باب ٽيون
ڊيمو ڪريٽس
ٿريس ۾ ابديرا
(Abdera)
جو شهر سن 460 ق ۾ هڪ ڏاڍي گندي ۽ اڻ وڻندڙ جاءِ
هئي. اتان جي رهواسين اهو طئي ڪري ڇڏيو هو ته دنيا
۾ سوچ ويچار ڪرڻ بابت ڪا به شي نه رهي هئي تنهنڪري
انهن سوچڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ مڪمل طور واپار ڏانهن
متوجه ٿي ويا هئا. اهڙن مطمئن واپارين جي وچ ۾
ڊيمو ڪريٽس جهڙو ڏاهو ۽ سائنسدان پيدا ٿيو. هن
اهڙي گهراڻي ۾ جنم ورتو هو جنهنکي زرڪسيز
(Xerxes)
جي ميزباني جو شرف مليو هو. بادشاه به مهرباني ۽
خوش اخلاقيءَ جو جواب مهرباني سان ڏيندي پنهنجي
درٻار سان لاڳاپيل ڪجهه داناء ماڻهو پوئتي رهائي
ويو هو جيئن اهي هن ڇوڪري لاءِ استاد جو ڪم ڪن.
ممڪن آهي ته اها آکاڻي صحيح نه هجي پر اها ڳالهه
سچ آهي ته ڊيمو ڪريٽس سٺي تعليم حاصل ڪئي هئي.
سندس ڏاهپ کي ذهن ۾ رکندي اها ڳالهه درست به لڳي
ٿي ته هن کي ڪابه ڳالهه علم پرائڻ کان روڪي نه
سگهي هوندي.
سندس استاد ڪير به رهيا هجن پر معمول مطابق سندس
سڀ کان اهم استاد سفر ئي هو. حقيقت ۾ هن ايترا ته
گهڻا سفر ڪيا هئا جو هڪ دفعو پنهنجي متعلق چيو
هئائين؛
”آءُ پنهنجن هم وطنن مان سڀ کان وڌيڪ گهميل ڦريل
شخص آهيان، منهنجي کوجنائن جو ميدان ٻئي ڪنهن به
ماڻهو کان وسيع آهي، مون ڪيترائي ملڪ ۽ ديس گهميا
آهن ۽ ڪيترن ئي ڏاهن ماڻهن جون تقريرون ٻڌيون آهن.
کيس ملڪيتن ۽ جائدادن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي ۽ جڏهن
سندس پيءُ فوت ٿيو ته هن زمين ڀائرن کي ڏئي ڇڏي ۽
پنهنجي حصي طور فقط روڪ پئسا ورتائين. اهڙي طرح
کيس دنيا ڏسڻ جي پنهنجي تمنا پوري ڪرڻ لاءِ ضروري
سازو سامان ملي ويو. هن مصر، حبش، فارس ۽ انڊيا جا
سفر ڪيا. انهيءَ دوران هو سرڪاري عملدارن، پروهتن
۽ عام ماڻهن سان مليو ۽ ڪيترن ئي ڏاهن ماڻهن جون
تقريرون ٻڌائين.
انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سندس مهم جوئين جو دائرو
فقط علم جي حاصلات تائين محدود نه هوندو پر انساني
دلچسپيءَ جي انهن ڳالهين تي تاريخ پردو وجهي ڇڏيو
آهي. هو جڏهن وطن واپس آيو ته وقت ۽ ٻين ڪيترين
تبديلين کيس سڌاري آرام ۾ آڻي ڇڏيو هو، سندس ڀرون
گڏجي ويا هئا ۽ جن اکين گهڻو ڪجهه ڏٺو هو انهن
مٿان ڳرا ڇپر لڙڪائي ڇڏيا هئا.
2
سندس واپسيءَ کان جلدئي پوءِ ابديرا جي ڪُند ذهن
واپارين کيس کلڻو فيلسوف
(laughing philosopher)
ڪوٺڻ شروع ڪيو. هنن مٿس اهو نالو ٺٺول ڪندي رکيو
هو ڇاڪاڻ ته انهن ابديرائين
جي نظر ۾ ڊيموڪريٽس چريو هو، هن پنهنجي دولت بي
فائدي سفر ۾ ذيان ڪري ڇڏي هئي ۽ سانتيڪوٿي ويهڻ
کانپوءِ به ڪنهن فائديمند ڌنڌي ۾ لڳڻ کان انڪار
ڪري ڇڏيو هئائين. انهيءَ جي بجاءِ هو انهن ويچارن
ڪم فهم ماڻهن تي ويٺو کلندو هو، جيڪي اهڙيون شيون
گڏ ڪرڻ ۾ پنهنجون زندگيون پيا وڃائيندا هئا، جيڪي
قبر جو در به نه ٿي ٽپي سگهيون. هو انهن جي طور
طريقن، انهن جي ڳنڀيرتا ۽ انهن جي ڏٺي وائٺي
پاڻپڻي تي کلندو رهندو هو. هو انهيءَ پاڻپڻي ۾ اچي
ائين پيا سمجهندا هئا ته اهي ڪائنات جي نظام ۾ ڪا
اهميت واري شي آهن.
