سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: عظيم سائنسدان

 

صفحو :13

22

انهن دريافتن جي نتيجي ۽ هن باغي ۽ سندس دوربين جي چوڌاري دشمنن جو انگ وڌندو ويو. چرچ جي عقيد تمندن ته خوف ۾ پنهنجا هٿ مٿي ڪري ڇڏيا. انهيءَ جاسوس کي اها اجازت هرگز نه هئڻ گهرجي ته هو عام ماڻهن کان سندن دين ۽ سندن خدا کسيندو وتي. اهي سرجوڙي ويٺا ۽ گليلو کي ماٺ ڪرائڻ جي رٿ رٿيائون.

اها ڪا سولي ڳالهه نه هئي. اهي جنهن تي حملو ڪري رهيا هئا اهو هڪ وڏو مشهور ماڻهو هو ۽ هو پڪو ڪيٿولڪ هو. پر جئين ته سندن حملي جي شدت وڌندي وئي ته گليلو سوچيو ته بهتر ٿيندو ته هو روم وڃي پنهنجي موقف بابت وضاحت پيش ڪري سڀئي معاملا درست ڪرائي پنهنجي تحفظ جي خاطري وٺي اچي.

گليلو جي روم ۾ وڏي عزت ٿي ۽ چرچ ۽ رياست طرفان کيس عزاز ڏنا ويا، پر پوءِ ڪباب ۾ هڏي اچي وئي. ٿيو ائين جو ڪو پرنيڪس جي ڪتاب تي بندش وڌي وئي ۽ گليلو کي به پابند ڪيو ويو ته اڳتي بائيبل سان ٽڪراءَ ۾ ايندڙ انهي بيوقوفاڻي نظريي جي تعليم نه ڏئي ته زمين سج جي چوڌاري گردش ڪري ٿي.

گليلو راضي ٿي ويو. سندس نظر ۾ اها سڄي ڳالهه مڙئي ڪا رسمي ڪاروائي هئي. پر هن ته پنهنجن دشمنن جي هٿ ۾ هڪ هٿيار ڏئي ڇڏيو هو. هن لاءِ بهتري انهيءَ ڳالهه ۾ هئي ته هو روم کان پري رهي ها ۽ انهن سکڻن اعزازن کان پاند بچائي ها. اڃا به بهتر اها ڳالهه هئي ته هو پنهنجي معاهدي واري خط سان ٻڌل رهي ها ۽ پدوا ۾ رهي ها.

 

23

روم ڏانهن پهريون سفر 1615ع ۾ ٿيو جنهن ۾ کيس عزتون ۽ اعزاز مليا ۽ پوپ آڱر کڻي ڳنڀيرتا سان چتاءُ ڏنو.  ڪوپرنيڪس جي ڪتاب تي بندش پئجي وئي ۽ گليلو کي ٻوٿاڙو چاڙهيو ويو. اها بندش 200 ورهين کان وڌيڪ عرصو برقرار رهي تان جو 1885ع ۾ ماٺ ميٺ ۾ ڪوپرنيڪس جا بند آزاد ڪيا ويا ۽ انهي مان کيس وڏو فائدو ٿيو.

نو سال گذري ويا. گليلو مصروف رهيو ۽ سندس دشمن به مصروف رهيا ۽ ڪن کڙاڪيون دين خلاف ڪا ڳالهه جهٽي وٺڻ لاءِ تيار رهيا ڄڻ ته خدا پنهنجو دفاع پاڻ نه ٿي ڪري سگهيو ۽ انهن سياهه گوشن جي سهاري تي بيٺو هو.

گليلو ماٺ ۾ هو. سندس جاسوس انهيءَ کان محفوظ فاصلي تي بيٺا گوڙشور ڪندا ۽ چهڙون ڏيندا رهيا. اهو ماڻهو جنهن جي مقدر ۾ تباهي لکيل هئي اهي سمورا سال ماٺ ميٺ ۾ پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. بيماري ۽ غار جي منهن وٽ گذاريل رات جي نتيجي ۾ اوچتو سوٽون ڏيندڙ وائي سُورهن پوڙهي سائنسدان کي هلاک ڪري وڌو هو. هو جڏهن چاق هوندو هو ته ننڍا ننڍا ڪم پيو ڪندو هو؛ ڪانونيٽ جي بيٺل گهڙيال کي ٺَڪ ٺُڪ پيو ڪندو هو، بالادست خاتون ڏانهن سوکڙيون پيو کڻي ويندو هو جنهن جي زيردستي ۾ هاڻي سندس ٻه ڌيئر هيون يا هائيڊرو اسٽيٽڪس تي پيو سوچ ويچار ڪندو هو ۽ پنهنجي دوربين کي آسمان تي پيو ڦيرائيندو هو.

گليلو جي عمر وڌندي پئي وئي. وڏي جاکوڙ ۽ ڪاميابي جا سٺ ورهيه گذري ويا هئا. هاڻي شهرت کيس وڌيڪ ڪجهه نه ڏئي سگهي ها ۽ غربت وارا ڏهاڙا به ذهن تان ميسارجي ويا هئا. پر جيڪو سچ سندس دماغ ۾ ڌوڪيندو ٿي آيو اهو به دنيا کي ٻڌائڻ ضروري هو. پر انهيءَ لاءِ پوپ پاران ڏنل چتاءُ کي نظرانداز ڪرڻ جي جرئت گهربل هئي.

اها ڳالهه به آهي ته وقت معاملن کي درست ڪري ڇڏيندو آهي. جنهن پوپ چتاءُ ڏنو هو اهو مري ويو هو. هاڻي اربن اٺين جو دور هو. اهو اربن ساڳيو ئي ڪارڊينل باربيريني، گليلو جو دوست ۽ ”چڱو روشن خيال ماڻهو“ هو ۽ گليلو کي معقول حد ۾ رهندي پنهنجن خيالن جي اظهار جي اجازت ڏئي ها. گهٽ ۾ گهٽ گليلو ائين سمجهيو ٿي.

