باب سورهون
جان ڪيپلر
”مائي“ جان ڪيپلر چيو ”اسان کي پراگ هلڻو آهي.“
”هائو!“ فرا ڪيپلر چيو، ”۽ پئسا ڪٿان آڻينداسين.“
جان ننڊاکڙين، ويجهو ڏسندڙ اکين مان هن تي نظر وڌي
۽ کيس چيائين ”اسان کي سفر لاءِ پئسا پورا ٿي
ويندا، اتي پهچڻ کانپوءِ براهي اسان جو ڪو بندوبست
ڪندو.“
”تون انهي مان اکيون ڪڍين ئي نه ٿو، تون پورو پورو
بيوقوف آهين جان“ ”مون کي خبر آهي، مون کي خبر
آهي.“ جان ڪيپلر ورندي ڏني. ”پر مون کي سندس مريخ
واريون شڪليون ڏسڻيون آهن.“
”۽ تنهنجي مرضي آهي ته تون مون کي ۽ ٻارن کي به
پراگ گهليون هلندين جتي نه ڪو ماڻهو اٿئي، نه ڪا
نوڪري اٿئي ۽ نه ئي ڪا نوڪري ملڻ جي اميد اٿئي.“
”اسان کي وڃڻو پوندو.“ سندس مڙس جو انداز بلڪ پڪ
وارو هو. هو جڏهن به ائين ڳالهائيندو هو ته فرا
ڪيپلر سمجهي ويندي هئي ته هاڻي هن سان بحث ڪرڻ
اجايو آهي. پر هوءَ پوءِ به شڪايتن کان نه مڙندي
هئي.
هؤ ڊگهي، سنهي، اڀريل منهن مهانڊي ۽ سخت زبان واري
عورت هئي. هن کي مرگهيءَ جا دورا پوندا هئا ۽
تقريباً سدائين بيمار رهندي هئي. هڪ مڙس کي قبر ۾
لاهي ٻئي کان طلاق ورتي هئائين ۽ شايد جان کي به
دفن ڪرڻ جي اميد هئس جيڪو دائمي معذور هو، سڄي رات
جاڳڻ جي عادت هوندي هئس ۽ چوڌاري ڪاغذن جي وڏن
ورقن جا ڍير لڳا پيا هوندا هئس جن تي انگن جون
ڊگهيون سِٽون لکيل هونديون هيون جن مان سندس زال
کي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي.
2
ڪيپلر بلڪل بيمار به نه لڳندو هو پر هو ڪڏهن مڪمل
طور چاق به نه رهيو. هن تي گهڻو ڪري بيماريءَ جا
شديد حملا پيا ٿيندا هئا جن مان خطرو ٿي پوندو هو
ته هي موتمار نه ٿين. هو ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ به ماتا
۾ مرندي مرندي بچيو هو ۽ هيشه لاءِ انهي جا نشان
رهجي ويا هئس. وري هن تي لال بخار جو به حملو ٿيو
هو. سندس اکيون به خراب رهنديون هيون. انهن
بيمارين جي نتيجي ۾ هن جي هاٺي به ڪمزور ٿي وئي
هئي. هن جي زندگيءَ جي شروعات ئي خراب نموني ٿي
هئي ڇاڪاڻ جو هو ستين مهيني جو ڄاول ٻار هو ۽
ستڙين ٻارن بابت عام مشهور آهي ته اهي ذهني يا
جسماني يا ٻنهي لحاظن کان ڪمزور ٿيندا آهن. بهرحال
هو 27 ڊسمبر 1571ع تي ويل (Weil)
۾ پيدا ٿيو.
پر جان جو ذهن ننڍپڻ ۾ ته بلڪل صحيح لڳندو هو ۽ هو
ليون برگ جي اسڪول ۾ به صحيح نموني هليو. پر اهو
ڪم گهڻو وقت نه هلي سگهيو جو سندس پيءُ هڪ مشڪل ۾
ڦاسي پيو. هو بيوقوفي ڪري ڪنهن دوست جو ضامن پيو
هو ۽ جڏهن اهو دوست گم ٿي ويو ته جان جي پيءُ کي
پئسا ڀري ڏيڻا پيا. هن پئسا ته ڏنا پر پاڻ بلڪل
سُڃو ٿي ويو. هن جا ڪنهن نموني سان هڪ شراب خاني
تي هٿ پئجي ويا. انهي ڌنڌي مان گهڻي آمدني نه
هوندي هئي. جان کي به اسڪول مان ڪڍي ڪم ۾ هنيو ويو
ته اٿي ويٺي ڪري ۽ شراب خاني کي صاف سٿرو رکي.