ڊيموڪريٽس کي يقين هو ته اهي ڪائنات لاءِ ڪابه
اهميت نه ٿا رکن. ڪائنات انهن کانسواءِ به ڏاڍي
سهوليت سان هلي سگهي ٿي. بهرحال هو سمجهندو هو ته
انهنکي انساني لاڳاپن ۾ سنجيدگي رکڻ جو حق حاصل
آهي. هو اها ڳالهه به تسليم ڪندو هو ته هر ماڻهو
گهر، شهر ۽ رياست لاءِ اهميت رکي ٿو، پر ڪائنات،
ستارن ۽ سيارن جي شاندار اچ وڃ توڙي زمان ۽ مڪان
لاءِ انهن انفرادي توڙي اجتماعي طور سج جي روشني ۾
نچندڙ ذرڙن کان وڌيڪ ڪا اهميت نه ٿي رکي.
هو انسانن جي ننڍڙين ڳالهين تي پيو کلندو هو جيڪي
لامحدود
(Infinity)
جي موجودگيءَ ۾ به پاڻ کي وڏو سمجهندا هئا. وري
ابديرا جا رهواسي ۽ سڀني ديوتائن جا پرخلوص پوڄاري
ڊيموڪريٽس کي چريو پيا ڪوٺيندا هئا.
3
هنجي بلڪل سياڻن سيبتن دوستن دنيا جو عظيم ترين
ڊاڪٽر بقراط گهرائي سندس آڏو هي مسئلو پيش ڪيو ته
هيءُ ڊيموڪريٽس نا چاق آهي، اها پيشيوراڻي ملاقات
انهن ٻنهي جي شايد پهرئين گڏجاڻي هئي.
انهن ٻنهي پاڻ ۾ ڪهڙن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي؟
ڇاطب تي؟ هائو! انهن طب تي ڪجهه ڳالهايو هوندو جو
ڊيموڪريٽس کي طب بابت ڪجهه ڄاڻ هئي ۽ انهيءَ بابت
ڪجهه لکيو به هئائين. انهن ڀلا ڏور اوڀر ۽ انهن
جاين بابت به ڳالهايو هو ڇا جتي بقراط نه ويو هو؟
انهن سياست ۽ ايٿينز جي تڪڙي وڌندڙ اهميت بابت ۽
بيمار جي من گهڙت چريائپ بابت به ڪجهه ڳالهايو هو
ڇا؟ شايد ته نه. بقراط بنا دير جي سمجهي ويو هوندو
ته انهيءَ باري ۾ ڪنهن ويڄ طبيب جي ضرورت نه آهي.
ڳالهين جي اڻکٽ سلسلي کانپوءِ ڊاڪٽر انهن ماڻهن وٽ
ويو جن کيس ابديرا گهرايو هو ۽ انهنجي مشهور شهر
واسي جي تعريف ۽ ساراهه ڪرڻ کانپوءِ انهن کي
چيائين ته؛ جيڪڏهن ڪا چريائپ آهي ته انهيءَ جو
شڪار ڊيموڪريٽس نه پر توهان آهيو.
انهيءَ ڳالهه جو به امڪان آهي ته ايندڙ سالن ۾ به
انهن ٻنهي ۾ ملاقاتون ٿيون هونديون ۽ روايت آهي ته
انهن هڪٻئي کي ڪيترائي خط به لکيا هئا پر جيڪي خط
موجود آهن انهنکي اصلي نه ٿو سمجهيو وڃي.
هيءُ خوش گذاريندڙ پوڙهو فيلسوف 90 ورهين جي ڄمار
۾ ڏاڍو ڪمزور پرمشهور ٿي انسانن جي حماقتن تي
کلندي گذاري ويو.
4
ڊيمو ڪريٽس کي ايٽم ۾ يقين هو. هو انهيءَ کي تمام
ننڍڙو ۽ ڏسڻ ۾ نه ايندڙ ذرڙو سمجهندو هو. سندس
ايٽم کي سائيز هئي پر اهو طبعي طور تباه ٿي نه پئي
سگهيو نه ئي انهيءَ کي وڌيڪ حصن ۾ ورهائي سگهجي
پيو. حسي ڪائنات جو مادو انهن مختلف سائيزن ۽
شڪلين جي ايٽمن مان ٺهيل هو ۽ انهن مان ڳرا ايٽم
سڀاويڪ طور هيٺ ويهي ٿي رهيا ۽ هلڪن ايٽمن مٿي رهي
ماحول جي تشڪيل ٿي ڪئي. سندس چوڻ هو ته ڪجهه ايٽم
لسا ۽ گول هئا ۽ وري روح جن ايٽمن تي مشتمل هو اهي
سڀ کان وڌيڪ سنها،سڀ کان وڌيڪ گول ۽ تمام سرگرم
هئا.
هن جو خيال هو ته ڪائنات ۾ ايٽمن ۽ خال
(void)
کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه آهي. خال مان هن جو مطلب
ايٽمن جي چُر پر لاءِ خالي جاءِ هئي. هن خاص حواسن
جهڙوڪ چکڻ ۽ ڇهڻ جي محسوسات کي معروضي طور غلط ۽
نادرست ٿي سمجهيو. ”ذائقو واپرائڻ جي سبب محسوس
ٿئي ٿو، حرارت ورتائڻ جي سبب لڳي ٿي ۽ رنگ به بار
بار ڏسڻ جي سبب سمجهه ۾ اچي ٿو. حقيقت ۾ هر جاءِ
تي فقط ايٽم ۽ خال آهي. هن وڌيڪ چيو ته“ اسانکي
حواسن جي ذريعي ڪا به ڄاڻ نه ٿي ملي. اسين انهيءَ
رستي حقيقت جو علم حاصل نه ٿا ڪري سگهون. ڇاڪاڻ ته
سچ گهراين ۾ آهي.