هو سڀني ماڻهن کي ٻڌائي سگهيو ٿي ته هو ڇا ٿو سوچي پر هو فقط بچاء جي خاطر اهو ڪم اڻ سڌي طرح ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو هو. هن Dialogues on the Ptolemaic and Copernican Systems نالي هڪ ڪتاب لکي ڇپرائي ڇڏيو. هن اڻ سڌيءَ نموني ڳالهه ڪرڻ بابت اها رٿ رٿي هئي ته گليلو جو پنهنجو ڪو به رايو ڪتاب ۾ نه ڏنو ويندو ۽ ٻنهي نظامن جي خوبين بابت به ڪنهن نتيجي تي نه پهچبو. اڃا وڌيڪ احتياط طور هن هڪ مهاڳ به چنبڙائي ڇڏيو جنهن ۾ چوي ٿو ته ڪوپرنيڪي نظام فقط هڪ مفروضي جي حيثيت ۾ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان کي ڪڏهن به سنجيدگيءَ سان يا ڪنهن حقيقت طور نه ورتو وڃي.

اهڙن احتياطي اپائن وٺندي ۽ دوست پوپ جي موجودگي ۾ ته ڪتاب ۽ ڪتاب جو ليکڪ ڏاڍي تڪڙي ترقي ڪن ها.

 

24

چالاڪ دشمن اهڙو ڀلو موقعو ڪيئن هٿان وڃائين ها! سن 1616ع ۾ جاري ٿيل چتاء اڃا برقرار هو. اها پوپ جي فرمان ۽ گليلو پاران ڪيل واعدي جي سئين سڌي ڀڃڪڙي هئي. اڃا وڏي ۽ وڌيڪ خراب ڳالهه اها ٿي ته گليلو جا دشمن چوڻ لڳا ته ڪتاب ۾ سمپيليشيو (Simplicio) نالي جيڪو ماڻهو ارسطو جو دفاع ٿو ڪري ۽ جنهن تي گليلو مسلسل چوٽون ٿو ڪري اهو پوپ اربن آهي. هاڻي حضور اقدس کي فقط انهي ڪتاب تي نظر ڦيرائي ڏسڻو هو ته سندس نافرمان پٽ گليلو واقعي مٿس چٿرون ڪيون آهن. اربن ڪتاب کولي ڏٺو ته اڳي ئي مجروح انا شڪ پيدا ڪري ڇڏيو جيڪو پڪ ڏانهن وڌڻ لڳو.

گليلو  کي روم اچڻ جو حڪم ڏنو ويو.

ڪتاب لکڻ ۽ ڇپرائڻ کي نون ورهين جو عرصو ٿي چڪو هو. گليلو هاڻي سترورهين جو هو ۽ سندس طبعيت به ٺيڪ نه رهندي هئي اهو ڏاڍو خوفناڪ سمن هو! اهو ماضي ۾ به ڪيترن ماڻهن کي مليو هو جيڪي شهر مقدس (Holy City) ڏانهن وڃڻ کانپوءِ ڪڏهن به واپس نه آيا هئا. هو جڏهن روم وڃي رهيو هو ته سندس پاسن کان سوونارولا، جان هس ۽ برونو جا پاڇا پڻ هلي رهيا هئا.

 

25

هن دفعي کيس ڪي به عزتون ۽ اعزاز نه مليا. هن کي فقط هي رت سڪائيندڙ حڪم مليا ته گهر ۾ ويٺو رهي، ڪنهن سان به نه ملي ۽ عدالت احتساب طرفان سڏ ٿيڻ جو انتظار ڪري. انهي خوفناڪ ٽريبيونل جا ماڻهو کيس پنهنجي دفتر وٺي ويا ۽ هن کان باربار پڇا ڳاڇا ڪئي وئي هن کان اهڙن ماڻهن سوال ڪيا جن طئي ڪري ڇڏيو هو ته سندس لفظن کي سندس خلاف ئي ڪم آڻڻو آهي.

سندس ڏوهه بابت ته ڪو شڪ شبهو ئي نه هو. سندس ڏوهه سڀني ڊنل عيسائين جي ڪنن ۾ ٻُري رهيو هو. عدالت احتساب انهيءِ لاءِ ويٺي ئي نه هئي ته سندس ڏوهه ثابت ڪري؛ سندس مٿان سوالن جو مينهن انهي ڪري نه وسايو ويو هو نه ئي کيس انهي ڪري عقوبت خاني ڏانهن نيو ويو هو جئين هو ملحدن جي روحن کي پاڪ ڪرڻ جا بيرحماڻا اوزار پنهنجين اکين سان ڏسي وٺي. سندس ڏوهه ته صاف ۽ پڌرو لڳو پيو هو. انهن اپائن جو مقصد اهو هو ته جئين کيس مجبور ڪري سندس دين کان ڦريل جهنمي ڳالهين تان هٿ کڻائجي.

سندس جن دوستن کي هن سان ملاقات جي اجازت مليل هئي انهن کيس منٿون ڪيون ۽ هن جي آڏو رنا ته هو پنهنجن خيالن تان دستبردار ٿي وڃي. سندس ڌي ماريا سيليسٽي کيس آرسيٽري مان ڏاڍو دلسوز ۽ ڳوڙهن ۾ ٻڏل خط لکيو. سندس دوست به کيس گذارشون ڪندا رهيا ته گليلو پاڻ کي بچاء! ڦري وڃ! پر گليلو نه ڦريو. ماڻهو تصور جي ڪنن سان گليلو جي آواز جا پڙاڏا ٻڌي سگهي ٿو جيڪو چئي رهيو آهي:

”ڇا آءُ عيسائي نه آهيان؟ ڇا آءُ چرچ جو باوقار فرزند نه آهيان؟ ڇا آءُ مٽيءَ تي گوڏا نه کوڙيندو آهيان ۽ خداوند قادر مطلق ۽ سندس پٽ يسوع مسيح جي عبادت نه ڪندو آهيان؟ دستبردار ٿيان؟“ آءُ ڇا تان دستبردار ٿيان؟ ڇا آءُ سچ تي پردو وجهي ڇڏيان ۽ ائين ڪندي چرچ جي زبان تي ڪوڙ آڻي ڇڏيان ۽ ديني عقيدن جي بيحرمتي ڪندي پنهنجي روح کي داغدار ڪري ڇڏيان؟ اَڙي منهنجا دوستو! مون ته سچ ڳالهايو آهي، آءُ هاڻي پنهنجي ايمان تان ڦري وڃان ۽ خدا کي ڪوڙو ڪوٺيان.

