هرٽز جو ڪم انهن لهرن کي ڳولهي لهڻ هو. هن ٽامي
جي گولائي ۾ ويڙهيل هڪ تار سان ڊٽيڪٽر ٺاهيو۽ تار
جي ڇيڙن تي بال ۽ هڪ اسڪريو تي ٻڌل اوزار رکيو
جنهن جي مدد سان بالن جي وچ ۾ فاصلي کي تمام سٺي
نموني گهٽ وڌ ڪري سگهجي پيو. جڏهن اهو ڊٽيڪٽر جست
جي پليٽن ۽ چڻنگون ڪڍندڙ پتل جي بالن جي ڀرسان
رکيو ويو ته گول تار جي ڇيڙن تي تمام ننڍڙيون
چڻنگون ظاهر ٿيون. انهن چڻنگن جو سبب ڪهڙو هو؟
هرٽز چيو ته وائبريٽر
(Vibrator)
مان نڪتل بجليءَ جون لهرون ۽ هاڻي سموري دنيا هن
جي ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿي.
جيتوڻيڪ هن ڳالهه ۾ انهي تجربي جو ڪو وڏو ڪردار نه
آهي ته به جڏهن ڪنهن طوفاني سمنڊ تان وائرليس جي
ذريعي زندگيون بچائڻ جو پيغام پهچي تڏهن اسان کي
انهيءَ تجربي لاءِ هرٽز جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي.
4
ميڪس ويل ۽ هرٽز جي انهي ڪٿا جو مطلب اهو نه آهي
ته مارڪوني ’ڊي فاريسٽ ۽ آرمسٽرانگ کي ملندڙ ڪريڊٽ
کان انهن کي محروم رکجي جن جي ايجادي قابليت
وائرليس ۽ ريڊيي کي عملي صورت ۾ آندو. پر اها
حقيقت آهي ته انهن هرٽز پاران دريافت ڪيل لهرن تي
ڪم ڪيو ۽ هن يا هن جهڙي ڪنهن ماڻهو کانسواءِ اڄ
دنيا ۾ ريڊيو يا وائرليس نه هجن ها.
نه ئي هن ڳالهه جو مطلب ٿا مس اي. ايڊسين جي اهميت
کي گهٽائڻ آهي. توهان کي وقت بوقت اهڙيون ڳالهيون
ٻڌڻ ۾ اينديون ته اهي لهرون ايڊيسن دريافت ڪيون
هيون جڏهن ته اصل حقيقت اها آهي ته هو اها دريافت
ڪرڻ جي بلڪل ويجهو پهچي ويو هو. هن 1875ع ۾ برقي
چڻنگن جي نتيجي ۾ ڪا عجيب ڳالهه محسوس ڪئي هئي. هن
کي جيتوڻيڪ خبر نه هئي ته هن ڇا ڳولهي لڌو آهي پر
هن انهي کي ايٿري طاقت
(Etheric Force)
سڏيو ٿي.
هرٽز ٻارهن ورهيه پوءِ هڪ سوچيل سمجهيل تجربي جي
ذريعي ساڳئي شي ڳولهي لڌي. هن پنهنجي باقي سموري
زندگي لهرن جي اڀياس، انهن جو رستو ۽ انهن جي
ڊيگهه، موٽ
(Reflection)
۽ موڙ
(Refraction)
ڏسڻ ۾ گذاري ڇڏي. هن انهيءَ مظهرسان تمام گهرائپ
پيدا ڪري ورتي ۽ انهي جي دل تائين پنهنجو رستو
ٺاهي ورتائين. اها ڳالهه رڪارڊ تي نه آهي ته
نوجوان هرٽز جي ذهن ۾ ڪڏهن ڪا اها سوچ به آئي ته
هو پنهنجي دريافت کي ڪم آڻيندي ڪو فائدو حاصل ڪري.
هوُ سائنسي صداقت جي ڳولها ۾ هو ۽ هن کي جيڪڏهن
هِتي هُتي اهڙو ڪو ثبوت ملي ٿي ويو ته هو صحيح
رستي تي آهي ته هو انهي مان ئي ڏاڍو مطمئن ٿي ويو
ٿي.
