باب اوڻيهون
ليونهاڪ کان لاپلاس تائين
ليونهاڪ- هيجنز- ليبنيز- فرماٽ- ايڊمنڊ هيلي هينري
ڪيونڊش- جوزف بلئڪ- پريسٽلي- پينجامن فرينڪلن-
لئپلاس- جيمس واٽ لينس اونداهون دور پڄاڻي تي پهچي
چڪو هو ۽ جئين جئين سترهين صدي اڳتي وڌندي پئي وئي
ته علم الڪلام(Scholasticism)
به پنهنجن پوين پساهن ۾ ايندو پئي ويو. سموري يورپ
۾ هتي هتي اڀرندڙ سج جي سامهون الاُ ڇڏيندڙ بينر
لڳا پيا هئا جن تي وڏو سوالي نشان لڳل هو.
سائنس ٽن صدين تائين آهستي آهستي پير کڻندي ۽ ڊنل
سرٻاٽن ۾ ڳالهائيندي رهي هئي. جن ماڻهن تيز
ڳالهائڻ جي جرئت ڪئي هئي انهن جا آواز ٻرندڙ چتائن
جي ٺڪائن ۾ گم ٿي ويا هئا. سائنس ٽن صدين جي
سرٻاٽن جي مهم کانپوءِ سٽروٽري نوجوان جو روپ
اختيار ڪري وئي هئي جنهن جو آواز گهري گونج ۾
تبديل ٿيندو پئي ويو. انهي جوان ديو جو آواز وري
ڪڏهن به دنيا مان ختم نه ٿيندو پر اهو تيز ٿيندو
ٿيندو هڪ رڙ، هڪ دانهن ۽ هڪ ڪوڪ ٿي سڀني انسانن جي
ڪنن ۾ پوندو.
اها ڳالهه به ڏاڍي عجيب ڏسڻ ايندي ته جڏهن ظلم ۽
ڏاڍ ٿا ٻڙجي ڪرڻ تي هو ته ڏاهپ ترقي جي راهه تي
هئي. يورپ جا نواب ۽ سردار ذهني ۽ سياسي آزاديءَ
ڏانهن ڌو ڪيندڙ انهي روح کي ڪُچلي نه سگهيا. اڃا
انهي ڳالهه جو امڪان هو ته انهي روح پاران بغاوت
ڏانهن قدم وڌائيندي اهي خود نه ڪُچلجي وڃن. لوئي
سورهون جنهن ڪوڪاٽ پئي ڪيا ته ”رياست؟ آءُ رياست
آهيان“ اهو به انهيءَ فڪري ديو کي نه روڪي سگهيو.
اهو اٽليءَ ۾ روڪجي نه سگهيو. جرمني جا جنگي سردار
ان کي روڪي نه سگهيا. روس جو زار ان کي روڪي نه
سگهيو. فقط اسپين ئي انهي کي قابو ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب
ٿي ويو. پر انهي سوڀ ويهين صدي جي باک ڦٽي وقت
اسپين کي ٻين قومن جي وچ ۾ هڪ عجوبو ڪري ڇڏيو جنهن
تي اڃا تائين وچئين دور جي وهمن جا پاڇا پيا آهن.
2
هاڻي هتي هُتي اڪيلا ٿي ڪم ڪندڙن جو به دور ختم
ٿي ويو. ترقي جي ليڪ جيتوڻيڪ ايتري گهاٽي نه هئي
پر کوجنا ڪار هتي هُتي پاڻ ۾ گڏجي ٿي ويا. اٽلي ۾
Lynx eye
انگلينڊ ۾ رائيل سوسائٽي ۽ فرانس ۾ اڪيڊمي ڪم ڪري
رهيو هيون ۽ جلد ئي اهڙن ٻين ادارن کي وجود ۾ اچي
پائيدار زندگي حاصل ڪرڻي هئي. سن 1632ع ۾ ڄاول
اينٿوني ليونهاڪ
(Anthony leaven hook)
دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو پاڻيءَ جي هڪ ڦڙي ۾
عجيب خورد بيني ڪيئان ڏٺا. اهو پاڻي جو ڦڙو سندس
شهر ڊيلفٽ جي ڪينال مان کنيو ويو هو. هن کي انهي
ڪم تي لنڊن جي رائيل سوسائٽي طرفان مدد ۽ همٿ
افزائي ملي ۽ هو لافاني ٿي ويو.
سن 1629ع ۾ ڄاول هيجز
(Huygens)
نالي هڪ ٻئي ڊچ پنهنجي دوربين جو رخ زُحل
(Saturn)
ڏانهن ڪيو ۽ گليلو وارو چنڊ جو مسئلو حل ڪندي ثابت
ڪيو ته اهو چنڊ نه پر هڪ دائرو
(Ring)
آهي. هن اهو به ڏٺو ته زحل جو هڪ سچو پچو چنڊ به
آهي. هن وري پنهنجو هٿ مڪينڪس ڏانهن ڪيو ۽ گليلو
جي ڇڏيل خيال کي کڻندي انسان کي پينڊولم وارو
گهڙيال ڏنائين. پر هيجنز هالينڊ ۾ ئي گم نه ٿي
ويو. فرانس پنهنجي اڪيڊميء جو بنياد رکڻ وقت هن کي
گهرايو ۽ پوءِ پيرس پندرهن سالن تائين هن کان واقف
رهيو. هيجنز ڏاڍو جرتمند ماڻهو هو جو هن نيوٽن کي
للڪار ڪئي ۽ پنهجي روشني ۾ لهرن واري نظريي
(Wave theory)
تي ڄميو بيٺو رهيو. نيوٽن ڀلي انهي تي چٿرون ڪري
پر زماني انهي کي تسليم ڪيو ۽ هيجنز جي تصور خلا ۾
جيڪو اهو ايٿر
(Ether)
اڇلايو انهي بابت ڪيترائي ڪتاب لکيا ويا.
3
جرمني به پنهنجي عظيم شخصيت کان خالي نه رهي ۽ اتي
به انسانن جو هڪ استاد سگهاري نيوٽن سان سينو ساهي
رهيو هو. سترهين صدي جو ارسطو ليبنيز
(Leibnitz)
ليپزيگ ۾ 1646ع ۾ ڄائو. هن ئي ماڻهو برلن ۾ اڪيڊمي
آف سائنس قائم ڪئي ۽ ويانا، پيٽرزبرگ ۽ ڊريسڊن ۾
اهڙيون اڪيڊميون ٺاهڻ ۾ مدد ڪئي. هو ڄائي ڄم کان
بلڪل جديد خيالن جو ماڻهو هو ۽ لاطيني پڙهائڻ جي
عمل تي تنقيد ۾ تقريباً سڀ کان پهريون آواز هن ئي
بلند ڪيو هو ۽ انهي بابت چيو هئائين: ”انهيءَ سان
ذهن جي تيزي گهڻو ڪري ختم ٿي وڃي ٿي.“ هن انهيءَ
رسم کي به بلڪل ٻاراڻو ڪوٺيو ته جيڪو ماڻهو هڪ مئل
زبان نه ٿو ڄاڻي ان کي جاهل ڪوٺيو وڃي.
ليبنيز پنهنجي ڊفرنشل ڪيلڪيولس تي نيوٽن سان
ٽڪراءُ ۾ اچي ويو. ٻنهي انهيءَ تي پنهنجي دعويٰ ٿي
ڪئي. بظاهر اها انهن ٻنهي پنهنجي منهن ايجاد ڪئي
هئي. رياضي جي انهيءَ شاخ کي صاف ۽ سادو علامتي
طريقو
(Notation)
ڏيڻ جو گهڻو ڪريڊٽ ليبنيز ڏانهن وڃي ٿو. پر نيوٽن
۽ ليبنيز ٻنهي تي 1601ع ۾ ڄاول پيري ڊي فيرماٽ
(Pierre de Fermat)
جو وڏو ٿورو آهي جنهن پاران
Curves
تي ٿيل ڪم سان دنيا کي انهيءَ ڊفزنشل ڪيلڪيولس
بابت پهريون اشارو مليو. اهو فيرماٽ هڪ سڌو سنئون
۽ غرور ۽ تڪبر کان خالي ڏاهو ماڻهو هو جنهن جي
جديد رياضي کي تعظيم ڪرڻ گهرجي.
نيوٽن جي دوست ۽ شاگرد ايڊمنڊ هيلي (1742-1656ع)
جيئن اسين اڳ ۾ پڙهي آيا آهيون نيوٽن جو ڪتاب
”پرنسيپيا“ دنيا کي ڏياريو.
هو نيوٽن کان 14 سال ننڍو هو ۽ پنهنجي استاد کان
15 ورهيه پوءِ 1742ع ۾ انهيء بي مثال شخص جي
پيدائش کان هڪ سو سال پوءِ فوت ٿيو. هو سدائين ٻين
جي ڪمن ڏانهن جهڪاءُ نه رکندو هونه ئي ٻين جي ڪمن
سبب مليل عزت کي پنهنجو ڪندو هو. هن کي پنهنجا
خيال هوندا هئا جيڪي کيس دريافتن ۽ نظرين ڏانهن
ڌڪيندا رهندا هئا. هن جا گهٽ ۾ گهٽ ٻه نظريا مقبول
ٿيا ۽ اهي هاڻي مشترڪ معلومات ٿي ويا آهن. هن اتر
قطب جي فضائن ۾ رات جي وقت نظر ايندڙ روشني
Aurora borealis
کي مقناطيسي اصليت وارو قرار ڏيندي برف جي ميدانن
تان سج جي روشني منعڪس ٿيڻ واري نظريي کي رد ڪيو ۽
هن پڇڙ تارن بابت پهريون دفعو ڪا سمجهه تي ٻڌل
وضاحت پيش ڪئي.
هيلي جي نظر ۾ اهي ڇڊا پاڊا ايندڙ مهمان موت ۽
بدقسمتيءَ جا پيغامبر نه هئا. سندس دماغ ۾ نيوٽن
جو ڪم موجود هوندي هن جو رايو هو ته ستارن ۾ ڪا به
بي ترتيبي نه آهي تنهن ڪري ستارا به لازماً فطري ۽
باقاعدي مظهر هوندا. هن اهو سوچي پراڻن رڪارڊن تي
نظر وڌي ته متان انهن مان ڪجهه خبر پوي. اهو ستارو
صدين کان وٺي تقريباً پنجهتر سالن جي وقفن سان
ظاهر ٿيندو رهيو هو. پوءِ ته انهي جو ڪو مدار به
ضرور هوندو ۽ حساب ڪرڻ سان انهيءَ جي خبر پئجي
ويندي. اهڙي طرح هن هڪ تمام وڏو ڪم پنهنجي ذمي کڻي
ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ کيس پنهنجيون اڳڪٿيون مليون
جيڪي 1759ع پڇڙتاري جي واپسي کان وٺي مقرر وقفن
سان 1910ع تائين صحيح ثابت ٿينديون آيون آهن.
