ڏاهن ۽ دلير ماڻهن جي ڪم جي نتيجي ۾ انهيءَ روش ۾
آهستي آهستي تبديلي آئي. سرجري جي ڪم جا بانيڪار
فرانسي هئا. سن 1718ع ۾ فوت ٿيندڙ پيري ڊيونس (Pierre
Dionis)
اناٽامي ۽ سرجري تي اهڙا مقالا لکيا جيڪي سموري
دنيا ۾ پکڙجي ويا ۽ ويندي چيني زبان ۾ به ترجمو
ٿيا. جيئن لوئي پيٽٽ (1750- 1674) پهريون ماڻهو هو
جنهن ڦٽيل شريانن ۾ رت جا دڳ ٺهڻ بابت لکيو ۽
ميسٽائيڊ پراسيس (Mastoid
process)
جي سڀ کان پهريان هن ئي آپريشن ڪئي.
سرجري کي اڳتي وڌائيندڙ فرانسين ۾ ڊومينيڪ اينل،
پيري براسڊر، پيري جوزف، ڊيسالٽ ۽ نڪولس آندري جا
نالا اچي وڃن ٿا. ساڳئي وقت جرمني ۾ لورينز هيسٽر،
اگسٽ گوٽيلب رشٽر ۽ جوهان الرڪ بلگير ڪم ڪري رهيا
هئا. انگلينڊ وٽ وليم چيسيلڊين، چارلس وهائيٽ،
پرسيوال پاٽ ۽ جان هنٽر هئا.
اهو نالو هن عجيب دنيا ۾ ايستائين زنده رهندو
جيستائين سرجري جي ضرورت پوندي رهندي. هو 1728ع ۾
ڄائو، لنڊن پهچڻ وقت سندس عمر 20 ورهيه هئي. سندس
وڏو ڀاءُ وليم اڳيئي هڪ ماهر سرجن هو پر جان کي
زخمن ۽ انهن جي علاج ۾ ڪا به دلچسپي نه هئي هن کي
فقط کل خوشي ۽ وندر ورونهه جي طلب هوندي هئي.
زندگي گذارڻ بابت سندس سوچ اها هوندي هئي ته ٿيٽر
۾ گيلري ۾ سيٽ هجي ۽ پوءِ سموري رات شراب خاني ۾
پيئندي ۽ گوڙ شور ڪندي گذري وڃي. اها روش ڀاءُ
وليم کي ڪجهه احمقاڻي ڏسڻ ۾ آئي. تنهن ڪري هو جان
کي گهلي اسڪول وٺي ويو ۽ کيس وڍٽڪ واري ڪمري ۾ وڃي
ويهاريائين. اهڙي طرح کل خوشي ۽ هل هنگامي وارو
دور پڄاڻي تي پهتو.
جان ۾ اناٽامي سان هڪ لڳاءَ پيدا ٿي ويو ۽ هو هڪ
سال پوءِ اهو مضمون پڙهائڻ ۽ چيسلڊن ۽ پاٽ (Pott)
وٽ سرجري پڙهڻ لڳو.
هن پنهنجي سموري توانائي انهي ڪم ۾ اوتي ڇڏي. هن
جو مزاج جيتوڻيڪ تمام خراب هوندو هئو ۽ هو انهي
تي ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪا ڪوشش نه ڪندو هو پر هو فطري
طور ڏاڍو مهربان هوندو هو. هو دل جو به مريض هوندو
هو ۽ هڪ دفعو جڏهن هڪ کليل بحث مباحثي ۾ سندس
ڳالهه سان اختلاف ڪيو ويو ته هو آپي کان ٻاهر نڪري
ويو ۽ انهي جا موتمار نتيجا نڪتا.
هنٽر ليبارٽري ۾ ڪم ڪندڙ ۽ تجرباتي ۽ جراحي
پيٿالاجي جو باني هو. هن صدمي، بندوق جي ڌڪ ۽ ساڙي
(Inflammation)۽
رڳن جي نظام جي بيمارين جي تشريح ڪئي. هن معدي ۾
هڪ لچڪدار نلڪي وجهي مصنوعي غذا جو طريقو ڪم آندو
۽ زور سان ساهه کڻائڻ لاءِ پنهنجي هڪ مشين ٺاهي.
هن ٻڌايو ته پيدائشي نقص واڌ ويجهه ۾ رڪاوٽ جو
نتيجو هوندا آهن ۽ ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻار پنهنجي
وجود جي هر هڪ ڏاڪي تي ڪنهن هيٺاهين قسم جي جانور
جي آخري شڪل جي مشابهه هوندو آهي. هن انساني ڏند
جي طبعي تاريخ ۽ جنسي بيمارين بابت لکڻ سان گڏوگڏ
رت، ساڙي ۽ بندوق جي زخمن بابت هڪ مقالو لکيو.
سرجري انهيءَ ماڻهو جي اثر هيٺ عزت ڀريو مقام حاصل
ڪري ورتو، پر انهي جي تڏهن به جوزف لسٽر جي وقت
تائين مريضن لاءِ تمام خطرناڪ عمل واري حيثيت
برقرار رهي.
6
سرجري ۾ ته ترقي ٿي رهي هئي پر طب جي ڇا صورتحال
هئي؟ اهو وڏي حد تائين مڪمل جهالت ۾ رهيو. ڊاڪٽر
انساني فزيالاجي بابت وڌ کان وڌ ڄاڻ حاصل ڪندا ٿي
ويا پر بيماري هڪ منجهائيندڙ اسرارئي رهي. انهيءَ
جو تجرباتي طور پيو علاج ٿيندو هو ۽ سير ڇوڙڻ کي
هر قسم جو علاج سمجهيو ويندو هو. بيمارين جا سبب
بلڪل اونداهي ۾ ٻڏل هئا.
جيئن ته صحيح خبر ڪنهن کي به نه هئي تنهن ڪري هر
ڪو صحيح ٿي سگهيو ٿي. اهڙي صورت ۾ دوائون وڪڻندڙ
عطائي بي خوف ٿي پنهنجو ڪم ڪرڻ لڳو. اهڙي طرح
دولتن جا وڏا ڍير ٿي ويا جن جو بنياد انسانن جي
سورن ۽ دردن تي هو.
