور جي جهڪاءَ سان وزنن
جو بغير ڪنهن رڪاوٽ جي هيٺ ڪرڻ ممڪن ٿي پيو. هن
ٻئي وزن ڪناري تي برابري ڪري رکيا.
”سڀ پري ٿي بيهو! اجهي هي اچناو ٿا!“
وزنن هيٺ اچي ڦهڪو ڪيو. ننڍو وڏي سان گڏوگڏ آيو ۽
ٻئي هڪ ئي وقت اچي زمين تي ڪريا. ڇا ڪرندڙ جسمن جي
انهي ٺڪاء ارسطو جي تخت جي تباهيءَ جو اعلان ڪيو؟
جيڪڏهن ڪو پروفيسر ڪنهن ڳالهه ۾ يقين ڪرڻ چاهي ئي
نه ٿو ته ان ڏانهن اک کڻي ڏسندو ئي نه، نه ئي ان
بابت ڪجهه ٻڌندو يا سنگهندو!
جن ماڻهن گليلو جو تجربو ڏٺو انهن انهيءَ تي يقين
ڪرڻ چاهيو ئي نه ٿي تنهنڪري انهن يقين ڪيوئي نه.
انهن اها ڳالهه مڃي ته جنت، دوزخ يا زمين ۾ ڪا
ڳالهه غلط ٿي وئي آهي پر اها ڳالهه تسليم نه
ڪيائون ته ڪو ارسطو غلط ٿي سگهي ٿو. انهنکي چڱو
خاصوشڪ هو ته گليلو وڏي وزن ۾ جادو ذريعي شيطان
آڻي ڇڏيو هو جيئن انجي اسپيد گهٽائي سگهجي، اهي
انهي ڳالهه جي ڪا ثابتي ته نه ڏئي سگهيا پر اها
ڳالهه بلڪل ممڪن هئي ته اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه ٿي
هئي.
گليلو جي زبان ڏاڍي تيز هوندي هئي. هن انهي سان
تعليم دانن جون خوب کلون لاٿيون. پر انهي سان سندس
مقبوليت ۾ ڪو اضافو نه ٿيو.
7
انهي ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته گليلو کي پنهنجي ڳالهه
تي ڏاڍي پڪ هوندي هئي ۽ هو بيوقوفي کي ڪڏهن به
برداشت نه ڪندو هو. هن ۾ اها به ڏاڍي پريشان ڪندڙ
عادت هوندي هئي ته هو مصلحت جي خلاف سچ ڳالهائي
ويهندو هو. اها ته خود پسندي کان به خراب خصلت هئي
۽ انهي ڳالهه کيس سندس پهرئين شديد مصيبت ۾ وڌو.
گيو واني ڊي ميڊيچي ٽسڪيني جي نواب ڪاسمو پهرئين
جو حرامي پٽ هو ۽ پاڻ کي ڪو ميڪانيڪي ڏاهو سمجهندو
هو. هن اها ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ وڏي ۽ مهانگي
مشين ٺاهي هئي جيڪا ليگ هارن جوبندر صاف ڪرڻ جي ڪم
اچڻي هئي. گليلو کان انهي مشين بابت سندس رايو
پڇيو ويو. هن انهي جو جائزو وٺڻ کانپوءِ چيو ته
اها ڪنهن به ڪم جي نه آهي ۽ هو جيڪڏهن اها آزمائي
ڏسندا ته به اها ڪم نه ڏيندي. انهي تي گيو واني
ڪاوڙ ۾ تپي باه ٿي ويو ۽ جڏهن اها مشين هلائي
ڏٺائون ته ناڪام ثابت ٿي ۽ گليلو جي اڳڪٿي مطابق
بيڪار ثابت ٿي تڏهن به هن جي ڪاوڙ ٿڌي نه ٿي.
گيو واني ڊوڙي وڃي پنهنجي پيءَ کي ٻڌايو ته گليلو
ته ڳجهو دشمن آهي. ڪاسمو پنهنجي پٽ جي ڳالهه تي
اعتبار ڪري ويهي رهيو ۽ گليلو کان بي رخي اختيار
ڪرڻ لڳو. انهي سان پروفيسرن جا ڪم سولا ٿي پيا ۽
انهن هر موقعي تي گليلو تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا.
شاگرد به انهنکي ڏسندي گليلو تي کِلون ڪرڻ لڳا ۽
انهن جي دل ايتري ته وڌي وئي جو اهي مٿس ليڪچر روم
۾ به سيٽيون وڄائي کيس چيڙائڻ لڳا. پاڻ کي ڪنهن
عام رواجي هوشيار نوجوان کان وڌيڪ سمجهندڙ گليلو
اها بيعزتي برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ڪاوڙجي
يونيورسٽي ڇڏي فلارينس ويو هليو.
8
سائنس جو اهو جذباتي نوجوان پادري پوري وقت تي گهر
آيو هو ۽ ونسينزيو جي پڇاڙي جي وقت تي موجود رهيو.
هاڻي هن لاءِ نه ستار نوازي هئي، نه پٽ بابت ڳڻتي
ڪرڻي هئي جيڪو غلط راه وٺي رياضي ڏانهن ويو هليو
هو نه ئي کيس پنهنجي پٽ کي چند فلارين ڏيارڻ لاءِ
تدبيرون ڪرڻيون هيون. هاڻي پوڙهي ونسينزيو جو
پڇاڙي جو وقت اچي پهتو هو جنهنکي پٽ جي جاءِ تي هڪ
وڏو ڏاهو ملي ويو هو.
هن کي ٽي ڀينر ۽ هڪ ڀاءَ هو جيڪي سڀ هن کان ننڍا
هئا ۽ هن وٽ نه ئي پئسو نه ڪا حيثيت هئي. گليلو کي
هاڻي اها افسوسناڪ صورتحال درپيش هئي. هو گهر جو
وڏو هو ۽ سندس هٿ خالي هئا. پر گليلو مشڪلات ۾
ڪمزوري نه ڏيکاريندو هو. خوش قسمتي سان هن جو هڪ
دوست دولتمند ۽ طاقتور هو ۽ ڪنهن سائنسدان جي قدر
و قيمت کان به واقف هو.