هن جو چوڻ آهي ته دماغ سوچ ۽ فڪر جي، دل ڪاوڙجي ۽
جيرو خواهشن جي جاءِ آهي. سندس وقت کانپوءِ ڪافي
اهڙا عظيم شخص آيا جيڪي دماغ کي سوچ ۽ فڪر جي جاءِ
قرار نه ڏيندا هئا. اهي ته انهيءَ عضوي کي فقط رت
کي ٿڌو رکڻ جو ذريعو سمجهندا هئا.
ڊيموڪريٽس بيمارين، انهن جي سببن، غذا، ۽ اڳڪٿي
ڪرڻ بابت به لکيو آهي. کيس نبض بابت به ڄاڻ هئي ۽
هو انهيءَ کي رڳن جي حرڪت“ سمجهندو هو. هن وٽ اهو
ڏاڍي اصليت رکندڙ خيال به موجود هو ته ماءُ جي پيٽ
۾ ٻار اور کي چوسي تقويت حاصل ڪندو آهي تنهنڪري
کيس ڄمڻ کانپوءِ جڏهن ڇاتيءَ سان لڳائبو آهي ته
کيس خبر هوندي آهي ڇا ڪرڻو آهي.
سندس خيال هو ته وبائن جو سبب آسماني جسمن جو ڦاٽڻ
۽ انهن جي ايٽمن جو زمين تي ڪرڻ آهي. اهي ايٽم
جيئن ته آسمانن سان تعلق رکن ٿا تنهنڪري سڀاويڪ
طور انسانذات جا دشمن هوندا آهن ۽ پاڻ سان گڏ
بيماريون آڻيندا آهن. انهيءَ نظريي کي ڇڪي تاڻي
انهي مان
microbes
جي جديد دريافت بابت اشارو وٺي سگهجي ٿو،
هيءَ قول به هن ڏانهن منسوب ڪيو ويندو آهي ته؛
سڀني ماڻهن کي طب جي فن کان واقف هئڻ گهرجي. ذهن
تڏهن ئي واڌ ويجهه وٺي سگهي ٿو جڏهن صحت ۽ تندرستي
موجود هجي. تنهنڪري عقلمند ماڻهن کي انهيءَ جو
خيال رکڻ گهرجي. جسم تڪليف ۾ هوندو ته ذهن به
نيڪين تي عمل پيرا ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندو ڇاڪاڻ ته
بيماري روح کي اونداهون ڪري ڇڏيندي آهي.
هن چيو ته ننڊ جو سبب ڪجهه ايٽمن جو ڌارٿي وڃڻ
آهي. اهي جڏهن وڏي تعداد ۾ ڌارٿي وڃن ٿا ته موت
جهڙي صورتحال پيدا ٿي وڃي ٿي. جيڪڏهن اهي سڀئي جدا
ٿي وڃن ٿا ته اسين مري وڃون ٿا. ايٽم مرن نه ٿا پر
اهي انساني جسم جي صورت ۾ ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏين ٿا.
انسان جي لافانيت اها آهي جو ايٽم ڪڏهن به تباه نه
ٿو ٿئي.
5
ڊيموڪريٽس اها به تعليم ڏني ته عنصر هڪ کان وڌيڪ
تعداد ۾ موجود آهن. اهڙيءَ طرح هن انهيءَ انانيت
تي وار ڪيو جنهن سبب هن زمين کي منفرد ۽ يگانو
بڻايو ويو هو. هن جي ايٽمن جو دائرو خلا تائين
وسيع هو. انهن ڪيترن ئي شمسي نظامن جي امڪان کي
موجود بڻايو ٿي. هن جي نظر ۾ زمين مرڪزي نظام-
زمين کي ڪائنات جو مرڪز مڃڻ- ضروري نه هو. پر
انسانذات ۾ غرور ۽ انا نالي شي سڀ کان آخر ۾
مرندي آهي. تنهنڪري انسان کي ايترو نهٺوٿي اها
ڳالهه تسليم ڪرڻ ۾ ڪيتريون ئي صديون گذري ويون ته
زمين خلا ۾ ڦيريون ڏيندڙ مٽي جو هڪ ذرڙو آهي
جنهنکي مرڪزي سج پنهنجي دڳ تي جهليون بيٺو آهي.
هن طبعي جسم ۾ رکيل هڪ اهڙي لطيف شڪل واري روح جي
تصوير پيش ڪئي جيڪو اهڙن ئي ايٽمن مان ٺهيل آهي جن
تي باهه پڻ مشتمل آهي. هن چيو ته اهي ايٽم سموري
جسم ۾ سرايت ڪري وڃن ٿا ۽ خاص عضون ۾ خاص ڪم
سرانجام ڏين ٿا.