عجيب غريب نالن واريون دوائون، گوريون ۽ سُتيون
مشهور ٿي ويون. اهڙي بيماري ڪا مشڪل سان هوندي
جيڪا انهن امرت ڌارائن کان بچي سگهي. ايليشا پرڪنس
(Elisha
perkins)
نالي ڪنيڪٽيڪٽ جي هڪ هوشيار حرفتي کي انساني فطرت
بابت ته پوري ساري ڄاڻ هئي. هن 1798ع ۾ هڪ
مقناطيسي ٽريڪٽر (magnetic
Tractor)
پيٽنٽ ڪرايو. اها هڪ قطب نما جهڙي شي هئي جنهن جي
هڪ ٻانهن تکي ۽ ٻي مڏي هوندي هئي. انهي کي ڦيرائڻ
سان علاج ڪيا ويندا هئا. سموري انگلينڊ انهي لاءِ
ديواني ٿي پئي ۽ پرڪنس جهالت کي روڪ پئسن ۾ تبديل
ڪندو رهيو. نيٺ هڪ مقالي انهي جي قلعي کولي انهي
جو خاتمو آندو پر تيستائين پرڪنس ڏاڍو امير ٿي ويو
هو ۽ هن کي ڪا پرواهه ئي نه ٿي.
جيئن ته انهي وقت جي ڊاڪٽرن جي معلومات به نه هئڻ
جي برابر هوندي هئي تنهن ڪري انهن ۾ ٿيندڙ صلاح
مشورو به جهيڙي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هوندو هو
جنهن جي به ڪڏهن ٿڦاٿوڦي يا اڃا به ڪنهن خراب
نموني پڄاڻي ٿيندي هئي. جميڪا جي جان وليمز ۽
پارڪر بينيٽ نالي ڊاڪٽرن ۾ صفراوي بخار جي مسئلي
تي اختلاف ٿي پيو. اهي وڙهي پيا پر ٻنهي کي ڇڏايو
ويو هنن هڪ ٻئي کي ڊيوئل (Duel)
وڙهڻ جي للڪار ڪري ڇڏي. اهي ٻئي 29 ڊسمبر 1750ع تي
تلوارن ۽ پستولن سان هٿياربند ٿي هڪٻئي جي سامهون
آيا. اها ڪا فرضي لڙائي نه هئي. اهي ٻئي مارجي
ويا. صفراوي بخار بابت پنهنجي راءِ تي اعتماد انهي
کان وڌيڪ ٻيو ڪيئن ٿي سگهي ها!
اوڻيهين صدي جي شروعات وقت طب ۽ سرجري جي صورتحال
اها هئي. آپريشن ٿيل ماڻهن جو پنجاه سيڪڙو مري
ويندو هو. ٻار ڄڻڻ کانپوءِ موت ايترو عام هوندو هو
جو ڳورهاريون عورتون پاڻ کي درپيش عذاب کان مسلسل
خوف ۾ رهنديون هيون. نيو آرليئنس، ميمفس ۽ فلا
ڊلفيا لاءِ زرد بخار (Yellow
fever)
هڪ ڀوائتو خواب بڻيو رهيو. مليريا هڪ اهڙو عذاب
هوندو هو جنهن جي موجودگي ۾ ڊاڪٽر عملي طور ڪجهه
به نه ڪري سگهندا هئا. هر اونهاري ۾ هزارين نوان
ڄاول ٻار ڪالرا وگهي مري ويندا هئا. انهن بيمارين
جا نه ئي ڪي معلوم سبب ۽ نه ئي ڪي معلوم علاج
هوندا هئا. اهڙي صورتحال ۾ فقط خوف ۽ پيڙا هوندي
هئي ۽ انسانذات به اها اميد رکيون پئي گهلبي هئي
ته ڪنهن معجزي سان ڄم جي شرح موت جي شرح کان وڌي
ويندي ۽ ملڪن ۽ قومن لاءِ گولين جي کاڄ جي رسد
برقرار رهندي.
7
لوئي پاسچر اهڙي قسم جي دنيا ۾ پيدا ٿيو هو. هن
جڏهن هن دنيا ۾ اکيون کوليون هونديون ۽ پنهنجي
آسپاس نهاريو هوندو ته آسمانن ۾ ضرور ڪي ساز وڄيا
هوندا. پر هي ٻار ته بلڪل ٻين ٻارن وانگر ٽنگون
پيو ٿو هلائي ۽ روئي ٿو ۽ پنهنجن آڱوٺن سان کيڏي
ٿو. انهي کي ماتا ۽ ارڙي به ٿي ۽ هو مٽي ۾ گهرڙا
به پيو ٿو ٺاهي ۽ مٽي جا روٽ به ٺاهي ٿو. هو بلڪل
ٻين ٻارن وانگر ٿڦڙون به کائي ٿو وري ماءُ کيس
ڇاتي سان لائي کيس لاڏ ڪوڏ به ڪري ٿي.
لوئي، آربوئي (Arbois)
۾ ڪوزينس (Cuisance)
ندي جي ڪناري تي کلون رڱڻ جي ڪارخاني جي آسپاس
راندروند ۾ ٻين ٻارن جهڙوئي هوندو هو. اتي سندس
پيءُ جين جوزف کلون رڱي پنهنجي ننڍڙي ڪٽنب لاءِ
روزيءَ جو بندوبست ڪندو هو. اهڙو به ڪو رڪارڊ نه
ٿو ملي ته هن ۾ وقت کان اڳ ڪا ذهانت جي چڻنگ ظاهر
ٿي هئي.
هو اتي ئي پيو کيڏندو هو. تازين کلن جي اڻ وڻندڙ
بوءِ سان مانوس پيو ٿيندو هو. هو اسڪول به ويندو
هو جتي هو سڀني ٻارن ۾ ننڍو هوندو هو ۽ کيس مانيٽر
ٿيڻ جي خواهش هوندي هئي کيس فقط سراسري طور چڱو
ليکيو ويندو هو.
لوئي وڏي ذوق شوق سان راند ۾ مصروف هوندي شهر جي
اهم ماڻهن کي ڪوزينس جي ننڍڙي پل تان وڏي شان مان
سان ويندي ڏسندو هو جيڪي ڇوڪري ۽ سندس محنتي پي
ڏانهن اک کڻي به نه نهاريندا هئا. انهن ۾ خاص طور
لوئي فلپ جو اي، ڊي، سي، جنرل بيرن ڊيلارٽ به
هوندو هو جيڪو سمجهندو هو ته هن هوريس جو ترجمو
ڪري ۽ آربوئي ۾ رهائش اختيار ڪري آربوئي کي دوام
بخشي ڇڏيو آهي. پر پنهنجي ننڍڙي ۽ گندي مُٺ ۾
آربوئي لاءِ دوام ۽ سموري فرانس لاءِ اعزاز جهلي
بيهندڙ ته ڦاٽل پتلون وارو اهو ننڍڙو ڇوڪرو هو.