 

26

عدالت احتساب جي قاعدن مطابق سخت تفتيش جا پنج مرحلا هوندا هئا. پهريون عدالت جي ڪمري ۾ سرڪاري طور تشدد جو دڙڪو ڏنو ويندو هو. ٻئين مرحلي ۾ خطا ڪار کي تشدد واري ڪمري جي دروازي وٽ وٺي وڃي ٻيون دفعو دڙڪو ڏنو ويندو هو. ٽئين مرحلي ۾ کيس ڪمري ۾ اندر وٺي وڃي تشدد جا اوزار ڏيکاريا ويندا هئا. چوٿين مرحلي ۾ کيس ڪپڙن کان آجو ڪري شڪنجي ۾ ٻڌو ويندو هو ۽ آخري مرحلي ۾ تشدد ڪيو ويندو هو. هر مرحلي کانپوءِ ملزم کي پنهنجن عقيدن تان ڦرڻ جو موقعو ڏنو ويندو هو.

گليلو جڏهن روم ۾ پهتو ته فيبروريءَ جو مهينو هو. هن کان ڪيترائي دفعا تفتيش ڪئي وئي ۽ انهن تفتيشن دوران ڏينهن ۽ هفتا گذرندا رهيا. گليلو دستبردار نه ٿيڻ تي ڄميو بيٺو رهيو. اهڙي طرح بهار کانپوءِ اونهارو اچي ويو ۽ 21 جون جو سج اڀريو. روم جي باغن ۾ ڏينهن ڏاڍو روشن ۽ چمڪدار هو پر گليلو لاءِ اونده انڌوڪار هئي ۽ هلڪي هوا ۾ ڏک ۽ موت جا سرٻاٽ هئا.

انهي ڏينهن کيس سخت تفتيش لاءِ عدالت احتساب ۾ گهرايو ويو. هو پنهنجن منٿون ڪندڙ ۽ روئيندڙ دوستن کي پٺيان ڇڏي ماٺ ميٺ ۾ انهي خوفناڪ دفتر ۾ ويو هليو. دروازو کليو ۽ بند ٿي ويو پوءِ ڳڻتيءَ ۾ ورتل ماڻهن کي اندران ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه آيو ته غائب ٿي ويل استاد سان ڇا وهيو واپريو.

اهو سال جو سڀ کان ڊگهو ڏينهن هو پر ٻيو ڏينهن اڃا وڏو ٿيو ۽ آهستي آهستي گذرندڙ منٽن ڪا به خبر نه آندي. ٻي رات ۽ ٻيو ڏينهن به سيڪنڊ سيڪنڊ ٿي گذري ويا ۽ ٻي خوفناڪ رات اچي وئي.

گليلو جون جي 24 تاريخ پنهنجن دوستن وٽ واپس آيو.

 

27

سخت تفتيش جا پنج مرحلا! گليلو انهن مان ڪيترن منجهان گذريو؟ تاريخي رڪارڊ انهي سوال جو ڪو به جواب نه ٿا ڏين. ڇا گليلو انهي تفتيش جا ڪي تفصيل ڪڏهن پنهنجن دوستن کي ٻڌايا؟ شايد ته نه، انهيءَ سلسلي ۾ ڪنهن جاءِ تي سندس همٿ جواب ڏئي وئي، هن ڪنهن مرحلي تي رڙ ڪئي ته:

”بس، آءُ ڦران ٿو، آءُ دستبردار ٿيان ٿو،. آءُ پنهنجن عقيدن تي لعنت وجهان ٿو، ٻڌايو ته آءُ وڌيڪ ڇا ڪريان؟“

”صحيح ڪر.“ ڏهن مک پادرين چيو.

گليلو صحيح ڪري ڇڏي.

هو جڏهن همٿ هارائي ۽ ڊپ ۾ وٺجي جهڪيل حالت مان سڌو ٿي اٿي بيٺو ته سندس ذهن ۾ زمين ۽ ان جي حرڪت بابت ڪو به خيال نه هو. انهي لمحي ۾ هو ڪو سائنسدان ۽ دريافتون ڪندڙ نه هو، هو هڪ اهڙو پوڙهو، بيمار ۽ هراسيل ماڻهو هو جنهن کي ٻي ڪنهن به ڳالهه کان اڳ پنهنجي ڌيءَ جي ٻانهن جي ڇهاء ۽ پنهنجن دوستن جو آواز ٻڌڻ جي خواهش هئي.

 

28

گليلو هڪ قيدي هو. هن کي جيتوڻيڪ عدالت احتساب جي ڪنهن کولي ۾ بند نه ڪيو ويو هو ته به هو آزادي کان محروم هو. هن کي ڪجهه ڏينهن روم جي ويجهو رکيو ويو پوءِ هن کي سينا (Sienna) موڪلي آرچ بشپ پڪولوميني جي سپرد ڪيو ويو. اتي هو ڇهه مهينا دنيا کان ڪٽيل رهيو. ايندڙ ڊسمبر ۾ چرچ مهرباني ڪندي گليلو کي فلارينس جي ويجهو آرسيٽري ۾ پنهنجي پراڻي گهر وڃڻ جي اجازت ڏني. بهرحال کيس خبردار ڪيو ويو ته هو لازماً آرسيٽري ۾ ئي رهي ۽ هڪڙي به حالت ۾ فلارينس نه وڃي. دوست هن سان ملي سگهن ٿا پر اهي به هڪ وقت ۾ ٻن يا ٽن کان وڌيڪ نه هجن.

