باب اٺاويهون
آئن اسٽائين
آلبرٽ آئن اسٽائين الم
(Ulm)
ورٽيمبرگ ۾ 14 مئي 1879ع تي ڄائو. سندس پيءُ
ڪيميڪلز جو واپاري هو ۽ آلبرٽ جي آسپاس بلڪل ننڍي
عمر کان ئي سائنسي ماحول رهيو هو. سندس پيءُ
پنهنجي پٽ جي ڄمڻ کان جلد ئي پوءِ ميونخ ۾ ڪاروبار
شروع ڪيو هو پر آئن اسٽائين جي عمر هاڻي جيتوڻيڪ
سٺ ورهين کان مٿي ٿي وئي آهي ۽ هو سموري دنيا ۾
مشهور آهي پر کيس انهي شهر سان ڪا به الفت نه آهي.
هن اسڪولي تعليم جي شروعات اتي ڪئي هئي ۽ سڀ کان
پهرين کيس اتي ئي خبر پئي ته جرمني ۾ يهودين کي
ڪهڙا سور سهڻا پون ٿا. هو قدبت ۾ ننڍڙو ۽ بلڪل
اڪيلو هوندو هو تنهنڪري وڙهي به نه سگهندو هو پر
جيئن ته تمام حساس به هوندو هو تنهنڪري انهن
بيرحماڻن نشترن کي نظرانداز به نه ڪري سگهندو هو.
پر ننڍڙي آلبرٽ کي ستائيندڙ ميونخ جا اهي ڇوڪرا
هاڻي گمنامي جي غار ۾ دفن ٿي ويا آهن.
هو جڏهن پندرهن ورهين جو هوته سندس پيءُ پنهنجو
ڪاروبار اٽليءَ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ آلبرٽ سئٽرزرلينڊ
۾ آرائو
(Arou)
جي ڪجهه آزاد ماحول ۾ نڪري آيو. هو اتان جي ضلعي
اسڪول بابت جيتوڻيڪ ڪا شڪايت نه ٿو ڪري پر اها
ڳالهه اهميت رکي ٿي ته جيتوڻيڪ پاسچر، ڊارون،
واليس، ۽ هوڪر ۽ گري سڀني کي ويجها دوست هوندا هئا
پر آئن اسٽائين لامارڪ وانگر اڪيلي ۽ ٻين کان الڳ
ٿلڳ زندگي گذاري آهي. سندس عظيم تخيلاتي قوت هن
لاءِ هڪ اهڙي دنيا تخليق ڪندي رهي جنهن ۾ هو اتي
موجود ڪنهن اڪيلي انسان وانگر راڄ ڪري ٿو.
2
آئن اسٽائين جي ذهانت تمام ننڍي عمر ۾ ئي واڌ
ويجهه وٺي چڪي هوندي جو هن جڏهن ارائو کي ڇڏيو ته
هو پنهنجي روزگار سان لڳڻ لاءِ تيار هو. هوزيورچ ۾
پوليٽيڪنڪ اسڪول ۾ داخل ٿيو جتي پنهجي فين جي بدلي
۾ رياضي ۽ فزڪس پڙهائيندو هو. پاسچر وانگر هن به
فقط استاد ٿيڻ چاهيو ٿي. هو اها سوچ ذهن ۾ رکي
شافهازين
(Schaff hausen)
ويو ۽ هڪ سال تائين اتاليق طور ڪم ڪيائين.
اها پڪ نه آهي ته هو اتاليق طور مڪمل طور ڪامياب
ٿيو يا نه ڇاڪاڻ ته کيس ٻئي سال سئٽزرلينڊ جي
شهريت ملي وئي ۽ هوبرن
(Bern)
۾ پيٽنٽ چڪاسيندڙ
(Examiner)
جي نوڪري ملڻ تي ڏاڍو خوش ٿيو. انهي نوڪري دوران
کيس ڪير سڃاڻيندوئي نه هو ۽ هو پيٽنٽ آفيس ۾ ڏاڍي
فرض شناسيءَ سان ڪم پيو ڪندو هو ۽ موجدن کي حق
تلفي کان بچائڻ لاءِ وڏي محنت سان ڊزائنون ۽ ماڊل
پيو چيڪ ڪندو هو.