انهي مان ايڊيسن تي تنقيد جو ڪو پهلو نڪري ٿو ڇا؟
ڪڏهن به نه !هو ٻين شين جي ڳولها ۾ هو ۽ اتفاقي
طور اچي پنهنجي ”ايٿري طاقت“ جي مٿان بيٺو هو. اهو
به سندس مشاهدي ۽ سوچ ويچار جي قوتن جو اعتراف آهي
ته اها ڳالهه بهرحال هن کان گُسي نه وئي. جيڪڏهن
ميڪس ويل وارو نظريو سندس ذهن ۾ هجي ها ته ٿي سگهي
ٿو ته اهو لاڳاپو سندس ذهن ۾ اچي وڃي ها ۽ کيس
وڌيڪ سوچيل سمجهيل تحقيق تي اڀاري ها. پر سندس ذهن
۾ اهو تعلق ڪڏهن به پيدا نه ٿي سگهيو. سندس
”ايٿري طاقت“ واري ڳالهه سندس سمجهه کان ايتري ته
پري هئي جو هن ڇهه سال پوءِ جڏهن هلندڙ ريل گاڏي
سان ٽيليگرافيائي رابطي جو مسئلو هٿ ۾ کنيو ته هن
ايٿري طاقت کي ڪم نه آندو ۽ هڪ اهڙو نظام جوڙيو
جنهن جو دارومدار مڪمل طور ٽيليگراف وارين تارن ۾
عام طور ڪم ايندڙ ڪرنٽ تي هو.
5
هرٽز انهن نين دريافت ٿيل لهرن بابت ڪجهه دلچسپ
ڳالهيون معلوم ڪري ورتيون هيون. مثال طور اهو ته
اهي ڪمري جي ڀت مان ته سولائي سان پار ٿي وڃن
ٿيون پر سنهي ڌاتوءَ جي ڪنهن وڏي پليٽ وٽ بيهجي
وڃن ٿيون. هن آئينا ڪم آڻيندي اهو به ڏسي ورتو ته
اهي لهرون موٽ ۽ موڙ کائين ٿيون ۽ هن آئيني ۽
وائبريٽر جي وچ ۾ مختلف هنڌن تي پنهنجو ڊٽيڪٽر
ڦيرائي لهرن جي ڊيگهه
(length)
به ڪڍي ورتي. هن انهن جي رفتار جو به حساب ڪري
ورتو ۽ ڏٺائين ته عملي طور اها روشني جي رفتار جي
برابر آهي.
هرٽز ڏٺو ته اهي لهرون هر لحاظ کان روشنيءَ جي
لهرن جهڙو عمل ۽ ردعمل ڏيکارين ٿيون. هيلموٽس
مطابق انهن نتيجن اها ڳالهه ثابت ڪرڻ ۾ وڏو ڪم ڏنو
ته عام رواجي روشني فقط بجلي جي لرزش آهي. توهان
کي ياد هوندو ته اها ڳالهه ميڪس ويل جي نظريي جو
حصو هئي. اهڙي طرح هرٽز پنهنجي ليباريٽري ۾
رياضياتي نتيجن جي درستگي ثابت ڪري پاڻ کي
ميرميدان
(Champion)
ثابت ڪيو.
هرٽز 1889ع ۾ يونيورسٽي آف بان ۾ فزڪس جو پروفيسر
ٿي ويو. هن اتي بجلي جون ٻيون خاصيتون دريافت ڪرڻ
جي اميد ۾ ريئريفائيڊ گئسن ۾ بجلي موڪلڻ جي اثرن
جو اڀياس شروع ڪيو ۽ هن کان ايڪس ري جي دريافت ذري
تي رهجي وئي.
سندس شاندار تحقيقن جي ڪهاڻي هتي پڄاڻي تي پهچي
ٿي. هو 1- جنوري 1894ع تي 37 ورهين جي ڄمار ۾ فوت
ٿي ويو.