سينا ۾ اهو وقت گذارڻ دوران گليلو کي پنهنجي ڌيءَ ماريا سيليسٽي جا سک ڏاڍا ياد ايندا هئا. آرسيٽري ۾ هو هن جي ويجهو هوندي ۽ زندگي جي تارُن کي نئين سر جوڙڻ جي ڏکئي ڪم ۾ سندس مدد ڪري سگهندي. سينا ۾ هو سوچيندو هو ته هو هن لاءِ ڪهڙا ننڍڙا ننڍڙا ڪم ڪندي. هن سندس ڊگهي غير موجودگيءَ ۾ سندس جائيداد جي نگهباني ڪئي. جئين تفتيش جو وقت اينگهندو پئي ويو ته هن جي پيڙا ۾ اضافو ٿيندو پئي ويو. هوءَ سندس بيماريءَ تي ڳڻتيون ڪندي هئي ۽ آخري تفتيش جي ٽن ڏينهن دوران اذيت ۾ رهي هئي. گليلو جنهن اونده ۾ رهيو هو انهيءَ ۾ هن لاءِ فقط سندس خط ئي روشني جا ترورا ٿي رهيا هئا.

هن کيس آرسيٽري ۾ وري وڃائڻ لاءِ حاصل ڪيو. ڏکن ۽ ڳڻتين سندس طاقت ختم ڪري ڇڏي هئي. هن پاران سينا ڇڏڻ کان اڳ ئي ڇوڪريءَ محسوس ڪري ورتو هو ته سندس وقت پورو وڃي بچيو آهي ۽ ڊسمبر جي شروعات ۾ هن ڏانهن خط ۾ لکيائين:

”آءُ نه ٿي سمجهان ته آءُ توهان جي واپسي جو وقت ڏسڻ تائين زنده رهنديس ته به خدا جيڪڏهن مهلت ڏني ته انهي ۾ شال ڪا چڱائي هجي.“

انهيءَ مان چڱائي ئي ٿي ۽ اهي وري پاڻ ۾ مليا پر انهيءَ ملاقات مان گليلو کي ڪا گهڻي خوشي نه ملي. سيليسٽي بيمار ٿي پئي. سياري جا سڀئي مهينا سندس طبيعت خراب ٿيندي وئي ۽ مارچ جي آخر ۾ شديد بيمار ٿي 2 اپريل 1634ع تي فوت ٿي وئي.

 

29

 هاڻي گليلو کي پنجاه ورهيه پراڻين عادتن بچائي ورتو. هن پنهنجي تمام شروعاتي ورهين کان وٺي ڪم ڪيو هو ۽ جسماني ۽ ذهني پيڙائن دوران به هو ڪم ڪندو رهيو. اهڙي طرح هو پنهنجي ڏک تي حاوي ٿي ويو ۽ اها ڳالهه ئي وسري ويس ته هو ڪو اڃا قيدي آهي. ”منهنجو بي آرام ذهن سوچ ويچار ڪندو رهي ٿو.“ هن پنهنجي ڌيءَ جي وفات کان ست مهينا پوءِ لکيو. هائو! هاڻي هو Dialogue on the new science تي سوچ ويچار ڪري رهيو هو. هن آخري وقت کان اڳ اهو ڪم ڪرڻ چاهيو ٿي ۽ هن کي پڪ نه هئي ته اهو پورو ڪرڻ جو وقت ملندو يا نه.

انهيءَ ”نيو سائنسز مان سندس مطلب مڪينڪس هو. گليلو ڪيترن ورهين کان روزاني زندگيءَ ۾ ڪم ڪندڙ قوتن (Forces) جو اڀياس ڪندو رهيو هو. اهڙي طرح هن هائڊرواسٽيٽڪس، ڪرندڙ جسمن جي قانون ۽ طاقت وٺڻ ۽ اسپيڊ گهٽجڻ بابت سرسري ڳالهيون ڪيون هيون. هاڻي اڳتي وڌڻ جو وقت اچي ويو هو. هن انهن ڊائيلاگز (Diaologues) ۾ (Cohesion) شڪستگي جي مزاحمت (Resistance to fracture) ۽ يڪسان حرڪت، تيزي ۾ ايندڙ حرڪت ۽ پروجيڪٽائيل حرڪت بابت تفصيل سان لکيو. هو انهن ڊائلاگز ۾ اهڙيون حقيقتون بيان ڪري ويو جن کي پوءِ نيوٽن حرڪت جي ٽن قانونن جي صورت ۾ پيش ڪيو ۽ اهڙي طرح اهي سمورن انسانن جي مشترڪ معلومات جو حصو بڻيون.

گليلو پاران سندس پوڙهائپ ۾ جنم ڏنل اهي قانون هن ريت آهن.

پهريون: جيڪڏهن ڪنهن جسم تي ڪا قوت عمل نه ڪندي ته اهو يڪسان اسپيڊ ۽ طرف سان حرڪت ڪندو رهندو.

ٻيون: جڏهن ڪا قوت عمل ڪندي آهي ته حرڪت جي اسپيڊ يا رخ يا ٻنهي ۾ تبديلي ايندي آهي، اها قوت جي مقدار جي نسبت سان هوندي آهي ۽ ساڳئي رخ ۾ هوندي آهي جنهن رخ ۾ قوت عمل ڪندي آهي.

ٽيون:  مرڪز گريز (centrifugal) ۽ مرڪز مائل (Centripetal) قوتون برابر هونديون آهن ۽ ٻنهي جي گڏجڻ سان جسم ۾ ڇڪ (Tension) پيدا ٿيندي آهي.