4
اسڪاٽلينڊ ۾ 1728ع ۾ ڄاول جوزف بلئڪ ڪيمسٽري ۾
کوجنائون ڪيون. هن انهي وقت رائج انهي نظريي تي
ڪجهه سخت وار ڪيا ته باهه ۾ فلوجسٽن نالي هڪ اصول
هوندو آهي جيڪو سڙندڙ شين ۾ داخل ٿي ويندو آهي
سندس تجربن انهي سوچ جي نفي ڪئي ۽ کيس سندس لفظن
مطابق بيٺل هوا
(Fixed air)
جي دريافت تي پهچايو. هن پنهنجين شين جو تجربي کان
اڳ ۽ پوءِ وزن ڪري ڪيميائي تجربن ۾ پهريون دفعو
تارازي ڪم آندي. هن مخفي حرارت
(Latent heat)
۽ مخصوص حرارت
(Specific heat)
جو اڀياس ڪيو ۽ انهن بابت لکيو ۽ سندس ڪم جيمس واٽ
۽ سندس اسٽيم انجڻ جي راهه هموار ڪئي.
پر بلئڪ جيئن ته بيمار ۽ گلاسگو ۾ پنهنجين
پيشيوراڻين ذميوارين ۾ رڌل رهندو هو تنهن ڪري ڪنهن
به ڳالهه کي نتيجي تي نه پهچايائين. هن تمام
ٿوريون شيون ڇپرايون ۽ کيس ايندڙ نسلن ۾ پنهنجي
جاءِ ٺاهڻ ۾ به ڪا دلچسپي نه هئي.
5
هڪ ڊڄڻي، گوشه نشين ۽ دولتمند هينري ڪيونڊش هوا تي
ڪم کي اڳتي وڌايو. اهو ڊگهو، سنهو ۽ ماٺيڻو ڪيونڊش
1731ع ۾ ڄائو ۽ وچ عمر جو ٿيڻ تائين سندس دارومدار
پيءَ جي پئسن تي هوندو هو.هو ميراث ملڻ سبب چاليهن
ورهين جي ڄمار ۾ انگلينڊ جو هڪ امير ترين ماڻهو ٿي
ويو. انهيءَ دولت سندس زندگيءَ جي انداز ۾ ڪا
تبديلي نه آندي. سندس درزي سال ۾ هڪ دفعو هن وٽ
اچي ڪپڙن جو هڪ وڳو کيس ڏئي ويندو هو. پراڻا ڪپڙا
تيستائين هڪ سال جي لڳاتار چوڙ کانپوءِ کُسي ۽ ڳري
لوڻ ٿي ويندا هئا. هيءَ عورتن کان نفرت ڪندڙ ماڻهو
هو ۽ ڪڏهن به شادي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو
هئائين. اڃا وڏي ڳالهه اها ته هن پنهنجي گهر جي
نوڪرياڻين کي اها هدايت ڏئي ڇڏي هئي ته اهي سندس
نظرن کان پري رهن ۽ اهي جيڪڏهن هن جي نظر تي چڙهي
ويون ته سندن نوڪري انهيءَ ئي وقت ختم ڪئي ويندي.
هو انهن کي نه ئي ڏسندو هو نه ئي انهن سان
ڳالهائيندو هو. هو روز کاڌي پيتي بابت هڪ نوٽ لکي
رکندو هو جتان اهو گهرجي نگران کڻي ويندي هئي.
ڪيونڊش نظم ضبط ۽ سليقي کي جنهن حد تائين پهچائي
ڇڏيو هو انهي ۾ وڌيڪ ڪو اضافو نه ٿي سگهي ها. هو
پنهنجي لائبريري ۾ پنهنجي استعمال لاءِ ڪو ڪتاب
طاق تان لاهيندو هو ته اهو پنهنجي نالي تي درج ڪري
ڇڏيندو هو ۽ اهو واپس رکڻ وقت به اهڙي داخلا ضرور
رکندو هو. ماڻهو کي اهو سوچي ئي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي
ته هو جيڪڏهن بي ڌياني ۾ پنهنجا رڪارڊ گڏوچڙ ڪري
ڇڏي ها ته هوند ڇا نه ٿي وڃي ها!
هو هفتي ۾ هڪ دفعو رائيل سوسائٽي جي ميمبرن سان گڏ
وڃي ڊنر ڪرڻ کانسواءِ ڪيڏانهن به نه ويندو هو.
اهڙي طرح اهو ڏٻرو ۽ ڊنل ماڻهو ڏاڍي ترتيب سان
فطرت جي اسرارن بابت کوجنائون ڪندو رهيو. هو ڪڏهن
به جوش ۾ نه ايندو ۽ هو ڪڏهن به تڪڙ نه ڪندو هو نه
ئي ڪڏهن ڪم ڦٽائي ويهندو هو. هو عجيب ۽ سهڻين
صداقتن جي ڳولها ۾ رهندو هو ۽ اهي حاصل به ڪندو
هو. هن پنهنجي محبوبه سائنس لاءِ پنهنجي زندگي وقف
ڪري ڇڏي هئي. اها هن کي پاٻوهه سان هلائيندي مٿس
اڌ کليل اکين سان مسڪرائيندي رهي. اهڙي طرح اهو
عجيب ماڻهو جنهن نه پاڻ ڪنهن سان محبت ڪئي نه ٻئي
ڪنهن کيس پيارو رکيو سو زندگي جا 80 ورهيه گذاري
وڃي پار ٿيو.
6
ڪيونڊش بلئڪ واري ”بيٺل هوا“ ڳولهي ورتي ۽ ان جو
وزن ڪيو. هو اڃا اڳتي وڌيو ۽ هائڊروجن دريافت
ڪيائين جنهن کي ٻرندڙ هوا
(Inflammable air)
جو نالو ڏنائين. هن انهن شين تي جن کي اڃا گئس جو
نالو نه ڏنو ويو هو، ڪيترائي تجربا ڪيا هن اهو به
ڏسي ورتو ته عام هوا جنهن ۾ نوَ حصا بيٺل ڪاربان
ڊاءِ آڪسائيڊ آهي سا ٻرڻ ۾ مدد نه ٿي ڪري.
پوءِ هن پنهنجي توجه بجلي ڏانهن ڪئي ۽ احتياط سان
ڪيترائي تجربا ڪيا. پر انهن مان گهڻا هن پاڻ تائين
محدود رکيا. سندس نوٽ سندس وفات کان پنجاه ورهيه
پوءِ ڇپائي هيٺ آيا. تيستائين دنيا ڪيونڊش جي ٿيل
ڪم کان گهڻو اڳتي وڌي چڪي هئي.
وقت جي شروعات کان وٺي سائنسدان پاڻيء کي به هوا
وانگر رواجي شي سمجهي ڪا به اهميت نه ڏيندا هئا.
اهو هڪ سادو عنصر هو تنهن ڪري انهيءَ تي سرکپائڻ
جي ضرورت نه هئي. پر هر ڳالهه تي سر کپائيندڙ اهو
ڪيونڊش ڪنهن به شي کي رواجي سمجهي انهي کي ڇڏي نه
ڏيندو هو. هن محسوس ڪيو ته پاڻي به ڪجهه سوچ ويچار
جو حقدار آهي.
ٿورو تصور ڪريو ته هن ماڻهو جڏهن پاڻي جي مرڪب
ماهيت دريافت ڪئي هوندي ته ڪيترو نه گهرو اطمينان
محسوس ڪيو هوندائين. هن جڏهن عام هوا ۽ هائڊروجن
جي ميلاپ مان بجلي جو ڪرنٽ موڪليو ته هو حيرت ۾
وجهندڙ نتيجي لاءِ تيار نه هو. اها گهم ڪيئن پيدا
ٿي ۽ سندس هوا جو مقدار
(Volume)
ڇو گهٽيو؟ هن هائڊروجن جو تناسب وڌائي وري ڪوشش
ڪئي. بجلي جو ڪرنٽ گذارڻ سان مقدار گهٽجي ويو ۽
گهم ۽ خالص پاڻي جو چڱو خاصو مقدار موجود ٿي ويو.
7
بلئڪ ۽ ڪيونڊش ڪيمسٽري کي تمام اڳتي وڌايو. انهيءَ
ڪم ۾ 1733ع ۾ ڄاول سندن همعصر پريسٽلي
(Priestly)
به مدد ڪئي. آمريڪا انهيءَ جوزف پريسٽلي جي مدد
سان پهريون دفعو سائنس جي عالمي تصوير ۾ شامل ٿيو.
مغربي دنيا مان اهو پهريون اشارو ڪنهن باغي هٿان
ٿيڻ ڏاڍي مناسب ڳالهه لڳي ٿي. پريسٽلي ڄائي ڄم کان
Non conformist
هو ۽ قومي حڪومتي چرچ
(Established Church)
کيس پنهنجو ذهن تبديل ڪرڻ تي آماده نه ڪري سگهيو.
پوءِ هو يونيٽري (خدا جي وحدانيت جو قائل ۽ تثليت
کي نه مڃيندڙ- سنڌيڪار) ٿي ويو.
جوزف مذهبي دائري کان ٻاهر به پنهنجن باغياڻن
خيالن جو اظهار ڪيو. هن 1765ع ۾ ئي برطانوي حڪومت
کي ٻڌائي ڇڏيو ته آمريڪ ڪالونين سان سندس هلت
بيوقوفاڻي آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ وقت هن تي ڪنهن
به ماڻهو ڪا به توجه نه ڏني.
پريسٽلي جيتوڻيڪ پادري هو ۽ گهڻو وقت انهي ڪم کي
ئي ڏيندو هو ته به هو سائنس ۾ کوجنائون ڪرڻ کان
باز نه رهي سگهيو. هن کي اهڙو ئي ذهن مليل هو جيڪو
سدائين ڄاڻ حاصل ڪرڻ چاهيندو هو. انهي خصوصيت جي
سبب ئي هن ننڍپڻ ۾ ئي لاطيني ۽ يوناني ٻولين جو
اڀياس شروع ڪيو ۽ جڏهن بيماري سبب اسڪول نه پئي
وڃي سگهيو ته سرياني، ڪلداني، عربي عبراني ۽ ڪجهه
وقت کانپوءِ فرانسي، جرمن ۽ اطالوي سان هٿ چراند
شروع ڪيائين. انهي سان گڏوگڏ هو فلسفي سان لاڳاپيل
سڀ ڪا شي پڙهندو رهندو هو.