هو سنهڙو بيمار ڇوڪرو هوندو هو ۽ اهڙو گندو ۽سخت
ڪم ڪرڻ لاءِ گهربل مضبوطي به هن ۾ نه هئي. هو ڪنهن
”ٿلهي متاري“ ڊچ وٽ بيئر جو جڳ کڻي وڃڻ بجاءِ ڪو
ڪتاب پڙهڻ وڌيڪ پسند ڪري ها. جان جو پيءُ نيڪ دل
ماڻهو هو ۽ کيس پنهنجي پٽ جي نوڪر ٿيڻ واري ڳالهه
پسند نه هئي تنهن ڪري جڏهن ڇوڪري کي مفت ۾ اسڪول
موڪلڻ جو موقعو آيو ته هن دير ئي نه ڪئي.
3
جان جڏهن اسڪول وڃڻ جي ڳالهه ٻڌي ته خوشي مان
ٻهڪڻ لڳو. هن کي ايتري ته خوشي ٿي جو هو ذري گهٽ
بيمار ٿي پيو. هن کي شراب خاني مان ڀڄڻ جي ايتري
ته ڳڻتي هئي جو هو پنهنجن دوستن کان موڪلائڻ جو
وقت به نه ڪڍي سگهيو. پر هن پنهنجي پيءُ کي ڀاڪر
وڌو ۽ ان کي پنهنجي ٿورڙي طاقت سان جهلي بيهي
رهيو. ايندڙ ورهين ۾ ياد ڪرڻ لاءِ اها چڱي ڳالهه
هئي جو پوءِ هو پنهنجي وڏي جسم واري ۽ کل ڀوڳ پسند
ڪندڙ پيءُ کي وري ڪڏهن به نه ڏسي سگهيو.
هن پنهنجي ماءُ تي ڪوبه وقت نه وڃايو. هو تڏهن به
اهو محسوس ڪندو هو ته محبت هن لاءِ ڪا معنيٰ نه ٿي
رکي. هوءَ کهرو ڳالهائيندڙ ۽ تنگ ذهن عورت هئي
جنهن وٽ محبت فقط هڪ لفظ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه
هئي. هو ان کي ۽ جنهن جاءِ کي هن گهر سڏيو ٿي ان
کي بغير ڪنهن افسوس جي ڇڏي سگهيو ٿي. ظاهر آهي ته
سندس پيءُ جي به ساڳئي سوچ هئي ۽ جان کي اسڪول ۾
گهڻو وقت نه ٿيو جو هن کي خبر پئي ته سندس پيءُ
ڪيڏانهن ويو هليو آهي. اهڙي طرح جان ڪيپلر جي پيءُ
جي پڄاڻي ٿي وئي. هو هالينڊ يا انگلينڊ ۾ ڪٿي مري
ويو هوندو. بهرحال هو وري پنهنجي شڪايتون ڪندڙ ۽
مهڻا ڏيندڙ زال توڙي ننڍڙي بي آرام جرمن گهر ۾
موٽي نه آيو. ڇا هو ايترو وقت زنده رهيو هو جو کيس
خبر پئي ها ته هو دنيا جي هڪ عظيم انسان جو پيءُ
آهي؟ شايد ته نه. جيتوڻيڪ جان ڪيپلر وٽ شهرت جلد
ئي اچي وئي هئي.
4
جان ڪيپلر جڏهن مالبرون ۾ يونيورسٽي جو ڪورس پورو
ڪيو ته کيس گراٽز (Gratz)
۾ فلڪيات جي پروفيسر جي نوڪري جي آڇ ٿي. هن کي
انهيءَ خيال کان ئي نفرت هئي. فلڪيات ڪا سائنس ته
نه هئي. انهي جو درجو قسمت جو حال ٻڌائڻ (fortune
telling)
کان ٿورو ئي وڌيڪ هو. جان کي رياضي سان محبت هئي.
پر کيس انهي معاملي ۾ ڪوبه اختيار نه ڏنو ويو هو.
تنهنڪري هن نه چاهيندي به اها جاءِ قبول ڪئي. پر
انهيءَ فيصلي مان دنيا کي هميشه فائدو پهتو. تنهن
وقت ۾ فلڪيات بابت ٿوري گهڻي ڄاڻ هوندي هئي پر هو
ته انهي کان به واقف نه هو. هن بهرحال اسڪول ۾
ليڪچر ٻڌا هئا ۽ ڪوپر نيڪي نظريي کان به چڱي
واقفيت هئس. پر هن ڪڏهن به ڪو مشاهدو نه ڪيو هو ۽
هن جي نظر ۾ ستارا فقط آسمان ۾ ڪي چمڪندڙ وجود
هئا. هن محنتي ۽ بااصول جرمن جي اها هڪ امتيازي
خصوصيت هئي جو هن نوڪري جي چڙهڻ کان پوءِ پنهنجي
مضمون جو مطالعو ڪرڻ شروع ڪيو . هن جو اندروني
جذبو به جاڳي پيو ۽ جلد ئي انهيءَ مضمون ۾ تمام
گهڻي دلچسپي پيدا ٿي ويس. هتي ڪنهن انسان کي عطا
ٿيل ڪنهن اعليٰ ترين خيالي قوت کي آزاديءَ سان ڪم
ڪرڻ لاءِ ميدان موجود هو. هولامحدود مفروضن جي
پَرن تي چڙهي پنهنجي مضمون ۾ آيو ۽ پنهنجي سموري
زندگي آسمانن جو قانون ٺاهيندڙ (Law
giver)
ٿي رهيو.