اهي حرڪت جا قانون آئزڪ نيوٽن جي لفظن ۾ بيان ٿيل آهن پر انهن جو بنياد گليلو جي ڪم تي آهي يعني پوشاڪ نيوٽن جي پهرايل آهي پر جسم گليلو جو آهي.

”دائنا مڪس رفتار وڌايل يا رفتار گهٽايل قوت جي سائنس آهي،“ عظيم اطالوي سائنسدان لينگريج لکي ٿو“ ۽ انهي سائنس جو بنياد گليلو وڌو. انهي عظيم ماڻهو جي عظمت جي سڀ کان ٺوس ۽ سڀ کان حقيقي حصي جو سبب به سندس مڪينڪس ۾ ٿيل ڪم آهي.

گليلو پاڻ مڪينڪس ۾ ٿيل پنهنجي ڪم کي هڪ نئين سائنس ڪوٺي ٿو جنهن جا بلڪل شروعاتي اصول به هن ايجاد ڪيا هئا. هو جئين ته ارشميدس جي تحريرن کان مڪمل طور واقف هو ۽ ممڪن آهي ته هن بيان ۾ ٿوري ٽيڳر به شامل هجي پر اها حقيقت آهي ته مڪينڪس کي هڪ جديد سائنس جي حيثيت ۾ تحرڪ ۽ رخ گليلو جي طاقتور ۽ ڳولهائون ڪندڙ ذهن کان مليو. روشني ختم ٿيندي پئي وئي. انهيءَ سال جي اونهاري ۾ گليلو جي نظر ختم ٿيڻ شروع ٿي وئي ۽ سال کان گهٽ عرصي ۾ سندس ساڄي اک جي نظر ختم ٿي وئي ۽ کاٻي اک جي تمام گهڻي ڌنڌلائجي وئي. هو ڊسمبر 1637ع ۾ بلڪل نابين ٿي ويو. هن 2 جنوري 1638ع تي پنهنجي هڪ دوست کي خط لکيو:

”مانوارا سائين! افسوس توهان جو مخلص دوست ۽ خادم گليلو هڪ مهيني کان لاعلاج طور انڌو ٿي ويو آهي. هي آسمان، هيءَ زمين ۽ هيءَ ڪائنات جنهن کي مون پنهنجن مشاهدن ذريعي هڪ هزار دفعا وڏو ڪري ڇڏيو آهي اهي سُسي هڪ محدود نقطي جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن.“

اها ڳالهه بلڪل سچ نه هئي ڇاڪاڻ ته سندس ذهن مسلسل سوچ ويچار ۾ مصروف هو ۽ سندس تيز حافظو گذريل ڏينهن جا عڪس هن وٽ آڻيندو رهيو. سندس ديد ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ به مڪينڪس جا مسئلا هن ۾ هوراکورا  پيد اڪندا رهيا. هن جي اهڙي سڀ کان آخري ڪوشش پينڊولم کي وقت جي پيمائش جي مسئلي تي لاڳو ڪرڻ هو. اهو مسئلو ڪڏهن کان سندس ذهن ۾ موجود رهيو هو؟ اهو پيسا جي ڪيٿيڊرل ۾ انهيءَ نوجواني واري صبح کان موجود هو ڇا؟ بهرحال اها حقيقت آهي ته اهو اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ اڀري آيو. سندس نابينائي واري وقت ۾ سندس ذهن تي حاوي ٿي ويو ۽ سندس حيران ڪندڙ ذهانت جو هڪ وڌيڪ ثبوت ڏنائين. ڏينهن تيزيءَ سان گذرندا ٿي ويا ۽ انهيءَ مسئلي ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتو.

 

31

گليلو جي تڪليفن جي باوجود عدالت احتساب کيس اڃا تائين سوگهو ڪيون بيٺي هئي. اهو صحيح آهي ته پابندي نرم ڪئي وئي هئي پر اها مڪمل طور کنئي نه وئي هئي. کيس 1638ع جي اونهاري ۾ فلارينس وڃي پنهنجي پٽ وٽ رهڻ جي موڪل ڏني وئي پر ملاقاتين جو تعداد اڃا به محدود رکيو ويو ۽ کيس شهر ڇڏڻ کان منع ڪئي وئي.

انهيءَ ئي اونهاري جي مند ۾ هن وٽ هڪ عجيب ملاقاتي آيو. اها هڪ غمگين ۽ ڊرامائي ملاقات هئي جڏهن پيوريٽاني جوش ۾ ڀريل نوجوان جان ملٽن لڏندڙ لمندڙ نابين ديوَ ۾ چمڪندڙ اکيون وڌيون بيٺو هو. انهي ملاقات جو هاڻي ڪو به رڪارڊ موجود نه آهي. ملٽن انهيءَ ڏانهن مختصر اشارو ڏنو آهي.

”مون مشهور معروف گليلو سان وڃي ملاقات ڪئي. هو پوڙهو ٿي ويو هو ۽ عدالت احتساب پاران انهي ڏوهه ۾ باندي بڻايل هو جو هن فلڪيات بابت فرانسسڪين ۽ ڊومينيڪين کان مختلف نظريا رکيا ٿي.

فقط اهي ئي   لفظ آهن. نه نابينائي جو ذڪر آهي، نه پيغمبري فرشتن ڏانهن ڪو اشارو ڏنل آهي؛ نه ئي ٻنهي جي ڏي وٺ ۾ آيل ڏاهپ جا لفظ بيان ڪيا ويا آهن. پر اسين اها خاطري ڪري سگهون ٿا ته پورپچائيندڙ نابين جان ملٽن کي ايندڙ سالن ۾ فلارينس جو اهو منظر هڪ کان وڌيڪ دفعا ياد آيو هوندو.