ظاهر آهي ته هو اهو ڪم فقط روزگار لاءِ ڪندو هو.
اهو سندس ذهن کي زوڪاٽ ڪرڻ کان روڪي نه سگهيو ۽ هن
پنهنجي فارغ وقت ۾ يونيورسٽي آف زيورچ مان پنهنجي
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪري ورتي. هن جي انهي نوڪري
دوران ئي هڪ سلاوڪ نسل جي ڇوڪري سان ملاقات ٿي وئي
جنهن کي رياضي ۽ شايد هڪ رياضيدان ۾ دلچسپي هئي.
هن پوءِ انهيءَ سان شادي ڪري ڇڏي. انهيءَ ڇوڪريءَ
آلبرٽ کي شايد انهي ڪري قبول ڪيو هوندو جو هن ڏٺو
پئي ته هن کي ڪنهن اهڙي ماڻهو جي ضرورت هئي جيڪو
سندس سارسنڀال لهي سگهي پر انهن ۾ نباهه نه ٿي
سگهيو ۽ شايد ته ٻنهي جي رضامندي سان شادي جي تعلق
کي ختم ڪيو ويو.
3
ورلي ئي ڪنهن ماڻهو سرڪاري نوڪري جو اهڙو سٺو
استعمال ڪيو هوندو. هن نه فقط زال ۽ ڊاڪٽريٽ جي
ڊگري حاصل ڪئي پر ڪيترا مقالا به لکيا ۽ ڇپرايا جن
کيس وڏي علم ۽ تخيلاتي ذهن واري سائنسدان طور
مشهور ڪيو. اهڙي ئي هڪ شروعاتي مقالي ۾ جنهن وڏي
پيماني تي توجهه ڇڪرائي ورتي هئي هن برائوني حرڪت
(Brownian Motion)
جي سمجهاڻي ڏني هئي. رابرٽ برائون پاران 1827ع ۾
دريافت ٿيل اهو لقاءُ تڏهن کان وٺي سائنسدانن لاءِ
هڪ ڳجهارت رهيو هو.
برائون پنهنجي مائيڪرو اسڪوپ ۾ جيڪو ڪجهه ڏٺو انهي
جو مختصر احوال هي آهي ته: پاڻياٺ ۾ موجود تمام
ننڍڙا ذرڙا
(Particles)
تمام وڏي بي سڪوني
(Agitation)
واري حالت ۾ نظر پئي آيا. پر اهو هڪ عجيب اسرار هو
ته تمام طاقتور شيشي مان به مشڪل سان نظر ايندڙ
مادي جا اهي ذرڙا ايتري هڻ وٺ سان هيڏانهن هوڏانهن
ڇو حرڪت ڪري رهيا هئا. آئن اسٽائين اڃا پيٽنٽ چيڪ
ڪرڻ جي ڪم ۾ ئي هو جو انهي مسئلي کي هٿ ۾ کنيائين.
سندس نظريو اهو هو ته حرارت ماليڪيولي سرگرمي کي
وڌائي ٿي ڇڏي پر اها سرگرمي ڪنهن وڏي ذري ۾ نظر نه
ٿي اچي نه ئي ڪنهن ماليڪيول ۾ نظر ٿي اچي جيڪو
ايترو ننڍو هو جو تيستائين ٺهيل ڪنهن به مائيڪرو
اسڪوپ ۾ نظر نه پئي آيو. پر آئن اسٽائين جو رايو
هو ته اهو ذرو جڏهن انسان جي خورد بيني بصارت جي
بلڪل حد تي هجي ته انهيءَ حرارتي حرڪت کي ڏسي
سگهجي ٿو. پر هو انهيءَ نظريي تي مطمئن ٿي ويهي نه
ٿي سگهيو. هن اڳتي قدم وڌائيندي پاڻ کي صحيح ٿابت
ڪرڻ لاءِ پنهنجي رياضيءَ کي ڪم آندو ۽ اهڙيون
مساواتون پيش ڪيائين جن جي مدد سان ذرڙن جي حرڪت
کي ڏسي سگهجي.