پيسارو جو گدو بالڊو ڊيل مونٽي گليلو ۽ سندس ڪم
کان پيسا واري خطرناڪ تجربي کان به اڳ جو واقف هو.
هن صحيح اندازو هڻي ورتو ته هي ڇوڪرو مدد جو حقدار
آهي ۽ گليلو جڏهن پنهنجي مشڪلات ۾ هن کي عرض ڪيو
ته هن پنهنجو اثر رسوخ هلائي پنهنجي نوجوان دوست
کي پد وا ۾ هڪ نوڪري وٺرائي ڏني. گليلو اها نوڪري
خوشي سان قبول ڪئي ۽ ڇهن ورهين لاءِ يونيورسٽي ۾
ليڪچر ڏيڻ جو معاهدو ڪري ڇڏيائين سندس پگهار 200
ڊالر سالياني جي برابر هو جيڪو سندس پيسا واري
پگهار کان ٽيڻو هو.
9
بهرحال پدوا ۾ پگهار ئي سڀ ڪجهه نه هو. اها صحيح
معنيٰ ۾ هڪ يونيورسٽي هئي. اٽلي جا طاقتور ماڻهو
انهن هالن منجهان گذريا هئا ۽ اتي شاگردن جا هشام
ايندا هئا. گليلو کي خبر هئي ته سندس موقعو اچي
ويو آهي تنهنڪري هن انهي مان وڌ ۾ وڌ فائدو ورتو.
هن پنهنجي سموري متحرڪ شخصيت پنهنجن ليڪچرن ۾ اوتي
ڇڏي ۽ اهي فوراً مقبول ٿي ويا. هن وٽ شاگرد وڏي
شوق سان اضافي تعليم لاءِ ايندا هئا ۽ انهيءَ ڪم
سندس آمدني ۾ چڱو چوکو اضافو ڪيو. هن انهن لاءِ
گولن جي جاميٽري، ليور، پُلي، اسڪرو ۽ مورچي بندي
بابت مقالا لکيا. هن سڀ کان پهريون انهن مان ئي
ڪنهن مقالي ۾ اهو اصول پيش ڪيو ته حاصل ڪيل طاقت
اسپيڊ ۾ ختم ٿي وڃي ٿي. اها مڪينڪس جي بنيادي
ڳالهه آهي ۽ ٽڪريءَ تي گاڏي چاڙهڻ وقت گهٽ گيئر ۾
ايندڙ ماڻهو اهو اصول ڪم آڻيندا آهن.
گليلو پدوا ۾ پنهنجي پهرئين اونهاري ۾ هڪ تمام
عجيب ڳالهه ڪئي جنهن جي اڄ ڏينهن تائين صحيح وضاحت
نه ٿي سگهي آهي ۽ جيڪا شايد هميشه لاءِ هڪ اسرار
ئي رهندي.
اصل واقعو هي آهي. ڏسون ته توهان انهي مان ڪهڙو
مطلب ٿا ڪڍو!
هو ۽ ٻه ٻيا نوجوان پدواجي ويجهو هڪ غار تي ويا ۽
خبر ناهي ته ڇو رات اتي رهڻ جو فيصلو ڪيائون. هو
اتي غار جي منهن وٽ ستا جنهن مان هڪ ٿڌو ۽ شايد ته
ڪو زهريلو مادو خارج ٿيو. پوءِ هڪ ٻن ڏينهن ۾ ٽئي
ڄڻا بيمار ٿي پيا. گليلو جا ٻه دوست ته مري ويا ۽
هو پاڻ وري ڪڏهن به ٺيڪ نه رهيو.
هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته گليلو انهي خاص جاء
تي ڇو ستو؟ هن کي صحيح خبر هئي ۽ چئي سگهجي ٿو ته
سندس دوستن کي به صحيح خبر هوندي. ڇا اها گليلو جي
ڪا پراڻي تجربن واري عادت ته نه هئي؟ اها ٻن ڄڻن
لاءِ موتمار ۽ ٽئين لاءِ ڏاڍي مهانگي ۽ تڪليف ده
ثابت ٿي. بهرحال اها ڳالهه ائين ئي آهي ۽ جيتوڻيڪ
وسهڻ ۾ نه ٿي اچي پر انهي جون ثابتيون موجود آهن ۽
تاريخ مان جيتريقدر خبر پوي ٿي اها گليلو جي
پهرئين غلطي هئي.
10
پدوا وينس کان گهڻو پري نه آهي. ۽ وينس سازشن ۽
جذبات جو شهر آهي. چانڊوڪيون راتيون، مورپنکي
ٻيڙيون، گهاٽا پاڇا ۽ پاڙيسرين جي اٿي ويٺي کان
لاتعلقي؛ اهي سڀئي ڳالهيون عاشقن جي ڪمن کي سولو
ڪري ڇڏين ٿيون.
بهرحال گليلو کي اهي ڳالهيون ائين نظر آيون هيون.
هو انهيءَ پراسرار عورت سان ڪٿي مليو هو جيڪا سندس
داشته ٿي؟ انهيءَ جو ڪهڙي طبقي سان تعلق هو؟ ڇا هؤ
سانوري هئي ۽ سندس مرڪ ڏاڍي پُرڪشش هوندي هئي؟ ڇا
هؤ ڏاڍي البيلي ۽ زنده دل هوندي هئي؟ هن اهڙو دماغ
ڪٿان آندو هو جنهن جي مدد سان ڪيترا ورهيه دنيا جي
سڀ کان عقلمند ماڻهو کي پنهنجي قابو ۾ رکي سگهي؟
ڇا هؤ ڪا شاندار حسن رکندڙ عورت هئي جنهن پنهنجي
طبقي ۽ پاڻ سان اٿي ويٺي رکندڙ ماڻهن مان نڪري اچي
هن شديد نموني محبت ڪندڙ پروفيسر ۽ سائنسدان سان
غيرقانوني تعلق رکيو هو؟
”وڏين خاصيتن واري عورت“ جا لفظ پڙهڻ ۾ اچن ٿا.