هن 28 ورهين جي ڄمار ۾ ڪيمسٽريءَ جو مطالعو شروع
ڪيو ۽ انهي تي اچڻ کانپوءِ هو چڱو اڳتي وڌي ويو پر
ڍنگ ۽ ترتيب ڪڏهن به سندس امتيازي خصوصيت نه رهيا.
هو پاڻ به چوندو هو ته سندس دريافتون گهڻو ڪري حسن
اتفاق جو نتيجو آهن.
حسن اتفاق هجي يا نه پر هن هڪ اهڙو ڪم ڪيو جيڪو
سندس ياد تازي ڪريون ويٺو آهي. هن آڪسيجن دريافت
ڪئي جنهن کي هن
Dephilogisticated air
جو نالو ڏنو. اهو فلوجسٽن نظريو جنهن ۾ هاڻي ماڻهن
جي دلچسپي فقط آثار قديمه طور رهي آهي سو سترهين
صدي جي آخري اڌ ۾ بيخر ۽ اسٽال
(Becher and Stahl)
نالي ٻن جرمنن جي ڪم جو نتيجو هو. اسٽال جو چوڻ هو
ته حرارت مان ڪا شي هن زائل ٿئي ٿي انهيءَ ڪنهن شي
کي فلوجسٽن جو نالو ڏنو يعني ٻرندڙ مادو. باهه
بذات خود نه پر باهه جو هڪ اصول. اسٽال کي انهي
بابت بلڪل خبر نه هئي ته ٻرڻ ۾ هوا جو هڪ عام عنصر
ڪتب اچي ٿو.
پريسٽلي پنهنجي سموري زندگي انهيءَ نظريي کي
چنبڙيل رهيو. اها ڳالهه کيس پاري کي ساڙي انهيءَ
مان حاصل ٿيندڙ ڳاڙهاڻ مائل ڀوري پائوڊر تي
احمقاڻا جربا ڪرڻ کان به باز نه رکي سگهي. هن انهي
پائوڊر يعني پاري جي
Red oxide
کي ساڙيندڙ شيشي سان فقط انهي ڪري گرم ڪري ڏٺو ته
نتيجي ۾ ڇا ٿو ٿئي. هن کي ڏسڻ ۾ آيو ته انهي عمل ۾
هڪ اهڙي گئس خارج ٿئي ٿي جنهن ۾ ميڻ بتي عام هوا
کان سٺي نموني ٻري ٿي. هو اهو ڏسي به حيرت ۾ وٺجي
ويو ته ڪوئا انهيءَ هوا ۾ سرگرمي ڏيکارڻ لڳن ٿا ۽
مجموعي طور لڳي ٿو ته انهيءَ کي پسند ڪن ٿا.
هن انهيءَ کي
Dephilogisticated air
جو نالو ڏنو. پر حقيقت اها آهي ته دنيا جي تاريخ ۾
آڪسيجن پهريون دفعو عام هوا کان ڌار ڪري شيشي جي
هڪ برنيءَ ۾ بند ڪئي وئي هئي. انهي تي اهو نالو به
جلد ئي پوءِ هڪ فرانسيءَ رکيو.
ڪيونڊش پاڻي جي عنصر هئڻ واري نظريي کي درهم برهم
ڪري ڇڏيو هو. هاڻي پريسٽلي هڪ ٻئي عنصر هوا کي
چيري ڦاڙي ڇڏيو. انهن سائنسي ماڻهن جي نظرن ۾ ڪا
شي مقدس به رهندي الائجي نه..!
8
پريسٽلي ٻيا ڪم به ڪيا جيڪي ايتري اهميت نه ٿا
رکن. انهن ۾ مذهب ۽ سندس لفظن ۾ ته فلسفي تي به
ڪتابن جو هڪ وڏو تعداد آهي جيڪي چڱو ٿيو جو اڄڪلهه
ڪير به نه ٿو پڙهي. انهن ۾ هن پائيدار زندگي جا
خواب ڏنا آهن. پر پريسٽلي جي نظرن ۾ لافانيت ۽
دوام جو شعلو انهيءَ ڳاڙهاڻ مائل ڀوري پائوڊر ۾
رکيل هو.
هو پيدائشي طور تي ٿڌي زندگي گذارڻ وارو ماڻهو نه
هو ۽ پنهنجن جذبن ۽ احساسن هيٺ هيڏانهن هوڏانهن
ٿيندو رهيو. انهن کيس ڳوٺاڻو پادري ٿي ماٺ ڪري
ويهي رهڻ نه ڏنو نه ئي کيس ايٽلانٽڪ سمنڊ کان
ايندڙ للڪارن جي آوازن ۽ پوءِ وري پيرس کان ايندڙ
گهگهين رڙين کان پنهنجا ڪن بند ڪرڻ ڏنا.
هو برمنگهم ۾ سيٽ ٿي آرام سان ويٺل لڳندو هو. اتي
ئي هن انسان ۽ مذهب جي موضوع تي اڀياس ۽ تجربا ڪيا
۽ چارلس ڊارون جي ڏاڏي اراسمس ڊارون سان بحث
مباحثا ڪيا. انهن ٻنهي ڏاڍو عجيب وقت گذاريو هوندو
جيڪي هڪٻئي جي نظرين کان ته نفرت ڪندا هئا پر شخصي
طور هڪٻئي سان محبت ڪندا هئا.
اها ماٺ برقرار نه رهي سگهي. انهيءَ ۾ ڏاڍي خراب
نموني رخنو پيو. برمنگهم جي ڪانسٽيٽيوشنل سوسائٽي
جولاءِ 1791ع ۾ ٻه سال اڳ پيرس جي باسٽل جيل جي
ڀڄڻ جي ياد ملهائڻ لاءِ هڪ ڊنر جي رٿ رٿي. برمنگهم
جا معزز شهري اها ڳالهه برداشت نه ڪري سگهيا. انهن
هڪ ميڙ گڏ ڪري انهن جشن ملهائيندڙن کي ڀڄائي ڇڏيو
۽ چيو ته: هن واتوڙي پادريءَ کان جان ڇڏائڻ جو
هيءُ بهترين وقت آهي. هي اسان جي دين سان واسطو نه
ٿو رکي تنهن ڪري مٿس ڦٽڪار لازمي آهي.
پريسٽلي ۽ سندس ڪٽنب انهيءَ پاڪباز ميڙ جو هُل ٻڌي
ورتو ۽ هٿين خالي پنهنجيون جانيون بچائي ڀڄي ويا.
ميڙ گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري گرجا گهر کي ساڙي برمنگهم
جي آسمان تي دونهين جو گهاٽو ڪڪر موڪلي ڇڏيو. اهڙي
طرح سموري زندگيءَ جو ٿيل ڪم تباه ٿي ويو.
پريسٽلي لنڊن ۾ پناه ورتي. کيس اتي بچاءِ جي پڪ
هئي بچاءِ! هائو پر اتي چئني طرفن کان مٿس ماڻهن
جي ڏاڍيي اڻ وڻندڙ توجه هوندي هئي. سندس ٽي پٽ
اڳيئي آمريڪا ۾ هئا انهن مٿس اوڏانهن اچڻ تي زور
ڀريو. اهڙي طرح جوزف ۽ سندس زال 7 اپريل 1794ع تي
نيويارڪ ڏانهن سامونڊي سفر جي شروعات ڪئي. هو ٽن
ڏينهن گهٽ ٻه مهينا سفر ۾ رهيا ۽ 4 جون تي ڪناري
تي لهي نارٿمبرلينڊ پينسلوانيا ويا هليا. اهي پوءِ
بهتر وقت جي اميد رکي اتي ويهي رهيا.
پريسٽلي آمريڪا جي ويراني ۾ ڏهه سال ٺوٺيون هڻندو
رهيو جڏهن ته هن جون اکيون يورپ ۾ اٽڪيون پيون
هيون. وري انگلينڊ جو ڪنارو ڏسڻ سندس نصيب ۾ نه
هو. هن 6 فيبروري 1804ع تي پنهنجن ڪتابن ۾ هتي هتي
ڪجهه تبديليون ڪرائي پنهنجي ذمي ڪم کي پڄاڻي تي
پهچايو ۽ پٺتي آهلجي ماٺ ميٺ ۾ سمهي پيو. انهي ننڊ
مان هو هن دنيا ۾ وري ڪڏهن به سجاڳ نه ٿيو.
9
ارڙهين صدي جي ڪنارن سان وڏي زور شور سان
ٽڪرائيندڙ هن تحريڪ سائنس جي ڪنهن به شاخ کي گهٽ
اهميت وارو نه سمجهيو. ويندي انهيءَ متيون
منجهائيندڙ خوفناڪ شي بجلي کي به نه! سترهين صدي
جي پڄاڻي تي به عملي طور ڪير به انهي کان واقف نه
هو. انهي وليم گلبرٽ جي
The magnet
نالي ڪتاب ۾ ڪجهه اڻ لکيا آواز ڪيا هئا. انهيءَ
موضوع تي دنيا جي سموري ڄاڻ انهي ڪتاب ۾ سمايل
هئي. فرانسس هاڪس بي
(Francis Hawks bee)
پاري مان هوا گذارڻ سان وجود ۾ ايندڙ روشني ڏسي
ورتي. هن ڏاڍي ذهانت سان اندازو هڻي ورتو ته هن
جيڪا شي ڏٺي آهي اها بجلي ته ڪانهي؟
گري ۽ وهيلر ڪم کي هٿ ۾ کنيو ۽ اها ڳالهه ڏسي ورتي
ته مختلف مادن ۾ پُسرائڻ جي سگهه
(Conductivity)
مختلف آهي. انهيءَ دريافت ڊوفي
(Duffy)
جي مدد ڪئي جيڪو اهو ڏسي حيران ٿي ويو ته بجلي جا
ٻه قسم آهي: واڌو ۽ ڪاٽو. واٽسن
(Watson)
ڪم جاري رکندي اها کوجنا ڪئي ته اها پاڻياٺ ڪهڙي
شرح
(Rate)
سان سفر ڪري ٿي. هن پوءِ 27612 فوٽ ڊگهي تار سان
اها ٽيسٽ ڪئي. وقت؟ ڪجهه به نه اهو فاصلو بنا دير
طي ٿي ويو.
