سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :4

باب پنجون

ارسطو

اسٽيجيرا جو ارسطو فطرت جي پهرين شاگردن ۽ سائنس ۽ مابعد الطبعيات کي هڪٻئي سان گڏ رکندڙ آخري ماڻهن مان هو.

فلپ سندس زندگيءَ دوران ايٿنز کي زير ڪري ورتو ۽ سڪندر دنيا کي فتح ڪري ورتو. اهڙي طرح يونان جي شان شوڪت جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي ويو. انهيءَ کانپوءِ روم يورپ کان وڌيڪ اهميت حاصل ڪري ويو ۽ تاريخ جو تماشگاه الهندي طرف اٽليءَ جي اپٻيٽ ڏانهن منتقل ٿي ويو.

ارسطو اسٽريمو نيائي نار (Strymonic Gulf) تي اسٽيجيرا ۾ 384 ق م ۾ پيدا ٿيو. سندس پيءَ نڪو ميڪس پنهنجو شجرو مڪائون (Machaon) سان ڳنڍيندو هو. جنهن بابت چيو ويندو هو ته هو ايسڪولاپياس جو پٽ هو. انهيءَ خدا ئي حسب نسب کي خاطر ۾ نه آڻيندي به ارسطو جي سائنس ڏانهن فطري لڳاءُ جو سبب ٻڌائي سگهجي ٿو. سندس پيءُ طبيب ۽ مقدون جي بادشاهه امينتاس جو دوست هو. امينتاس وري فاتح عالم جو ڏاڏو هو. جنهنکي تعليم ڏيڻ ارسطو جي مقدر ۾ لکيل هو.

گمان آهي ته انهيءَ سائنسدان جو پهريون استاد سندس پيءُ هو. بهرحال ايتري پڪ آهي ته هن طب جي ڪجهه تعليم حاصل ڪئي ۽ اسليپياڊس (Asclepiads) نالي هڪ طبي گروهه جو ميمبر ٿي ويو. پر ڳالهه اها آهي ته هن کي پنهنجي ڌنڌي جو اڀياس ڪرڻ جو وقت ڪڏهن مليو؟ تاريخ دانن مطابق ته هن جي نوجواني ڏاڍي ڇڙواڳ گذري هئي. ويندي جن ماڻهن کيس ارڙهن ورهين جي ڄمار ۾ ايٿنز موڪليو آهي اهي سندس ڇوڪراڻي وهي جي ڪاسٺي تصوير پيش نه ٿاڪن. ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته هن ويڙهه جهيڙي ۾ زندگي گذاري پنهنجا پئسا اڏائي ڇڏيا ۽ بک کان بچڻ لاءِ فوج ۾ نوڪري ڪيائين ۽ آخر ڪار ڪيترين رولاڪين کانپوءِ اسٽيجيريا واپس اچي طب جو ڌنڌو اختيار ڪري وڃايل دولت وري حاصل ڪيائين.

سڀني ماڻهن جو انهي ڳالهه تي اتفاق آهي ته هو افلاطون وٽ پڙهيو هو. پر اها پڪ نه آهي ته هو اٺ ورهيه پڙهيو يا ويهه ورهيه ۽ اهو به ته هو ڏاڍو هوشيار شاگرد هو ۽ اهو عظيم فيلسوف افلاطون سندس لاءِ ”مڪتب جي ذهانت“ جا لفظ ڪم آڻيندو هو. انهن ٻنهي ڏاهن جي وچ ۾ اهو وڻندڙ هم آهنگي وارو تعلق گهڻو وقت نه هليو. ارسطو چوندو هوته“ افلاطون پيارو آهي پر سچ اڃا وڌيڪ پيارو آهي.“ افلاطون هڪ جاءِ تي لکيو آهي ته ”هن مونکي ائين ڇڏي ڏنو آهي جيئن وڇيرا پنهنجين مائرن کي لتون هڻي پري ڪري ڇڏيندا آهن.“ اها افلاطون جي ته بدقسمتي چئبي پر دنيا لاءِ خوش قسمتي جي ڳالهه ٿي جو ارسطو اهڙو ماڻهو هو جيڪو ذات خداوندي سان به تڏهن اتفاق ڪندو هو جڏهن اها سندس ذهانت کي مطمئن ڪري وٺندي هئي.

 

2

ارسطو ايٿنز ۾ رهائش دوران اتاريئنس جي شهري رياست جي بادشاهه هرميا جي توجه پاڻ ڏانهن ڇڪرائي ورتي ۽ کيس انهيءَ بادشاهه جي دربار مان ڪوٺ ڏني وئي. انهيءَ ڪوٺ جي نتيجي ۾ کيس هر مياس جي پئياس نالي ڌيءَ يا ڀائيٽي جو سڱ مليو. انهيءَ شهزادي مان کيس هڪ ڌيءَ ڄائي. جڏهن ته پئياس جي وفات کانپوءِ کيس رواجي قانون واري  زال هر پئياس مان نڪوميڪس نالي هڪ پٽ ڄائو هو.

ارسطو مئي 347 ق م ۾ افلاطون جي وفات کانپوءِ هرمياس وٽ ويو هليو ۽ ٽي سال انهيءَ وٽ رهيو. انهيءَ کانپوءِ هو هڪ سال ميٽلين ويو. هو اتي ئي هو ته وٽس مقدون جي بادشاهه فلپ وٽان حڪم آيو ته هو اچي تيرهن ورهين جي ڄمار جي سڪندر کي پنهنجي نگرانيءَ ۾ وٺي. بادشاهه انهيءَ لاءِ پنهنجي ذهن ۾ تمام وڏيون رٿائون رکي ويٺو هو.

هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي جيڪو ٻه هزار ورهين کان وڌيڪ عرصي کان بار بار پڇيو ويندو رهيو آهي ته؛ ارسطو ايندڙ دورجي آپيشاه ۽ دنيا جي فاتح کي ڪهڙي تعليم ڏني؟ انهيءَ بادشاه جي پوءِ جي زندگيءَ ۾ ته اهڙي ڪابه ڳالهه نه آهي جنهن مان خبر پوي ته هو وقت جي هڪ عظيم انسان جي اثر هيٺ رهيو هو. ارسطو لامحدود امنگون ۽ جذبا سندس ذهن ۾ وڌا هئا ڇا؟ ڇا هن سڪندر کي اهڙي تربيت ڏني جنهن مان کيس اهو سمجهڻ ۾ هٿي ملي ته هو خدائي حسب نسب رکي ٿو؟ ماڻهن کي جيڪا توقع هئي ته هڪ فيلسوف اعتدال، نفس تي ضابطي، شخصي تنظيم ۽ نامعلوم هستيءَ جي سامهون عجز ۽ انڪساريءَ جي جن خصوصيتن جي تعليم ڏني هوندي اهي ڪيڏانهن ويون هليون؟

انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سڪندر کي ڪوبه ماڻهو سکيا نه ڏئي سگهي ها. هو پنهنجي سوچ هلائيندڙ بيمار ذهن جو ماڻهو هو. هن کي سڀ کان وڏي خوشي اهڙن اڙيل گهوڙن کي قابو ۾ آڻي ملندي هئي جن کي ٻيو ڪير به قابو ۾ نه آڻي سگهي. سندس مزاج جي اهائي خاص ڳالهه هئي. اهڙي ڇوڪري کي ڪوبه فلسفو پاڻ ڏانهن متوجه نه ڪري ها ۽ سندس دلچسپي فقط جنگ جي فن ۾ ئي هجي ها.

 

3

ارسطو ستن ورهين تائين مقدون ۾ رهيو ۽ جڏهن فلپ جي قتل کانپوءِ سڪندر تخت تي ويٺو ته استاد ايٿنز موٽي آيو. هو هاڻي پنجاه ورهين جو هو ۽ جيڪڏهن تڏهن ئي مري وڃي ها ته سندس نالو تاريخي ڪتابن ۾ به مشڪل سان زنده رهي ها.

سندس لافاني تحريرن جو وڏو حصو اڃا پوءِ لکت ۾ اچڻو هو. ارسطو جي عمر جيتوڻيڪ پنجاهه ورهيه ٿي وئي هئي پرهن ڏاڍي سخت زندگي گذاري هئي. روم واري سندس مجسمي ۽ سندس منهن جا نقش گهرا پر ٻانهون مضبوط ۽ مشقن سان ڀريل اٿس. وات جي آسپاس تلخي جواثر اٿس ۽ سندس منهن مان ڪنهن به عزم جي روشني نظر نه ٿي اچي. هن انسانن جي دلين تي گهري نظر وڌي هئي جنهن جي نتيجي ۾ روح ۽ لافانيت بابت سندس تحريرون غير واضح آهن ۽ انهن تي تشڪيڪ جو هلڪو اثر چڙهيل آهي. هن جون ڪهڙيون اميدون هيون جيڪي پوريون نه ٿيون آهن ۽ پنجاه ورهين جو ٿي وڃڻ کانپوءِ به ڪڏهن پوريون نه ٿينديون؟ وڃايل اميدن، آدرشن ۽ اعتبارن سندس منهن تي گهنج وجهي ڇڏيا هئا ۽ سندس چپن تي ۽ اکين ۾ ڪجهه ڏک ۽ڪجهه نراسائيءَ جو اثر ظاهر آهي.

 

4

ارسطو ايٿنز ۾ هڪ مڪتب کوليو ۽ peripatetics يعني گهمندڙ ڦرندڙ فيلسوفن جو استاد ٿي ويهي رهيو. سندس ڪتابن جو وڏو حصو انهي لائيشم (Lyceum) ۾ ڏنل ليڪچر آهن جيڪي پوءِ لکت ۾ آندا ويا. هن پنهنجن پيشروئن جي ابتڙ پنهنجي ڪم کي فقط مابعد الطبعيات تائين محدود نه رکيو پر کيس شروعات انهي غير يقيني موضوع کان ئي ڪري هئي ۽ سندس ڏکي ۾ ڏکيو ڪم به انهيءَ کان پري ٿيڻ هو. زندگيءَ جو هر هڪ مظهر هن لاءِ دلچسپي سان ڀريل هو هن سائنس جي سموري دائره ڪار کي پنهنجو موضوع بڻايو ۽ سندس ارادو هو ته هو پنهنجن مشاهدن ۽ سوچ ويچار جي آڌار تي هر هڪ شاخ بابت حتمي ۽ پڪي پختي ڳالهه تحرير ۾ آڻيندو.

هن هڪ نئين راهه اختيار ڪندي مفروضن کي پري ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه به ڳالهائڻ کان اڳ سوچ ويچار جي عادت وڌائين. اهڙيءَ طرح هن استقرائي (خاص مان عام نتيجو ڪڍڻ:  (Inductive) سوچ بابت دنيا کي پنهنجو پهريون عظيم سبق ڏنو. هن کان غلطيون به ٿيون پر اهي عارضي هيون. هو سچ جي راهه تي اهم نشان ڇڏي ويو آهي.

هو پنهنجي مڪتب ۾ پڙهائڻ وارن ٻارنهن ورهين دوران ڏاڍو مصروف رهيو. سموري دنيا سندس باغ هئي ۽ هو پنهنجي طبعي تاريخي جي لاءِ انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ انهيءَ وقت جي معلوم زمين جي سڀني حصن مان جانور پيو آڻيندو هو. هو پنهنجي سموري زندگي ايتري ته ذوق ۽ شوق سان ڪتاب پيو گڏ ڪندو هو جو افلاطون سندس گهر کي ”پاڙهؤ جو گهر“ سڏيندو هو. هن ٻوٽن، آبهوا ۽ فلڪيات بابت اڀياس ڪيا ۽ ڪتاب لکيا. قديم دورجي ماڻهن جيڪي هزار ڪتاب هن ڏانهن منسوب ڪيا آهن اهي جيڪڏهن واقعي هن جا لکيل آهن ته هن لازماً تمام وڏي رفتار سان لکيو هوندو.