اها ڳالهه ممڪن به لڳي ٿي ڇاڪاڻ ته ٻي ڪا عورت
گليلو کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نه سگهي ها. اها ڳالهه سڀ
ڪجهه ٻڌائي ڇڏيندڙ ڪيپلر کان ڪيتري مختلف آهي جنهن
پنهنجي ڪنوار ڳولهڻ واري ڳالهه سموري دنيا کي
ٻڌائي ڇڏي هئي. گليلو بلڪل ماٺ لڳو پيو آهي نه ڪا
ساراه ٿو ڪري نه ڪاشڪايت، جنهن مان گهري سڪون ۽
اطمينان جي خبر پوي ٿي.
هن 1690ع واري ڏهاڪي جي آخري ورهين ۾ هن کي گهر
ٺاهي ڏنو ۽ هن کيس ٽي ٻار، ٻه ڌيئرون ۽ هڪ پٽ ڄڻي
ڏنا. ڇوڪري جو دنيا جي معاملن سان گهڻو تعلق نه
رهيو ۽ ڇوڪريون وڃي راهبائون ٿيون. اهي جنهن غير
رواجي تعلق مان پيدا ٿيون هيون انهيءَ کي نظر ۾
رکندي انهن لاءِ ٻي ڪا ڳالهه رهي به نه هئي. انهن
مان هڪ سيلسٽي
(Celeste)
بابت اسين وري ڪي ڳالهيون پڙهنداسين. انهيءَ ۾
پنهنجي پيء واري ڏاهپ جي ڪاچڻنگ موجود هئي.
گليلو پنهنجي ٻارن جي ماء سان شادي نه ڪئي، هن
جڏهن پدوا ڇڏيو ته هؤ اتي ئي رهي پئي ۽ ٻه سال
پوءِ کيس هڪ اهڙو ماڻهو ملي ويو جنهن هن سان شادي
ڪرڻ چاهي ٿي. گليلو کي انهي ڳالهه تي ڪوبه اعتراض
نه هو. هن ته کيس مالي مدد ڏني جنهن سان سندس شادي
ممڪن ٿي سگهي. انهيءَ کانپوءِ هؤ ماٺ ميٺ ۾ دنيا
جي تاريخ جي منظرتان غائب ٿي وڃي ٿي.
ماڻهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هن انهيءَ نئين مڙس سان وقت
ڪئين گذاريو هوندو؟ هؤ هڪ حيرت انگيز ڏاهي ماڻهو
جي ٻانهن ۾ رهي هئي سندس ذوق ۽ شوق هن کي به
ڀڙڪايو هوندو ۽ هن به سندس خيالي قوت جي پرن تي
پرواز ڪئي هوندي. هو جڏهن پريشان هوندو ته هن کيس
سامت ۾ آندو هوندو. هو جڏهن بيمار هوندو ته هن
سندس ٽهل ٽڪور ڪئي هوندي. سندس غمگينيءَ ۾ کيس آٿت
ڏني هوندي ۽ سندس سوڀن کي پنهنجي سوڀ سمجهي سندس
ناڪامين تي ڳوڙها ڳاڙيا هوندا. اهڙي عالمي شخصيت
سندس مرد ٿي رهيو هو.
هاڻي هؤ هڪ اهڙي ماٺ مٺوڙي مخلوق جي ساٿي ٿي هئي
جيڪو زندگيءَ کي عام رواجي نموني ۾ پيو گذاريندو
هو ۽ هن ڏانهن اهڙاڪي منجهائيندڙ مسئلا نه آڻيندو
هو جيڪي ڪنهن ٻڌا به نه هجن. نه ئي کيس باريڪ
تصورن ۽ لطيف خوابن سان خفي ۾ وجهندو هو. ها! موٽ
۾ کيس گهٽ ۾ گهٽ اطمينان ۽ تحفظ ته مليو هو. ته به
ماڻهو اهو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته هؤ جڏهن شام جو پنهنجي
مڙس کي ڏسندي هوندي ۽ کيس اڳين ڏينهن ۽ اڳين راتين
۽ ٻئي ماڻهو جون ڳالهيون ياد اينديون هونديون ته
هؤ ڇا سوچيندي هوندي!
11
گليلو 1599ع ۾ ٻين ڇهن ورهين لاءِ پدوا ۾ رياضيءَ
جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. سندس پگهار تقريباً 350
ڊالر ساليانو ڪيو ويو. اهو سٺو اضافو هو ۽ انهيءَ
سان هو ملڪ جي بهترين معاوضي وارن رياضيدانن جي صف
۾ اچي ويو. سندس خانگي شاگردن مان به سندس معاوضي
۾ اضافو ٿيندو هو ۽ انهي سان گڏوگڏ هن هڪ ڪارخانو
کوليو هو جتي سندس ايجادون تيارٿينديون هيون. انهن
جي هاڻي طلب وڌڻ لڳي هئي. هو جيڪي اوزار ٺاهيندو
هو انهن ۾ واٽربيلينس، جاميٽريائي ڊرائنگن ۾ ڪم
ايندڙ سندس پرڪار
(Sector)
۽ نبض جي رفتار نوٽ ڪرڻ لاءِ سندس پينڊولم مشين
شامل هئا.
انهن سڀني ڳالهين سندس مالي حيثيت کي مضبوط ڪيو.
هو ۽ سندس ڀاء پنهنجي ڀيڻ جي ڏاج لاءِ ضامن پيا
هئا ۽ سندس ڀاء انهيءَ قرض لاهڻ ۾ ڪابه مدد نه
ڪئي. هو جيتوڻيڪ پوءِ ڪڏهن به تنگي ۾ نه رهيو ته
به کيس پنهنجين ذميوارين کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت
محنت ڪرڻي ٿي پئي.
سندس ٻيو دفعو نوڪري لاءِ چونڊجڻ کان جلدئي پوءِ
هڪ وڏو حادثو هن جي بلڪل ڀرسان گذري ويو. هي ٻيو
واقعو آهي جنهن بابت گليلو شايد وڏي ڏاهپ کان ڪم
وٺندي خاموش رهيو آهي. پر ڪابه خاموشي انهي تي
پردو نه ٿي وجهي سگهي. انهي مان سندس ذهن تي پيل
اثر ڪيترا ورهيه پوءِ سندس هلت چلت مان ظاهر ٿيندو
رهيو اهو واقعو هي آهي:
گيارڊانو برونو گليلو وانگر هڪ بي آرام روح هو.