 

32

انتظار ۾ وقت ڊگهو ٿي ويندو آهي ۽ سوچ ويچار ڪندڙ ذهن ڪنهن بستري داخل پوڙهي ماڻهو جو سٺو ساٿي ثابت نه ٿو ٿي سگهي. اها ڌيءَ به فوت ٿي وئي جيڪا انهن ڏکوئيندڙ ڏينهن ۾ آٿت ڏئي ها. پراڻا دوست به ويا هليا. هاڻي هن وٽ نئون ۽ پيارو دوست ووياني (Viviani) موجود رهندو هو جيڪو مرڻ ڪنڌي تي پهتل استاد جي محبت ۽ احترام ۾ هن جي خدمت ڪرڻ آيو هو.

گليلو نومبر جي پنجين تاريخ بستري ۾ اهڙو داخل ٿيو جو وري نه اٿيو. هو بخار ۾ ٻري رهيو هو. ننڊ نه اچڻ سبب توائي لڳو پيو هو، دل جي ڌڙڪي سبب ساهه ۾ مونجهه ٿي پئي هئس ۽ پراڻي هرنيا سبب سور سخت پريشان ڪري وڌو هوس ته به سندس ذهن صاف هو. هن ووياني سان سائنسي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جانورن جي چُرپر تي هڪ مقالي جي رٿ رٿي ۽ ارتعاش (Percussion) تي هڪ مڪالمي لاءِ نوٽس لکرايا. مسئلا ايترا گهڻا هئا ۽ وقت ايترو ٿورو وڃي بچيو هو.

سن 1642ع ۾ جنوري جي اٺين تاريخ آرسيٽري واري ننڍڙي گهر ۾ هلچل ۽ افراتفري لڳي پئي هئي. آخري رسمن ۽ پوتر ڀڄن لاءِ تڪڙ ۾ ماڻهو موڪليو ويو. ”اي خداوند اسين هي روح تنهنجي حوالي ڪريون ٿا.“ سياري جو ننڍو ڏينهن جلد ختم ٿي ويو ۽ رات ٿي وئي.

انهيء ماڻهو جي پيسا ۾ ڄمڻ کانپوءِ 78 ورهيه اچي گذري به ويا. هن شهرت جي چوٽين تي سفر ڪيا. هن ڪائنات جي حدن کان به اڳتي ڏسڻ لاءِ پنهنجي لاءِ هڪ جادوئي اک ٺاهي. هو غرور سان گهمندو ننڍڙن ماڻهن جي ڳالهين کي حقارت جي نظر سان ڏسندو رهيو. اهي سندس خلاف ٿي پيا ۽ هن کي ڏاڙهڻ لڳا. هنن پاڻ ۾ گڏجي لوڌ ڪري هن کي ڇڪي کڻي هيٺ لاٿو ۽ کيس قيد خاني ۾ اڇلائي ڇڏيو. هاڻي هو ڀلي پنهنجيون سموريون زندگيون هن کي چهڙون ڏيندا ۽ هن سان وچڙندا رهن. انهن جو شڪار انهن جي هٿن مان نڪري ويو. گليلو آزاد ٿي ويو.

 

باب ارڙهون

آئزڪ نيوٽن

 

وولز ٿارپ جي حويليءَ ۾ 25 ڊسمبر 1642ع تي ڏاڍي افراتفري ۽ ماڻهن جي تڪڙي اچ وڃ لڳي پئي هئي. هڪ ڪمري ۾ هڪ ڪمزور ۽ هيڊي عورت ليٽي پئي هئي جڏهن ته سندس ڀر سان وهاڻي تي هڪ ننڍڙو ٽي پائونڊ وزن جيترو ٻارڙو پيو هو. هن جي لُڪي ۾ ساه ته هو پر سندس جسم ٿڙڪي رهيو هو ۽ ڪنهن به وقت مري سگهيو ٿي. پوڙهيون ڊنل دايون ڊاڪٽر ۽ ڪا دوادرمل آڻڻ لاءِ تڪڙيون تڪڙيون ڪولسٽرورٿ ڏانهن روانيون ٿيون.

اهي رستي تي هڪٻئي سان واويلا ڪنديون ويون: اسين به ڪهڙيون اياڻيون آهيون جو ناحق ڊوڙي پاڻ کي هلاک پيون ٿيون ڪريون! ٻار ته اڳيئي مئو پيو آهي، اهو اسان جي واپسي تائين جيئرو رهيو ته معجزو چئبو! ايترو جيتامڙو ته آهي، اسين مڙهيون ڊوڙي ڊڪي پنهنجون ٽنگون ساڻيون ڪري ويهنديون سين اهو ته اڳي پوءِ مري ويندو ۽ ڪير اسان کي مهرباني جا ٻه لفظ به نه چوندو. ادي! خداوند اسان کي هي ڏاڍو ڏکيو ڌنڌو ڏنو آهي؛ شڪرانا اسين به نيٺ اچي پهتيون آهيون.

اهي جلد ئي وولز ٿارپ واپس موٽيون جتي آئيندي جو هڪ عّظيم انسان زندگيءَ لاءِ جاکوڙ ڪري رهيو هو. جتي اهڙي ٻارڙي جي زندگي ٽياس تي ٽنگيل هجي اتي ٻن پوڙهين دائين جا ڏکندڙ ڦڦر ۽ ڏکندڙ ٽنگون ڪهڙي حساب ۾ اينديون. پنهنجين شديد گهرجن تي لعنتاڻا وجهندڙ پوڙهيون توهان ٿينديون ڪير آهيو؟ توهان بي نام پاڇائي ته آهيو جيڪي ٽٻي هڻي کن پلڪ لاءِ تاريخ جي صفحن تي اچي ويون آهيو ۽ پوءِ گم ٿي ويندوء.

بهرحال هن موقعي تي توهان جو ڪم صحيح نموني سرانجام ڏجي ويو آهي. ٻارڙو بچي ويو آهي ۽ زنده رهندو.

 

2

اهڙي طرح آئزڪ نيوٽن به بچي ويو ۽ سندس ماءُ به بچي وئي ۽ سن 1642ع جو اهو ڳڻتين ڀريو ڪرسمس وارو ڏينهن به ماڻهن کان تقريباً وسري ويو. وولز ٿارپ ۾ زندگي معمول وارن ڪمن تي اچي وئي.