6
هرٽز پنهنجي پٺيان هڪ اهڙو رانديڪو ڇڏي ويو هو
جنهن سان سائنس راند روند ڪري سگهي ٿي ۽ بنا دير
جي اهو ڏسڻ لاءِ تجربا شروع ٿي ويا ته انهن لهرن
کي ڪهڙي طرح ڪم آڻجي. هرٽز جي مرڻ کان ٻه سال اڳ ۾
وليم ڪروڪس اهو اشارو ڏنو هو ته اهي لهرون وائرليس
ٽيليگرافي ۾ ڪم اچي سگهيون ٿي. انهي کان گهڻو اڳ
پاڻين جي ٻي ڀر يا هلندر ريل گاڏي تي پيغام موڪلڻ
جون ڪوششون ٿي چڪيون هيون. انهن سڀني ڪوششن ۾ ڌاتو
ئي تار جي جاءِ تي زمين يا پاڻي کي ڪنڊڪٽر طور ڪم
آندو ويو هو. ٽيليگراف وارو سموئيل مورس 1842ع ۾
واشنگٽن ۾ هڪ واهه جي ٻي ڀر پنهنجو پيغام پهچائڻ ۾
ڪامياب ٿي ويو. هن واهه جي ٻنهي پاسن تي ٻه ٻه
ڌاتوئي پليٽون ڪم آنديون جن مان هڪ جوڙو بيٽرين
سان ڳنڍيل هو جڏهن ته ٻئي جوڙي جي سرڪٽ ۾ رسيور جي
چاٻي سيٽ ٿيل هئي. پاڻي مان گذري آيل ڪرنٽ کي
پليٽن جي ٻئي جوڙي جهٽي ورتو ۽ چاٻي ۾ هلڪا سگنل
محسوس ٿيا.
اهو هڪ سادو نظام هو جنهن جي ڪا عملي اهميت نه هئي
اهو لنڊسي نالي هڪ اسڪاٽلينڊي جي اسڪيم جي مشابه
هو جنهن انهي جي ايجاد بابت دعويٰ ڪئي هئي ۽ ان کي
1854ع ۾ پيٽنٽ ڪرايو هو. هو انهي جي ذريعي ٽاءِ
(Tay)
درياءَ جي پار پيغام موڪليندو هو.
وائرليس بابت اهي شروعاتي ڪوششون ساڳئي نوعيت جون
هيون ۽ انهن جي اهميت تمام گهٽ هئي. موجدن جي هٿن
۾ هرٽزيائي
(Hertzian)
لهرون اچڻ کانپوءِ ئي ڪا حقيقي اڳڀرائي ٿي سگهي.
اتي مارڪوني ميدان ۾ اچي وڃي ٿو ۽ پوءِ هميشه لاءِ
وائرليس جي آکاڻي تي حاوي ٿي وڃي ٿو.
7
اطالوي پيءُ ۽ آئرستاني ماءُ مان 1874ع ۾ پيدا ٿيل
گگليلمو مارڪوني
(Guglielmo Marconi)
کي فزيڪل ۽ اليڪٽريڪل سائنس ڏانهن فطري رجحان هو.
هن بولونيا، فلارنيس ۽ ليگهارن ۾ پنهنجي خانگي
پڙهائي دوران انهي ڳالهه جو ثبوت ڏنو. انهن ورهين
دوران ئي هرٽزيائي لهرون دريافت ٿيون ۽ انهن ۾
جيڪا وڏي دلچسپي پيدا ٿي انهي سبب اهي مارڪوني جي
ڌيان تي به اچي ويون. سندس نوجوان تخيل کي تحرڪ
ملي ويو ۽ هو اڃا ويهن ورهين جو به نه هو جو کيس
پڪ ٿي وئي ته اهي لهرون وائرليس ٽيليگراف کي ممڪن
بڻائينديون.
سندس ذهن ۾ اهو خيال مضبوطيءَ سان ويهڻ کانپوءِ هن
انهي کي ڪڏهن به پاڻ کان پاسي نه ڪيو ۽ اهڙي طرح
وائرليس سندس زندگي جي تمام اهم ڪم جي حيثيت
اختيار ڪري ورتي. هو ايڪويهن ورهين جي ڄمار ۾ ئي
بولونيا جي ويجهو پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ تجربا ڪري
رهيو هو ۽ کيس نتيجا حاصل ٿي رهيا هئا. انهيءَ
اونهاري ۾ هو هڪ ميل جي فاصلي تي رسيور ڏانهن سگنل
موڪلڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. هو ٻئي سال لنڊن اچي ويو ۽
21 ورهين جي ڄمار ۾ هرٽزيائي لهرن جي استعمال تي
عطا ٿيندڙ پهريون پيٽنٽ حاصل ڪري ورتائين.