اهو سمورو ڪم اجنبي ماڻهن جي وچ ۾ سرانجام ڏنو ويو. اٿينائين ارسطو کي هڪ گهڙيءَ لاءِ به قبول نه ڪيو هو. انهن جي نظر ۾ هن جو مقدونيائي جابر سان واسطو هو ۽ انهي سڪندر سان نفرت ڪندا هئا. انهيءَ وقت ۾ ديماسز سڪندر کي ننديندو هو ۽ ايٿنز ۾ سندس حامي پارٽيءَ تي ڦٽڪار ڪندو رهندو هو. انهي پارٽيءَ ۾ ارسطو سڀ کان اڳرو هو. هن لاءِ اها سوچ ئي ناممڪن هئي ته هو هڪ فيلسوف هوندي سياست کان لاتعلق ٿي ويهي رهي. سڪندر سندس شاگرد ۽ سندس پيداوار نه هو ڇا؟

هن پهرئين استقرائي سائنسدان لاءِ سانت ۽ سڪون وارا ڏينهن ڪڏهن به نه آيا. افلاطون کي جيڪو آرام ۽ سڪون نصيب ٿيو هو انهيءَ کان محروم رهيو. هو ڏاڍي سرگرميءَ سان هڪ ولوله انگيز ماحول ۾ ڪم ڪندو رهيو. شايد انهيءَ سموري عرصي دوران هڪ منٽ به اهڙو نه آيو جڏهن اٿينائين جو لشڪر کيس ڦوندا ڦوندا ڪرڻ لاءِ آماده ۽ تيار نه رهيو هو.

هن پاران سڪندر کان ڌارٿيڻ کانپوءِ سندس حالت ۾ ڪا بهتري نه آئي ۽ اها شايد اڃا وڌيڪ خراب ٿي وئي. سڪندر کان انهيءَ دُوري جو سبب ارسطو جو ڀائيٽيو ڪالسٿينز هو جو هن خبر ناهي ڪهڙي سبب سڪندر کي ديوتا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. سڪندر کي مصر ۾ هوندي اهو خيال ذهن ۾ آيو هو ته هو خدائن سان تعلق رکي ٿو. پوءِ هو پنهنجي الوهيت مڃرائڻ لاءِ ڏاڍو اصرار ڪندو رهندو هو. ڪاليسٿيز جي اهڙي گستاخي سبب کيس موت جي سزا ڏني وئي. ارسطو سندس پاران وچ ۾ پيو. هن کي اهڙي ڳنڀير معاملي ۾ ڏاڍي منٿ ميڙ ڪرڻي پئي هوندي. ممڪن آهي ته هن سڪندر جو ڌيان انهيءَ حقيقت ڏانهن ڇڪايو هجي ته سندس الوهيت جي معاملي ۾ ڪافي سوال اٿاري سگهجن ٿا. بهرحال ارسطو ڪالسٿينز کي ته بچائي نه سگهيو الٽو سندس اڳوڻي شاگرد جي ڪاوڙ به سندس سرتي اچي وئي ۽ اهو خطرو پيدا ٿي پيو ته سڪندر هڪ ڏاهي کي مارائي پنهنجي قادر مطلق هئڻ جو ثبوت نه ڏئي وجهي.

 

5

اهڙي ڏي وٺ سان استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ لاڳاپا ختم ٿي ويا. بهرحال سڪندر جيستائين زنده رهيو ايٿنزجي مقدونيائي پارٽي ۽ ارسطو جو ڪنڌ مٿي رهيو. پر 323 ق م سڪندر جي مرڻ سان ايٿنز جو سياسي ڪنو اڀامي پيو. تخت نشين ٿيندڙ اينٽي پيٽر جي کلي عام مخالفت ڪئي وئي ۽ يوناني ليميائي جنگ (Lamian war) ۾ ڪاهي پيا. تنهن کان پوءِ سائنسدان تي وارڪندڙ مکيه پروهت يوري ميدان هو جنهن هن تي اهو الزام مڙهيو ته هو اها تعليم ڏئي ٿو ته دعائون ۽ قربانيون ڪا به اهميت نه ٿيون رکن.

ارسطو جي سامهون جڏهن اهو تهمت نامو پڙهجي رهيو هو ته کيس خبر هئي ته جنگ جي پڄاڻي جو وقت اچي ويو هو.

هو ورهين جا ورهيه اٿينائين جي مخالفت جي باوجود اڳتي وڌندو رهيو. هن فقط سچ کي مضبوطي سان جهليو هو ۽ ڏاڍي صلح صفائي سان يونانين جي طور طريقن کان ڪناره ڪشي اختيار ڪري ڇڏي پر يونانين کيس امن ۽ سڪون سان رهڻ ئي نه ڏنو.

پروهتن سقراط کي ماري ڇڏيو هو. ارسطو چيو ته هو اٿينائين کي فلسفي خلاف وڌيڪ ظلم ڪرڻ نه ڏيندو تنهنڪري هو اتان فرار ٿي ويو.