8
لوئي جي پيءُ کي سپاهيگيري جي ڪم کانسواءِ ٻي ڪا
به تعليم نه ملي هئي. هو نيپولين جي پاران اسپين ۾
۽ فرانس جي ميدانن تي وڙهيو هو. هن کي
Legion of Honour
جو تمغو مليو هو ۽ کيس سارجنٽ ميجر ڪيو ويو هو. هن
5 اپريل 1814ع تي شهنشاهه کي ڏٺو هو جيڪو تڏهن
پنهنجي عظمت جي پڄاڻي ڏانهن تڪڙيون وکون کڻي رهيو
هو.
اهو جيف جوزف ڏاڍو ويڙهاڪ ۽ ڏاڍو محنتي ماڻهو هو
سندس مٿي ۾ دماغ به هوندو هو جنهن ۾ سدائين هڪ ٻه
خيال پيا ڦرندا هئا. انهن مان هڪ خيال هي هو ته
سندس پٽ تعليم جو حقدار آهي ۽ کيس زندگيءَ ۾ کلن
رڱڻ کان ڪنهن بهتر شي جو حق آهي.
جيني ايٽينيٽ وڪي (
Jeanne Etiennette Roqui)
جنهن کي هن ڏاهي جي ماءُ ٿيڻ لاءِ چونڊو ويو هو
انهي کي به پنهنجي مڙس کان وڌيڪ ڪا تعليم نه هئي
پر هو ڏاڍي زنده دل، کلندڙ ڳالهائيندڙ ۽ تخليقي
ذهن رکندڙ هئي. سندس روح ۾ ڪا خدائي چڻنگ سمائجي
وئي هئي. اها چڻنگ لوئي ڏانهن منتقل ٿي وئي ۽ کلون
رڱيندڙ ۽ بتيون ٺاهيندڙن جو اهو پٽ هڪ فنڪار،
سائنسدان ۽ مُوجد ٿي ويو.
لوئي ۽ سندس پيءُ جي دماغن ۾ پيرس جي وڏي نارمل
اسڪول (استادن جي تربيت جا اسڪول اڳي اسان وٽ به
انهي نالي سان سڏبا هئا، سنڌيڪار) جي سوچ پوڙهي
روماني (Romanet)
وڌي هئي جيڪو آربوئي جي ڪاليج جو سربراهه هو. لوئي
کي استاد ڪرڻ هڪ وڏو قدم هوندو ۽ انهي تي پوڙهو
جين جوزف به فخر محسوس ڪري سگهندو.
پوءِ اهو ڇوڪرو پيرس ويو جنهن جي عمر جلد ئي 16
ورهيه ٿي ويندي. انهي سفر لاءِ پئسا گڏ ڪرڻ ته
ڏاڍو ڏکيو ڪم هو پر اها سيڙپ بلڪل محفوظ هئي.
پرلوئي اتي دل نه جهلي سگهيو ۽ پيرس جي رعب ۾ اچي
ويو. هن کي اتي ڪو به سهارو نه ملي سگهيو.کيس کلون
رڱڻ جو ڪارخانو ياد ايندو رهيو. آءٌ جيڪر انهي جي
بوءِ وري سنگهان ته آءٌ ڀانيان ٿو ته آءٌ خوش ٿي
ويندس! هو ائين ويٺو چوندو هو. کيس اسڪول جو ڪم
دلچسپ لڳندو هو پر هو آربوئي جو سهڻو کليل علائقو
دل مان نه ڪڍي سگهيو. کيس گهر جي سڪ تڙپائيندي ۽
پيرس جي نفرت جلائيندي رهي. هن کي هتي آئي جيتوڻيڪ
هڪ مهينو ٿيو هو پر کيس لڳندو هو ته ڄڻ کيس پنهنجي
پيءُ جو منهن ڏٺي هڪ سال ٿي ويو آهي.
خوش قسمتي سان جين جوزف به ڳالهه سمجهي ويو. ٿي
سگهي ٿو ته اسپين واري فوجي نوڪري کيس ڳالهه
سمجهائي هجي. هو پيرس آيو ۽ هو ۽ لوئي گڏجي آربوئي
ويا هليا. هتي پل هئي، کلن رڱڻ جو ڪارخانو هو ۽
ننڍڙو گهر هو. مرض کان ڇوٽڪاري جا سبب هڪيا تڪيا ۽
مڪمل موجود هئا.
لوئي وري آربوئي جي ڪاليج ويو ۽ خوشي ۽ اطمينان
سندس چوڌاري ڦرڻ لڳا. بيسانڪان (Besoncon)
فقط 30 ميل پري هو ۽ هو پنهنجو تياري جو ڪم اتي
ڪري سگهيو ٿي ۽ کيس پنهنجي پيءُ کي به سال ۾
ڪيترائي ڀيرا ڏسڻ جو موقعو ملي ويندو.
هوبيسانڪان کانپوءِ وري پيرس ۽ نارمل اسڪول ويو.
هاڻي گهر جي سڪ جي ڪا به ڳالهه نه ڪيائين جو هو يا
ته گهڻو وڏو ٿي ويو هو يا علم جي سچي جاکوڙ ۾ گم
ٿي ويو هو. پر غربت سندس پٺيان لڳي آئي. هن وٽ
ڪيفي يا اسٽوڊيو ۾ وڃائڻ لاءِ نه ئي وقت نه ئي ڪو
پئسو هوندو هو. سندس ڏينهن صبح جو ڇهين وڳي شروع
ٿي رات جو دير سان پڄاڻي تي پهچندو هو. اهڙي طرح
هن ڇوڪري نه شراب نوشيءَ جون محفلون مچايون، نه
عشق بازيون ڪيون نه ئي ڪي بنا وٽي انداز اختيار
ڪيا. هن لاءِ اصل ڳالهه فقط ڪم هوندو هو ۽ هو اها
ڳالهه سمجهندو پئي ويو ته دنيا ۾ بهترين شي سائنس
آهي.