هن جو چوڻ هو ته انسان جي اخلاقي ڪردار جو تعين
سندس ڪمن سان نه پر سندس عزم سان ٿئي ٿو. انهي مان
سندس جهڪاءُ هن طرف ته نه هو ته اخلاق
(morality)
جي ڪسوٽي ڪنهن به ڪم جي پٺيان ان جو اصل محرڪ آهي؟
هو سمجهندو هو ته ڏاهپ اها آهي ته جسم جو سڪون،
صحت ۽ روح جو سڪون يعني زنده دلي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي وڃي. سندس خيال هو ته روح جي چڱڀلائي، جسم جي
چڱڀلائي کان بهتر آهي. سندس ذهني زندگي جو سڀ کان
اهم اصول هن جملي ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
”علم جي دولت نه پر فڪر ۽ سوچ جي دولت ئي اهڙي شي
آهي جنهنکي حاصل ڪرڻ جون تمنائون ڪيون وڃڻ گهرجن.“
باب چوٿون
بقراط
(Hippocrates)
انسان پاران صحت حاصل ڪرڻ جي جاکوڙ ڏاڍي عجيب
نموني سندس مذهب سان گڏ وچڙ رهي آهي. ۽ اڃا تائين
ساڳئي نموني وچڙي پئي آهي. مريضن جي صحتيابيءَ
لاءِ دعائون رواجي ڳالهه آهن ۽ اها فطري ڳالهه آهي
ته جسماني پيڙائن جو هڪ وڏو حصو فقط ذهن ۾ وجود
رکندو آهي ۽ جڏهن انهيءَ جو تدارڪ ڪيو ويندو آهي
ته انهيءَ جي نتيجي ۾ جسماني صحت حاصل ٿي ويندي
آهي.
انسان پاران صحت لاءِ جاکوڙ جهنگ جي دورکان شروع
ٿي. جڏهن زندگيءَ جو عرصو گهٽائڻ ۾ حادثا ۽ اتفاق
اهم ڪردار ادا ڪندا هئا. ويندي قبل تاريخ واري دور
۾ سائنس انهيءَ مشڪل جدوجهد ۾ حصو وٺندي رهي هئي.
پٿريل آثارن مان انهيءَ ڳالهه جو ثبوت ملي ٿو ته
پٿر واري دور جا ماڻهو به ڀڳل هڏين کي جوڙڻ ڄاڻندا
هئا ۽ کين ڪنهن بيماري ستائيندڙ شيطان کي مغز مان
ڪڍڻ لاءِ کوپڙيءَ ۾ سوراخ ڪرڻ به ايندو هو.
تاريخي دور شروع ٿيڻ وقت پروهت ڊاڪٽرن جو ڪم ڪندي
نظر اچن ٿا ۽ مصيبتن جو علاج به سنئون سڌو انهن جي
خدائن جي هٿ ۾ هوندو هو.
اهڙيءَ طرح ڪجهه ماڻهن جو مذهب ۽ مذهبي عقيدو ۽
اڪثر ماڻهن جا وهم سنسا ۽ جهالت گڏجي سائنس کي
پاسي تي ڪري ڇڏيندا هئا. جڏهن ته انهيءِ شيءَ ۾ ئي
انسانن کي سڀ کان اڳ دلچسپي وٺڻ گهرجي ها.
2
يونان ۾ ايسڪو لاپياس
(Asclepiads)
شفا جو ديوتا هوندو هو. سندس مان ۾ ٺاهيل مندر اڃا
به موجود آهن. جيئن ته هر ڪنهنکي صحت ۽ دردن کان
آجپي جي ئي تمنا هوندي آهي تنهنڪري هو تمام وڏو ۽
مقبول عام ديوتا ليکيو ويندو هو. ڪمزور ۽ درد وند
سندس درگاهه تي پرارٿنائون ڪندا هئا.
اهي ننڊ پيا هوندا هئا ته ديوتا انهن ڏانهن خواب ۾
معجزاتي عامل موڪليندو هو، جيڪي انهن تي هٿ
ڦيرائيندا هئا ۽ اهڙي طرح اهي بعضي بعضي سجاڳ ٿيڻ
وقت چڱا ڀلا ٿي ويندا هئا. ديوتا گهڻو ڪري ٻوڙو
هوندو هو ۽ سڏ نه ورنائيندو هو. تنهنڪري ويچارڙا
مصيبتن ماريل موت سان همڪنار ٿيڻ لاءِ گهلجي گهر
هليا ويندا هئا. ديوتا جي مهربان ۽ اثرائتو هئڻ
بابت سندس درگاه تي صحت يابي ماڻيندڙن ڪيتريون ئي
شاهديون به پٺيان ڇڏيون آهن. هڪ ماڻهو جنهن جون
آڱريون شل ٿي ويون هيون انهيءَ ايسڪولاپياس کان
دعا گهري. ديوتا خواب ۾ مريض کي هٿ کان ورتو ۽ صبح
جو جڏهن هو سجاڳ ٿيو ته ٺيڪ لڳو پيو هو. نابين
السيٽاس
(Alcetas)
خواب ۾ ديوتا جو هٿ پنهنجين اکين تي رکيل ڏٺو، صبح
جو السيٽاس جي ديد موٽي آئي. ۽ هو سڀ ڪجهه ڏسڻ
لڳو. وري ٿائيسن جي انڌين اکين کي ايسڪولاپياس جي
درگاه تي هڪ ڪتي چٽيو ته اهي صحيح ٿي ويون. اراتا
جي ڌيءَ جلندر جي مرض ۾ ورتل هئي، اراتا ايپيڊارس
جي مندر تي دعا گهري پوءِ هن هڪ ڏاڍو عجيب خواب
لڌو. هؤَ جڏهن گهر آئي ته خبر پيس ته سندس ڌيءَ به
ساڳيو خواب لڌو هو ۽ چاق ٿي وئي هئي.