ڪالشيس(Chalcis) جتي سندس ماءُ جا مائٽ رهندا هئا. اتان جي رهواسين هن جو ائين آڌر ڀاء ڪيو جيئن ڪو رولاڪ پنهنجي ماڳ موٽي آيو هجي. پر انهي آجياڻي ۾ به هن عظيم استاد جي ڪا وڏي خوش مرحبا نه ٿي. هو هڪ صدي جي ٽيئن حصي جيترو وقت ايٿنز ۾ رهيو هو. سندس ڄاڻ سڄاڻ به اتي هئي ۽ سندس پيارا دوست به اتي ئي رهندا هئا ته سندس ٻوٽا، جانور ۽ ڪتاب به اتي ئي هئا. سندس لکڻين جا وکريل ورق به اتي ئي پيا هئا. هتي هو اڪيلو هو ۽ سندس ڪم جا اوزار به وٽس نه هئا ۽ هو تمام ٿڪجي پيو هو. هوڏانهن ايٿنز ۾ سندس دشمن ڊيموسٿنز به ٿڪجي ۽ ڏاڍو دلشڪستو ٿي پيو هو.

پوءِ حالتن اهڙو رخ اختيار ڪيو جو ايٿنز جي عظيم ترين مقرر ۽ استاد ساڳئي سال 322 ق م هڪ ايٿنز ته ٻئي ڪالشيس (chalces) ۾ زهرپيتو ۽ انهن جون مصروف ۽ مشڪلاتن سان ڀريل زندگيون پڄاڻي تي پهتيون.

 

6

ارسطو هڪ اڻٽڪ ليکڪ هو پر سندس ڪم جو وڏو حصو گم ٿي ويو آهي. بهر حال جيڪو باقي آهي اهو عقل چرخ ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي.

منطق، مابعد الطبعيات، فصاحت بلاغت، شعريات، سياسيات، فلڪيات، ڪرندڙ تارا، طبعي تاريع (Natural History) جانورن جا عضوا، جانورن جي چر پر ۽ جانورن جي پيدائش جهڙن علمن تي هن قلم وهايو آهي. موجوده دور ۾ اهڙي وسيع ميدان تي ڪاهه ڪرڻ جو سينو ڪير ساهيندو؟ هن وٽ ته جديد سائنس جا ڪي اوزار به نه هئا. هن وٽ نه واچ نه ٿرماميٽر هو نه ئي وزن ۽ سائيز جي درست تور ماپ جاڪي پيمانا هئا نه ئي ڪشش ثقل يا هوا جي وزن بابت ڪا ڄاڻ هئس.

هن وٽ ڪو رهنما ۽ استاد به نه هو. هن پنهنجي ڪم جي شروعات ڪندي سڀ کان اڳ انهي وقت موجود غلطين جي پاڙ پٽي. هن کي هڪ اڪيلائي واري شان شوڪت جي طلب هئي، هن چاهيو ٿي ته ارسطو سموري ڪائنات ۾ سمائجي وڃي ۽ انسانذات جي سموري ڏاهپ کي پنهنجي ڀاڪر ۾ آڻي ڇڏي.

هن ڊيموڪريٽس جي ايٽمي نظريي کان انڪار ڪيو، ايمپيڊوڪلز پاران سامهون آندل ارتقا جي اشارن کي به حقارت جي نظر سان ڏٺو ۽ اناگزا غورس جي انهيءَ نظريي کي به ردڪري ڇڏيو ته انسان جي هٿ جي نشو ونما سندس ذهانت کي تيز ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته حقيقت انهيءَ جي ابتڙ آهي ۽ وڏي ذهن کي بهتر هٿ جي ضرورت هجي ٿي.

هن فيثا غورس جي انهيءَ نظريي کي ڌڪاري ڇڏيو ته زمين هڪ مرڪزي باهه جي چوڌاري گردش ڪري ٿي ۽ انهيءَ پراڻي تصور سان پنهنجي انا جي تسڪين ڪندورهيو ته زمين ڪائنات جو مرڪز آهي. هن ڊيموڪريٽس جي انهي نظريي کي به تسليم نه ٿي ڪيو ته احساسن (sensations) جو مرڪز دماغ آهي. هن اهو ڪم دل کي ٿي ڏنو.

هن پاران پنهنجي اصليت جي نمائش ڪرڻ جي ڪوشش جي باوجود هو بنيادي طور هڪ سائنسدان هو. سندس ڪم دنيا جي انهي راءِ کي حق بجانب قرار ڏنو ته؛ هن دنيا کي سائنس ڏني. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ايمبريا لاجي جو علم دنيا کي هن ڏنو. هن ايمبريو ۾ دل جي شروعاتي حرڪت دريافت ڪئي ۽ سڌو انهي جديد ۽ عظيم قانون ڏانهن ڊوڙندو ويو جنهنکي وون بائر نالي سائنسدان مشهور ڪرايو ته ايمبريو جون جينس (genus) واريون مشترڪ خصوصيتون سڀ کان اڳ ظاهر ٿين ٿيون انهي کانپوءِ نوع (Species) واريون ۽ انفرادي نشان سڀ کان آخر ۾ ظاهر ٿين ٿا.

7

هن هڪ ڇپيندڙ سوال اٿاري گريگور مينڊل جي توارث (heredity) واري ڪم جي به اڳڪٿي ڪري ڇڏي. ڪنهن گوري عورت هڪ حبشي سان شادي ڪئي. سندس ٻار گوراٿيا پر سندس ٻارن جي اولاد ۾ حبشي پيدا ٿيا.

ارسطو سوال اٿاريو ته گوري عورت جي ٻارن ۾ ڪاري رنگ واري ڌاري ڪٿي لڪيل رهي؟ مينڊل ٻه هزار سال پوءِ انهيءَ سوال جو جواب ڏنو.

هربرٽ اسپينسر اوڻيهين صديءَ ۾ اها ڳالهه ڏاڍي عالماڻي انداز ۾ بيان ڪئي ته جاندار نشو و نما جي جيتري اعليٰ درجي تي پهتل هوندو اوتري اولاد گهٽ پيدا ڪندو. ارسطو ٽي سو سال قبل مسيح ۾ اها ساڳئي ڳالهه دريافت ڪري ڇڏي.