ٻئي سال هو اٽليءَ موٽي آيو ۽ پاڻي جي ٻارنهن ميل
پار پيغام موڪليائين. هاڻي هرڪو ماڻهو مارڪوني جي
ايجاد جي تجارتي اهميت سمجهي سگهيو ٿي. لنڊن جي
دورانديش ڪاروباري ماڻهن جي هڪ گروپ جولاءِ 1897ع
۾ اٽليءَ کانسواءِ سمورن ملڪن ۾ مارڪوني جي
وائرليس جا پيٽنٽ حق حاصل ڪري ورتا.
وائرليس جو پهريون تجارتي استعمال 1898ع جي
اونهاري جي موسم ۾ ٿيو جڏهن مارڪوني آئرش سمنڊ مان
هڪ ٻيڙي تان ٻيڙين جي ريس بابت ڊبلن ايڪسپريس
ڏانهن رپورٽ موڪلي. انهي عملي مظاهري کانپوءِ به
هوشيار ۽ شڪ شبهي جو شڪار ماڻهو انهي کي رانديڪو
ئي ڪوٺيندا رهيا...!
وائرليس جي ڳالهه فيشني طبقي جي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي
وات تي هوندي هئي جو اهي چوندا هئا ته اها ڏاڍي
حيرت جهڙي شي آهي پر انهي جو زميني ڪارج الائي
ڪهڙو آهي!
ٻئي سال 1899ع ۾ اهي ڳالهيون تبديل ٿي ويون. 3
مارچ تي ايسٽ گوڊون نالي روشني ڪندڙ جهاز
(Lightship)
هڪ مسافر بردار اسٽيمر سان ٽڪرائجي ويو. مصيبت جي
پُڪار فوراً پاڻي جي پار پهچي وئي. واهر لاءِ لائف
بوٽون پهچي ويون ۽ جن ماڻهن جو ٻئي ڪنهن دور ۾ مرڻ
مقدر هجي ها اهي حفاظت سان ڪناري تي پهچي ويا.
سگنل سن 1901ع ۾ سمنڊ ٽپي انگلينڊ ۾ پولڊ هو
(Poldhu)
کان نيوفائونڊ لينڊ ۾ سينٽ جانس تائين پهچي ويا.
انهي ۾ نه ئي تارون نه ئي ڪيبل ڪم آئي.
هوشيار ماڻهن مارڪوني کي هڪ هزار دفعا ٻڌايو هو ته
زمين جي گولائي
(Curvature)
سندس سگنل جي وصوليءَ واري فاصلي ۾ هڪ واضح حد
قائم ڪري ڇڏيندي. انهن جو اسرار هو ته لهرون سڌي
ليڪ ۾ سفر ڪنديون ۽ جڏهن گولائي کائيندڙ زمين انهن
جي هيٺان نڪري ويندي ته اهي خلا ۾ اڏامي وينديون.
اها ڳالهه مارڪوني کانسواءِ هر ڪنهن کي معقول
لڳندي هئي پر هو چوندو هو ته منهنجيون هي لهرون
زمين جي برابر هلنديون. اسان کي فقط ٻه شيون گهربل
آهن هڪ ته وائبريٽر وٽ طاقت هجي ٻيو رسيور وٽ
حساسيت سان جهٽڻ جي صلاحيت هجي پوءِ اسين زمين تي
پاڻ کان بلڪل ٻئي پاسي به سگنل موڪلي سگهنداسين.
مارڪوني معمول مطابق صحيح هو ۽ 12 ڊسمبر 1901ع تي
سينٽ جانس ڏانهن سندس پيغام هن جي ڳالهين تي هميشه
شڪ ڪندڙن کي به قائل ڪري ڇڏيو. مارڪوني ٻئي سال
سمنڊ تي رات جي وقت ٻن هزار ميلن جي فاصلي تائين
سگنل موڪليا پر اهي ڏينهن جي وقت ست سو ميلن تائين
محدود رهيا.
هن جڏهن جون 1902ع ۾ رائيل سوسائٽي کي اها ڳالهه
ٻڌائي ته ڏينهن جي مقابلي ۾ رات جو ٽرانسميشن بهتر
رهي ٿي ته ميمبر هن تي ڏاڍو کليا. انهن چيو ته
مارڪوني کان غلطي ٿي وئي آهي ۽ هن ٽرانسميشن ۾
جيڪو فرق دريافت ڪيو آهي انهي جو سبب ڪي ٻيون
ڳالهيون آهن. هاڻي هر اسڪولي ٻار کي به خبر آهي ته
پيغامن جي وصولي منجهند جي بجاءِ اڌ رات جو بهتر
ٿيندي آهي اهڙي طرح هوشيارن جي وري غلطي ثابت ٿي
وئي.