هن اهڙي نموني ڪم ڪندي نارمل اسڪول جي تعليم پوري
ڪئي؛ بلورن (
(Crystals
تي تجربا ڪيا ۽ جڳ مشهور جين باپٽسٽ بياٽ (Jean
Baptiste Biot)
سان دوستاڻو ناتو قائم ڪري ورتو. هو فزڪس جو ماهر،
اڪيڊمي جو ميمبر ۽ ڪيترن ڪتابن جو ليکڪ هو. هو
آخرڪار 26 ورهين جي ڄمار م استاد طور ڪم ڪرڻ لاءِ
تيار ٿي ويو ۽ ڊيجون (Dijon)
۾ فزڪس جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. هو اتي هڪ سال
رهيو پر اهو سمورو عرصو تڙپندو پريشان ٿيندو ۽
بيسانڪان ۾ ڪا جاءِ طلبيندي بدلي لاءِ ڊگها خط
لکندو رهيو. ڇا کيس وري گهر جي سڪ لڳي هئي؟ هن اها
جاءِ انهيءَ لاءِ گهري ٿي جو اها آربوئي جي ويجهو
هئي پر انهي جي باوجود به جڏهن کيس اسٽراسبرگ ۾
ڪيمسٽري ۾ اسسٽنٽي ملي ته هو وقتي طور ماٺ ٿي
ويو.
9
اسٽراسبرگ ۾ اڪيڊمي جي ڊائريڪٽر مسٽر لارينٽ کي ٽي
ڌيئر هيون جن مان هڪ شادي شده هئي، ٻي اڃا شادي جي
لائق نه ٿي هئي ۽ ٽين بابت لوئي جلد فيصلو ڪري
ورتو ته اها بلڪل صحيح هئي. کيس اسٽراسبرگ ۾ آئي
ٻه هفتا به پورا نه ٿيا هئا جو هن لارينٽ ڏانهن خط
لکيو:
”آءُ توهان کي هڪ آڇ ڪري رهيو آهيان جيڪا منهنجي
لاءِ ۽ توهان جي ڪٽنب لاءِ تمام وڏي اهميت واري
آهي... ڳالهه مختصر ڪرڻي ته منهنجو پيءُ توهان کي
ٻڌائيندو ته آءٌ توهان جي ٻيون نمبر ڌي سان شادي
ڪرڻ گهران ٿو. منهنجي عمر 26 سال يا انهي جي لڳ ڀڳ
آهي. مون پنهنجي سائنسي محنت جي ذريعي ڪجهه شهرت
قائم ڪري ورتي آهي ۽ منهنجي پگهار کانسواءِ هڪ ٽڪي
جي به آمدني نه آهي.“
خود نوجوان عورت ڏانهن خط لکيائين: ”منهنجي
يادگيرين مان مونکي خبر پوي ٿي ته مونکي چڱي طرح
سڃاڻيندڙ ماڻهو مون سان ڏاڍي محبت ڪندا آهن پر
توکي خاطري هئڻ گهرجي ته انهن ۾ پيرس جي ڪا به
ڇوڪري نه آهي“ پنهنجي دوست ڏانهن وري هنن لفظن ۾
خط لکيائين ”هر اها خصوصيت جيڪا مون کي ڪنهن زال ۾
ڏسڻ جي تمنا آهي اها مونکي هن ۾ نظر اچي ٿي“ اهو
ماڻهو تڏهن به ۽ پوءِ به ڀاڳن وارو ثابت ٿيو جو
انهن شادي ڪئي ۽ پوءِ سدائين خوش گذاريائون.
اهو هو پاسچر جو رومانس ۽ اها هئي هڪ سائنسدان جي
عشق بازي. مادام پاسچر نه انهي وقت نه ئي پوءِ
ڪڏهن ڪا شڪايت ڪئي. هن کي خبر هئي ته هن ڪهڙي قسم
جي ماڻهوءَ سان شادي ڪئي هئي تنهن ڪري هن کان
ڪيترين ئي اهڙين شين جي توقع ئي نه رکي جيڪي ننڍڙا
ماڻهو کيس مهيا ڪري ڏين ها. هن سندس خيال رکيو،
کيس ٻار ڄڻي ڏنا ۽ ماٺ ميٺ ۾ پنهنجي ڪٽنب جي
معاملن ۾ رڌل رهي ۽ لوئي جي دماغي سرگرمين ۽
سائنسي جهيڙن لاءِ سانتيڪو پس منظر مهيا ڪندي رهي.
سندس ذهن ۾ پاسچر جي ڪم لاءِ ڪو به حسد جو جذبو نه
هوندو هو. هؤ پنهنجي سموري زندگي پاڻ کي ليباريٽري
کان ثانوي حيثيت تي رکندي آئي. هوءَ ماني کي ٺرندو
ڏسي ٿڏا ساه پئي ڀريندي هئي ۽ لوئي پاران ڪم ختم
ڪري اچڻ جي انتظار ۾ کيس ننڊ جا جهوٽا پيا ايندا
هئا. پر هن ڪا شڪايت نه ڪئي. هو سندس زال هئي پر
سندس محبوبا سائنس هئي. هن پنهنجي منهن سمهڻ به
سکي ورتو هو جڌهن ته هڪ فڪر مند ۽ ٿڪل ٽٽل ماڻهو
خوردبين تي عجيب شيون پيو ڏسندو هو.
10
للي ((LilIe
شهر جا رهواسي رات جو ٽوپلا پائي سويرئي گهوگهرا
هئڻ شروع ڪندا آهن. انهن کي پنهنجن ابن ڏاڏن کان
اها عادت پيل آهي جن اٺ سو ورهيه اڳ شهر جو بنياد
وڌو هو. انهي شهر ۾ هڪ دري روشن هوندي هئي ۽ اها
دير تائين ٻرندڙ روشني ڪجهه وقت ته شهر لاءِ
اعصابي دٻاءُ جو سبب ٿيندي رهي. پر جيئن ته اهو هر
رات جو معمول ٿيندو ويو ته انهن محنتي دڪاندارن
به انهي ڳالهه کي نظرانداز ڪرڻ شروع ڪيو. هاڻي
سڀني کي خبر پئجي وئي ته اتي چريو پاسچر پنهنجي
ڪنهن مسئلي تي پيو ٿو محنت ڪري. کيس اسٽراسبرگ مان
اسان وٽ آئي 18 مهينا ٿي ويا آهن پر ٿيو ڪجهه به
نه آهي هو واقعي چريو آهي پر هن مان ڪنهن به نقصان
جو انديشو نه آهي.
چريو پاسچر 1857ع جي انهيءَ اونهاري جي موسم ۾ به
انهي گرم، ٻوساٽيل ۽ ننڍڙي ڪمري ۾ ڪم ۾ مصروف هو.
انهيءَ ڪمري ۾ هر طرف بوتلون، ٽيسٽ ٽيوب، ڪرنفل ۽
گيس جا چلها ٽڙيا پکڙيا پيا هئا. هڪ پاسي ۾ شيون
گرم رکڻ لاءِ عجيب قسم جو اوون
(Oven)
رکيو هو. شيشي جي برنين ۽ ڪونڊين ۾ ڪراهت جهڙا ۽
بدبودار مصالحا ٺهيا پيا هئا. انهي گند ڪچري جي وچ
۾ هڪ ننڍڙو شهپريل ماڻهو بيٺو هو جنهن جي نڪ تي
عينڪ ڄڻ ته ڪنهن خدا ئي حڪم سان چنِبڙي بيٺي هئي.