ڊارون اوڻيهين صديءَ جي وچ ۾ تقريباً ساڳيو ئي نظريو پروان چڙهايو ۽ انکي ارتقا (Evolution) جو نالو ڏنو. ارسطو ارتقا جو پر چارڪ نه هو، نه ئي هو انهيءَ عظيم نظريي جي ڪا جهلڪ ڏسي سگهيو هو پر هو هڪ اهڙي نظريي جو بنياد وجهي رهيو هو جيڪو منطقي طور ڊارون واري نتيجي تي ئي پهچائي ها.

ارسطو عملي طور منطق جو علم ايجاد ڪيو. جن ماڻهن کي اهو مضمون دلچسپ نظر اچي ٿو ۽ انهيءَ بابت وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ گهرن ٿا انهنکي جان اسٽورٽ مل پڙهڻ گهرجي جنهن انهيءَ کي ڏاهپ ڀريو انداز ڏنو.

ارسطو جانورن جي درجي بندي ڪندي پنهنجي صلاحيتن کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو. هن انهيءَ ميدان ۾ تقريباً بانيڪار جي حيثيت رکي ٿي ۽ انهي ۾ اهڙو بهترين ڪم ڪيائين جو سندس اسڪيم لينس (Linnaeus) جي دورتائين برقرار رهي جنهن اڃا ڪا بهتر شي آندي. هن جانورن کي رت وارن ۽ بغير رت وارن ۾ ورهايو جن کي موجوده دور ۾ ڪرنگهي وارا ۽ بغير ڪرنگهي وارا چيو وڃي ٿو. اهو ڪم ڪندي هن کي ماڻهن جي ٻانهن، جانورن جي اڳئين ٽنگ، پکيءَ جي پر ۽ مڇيءَ جي هڪجهڙائي جو تصور مليو. هاڻي ايمبريو تي خوردبيني جي ذريعي ڪم ڪرڻ کانپوءِ اها هڪجهڙائي ثابت ٿي چڪي آهي.

هن انسانن کي Vivaparous يعني انهن جانورن جي درجي ۾ رکيو جن کي ايتري  حرارت آهي جيڪي آني جي مدد وٺڻ کانسواءِ ٻار پيدا ڪري سگهن ٿا. انهيءَ جي باوجود به ارسطو جوانسان ٻين کان جدا هو. هن انهيء کي اهڙي ڪنهن ذيلي ورهاست ۾ نه رکيو جنهن ۾ انسان نماباندر به شامل هجن.

هن گهٽ ۾ گهٽ اهڙن سڀني جانورن کي روح ڏنو جيڪي آزادي سان چُرپر ڪري سگهيا ٿي. پر هن هڪ حساس ۽ باشعور روح فقط انسانن لاءِ رکيو. وچئين دور ۾ سندس مشهوريءَ جو هڪ سبب شايد اهوئي هو.

8

هن کي پيدائش ۾ خاص طور دلچسپي هئي ۽ هن هيٺئين درجي وارن جانورن بابت ڪيتريون ئي درست ڳالهيون ڳولهي ورتيون پر هن کي انساني ايمبريو بابت ڪا خبر ئي نه هئي. هن جيئن ته پاڻ اها ڳالهه تسليم نه ڪئي آهي تنهنڪري انهي بابت واهيات ڳالهين جو سٿو لکي ڇڏيو اٿائين. هن چيو ته ٻارجي جنس جو تعين پيءَ جي طاقت يا ڪمزوريءَ سان ٿيندو آهي. هو جيڪڏهن طاقتور هوندو ته ٻار ڇوڪرو ٿيندو پر جيڪڏهن هو ڪمزور آهي ته ٻار ڇوڪري ٿيندي.

هن وٽ جنس (sex) جي سيلن بابت ڪو به نظريو نه هو ۽ نر ۽ ماديءَ جي توليدي مادن (Ovum – semen) کي مقدار جي اضافي ڏانهن منسوب ڪندو هو. هو چوي ٿو ته نر واري خصوصيت ماديءَ واري مادي ۾ چرپر پيدا ڪري ٿي ۽ ايمبريو جي واڌ ويجهه جي راهه متعين ڪري ٿي.

حقيقت اها آهي ته ارسطو عورتن بابت ڪو چڱو رايو نه رکندو هو ۽ هن کي انهن مان گهٽ ۾ گهٽ ٻن سان گهري واقفيت هئي. هن جو چوڻ هو ته فطرت جو واحد مقصد انسان پيدا ڪرڻ هو ۽ انسان مان هن جي مراد مرد آهي. عورت فطرت جي ڪمزوريءَ جو اظهار آهي. هو اها ڳالهه تسليم ڪري ٿو ته فطرت جا ڪم جيتوڻيڪ ڪنهن به اوڻائي کان پاڪ هوندا آهن پر انهيءَ کان غلطيون ٿي وڃن ٿيون ڇاڪاڻ ته انهي کي جيڪو ڪچو مال ڪم آڻڻو پوندو آهي اهو ڪڏهن ڪڏهن صحيح نه هوندو آهي. تنهنڪري جڏهن اهو ايترو ڀلو نه هوندو آهي جنهن مان مرد پيدا ٿي سگهي ته فطرت عورت پيدا ڪري ڇڏيندي آهي ۽ اهڙي طرح اهڙي گڙ ٻڙ عورت مرد جي لافانيت لاءِ ضروري ٿي پئي. ارسطو انهيءَ صورتحال تي ڏاڍي افسوس جو اظهار ڪري ٿو. پر جديد دور جي عورتن لاءِ ارسطو کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ ضروري نه آهي. انساني نوع جي ماديء بابت هن جي ڄاڻ محدود هئي. مثال طور هو چوي ٿو ته مرد جي کوپڙيءَ ۾ عورت جي کوپڙيءَ کان وڌيڪ جوڙ هوندا آهن، مرد کي عورت کان گهٽ پاسراٽيون هونديون آهن ۽ عورت کي مرد کان گهٽ ڏند هوندا آهن.