ننڍڙو آئزڪ وزن ڪندو ويو ۽ سندس ماءُ تندرست ۽ تواني ٿيندي وئي. آئزڪ جو پيءُ سندس ڄمڻ کان ڪجهه هفتا يا مهينا اڳ فوت ٿي ويو هو. هو هڪ آبادگار هو ۽ زمين ٽڪر تي ننڍڙوفارم پنهنجو هوس جيڪو هڪ سو سالن کان سندس ڪٽنب ۾ رهندو ٿي آيو. هو پنهنجي زمين تي سخت محنت ۽ وڏي قناعت ڪري گذر سفر پيو ڪندو هو. هو اڄ کان تقريباً ٽي سو سال اڳ فوت ٿي ويو ۽ تاريخ کي تڏهن وولزٿارپ جي انهيءَ ننڍڙي آبادگار ۾ ڪا دلچسپي نه هئي.

تاريخ ۾ هن بابت معلومات نه هئڻ برابر آهي. تصور ڪري سگهجي ٿو ته هو مضبوط هڏ ڪاٺ وارو، صحيح دماغ رکندڙ ۽ پاڻ تي ڀاڙڻ وارو ماڻهو هوندو. سندس سچائيءَ سان ڀريل اکيون پنهنجي آسپاس عام رواجي شين کي جاچينديون رهنديون هيون.

هن پنهنجي انهيءَ سڌي سادي انداز سان ڏٺو ته کيس هنا ايسڪئيٿ پنهنجي آسپاس نظر آئي ۽ سندس دل انهي تي بيهجي وئي. انهن جلد ئي شادي ڪري ڇڏي. پر جلد ئي کيس ڪنهن شي ڪيرائي وڌو. اها نمونيا هئي يا ڪنهن وبائي مرض جو مهٽو هو. وبا جا به سدائين يورپ تي لامارا رهندا هئا. اهڙي طرح هنا اڃا ڪنواري ئي هئي ته بيوه ٿي وئي. هن کي پنهنجي هني مون ۾ انهي دکدائڪ رنڊڪ جيتوڻيڪ ڀڃي ڇڏيو پر هن همٿ نه هاري ۽ حوصلي سان هلندي رهي جو پٽ کي جنم ڏنائين، صحتياب ٿي ۽ وقت پئي هن بابت ”غيرمعمولي سٺي عورت“ جا لفظ چوڻ ۾ آيا.

هنا آئزڪ جي ڄمڻ کان ٻه ورهيه پوءِ ريورنڊ مسٽر برناباس سان شادي ڪئي ۽ نارٿ وائٿام وڃي رهي.

انهي پادريءَ کي لڳو پئي ته ٺهيل ٺڪيل ڪٽنب سان رغبت نه هئي تنهن ڪري آئزڪ کي پنهنجي ڏاڏايءَ وٽ ڇڏيو ويو. هنا سمٿ کي ٽي ٻار، ٻه ڌيئر ۽ هڪ پٽ ڄڻي ڏنا، پوءِ سمٿ به هي جهان ڇڏيو ۽ هنا وولزٿارپ موٽي آئي.

 

3

آئزڪ چوڏهن ورهين جو هو جڏهن سندس ماءُ موٽي آئي. هو اسڪلنگٽن ۽ اسٽوڪز جي اسڪولن ۾ پڙهيو هو ۽ گرينٿام جي گرامر اسڪول ويو جتي ڳوٺ جي دوا فروش وٽ رهندو هو. اهڙي طرح ڪلارڪ نالي وارو اهو ماڻهو گمنامي مان نڪري آيو ۽ سندس نالو انهيءَ ڪري هميشه زنده رهندو جو هن ڪنهن وقت هڪ اسڪولي ڇوڪري کي کاڌو پيتو ۽ رهائش ڏني هئي.

اهو ننڍڙو نيوٽن ڪو هوشيار شاگرد نه هو پر سوچ ويچار ۾ ٻڏل ۽ ٻين کان الڳ ٿلڳ رهندو هو. هو جيئن ته لڄارو ۽ ڇوڪراڻين راندين ۾ حصو وٺڻ ۾ ڍرو هوندو هو تنهن ڪري ٻيا ڇوڪرا سندس پٺيان پئجي ويندا هئا ۽ کيس تنگ ڪندا هئا پر انهي لڄاري ڇوڪري کي به جيڪڏهن گهڻو تنگ ڪيو ويندو هو ته هو ڪاوڙ ۾ اچي ويندو هو. اهڙي طرح اهو آئزڪ هڪ ڏينهن اهڙو جوش ۾ اچي ويو جو هر ڪو ماڻهو حيران ٿي ويو. هن پاڻ کي ڪنهن به ڌڪ جي پرواه نه ڪندي اسڪول جي ويڙهو ڇوڪري کي پنهنجين ننڍڙين مُڪن ۽ رانبوٽن سان اچي ورتو ۽ ان کي مات ڏئي ڇڏيائين. تاريخ انهي کي سندس واحد لڙائي طور ڄاڻايو آهي ۽ انهيءَ کانپوءِ کيس هميشه لاءِ هڪ ماٺيڻي ۽ امن واري ماڻهو طور پيش ڪيو آهي.

انهي ويڙهه سندس سُست گلٽين (Glands) کي جنبش ۾ آڻي ڇڏيو ڇا؟ يا انهيءَ ڪاوڙ ذريعي خارج ٿيل ايڊرينالين سندس اندروني نظام کي حرڪت ۾ آڻي ڇڏيو؟ توهان انهيءَ کي جئين وڻيو تيئن سمجهو پر انهي ڏينهن کان آئزڪ تبديل ٿي ويو. اونده روشني ۾ تبديل ٿي وئي ۽ هو پنهنجي اسڪول جي ڪم ۾ وڏي رفتار سان اڳتي وڌڻ لڳو ۽ جيڪڏهن وڏو هوشيار نه ته به گهٽ ۾ گهٽ پنهنجن دوستن کان بهتر ٿي ويو.