سندس هٿ گند ۾ ڀريا پيا هئا، آڱر سان نرڙ تي مهٽيو
هئائين ته اتي داغ لڳو پيو هوس ۽ سندس وار اڀا ۽
ڪپڙا لينگهن ۽ چٽن سان ڀريا پيا هئس.
چا هو واقعي چريو آهي؟ هن تي هڪ نظر وجهو ۽ پاڻ
فيصلو ڪريو ته سندس ڪم ڪنهن باشعور مخلوق جهڙا ٿي
سگهن ٿا؟
هو انهيءَ عجيب اوون مان هڪ بوتل ٻاهر ڪڍي انهي کي
ڏسي ٿو. انهي کي لوڏائي وري انهي ۾ جوهه پائي ڏسي
ٿو چپن ۾ ڪجهه ڀڻڪي ٿو ۽ پنهنجو پير زور سان زمين
تي هڻي ٿو ۽ بوتل کي واپس اوون ۾ ڦهڪائي ٿو. پوءِ
هو ڪمري ۾ ڦيرا ڏيڻ لڳي ٿو اکيون هر شيءِ تي اٿس
پر ڏسي ڪجهه به نه ٿو. هو هڪ شيشي جي لٺ کڻي ڪڏهن
هن ته ڪڏهن هُن مصالحي کي لوڏائي ۽ سُنگهي ڏسي ٿو.
هو هاڻي بلڪل کڙو تڙو بيٺو آهي ۽ سندس هٿ سامهون
نڪتو بيٺو آهي هن تي ڪو جادو ته نه ٿي ويو آهي؟ نه
نه! هو هاڻي اوچتو شيشي جي لٺ هيٺ ڪري ٿو ۽ ٽيبل
تي زور سان مُڪ هڻي ٿو. هي لفظ چوندي سندس منهن
جذبي سان ڳاڙهو لڳو پيو آهي:
”اهڙو ڪو طريقو ضرور هوندو؛ هنن بڇڙين شين ۾ واڌ
ويجهه اچڻ جو ڪو طريقو ته هوندو.“
ڇا اهي ڪم عقل ۽ شعورتي ٻڌل لڳن ٿا؟
عقلمندي
وارو ۽ محفوظ ڪم ته اهو ٿو لڳي ته ماڻهو رات جا
ٽوپلا پائي کنڀن ۾ لڪي وڃي.
رات جو اڪيلي سر هنن محنتن ڪرڻ جو سبب ڪهڙو آهي؟
کٽي کير جو تيزاب (Acid)
ڪنهن ڪيمياوي تبديلي جو نتيجو آهي يا ڪنهن
خوردبيني جيو جي نتيجي ۾ ٺهي ٿو؟ پاسچر کي سموري
دنيا ۾ ڪير به انهي سوال جو جواب نه ٿو ڏئي سگهي.
هن کي پاڻ ئي خميري پاڻي جي انهن مصالحن ۾ ٽٻيون
هڻي انهي سوال جو جواب حاصل ڪرڻو پوندو. هو انهيءَ
شيشي جي لٺ سان بار بار غوطا کائي ٿو. هو جن ڏنڊي
جهڙين ((Rod
like
خوردبيني شين ۾ اميد رکيون ويٺو آهي اهي به ڏاڍيون
ضدي آهن. انهن کي وڻندڙ شين جو پتو لڳائڻ ۽ انهن
جي بک ختم ڪرڻ لاءِ گهربل شيون مهيا ڪرڻ ڏاڍو
آهستگيءَ وارو ڪم آهي.
هو ڪيتريون ئي شيون آزمائي ڏسي ٿو. پوءِ هڪ ڇاڻيل
۽ کنڊ سان مٺي ڪيل خميري پاڻي تي اچي ٿو جنهن ۾
چوني جو ڪاربو نيٽ به ملايل آهي. هو ڪجهه ننڍڙيون
ڏنڊي جهڙيون شيون انهيءَ ۾ وجهي ٿو ۽ پوءِ انتظار
ڪرڻ لڳي ٿو. هاڻي سندس جواب جو دارو مدار وقت تي
آهي. هو بار بار انهي خميري پاڻي جي بوتل ڏانهن
اچي ٿو ڪا به تبديلي نه ٿي اچي. ڇا ڪو سياڻو ماڻهو
مٺي پاڻي جي اهڙي بوتل ۾ نهاريندي پنهجي ننڊ قربان
ڪندو ۽ پنهنجي توانائي زيان ڪندو جنهن ۾ ڪا به شي
واقع نه ٿي ٿئي؟
هن هاڻي هڪ سوون دفعو اها خميري پاڻي جي بوتل اوون
مان ڪڍي روشني جي آڏو جهلي انهي ۾ جوه پائي ڏٺو
آهي. آخرڪار انهي ۾ ڪجهه ته ٿيو آهي يا نه؟ هائو!
ڪجهه اڇاڻ پيدا ٿي آهي. هو ڏڪندڙ هٿن سان پنهنجي
عينڪ صاف ڪري ٿو ۽ وري ڏسي ٿو هائو! ڪا شي آهي..!
پاسچر دير نه ٿو ڪري. هو انهي اڇاڻ جو هڪ ڦڙو شيشي
جي هڪ ٽڪر تي رکي انهي کي پنهنجي خوردبيني جي
هيٺيان رکي ٿو پوءِ هو بيهي رهي ٿو. هو ڏاڍو دلير
ماڻهو آهي پر هاڻي سندس اعصاب سندس ساٿ ڇڏي ڏين
ٿا. هو وري ڏسي ٿو. سندس سمورا عضوا ڏڪڻ لڳن ٿا.
ننڍڙيون ڏنڊيون موجود آهن ۽ لکن جي تعداد ۾ آهن.
کيس پنهنجو جواب ملي ويو آهي. اهي ڏنڊيون زنده آهن
۽ اهي ئي کنڊ جي ليڪٽڪ ايسڊ ((lactic
aside
۾ تبديلي جو سبب بڻجن ٿيون. تبديلي انهن کانسواءِ
ڪڏهن به نه اچي سگهي ها.