گرهه کيس پنهنجي موهه ۾ منڊي ڇڏيندا هئا. سندس
عجيب نموني اندازا هڻندڙ ذهن کيس ٻڌائي ڇڏيو ته
گرهن جي گردشن ۽ انهن جي سج کان فاصلن جي وچ ۾ ڪو
تعلق هئڻ گهرجي. پر هن اڳ ۾ انهن جي مدارن جي ڪنهن
حد تائين سادي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو ته انهن جي سج
کان بلڪل درست فاصلي جو ڪيئن حساب ڪجي. هن ڪيترين
ئي ڳالهين تي ڪم ڪري ڏٺو پر ڪابه بلڪل صحيح نموني
ڪم ڪندي نه پئي ڏسڻ ۾ آئي. پوءِ هو سندس نظر ۾ هڪ
عاليشان نظريي تي پهچي ويو:
هن کي خبر هئي ته باقاعدي
Solids
فقط پنج آهن. يعني اهڙا
solids
جن ۾ ٻه طرفي مٿاڇري وارين ڪنڊن (Plance
angles)
۽ خاص ڪنڊ (corner)
جو جوڙ چئن گونين ڪنڊن جي جوڙ کان گهٽ هجي.
البت بي قاعدي شڪلين جا ڪيترائي سالڊ (solid)
آهن.
ڪيپلر جنهن جي عمر هاڻي 24 ورهيه هئي تنهن انهن
solids
جي مدد سان گرهن جي ڳجهارت کي سلڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن هڪ ٻارنهن پاسي سالڊ تي هڪ گولو (Sphere)
ٺاهيو. مريخ جو مدار انهي گولي جهڙي سطح تي واقع
آهي. هن انهيءَ گولي جي چوڌاري چار پاسو سالڊ
ٺاهيو. هن چيو ته مشتري جو مدار انهيءَ کي
گهيريندڙ گولي ۾ واقع آهي. اهڙي طرح هن ٻين ٽن
Regular
Solidsجي
ذريعي انهيءَ وقت معلوم سڀني گرهن جا تقريباً
برابر مدار حاصل ڪري ورتا.
هن انهيءَ بي معنيٰ مغروضي تي ڪيترا ڏينهن ۽
راتيون وڃايا ۽ جڏهن پنهنجيون ٺاهيل شڪليون مڪمل
ڪيائين ته ايترو ته خوش ٿيو جو انهيءَ بي فائدي ۽
ٿڪائيندڙ ڪم کي ڏنل هڪ گهڙي تي به افسوس جو اظهار
نه ڪيائين. هن پنهنجا نتيجا ۽ ٻيون ڪيتريون مابعد
الطبعياتي بي ڪار ڳالهيون ۽ عجيب و غريب دليل هڪ
ڪتاب ۾ ڇپرايا جنهن تي وڏي طمطراق سان
Mysterium cosmographicum
جو نالو ڏنائين. اڄڪلهه جيتوڻيڪ انهي ڪتاب جي ڪابه
اهميت نه رهي آهي. پر اهو هڪ 24 ورهين جي ڇوڪري جي
ذهانت ۽ محنت جي ثبوت طور موجود آهي.
5
ڳالهه جڏهن گرهن جي اسپيڊ ۽ انهن جي سج کان فاصلي
جي وچ ۾ تعلق تي آئي ته سندس مسئلو اڃا وڌيڪ ڏکيو
ٿي ويو. سج کان پري وارن گرهن آهستي پئي گردش ڪئي،
پر انهي جو سبب ڪهڙو هو. انهيءَ نوجوان معلوم
حقيقتن مان سبب ڄاڻڻ ٿي چاهيو. سندس انهي وقت واري
وضاحت ايتري واضح نه هئي هو چوي ٿو.
”شايد مشترڪ مرڪز يعني سج ۾ ڪا گردش ڪندڙ ذهانت (intelligence)
آهي جيڪا سڀني کي چوڌاري ڇڪيون بيٺي آهي. پر انهي
جي ڇڪ ويجهين شين تي ڏاڍي زوردار آهي ۽ پري وارين
تي ڪمزور ٿيندي وڃي ٿي جنهن جو سبب هڪ ته دوري ۽
ٻيو قوت جو زور گهٽجي وڃڻ آهي.