هن جو اهو به خيال هو ته آبادي محدود هئڻ گهرجي. ڪنهن شهري رياست جي مناسب آباديءَ بابت هن جو خيال هو ته اها ڏهن هزارن تائين هئڻ گهرجي. تنهنڪري هن جيتوڻيڪ ٻارن کي مارڻ جي مخالف ڪئي آهي پر حمل ڪيرائڻ جي ذريعي ڄم روڪ جي حمايت ڪئي اٿائين. انهيءَ جو سبب بظاهر ته مرد کي بهتر موقعا ڏيڻ هو ۽ کيس انهي ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي ته عورتون انهي بابت ڇا ٿيون سوچين. هو ”خاموشيءَ ۾ عورت جي عظمت آهي“ واري سٽ جي ڏاڍي واکاڻ ڪندو هو.

تڏهن اها به هڪ تجويز هوندي هئي ته آدرشي رياست ۾ عورتن کي به مردن وانگر سکيا ڏني وڃي جيئن ٻئي جنسون گڏجي واڌ ويجهه وٺي سگهن. ارسطؤ انهيءَ نظريي کي ٿڏي ڇڏيو. هن اهو نه ٿي چاهيو ته عورتون مردن جهڙيون ٿي وڃن، هن ٻنهي ۾ موجود فرقن تي زور ڏيڻ ٿي چاهيو. جيئن عورتون ڇوڪرا ڄڻڻ وارو پنهنجو واحد مقصد اڃا وڌيڪ تڪڙ ۾ پورو ڪري سگهن.

”نوجوان جلدي دوکي ۾ اچي ويندا آهن ڇاڪاڻ ته اهي تڪڙ ۾ اميدون ڪرڻ لڳندا آهن.“ تنهنڪري ارسطو جي آدرشي رياست ۾ ڪنهن به مرد کي 37 ورهين جي ڄمار کان اڳ شادي نه ڪرڻ گهرجي، پوءِ کين ويهن ورهين جي ڇوڪريءَ سان شادي ڪرڻ گهرجي جيئن اهي ٻئي گڏجي پوڙهاٿين. انهيءَ جو مطلب سهڻي صحبت جو وقت گڏ گذارڻ نه پر اصل سبب اهو هوندو جو عمر ۾ انهيءَ فرق سبب ٻنهي جا توليدي عضوا تقريباً ساڳئي وقت ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا.

9

ارسطو جو خدا ڪا غير محسوس ۽ ڏوراهين شي هو جنهنکي فقط ڪائنات کي هلائڻ لاءِ ڇڪي وچ ۾ آندو ويو هو. هو حرڪت ڏيندڙ (mover) ته هو پر پاڻ کي حرڪت جو ڪو احساس نه پئي ٿيس. مادي ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ کانپوءِ هو منظر تان هٽي پاسي تي به ٿي سگهيو ٿي ۽ هن ائين ئي ڪيو.

فزڪس جي آخري ڳالهه مان توهانکي خبر پوندي ته جيستائين حرڪت جو تعلق آهي ته هن پوڙهي اسٽيجيرائي ٽي سو سال قبل مسيح ۾ به ڏاڍو هوشياريءَ تي ٻڌل اندازو هنيو هو. موجوده دور جا تمام هوشيار ماڻهو چون ٿا ته مادي شيون جيڪي توهان ڏسو ٿا يا جن کي هٿن سان ڇهو ٿا اهي فقط ارتعاش يا حرڪت آهن جيڪا ايٽم جي اليڪٽران جي پنهنجي مدار ۾ گردش جي سبب پيدا ٿي آهي. اها ڳالهه اليڪٽريڪل توانائي سان لاڳاپيل ته نه ٿي لڳي؟ ممڪن آهي ته هجي! معنيٰ ڪائنات ۾ سڀڪا شي فقط اليڪٽريڪل اظهار آهي؟ ڀلي جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح هجي ته به شيون اهڙي طرح ئي حقيقي رهنديون جيئن اهي ارسطو جي خدا جي موجودگي ۾ رهيون هيون جيڪو شين کي فقط چرپر ۾ آڻيندو هو. 

پرزمين کي اها حرڪت نه ملي هئي، زمين ساڪت بيٺي هئي پر اها گولي (Sphere) جهڙي هئي ڇاڪاڻ ته گولو گول (Circle) واري پورڻتا جي بلڪل ويجهو هو ۽ اها شڪل فطرت جي نظر ۾ تمام اهميت رکي ٿي. انهيءَ زمين جي چوڌاري سج، چنڊ ۽ سيارن گردش ڪئي ٿي. ارسطو پنهنجي سموري عمر پنهنجين اکين تي اعتبار ڪندو رهيو. هو انهيءَ ڳالهه تي يقين ئي نه ڪري ها ته هو جڏهن سج کي اڀرندو ڏسندو آهي ته سندس اکيون کيس دوکو ڏئي رهيون هونديون آهن.

هو جيتوڻيڪ سياحن جون عجيب غريب ڳالهيون ٻڌندو هو ۽ انهنکي حقيقتون سمجهي ويهندو هو پر لڳي ٿو ته هن کي جاگرافيءَ ۾ ڪا حقيقي دلچسپي نه هئي. هو عجيب ۽ پرانهن ديون جون ڳالهيون ڪري ٿو پر زمين جي ٻئي پاسي جو ڪو بيان ئي نه ٿو ڏئي. نه ئي اها ڳالهه ذهن ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته سج افق کان هيٺ غائب ٿي ڪيڏانهن هليو ويندو آهي.