اها ته پڪ نه آهي ته اهي شاهديون ڪيتريقدر درست
آهن پر ايترو ضرور معلوم ٿئي ٿو ته انهن مان
ايسڪولاپياس شفا ڏيندڙ جي حيثيت ۾ چڱو مشهور ٿي
ويو. گڏوگڏ توهان اها ڳالهه به نه وساريو ته
انهيءَ دور جي سموري طبي معلومات مندر جي پروهتن
وٽ هوندي هئي. تنهنڪري ائين به ٿي سگهي ٿو ته متان
اهي ڄاڻو ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن مهربان ديوتا جي مدد به
ڪري ڇڏيندا هجن.
مندر جي آمدني جو واحد ذريعو چاق ٿيل مريضن پاران
ڏنل دان هوندو هو. پروهت سندن آمدني لاءِ خطرو
پيدا ڪندڙ سائنسي ڊاڪٽر لاءِ ڪڏهن به دل ۾ چڱو
رايو نه رکندا هئا. ديوتا سان عقيدتمندي برقرار
رکي وڃڻي هئي ۽ تنهنڪري انهن بيهودن ڊاڪٽرن جي
ڪوششن تي ڪاوڙ ۾ دوڏا ڦوٽاريا ويندا هئا.
اهڙي دور ۾ بقراط منظر تي آيو. هو پروهتن بابت ذرو
به پرواه نه ڪندو هو ۽ شايد ته ايسڪولاپياس ۾ به
خاص طور ڪا دلچسپي نه هئس. هن ٻين سڀني ڳالهين کان
اڳ انسانن کي چڱو ڀلو ڪرڻ گهريو ٿي ۽ اهو ڪم ڪرڻ
لاءِ هن کي اهو پتو لهڻو هو ته اهي بيمار ڇو ٿا
ٿين؟
3
بقراط ڪوس
(cos)
جي ٻيٽ تي تقريباً 460 ق م ۾ پيدا ٿيو. روايت
مطابق سندس پيءَ جي مائٽي ايسڪو لاپياس ۽ ماءُ جي
مائٽي هرڪيوليس سان ڳنڍي وڃي ٿي. جيڪڏهن انهيءَ
شجري کي قبول ڪجي ته هن لازماً پاڻ کي ناخلف پٽ
ثابت ڪيو جو هن ايسڪولاپياس کي تخت تان لاهي ڦٽو
ڪيو ۽ هرڪيوليس جي محنتن کي پردو وجهي ڇڏيو.
هرڪلائيڊز
(Heraclides)
طبيب سندس حقيقي پيءُ ۽ سندس ماءُ جو نالو فناريٽ
(Phaenarete)
هو. شروع ۾ هو پنهنجي پيءُ وٽ طب جو علم حاصل ڪيو.
پر پوءِ سليمبريا جي عظيم ڊاڪٽر هيروڊيڪس جي پيرن
۾ ويهڻ لاءِ روانو ٿي ويو. اهو ساڳيو هيروڊيڪس هو
جيڪو پنهنجن مريضن کي اڻ وڻندڙ خلطن
(humours)
کان آجو ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ ويهه ميل پنڌ ڪرائيندو
هو.
پوءِ هن سفر جي ذريعي پنهنجي تعليم کي پڄاڻي تي
پهچايو پر سندس رولاڪين جو دائرو سندس پيشروئن جي
ڀيٽ ۾ گهڻو محدود هو. هن ڏور اوڀر نه ڏٺو ۽ گهڻي
قدر ته مصر به نه ويو هو. هن ٿاسوس جي ٻيٽ ۽ ٿسلي
جي مختلف شهرن ۾ پنهنجو ڪم ڪيو.
هن جو سڀ کان پهريون مکيه مريض مقدونيه جو بادشاهه
پرڊيڪاس ٻيون هو ۽ ٻيو مريض ڊيموڪريٽس هو. هو
مقدون
(Macedon)
۾ ئي هو ته سندس ذهن ۾ اها ڳالهه اچي وئي ته يونان
کي وبا جو خطرو آهي. سندس پنهنجو ملڪ خطري ۾ هئڻ
وقت کيس پرڊيڪاس جي ڪابه ڳالهه ٻاهر رهڻ تي آماده
نه ڪري سگهي ۽ هو فوراً ايٿنز روانو ٿي ويو ۽ اتي
سموري شهر ۾ وڏيون باهيون ٻارائي وبا کي ٽارائي
ڇڏيائين. هن کي اها ڳالهه ڏسڻ ۾ آئي ته لوهار وبا
کان بچي ويا هئا. چيو وڃي ٿو ته انهيءَ مان کيس
پاڪ صاف ڪندڙ شعلن جو نظريو مليو.
4
هو پيدا ته طبيبن پروهتن جي خاندان ۾ ٿيو هو پر
پاڻ کي انهيءَ فرقي کان مڪمل طور ڪٽي ڌار ڪري ڇڏيو
هئائين. هن تعويذ ڦٽا ڪري ڇڏيا ۽ دعا جي اثر کي
مڃڻ کان پڻ انڪار ڪري ڇڏيائين. هو ايسڪولاپياس جي
ٽولي کان باغي ٿي ويو، هاڻي انهيءَ بابت به ڪجهه
نه ٿو چئي سگهجي ته مندر جي پروهت انهيءَ روش کي
ڪهڙي نظرسان پئي ڏٺو. بهرحال ايترو ظاهر آهي ته هو
ڪنهن به عذاب عقوبت مان نه گذريو ۽ اها ڳالهه به
ثابت نه ٿي سگهي آهي ته هن کي مارڻ جي ڪا ڪوشش ڪئي
وئي هئي. ڇا به هجي بهر حال هُو فقط هڪ شخص هو ۽
بيمار وڏي تعداد ۾ هئا.