مغربي دنيا ۾ پيدا ٿيل سڀ کان وڏي ذهن بينجامن
فرينڪلن وٽ آزمائي ڏسڻ جهڙو هڪ نظريو هو جيڪو
خطرناڪ به ٿي سگهيو ٿي پر اهو لازماً جوش ۾ ڀري
ڇڏي ها. بجلي جو چمڪو ۽ انهي مان ٿيندڙ ٽڙڪاٽ جي
خبر پئجي وئي. فرينڪلن فلاڊلفيا ۾ هلندڙ گجگوڙ
واري طوفان کي ڏسندي انهيءَ مسئلي تي سوچ ويچار
ڪئي: چمڪو ۽ ٽڙڪو، چمڪاٽ ۽ گجگوڙ؛ ڇا اهي ٻئي
ساڳيون شيون هيون؟ اها ڳالهه معقول لڳي ٿي.
بشرطيڪه ماڻهو انهي مان ٿوري وڃ ڇڪي هيٺ لاهي ٽيسٽ
ڪري ڏسي ته اها حقيقت ۾ ڇا آهي.
ورن وڪڙن واري چمڪاٽ کي زمين تي آڻڻ وارو سندس
مسئلو سندس ذهن ۾ اها ترڪيب اچڻ سان حل ٿي ويو ته
گجگوڙ جي وقت هڪ لغڙ کي ڪڪرن جيترو مٿي اڏارجي. هن
پوءِ اهڙو لغڙ اڏاريو. مينهن ڏوريءَ کي پسائي ڇڏيو
هو ۽ بينجامن جي ڏوڏي سان ٻڌل ڪُنجي مان هڪ شعلو
نڪتو. معنيٰ ته اها شي جيڪا مٿي اٿل پٿل ۽ گوڙ شور
پئي ٿي ڪري اها بجلي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي.
جيڪا هڪ ڪڪر کان ٻي ڪڪر تائين چمڪي ۽ ڌماڪي جي
قدرتي سنگت سان گڏ ٽپا پئي ٿي ڏئي. اهڙو تجربو
فطرت کي سادو ڪري ڏيکاري ٿو.
اهڙي طرح ڪڪرن کان ڪنهن حد تائين سندن ڏهڪاءُ کسجي
ويو ۽ بينجامن فرينڪلن جو نالو دنيا ۾ وڄي ويو.
زيس
(Zeus)
ديوتا کان سندس ڪڙڪاٽ کسجي ويو ۽ ماڻهن جي ذهن ۾
حيرت انگريز صداقتون حاصل ڪرڻ جيتري پختگي اچي
وئي.
10
انهن سڀني ڳالهين انسان جون صدين کان زور سان بند
پيل اکيون کولي ڇڏيون هيون. ڦهڪو ڪري ڪرندڙ بتن جي
ڌماڪي کيس ڇرڪائي وڌو هو. اسڪاٽلينڊ جي چالاڪ
رهواسي جيمس واٽ کي پنهنجي اسٽيم انجڻ ڏسي ڏندين
آڱريون اچي ويون ۽ ڪنهن به مٿس اهو الزام نه مڙهيو
ته هو شيطان سان ٻٽ لڳو پيو آهي. ويندي جڏهن اها
هلندي هئي ۽ سندس گجگوڙ ۽ دونهون ميلن تي ٻڌڻ ۾
ايندو هو تڏهن به ڪير ائين نه سوچيندو هو.
هڪ ٻئي ديو جا بند خلاص ٿيا جيڪو دنيا ۾ اسٽيل جي
پٽڙين تي ڏنگڙ ونگڙ هلڻ، خبرداري جون ڪوڪون ڪرڻ،
انساني زندگي کان پنهنجو ڏن وٺڻ ۽ پنهنجو متيون
منجهائيندڙ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار هو.
کهري ۽ پنهنجن طور طريقن سان هلندڙ واٽ جي ڪڏهن
خواب خيال ۾ به اها ڳالهه نه آئي هئي ته هو نئين
دور جو پيغمبر ٿيندو. قسمت کيس انهيءَ لاءِ چونڊي
ڇڏيو هو. ايجادن جي دور جي باک ڦٽي چڪي هئي.
ڪتڻ جي چرخي ۽ پاور تي هلندڙ آڏاڻو انسانن جي ذهنن
مان نڪري آيا جڏهن ته ڪنيڪٽيڪٽ جي هڪ هوشيار حرفتي
ايلي وٽني
(Eli Whitney)
ڪپهه خان
(King Cotton)
کي ارٽي جو تاج پهرائي ڇڏيو جنهن سان وڏي پيماني
تي پيداوار ممڪن ٿيڻ سان گڏوگڏ غلامي کي نئين
زندگي ملي ۽ گهرو لڙائي اڻٽر ٿي وئي.
انگلينڊ ۾ هڪ اهڙو عجيب منظر نظر آيو جهڙو انسان
اڳ ۾ ڪڏهن نه ڏٺو هو يعني اهڙي گئس جيڪا ٻري به ٿي
۽ ڌماڪو به نه ٿي ڪري. اهو معجزو وليم مرڊوخ ڪري
ڏيکاريو. هي گهرن ۽ گهٽين لاءِ اهڙي روشني هئي
جيڪا ڪيترين ئي ميڻ بتين کان وڌيڪ طاقتور هئي. اهو
مرڊوخ به ڪهڙو نه جادوگر چئبو! انسان انهيءَ کان
بهتر روشني جي اميد ۽ تصور ئي نه ٿو ڪري سگهي.
11
ارڙهين صدي جا اهي ڏينهن ڏاڍا اچرج ۾ وجهندڙ هوندا
هئا. ماڻهو ڪڏهن به صحيح نه ٻڌائي سگهندو هو ته هو
ڪٿي بيٺو آهي. تخليق جي شروعات ۾ خدا جو عڪس بيٺو
آهي جتي هڪ گهڙي اڳ هو پاڻ بيٺو هو. جتي سندس ابا
ڏاڏا ڌنڌلي اڻ چٽي وقت ۾ بيٺا هئا.
پرلينس جي نالي سان مشهور سئيڊن جو رهواسي ڪارل
وون ليني
(Carl Von Linne)
پنهنجين درجي بندين تي وڏي مٿا ڪٽ ۽ سوچ ويچارڪئي.
هو ڄائي ڄم کان درجي بنديون ڪندڙ
(Classifier)
هو. هو ٻوٽن ۽ جانورن سان گڏوگڏ خود انسان کي به
پنهنجي نظام ۾ گهلي آيو. هن پاڻ کي باندرن جو
سربراه ڪري بيهاريو يعني باندرن، لنگورن ۽ چمڙن
سان گڏ پرائيميٽس
(Primates)
جي آرڊر ۾ هوموسيپئنز..!
مستقبل جي سائنس انهيءَ لينس ۾ پنهنجو ماڻهو ڳولهي
ورتو هو. سائنس کي ڪنهن نظام جي ضرورت هئي. ڪنهن
نظام کانسواءِ اڀياس ۽ ڀيٽ ڪرڻ جي صورت ۾ ڪم ڪندڙ
هڪ گول ۾ پيو ڦرندو آهي لينس پاڻ کانپوءِ ايندڙ
عقلمند ماڻهن جي مدد ڪندي اهو سمورو معاملو ٺيڪ
ڪري ڇڏيو. هن ئي ماڻهو ارسطو جو پلان رد ڪري ڇڏيو
۽ پاڻ توڙي دنيا لاءِ هڪ گهڻو بهتر نظام ٺاهيو.
اها ڳالهه به اهميت رکي ٿي ته انسان هاڻي اهڙي طرح
پنهنجي هيٺان خاص تخليق (Special
Creation)
جو تخت نڪرندي ڏسڻ لاءِ آهستي آهستي تيار ٿي رهيا
هئا. اها ڳالهه ايتري حيرت ۾ وجهندڙ نه آهي ته اهي
انهيءَ کي چنبڙي پيا پر ڪجهه ماڻهن کي اڃا تائين
انهي سان چنبڙيل ڏسي ڪجهه حيرت ضرور ٿئي ٿي. سڀني
ماڻهن کي فوري طور اها ڳالهه سمجهه ۾ نه اچي سگهي
ته اڳوڻو شان گهڻو وقت گذرڻ جي ڪري حيثيت وڃائي
ويٺو هو ۽ انهيءَ ڦورو سائنس جي هٿن ۾ هڪ نئين ۽
وڌيڪ چمڪدار پوشاڪ ۽ وڌيڪ اوچو ۽ وڌيڪ سهڻو تخت
انتظار ۾ هو جيڪا وڏي وٺ سٺ ڪندي انهن پراڻين
پوشاڪن کي چيريندي ڦاريندي پئي وئي جن کي ماڻهو
مضبوط ارغواني رنگ مان ٺهيل سمجهي ويٺا هئا.
12
ماڻهو ڪيئن نه هوا جهڙڻ هلڪن ۽ چانڊوڪي مان ٺهيل
پراڻن تصورن کي چنبڙي پون ٿا. پورالو ۽ ننڍين
ننڍين ڳالهين تي ڪاوڙ جي پوندڙ خدا به عام سينن
سان مضبوطي سان چنبڙيل هڪ خدا هو.
ڀلي جنهن کي وڻي انهي تصور کي چنبڙيو رهي. پر 28
مارچ 1749ع تي نارمنڊي (فرانس) ۾ ڄاول ماڻهو
انهيءَ کي نه چنبڙندو. هن کي ماڻهو دهريو ۽ مُلحد
چوندا پر هو ڦرڻي گهرڻي خدا آڏو ڪڏهن به گوڏا نه
کوڙيندو. پيري سائمن لئپلاس (Pierre
Simon Laplace)
هڪ ننڍي آبادگار جي پٽ کي پنهنجو نالو سموري دنيا
۾ وڄائڻو هو ۽ ڪيتريون ئي اهڙيون شيون جن کي
عقلمند ماڻهو قيمتي سمجهن ٿا سي ڏئي هڪ امير ٿي
مرڻو هو ۽ پنهنجي لاءِ هڪ خطاب ۽ اعزاز حاصل ڪرڻو
هو.