گليلو جي ڄمڻ وقت سندس عمر 16 ورهيه هئي ۽ هو تڏهن
ئي ڊومينيڪن سلسلي جو ميمبر ٿي ويو هو. هو ڏاڍو
جوشيلو راهب هو ۽ ڪجهه وقت جي اندرئي ٻين راهبن
سان مسئلن ۾ ڦاسي پيو هو.
Transubstantion
۽
Immaculate Conception
بابت پنهنجا جدا نظريا رکندو هو جيڪي سندس بالادست
راهبن جي نظرين کان مختلف هئا. انهيءَ سان مسئلن ۽
ايذائن منهن ڪڍيو ۽ برونو ڀڄي ويو.
هن ڪيترا سال فرانس ۾ ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه سال انگلينڊ
۾ گذاريا ۽ ڪيتروئي سائنسي علم پڙهيائين ۽
پڙهايائين. هن بلڪل شروعات ۾ ئي ڪوپرنيڪي نظريو
تسليم ڪري ورتو ۽ ٻين ڪيترن ئي اهڙن نظرين جو
پرچار ڪرڻ لڳو جن تي روم ڪاوڙ جو اظهار ڪندو هو.
هو آخر ۾ پنهنجي جلاوطني مان بيزار ٿي پيو ۽ رلندو
رلندو واپس اٽلي ڏانهن ويو هليو. هن کي هڪ دوست
وينس اچڻ جي دعوت ڏيندي کيس ڪوڙي خاطري ڪرائي ته
هو اتي محفوظ هوندو. هن کي ڊومينيڪين معاف ڪري
ڇڏيو آهي ۽ روم کيس نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي. اها
خاطري بلڪل بي بنياد ثابت ٿي. ڊومينيڪي ته انتظار
۾ ويٺا هئا ۽ روم اڃا جوش ۾ ڀريو پيو هو.
هن جي وينس پهچڻ کان لڳ ڀڳ فوراً ئي پوءِ عدالت
احتساب جي ڇاڙتن کيس هٿ ڪري گرفتار ڪري ورتو ۽
قيدخاني ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو. وينس ڪجهه وقت کانپوءِ
پنهنجي آزادي جي روايتن کان منهن موڙيندي برونوکي
روم جي حوالي ڪري ڇڏيو. هو ست سال قيدخاني ۾ پيو
عذاب ڪاٽيندو رهيو. هي اهي ست سال آهن جڏهن گليلو
پهريون دفعو پدوا ۾ ليڪچر ڏئي آزمائشي طور ڪو
پرنيڪي نظريو پيش ڪري رهيو هو.
گليلو پاران پدوا ۾ ٻيون دفعو ليڪچرار چونڊجڻ کان
ٿورو وقت پوءِ 1600ع ۾ چرچ وارن برونو کي پنهنجي
بنديخاني مان ڪڍي حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيو. کيس 17
فيبروري تي روم ۾ ساڙيو ويو.
13
گليلو کي برونو جي سائنسي تعليم جي سڀني بنيادي
ڳالهين ۾ يقين هو. هو برونو جي گرفتاري، مقدمي ۽
موت جي سڀني حقيقتن کان به واقف هو. برونو جي انهي
ڳالهه کان شدت سان انڪار ته هن جيڪو سچ ڏٺو آهي
انهي کان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندو کي به گليلو
لازماً ساراهيو هوندو. جڏهن ته کيس ڏنل سزا به
سندس ذهن ۾ هڪ شديد خوف ويهاري ڇڏيو.
انهيءَ خوف کي ڪيترا سال پوءِ ظاهر ٿي هڪ عظيم
انسان جي ڪمزوريءَ کي ظاهر ڪرڻو هو.
14
گليلو جي ڏاهپ جو اصلي لاڙو جيتوڻيڪ 1609ع ۾ ظاهر
ٿيو پرسن 1604ع کي سندس زندگيءَ ۾ هڪ فيصلائتي موڙ
واري حيثيت حاصل آهي. براهي ۽ ڪيپلر وانگر گليلو
جي زندگيءَ ۾ پڻ اهو ڪم هڪ نئين ستاري سرانجام
ڏنو. گليلو آسمان ۾ آيل هن نئين اجنبي تي ٽي ليڪچر
ڏنا. ماڻهن کي ستاري توڙي گليلو ۾ دلچسپي هئي ۽
پهرئين ليڪچر وقت ڪمري ۾ ايتري رش هئي جو ساه ٿي
منجهيو. ٻيون ليڪچر هڪ هال ۾ ٿيو جنهن ۾ هڪ هزار
ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش هئي تڏهن به جاءِ بلڪل
محدود پئي لڳي ۽ ٽيون ليڪچر ته کليل جاءِ ۾ ٿيو.
گليلو پنهنجي سامعين کي ڏاڍيون کريون ڳالهيون
ٻڌايون. هن کين چيو ته توهان ته موڳا مٽر آهيو جو
ڪنهن نئين شيء ۾ ايتري دلچسپي ٿا ڏيکاريو پر توهان
کي جڏهن ساڪن ستارن جي عجوبن يا فطرت جي ٻين اهم
صداقتن بابت ڪجهه ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته بلڪل
ٻوڙا ٿي ويهي ٿا رهو. سندس سامعين انهي ڳالهه کي
خوش طبعي ڪري سمجهيو ۽ ويهي نئين ستاري بابت سندس
ڳالهيون ٻڌيون.
هن گهڻو ڪجهه ڳالهايو ۽ حسب معمول هڪ بحث شروع
ڪرائي ڇڏيو. نرم دل ۽ غلطين کان پاڪ يوناني ارسطؤ
ته اها تعليم ڏني هئي ته آسمان بلڪل مڪمل آهن ۽
انهن ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي. ”اها ته سنئين سڌي
واهيات پائي آهي.“ گليلو سٺي اصطلاحي اطالويءَ ۾
رڙڪئي. هيءُ بلڪل ٻين ستارن جهڙو ستارو آهي. جيڪو
ڪجهه وقت اڳ ۾ موجود نه هو. هاڻي آهي ۽ شايد ڪجهه
وقت کانپوءِ غائب ٿي ويندو. ڪابه تبديلي نه ايندي!