فقط هڪ ماڻهو! هائو، پر هن ديوتا جي مندر کي ڊاهي
پٽ ڪري ڇڏيو ۽ هڪ اهڙو اصلاح جو ڪم شروع ڪيو جنهن
جي نتيجي ۾ انسانذات کي اڃا تائين بيمارين ۽ صحت
بابت واضح نظريا ملندا رهن ٿا. هو بي ڊپو هئڻ سان
گڏوگڏ ڏاڍو کرو ۽ سچو پڻ هو. اهڙيون ڪيتريون
ڳالهيون هيون جن بابت هن کي ڪابه خبر نه هئي پر هو
ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي تمنا کي چنبڙيو رهيو. هو پنهنجي
دماغ ۾ شڪ جو ٻج رکندڙ انهن اصلي ماڻهن مان هو
جيڪي پنهنجين اکين سان ڏسڻ ۽ پنهنجن هٿن سان ڇهڻ
گهرندا آهن. پوءِ به مڪمل طور پڪ نه ٿيندي اٿن.
سندس اخلاقي اصول به نهايت اعليٰ درجي جا هئا. هن
کي پنهنجي پيشي ۽ عام انسانن لاءِ جيڪا عزت هئي
انهيءَ کي سامهون رکندي هن نوجوان ڊاڪٽرن لاءِ هڪ
”حلف نامو“ ٺاهيو هو جنهنکي ”بقراطي حلف“ چيو وڃي
ٿو. انهيءَ جا لفظ هي آهن.
”آءٌ پنهنجي زندگي ۽ پنهنجي پيشي ۾ صفائي پاڪائي
تي عمل پيرا رهندس،..... ۽ پيشيوراڻي زندگيءَ
دوران انسانن جي زندگين بابت ڪي اهڙيون ڳالهيون
ڏسندس ۽ ٻڌندس جيڪي ٻاهر ڪرڻ جهڙيون نه هونديون ته
انهن بابت ٻئي ڪنهنکي ڪجهه نه ٻڌائيندس.“
بقراط نوي يا ڪجهه وڌيڪ ورهين جي ڄمار ۾ ٿسليءَ ۾
لاريسا ۾ گذاري ويو. هو پنهنجي وفات کانپوءِ به هر
دور ۾ موجود رهيو آهي ۽ هن ڏانهن عجيب روايتون
منسوب ڪيون ويون آهن.
5
طب جي دنيا ۾ بقراط پهريون ماڻهو هو جيڪو پنهنجي
سامهون ايندڙ هر شي کي غورسان ڏسندو هو ۽ انهي
بابت سوچ ويچار ڪندو هو. هن روايتن ۽ بيهودن
اعتقادن کي ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ صحت جي راز ڏانهن
پنهنجو رستو ڪڍڻ جي ڪوشش ڪيائين.
هن ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهري ٿي پر انهيءَ ڄاڻ حاصل ڪرڻ
جو مقصد مريضن جو علاج ڪرڻ هو- هن پنهنجي مريضن کي
حيران ڪرڻ، انهن تي دهمان ڪرڻ يا پُراسرار ڳالهين
۾ وڃڻ نه ٿي گهريو، هن اهو قاعدو ٺاهي ڇڏيو هو ته
علاج جي ٻن طريقن مان جيڪو به گهٽ نمائشي ۽ گهٽ
ڏيک ويک وارو هوندو هو اهو اختيار ڪندو. هو چوندو
هو ته مريض کي متاثر ڪرڻ لاءِ فن جي نمائش به دوکي
جو هڪ انداز آهي ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو پاڻ وٽ
ايندڙن سان سچي ۽ کري نموني پيش اچڻ چاهيندو هو.
هو پنهنجي انهيءَ انداز ۾ ايتري حد تائين هليو ويو
هو جو هن جي خيال ۾ جن مريضن جي حالت ۾ ڪا بهتري
اچڻ جي اميد نه هوندي هئي هو انهن جو علاج ڪرڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيندو هو.
هن طب کي فلسفي کان ڇني ڌار ڪيو ۽ انهيءَ کي هڪ
سائنس جو درجو ڏنو. هن هڪ درست طريقي ڪار ترتيب
ڏنو جنهن ڪري هن کانپوءِ اچڻ وارن لاءِ ڪم کي اتان
کڻڻ ممڪن ٿي پيو جتي هن ڇڏيو هو. هن جي عظيم
جانشين جالينوس
(Galen)
کانپوءِ جيڪڏهن اڳتي وڌڻ جو ڪم عملي طور رڪجي ويو
ته انهيءَ ۾ سندس ڪو ڏوهه نه هو. هن رستو ڏيکاري
ڇڏيو هو ۽ ان کانپوءِ وارن ماڻهن اچي اتان شروعات
ڪئي جتي هن ڇڏيو هو.