ظاهر آهي ته ڪيپلر جڏهن اهي ڳالهيون لکي رهيو هو
ته سندس ذهن ۾ ڪائناتي ڪشش ثقل جا ڪي ترورا موجود
هئا پر اهو نظريو سندس ذهن ۾ ايترو واضح نه هو. هن
سمجهيو ٿي ته سج نه فقط گرهن کي ڇڪي ٿو پر ڪڏهن
ڪڏهن پاڻ کان پري به ڌڪي ٿو. هن وٽ مشترڪ مرڪز کان
سندن تبديل ٿيندڙ فاصلن جو فقط اهو ئي سبب هو.
هن جون گرهن ۽ سندن فاصلن جي وچ ۾ تعلق ڳولهڻ جون
سڀ ڪوششون ناڪام ٿي ويون ۽ هن جڏهن ڏٺو ته هو هڪ
گول ۾ پيو ٿو ڦري ته هن انهيءَ مسئلي تان ئي هٿ
کڻي ڇڏيو.
هن ٻين ماڻهن سميت پنهنجي ڪتاب جي هڪ ڪاپي عظيم
مشاهدا ڪندڙ ٽائيڪو براهي ڏانهن به موڪلي. اهڙيءَ
طرح ڊينمارڪ جو اهو رهواسي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي شديد
تڙپ رکندڙ هن نوجوان ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو ۽ کيس اهو
به ٻڌايائين ته يوراني بورگ ۾ سندس ڪيل مشاهدا هن
جي مسئلي کي سولو ڪري ڇڏيندا. ٽائيڪو تڏهن پراگ ۾
هو. انهي ڪري ئي جان پنهنجي زال کي چيو هو ته
”اسان کي پراگ ضرور هلڻو آهي.“
6
جان ڪيپلر پنهنجي سموري زندگي غربت ۽ بيماري جي ٻن
شديد مسئلن کي منهن ڏيندو رهيو. هو لباس ۽ ڪپڙن تي
تڏهن به ايترو ڌيان نه ڏيندو هو جڏهن کيس اهي خريد
ڪرڻ جيترا پئسا هوندا هئا. هو پنهنجن ڪتابن ۽
مسئلن تي ايترو وقت خرچ ڪندو هو جو هن وٽ سماج جا
ادب آداب سکڻ جو وقت ئي نه رهيو .هن کي اهڙيون
هلڪيون ڦلڪيون ڳالهيون ڪرڻ به نه اينديون هيون جن
سان ڪنهن البيلي ڇوڪريءَ کي وندرائي سگهي. پر جان
پُر جذبات، پُرجوش ۽ ولولا رکندڙ نوجوان هو. هن
شادي ڪرڻ چاهي ٿي.
سندس توجه ڇڪيندڙ عورت ٻه دفعا رنڙ ٿي هئي. پر
مشهور هو ته هن وٽ وڏي دولت آهي. اها ڳالهه وسهڻ
جهڙي ئي نه ٿي لڳي ته جان تي انهيءَ ڳالهه جو اثر
نه ٿيو هوندو. سندس سموري زندگيءَ ۾ اهڙي ڪابه
ڳالهه نه ٿي ملي جنهن مان خبر پوي ته هو ڪڏهن ڪنهن
انڌي جذبي جو شڪار رهيو هو. هو جيڪڏهن ڪا گهرڌياڻي
۽ دولت هڪ ئي وقت حاصل ڪري وٺي ته جيڪر سندس
تڪليفون ختم ٿي وڃن.
اها خاتون هائو ڪرڻ لاءِ تيار هئي. پر سندس خاندان
وچ ۾ پئجي ويو. انهن اها پڪ ڪرڻ چاهي ٿي ته جان
واقعي معزز خاندان سان تعلق رکي ٿو. اها ڳالهه ته
واقعي هئي پر انهي کي ثابت ڪرڻ ۾ ڪجهه وقت لڳي ويو
۽ ڪجهه ڪوششون ڪرڻيون پيون. پر هن آخرڪار ثبوت
حاصل ڪري ورتا.
اهڙي طرح انهن شادي ڪئي ۽ پوءِ ڪڏهن به خوش نه
رهيا. پهرئين ڳالهه ته مائي جي دولت جو پتو نه
پئجي سگهيو. جان انهيءَ جو مائٽن تي الزام ڏيندو
رهيو. معزز خاندان واري ڳالهه تي زور ڏيندڙ انهن
ماڻهن سادڙي جان سان دوکو ڪيو هو. هو پنهنجي زال
جي مائٽن سان وڙهيو به پر پوءِ پنهنجن ڪمزور ڪلهن
کان ڳرو بار کڻن جي ڪم ۾ لڳي ويو.