هو اڃا پيٽنٽ آفيس ۾ ئي هو جو 1905ع ۾ پنهنجو
اضافيت جو خاص نظريو
(Special theory of Relativity)
پيش ڪيائين اهو سندس پاران
Fitzroy lorentz Trans formations
جي اڀياس مان منظر تي آيل هڪ نتيجو هو. فٽزراءِ
لورينٽز واري اها مساوات ايتري ته دقيق هئي جو
انهي جي مڪمل اهميت ماڻهن کي تڏهن ئي سمجهه ۾ آئي
جڏهن آئن اسٽائين انهيء کي پنهنجي ذهانت سان روشن
ڪيو. سائنس جي اڪابرن پيٽنٽ آفيس جي انهي ڪارڪن کي
توجهه سان ڏسڻ شروع ڪيو. کيس زيورچ مان سڏ ٿيو ته
”اچ ۽ اسان جي يونيورسٽي ۾ ٿيوريٽيڪل فزڪس جو
ايڪسٽرا آرڊنري پروفيسر ٿيءُ.“ اهو 1909ع جو سن هو
۽ کيس اتي اڃا ٻه سال ٿيا هئا جو کيس پراگ مان
فزڪس جي پروفيسر جي آڇ ٿي. پرزيورچ وارن کيس پراگ
مان هڪ سال کانپوءِ واپس گهرائي ورتو ۽ هو اڃا اتي
ئي فزڪس جو پروفيسر هو جو کيس جرمني طرفان سڏ ٿيو.
4
آئن اسٽائين کي برلن ۾ قيصر ولهيلم انسٽيٽيوٽ جو
ڊائريڪٽر ڪري گهرايو ويو ۽ کيس رائل پروشين اڪيڊمي
آف سائنس جو ميمبر به ڪيو ويو ۽ کيس ايترو وڏو
پگهار ڏنو ويو جنهن سان هو پنهنجو سمورو وقت تحقيق
لاءِ وقف ڪرڻ جي قابل ٿي ويو.
هن ٻه سال پوءِ پنهنجي اضافيت جي عام نظريي
General theory of relativity
سان دنيا کي ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيون.
يورپ انهي وقت 1915ع ۾ پاڻ زندگي کان بيزار ٿي
خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش سان گڏوگڏ سموري انسانذات کي
پاڻ سان گڏ قبر ڏانهن ڇڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو.
برلن جنگي سرگرمين جو پرجوش مرڪز هو پر جئين فرانس
جي انقلاب جو طوفان لامارڪ جي سانت ۾ رخنو نه وجهي
سگهيو هو ۽ هو پنهنجي ليباريٽري ۾ ڪم ۾ مصروف هو
ائين آئن اسٽائين به پاڻ کي پنهنجي ليباريٽري ۾
بند ڪري ڇڏيو ۽ پاڳلپڻي جي انهيءَ وائرس کان بچي
ويو جنهن سڀني قومن لاءِ آزار ڪري ڇڏيو هو. جڏهن
انهي زهر جو اثر ختم ٿيو ۽ ماڻهو وري هوش ۾ آيا ته
آئن اسٽائين جي ڪائنات بابت ڇرڪائيندڙ نظريي کي
دانشورن کي حرڪت ۾ آڻي ڇڏيو ۽ اهي وڏي جوش سان
انهي نظريي جي صداقت جاچڻ ۾ لڳي ويا.