اهڙي طرح ميڪس ويل، هرٽز ۽ مارڪوني جي ڪم جي نتيجي
۾ وائرليس ۾ دنيا آئي.
8
مارڪوني کان هڪ سال وڏو لي ڊي فاريسٽ
(Lee de forest)
26 آگسٽ 1873ع تي ڪائونسل بلفز، آئوا
(Iowa)
۾ پيدا ٿيو. هن ماڻهو کي به عملي تصور جي ڏات مليل
هئي. هو پڻ شروعاتي عمر ۾ ئي هرٽز جي لهرن جي
اڀياس ڏانهن ڇڪجي ويو ۽ انهن کي سکيا ڏئي انهن کان
انسانذات جي ٻولي ڳالهرائڻ جا خواب ڏسڻ لڳو.
هن بيل جي شيفيلڊ سائنٽيفڪ اسڪول مان تعليم پرائڻ
کانپوءِ 1899ع ۾ ڊاڪٽري جي ڊگري ورتي ۽ فوراً آرمر
انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي ويو هليو جتي به هن پنهنجي
سائنسي اڀياس جو سلسلو جاري رکيو. هو ڪجهه وقت
پوءِ ويسٽرن اليڪٽرانڪ ڪمپني ۾ دخلڪار ٿيو ۽
وائرليس ٽيليفوني تي تجربا شروع ڪيائين.
هو پهريون ماڻهو هو جنهن آلٽرنٽيگ ڪرنٽ جنريٽر ۽
ٽرانسميٽر ڪم آندا. اهي ڳالهيون پوءِ وائرليس جي
هر ساز سامان ۾ ڪم آيون. آڊيون
(Audion)
ايمپليفائر جي ايجاد جو اعزاز به هن کي حاصل آهي
جنهن ريڊيي کي هڪ عملي ۽ ڪم ڪندڙ اوزار ڪري ڇڏيو.
هن صدي جي شروعات ۾ ائين لڳندو هو ته ڄڻ مارڪوني ۽
ڊي فاريسٽ کي وائرليس تي هڪ جهڙا حق حاصل آهن. اهو
تڪرار پوءِ ايترو ته ڳنڀير ٿي ويو جو مارڪوني
وائرليس ڪمپني، ڊي فاريسٽ وائرليس ڪمپني خلاف
يونائيٽيڊ اسٽيٽس سرڪٽ ڪورٽ ۾ هڪ ڪيس داخل ڪرائي
ڇڏيو. جج ٽائون سينڊ مارڪوني جي مفاد کي برقرار
رکيو. مارڪوني جي اوليت ايتري ته پڌري پٽ پئي نظر
آئي جو ڪورٽ بي لاگ بيان ڏنو ته:
”هرٽزيائي لهرن جي ذريعي سگنلن جي چٽي ۽ سمجهه ۾
ايندڙ ٽرانسميشن جو طريقو سڀ کان اڳ مارڪوني بيان
ڪيو هو ۽ سڀ کان اڳ هن ئي انهي کي عملي صورت ۾
آندو هو.“
اها ڳالهه به دلچسپي کان خالي نه آهي ته جج ٽائون
سينڊ پنهنجي 4 مئي 1905ع واري فيصلي ۾ ايڊيسن جي
”ايٿري طاقت“ جو ڪو به ذڪر نه ڪيو ۽ پنهنجي توجهه
فقط ميڪس ويل ۽ هرٽز تائين محدود رکي.
9
ريڊيو جيتوڻيڪ واضح طور آمريڪي ادارو لڳي ٿو پر
پهريون باقاعدي پروگرام 1920ع ۾ انگلينڊ مان نشر
ٿيو. اها ڪوشش بهرحال جٽادار ثابت نه ٿي ۽ بلڪل
تجرباتي نوعيت جي هئي. آمريڪا ۾ ريڊيي جي نشريات
اک ڇنڀ ۾ وڌي وئي. اها نيويارڪ ۾ جيتوڻيڪ اولهه
کان آئي پر سموري ملڪ ۾ ايتري تيزي سان پکڙجي وئي
جو لڳي پيو ته ريڊيو اسٽيشنون هڪ ئي وقت زمين مان
ڦٽي نڪتون آهن.