جان پاران پراگ وڃڻ جو فيصلو ڪنهن ريچڪ جو نتيجو
نه هو. هن وٽ ٽائيڪو وٽان ڪيترائي خط آيا هئا ۽
اوڏانهن وڃڻ جو فيصلو ڪرڻ کان اڳ هو ڪافي واضح
راءِ قائم ڪري چڪو هو. ٽائيڪو خط ۾ لکيو هو ته:
”ڪنهن اجنبي وانگر نه پر تمام پياري دوست وانگر
اچ.“
7
گراٽز کان پراگ تمام پري هو ۽ رستو تمام ڏکيو ۽
ٿڪائيندڙ هو. فراڪيپلر ۽ ٻار ته آرام سان سختيون
سهي ويا پر جان پراگ ۾ وڏن وڏن ماڻهن ۽ شايد ته
خود رڊ ولف سان ملڻ جو سوچي سوچي جوش ۾ اچڻ سبب
اعصابي حملي جو شڪار ٿي بيمار ٿي پيو ۽ ڪيترا هفتا
رستي ۾ ٺهيل سراءِ ۾ پئجي رهيو.
هاڻي پئسي جو مسئلو شدت اختيار ڪري ويو. اوپرن
ماڻهن ۾ بيماري ڏاڍي مهانگي ٿي پوندي آهي. ڪيپلر
ڪٽنب وٽ جيڪي پنهنجا ٿورا ٿڪا پئسا هئا اهي ته ختم
ٿيندي ويرم ئي نه ٿي. بيمار، گهر کان پري، هٿ ۾
پئسو ڪونه؛ زال ۽ ٻارن جو بار سر تي؛ اهڙي حالت ۾
اڪيلو ڪيپلر سوچيندو هوندو ته شايد سندس پڄاڻي جو
وقت نه اچي وڃي يا متان سندس ڪٽنب بکن وگهي مري نه
وڃي. پٺتي گراٽز ۾ دوست هئا جيڪي مصيبت ماريل
فيلسوف جي مدد ڪن ها پر گراٽز تمام پري هو. پراگ
هاڻي پري نه هو ۽ اتي ٽائيڪو براهي موجود هو. انهي
وٽ نياپو، عرضداشت ۽ مصيبت جي پُڪار پهتي ۽ انهي
جو خاطر خواهه نتيجو نڪتو.
براهي پئسا موڪلي ڏنا. ڳڻتين مان ڇوٽڪاري سبب جان
جي صحت به جلدي سڌرڻ لڳي ۽ هو ۽ سندس ڪٽنب جلد ئي
پراگ پهچي ويا. اتي براهي ۽ ڪيپلر آخرڪار پاڻ ۾
مليا. انهن مان هڪ چاندي جي نڪ وارو جنهن جي پري
جي نظر ڪم ڪندي هئي ۽ ٻيو ويجهو ڏسندڙ ۽ نجهريل
جسم وارو ماڻهو هو ۽ رات جو سيءُ برداشت ڪرڻ جي
طاقت نه هئس. هڪ ماڻهو آسمان ۾ بيٺل سڀ شيون اهڙي
طرح ڏٺيون هيون جهڙيون هن کان اڳ ڪنهن به نه ڏٺيون
هيون. ٻئي جون سوچون انهن گرهن ۽ ٽمڪندڙ سجن کان
به اڳتي بي انت خلا ۾ ڊوڙنديون ٿي رهيون جتي هو
ڪائناتي قانون ڳولهڻ لاءِ ٿا ڦوڙا هڻي رهيو هو.
انهن ٻنهي ۾ ڄاڻڻ جي خواهش ۽ ذخيري طور تارن ڀريل
آسمان کانسواءِ ٻي ڪابه شي مشترڪه نه هئي.
ٽائيڪو سگهارو، حاوي ٿي ويندڙ ۽ سک ۽ آرام جو پليل
ٻار هو. هو روايتن کي پامال ڪندڙ، کليل دل وارو ۽
گهمندڙ ڦرندڙ روح هو جنهن ۾ خيالي قوت نالي ڪابه
شي نه هئي.
جان شام جي هير وانگر نرم مزاج، مٺو ڳالهائيندڙ ۽
پُر خلوص ماڻهو هو. هن وٽ طاقت نه هئي پر ڪم ۾ لڳو
رهڻ جو اُدم هو. هن وٽ انوکا ۽ سهڻا خواب هوندا
هئا ۽ هو پنهنجن خوابن کي ڪنهن نتيجي تي پهچائڻ
لاءِ اڌ اڌ رات تائين ويٺو اڻٿڪ ڪوششون ڪندو رهندو
هو. هن وٽ ناڪام ٿيڻ جو مطلب وري ڪنهن نئين تصور
پٺيان نئين سر هلي پوڻ هوندو هو. ٽائيڪو فقط اکيون
ئي اکيون هو. جان سمورو دماغ هو. ٽائيڪو پنهنجي ڪم
جو ماڻهو هو پر ڪيپلر جو ڪم هو اڻپورو ڪم هٽ ۾
کڻڻ، ٽائيڪو کي ٻڌائڻ ته انهيء جو مطلب هي آهي ۽
انهيءَ کي لافانيت جي سون سان ڍڪي ڇڏڻ.