ارسطو پنهنجي حرڪت جي نظريي کي وسعت ڏيندي دنيا کي مسلسل تبديليءَ جي حالت ۾ ڏٺو؛ سُسندڙ سمنڊ جو اڻکٽ گول ۽ وسندڙ مينهن، ڪنهن جاءِ تي ٻڏندڙ ته وري ڪٿي اڀري ظاهر ٿيندڙ سامونڊي ڪنارو، جبلن جو ڪِرڻ ۽ نين چوٽين جو ٺهڻ، بهار جي ساوڪ ۽ سرء جي پيلاڻ، ميدانن جو ريگستان ٿيڻ ته ڪٿي ريگستانن جو ميدانن ۾ تبديل ٿي وڃڻ؛ قومن جو عروج ۽ زوال ۽ انسانن جو ڄم ۽ موت هن انهن سڀني شين کي هڪ ڪائناتي فيلسوف جي اک سان پئي ڏٺو. ۽ انهنکي هڪ اهڙي ماڻهو جي پختي سمجهه سان عقل ۾ ويهاريو جنهنکي گلاب جي پنکڙي جي کلڻ ۽ ماڪ جي ڦڙي جي غائب ٿي وڃڻ ۾ حياتي جو بي انت ورجاء نظرٿي آيو.

10

ارسطو جانورن جو اڀياس ڪيو هو ۽ متان ڪا شي ڏسڻ کان رهجي وڃي انهيءَ ڪري هو انهنکي وڍي به ڏسندو هو. جيڪڏهن قانون ۽ مذهب گڏ جي سندس دماغ مان اها ڳالهه نه ڪڍن ها ته هو شايد انساني جسم سان به ساڳئي ڪارڪري ها. نتيجي طور کيس پنهنجن اندروني عضون بابت به ڪا گهڻي خبر نه هئي. پر هو هٺيئين درجي وارن پنجن ڇهن سون جانورن جي اندروني عضون کان چڱو واقف هو.

هو انهيءَ ڳالهه لاءِ بلڪل تيار هوندو هو، ته ڪنهن ڳالهه بابت ڪا خبر نه ٿي پوي ته اندازو هڻجي. پر هو اندازي کان ڄاڻ کي ترجيع ڏيندو هو. تنهنڪري هُن جڏهن اها ڳالهه چئي ته ڪجهه شارڪ مڇين جا اهڙا قسم آهن جيڪي آنا نه پر ٻچا ڏيندا آهن ته کيس خبر هئي ته هو حقيقت ۾ ڇا چئي رهيو هو. پر پوءِ ڪيترين ئي صدين تائين اها شارڪ واري آکاڻي ارسطو پاران هر ڳالهه تي اعتبار ڪري ويهڻ واري عادت جي ثبوت طور ٻڌائي ويندي رهي. ماڻهو سمجهندا هئا ته ڪنهن ملاح کيس ڪنهن ورلي ملندڙ مڇي بابت اها ڳالهه ٻڌائي ڇڏي هوندي. پر آخرڪار اها ڳالهه ظاهر ٿي ته ارسطو حق تي هو.

ارسطو کان اڳ ۽ ارسطو جي دور تائين به اهو عام ويساهه هوندو هو ته ايمبريو ۾ مستقبل جو ٻار تمام ننڍڙي صورت ۾ موجود هوندو آهي، ماڻهو سمجهندا هئا ته جيڪڏهن ماء جي پيٽ ۾ ڪچي ٻار کي ڏسي سگهجي ته اهو هو بهو تازي ڄاول ٻار جهڙو هوندو، پر بلڪل ننڍڙو چيچ جي ماپ جيترو هوندو. ارسطو انهي نظريي ۾ تبديلي آڻي ڇڏي پر انهيءَ کي بلڪل ختم نه ڪيو. اوڻيهين صدي ۾ به ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا هئا جيڪي انهن کي سچ سمجهندا هئا. ممڪن آهي ته هاڻي به انهيءَ ڳالهه کي درست سمجهندڙ ڪي ماڻهو موجود هجن.

ارسطو آني ۾ چوزي جي واڌويجهه جو مشاهدو ڪيو ته کيس نظر آيو ته ڪيئن جرثومو (germ) ڦٽي ٿو، شڪل وٺي ٿو ۽ انهيءَ ۾ نون عضون جي واڌويجهه اچي ٿي. هن لکيو آهي ته ”دل آني جي اڇاڻ ۾ رت جي هڪ ننڍڙي داغ جي صورت ۾ ظاهر ٿئي ٿي (ٽي ڏينهن آري هيٺ رهڻ کانپو)، اهو ٽٻڪو ڌڙڪي ٿو ۽ چرپر ڪري ٿو اتان به (Vien- ducts) رت کڻي وروڪڙ رستي تي هلن ٿيون ۽ هڪ رت دار ريشا کڻندڙ پردو زرديءَ کي ويڙهي وڃي ٿو. ڪجهه وقت کانپوءِ جسم مقرر صورت اختيار ڪري وٺي ٿو جيڪو شروعات ۾ تمام ننڍڙو ۽ اڇو هوندو آهي.

هن آني جي انهي اڀياس ۾ اهو سڀ ڪجهه ڏٺو جيڪو خوردبيني کان سواءِ ڏسي سگهجي پيو، پر اهڙو بهترين ۽ تزبيان ڏيڻ کانپوءِ هو هڪ اهڙي غلطي به بيان ڪري ڇڏي ٿو جيڪا صدين تائين هلندي رهي ۽ ارڙهين صديءَ جي اطالوي ايمبريا لاجسٽ اسپيلا نزني (Spellanzani) جي هٿان ڏاڍو مشڪل سان ختم ٿي.