11
پر انهي مان حاصل ڇا ٿيندو؟ ڀلا اهو ڪنهن سياڻي
ماڻهو جو سوال ٿي سگهي پيو ڇا؟ لوئي فقط اها هڪ
ڳالهه ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پاڻ کي ٿڪائي ساڻو ڪري
ڇڏيو آهي ته انهن شين ۾ واڌ ويجهه اچي ٿي. کنڊ ڦري
ليڪٽڪ ايسڊ ٿيڻ واري اها تبديلي ته هزارين ورهين
کان ٿيندي پئي اچي. پاسچر کي انهيءَ ڄاڻ مان ڪهڙو
فائدو پهتو ته اهو ڪم اهي ننڍڙيون ڏنڊين جهڙيون
شيون ڪن ٿيون.
هن لاءِ انهي سوال جو هن وقت جواب ڏيڻ ڏکيو آهي.
هو شراب ٺاهيندڙن کي اها ڳالهه ٻڌائي سگهي ٿو ته
هو جيڪڏهن پنهنجين هودين مان ڏنڊين کي پري رکندا
ته انهن جو مواد کٽو نه ٿي ويندو ۽ انهن کي سدائين
الڪحل ئي ملندو. پر هو انهن کي فوري طور اها ڳالهه
نه ٿو ٻڌائي ته ڏنڊين کي ٻاهر ڪيئن رکجي؟ هاڻي
سندس ذهن ۾ هڪ ٻيو وڏو سوال جنم وٺي رهيو آهي. اها
به بهرحال هڪ چريائپ ئي آهي.
ڏسو ته هن ماڻهو جو ذهن ڪم ڪيئن ٿو ڪري؟ اها ڳالهه
ثابت ٿي وئي ته خميرجڻ ((Fermentation
جو سبب ڪي زنده شيون آهن. انهن خمير پيدا ڪندڙ شين
جا به ڪيترائي قسم آهن ۽ هر قسم پنهنجو پنهنجو ڪم
ڪري ٿو. هاڻي ڀلا جانورن ۾ به انهيءَ خميرجڻ جي
عمل جهڙي ڪا شي آهي؟ هو سمجهي ٿو ته آهي. هن جي
خيال ۾ ڳرڻ سڙڻ جو عمل ((Putrefaction
انهي سان ايتري مشابهت رکي ٿو جو اهو هن جو سڳو
سوٽ ٿي سگهي ٿو.
پر هاڻي انهي پريشان فرانسيءَ جي ذهن ۾ انهي ڳالهه
کان به وڏو ۽ وڏي اهميت وارو هڪ نظريو ٺهڻ لڳي ٿو:
بيماريون ڇا آهن؟ ڪتي جي چڪ جي بيماري، ٽائفس (هڪ
بخار جنهن ۾ مٿي جو سور ٿئي ٿو ۽ ماڻهو اجايو
ڳالهائي ٿو. سنڌيڪار)، گينگرين، زرد بخار، ڪالرا؟
ڇا انهن مان هر هڪ جو ڪو جرثومو ((Germ
ته ڪونهي؟ انهيءَ نقطي تي سندس تصور به هن سان گڏ
ڊوڙڻ لڳي ٿو. هو انساني زندگي جي انهن خطرناڪ
دشمنن کي هوا ۾ آباد ٿو ڪري ڇڏي جن کان ڪو به
محفوظ نه آهي. پر اهي خواب آهن هو پاڻ کان به ميلن
جا ميل اڳتي آهي.
اهي ڳالهيون ثابت ڪيئن ڪجن؟ هن کي في الوقت ڪو
طريقو ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. هر ڳالهه مبهم ۽ ڌنڌلي لڳي
پئي آهي. سندس رستو ڪوهيڙي ۾ ڍڪيو پيو آهي پر هو
جيڪڏهن پنهنجو رستو ٺاهي نڪري آيو ۽ ڪنهن جبل جي
چوٽي تي اچي بيٺو جتي سج به چمڪي رهيو آهي ته هو
اتي ڏاڍي وقار سان بيهي انسانذات کي صحت ۽ تندرستي
جو رستو به ڏيکاري سگهي ٿو. هائو ائين ٿي سگهي ٿو
بشرطيڪه ماڻهو هڪ وقت هڪ ننڍڙو قدم کڻندو ڌيان سان
هلندو رهي جيستائين ڪوهيڙو لهي وڃي ۽ افق وسيع ٿي
وڃي.
12
انهن مبهم خيالن پاسچر کي جوش ۾ آڻي ڇڏيو پر انهن
ٻئي ڪنهن کي جوش ۾ نه آندو. يا کڻي جوش ۾ آندو ته
به ٺٺولون ۽ چٿرون ڪرڻ لاءِ. لوئي ڊاڪٽر نه هو،
ڊاڪٽرن سندس نظرين تي پنهنجي نڪ کي موڙو ڏنو. هن
کي پاڻ تي پڪ به نه هئي. پڪ ٿئي به ڪيئن؟ پر سندس
ڏاهپ تحرڪ ۾ اچي وئي هئي. پر هو جنهن مقصد ڏانهن
اوندهه ۾ وڌي رهيو هو انهي مان وري هٿ نه ڪڍيائين
۽ پيرس وڃي نارمل اسڪول ۾ دخلڪار ٿيڻ کانپوءِ انهي
کي اڃا وڌيڪ سرگرميءَ سان هٿ ۾ کنيائين.
لوئي جا مخالف هن تي ازخود پيدائش
(Spontaneous generation)
جي ڀوت جي پٺيان بيٺا کلندا رهيا. اهي چوندا هئا
ته ڳرندڙ گوشت ۾ لڀندڙ حياتي خود گوشت جي ئي ڪنهن
سرگرمي جي نتيجي ۾ وجود ۾ اچي ٿي. انهن ادنيٰ قسمن
کي ڪو به ماءُ پيءُ نه هوندو آهي. اهي خودبخود
پيدا ٿي ويندا آهن جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح آهي ته
اهي آخر ڪٿان ٿا اچي وڃن؟ ”هوا مان“ پاسچر جواب
ڏنو ۽ انهي کي ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويو، پوءِ انهي کي
اهڙي طرح ثابت ڪري ڏيکاريائين جو هاڻي سموري دنيا
سندس بيان کي تسليم ڪري ٿي.
سندس مخالفن بهرحال اها ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪري
ڇڏيو ۽ سندس پت وائکي ڪرڻ لاءِ وڏي جوش ۽ جذبي سان
تجربن پٺيان تجربا ڪرڻ لڳا. پاسچر به سخت لفظن ۽
مضبوط تجربن سان جواب ڏنو. پر اها ويڙهه جهيڙو
هلندي هڪ قدرتي آفت اچي منهن ڪڍيو جيڪا تمام شدت
اختيار ڪري وئي ۽ لوئي ريشم جي صنعت کي بچائڻ لاءِ
اوڏانهن ڇڪجي ويو.