آئن اسٽائين جو چوڻ هو ته خلا گولائي تي
(Curved)
آهي ۽ خلا ۾ گردش ڪندڙ ذرڙا ڪُل
(Continuum)
جي گولائي تي هلندا. پر ڇا انهي بيان جي صداقت
بابت ڪو ثبوت به هو جيڪو بظاهر بلڪل ناسمجهي تي
ٻڌل لڳي ٿو؟ آئن اسٽائين فوراً انهي جي پٺڀرائي
ڪندڙ هڪ حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو:
نيوٽن جي ڪشش ثقل جي قانون ۾ يقين رکندڙ ڪيتري وقت
کان عطارد کان خفا هئا. انهيءَ گرهه جي روش صحيح
نه هوندي هئي جو اهو سج جي چوڌاري پنهنجو سفر صحيح
نموني پورو نه ڪندو هو. هو بلڪل شروعات واري هنڌ
تي سفر جي پڄاڻي نه ڪندو هو پر کيس هڪ سفر پورو
ڪرڻ لاءِ سج جي چوڌاري هڪ دفعي کان ٿورو وڌيڪ هلڻو
پوندو هو. نيوٽن جي نظريي انهي عجيب روش جو ڪو به
سبب نه ٿي ڏنو. جڏهن ته آئن اسٽائين جي نظريي بلڪل
درست سبب ڏنو ٿي.
وري انهن ليڪن جو مسئلو به هو جن ۾ روشني سفر ڪري
ٿي. پراڻو نظريو اهو هو ته روشني جيئن ته مادي
ذرڙن
(Matearial Particles)
تي ٻڌل نه آهي تنهن ڪري انهي کي خال
(vacuum)
۾ ڪشش ثقل جي باوجود به سڌين ليڪن ۾ سفر ڪرڻ
گهرجي. پر نيوٽيونائي عالمن اهو تسليم ڪيو ٿي ته
جڏهن روشني جو ڪرڻو سج جي ويجهو سفر ڪندو ته ممڪن
آهي ته اهو اهڙي طرح سڌي رستي تان ڦري وڃي ڄڻ ته
اهو مادي ذرڙن تي مشتمل هجي. پر آئن اسٽائين ڏاڍي
ڌيرج سان پنهنجي انهي قانون تي زور ڏيندو رهيو ته
روشني جي رخ ۾ انهي کان ٻيڻ تي ڦيرو ايندو جيترو
نيوٽن جي قانون مطابق ضروري آهي. طبعياتدان ۽
فلڪياتدان خاص طور انهي راءِ تي جوش ۾ اچي ويا.
پر خوش قسمتي سان اها اهڙي ڳالهه هئي جيڪا ٽيسٽ ٿي
سگهي پئي ۽ جلد ئي انهي کي ٽيسٽ ڪرڻ جو موقعو اچي
ويو.
5
جنگ جي پڄاڻي تي جرمني پنهنجي سموري عظمت کان
وانجهجي ورلڊ ڪورٽ جي دروازي تي هڪ نئين موقعي
لاءِ ٻاڏائي رهيو هو. انهي جا جج جرمني بابت فيصلو
ڪرڻ لاءِ 27 مئي 1919ع تي پيرس ۾ گڏ ٿيا. بلڪل
انهي ئي وقت انگلينڊ جا ڏاها ماڻهو هر طرح سان
تيار ٿي آفريڪا ۽ برازيل ۾ اچي بيٺا هئا جئين سرج
گرهڻ وقت سج جا ڦوٽا ڪڍي هميشه لاءِ اهو مسئلو حل
ڪري ڇڏين ته آئن اسٽائين جيڪا ڳالهه ڪري ٿو اها
واقعي سمجهي به ٿو يا نه.
نتيجن مان اها خبر پئي ته هن واقعي اها ڳالهه
سمجهي ٿي. تصويرن ثابت ڪيو ته سج جي ڀر سان گذرندڙ
روشني سڌي رستي کان بلڪل ايترو ئي رخ ڦيري ٿي
جيترو آئن اسٽائين اڳ ڪٿي ڪئي هئي. وري 1922ع ۾
ٿيل سج گرهڻ جي ڦوٽن اڃا وڌيڪ ثبوت مهيا ڪري ڏنو.