اها ته فضول ڳالهه آهي. فطرت کي دوام سان ڪوبه
تعلق نه آهي. وقت اچي ويو آهي جو توهان لاطيني
اصطلاح وات مان ڪڍڻ بند ڪريو، ارسطو کي وساري ڇڏيو
۽ پنهنجي چوگرد عجوبن ۽ حسناڪين تي ڪجهه توجهه
ڏيو.“
توهان سمجهي سگهوٿا ته پروفيسر پٿرايل دماغن کي
اها ڳالهه ڪيئن لڳي هوندي!
انهن گليلو کي تمام سختيءَ سان جواب ڏنو. پهرئين
سٽ ته انهن کي ستاري جو منظر تي اچڻ ئي ڏکيو لڳو
هو. بهرحال انهيءَ تي هنن جو ڪوبه وس نه ٿي هليو.
اهي انهيءَ کي نظر انداز ڪري خوش ٿيندا هئا ۽ انهن
جي سوچ اها هئي ته عام ماڻهن کي انهي بابت ڪجهه
ٻڌايو ئي نه وڃي ها. انهنکي سڀ کان وڏو اعتراض به
گليلو پاران عام ماڻهن ۾ ڳالهيون ڪرڻ هو.
”ٺيڪ آهي“ گليلو چيو، ”توهان جيڪڏهن سچ جي ڪجهه
حصي کي دٻائڻ چاهيو ٿا ته آءٌ اهو سمورو ٻڌائي ٿو
ڇڏيان. هاڻي هيءَ ڳالهه ڪن کولي ٻڌو ڏسون ته
توهانکي ڪيئن ٿي لڳي.
هن پوءِ عوام آڏو ڪو پرنيڪي نظريي جو هڪ بيان پيش
ڪندي کين ٻڌايو ته هو ڇو انهيءَ ۾ يقين رکي ٿو ۽
کيس ڇو انهيءَ جي صداقت ۾ پڪ آهي.
انهيءَ تي پروفيسر ڪاوڙ ۾ تپي باه ٿي ويا. انهيءَ
جو مطلب ته زمين کي تخت تان لاهي ڇڏجي؟ انهي کي
ڪائنات جي مرڪز واري پنهنجي حيثيت کان ڇڪي ڌار ڪري
ڇڏجي؟ انهيءَ کي هڪ ذرڙو ۽ سج جي چوڌاري ڦرندڙ
مٽيءَ جو هڪ ذرو ڪري ڇڏجي؟ نه نه! اهو ته مقدس شين
جي بيحرمتيءَ جهڙو ڏوهه آهي.
پر گليلو ڪوپرنيڪس کي چنبڙيو رهيو. انهي بابت دليل
سوچيندو رهيو ۽ اطالوي زبان ۾ ليڪچر ڏيندو رهيو.
ڪجهه وقت کانپوءِ طوفان جو زور به ختم ٿي ويو.
پوءِ جيڪڏهن ڪا تمام اهم ڳالهه نه ٿي گذري ها ته
شايد اهو سمورو قصوئي ماڻهن کان وسري وڃي ها.
15
هالينڊ جي شهر مڊل برگ ۾ جوهانز لپرشي
(Johannes Lippershey)
نالي هڪ آپٽيشن
(Optician)
رهندو هو. اهو ڏاڍو عجيب ذهن وارو ماڻهو هوندو هو
۽ کيس مڃيل طريقي مطابق پوڙهن گراهڪن لاءِ عينڪون
ٺاهڻ کان وڌيڪ شيشن سان رانديون کيڏڻ ۾ دلچسپي
هوندي هئي. ائين ئي حرڪتون ۽ ڪڏهن هي ڪم ته ڪڏهن
هُو ڪم ڪندي هن کي شايد ته اتفاقي طور اها خبر
پئجي وئي ته هو ٻه شيشا اهڙي طرح رکي سگهي ٿو جو
جڏهن انهن منجهان ڏسبو ته پري واريون شيون ويجهيون
نظر اينديون.
اهو هڪ ڏاڍو عجيب رانديڪو هو. حقيقت اها آهي ته
لپرشي انهيءَ اوزار کي فقط حرفت سان ٺهيل رانديڪو
سمجهيو هو.
اهو سمورو معاملو آڪٽوبر 1608ع ۾ ٿي گذريو. ورندي
سال جون مهيني ۾ انهي رانديڪي بابت ڪي سُرٻاٽ
گليلو جي ڪنن تائين پهتا. مڊل برگ جي آپٽيشن ۽
سائنسدان گليلو ۾ فرق ڏسو! لپرشي جي هٿن ۾ دوربين
هئي انهي سان آسمان جا عجوبا بي نقاب ٿي سگهيا ٿي
پر هن جي نظر ۾ اهو فقط رانديڪو ۽ واندڪائي جي
وندر هئي.
”ڪنهن ڊچ ٻه شيشا اهڙي ترتيب ۾ رکيا آهن جو انهن
منجهان ڏسڻ سان شيون ويجهيون نظر اچن ٿيون.“
گليلوکي فقط اهو ٻڌايو ويو هو. توهان پاڻ کي هن جي
جاءِ تي رکي ڏسو. ڪنهن به ماڻهو کي شيشن بابت انهي
کان وڌيڪ خبر نه هئي ته اهي ڪمزور اکين لاءِ
فائديمند آهن. ڪنهن شيشي مان دوربين ڪيئن ٺهندي،
هڪ شيشو ٻئي شيشي کان ڪيتري فاصلي تي هجي، وڏو
شيشو ننڍي کان بهتر ٿيندو ۽ شيشا ڪهڙي قسم جي نلڪي
۾ وجهڻ گهرجن؛ انهن ڳالهين بابت ڪابه خبر نه هئي،
نه ئي ڪنهن ڪڏهن اهي سوال پڇڻ جو سوچيو هو.