6
بقراط اها تعليم ڏني ته انساني جسم هڪ قدرتي
اندروني گرميءَ جي سبب گرم رهي ٿو ۽ انهيءَ گرميءَ
جي ختم ٿي وڃڻ سان موت واقع ٿي وڃي ٿو. هن جو خيال
هو ته ٻار ۾ اها گرمي تمام حاوي هوندي آهي ۽ پوءِ
سموري زندگيءَ ۾ آهستي آهستي ختم ٿيندي رهندي آهي
تان جو موت وقت اها غائب ٿي ويندي آهي. هن اها
گرمي دل ڏانهن منسوب ڪئي. جنهن ماڻهوءَ ڪڏهن
انساني جسم جي چير ڦاڙ نه ڪئي هجي ۽ نه ئي کيس رت
جي دوري بابت ڪا خبر هجي انهي پاران اهڙو اندازو
حيرت ۾ وجهندڙ آهي.
سندس تشخيصن جا بنياد رت، بلغم، صفرا ۽ سودا نالي
چار خِلط يا رطوبتون هونديون هيون. تندرستي جي
حالت ۾ اهي درست تناسب ۾ مليل رهن ٿا يعني انهن جي
هڪ صحيح ملاوت ٺهي ٿي. بقراط اها ڳالهه نه ٿو
ٻڌائي ته اهي درست تناسب ڪهڙا هئڻ گهرجن؟ پر غلط
ملاوت جو مطلب بيماري ۽ صحيح ملاوت جو مطلب صحت
هجي ٿو.
بقراط کي جيڪڏهن ڪنهن بيمار ماڻهو کي ڏسڻ لاءِ
سڏايو ويندو هو ته هو فوراً پنهنجو علاج شروع ڪري
ڏيندو هو. اها ڳالهه اسان کي ڀلي کڻي ڪيتري به
فطري ڇو نه لڳي پر اهو انداز اڳوڻي روش جي بلڪل
خلاف هو. مصر ۽ ٻين جاين تي اهو معمول هوندو هو ته
بيمار کي پنجن ڏينهن تائين ڇڏي ڏبو هو ته ڪجهه به
نه ڪري ۽ پيو رهي. اهو وقت گذري وڃڻ کانپوءِ به
جيڪڏهن مريض زنده رهيو ته انکي آرام پهچائڻ جي ڪا
ڪوشش ڪئي ويندي هئي، اهڙي نظام ۾ موت شايد ڊاڪٽر
کي گهڻي تڪليف کان بچائي ڇڏيندو هو. بهر حال بقراط
کي انهيءَ انداز ۾ ڪابه بهتري ڏسڻ ۾ نه آئي ۽ هن
انهيءَ کي مڪمل طور ترڪ ڪري ڇڏيو.
هو مريض جي کاڌي تي ڏاڍي توجه ڏيندو هو، اهڙيءَ
طرح هو پهريون غذائي ماهر هو. صحيح نموني کائڻ جو
مطلب صحتمند رهڻ هو ۽ عقلمندي سان کائڻ جو مطلب
صحت حاصل ڪرڻ هو. هن وٽ سٺن ۽ خراب ڊاڪٽرن ۾ فرق
جو دارو مدار انهيءَ تي هو ته دوائون ڪيئن ٿيون
ڏنيون وڃن ۽ غذا ڪيتري مهارت سان تجويز ڪئي وڃي
ٿي.
سندس دور ۾ شديد بيمارين جي علاج جو ڪو عام طور
مڃيل طريقي ڪار نه هو. بقراط کي پنهنجي طريقي جو
پاڻ بنياد رکڻو پيو. سندس همعصر گهڻو ڪري پنهنجن
مريضن کي بکون ڪاٽرائي مارائي ڇڏيندا هئا. بقراط
انهيءَ روش کي ننديو. مريض جڏهن گهڻو ڪمزور ٿي
ويندو هو ۽ ڳريون شيون کائڻ جهڙو نه هوندو هو ته
هو انکي جَوَن جو پاڻي، مٺو شراب ۽ هائڊ روميل
(hydromel)
ڏيندو هو. پاڻي ۾ ماکي وجهي اٻارڻ سان ٺهيل هائڊرو
ميل مان چڱي تقويت ملندي هئي. انهيءَ هوندي به
جيڪي ماڻهو پاڻ کي بک وگهي مارڻ چاهيندا هئا انهن
جي عادت هوندي هئي ته اهي فقط هائڊروميل پيئندا
هئا. اهو ضرور آهي ته اهي جيڪڏهن اهو ڪافي مقدار ۾
پيئندا هوندا ته بک وگهي مرڻ ۾ ڪافي وقت لڳندو
هوندن.
بقراط بخار جي علاج جي اڳين سڀني طريقن ۾ تبديلي
آڻي ڇڏي. هن چيو ته جڏهن نظام بخار جي سبب ڪمزور
ٿي وڃي ته کاڌي ۽ ورزش جي معاملي ۾ وڏو احتياط ڪيو
وڃي ڇو ته انهيءَ وقت ڪنهن به قسم جي تبديلي
خطرناڪ ٿيندي. انهي لحاظ کان هو جديد نظرين جي
ڪافي ويجهواچي پهتو هو. هن جي دور کان اڳ ڪيترائي
ماڻهو بخار جي علاج ۾ مري ويندا هئا جو انهي طريقي
۾ ڏاڍيون سخت ورزشون ۽ ڳرا کاڌا ڏناويندا هئا. اهو
هڪ قسم جو جنن ڀوتن کي ڀڄائڻ جو مذهبي اصليت رکندڙ
انداز هو.