لئپلاس پنهنجي 78 ورهين جي عمر دوران بار بار زور
سان اها ڳالهه ٻڌائيندو رهيو ته ستارن ۽ گرهن ۾
ڪابه غير يقيني نه آهي. هو انهي ڪم کي لڳي ويو ۽
تمام ڏکين حسابن جي مدد سان اها ڳالهه ثابت ڪري
ڏيکاريائين. اهي حساب غير رياضياتي ذهن رکندڙ
ماڻهو لاءِ سمجهڻ ڏاڍا ڏکيا آهن.
پر هيءَ ڪائنات ڪٿان آئي آهي ۽ روشني جي رفتار سان
هلڻ کانپوءِ به هن سفر جي پڄاڻي ڪٿي ٿيندي؟ لئپلاس
ستارن تي اکيون کُپائيندي ۽ ٻين ماڻهن جي ڪتابن ۾
ڳولهائون ڪندي اهو سوال پيو پڇندو هو. عمانيوئيل
ڪانٽ 1755ع ۾ هڪ اهڙو خيال پيش ڪيو. جيڪو سوچ
ويچار جي قابل هو. لئپلاس اڳتي قدم وڌائيندي انهي
کي پنهنجو ڪري ڪائنات جي پنهنجي نظام ۾ شامل ڪري
ڇڏيو ۽ عظيم جرمن فيلسوف پاران پوکيل ننڍڙي ٻج جو
ذڪر ئي نه ڪيو.
لئپلاس انهيء نظريي تي پنهنجو نالو چنبڙائي ۽
Nebular Theory
جو نالو ڏئي اهو دنيا جي حوالي ڪري ڇڏيو. اهو
نظريو سڀني سٺن مذهبي ماڻهن لاءِ خوفناڪ هو جو
انهيءَ تخليقي نظام ۾ خدا جو ڪوبه ذڪر نه هو نه ئي
انهيءَ ۾ ذاتي طور هلائيندڙ خدا جي ڪا گنجائش هئي.
هيءَ دنيا جنهن جا پاڙيسري گرهه اصلي سج مان
اڇلائجي نڪتا هئا اها هڪ وسعت پذير ۽ تمام گرم گئس
واري حالت مان سُسندي هڪ ننڍڙي نهري جسم جو وجود
اختيار ڪري وئي آهي. جنهن تي توهان پنهنجا پير رکو
ٿا يا پنهنجي دوربين گهمايو ٿا. انهي کي نيبولا جي
پيدائش کان اڳ فقط ڪنهن لامحدود طور بعيد خدا جي
ضرورت هئي.
مشهور نيبولر مفروضي (Nebular
Hypothesis)
جو تت اهو آهي جنهنکي ”انساني ذهن طرفان پيش ڪيل
سڀ کان عاليشان“ نظريو پڻ ڪوٺيو ويو. انهيءَ نظريي
مفڪرن جي سوچ کي قابو ڪري ورتو ۽ هڪ صدي کان وڌيڪ
عرصي تائين هر هنڌ حاوي رهيو تان جو چيمبرلين ۽
مولٽن نالي ٻن آمريڪين وڌيڪ قابل قبول شڪل ۾ هڪ
نئون نظريو پيدا ڪيو.
اها به ڪا اچرج جهڙي ڳالهه نه آهي ته سٺن مذهبي
ماڻهن انهيءَ نظريي کي به ننديو. انهيءَ انهن کان
سزا ۽ جزا ڏيندڙ نجي خدا کسي ٿي ڇڏيو. پر تباهي جو
ڪم ته اڃا هاڻي شروع ٿيو هو. جيڪي ماڻهو پنهنجي
تصور کي آزاد نه ٿي ڪرائي سگهيا انهن لاءِ اڃا به
خراب ڳالهيون اچڻيون هيون. چڱو ٿيو جو انسان ۽ ان
جو ذهن ۽ سڀني عيسائي فرقن جا عظيم ۽ عقلمند ماڻهو
خدا کي هڪ فاصلي تان ڏسڻ ۽ کيس مضبوط ايمان سان
قابو جهلڻ جي قابل ٿي ويا.
باب ويهون
لوازيئر
جيئن اسان ڏسي چڪا اهيون ته بلئڪ، ڪيونڊش ۽
پريسٽلي فطرت سان جهُد پٽيا ۽ حيران ڪندڙ صداقتون
منظر تي آنديون. پر انهن کان به ڪنهن وڏي ماڻهو جي
ضرورت هئي جيڪو انهن حقيقتن جو تجزيو ڪري، انهن جي
سمجهاڻي ڏئي ۽ جهالت ۽ شڪ جي موجودگيءَ ۾ انهن
حقيقتن کي پنهنجن پيرن تي بيهاري. انيٽوئين لارينٽ
لوازيئر (Antoine
Laurent Lavoisier)
26 آگسٽ 1743ع تي پيرس ۾ پيدا ٿيو. تڏهن فرانس جي
تخت تي لوئي پندرهون ويٺل هو. اهو پيرس اڃا پنهنجي
بادشاهه سان وفادار هو. پر ممڪن هو ته اهو ئي پيرس
ايندڙ لوئي ۽ هن ٻارڙي اينٽوئين کي انقلاب جي منهن
۾ ڏئي ڇڏي. اهو بادشاهه جنهن کي هاڻي تمام پيارو (Well
Beloved)
سڏيو ٿي ويو. ان سان ڪير به محبت نه ڪندو ۽ اهو
ٿڙي ٿاٻڙي وڃي پنهنجي قبر ۾ پيو. سندس جانشين ۽
خوش مزاج قلف ساز وقت جي خوفناڪ لهرن کي منهن ڏيڻ
۾ بلڪل ناڪام ۽ بيوس ٿي هيڏانهن هوڏانهن اڇلجي
ڏاڍي خراب نموني پڄاڻي تي پهچندو.
اينٽوئين توڙي لوئي جي وڏي پٽ کي انهي اونداهين
مستقبل بابت ڪابه خبر نه هئي. هر ڪو ڏاڍو پر اميد
لڳو ويٺو هو. هڪ کي تخت جي اميد هئي ٻيو هڪ مختلف
قسم جي شان ۽ لافانيت جي اميد ۾ هو. بادشاهه جي
انهي وڏي پٽ جا ڀاڳ ڀلا ٿيا جو هو مري ويو ۽ اها
افراتفري اينٽوئين کان يارنهن سال ننڍي پنهنجي پٽ
لاءِ ڇڏي ويو. گهڻي وقت کان زور وٺندڙ اهو طوفان
ڏاڍي شدت سان پيرس جي گهٽين ۾ ڪاهي پوڻو هو . تمام
پياري پاران تخت ڇڏڻ کان 15 سال پوءِ وڳوڙڻ جو
طوفان لوئي ۽ اينٽوئين جي آسپاس لامارا ڏيڻ لڳو.
2
لوئي پندرهين جي مرڻ وقت اينٽوئين جي عمر 31 ورهيه
هئي. هو ايتري عمر ۾ ئي مشهور ٿي ويو هو. کيس
فرانس ۾ ملي سگهندڙ بهترين موقعا مهيا ڪري ڏنا ويا
هئا. سندس وڪيل پيءُ کيس مزارين ڪاليج (Mazarin
College)
موڪليو ۽ طبعي سائنس لاءِ سندس ذوق تي منهن نه
گهنجايائين ويتر کيس همٿايائين. هن ڇوڪري کي ڪاليج
کان ٻاهر اتاليقن وٽ رياضي، فلڪيات ۽ ڪيمسٽري پڙهڻ
جو موقعو ڏنو.
هن جي سامهون معلومات ڪهڙي به شڪل ۾ ايندي هئي هو
انهي کي هضم ڪري ڇڏيندو هو. هن هر شيءِ ۾ ٿاڦوڙا
هنيا ۽ هر شيءِ کي روشن ڪري ڇڏيو. هن 23 ورهين جي
ڄمار ۾ ڪنهن وڏي شهر کي روشن رکڻ جي بهترين طريقي
بابت مقالو لکي پنهنجو پهريون سونو ٻلو حاصل ڪيو.
توهان کي نظر ايندو ته هن ڪيميا دان جي ڪلهن تي هڪ
صاف ۽ منظم ڪندڙ ذهن هو. انهيءَ کيس ننڍي عمر ۾ ئي
اعزاز وٺرائي ڏنا. پر اهو اڳتي هلي کيس ڏک به
ڏياريندو.
هن پنهنجين سرگرمين جون ڪي به حدون مقرر نه ڪيون ۽
مونجهاري ڏانهن ڌوڪيندڙ حڪومت کي مشورا ڏيڻ شروع
ڪيا. تجرباتي زراعت! هن انهيءَ موضوع تي صلاحون
ڏنيون. نوٽن لاءِ اهڙو ڪاغذ جنهن جو نقل نه ٺهي
سگهي! هن انهي مسئلي جو تفصيلي جواب ڏنو. هن گن
پائوڊر (شورو، گندرف ۽ ڪوئلو ملائي تيار ڪيل
بارود. سنڌيڪار) بابت اشارا ڏنا ۽ مسميريزم (ننڊ
جي ڪيفيت جيڪا ڪنهن ماڻهو ۾ ٻئي ماڻهوءَ جي قوت
ارادي جي اثر سان پيدا ٿئي. سنڌيڪار)، واٽرسپلاءِ،
معذورن لاءِ ڪرسين ۽ زمين ۾ پاڻي يا معدنيات بابت
خبر ڏيندڙ اوزار بابت ڌڙاڌڙ مقالا لکندو ويو.
سائنسدانن ۽ عام ماڻهن ۾ اها مڃيل ڳالهه هئي ته
پاڻيء کي بار بار عرق ڪشي (distillation)
جي عمل مان گذارڻ سان اهو مٽي ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو.
پر لوازيئر چيو ته نه ۽ انهي نظريي کي غلط ثابت
ڪرڻ لاءِ تجربا ڪيائين. هو شروعات کان ئي سائنس جو
هڪ باغي هو ۽ مڃيل نظرين سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندو رهندو
هو ۽ اهڙين قديم روايتن بابت ذرو به پرواهه نه
ڪندو هو جيڪي حقيقت تي ٻڌل نه هونديون هيون.
3
ڪيمسٽري پنجاهه ورهين تائين ڏاڍي شديد نموني چُر
پر پئي ڪئي هئي. پر اها اڃا تائين زنجيرن ۾ هئي.
آزادي ڏياريندڙ اڃا. منظر تي نه آيو هو. لوازيئر
اهو ڪردار اختيار ڪيو.
فلوجسٽن نظريي اڳتي وڌڻ جو رستو روڪي ڇڏيو هو.