آمريڪا ۾ ڊسمبر 1925ع ۾ جملي 578 اسٽيشنون ڪم ڪري
رهيون هيون. نتيجي ۾ هوا ۾ لهرن
(waves)
جي ايتري ڪثرت ٿي وئي جو حڪومت لاءِ وچ ۾ اچي نظم
ضبط قائم ڪرڻ ضروري ٿي پيو. اشتهارن بازن به انهي
نئين ديو جي اهميت محسوس ڪرڻ ۾ ڪا دير ئي نه ڪئي ۽
انهن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ئي مهانگو ٽينلينٽ
مائيڪرو فون تي اچڻ لڳو.
انهي جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو؟ ڇا انهي کانپوءِ طرفي
(Directional)
لهرون اينديون؟ يا ٽيليويزن اڳ ۾ ايندي؟ ڇا
ٽيليويزن جي موجودگيءَ ۾ ريڊيو ڪاميابي سان اخبار
جو مقابلو ڪري سگهندو يا ائين ٿي سگهي ٿو ته اهو
ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ ڪا بنيادي تبديلي آڻي
ڇڏي؟ يا اسٽيج ۽ فلم ريڊيي کي ٰآقا تسليم ڪري
انهيءَ جي آڏو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيندا؟ انهي ۾ جنگ ۽
امن يا ميڪانيڪي ۽ خودڪار اڏام جون ڪهڙيون طاقتون
لڪيل آهن؟ انجنيئر انهن ۽ ٻين ڪيترن سوالن جا
جواب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انهن جا جواب
ڪهڙي وقت به اچي سگهن ٿا ۽ انسانن لاءِ هڪ نئين
دنيا ۽ هڪ نئين زندگي جو دروازو کلي ويندو.
ڇا جڏهن هرٽز جو ڊٽيڪٽر سندس اکين جي سامهون
چڻنگون ڪڍي رهيو هو ته کيس خبر هئي ته هو ڪنهن ديو
جا بند آزاد ڪري رهيو هو؟ انهن مشڪل سان نظر ايندڙ
چڻنگن جڏهن چمڪاٽ ڪيو هوندو ته ڪنهن شڪ شبها رکندڙ
پُڇي ورتو هوندو ته ”اهي ڪهڙي ڪم اينديون؟“ ته
هرٽز به کيس اوليور لاج وارو مشهور جواب ڏنو هوندو
ته ”نئون ڄاول ٻار ڪهڙي ڪم جو؟
هرٽز پنهنجي مختصر زندگي گذاري ويو پر سندس ڪم جو
پڙاڏوسموري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي ۽ روشني جي
رفتار سان خلا مان ڌوڪيندو مريخ جي ڪنن ۾ سرٻاٽ
ڪرڻ جون احمقاڻيون ڪوششون ڪري رهيو آهي. اهي سڀ
ڳالهيون انهيءَ ڪري ممڪن ٿي سگهيون جو هڪ رياضيدان
کي پنهنجن انگن تي يقين هو ۽ هڪ غير عملي سائنسدان
چيو هو ته ”جيڪڏهن اهي لهرون وجود رکن ٿيون ته آءُ
انهن جو پتو لڳائڻ جو ڪو طريقو ڳولهي وٺندس.“ هن
سخت، مسلسل عمل ۾ رهندڙ ۽ عملي دنيا تي خواب ڏسندڙ
جو غلبو رهيو آهي ۽ اها ڌڪاريل آدرشيءَ جي محنتن
مان عظمت ماڻيندي رهي آهي.
باب ستاويهون
لينگلي
اها ڳالهه مڃڻ جا به ڪجهه سبب آهن ته انسانن سميت
سمورن جاندارن جي شروعات سامونڊي ڪناري جي گپ مان
ٿي. انسان ڪنهن طريقي سان يا ڪنهن نامعلوم سبب جي
ڪري گپ مان نڪري اچي خشڪ زمين تي پير ڇنڊيا. ڪجهه
جاندارن انهي تي به مطمئن نه رهندي پر ڪڍيا ۽ هوا
۾ اڏامي ويا. ٻيا وڻن تي چڙهي ويا ۽ ڪجهه لک ورهيه
پنهنجن پڇن سان وڻن جي ٽارين تي لڙڪڻ کانپوءِ زمين
تي اچي ٽنگون هڻندا جبلن ڏانهن ويا هليا.