سائنسي دنيا جنهن وقت ۾ بي صبري سان فلڪياتدان جي
فيصلي جو انتظار ڪري رهي هئي ته آئن اسٽائين برلن
۾ گهر ۾ ويٺو پائيپ وات ۾ وجهيون ماٺ ميٺ ۾ پنهنجا
ڪم ڪار ڪندو رهيو ۽ پنهنجين مساواتن تي محنت ڪندو
۽ اهڙي سخت ۽ سرد حقيقتن واري دنيا ۾ ڪشالا ڪٽيندو
رهيو جنهن ۾ ڪي جذبا ۽ احساس وجود نه ٿا رکن. هن
کي خبر هئي ته هن جيڪڏهن پنهنجون مساواتون صحيح حل
ڪيون هونديون ۽ هن کان انگن اکرن جي کيڏ ۾ ڪا غلطي
نه ٿي هوندي ته سندس نتيجو لازماً صحيح هوندو.
هاڻي جيڪڏهن مشاهدا سندس نتيجن کي صحيح ثابت نه ٿا
ڪن ته نئين سر ڪم ڪبو ۽ وڏو احتياط ڪبو ته شايد
غلطي جو پتو به پئجي ويندو تنهن ڪري ڳڻتي جو ڪو به
سبب نه هو.
جڏهن سندس نظريو صحيح هئڻ جي خبر آئي هوندي ته هن
شايد ته ڪجهه اطمينان محسوس ڪيو هوندو پر انهن
رياضيدانن بابت ته ايتري ڳالهه به پڪ سان نه ٿي
چئي سگهجي. بهرحال هن جي اٿي ويٺي ۾ اهڙي ڪا به
ڳالهه نه هئي جنهن سان هن تي مغرور هئڻ جو الزام
ثابت ٿي سگهي. ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو هن کان چڱي
طرح واقف آهن اهي گهڻو ڪري سندس نهٺائي جون
ڳالهيون ڪندا آهن ۽ انهي ڳالهه تي زور ڏيندا آهن
ته ”مان“ جو لفظ سندس گفتگو ۾ ورلي ٻڌڻ ۾ ايندو
آهي. هو آمريڪا ۾ پهريون دفعو اچڻ وقت اهڙو ماٺ
ميٺ ۾ رهندڙ بناوٽ کان آجو ۽ پرخلوص ماڻهو نظر
ايندو هو جنهن کي پنهنجي پائيپ سان ڏاڍو پيار هو،
مزاح جي ڏاڍي سٺي حس هوندي هئس ۽ لڳ لاڳاپن ۾ رک
رکاءَ کان تمام پري ٿي رهيو.
6
هن پاڻ تي ڪو وڏائي جو خول به نه چاڙهيو آهي. انهي
معاملي ۾ هو فيراڊي وانگر آهي جنهن جي سادي
زندگيءَ ۾ شهرت به ڪا تبديلي نه آڻي سگهي هئي نه
ئي هو پاسچر وانگر ڪو نمائشي انداز رکي ٿو.
هن جو برلن جي هيبرلينڊ اَسٽريٽ تي گهر به بلڪل
سادو سودو هوندو هو. هن پوءِ پنهنجي سوٽ ايلسي سان
شادي ڪئي هئي. هؤَ ۽ آئن اسٽائين هڪ فليٽن واري
عمارت جي چوٿين ماڙ تي رهندا هئا ۽ هو ٻين رهواسين
کي وچولي عمر وارو هڪ اهڙو بيمار ماڻهو لڳندو جيڪو
ٻين سان گهڻو تعلق نه رکندو هو ۽ گهڻو ڪري پنهنجي
منهن رهندو هو. سندس ڪم جو ڪمرو آخري پنجين ماڙ تي
هوندو هو. اهو ايترو وڏو به نه هوندو هو پر ايترو
هو جو انهي ۾ ڪو ماڻهو ويهي سوچ ويچار ڪري سگهي.
هو ڪمري جو لوهي دروازو بند ڪري ٻاهرئين گوڙ شور ۽
هروڀرو اندر گهڙي ايندڙن کان بچي ويندو هو. ڇت جي
هڪ روشندان مان هوا ۽ روشني اندر ايندي هئي. هو
انهي مان رات جو ستارا به ڏسي سگهندو هو. هو اهڙي
طرح ڪمري جو دروازو بند ڪري ڪنهن اهڙي ٻي دنيا ۾
اچي ويندو هو جنهن ۾ ٽن کان وڌيڪ بُعد
(Dimensions)
هوندا هئا ۽ جتي سانت ۽ گهري سوچ ويچار کانسواءِ
ٻيو ڪجهه به نه هوندو هو.