انهي جي موجودگيءَ ۾ ٻرڻ (Combustion)
يا هوا بابت ڪو درست نظريو منظر تي اچڻ ممڪن ئي نه
هو. لوازيئر انهي مسئلي کي هٿ ۾ کنيو جيتوڻيڪ کيس
پڪ نه هئي ته هو ڪٿي وڃي نڪرندو. ”ڇا به ٿي پوي
اچو ته انهي معاملي جي هڪ هڪاڻي ڪريون.“ هن چيو
”اچو ته ڏسون ته اسين سڀ اهو ڇا جي بابت پيا ٿا
ڳالهايون. جيڪڏهن فلوجسٽن جهڙي ڪا شي آهي ته اسين
انهي جي ٻِرَ تائين وڃي پهچنداسين. انهي کي اتان
ڇڪي ڪڍنداسين ۽ انهي کي اکين سان ڏسنداسين. جيڪڏهن
انهي جو وجود آهي ته منهنجي تارازي انهي جو پتو
لڳائي وٺندي.“
هن اڪيڊمي آف سائنس کي پهرئين نومبر 1772ع تي پيش
ڪيل مهربند نوٽ ۾ فلوجسٽن جي حمايت نه پر انهيءَ
جي ابتڙ رپورٽ پيش ڪئي. ”سلفر ۽ فاسفورس کي جڏهن
ساڙيو وڃي ٿو ته انهن جو وزن وڌي وڃي ٿو ڇاڪاڻ ته
اهي هوا جذب ڪن ٿا، پر جڏهن شيهي جي قلمي شڪل ۾
آڪسائيڊ
(Litharge)
کي ڪنهن بند ٿانو ۾ ڪوئلي سان ساڙيو وڃي ٿو ته
انهي جو وزن گهٽجي وڃي ٿو.“ سندس تارازي کيس اهي
ٻه حقيقتون ڏنيون.
بهرحال فلوجسٽن نظريو وجود برقرار رکندو آيو
ايستائين جو پريسٽلي کيس ”ڊي فلوجسٽيڪيٽد ايئر“
بابت ٻڌايو. انهيءَ کي نظر ۾ رکندي وڌيڪ تجربا ٿيا
۽ لوازيئر پاران ٺاهيل لفظ آڪسيجن
(Acid producer)
وجود ۾ آيو. انهي سان فلوجسٽن جي موت جو گهنڊ وڃي
ويو ۽ دنيا کي ٻرڻ جي عمل
(Combustion)
بابت هڪ درست نظريو مليو.
پر هائيڊروجن هڪ اسرار ئي رهي. انهيءَ کي بي نقاب
ڪرڻو هو ۽ اهو ڪم فرانسيءَ پنهنجي ذمي کنيو. ڌاتو
جڏهن تيزابن ۾ حل ڪيا وڃن ٿا ته هائيڊورجن ڇو خارج
ٿئي ٿي؟ سڙيل ڌاتن کي جڏهن ڌاتوئي صورت ۾ آندو وڃي
ٿو ته هائيڊورجن جذب ڇو ٿي ٿئي؟ لوازيئر انهن ٻن
سٺن سوالن جا ڪيونڊش جي مدد سان جواب ڏنا، جيتوڻيڪ
انهيءَ مدد جي مڃوتي نه ڪئي اٿس.
هن کي سڀ کان پهريان هائيڊروجن بابت ڪجهه ڄاڻ حاصل
ڪرڻ جي ضرورت هئي ۽ اهو اشارو کيس انهي سودائي
انگريز کان مليو پر لوازيئر ڪڏهن به انهيءَ ڳالهه
جو اقرار ڪرڻ ضروري نه سمجهيو. آڪسيجن ۽ هائڊروجن
گڏجي پاڻي ٺاهين ٿيون. ڳاڙهي تتل لوهي تار جي مٿان
ٻاڦ گذارڻ سان اها آڪسيجن خارج ڪري ٿي ايتري ڳالهه
لاءِ هوڪيونڊش جو ٿورائتو هو، باقي واضح سمجهاڻي
سندس پنهنجي ئي هئي.
تيزاب ۾ ڌاتن جي ڳرڻ جو دارومدار پاڻي جي ترڪيبي
جزن ۾ ورهائجي وڃڻ تي آهي. آڪسيجن ڌاتو سان گڏجي
Calx
ٺاهي ٿي جڏهن ته هائيڊورجن خارج ٿي وڃي ٿي. جڏهن
Calx
کي ڌاتو ئي حالت ۾ آندو وڃي ٿو ته هائيڊروجن
آڪسيجن سان گڏجي پاڻي ٺاهي ٿي ۽ ڌاتو رهجي وڃي ٿو.
اها ڳالهه بلڪل سادي نه ٿي لڳي؟ پر انهيءَ لاءِ
لوازيئر جي ذهانت گهربل هئي. جيڪو بلڪل صحيح تصور
ڪري سگهي ته حقيقت ۾ ڇا ٿو ٿئي ۽ پوءِ انهيءَ کي
اهڙن لفظن ۾ بيان ڪري جيڪي سڀ سمجهي سگهن. اهو
بيان منظر تي اچڻ سان فلوجسٽن هميشه لاءِ زمين جي
تختي تان گم ٿي ويو. جتي هاڻي ان لاءِ ڪا به جاءِ
نه رهي هئي.
4
لوازيئر جي منظر تي اچڻ کان به سوين هزارين سال اڳ
ماڻهو هن عجيب دنيا تي رهندا آيا هئا. انهن زمانن
۾ به ماڻهو ساه کڻندا هئا پر انهن کي ڪا خبر ئي نه
هوندي هئي ته انهن جي ڦڦڙن ۾ ڇا ٿو وهي واپري ۽
اهي ساه کڻڻ وقت ڪهڙي شي اندر ٿا موڪلين. اهي انهي
کي هوا ڪوٺيندا هئا ۽ انهي بابت وڌيڪ ڪا پچار ئي
نه ڪندا هئا.
لوازيئر اهڙي ڍلڙي بيان مان مطمئن نه هو. هن حقيقت
ڄاڻڻ چاهي ٿي. هن وٽ هڪ نظريو هو پر هن وٽ هڪ
ليباريٽري به هئي ۽ هن پنهنجي نظريي جي چڪاس ڪئي.
اهو ثابت ٿي ويو. هوا جو فقط آڪسيجن وارو حصو
جاندارن جي زندگيءَ ۾ مدد ڏئي ٿو. ”ساه کڻڻ“ هن
چيو ته ”ٻرڻ جي عمل جي هڪ شڪل آهي. آڪسيجن غائب ٿي
وڃي ٿي. نائٽروجن ساڳئي حالت ۾ رهي ٿي پر انهي ۾
ڪاربو نڪ ايسڊ شامل ٿي وڃي ٿي. هوابند ٿانو ۾ ميڻ
بتي ٻارڻ سان به ساڳيو عمل ٿئي ٿو. دنيا هڪ اهم
عمل جو ڳجهه ڄاڻڻ لاءِ الائي ڪيترو وقت انتظار ڪيو
هو ۽ اهو سج وانگر چٽو ۽ صاف لڳو پيو هو.
پر هڪ ٻيو ۽ اڃا وڏو مسئلو لوازيئر کي پريشان ڪري
رهيو هو. انهيءَ مسئلي انسان جون تڏهن کان ننڊون
ڦٽائڻ شروع ڪيون هيون جڏهن کان اهو سوچيندڙ جانور
ٿيو هو. اهو مسئلو هي هو ته دنيا کهجي ختم ڇو نه
ٿي ٿي وڃي؟ انهي تي ايترا جاندار ۽ ٻوٽا رهيا پيا
آهن ڪهڙي شي انهي کي جلدي ختم ٿي وڃڻ کان روڪيو
بيٺي آهي؟ هن فرانسيءَ انهي مسئلي تي پنهنجي تصور
کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو ۽ هڪ بهترين جواب ڳولهي ڪڍيائين.
ٻوٽن جي غذا هوا ۽ پاڻي آهي ۽ جانورن جي غذا ٻوٽا
يا ٻوٽا کائيندڙ جانور آهي. اهي ٻئي آخرڪار
پنهنجيون جذب ڪيل شيون زمين کي واپس ڏين ٿا.
خميرجڻ
(Fermentation)
ڳرڻ
(Putrefaction)
۽ ٻرڻ
(Condensation)
جي عملن ذريعي زمين کان ورتل شيون انهيء کي واپس
ملي وڃن ٿيون. زندگي هڪ گول ۾ هلندي رهي ٿي يعني
مٽي کان شروع ٿي مٽي ۾ ملي وڃي ٿي.
5
لوازيئر جيڪڏهن فقط سائنسدان ئي ٿي رهي ها ته هو
شايد بچي وڃي ٿا. لامارڪ به ائين ئي ڪيو هو. پر
انهي ٺاهوڪي ماڻهو جي پُرجوش روح کي ڪيترين ئي
ڳالهين ۾ ٿاڦوڙا هڻڻا هئا. هن کي تري ۾ خارش هوندي
هئي ته هو سياست ۽ حڪومت جي ڪمن ڪارين ۾ حصو وٺي.
هن فرانس جي حل نه ٿي سگهندڙ مسئلن جو پنهنجي ذهن
۾ هڪ حل ڪڍي ورتو. هن کي زنده رهڻ لاءِ ڪيترائي ڪم
هئا پر هو موتمار سرگرمين کان پاڻ نه بچائي سگهيو.
مثال طور ميري انا
(Marie Anna)
کي وٺو. اها پالزي
(Paulze)
نالي ٽيڪس ڪليڪٽر جي سهڻي ۽ لائق ڌيءَ هئي. هن
لوازيئر کي پنهجي موه ۾ موهي ڇڏيو. هوءَ انهي
نمايان نظر ايندڙ ماڻهو کان لاتعلق نه پئي رهي
سگهي جيڪو اڃا ٽيهن ورهين جو ئي نه ٿيو هو ته به
مشهور ٿي ويو هو ۽ لڳندو هو ته اعليٰ منصب سندس
مقدر ۾ لکيل هئا. دنيا جي بگڙيل ترين شهر ۾ اهو
معاشقو هلي رهيو هو. بي مثال ميري اينٽونيٽ اڃا
تازوئي آسٽريا مان وهائو تاري وانگر نمودار ٿي هئي
۽ پنهنجي لاءِ ڇوڪرو مڙس ۽ فرانس لاءِ هڪ پرجوش
شخصيت جي عظمت ۽ شان مان آندو هئائين. درٻار ۽ ان
جي نقش قدم تي هلندڙ ماڻهو ساه مٺ ۾ ڪندڙ واقعن جي
ڪُن ۾ ڦاٿل هئا.