فرانس جو ڏکڻ وارو علائقو جتي ريشم جا ڪينئان
ملبيري (هڪ ٻوٽو جيڪو اڳ ۾ ريشم جي ڪينئي جي غذا
لاءِ ۽ هاڻي ميوي ۽ سونهن لاءِ پوکيو وڃي ٿو،
سنڌيڪار) تي پرورش وٺن ٿا اهو ڏاڍو خوشحال هوندو
هو، پر اهو هاڻي غربت ۽ تباهي جو شڪار ٿي ويو هو.
انهن ڪجهه به نه ٿي کاڌو نه ئي کوپا ٿي ٺاهيا جنهن
مان سهڻو ريشم ٺهي سگهي. ڪينئن جا فصلن پٺيان فصل
تباهه ٿيندا پئي ويا ۽ مالڪن جو ڏيوالو نڪرندو پئي
ويو. انهن کي ننڍڙن ناسي رنگ جي داغن تباهه ڪري
ڇڏيو هو، جيڪي قيمتي ڪينئي جي جسم تي مشڪل سان نظر
ايندا هئا. ماهر انهن جي سامهون بيوس ٿي بيهي
رهيا. اهي ڪڏهن ڪهڙو ڏس ڏيندا هئا ته ڪڏهن ڪهڙو پر
ڪنهن به شي اثر نه ٿي ڏيکاريو.
پاسچر کي ريشم جي ڪينئن بابت ڪا خبر هئي ڇا؟ ڪا به
نه. هن کي ته پنهنجن خميرن بابت وڏي ڄاڻ هئي، پر
ريشم جا ڪنيئان خميربا ته نه آهن. اهي ته مري
ويندا آهن. اها وچڙندڙ بيماري الائي ڪٿان آئي هئي
۽ وڏي رفتار سان پکڙجندي پنهنجن ناسي داغن ذريعي
تباهي ڦهلائيندي پئي وئي. ڇا پاسچر انهي ۾ ڪو فرق
آڻي سگهي ها؟ بهرحال هن هٿان ڪا خرابي پيدا نه ٿئي
ها تنهن ڪري کيس ڇڏيو ته ڀلي ڪوشش ڪري ڏسي.
پاسچر ڪوشش ڪئي. هن کي پنهنجي خوردبينيءَ تي وڏو
اعتماد هوندو هو. تنهن ڪري هن ريشم جي ڪينئن کي
ٽڪرا ٽڪرا ڪري پنهنجي شيشي منجهان ڏٺو. هن کي انهن
تي ننڍڙا داغ نظر آيا ۽ هو فوراً انهيء نتيجي تي
پهچي ويو ته اهي داغ ئي بيماريءَ جو سبب آهن. هن
آبادگارن کي خوردبين ڪم آڻڻ سيکاري ۽ انهن کي
ٻڌايو ته هو جيڪڏهن بغير داغن وارن ڪينئن جا آنا
رکندا ته ريشم جي سٺي اپت ملندي. آبادگار سندس چئي
تي هليا ته ايندڙ ريشم ۾ نقصان اڳي کان به وڌي
ويو.
پاسچر ناڪام ٿي ويو. هو ڪنهن چريي وانگر واپس انهي
مسئلي ڏانهن ڊوڙندو آيو. هن کي اها ڳالهه ڏسڻ ۾
آئي ته هن کي جيڪي ننڍڙا داغ ڏسڻ ۾ آيا اهي زنده
هئا ۽ انهن ۾ ڏاڍي تڪڙي واڌ ويجهه آئي ٿي جنهن ڪري
ڪينئون مري ٿي ويو. هو آخرڪار سموري اسرار جي تهه
تي پهچي ويو. هن آبادگارن کي ٻڌايو ته اهي سموري
ڪينئين کي پيهي ان کي خوردبين تي رکي ان ۾ داغن جي
ڳولها ڪن. جيڪڏهن ڪينئون صحتمند هوندو ته آنا به
صحتمند هوندا. هو هن دفعي صحيح ثابت ٿيو ۽ ريشم
جي صنعت کي بچائي ورتائين. سندس ياد ۾ سون جو
مجسمو کڙو ڪرڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون هيون.
13
هائو! هن ريشم جي ڪينئن کي ته بچائي ورتو هو پر
پنهنجي صحت تباهه ڪري ڇڏي هئائين ۽ مرندي مرندي
بچيو هو. هن انهن ڪينئن تي ڪنهن ديو وانگر ڪم ڪيو
هو ۽ پنهنجي توانائي جو آخري ڦڙو به انهي مسئلي تي
خرچ ڪري ڇڏيو هئائين. انهي مسئلي جو واضح جواب ملڻ
کانپوءِ هن تي فالج جو حملو ٿيو هو. اها انساني
مشين فقط عزم ۽ ارادي جي ٻل تي مسلسل نه ٿي هلي
سگهي. پاسچر ريشم جي ڪينئن کي بچائڻ جي جنگ شروع
ٿيڻ کان وٺي لڳاتار محنت ڪئي هئي ۽ ٻه وڏا جذباتي
صدما سٺا هئائين: سندس پيءُ ۽ ڌيءُ گذاري ويا هئا.
پوڙهو جين جوزف جنهن سان لوئي کي محبت هئي اهو
آربوئي ۾ ابدي ننڊ سمهي پيو هو ۽ سندس پاسي ۾
سيسلي
(Cecile)
آرامي هئي. اها پاسچر جي ٻين ڌيءَ مُئي هئي. پاسچر
به عجيب طبعيت جو ماڻهو هو جنهن کي لڳندو هو ته
فقط خوردبين تي رکيل ڪيڙن سان محبت هئي پر هو ڏاڍو
وفادار پٽ ۽ پيءُ به هو. هو جيتوڻيڪ وڏو شوباز ۽
آڪڙ وارو ماڻهو هوندو هو پر سندس سيني ۾ ڪٽنب ۽
دوستن لاءِ تمام گهڻو خلوص ۽ وفاداري هوندي هئي.