ڇا توهان اهڙي بي خبريءَ واري دنيا ۾ رهندي دوربين
ٺاهي سگهو ها؟ ڇا توهان دوربينن بابت پنهنجي سموري
پڙهيل معلومات رکندي ۽ آپيرا گلاسيز ۽ فيلڊ گلاسز
ڪم آڻڻ کانپوءِ به هن وقت اهو ٻڌائي سگهندؤ ته
توهان پنهنجي لاءِ ڪا دوربين ڪيئن ٺاهندؤ؟ توهان
ڀلا ائين ڪري سگهندؤ ته هڪ رات ويهي انهي سموري
مسئلي کي سمجهي ٻئي ڏينهن صبح جو پنهنجي لاءِ
دوربين ٺاهي ويندؤ؟ گليلو بلڪل ائين ئي ڪيو هو.
16
گليلو هڪ رات ويهي ڳوڙهي سوچ ويچارڪئي؛ ڳولهي
ڦولهي انهيءَ جو اصل هٿ ڪيائين ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو
پنهنجي پهرئين دوربين ٺاهڻ لاءِ تيار هو. هن ڪنهن
ساز جي نلڪي کڻي ان جي هڪ ڇيڙي ۾ اُپيٽل
(Convex)
۽ ٻئي ڇيڙي ۾ لڪي
(Concave)
شيشو وڌو ۽ هن وٽ شين کي ٽيڻو وڏو ڪري ڏيکاريندڙ
دوربين تيار هئي. اها جيتوڻيڪ ڏاڍي سادي دوربين
هئي پر لپرشي پاران ٺاهيل ڪنهن به شي کان گهڻي
بهتر هئي.
لپرشي هڪ رانديڪي کان اڳتي نه وڌيو پر گليلو اڳتي
وڌندو رهيو. لڳي ٿو ته گليلو کي اندروني ٻوجهي
(Instinct)
جي ذريعي خبر پئجي وئي هوندي ته هو ڪنهن وڏي ڳالهه
ڏانهن ويندڙ رستي تي آهي ۽ فوراً هڪ ٻي دوربين
ٺاهڻ ۾ لڳي ويو. انهيءَ شين کي اٺوڻون وڏو ڪري ٿي
ڏيکاريو. انهي جي ذريعي سمنڊ ۾ اهڙا جهاز به نظر
اچي ويندا هئا جيڪي خالي اکين سان ٻه ڪلاڪ پوءِ
نظر ايندا هئا.
گليلو انهي اوزار مان ڏاڍو خوش ٿيو ۽ ڪنهن جوشيلي
ڇوڪري وانگر وينس
(Venice)
ڏانهن وٺي ڀڳو جئين اهوڪائونسل کي ڏيکاري ۽ انهيءَ
پاران اچرج جي اظهار تي کڳيون هڻي سگهي. ”هي ته ڪو
معجزاتي ماڻهو آهي.“ هنن جي واتان رڙ نڪري وئي.
هنن اهو به اشارو ڏنو ته گليلو جيڪڏهن اهو اوزار
انهن کي ڏيڻ چاهيندو ته هو انڪار نه ڪندا. گليلو
اشارو سمجهي ويو. اهو سندس پاران هڪ ڀاڳ وارو ڪم
هو جو ڪائونسل فوراً پدوا ۾ سندس پگهار ٻيڻو ڪري
ڇڏيو ۽ کيس تاحيات اهو عهدو ڏئي ڇڏيو.
17
گليلو گهڻي کان گهڻا شيشا ٺاهيندو، وڌ ۾ وڌ
دوربينون ٺاهيندو، انهن کي بهتر کان بهتر ۽ مضبوط
کان مضبوط بڻائيندو ويو ۽ تان جو آخر ۾ هن وٽ هڪ
اهڙي دوربين به هئي جيڪا 32 دفعا وڏو ڪري
ڏيکاريندي هئي. اهو پهرئين دوربين کان هڪ وڏو جمپ
هو جيڪا فقط ٽي دفعا وڏو ڪري ڏيکاريندي هئي، پر
اها به بهرحال لپرشي جي ٺاهيل ڪنهن به شي کان بهتر
هئي. تنهنڪري انهيءَ ۾ ڪوشڪ نه آهي ته گهڻا ماڻهو
دوربين کي گليلو جي ايجاد سمجهن ٿا. بهر حال اها
ڳالهه آهي ته هن کي هڪ رانديڪو مليو هو جنهنکي هن
انساني ترقي جي هڪ سگهاري اوزار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.
هڪ رات پدوا ۾ آسمان بلڪل صاف لڳو پيو هو ۽ چنڊ
وڏي آب تاب سان نڪري بيٺو ته هن پهريون دفعو اهو
لقاءَ ڏٺو ته هڪ انساني اک هن کي هڪ نلڪيءَ منجهان
ڏسي رهي هئي. اها دنيا جي تاريخ جي هڪ اهم رات
هئي. چنڊ جي بلڪل لسي چانديءَ جهڙي سطح کهري ۽
رڳڙيل نظر آئي ۽ ان تي وڏا وڏا جبل بيٺل هئا. ڪنهن
ماڻهو جي خواب و خيال ۾ به اها ڳالهه نه آئي هوندي
ته چنڊ جي اهڙي حالت لڳي پئي آهي. جنهن سان انهي
دور جي عقلمند ترين ماڻهن جا اندازا ئي هيٺ مٿي ٿي
ويا. انهي رات پدوا جا پروفيسر لازماً پنهنجن
بسترن ۾ ڦٿڪيا هوندا. ڇا! چنڊ جي سطح لسي نه پر
زمين وانگر ڦاٽل ۽ کڙ ٻڙ آهي؟ انهي کانپوءِ وري
اهو بيان آيو ته زمين بلڪل چنڊ وانگر چمڪي ٿي ۽
چنڊ جو ٿورو ٿورو حصو بتدريج روشن ٿيندو وڃڻ جو
سبب به اهو آهي ته سج جي روشني زمين جي آڏ کان
جيتريقدر بچي چنڊ تي پوي ٿي ايترو حصو روشن نظر
اچي ٿو.“ انهي بيان تي ارسطو لازماً پنهنجي قبر ۾
بي آراميءَ ۾ پاسا بدلايا هوندا.