ارسطو ڏٺو ته ڪجهه شيون اتي وجود ۾ اچي وڃن ٿيون جتي سندس سمجهه مطابق ته ڪنهن به زندگي جا آثار نه هوندا آهن. تنهنڪري هن چيو ته جانورن جا ادنيٰ قسم خودبخود پيدا ٿي پون ٿا. ٻن هزار ورهين تائين انهي ڳالهه کي حتمي سمجهيو ويندو رهيو. ممڪن آهي ته ڪي ڇوڪرا اڃا به سمجهندا هجن ته گهوڙي جي وار کي مينهن جي پاڻي ۾ وجهي اُس تي رکي ڇڏبو ته اهو نانگ ٿي پوندو. بهرحال چاليهه سال اڳ تائين ته انهنکي انهيءَ ڳالهه ۾ يقين هوندو هو. ائين ڪڏهن به نه ٿيندو ۽ اسپيلانزني ۽ پاسچر کانپوءِ ته سائنسدانن کي اها پڪ آهي ته فقط زندگي ئي زندگيءَ کي جنم ڏيندي آهي ۽ اهو ته تمام ننڍڙي قسم جو جرثومو به ڪنهن قسم جي ماء پي يا اهڙي ڪنهن حيثيت رکندڙ ٻئي ڪنهن شيء کانسواءِ وجود ۾ نه ايندو آهي.

ارسطو جي هڪ ٻي خاص غلطي به هئي جيڪا گليلو جي دورتائين برقرار رهي. سڀ ماڻهو انهي کي سچ سمجهندا هئا هن جو چوڻ هو ته شيون جنهن رفتار سان هيٺ ڪرن ٿيون اها انهن جي وزن سان نسبت ۾ هوندي آهي. لوهه جا ڏهه پائونڊ، لوهه جي هڪ پائونڊ کان ڏهه دفعا وڌيڪ تيزي سان ڪرندا. اها ڳالهه سمجهه ڀري ٿي لڳي. ڇاڪاڻ ته وڏو وزن هيٺ ڪرڻ وقت ننڍي وزن کان کڏو به وڏو ڪندو آهي. هاڻي هر ڪنهن کي خبر آهي ته ارسطو غلط هو. هو تمام گهڻا انگ اکر گڏ ڪري پوءِ پنهنجو نظريو ترتيب ڏيندو هو. پر هن ڳالهه ۾ هن تجربو ڪرڻ جي ڪابه ڪوشش نه ڪئي. هن کي جيڪا ڳالهه ٻڌائي وئي انهي تي اعتبار ڪري غلطي کي اڳتي وڌائي ڇڏيائين

11

ارسطو کي سندس غلطين جي سبب ياد نه ڪريو. ڊارون به ائين نه ڪيو هو. اوڻيهين صدي جي انهي عظيم ارتقا دان (Evolutionist) انهيءَ يوناني کي هنن لفظن ۾ داد ڏنو آهي:

لينس ۽ ڪيوويئا (Cuvier) جيتوڻيڪ تمام مختلف رخن ۾ پر منهنجا ٻه عظيم ديوتا رهيا آهن. پر پوڙهي ارسطو جي سامهون انهنجي حيثيت اسڪولي ڇوڪرن جهڙي آهي.

ارسطو هڪ کان وڌيڪ ميدانن ۾ بانيڪار جي حيثيت رکي ٿو، جيئن هن پاڻ چيو آهي:

”مونکي ڪي به بنياد تيار ٿيل نه مليا، نه ئي اهڙو ڪو نمونو هو جنهن جي پوئواري ڪريان. منهنجو کنيل قدم جيئن ته پهريون آهي تنهنڪري تمام ننڍڙو آهي. توهان، منهنجا پڙهندڙو! منهنجي حاصلات جو قدر ڪنداؤ ۽ جيڪي شيون ٻين لاءِ ڇڏي ڏنيون آهن انهنکي درگذر ڪري ڇڏيندؤ.“

ڇا هڪ ننڍڙو قدم؟ هو گليلو جي اچڻ تائين ڪنهن آپيشاه بادشاه وانگر حڪمراني ڪندو رهيو، گليلو سترهين صدي جي شروعاتي سالن جو اطالوي هو جنهن انهي حڪمران خلاف بغاوت ڪئي ۽ کيس فوري طور بادشاهه جي گستاخي جي الزام ۾ ڌڪ هڻي ختم نه ڪيو ويو. ارسطو تڏهن کان وٺي تقدير جي لهرن تي لڏندو رهيو آهي ۽ هردور ۾ گوءِ ۾ اڳيان رهندڙن سان گڏ رهيو آهي. هاڻي جيئن ته سائنس اڳتي وڌي وئي آهي ۽ کيس نئون مقام ملي ويو آهي ته به اها جيئن جيئن اڳتي وڌندي ويندي آهي ته گهڻو ڪري ارسطو کي اڳيان چوڪي سنڀاليو ويٺل ڏسندي آهي جيڪو اتي جديد دور جي اجگرن جي اتي پهچڻ جو اتنظار پيو ڪندو آهي.

اسان جڏهن هي ڳالهيون ذهن ۾ تازيون ڪريون ٿا ته اسانکي ڪا ايتري گهڻي حيرت نه ٿي ٿئي ته هو:

دنيا جي پهرين عظيم حياتدانن مان هو.

پهريون ايمبريالا جسٽ هو.

منطق جي علم جو موجد هو.

نيچرل هسٽري جي ميدان ۾ درجي بندي ڪندڙ (Classifier) پهريون شخص هو.

پهريون عظيم استقرائي فيلسوف هو.

ايترين حاصلات کانپوءِ جيڪڏهن ڪو ماڻهو سائنس جي ميدان ۾ ايتري ڊگهي عرصي تائين ايترو وڏو اثر وجهندو رهيو آهي ته انهي تي ڪابه حيرت نه ٿيڻ نه گهرجي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org