لوازيئر ۽ ميري انا جي ملاقات ۽ معاشقو اهڙين
جذبات ۽ سازشن سان ڀريل حالتن ۾ ٿيون. انهن 1771ع
۾ شادي ڪري ڇڏي.
سندس سهرو پالزي ڏاڍي خوشيءَ سان ڏسندو ۽ وڏا
منصوبا ٺاهيندو رهيو. هو جئين ته ڏاڍي سٺي گفتگو
ڪري سگهندو هو تنهن ڪري هن کي درٻار ۾ سٺي حمايت
حاصل هئي ۽ انهي نئين پٽ بابت ڪوشرم محسوس ڪرڻ جو
به ڪو سبب نه هو جيڪو بادون ٽيڪس ڪليڪٽر جو ماتحت
هو.
چار ورهيه ئي نه گذريا ته ملڪ جوگن پائوڊر جو
مسئلو لوازيئر جي هٿن ۾ اچي ويو. هن ئي پيرس پاران
ٿيندڙ قلمي شوري جي ڳولهائن کي ٻنجو ڏنو ۽ ساڳئي
وقت اشد ضرورت ۾ ايندڙ انهي ڌماڪيدار مادي جي
پيداوار کي به وڌايو. واقعي انهي جي اشد ضرورت هئي
جو انهي دور کان وٺي ڇتي نيپولين جي منظر تان هٽڻ
تائين فرانس جو سمورو ملڪ جنگ جي شعلن جي لپيٽ ۾
رهيو.
6
ڇا اهڙو ماڻهو انقلاب جي پڪڙ کان بچي سگهي ها؟ هو
لامارڪ وانگر پاسي تي بيهي ماٺ ميٺ ۾ واچوڙي کي
اڳتي وڌندو به نه ڏسي سگهي ها. هو ته انهيءَ جي وچ
۾ بيٺو هو. باسٽل جي ڪرڻ جو ڌڌڪو اڃا سندس ڪنن مان
ئي نه نڪتو هو ته هن 1789ع ۾ نيشنل اسيمبليءَ ۾ هڪ
رپورٽ پيش ڪئي. اهو سائنسدان جنهن کي هر ڳالهه ۾
ٽنگ اڙائڻ ضروري هو اهو ٻه سال پوءِ خزاني جو
ڪاميسري
(Commissary)
ٿي ويو ۽ وقت جي پابندي جي لحاظ کان اڪائونٽس جو
بيمثال نِظام قائم ڪري ڇڏيائين.
سندس اڪائونٽس ۾ وقت جي پابندي هجي يا نه پر اهي
کيس بچائي نه سگهيا. هن ٻنهي ڌرين سان هلڻ جي ڪوشش
ته نه پئي ڪئي؟ هڪ طرف درٻار هئي جيڪا مٿس عنايتون
ڪري رهي هئي ٻئي پاسي هيٺئن طبقي جا جمهوريت نواز
(Sansculottes)
هئا جن جو هن ڏانهن ڪو به لهڻو ليکو نه هو پر انهن
جي دعائن ۽ مناجاتن مٿس ضرور اثر ڪيو هوندو. ڪنهن
ماڻهو جي اهڙي بحران ۾ هلت چلت ڪهڙي هئڻ گهرجي؟ پر
جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ کي انقلاب طرفان سونپيل ڪم
دلجمعي سان ۽ قت جي ڏاڍي پابندي سان ڪري ٿو ته ڇا
هن کي وڌيڪ ڪجهه چئي سگهجي ٿو؟
هائو! سوال پڇي سگهجن ٿا. وقت جي پابند ڪاميسري تي
1791ع کانپوءِ سوالن جا ڌوڙيا ٿي ويا. اسيمبلي
ٽيڪس ڪليڪٽرن تي لعنتاڻا وجهڻ لڳي. عوام به
Legislative Act
مان عملدارن تي ٿيندڙ تنقيد کي ڏسندي ٽيڪس ڪليڪٽر
مرده باد جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا.
لوازيئر ٻين ماڻهن کان گهڻو مٿي بيٺو هو. ڪيمسٽري
جي ابي
(Father of chemistry)
طور سندس نالو سموري دنيا ۾ هليل هو. لوڌ سندس
چوڌاري گُرڪڻ شروع ڪيو. سهڻي مارات
(Marat)
جنهن جي زندگي جو ڏيئو اڃا شارلاٽ ڪورڊي گل نه ڪيو
هو ۽ جنهن جي لاءِ مرڻ راحت هجي ها پنهنجو سخت
حملو تحرير ڪيو ۽ اهڙو به اشارو ڏئي ويو ته
لوازيئر ملڪ لاءِ گن پائوڊر جي ڳولها ۾ پنهنجا
کيسا ڀريندو رهيو آهي. هو اڃا به اڳتي وڌي ويو ۽
سموري اڪيڊمي آف سائنس بابت گندا شڪ شبها پکيڙي
ڇڏيائين.
مارات سوال اٿاريو ته ڇا انهيءَ اڪيڊمي کي چارٽر
بادشاه طرفان ڏنل نه آهي ۽ ڇا اها هاڻي به ڪٽر
شاهپرستن سان ڀريل نه آهي جيڪي اندروني طور غريب
ماڻهن سان نفرت ڪن ٿا ۽ جيڪي پنهنجي چالاڪي سان
شاندار انقلاب کي ناڪام ڪرڻ جو ڪو خوفناڪ طريقو به
ڳولهي سگهن ٿا. مارات پنهنجي
Friend of the people
۾ اهڙي ئي قسم جون مرليون وڄايون. انهيءَ چنجهين
اکين واري گهوڙن جي ڊاڪٽر کان وڌيڪ هوشيار ماڻهن
جي به ڪا کوٽ نه هئي جيڪي اهو مسئلو پنهنجن هٿن ۾
کڻي سگهيا ٿي. انهن ۾ فورڪوراءِ
(Fourcroy)
کي به ذهن ۾ رکو.
فورڪراء پاڻ هڪ ڪيميادان هو ۽ جارڊن ڊورواء جي
ڪاليج ۾ مقبول ليڪچرار هو. ڪجهه وقت اڳ ئي کيس
لوازيئر جو شاگرد ۽ دوست هئڻ واري پنهنجي سڃاڻپ تي
فخر هوندو هو. بهرحال اهي سڀ ڳالهيون عوامي لشڪر
جي گجگوڙ ۾ وڏ گهراڻن جا سهڻا گفتا ٻڏي وڃڻ کان اڳ
جون آهن. انقلاب ۽ انسانن جي حقن جي اچڻ ۽ گلوٽين
(سري لاهڻي) جي جلد اڀري وري ڪري پوڻ سان ماڻهو
پنهنجا نظريا ۽ دوست مٽائي ۽ پنهنجي مٿي کي ان جي
لاڳاپيل جاءِ تي رهڻ لاءِ شديد ڪوششون ڪري سگهي
ٿو. وڏي ڏهڪاء وارن ۽ شديد جذباتي لمحن ۾ شائستگي
جا عام رواجي اصول وساري سگهجن ٿا.
اهو فورڪراء ئي هو جيڪو اڪيڊمي جي هڪ گڏجاڻي ۾ اٿي
بيٺو هو ۽ صفايو ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي هئائين ته:
جيڪڏهن ڪي اهڙا ميمبر آهن جيڪي آزادي جي انهيءَ
عظيم لڙائي ۾ نيم دليا آهن ته انهن کي ڌڪي ٻاهر
ڪڍي ڇڏيو. اسان محب وطنن کي انهن جي موجودگيءَ سان
پاڻ کي گندو نه ڪرڻ گهرجي. هن پنهنجن ڀائر
سائنسدانن کي شڪ جي نظر سان ڏسندي اهڙا لفظ چيا.
انهن سائنسدانن مان ڪجهه ٿي سگهي ٿو ته ڊڄي به ويا
هجن پر مجموعي طور اهي علقمند ماڻهو کڙا تڙا لڳا
ويٺا رهيا. انهن فورڪراء جي صفايي واري تجويز رد
ڪري ڇڏي.
پر پنهنجو سربچائڻ لاءِ وڙهندڙ هي ماڻهو شڪست نه
کائنيدو. هي وري حملو ڪندو.
7
ٺاهوڪو ۽ ٻين کان لاتعلق لوازيئر پنهنجو ڪم ڪندو
رهيو. ميري انا به دل مضبوط ڪيون بيٺي رهي ۽ پيرس
جي گهٽين ۾ ڊوڙندڙ انهيءَ وحشي کان ڪو به خطرو
محسوس نه ٿي ڪيائين. انهي وحشي جو جيتوڻيڪ سندس
دنيا سان واسطو نه هو پر انهيءَ جا چنبا اوچين
جاين تائين پهچي رهيا هئا ۽ درهم برهم ٿيل دنيا ۾
ڪير ٿي پاڻ کي محفوظ سمجهي سگهيو؟
لوازيئر پنهنجي منهن هلندو رهيو پر فورڪراء پاران
صفايو ڪرڻ جي ناڪام ڪوششن کانپوءِ هن لاءِ حقيقي
معنيٰ ۾ امن نه رهيو هو. کيس آگسٽ 1792ع ۾ اسلحي
خاني مان ٻاهر ڪڍيو ويو ۽ پنهنجي ليباريٽري کان به
پري ڪيو ويو. هن ٻي ليباريٽري قائم ڪئي ۽ پنهنجون
تحقيقون ڪندو رهيو.
ساڳئي سال جي نومبر مهيني ۾ هڪ اسيمبلي اڪيڊمي تي
وقتي طور وار ڪندي حڪم ڏنو ته: ”اسان وٽان وڌيڪ
حڪم اچڻ تائين نوان ميمبر نه کڻو، خالي جايون نه
ڀريو!“ اڪيڊمي جو خاتمو ته نه پئي ٿيو؟ ٻئي سال
آگسٽ ۾ وري روشني چمڪي ۽ لوازيئر پنهنجي
ليباريٽريءَ مان ٻاهر نڪتو. ڪانسٽيٽيوشنل ڪانوينشن
وزنن ۽ ماپن ۾ يڪسانيء لاءِ هڪ فرمان جاري ڪيو ۽
انهي ڪم کي زير عمل آڻڻ لاءِ اڪيڊميءَ کان مدد طلب
ڪئي.“ هائو! معنيٰ ته اهي جهنگلي قانون ساز اسان
کان سواءِ نه ٿا هلي سگهن.“ مسڪرائيندڙ ۽ پُراميد
سائنسدانن چيو.