سندس ٽيبل تي سائنسي جرنل، ڪتاب، خط ۽ اڻپوريون
مساواتون لکيل ڪاغذ جا ٽڪرا ٽڙيا پکڙيا پيا هوندا
هئا ۽ انهن سڀني شين مٿان وري تماڪ ۽ ڇار پکڙي پئي
هوندي هئي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪو غير حاضر دماغ ماڻهو
پڪو تماڪ نوش هوندو ته هو پنهنجو پائيپ ڀرڻ ۾
لازماً بي ڌياني ڪندو ۽ سڙيل تيلين جا ٽڪر به هر
جاءِ تي پيو اڇلائيندو. سندس ٽيبل جي ڀرسان ڪنهن
نامعلوم آرٽسٽ پاران ٺاهيل سندس غير فريم ٿيل
اسڪيچ به هڪ ڪرسي تي رکيو هوندو هو.
ڪمري جي هڪ ڪنڊ ۾ پتل جي هڪ دوربين پئي هوندي هئي
۽ هو رات جي سانتيڪين گهڙين ۾ انهي کي آسمان ڏانهن
ڪري انهي مان غور سان پيو جانچيندو هو ۽ تمام
ڏورانهن ٽمڪندڙ سجن بابت سوال پيو پڇندو هو.
ڪير به ماڻهو دنيا جي عظيم ترين سائنسدان جي ڪمري
۾ اهي شيون ڏسڻ جي توقع ڪري سگهي ٿو پر اهڙي ماڻهو
جي ٽيبل جي ڀرسان هڪ پيانو به رکيو هوندو هو ۽
سندس طبيعت جي هڪ اهڙي رخ جي علامت هوندو هو جنهن
کان دنيا واقف نه هئي. کيس موسيقي سان محبت آهي ۽
جڏهن سوچ ويچار جون طاقتون کيس ڀڃي ڀورا ڪرڻ تي
هونديون آهن ته هو پيانو ڏانهن وڃي بيٿوون ۽ باخ
جي موسيقي جي ذريعي پنهنجو اندروني آهنگ ۽ اطمينان
وري قائم ڪري وٺندو آهي. ڊارون جيڪو پنهنجي
نوجواني جي ڏينهن ۾ موسيقي کي ايترو پسند ڪندو هو
جڏهن ڪو آرڪيسٽرا ٻڌندو هو ته سندس ڪرنگهي ۾
سيسراٽ پئجي ويندا هئا. هن هڪ دفعو افسوس سان چيو
هو ته سندس سائنسي ڪم هن ۾ موجود فن جي ساڃاه ختم
ڪري ڇڏي آهي.
پر انساني فڪر جي حدن کان به وڌيڪ مجرد خيالن
(Abstractions)
جي پٺيان هلندڙ آئن اسٽائين کي اڃا به موسيقي مان
هڪ آٿت ۽ سرور ملي ٿو.
هن وٽ جيتوڻيڪ اعزاز، شهرت ۽ ڪجهه پئسو اچي ويو
آهي پر هو پرنسيٽن، نيوجرسي ۾ اڄ به ساڳئي نهٺائي
۽ علميت واري ماحول ۾ رهي ٿو.
7
آئن اسٽائين انهي ئي ڪمري مان پنهنجي اضافيت جي
عام نظريي جو اعلان ڪيو هو جنهن سائنسي دنيا کي
لوڏي ڇڏيو هو. رياضيءَ جي مدد ۽ تجربي
(Experiment)
جي پُٺ ڀرائي رکندڙ انهي نئين نظريي ۾ منڪووسڪي
مطابق خود زمان
(Time)
۽ مڪان
(Space)
فقط پاڇن جي صورت ۾ وڃي رهن ٿا ۽ ٻنهي ۾ هڪ قسم جو
ميلاپ
(Union)
ئي آزاد وجود
(Independent existence)
جي حيثيت ۾ باقي رهي ٿو. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن سائنس
ٽپ ڏئي سڌي ٿي ويٺي ۽ پڇڻ لڳي ته اهو سڀ ڇا آهي؟
ته انهي ۾ ڪا اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي.