مجموعي طور چئجي ته هو سمجهندو هو شايد ته تمام
گهڻي صحت به بيماريءَ جي ويجهي مائٽياڻي آهي. اهو
خيال هن چوڻي مان ظاهر ٿئي ٿو: ”چاق چڱن ڀلن کي
پنهنجي صحت بابت خبر ئي نه هوندي آهي صحت جي ڄاڻ
فقط بيمار ئي رکندا آهن.“ انهيءَ نظريي جي نتيجي ۾
هن ڏاڍي سختيءَ سان هر ڳالهه ۾ وچٿرائي جو مشورو
ڏنو.
7
هن کي جيتوڻيڪ پاڻ کان اڳ گذري ويل طبيب پروهتن
کان 265 دوائون مليون هيون پر هو اهي ڏاڍيون گهٽ
ڪم آڻيندو هو. هوبنيادي طور پاڻي، غذا ۽ آبهوا کان
اڳتي نه وڌندو هو ۽ باقي ڪم فطرت تي ڇڏي ڏيندو هو.
هن دوائن، پاڻي ۽ ستارن جي اثر بابت به لکيو آهي ۽
هن موسم جي اثرن بابت جيڪو تجزيو ڪيو آهي انهيءَ
کي هاڻي به درست سمجهيو وڃي ٿو.
جيستائين ستارن جي ڳالهه آهي ته هو پاڻ کان اڳ
گذريل اونداهين ماضيءَ کان مڪمل طور ڌار نه ٿيو هو
۽ سمجهندو هو ته شعريٰ يماني
(Sirius)
۽ سماڪ رامح
(Archirus)
ستارن جي اڀرڻ ۽ ڪتي جي لهڻ مهل بيماريون عام
ڏينهن کان وڌيڪ زور وٺنديون آهن.
هن انهيءَ قديم خيال کي رد ڪيو ته بيماريون
ديوتائن طرفان سزا طور موڪليون وڃن ٿيون. ويندي هن
”مقدس بيماري“ سمجهي ويندڙ مرگهي جي به ديوتائن
طرفان موڪليل هئڻ کان انڪار ڪيو. هن چيو ته ڪابه
بيماري خدا طرفان موڪليل نه آهي. اهي سڀئي فطري
قوتن جي سبب پيداٿين ٿيون. هن گرمي، سردي، هوا ۽
سج کي انهن فطري قوتن ۾ ٿي ڳڻايو.
هن کي هڏن، انهن جي جاين ۽ انهن جي تعلق بابت به
ڪجهه خبر هئي. مُشقن ۽ اندروني عضون بابت سندس
خيال منجهيل ۽ گهڻو ڪري غلط آهن. تنتن
(nerves)
بابت کيس ڪابه خبر نه هئي. هن جن شين کي تنتون
سمجهيو آهي اهي نسون
(sinews)
۽ گڏون
(tendons)
آهن.
هو دماغ کي هڪ گلٽي سمجهندو هو، جيڪو هڪ نيم سيال
پاڻياٺ خارج ڪري ٿو. اها ڪنهن به لحاظ کان پڪ نه
آهي ته هو سوچ کي دماغ جي سرگرمي سمجهندو هو. هن
بُڪين جو بيان گلٽين
(glends)
جي صورت ۾ ڏنو آهي پر هو سمجهندو هو ته انهنکي ڪا
ڇڪڻ جي صلاحيت آهي جنهن جي سبب واپريل پاڻياٺ مان
پاڻي ڇڪجي وڃي ٿو ۽ پوءِ مثاني ڏانهن لهي وڃي ٿو.
8
توهان بقراط جي غلطين تي کِلڻ وقت اها ڳالهه نه
وسارجو ته هن ڪو وڍ ٽُڪ ٿيل انساني جسم ڪڏهن به نه
ڏنو هو. ۽ هن وٽ نه ئي خوردبين هئي نه ئي ڪا
ڪيمسٽريءَ جي ڄاڻ هئي. هن کي مائڪروب ۽ گلٽين جي
باريڪ ڪمن بابت به ڄاڻ نه هئي. هن جي حيثيت اهڙي
هئي ڄڻ ڪو ماڻهو اونداهين ڪمري ۾ اوزارن کانسواءِ
۽ ڪنهن نازڪ مشين جي مرمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو
هجي. سندس ڪوششون بنهه ساديون ۽ اناڙي قسم جون
هيون پر انهيءَ هوندي به هو جنهن مشين تي ڪم ڪري
رهيو هو انهي کي تباهه نه ڪيائين
سندس چئني طرفن کان وهمن سنسن جا بت بيٺل هئا ته
به هن وڏي واڪي اها ڳالهه ڪئي ته بيماريون فطري
سببن جي ڪري پيداٿين ٿيون. هن انهن سان لاڳاپيل
ڪوڙو اسرار ڇڪي ڌار ڪيو ته انهن سان منسوب وهشت به
ختم ٿي وئي. طب هن کي ٿڪل ٽٽل مذهب جي مندر ۾
پويان پساهه کڻندي مليو هو پر پنهنجي مرڻ وقت هو
انهيءَ کي ڏک مان نجات جي اعليٰ مقصد تي بيهاري
تمام مضبوط ۽ سگهارو ڪري ڇڏي ويو.
|