پر مسڪرائڻ جو وقت اڃا نه آيو هو. انهن هڪ سال اڳ
جنهن فورڪراء سان بي رخي وارو برتاء ڪيو هو انهي
شڪست نه کاڌي هئي ۽ پنهنجي انجام تي نه پهتو هو.
پنهنجو سر بچائڻ جو پهه ڪندڙ ماڻهو ڪڏهن به انجام
تي نه پهچندو آهي. اهو فرمان جنهن لوازيئر کي ٻاهر
آندو هو انهي کي نڪتي اڃا هڪ هفتو به نه ٿيو هو ته
فورڪراء ڪانونيشن ۾ اڪيڊمي کي نندڻ بيهي رهيو.
فورڪراء جا دوست چون ٿا ته ”نندڻ“ تمام سخت لفظ
آهي. بهرحال هن ڪانوينشن کي اڪيڊميءَ کي دٻائڻ تي
آماده ڪيو هاڻي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته اها
پڄاڻي جي شروعات هئي.
ڪجهه وقت کانپوءِ اهي سڀئي ٽيڪس ڪليڪٽر يا جيترن ۾
هٿ پئجي سگهيا انهن کي سرڪاري پئسي ۾ غبن جي الزام
۾ گرفتار ڪيو ويو.
فورڪراء هڪ دفعو وري ڪم ڪري ورتو- يا کيس شڪ جو
فائدو ڏيندي چئجي ته ڪم آڏو رڪاوٽ نه وڌي- هڪ
ڪميٽي جنهن جو هو پڻ ميمبر هو انهي وزنن ۽ ماپن
واري ڪميشن مان لوازيئر جو نالو ڪڍي ڇڏيو.
اهي سڀئي ڳالهيون 1793ع جي آخر ۾ ٿي گذريون.
لوازيئر پنهنجي زال جي ٻانُهن کان جدائي گاڏي ۾
چڙهي اچي جيل پهچڻ کانپوءِ به گهرجي اڀياس ۾ لڳو
پيو هو. اهو اسرارتڏهن ڪيميادان توڙي ڊاڪٽر کي
مونجهاري ۾ وجهندو رهندو هو. سندس تجربا ته پوءِ
به ٿي سگهيا ٿي پر انقلاب جو مضبوط بازو دير نه ٿي
سهي سگهيو. سندس سهروپالزي جنهن جي زندگيءَ جو جام
تقريباً ڀرجي آيو هو انهي کي به گرفتار ڪري جيل ۾
وڌو ويو. ميري انا پنهنجين سوچن سان گڏ اڪيلي رهجي
وئي.
لوازيئر ڪيترائي مهينا جيل ۾ رهيو ۽ اتي ٻين سڀني
وانگر رٿون رٿيندو ۽ اهڙا پلان ٺاهيندو رهيو جن
مان ڪجهه به حاصل ٿيو ۽ لڪ چوري ميري انا ڏانهن خط
موڪليندو اميد ۽ نا اميدي ۾ ٻڏندو ۽ ترندو رهيو.
اهو سمورو عرصو گلوٽين مصروف رهي.
پوڙهو پالزي چير ۽ ڪاوڙ ۾ ڀڻڪاٽ ڪندو رهيو پر هو
جنهن صورتحال ۾ هو انهي کي ڪا گهڻي اهميت نه ٿي
ڏنائين. ٻاهر پيرس ۾ وحشت جوراڄ هو ڪير پنهنجي
ڀاءُ تي به اعتبار نه پيو ڪري سگهي. انهيء پاڳلپڻي
جي گجي هيٺان سمجهه ۽ ٻاجهه سطح تي اچڻ لاءِ هٿ
پير هڻي رهيا هئا. پر رابسپيري اڃا مالڪ لڳو پيو
هو. سندس روح روڳن ۾ وٺجي عجيب سنگدلي اختيار ڪري
ويو هو. رحم جي ڪابه درخواست هن تائين پهچي نه ٿي
سگهي.
سرخ دهشت (Red
Terror)
جنهن جي باري ۾ توهان گهڻو ڪجهه پڙهيو آهي اها
1799ع جي سموري سياري جي موسم ۾ جاري رهي. پر پيرس
۾ بهار جي موسم اچڻ سان قيدين تبديلي ڏسي، ٻُڌي يا
محسوس ڪري ورتي ۽ اهي پُر اميد ٿي ويا. ٽالينTallier))
ڪم ۾ لڳوپيو هو ۽ ٻيا به ڪم ۾ لڳا پيا هئا.
اهڙا اڻ چٽا آثار پيدا ٿي رهيا هئا جن مان خبر پئي
ٿي ته رابسپيري پويان پساهه کڻي رهيو آهي. انهي
هوندي به سيمين
Sampson))
مصروف لڳو پيو هو ۽ گلوٽين به اڃا ڪم ڪري رهي هئي
۽ ڪيترائي اهڙا ماڻهو هئا جيڪي اميد رکيون ويٺا
هئا پر انهن لاءِ ڪابه اميد نه هئي.
انهن دوران اهو شخص لوازيئر جنهن بابت ٻڌائيندي
”ڊگهو، ٺاهو ڪو ۽ پنهنجو ڪري ويندڙ شخصيت جو مالڪ“
جا لفظ چيا ويندا هئا اهو هڪ گندي قيد خاني ۾ پيو
رهيو. هو پنجاه ورهين تائين دنيا جي عظيم ماڻهن
وانگر فاتحانه انداز ۾ اڳتي وڌنڌو رهيو هو. ماڻهن
سندس محبت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، سندس
خوشامدون ڪيون هيون ۽ کيس عزتون ۽ اعزاز ڏنا هئا.
هڪ راڻيءَ کيس پنهنجي مُرڪ سان جيتي ورتو هو. هڪ
سرد مزاج قلف ساز باد شاه ڪنڌ ڌوڻي پنهنجو رضا
مندو ڏنو هو. قديم فرانس جي سموري ذهانت، حسن ۽
دلڪشي هن جي چوڌاري ڦرندي رهي هئي.
هن ڪنهن به ڏکيائي، ڪنهن به غربت، ڪنهن به ناڪامي
۽ ڪنهن به بيعزتي جو منهن ئي نه ڏٺو هو. پنجاه
ورهين تائين ننڍڙا خدا هن تي مهربان رهيا هئا ۽
پوءِ اهي اوچتو هن جو ساٿ ڇڏي ويا.
2- مئي 1794ع تي ڪانوينشن ۾ قرار داد پيش ڪئي وئي
ته لوازيئر ۽ ٻيا ٽيڪس ڪليڪٽر فوراً انقلابي
ٽرائيبيونل آڏو جاچ لاءِ پيش ڪيا وڃن.
انهن جي هٿان ڪوبه انصاب ٿيڻو نه هو.لوازيئر، سندس
واسطيدارن ۽ ميري انا کي اها خبر هئي. ويندي پوڙهي
پالزي کي به آخر ڪار خبر پئجي وئي ته ڪاکدائڪ
ڳالهه سندس سرتي بيٺي هئي.
انهن کي جاچ لاءِ آندو ويو. ٽرائيبيونل کي انهن جي
ڏوه بابت اطمينان ڪرڻ ۾ ڪا ڏکيائي نه ٿي جو انهن
کي انهي بابت اڳيئي اطمينان ٿيل هو. ” ڏوهي،ڏوهي،“
انهن سڀني 28 ڄڻن لاءِ اهو ئي لفظ هو.“ انهن کي
(Place dc La Revolution)
وٺي وڃو ۽ ڪا به دير نه ٿيڻ گهرجي.
”پر سائين“ لوازيئر ڳالهايو“ آءُ پنهنجي ليباريٽري
۾ پگهر تي هڪ تجربي ۾ مصروف آهيان. مونکي فقط
ايترو وقت ڏنو وڃي جيئن آءٌ اهو ڪم پورو ڪري
پنهنجي پياري ملڪ فرانس کي هڪ ٻيو اعزاز ڏياري
سگهان.“
”گهڻو ٿيو،“ ڪالفن هال پنهنجي سامهون رکيل ٽيبل تي
ڌڪ هڻندي رڙ ڪئي“ گهڻو ٿيو. ريپبلڪ کي سائنسدانن
جي ڪا به ضرورت نه آهي.
با وقار ڏاهي وڌيڪ ڪابه منٿ نه ڪئي. هن پنهنجي
پوڙهي سهري تي نظر وڌي. هن ميري انا بابت سوچيو.
هن پنهنجي سموري زندگي جي ڪم کي ياد ڪيو هن کي
ڪافن هال يا ٽرائيبيونل کي چوڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه به
نه هو.
8 – مئي 1794ع جي صبح جو انهن 28 عتاب هيٺ آيل
ماڻهن کي گاڏي ۾ چاڙهيو ويو ۽ انهن جو آخري خوفناڪ
سفر شروع ٿيو. انهن ماڻهن کي خبر هئي ته مربو ڪئين
آهي؟
گاڏا
(place de La Ravolation)
وٽ بيهي ويا ۽ قيدي ماٺ ميٺ ۾ پنهنجين وارين جو
انتظار ڪرڻ لڳا. لوازيئر جا آخري لفظ شايد ڏڪندڙ
پوڙهي پالزي جي ڪنن ۾ ڪيل سرٻاٽ هئا جيڪو پنهنجي
نياڻي جي ٻانهن تي ٽيڪ ڏنيون بيٺو هو ۽ وڏي مشڪل
سان ساهه کڻي رهيو هو.
خنجر ٻه دفعا مٿي ٿي وري هيٺ ٿيو. ٻه سِرهيٺ ڪريا.
هاڻي پالزي جي واري هئي. همٿ ڪجان، هي هڪ گهڙي آهي
۽ پوءِ هميشگي.“ لوازيئر اهي يا اهڙا ئي ڪي لفظ
پالزي جي ڪنن ۾ چيا ۽ پوءِ ٻئي جدا ٿي ويا.
اٺاويهن جي ڊگهي قطار ۾ لوازيئر چوٿين نمبر تي هو.
”اهڙي طرح ڪيمسٽري جوابو کڀنجي ويو.“ لينگرينج
لکيو ته“ اهو سر لاهڻ ۾ دير ئي هڪ گهڙي جي ئي پر
ان جهڙو ٻيو هڪ سوسالن ۾ به پيدا نه ٿي سگهندو.“
|