لڳي ٿو ته انسانن جي جهنڊن تي وڏن اکرن ۾ اهو نعرو
لکيل هو ته ”اڳتي؛ اڃا به اڳتي“ انسان پاران لکڻ
جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کان به اڳ ڪنهن شي اهو نعرو ٺاهي
سندس ذهن ۾ وجهي ڇڏيو هو جتي اهو اڃا تائين به
ريڊيم جي ڪنهن ذري وانگر پيو ٿو چمڪي. انسانن پوءِ
گهوڙي کي سواريءَ لاءِ ڪم آندو، سامونڊي جهاز
ٺاهيا، گئس تي مٿي ويندڙ ڦوڪڻن ۾ ويٺا ۽ ٻاڦ تي
هلندڙ انجڻيون ٺاهيون تان جو بغير گهوڙي جي هلندڙ
گاڏين ۽ هوائي جهازن تائين وڃي پهتا. انسان هر دور
۾ ۽ هر جاءِ تي پکين سان رِيس ڪندو رهيو هو. اهو
هڪ قدرتي جذبو ۽ تحرڪ هو جيڪو کيس اڳتي وڌائيندو
رهيو ۽ هن ماٺ تڏهن وڃي ڪئي جڏهن اها خواهش تڪميل
تي پهتي.
انسان پاران پهريون دفعو اڏامڻ جو سپنو ڏسڻ کي
صديون گذري ويون آهن. سندس پاران اڏامڻ جي پهرئين
ڪوشش به ايتري ئي پراڻي آهي. تڏهن کيس ايتري به
خبر نه هئي ته انهي ڪوشش ۾ سندس جسم جي وزن کي به
ويچار هيٺ آڻڻ گهرجي. اهڙيون ڪهاڻيون موجود آهن ته
چين ۾ ماڻهو ڪنهن قسم جي هيٺ مٿي ٿيندڙ ميڪانيڪي
پرن سان اڏريا هئا. تاريخي رڪارڊ اهڙن ماڻهن جي
بيانن سان ڀريا پيا آهن جن دليري ته وڏي ڏيکاري
هئي پر عقل ڪم نه آندو هئائون. اها ڳالهه بلڪل
سڀاويڪ هئي ته انسان شروع ۾ پنهنجي لاءِ چرپر ڪندڙ
پر ٺاهي ۽ انهن کي ٻانهن جي مدد سان هلائي. پکي به
انهيءَ نموني اڏرن ٿا ۽ انسان ڏاڍي چريائپ سان
انهن جي اڏام جي نقالي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اهڙين
سڀني ڪوششن ناڪاميءَ جو منهن ڏٺو.
پر اڏام جون شروعاتي ڪوششون ڪندڙن مان سڀني
پنهنجون اميدون چرپر ڪندڙ پرن سان وابسته نه رکيون
هيون. اي، جي، پي پاڪٽن
(A J P Paucton)
جي ذهن ۾ اها ڳالهه آئي ته اڀا مٿي ويندڙ پکا
(propellers)
ڪم ڏئي ويندا. پوءِ هن 1768ع ۾
Pterophores
نالي اهڙي ڪنهن ٽڪساٽ بابت هڪ بيان لکيو. سرجارج
ڪيلي
(Georoge
Cayley)
1796ع ۾ انهي نظريي کي هٿ ۾ کنيو ۽ هڪ اهڙو ننڍڙو
ماڊل ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جهن ۾ ٻه پکا هڪ ٻئي جي
مٿان لڳل هئا جيڪي ابتڙ طرفن ۾ ڦريا ٿي. اهو هوا ۾
مٿي اٿيو هو. وري 1859ع ۾ برائيٽ نالي هڪ انگريز
هڪ اهڙي مشين لاءِ پيٽنٽ ورتو هوجنهن کي اڀا پر
کڻي بيهن ها. ڪجهه وقت پوءِ ٻن فرانسين ساڳئي اصول
تي هڪ مشين ٺاهي جنهن جا پکا جڏهن گهڙيال واري
مشينري تي هلندا هئا ته ڏهن ٻارهن فوٽن جي اوچائي
تائين مٿي ويندي هئي. |