8
هيءَ بهترين دوستي کنڀيءَ وانگر راتو رات ڦٽي پئي.
اها انهيءَ کانپوءِ جي ڳالهه آهي جو ٽائيڪو تي ميڙ
حملو ڪري ۽ بيعزتي ڪري ڪوپن هيگن مان لوڌي ڪڍي
ڇڏيو هو. انهيءَ رواداريءَ واري سوچ رکندڙ انا
پرست کي خبر هئي ته مصيبتن ۽ تڪليفن ۾ ماڻهو جي
ڪهڙي حالت ٿيندي آهي. ڪيپلر جي صورت ۾ کيس اهڙو
ماڻهو ملي ويو هو جنهن پنهنجي سموري زندگي فقط ڏک
۽ سور ڏٺا هئا. اهي ٻئي اڪيلا روح هڪٻئي لاءِ آٿت
۽ سهارو بڻيا. ”هڪ پياري دوست وانگر اچ.“ اها
ڳالهه ڪو خالي جملو نه هئي. ٽائيڪو انهيءَ ئي
انداز ۾ جان ۽ سندس ڪٽنب جو پراگ ۾ آڌر ڀاءُ ڪيو.
پر جان جي زال ڳڻتيون ڪندي ۽ پريشان ٿيندي رهي.
اها گهر ۽ پنهنجن مائٽن کان تمام پري هئي ۽ کيس
ٽائيڪو کان نفرت هئي. ٽائيڪو جو جان سان محبت وارو
ورتاءُ انهي ڪاوڙيل عورت کي ڌُتاري نه سگهيو جيڪا
ٽي مڙس ڪرڻ کانپوءِ سمجهندي هئي ته هوءَ مردن کي
چڱي طرح سڃاڻي ٿي.
ڪنهن کي به صحيح خبر نه آهي ته ڇا ٿيو. توهان
جيڪڏهن الزام فراڪيپلر جي سر تي هڻو ٿا ته شايد
توهان گهڻو غلط نه هجو.
”ته پوءِ اها ڳالهه صحيح آهي.“ جان پنهنجي زال
طرفان مسلسل اهڙا اشارا ملڻ کان پوءِ سوچڻ لڳو.
”براهي مون سان صحيح نه ٿو هلي.“ هو رڊولف جي بلڪل
ويجهو آهي. اهڙي طاقتور شهزادي جي مدد سان استاد
فلڪياتدان لاءِ لازماً ڪجهه نه ڪجهه ڪري سگهجي ٿو.
ٽائيڪو ڪوڙ ٿو ڳالهائي ۽ دوستيءَ ۾ کوٽو آهي. اسين
ڪهڙي به حالت ۾ پراگ مان نڪري هلنداسين. مريخ به
اڃا فتح نه ٿيو آهي.“
اهڙي طرح ڪيپلر ڪٽنب پراگ مان نڪري ويو. هنن وٽ
سفر جي خرچ لاءِ ٽائيڪو جا ڏنل پئسا هئا. نرم مزاج
جان اهڙي ماڻهو تي ڪاوڙيو پيو هو جنهن کيس دوست
سڏيو هو ۽ هو ان جي تمام گهڻو زير بار هو. هو
ايترو ته ڪاوڙ ۾ هو جو هن خط لکي براهي کي ٻڌايو
ته هو ڪڏهن ۽ ڪيئن هڪ دوست جي حيثيت ۾ ناڪام ٿيو
آهي.
9
خوشقسمتي سان ٽائيڪو هاڻي اڳوڻو ٽانڊي تپڻو وڏ
گهراڻو نه رهيو هو. جيڪو پنهنجي مزاج جي سبب ڪيترن
ئي جهيڙن ۾ پيو هو. وقت ۽ مايوسين کيس ٿڌو ڪري
ڇڏيو هو ۽ سهپ ۽ برداشت سان ملندڙ جلندڙ ڪنهن شي
سندس دماغ ۾ جاءِ ٺاهي ڇڏي هئي. انهيءَ کان پوءِ
هو ڪيپلر کي سچي دل سان چاهيندو هو ۽ ڪيپلر جي زال
جي مزاج کان به صحيح نموني واقف ٿي ويو هو. جان جي
گارين ڀريل خط سندس دل ۾ ڪابه ڪاوڙ پيدا نه ڪئي.