18
اڃا وڌيڪ ڳالهيون اچڻيون هيون. گليلو اعلان ڪيو ته
وچ آسمان تي ڪنهن ملائڪ جي جهالر دار لباس وانگر
تجلا ڏيندڙ کير ڌارا
(milky Way)
جدا جدا ستارن تي ٻڌل آهي. توهان کي ٽمڪندو نظر
ايندڙ ستارو حقيقت ۾ ٻه ستارا آهن. سموري آسمان تي
ستارا پکڙيا پيا آهن ۽ اهي ايترا ته پري آهن جو هن
دوربين کانسواءِ نظر نه ٿا اچي سگهن.
اهڙي طرح ارسطؤ جو مڪمل آسماني گنبذ وارو بهترين
نظريو هن سادڙي تڙتڪڙ ۾ ٺهيل دوربين جي هڪ ئي ڦيري
سان ميسارجي ويو.
پرڇا توهان سمجهو ٿا ته پدوا ۾ پڙهائيندڙ هوشيارن
انهن ڳالهين تي فوراً يقين ڪري ڇڏيو هوندو؟ اهي
گليلو جي دوربين منجهان ڏسي پنهنجو اطمينان ڪري
سگهيا ٿي پر انهن ائين نه ڪيو. ممڪن آهي ته انهي ۾
ڪا اٽڪل بازي رکيل هجي ۽ جيڪڏهن گليلو جيڪو ڪجهه
ڏسي ٿو اهو ارسطو جي تعليم کان مختلف آهي ته گليلو
ڪوڙو آهي ۽ اها سموري ڳالهه دوکي فريب کانسواءِ
ڪجهه به نه آهي ۽ سکڻ جي عمر کان چڙهيل ڪنهن
دانشور جي شان کان گهٽ آهي.
اهي پوڙها جن جي نظر ۾ اصليت هڪ ڏوهه ۽ تجربو
متبرڪ شين جي شان ۾ گستاخي هئي انهن گهڻيون ئي
دانهون ڪيون. بهرحال انهي دوران گليلو جي دوربين
جورخ آسمان ڏانهن رهيو ۽ هوستارن ۾ پنهنجو سير
جاري رکيون آيو. مستقل طور نيون شيون منظر تي
اينديون رهيون ۽ پٿرايل جسمن
(Fossils)
جون چوڪون شديد ۽ خراب تر ٿينديون ويون. آخر ڪار
معاملي جو عروج اچي ويو ۽ سڀ کان وڌيڪ سنسني واري
دريافت به ٿي وئي.
گليلو ڪجهه مهينن جي ڪم کانپوءِ پنهنجي دوربين جي
ڪم ۾ ماهر ٿي ويو هو. هو فوري طور ٿيل مشاهدن مان
بيوقوف ٿي وڃڻ وارو ماڻهو نه هو پرهن پنهنجي
دوربين جي ڏيکاريل شين جو صحيح نموني اڀياس ڪرڻ به
سکي ورتو. اهڙي طرح هن جڏهن 8 جنوري 1610ع تي
مشتري کي ڏٺو ته کيس پنهنجين اکين تي اعتبارئي نه
پئي آيو. انهي کان اڳئين رات کيس پهريون دفعو
مشتري جي ويجهو ٽي ننڍڙا ستارا نظر آيا هئا.
انهن مان ٻه کاٻي پاسي ۽ هڪ ساڄي پاسي هو.
اها ته بنهه عجيب ڳالهه هئي. ڇا سندس دوربين هن
سان ڪا چالبازي ته نه پئي ڪئي؟
ٻي رات آسمان تي ڪڪر هئا. گليلو افسوس جو اظهار
ڪندو انتظار ڪندو رهيو. جنوري جي ڏهين تاريخ آسمان
صاف هو ۽ مشتري سندس مٿان چٽو گذري رهيو هو. پر هن
هاڻي جيڪا شي ڏٺي هئي انهي مان هو ڇا سمجهي؟ هاڻي
فقط ٻه ستارا هئا ۽ ٻئي مشتري جي کاٻي پاسي هئا.
ايندڙ رات به ٻئي ساڄي پاسي هئا پر هڪ ٻئي کان
گهڻو وڏو هو. اڃا ٻي رات اهي چار نظر آيا، ٽي ساڄي
پاسي.
هڪ وڏو کاٻي پاسي، تڏهن گليلو کي خبر پئي ته نه ئي
سندس دماغ خراب ٿيو آهي نه ئي سندس دوربين ڪوڙ ٿي
ڳالهائي.
سندس نظر ۾ انهي اسرار تان پردو کڄي ويو هو:
جيئن زمين کي هڪ چنڊ آهي تيئن مشتري کي چار چنڊ
آهن.
19
ڪيپلر جڏهن انهيءَ دريافت بابت ٻڌو ته انهي تي
فوراً يقين ڪري ڇڏيائين، ڇو ته ڪيپلر ڪو بناوتي ۽
ٺڳ ماڻهو نه هو.
”مون کي بلڪل يقين آهي.“ هن گليلو ڏانهن خط ۾
لکيو، ۽ منهنجي خواهش آهي ته جيڪر مون وٽ به
دوربين هجي ها ته آءُ توکان به اڳ ۾ مريخ جا ٻه،
زحل جا 6 يا 8 ۽ عطارد ۽ زهره جو هڪ هڪ چنڊ دريافت
ڪري وڃا ها.
پر فرانسسڪو سيزي نالي فلارينسي فلڪياتدان ۽ پڪي
پادري ڪيپلر جهڙي جوش ۽ جذبي جو اظهار نه ڪيو. هو
مراقبي ۾ ويو هليو ۽ هي شاهڪار دليل پيش ڪيائين.
”اپگره جيئن ته خالي اک کي نظر نه ٿا اچن، تنهنڪري
اهي زمين تي ڪو اثر نه ٿا وجهي سگهن تنهنڪري انهن
مان ڪو به فائدو نه آهي، تنهنڪري اهي ڪوبه وجود نه
ٿا رکن.“
گليلو انهيء تي ڪجهه چڙ ۾ کليو ۽ ڪيپلر ڏانهن خط
لکيائين:
”منهنجا پيارا ڪيپلر! منهنجي ڏاڍي دل ٿي چوي ته
انهي تي جيڪر گڏجي دل کولي ٽهڪ ڏيون! هتي پدوا ۾
فلسفي جي مکيه پروفيسر منهنجي دوربين تي اک رکي
ڏسڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ اها ڳالهه به ٻڌي
اٿئي ته پدوا ۾ فلسفي جو پروفيسر ڪهڙن ڪشالن سان
نواب جي آڏو منطقي دليل پيو ٿو پيش ڪري ڄڻ ته هو
نون گرهن کي جادو ئي منترن جي ذريعي آسمان تان
غائب ڪري ڇڏيندو.“
20
مشتري جي انهن چنڊن هڪ قسم جو جوش ۽ جذبو پيدا ڪري
ڇڏيو هو. انهن گليلو کي تمام اعليٰ مقام تي پهچائي
ڇڏيو پر آخرڪار انهن ئي کيس تباه ڪيو.