جڏهن ڌماڪو ٿيو ته ڪا به شي باقي نه بچي. فرانس
ٻڌو ته سندس عظيم انسان مرڻ ڪنڌي تي آهي. اهو
دماغي جريان خون
Cerebral Haemorr Hage
ڏاڍي شديد قسم جو هو ۽ انهي ۾ سمورو کاٻو پاسو سن
ٿي ويو. سندس پرگهور لهڻ لاءِ ڊوڙي ايندڙ ڊاڪٽر
مايوس لڳا پيا هئا. ماڻهو اهڙي حملي مان چڙهي نه
سگهندو آهي پر پاسچر چڙهي ويو. سندس ڪم اڃا پورو
نه ٿيو هو. سندس عزم کيس بستري تان اٿاري واپس
ليباريٽري ڏانهن ڌڪي ڇڏيو ۽ هن کان ٻيون ۽ اڃا
وڌيڪ حيرت انگريز دريافتون ڪرايون. اهو ماڻهو هڪ
عجيب اسرار هو. لڳي پيو ته هو ڄڻ لکيي جي آڏو سينو
ساهي بيهي رهيو هجي ته اهو بيماري جا اسرار دريافت
ڪرڻ کان اڳ کيس ماري ته ڏيکاري.
14
پاسچر فرانس جي ريشم جي آبادگارن کي بچائي ورتو
هو. هن پنهنجي لاءِ به ڪجهه ڪم ڪيو هو. هن اها
ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاري هئي ته گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ هڪ
بيماري جو سبب ڪو جرثومو
(germ)
آهي. اها ڳالهه صحيح آهي ته جرمني ۾ رابرٽ ڪوچ
(Robert Koch)
اينٿراڪس جراثيم
(Anthrax bacillus)
دريافت ڪري ڇڏيا هئا. پر پاسچر پاڻ کان سواءِ ٻئي
ڪنهن جو به ثبوت تسليم نه ڪندو هو. هو ڪنهن به
بيماريءَ جي پٺيان لڳي پوڻ لاءِ هر لحاظ کان بلڪل
تيار هو.
پاسچر سڀاويڪ طور انسانن بابت سوچي رهيو هو پر
فرانس جي آبادگارن سندس جند ئي نه ٿي ڇڏي. انهن
جون رڍون مرنديون پئي ويون ۽ هر سال مجموعي طور ٻه
ڪروڙ فرانڪن جو نقصان ٿي رهيو هو.”اسان جون رڍون
بچاءِ، فرانس جي صدقي اهو ڪم ڪر،“ آبادگار رڙيون
ڪري رهيا هئا، لوئي جي دل کي جهٻو اچي ويو ۽ اهو
ڪم پنهنجي سر تي کنيائين. اهو جيتوڻيڪ ڏاڍو ڏکيو
ڪم هو ۽ انهي ۾ ڪنهن حد تائين اتفاق به ڪم ڪيو پر
هو انهي کي توڙ رسائي ويو. هن اينٿراڪس جو ڪلچر
کڻي انهي کي ڪمزور ڪري ايتري حد تائين ڇڊو ڪيو
جيئن رڍ انهي جي هڪ ٽڪي سان ڪجهه بيمار ٿي پوي ۽
هڪ ٻن ڏينهن لاءِ انهي جا ٺينگ ٽپا گهٽجي وڃن پر
انهي ٽڪا لڳل رڍ تي پوءِ دنيا جا ڪهڙا به اينٿراڪس
جا بيڪٽيريا اثر نه ڪن ها.
رڍن جا ڊاڪٽر پاسچر ۽ سندس ٽڪن واري ڳالهه تي ڏاڍا
کليا. هن کي پاڻ تي کل پسند نه هوندي هئي. جڏهن
کيس پنهنجي علاج جو کليل مظاهرو ڪري ڏيکارڻ جي
چئلينج ڪئي وئي ته هن ها ڳالهه تسليم ڪري ورتي.
ممڪن آهي ته هو ڪيتريون ڳالهيون سوچي اندروني طور
ڏڪي به ويو هجي جيڪي کيس کلڻ هاب ڪرائي وجهن ها پر
هن ڪا به هٻڪ نه ڏيکاري. سندس ٽڪو
(vaccine)
جيڪڏهن ليباريٽري ۾ هڪ درجن رڍن تي ڪارگر ثابت ٿيو
آهي ته اهو ليباريٽري کان ٻاهر به هڪ سو يا هڪ لک
رڍن تي ڪارگر ٿي ويندو. ٺيڪ آهي توهان کي اعتبار
نه ٿو اچي ته پنهنجون رڍون آڻيو ڏسون ته آخر ۾ کلڻ
ڪنهن جي نصيب ۾ ٿو اچي.
جملي اٺيتاليهه رڍون، ٻه ٻڪريون ۽ ڪجهه ڍڳيون
سائنس جي ديوتا آڏو قربانيءَ لاءِ پيش ڪيون ويون.
طب جي تاريخ جي هن عجيب ترين مظاهري لاءِ ميلون
(Melun)
جي ويجهو
Pouilly fort
نالي فارم جي چونڊ ڪئي وئي.
5 مئي 1881ع تي معصوم ۽ صحتمند رڍون پاسچر ۽ سندس
معاونن جي انتظار ۾ بيٺيون هيون. انهن سان گڏوگڏ
اوسي پاسي کان ٻه ٽنگيون رڍون به آيون هيون. جن
مان ڪجهه جي دلين ۾ اميد هئي ته ڪي شڪ شبهي جو
شڪار هيون پر سڀ انهي لاءِ تيار هيون ته جيڪڏهن
ڳالهه غلط ثابت ٿي ته ننڍڙي پاسچر تي ڪاهه ڪري
ڏبي. روسينال
(Rossignol)
نالي ويٽيرينري پريس جو هڪ ايڊيٽر به اتي موجود
هو. اهو سمورو ممڻ هن ئي مچايو هو. هن کي لوئي ۽
سندن ٽڪن ۾ ذري برابر به اعتماد نه هو. هو هڪ وڏو
ماڻهو هو جيڪو پنهنجن دوستن کي اکيون ڀڃي ۽ ميڇن ۾
چئي رهيو هو ته ”ڏسو آءُ ڪهڙو نه هوشيار ماڻهو
آهيان آءٌ هن پاسچر جي پت وائکي ڪرڻ لاءِ کيس
آخرڪار ميدان تي وٺي آيو آهيان.“ ٻيا اخباري ماڻهو
به موجود هئا. ڇاڪاڻ ته پاسچر جيڪو ڪم ڪرڻ جي هام
هنئي هئي انهيءَ ماڻهن ۾ جوش پيدا ڪري ڇڏيو هو ۽
انهي ۾ سڀني رڍون پاليندڙن جي به دلچسپي هئي ۽
ڪاميابي توڙي ناڪاميءَ جي صورت ۾ اها تمام گرماگرم
خبر ثابت ٿئي ها. |