اها فقط هڪ غلط فهمي هئي جان کي لازماً حقيقتون
ٻڌايون وڃن. هن خط پنهنجي سيڪريٽري جي حوالي ڪري
ڇڏيو.
”هن خط جو جواب لک“. هن چيو ” تون منهنجي احساسن ۽
سوچن کان واقف آهين. ڪيپلر کي سچ ڏيکار.“
ڪيپلر وٽ سيڪريٽري جو خط پراگ جي ويجهو سندس عارضي
ٺڪاڻي ۾ پهتو. هن اهو ڪيترا دفعا پڙهيو ۽ انهي ۾
لکيل لفظ کيس ساڙڻ ۽ لڄ وچان لوساٽڻ لڳا. هن کي
هاڻي خبر پئي ته هو ورغلائيندڙ جو آواز ٻڌندو رهيو
هو. ۽ انهيءَ دوران سندس عقل ننڊ پيو هو. هن جلدي
قلم ۽ ڪاغذ کنيو جيئن عظيم ٽائيڪو جي آڏو عاجزي جو
اظهار ڪري سگهي. هن واقعي پاڻ کي هيٺاهون ڪري
ڏيکاريو ڪنهن به ماڻهو انهيءَ کان وڌيڪ ۽ ايترو
مڪمل طور افسوس جو اظهار نه ڪيو هوندو.
”مون جيڪو ڪجهه به“ هن براهي کي چيو ”توهان جي
شخصيت، شان، شهرت يا علم بابت چيو يا لکيو آهي يا
ٻئي ڪنهن نموني ۾ توهان جي خلاف ڳالهايو يا لکيو
آهي؛ ڇاڪاڻ ته آءٌ پنهنجي ڪاوڙ ۾ ڪيتريون ئي
ڳالهيون لکي ۽ چئي ويو آهيان جيڪي مون کي ياد به
نه آهن؛ آءٌ انهن سڀني ڳالهين تان دستبردار ٿيان
ٿو ۽ بلڪل سچائي سان علي الاعلان اعتراف ٿو ڪريان
ته اهي غلط هيون، بي بنياد هيون ۽ انهن جي ڪابه
ثابتي نه ٿي ڏئي سگهجي.“
انهي کان وڌيڪ ڪهڙي معافي وٺي سگهجي ٿي؟ هو غلطي
تي هو ۽ ڪوبه عذر پيش ڪرڻ کان سواءِ پنهنجي غلطي
تسليم ڪري ڇڏي هئائين. ٽائيڪو جان جي خط مان ڏاڍو
خوش ۽ ڪجهه حيران به ٿيو. هن فوراً خط لکي ڪيپلر
کي پراگ موٽي اچڻ جي منٿ ڪئي.
10
”مائي“ ڪيپلر چيو ”اسين پراگ ۽ منهنجي پياري دوست
ٽائيڪو ڏانهن پيا وڃون.“ ڪيپلر ڏاڍي خوشي سان پراگ
ڏانهن ۽ پنهنجي دوست سان وري گڏجڻ ويو جنهن کي هن
وڃائي ۽ وري حاصل ڪري ورتو هو. اهي جڏهن مليا ته
جان اهي ڳالهيون ورجائڻ شروع ڪيون جيڪي هو اڳيئي
خط ۾ لکي چڪو هو. پر ٽائيڪو هن کي روڪي ڇڏيو.
”اسان جو ماضيءَ ۾ ڪهڙو ڪم!“ هن چيو ” تون منهنجو
دوست آهين ۽ مون ڏانهن واپس آيو آهين. اها ڳالهه
ڪافي آهي. مون تنهنجي غير موجودگي ۾ تنهنجي رڊولف
مان ملاقات جو بندوبست ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ جي
نتيجي ۾ وڏيون ڳالهيون ٿينديون. توکي مريخ طرفان
ڏنل تڪليفن کانسواءِ ٻيون سڀ تڪليفون ختم ٿي ويون
آهن. اهو آءٌ تنهنجي حوالي ٿو ڪريان. ڪنهن به
ماڻهو کي پريشان ڪرڻ لاءِ اهو ئي ڪافي آهي.“
واقعي ڪيپلر ۽ رڊولف جي وچ ۾ ملاقات جي نتيجي ۾
وڏيون ڳالهيون واقع ٿيون. اهي گهٽ ۾ گهٽ فلڪياتدان
کي انهي وقت وڏيون ٿي ڏسڻ ۾ آيون. هن کي شهنشاهي
رياضيدان (Imperial
Mathematician)
جو خطاب عطا ڪيو ويو. انهيءَ ۾ سڀني ضرورتن جو
پورائو ڪندڙ آمدني به شامل هئي. بشرطيڪ اها تڪڙي
خالي ٿيندڙ خزاني مان ادا ٿي سگهي ها. واعدو ڪيل
پينشن جي مقدار فرا ڪيپلر کي ٿڌو ڪري ڇڏيو ۽ زندگي
وقتي طور سڀني کي روشن ۽ چمڪدار ڏسڻ ۾ اچڻ لڳي.