سائنس جي سوال ۾ ايتري ته آنڌ مانڌ هئي جو انهي ۾
عام ماڻهو جي به دلچسپي پيدا ٿي پئي، ڇا سندس پيرن
هيٺان ڪائنات ۾ ڪا تبديلي ته نه اچي رهي هئي؟ ڀلا
سندس کيسي ۾ موجود واچ هن سان ڪوڙ ته نه پئي
ڳالهايو؟ وقت هڪ دوکو ۽ مڪان
(Space)
بي معنيٰ ته نه هو؟ سڀاويڪ طور اسان عام ماڻهن جي
حيثيت ۾ ڪيترائي سوال پڇيا جن مان ڪجهه ته احمقاڻا
هئا پر ڪجهه سوالن جا جواب اهڙا هئا جيڪي فقط ڪنهن
وڏي رياضياتي ادراڪ جي گرفت ۾ ئي اچي سگهيا ٿي.
اسان ڄاڻڻ چاهيو ٿي ته آخر اهو سڀ ڪجهه ڇا هو پر
ڪير به ماڻهو اسان کي ٻڌائي نه ٿي سگهيو.
اسان سڀني چوٿين بعد
(Dimension)
بابت ٻڌو هو پر انهي کي ڪنهن مٿي ڦريل رياضيدان جو
اجايو خواب سمجهي ٽاري ڇڏيو هو. پوءِ اوچتو سموري
دنيا چوٿين بعد بابت ڳالهائڻ لڳي جنهن کي وقت سڏيو
ٿي ويو ۽ اسين وائڙن وانگر گهمندا رهياسين. اسين
مڪاني زمان
(Space Time)
بابت تصوراتي شڪليون ٺاهيندا رهياسين ۽ حماقت جو
مُنڍ به اتي ئي هو.
آئن اسٽائين تازو پنهنجي فيلڊ ٿيوري
(field theory)
پيش ڪئي آهي ۽ اسين وري اوندهه ۾ هٿوراڙيون هڻي
رهيا آهيون. هو چوي ٿو ته گريويٽيشنل فيلڊ ۽
اليڪٽرو ميگنيٽڪ فيلڊ ٻئي ساڳيون شيون آهن ۽ ٻنهي
تي هڪ ئي قانون لاڳو ٿئي ٿو. ڪيمبرج ۾ فلڪيات جو
پروفيسر اي.ايس، ايڊنگٽن اليڪٽران بابت ڳالهه ڪري
مسئلي کي منجهائي ٿو ڇڏي. اسين انهي تمام ننڍڙي
ذرڙي سان هري مري ويا هئاسين ۽ انهي کان اسان جي
اجنبيت ختم ٿيڻ لڳي هئي پوءِ ايڊنگٽن اچي چوڻ لڳو
ته اها ته هڪ فرضي شي آهي جيڪا سمجهه جي مدد لاءِ
ڪم آندي وڃي ٿي انهي جي هيٺان ساءِ
(Psi)
آهي جنهن کي حقيقت
(Reality)
سمجهيو وڃي ٿو پر اها به اڳتي هلي ڪا فرضي شي ثابت
ٿي سگهي ٿي.
آئن اسٽائين ۽ ايڊنگٽن گڏجي پراڻي نظام جو چڱي
خاصي حد تائين ڪٻاڙو ڪري ڇڏيو آهي يعني اهو نظام
جنهن ۾ اسين ڄاوا نپنا هئاسين ۽ جنهن جي قانونن
بابت اسين سمجهندا هئاسين ته اسان کي ڪجهه نه ڪجهه
خبر آهي. اها به اسان جي ڀاڳين ڀلي ڳالهه چئبي جو
قانون اڃا به ڪم ڪن ٿا پر انهي جو مطلب اهو نه آهي
ته اهي ائين ڪم ڪن ٿا جئين اسان سوچيو هو. اها
ڳالهه جيتوڻيڪ گهڻي اهميت نه ٿي رکي پر انهي سان
اسان نيوٽن جي پيروڪارن کي ڪجهه صدمو پهتو آهي
جيڪو ٻن صدين کان وڌيڪ عرصي کان دنيا تي ڪنهن ديو
وانگر لانگ ورايون بيٺو رهيو آهي.