وينس ۾ جيتوڻيڪ برونو وارو دکدائڪ واقعو پيش اچي
چڪو هو ته به اهو آزاد ۽ ڪنهن حد تائين محفوظ هو.
پوءِ گليلو فلارينس واپس وڃڻ ڇوٿي چاهيو جيڪو نه
آزاد هو نه ئي محفوظ هو؟ هن کي خبر هئي ته هن جا
چرچ ۾ ۽ چرچ کان ٻاهر دشمن آهن ۽ کيس چرچ جي طاقت
جي به خبر هئي، برونو سندس اکين جي سامهون کسجي
ويو هو. پرفلارينس ۽ پيسا سندس وطن هو، هن پاڻ کي
ايترو سگهارو سمجهيو پئي ته هو دشمنن کي منهن ڏئي
ويندو.
هيستائين ڪنهن به دشمن مٿس سوڀ نه ماڻي هئي.
سگهاري گليلو ۾ ڪير هٿ وجهڻ جي ڪوشش ڪندو جنهنکي
نواب جي پٺڀرائي هئي ۽ چرچ جي عقيدن ۾ سچائي سان
ايمان سبب پاڻ کي محفوظ ٿي سمجهيائين.
اهي ڏينهن گذري ويا جڏهن چرچ ڪنهن بادشاه کي پيرين
اگهاڙو برف ۾ بيهاري ڇڏيندو هو.
واپس فلارينس وڃبو. گليلو اها رٿ رٿي هئي ۽ هن اهو
مقصد حاصل ڪيو. ظاهر طور ته هوتاحيات پدوا سان ٻڌل
هو. پر اهو ڪو قانوني معاهدو نه پر شريفاڻو اقرار
هو ۽ جڏهن ڪاسمو ٻئين کيس هڪ وڏي آڇ ڪئي ته هو
انهيءَ مان ڪنڌ ڪڍائي فوراً پدوا مان روانو ٿي
ويو.
اها سندس ٻين عظيم بيوقوفي هئي ۽ هن انهي جي قيمت
طور وڏيون سختيون ۽ سورسٺا.
21
پوڙهو ڪوپرنيڪس ڪو بيوقوف نه هو. گليلو پاران
پنهنجي دوربين ستارن ڏانهن ڪرڻ کان هڪ سو سال اڳ
پادريءَ اها اڳڪٿي ڪري ڇڏي هئي ته جيڪڏهن انساني
اک ڪڏهن چڱي تيز ٿي وئي ته اها زهره ۽ عطارد جا
چنڊ وانگر مرحلا
(phases)
ڏسي سگهندي. گليلو جي دوربين ثابت ڪيو ته ڪوپرنيڪس
جي زهره بابت ڳالهه صحيح هئي.
انهيءَ ڳالهه پروفيسرن کي قابو ڪري ورتو جيڪي اڃا
تائين بطليموسي نظريو پڙهائيندا هئا. هاڻي انهن
کان بيهڻ لاءِ پنهنجون گهوڙيون کسجي ويون ۽ اهي
فقط پنهنجي ضد جي سبب بطليموس کي چنبڙيا پيا هئا.
پر انهن جي لاءِ معاملو اڃا ختم نه ٿيو هو.
”اچو ته سج تي هڪ نظر وجهون، ”گليلو چيو“ آسمان جي
هر شي اسان جي توقع کان مختلف ثابت ٿي آهي، ٿي
سگهي ٿو ته سج به مختلف هجي.“
هن پوءِ سج تي نظر وڌي. داغ ! نا ممڪن! انهيءَ
جهڙي عجيب شي بابت ڪنهن سوچيو به نه هو. توهان
جيڪڏهن چاهيو ٿا ته اها ڳالهه نا ممڪن آهي پر داغ
اتي موجود هئا. هي ڇا؟ انهن ته گردش ٿي ڪئي، اهي
تبديل به پئي ٿيا. نه. گردش انهن نه پئي ڪئي، سج
خود پنهنجي محور تي ڦري رهيو هو.
پر گليلو ارسطو نالي ڪريل ديوتا جي تابوت جي
چوڌاري ٿيندڙ گوڙ شور ۽ روڄ راڙي تي وقت نه وڃايو.
هن جي زندگي پنهنجي دوربين جي ڇيڙي وٽ گذري رهي
هئي جنهن جو رخ هاڻي زحل ڏانهن هو. هن ڪيپلر ڏانهن
لکيو ته هن گره جا ٽي تهه آهن. ڇا واقعي؟ هن کي
انهي بابت بلڪل خاطري ڪڏهن به نه ٿي سگهي. هاڻي هو
جڏهن وري انهن ڏانهن ويو ته ٻه ستارا غائب ٿي ويا
هئا. اهو هڪ وڏو صدمو هو. سندس دوربين کيس بيوقوف
ته نه بڻايو هو؟ يا پراڻي يوناني روايت مطابق زحل
پنهنجا ٻار ڳڙڪائي ته نه ويو هو؟ جيڪڏهن ائين آهي
ته ٿي سگهي ٿو ته هو انهن کي وري اوڳاڇي به ڇڏي.
گليلو چيو ته اهي وري ظاهر ٿيندا. ائين ئي ٿيو.
گليلو جي دوربين ڏاڍي ڪمزور هئي. اها کيس زحل جي
دائرن بابت حقيقت نه ٿي ٻڌائي سگهي. پر هن کي خبر
هئي ته هن ڪاشي ڏسي ورتي آهي ۽ هن جيڪا شي ڏٺي هئي
انهي ۾ کيس يقين هو.
|