اهي ڪيپلر لاءِ ڏاڍا خوشيءَ وارا ڏهاڙا هئا. هو
مريخ جو اڀياس ڪري رهيو هو ۽ وڏيون ڪوششون ڪري
رهيو هو ته جيئن اهو گرهه پنهنجن اسرارن تان پردو
کڻي ڇڏي. پر هڪ دکدائڪ ۽ افسوسناڪ واقعو ٿي ويو ۽
مريخ ڪجهه وقت لاءِ وسري ويو.
11
ٽائيڪو براهي جي ڪمري ۾ هڪ ميڻ بتي جهڙڪا ڏيڻ لڳي.
ٽائيڪو بستري ۾ هو ۽ ڪيپلر اسٽول تي ويٺو پنهنجي
دوست جا آخري لفظ ٻڌي رهيو هو. ٽائيڪو جي زندگيءَ
جو جام ڀرجي آيو هو. ڪمزور ۽ سدائين بيمار رهندڙ
جان، سگهاري ۽ ڪڏهن به بيمار نه ٿيندڙ دوست کي
پنهنجو پُر شور سفر پورو ڪندي ڏسي رهيو هو.
”مون پنهنجي سموري زندگي ستارن تي ڪم ڪيو آهي.“
ٽائيڪو چيو: ”مون اهڙيون جدولون چاهيون ٿي جيڪي
بلڪل تز هجن ۽ مون هڪ هزار ستارن جو مقصد آڏو رکيو
هو. هاڻي آءٌ هن حالت کي اچي پهتو آهيان ۽ فقط 750
پورا ٿيا آهن. آءٌ اهو ڪم پورو ڪري وڃا ها پر
منهنجو بادشاهه ۽ منهنجو ملڪ منهنجي خلاف ٿي بيهي
رهيا. وچ ۾ تمام وڏو رخنو پئجي ويو آهي. هاڻي
منهنجا پيارا دوست تون منهنجو ڪم لازماً جاري
رکجانءِ. آءٌ پنهنجا سڀ ڪاغذ تنهنجي حوالي ڪيون ٿو
وڃا. منهنجن مشاهدن کي رڊولفي جدولون (Rudolphine
Tables)
جي نالي سان شايع ڪرائجان. اسان جي شهزادي جو
ايترو اسان تي حق آهي. تون مون کي مايوس ته نه
ڪندين نه؟“
مايوس؟ جان ڪيپلر ته نه ڪندو. اهو واعدو ٿي ويو ۽
انهيءَ واعدي کي پاڙڻ ۾ جيڪا ڏکيائي ۽ محنت درپيش
اچي ها انهيءَ جو خيال ئي نه رکيو ويو.
”فقط ست سو پنجاه“ ٽائيڪو ڀڻڪاٽ ڪيو. ماڻهو جو ڪم
سندس دشمنن جي هٿن ۾ هليو وڃي ٿو. مون پنهنجو ڪم
پنهنجي وس آهر سٺي نموني ڪري ڇڏيو آهي. منهنجون
جدولون زنده رهنديون. آءٌ ناکئن ۽ ملاحن کي هڪ
حفاظتي ڏور (Safety
line)
ڏنيون ٿو وڃا. ”جان ماٺ ڪيون ويٺو رهيو. سندس
ڏاڙهي سان ڀريل ڳلن تان ڳوڙها ٽم ٽم ڪري وهڻ لڳا.
ڪمري ۾ ماٺ ٿي وئي.
12
شهنشاهه جو مکيه رياضيدان
(Principal Mathematician to the Emperor)
براهي جي مرڻ کانپوءِ بوهيميا جي ڪنواري بادشاه ۽
روم جي شهنشاه ڪيپلر کي اهو لقب ڏنو هو. جان
نوڪريءَ جو صحيح پيل ۽ مهر بند پروانو وٺڻ کانپوءِ
سمجهڻ لڳو ته سندس سڀ ڏکيائيون ختم ٿي ويون آهن.
هن ئي وقت هن پاڻ کي ٽاٽائي ڪرائيندي اهو پشم جي
ڪناري وارو ڪوٽ ورتو جيڪو صدين کان سندس جسم جو
حصو ٿي ويو آهي. هو جڏهن اهو ڪوٽ پهري تيار ٿيندو
هو، اسڪالرن واري گول سئين ٽوپي مٿي تي رکندو هو ۽
منهن تي ماتا جا نشان وڏي ڏاڙهي سان ڍڪجي وينداهئس
ته ڏاڍو سٺو لڳندو هو.
|