جيڪڏهن ايڊنگٽن صحيح آهي ۽ اليڪٽران کي وڃڻو ٿو
پوي ته اسان کي ساء
(Spi)
جي مضبوطي بابت پڪ ڪيئن ٿيندي؟ ۽ جيڪڏهن اها به
وڃي ٿي ته اسين ڪٿي وڃي بيهنداسين؟ اسين ڪجهه به
نه آهيون يا گهٽ آهيون؟ سمورو مادو ڪجهه به نه آهي
يا گهٽ آهي؟ آئن اسٽائين وقت
(Time)
جو ڪنهن ثابت شي ۽ مڪان جو ڪنهن حقيقت جي صورت ۾
خاتمو ڪري ڇڏيو آهي ۽ پڻ وال ماپ لٺ
(Yard-Stick)
جي به ڊيگهه جي هڪ پڪي پختي ماپ واري حيثيت ختم
ڪري ڇڏي آهي. اهي سڀ ڳالهيون جيتوڻيڪ تمام
منجهائيندڙ آهن پر وقت- جنهن جي حقيقت هئڻ واري
سوچ کي اسان پڪيءَ طرح چنبڙيا بيٺا آهيون- ڳالهين
مان مونجهارو ختم ڪري سگهي ٿو ۽ اسان کي ڪو اشارو
ڏئي سگهي ٿو ته اسين ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون.
8
نيوٽن جو نظريو سندس دور جي ماڻهن لاءِ هڪ اونهون
اسرار هو. انهي وقت فقط اڌ ڊزن ماڻهو اهڙا هئا
جيڪي سندس ڳالهه جو مطلب بلڪل صحيح نموني سمجهي
سگهيا ٿي. سندس نظرين بابت ڪنهن حد تائين جوش خروش
پکيڙيو ويو هو جئين غير رياضياتي ذهن رکندڙ ماڻهو
جي مدد ڪري سگهجي ته هو پنهنجي ذهن ۾ ڪنهن اهڙي
دنيا جو تصور ڪري سگهي جيڪا وڏي رفتار سان خلا ۾
ڦرڻ سان گڏوگڏ سج جي مضبوط گرفت ۾ به قابو لڳي
بيٺي آهي. نيوٽن جي ڪتاب پرنسيپيا جي ڇپجڻ جي
اڍائي سو ورهين دوران انسان ڏاڍي عجيب نموني اهو
فرض ڪري ويهي رهيا آهن ته انهن کي نيوٽن جو نظريو
سمجهه ۾ اچي ويو آهي.
غير رياضياتي ذهن رکندڙ ماڻهو کي ڪنهن ڏور جي ڇيڙي
تي ٻڌل ڦرندڙ بال جو تصور ڪرڻ سان ڪشش ثقل جو ڪجهه
مبهم پر تسلي بخش جواب ملي وڃي ٿو. اها ڳالهه
جيتوڻيڪ بلڪل تز حقيقت نه آهي پر اها منجهيل
ڪاروباري ۽ سرگرم گهر ڌياڻي کي ڪم ڏئي وئي هئي ۽
اها اڃا تائين به ڪم ڏئي پئي. اها ڳالهه ناممڪن نه
آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪيترا ماڻهو لڪ ڇپ ۾ اڃا به
ائين سمجهندا هجن ته نيوٽن جو نظريو غلط آهي ۽
ضرور اهڙي ڪا پڪي پختي ۽ ڏسڻ ۾ ايندڙ شي هوندي
جيڪا دنيا کي بلڪل اهڙي طرح جهليون بيٺي آهي جئين
نه ڪنهن لٺ جي ڇيڙي تي بال کي توازن ۾ بيهاربو
آهي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو کي رياضي جي ڪا تعليم نه
ملي آهي ته اها بلڪل فطري سوچ لڳي ٿي. |