پوءِ سندس ٻه دفعا بيوه ٿيل ماءُ پنهنجا ٽي ٻار کڻي گهر آئي. هن وٽ ڪو وڏو پئسو نه هو. شايد ته جملي چارسو ڊالر ساليانو ٿي وڃن ۽ انهيءَ رقم مان پنجن ماڻهن جو خرچ پکو ڪرڻو هو. هڪ پڙهيل لکيل ماڻهو ۽ پادريءَ جي زال هوندي هنا لاءِ زندگيءَ جو گاڏو گهلڻ سولو ڪم نه هو. هوءَ جيئن ته آبادگارن جي خاندان مان هئي تنهن ڪري انهي ڪم کي زندگي گذارڻ جو محفوظ ۽ سمجهه ڀريو طريقي پئي سمجهيائين. انهيءَ مان سڀاويڪ طور اهو نتيجو پئي نڪتو ته آئزڪ کي هاري ٿيڻ گهرجي.

اهڙي طرح آئزڪ ساڍن چوڏهن ورهين جي عمر ۾ ماءُ جي حڪم تي هاري ٿيڻ لاءِ گرينٿام مان گهر هليو آيو.

 

4

فرض شناس آئزڪ سچو هاري ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر جڏهن توهان جو دماغ عجيب خيالن سان پُر هجي ته ڪاميابي سان هر هلائڻ مشڪل هوندو آهي ۽ جڏهن دوا فروش جي گهر ۾ پڙهڻ لاءِ ڪتاب پيا هجن ته گرين ٿام جي مارڪيٽ ۾ اگهن تي ريڙهه پيڙهه ڪرڻ به ڏکيو ڪم هوندو. تنهنڪري هو گرين ٿام مان ڪتاب اڌارا وٺي آيو ۽ جڏهن ڪو پوڙهو نوڪر گرين ٿام ڏانهن ڊوڙندو پيو ويندو هو ته هڪ ڇوڪرو لوڙهي جي پاڙ ۾ ويٺو ڪتاب پڙهندو هو. پر ٻين هٿان ڪرايل واپار مان ورلي ئي ڪي وڏا منافعا ملندا آهن.

سندس ماء شايد دڙڪو دهمان پئي ڪندي هئي پر جيڪو ڇوڪرو سدائين صحيح ڪم ڪرڻ چاهيندو هجي انهي تي سختي ڪرڻ به سولو ڪم نه هوندو آهي. هن جو دماغ جيڪڏهن خوابن کان آجو ٿي وڃي ته به سٺو. هن جي دماغ ۾ گهڻو ڪري ميڪانيڪي حرفتن جا خواب هوندا هئا. هن آبي گهڙيون ۽ ڌوپ گهڙيون (Sun dials) به ٺاهيون ته بلڪل صحيح نموني اڏامندڙ لغڙ به ٺاهيا. هن کي سج جي روشني موهي وجهندي هئي ۽ فطرت جي انهن سڀني لطيف ڳالهين بابت هن ڇوڪري جي ذهن ۾ خواب هوندا هئا جن کي ڪو ڇوڪرو ڏسي ۽ انهن بابت سوچ ويچار ڪري پر انهن کي سمجهي نه سگهي.

هڪ دفعو تمام تيز هوا پئي گهُلي. ڏسو ته عجيب واقعا ڪيئن گڏوگڏ واقع ٿي رهيا هئا. اوليور ڪرامويل 3 سيپٽمبر 1658ع تي لنڊن ۾ آخري پساه کڻي رهيو هو. هو چنگهي ڪرڪي ۽ ٿڌا ساه کڻي رهيو هو ۽ بار بار خدا بابت پئي ڳالهائين جنهن جي قدمن ڏانهن آهستي آهستي وڌي رهيو هو. جيئن ته ٻاهر تمام وڏو طوفان لڳو پيو هو تنهنڪري سندس افسوس ۾ ورتل دوستن کي سندس آخري لفظ مشڪل سان ٻڌڻ ۾ آيا هوندا. ساڳئي وقت لنڪولن جي ڪائونٽي ۾ وولز ٿارپ ۾ آئزڪ نيوٽن ٻاهر تيز هوا ۾ بيٺو عجيب نموني ۾ هوا جي طاقت جو اڀياس ڪري رهيو هو. ”هوا واري پاسي ۾ ٽپ ڏيو، هوا جي ابتڙپاسي ۾ ٽپ ڏيو، فاصلي ۾ فرق نوٽ ڪري هوا جي طاقت جو حساب ڪريو.“ ڏسو ته سورهن ورهين جو ڇوڪرو، رياضي کان اڻ واقف؛ مسئلي ڪهڙي ۾ لڳو پيو هو. اهڙي قسم جا ماڻهو هاري ٿيندا آهن؟

 

5

اهو ڇوڪرو پنهنجي مرضي جي واٽ تي هلندو رهيو. هنا پنهنجي ڏير، برٽن ڪا گلز جي پادريءَ کي شڪايت ڪئي پر کيس هن وٽان ڪابه همدردي نه ملي؛ يا کيس همدردي طور اهڙي صلاح ملي جنهن سندس رٿائون ڊانوان ڊول ڪري ڇڏيون ”پنهنجي غربت کي منهن ڏيندي رهه خداوند ضرور روزي رزق ڏيندو“ بهرحال پوءِ آئزڪ کي واپس اسڪول موڪليو ويو. جتي هن اهڙين شين ۾ دلچسپي ورتي جيڪي هيستائين سندس نظرن کان اوجهل رهيون هيون. انهن ۾ اقيلدس به هئي.

هيستائين هن جو جاميٽري سان گهڻو واسطو نه رهيو هو. پر کيس انهي پوڙهي يوناني طرفان ڏنل حساب ايترا ته سولا ۽ پنهنجي وضاحت پاڻ ڪندڙ لڳا جو هن ”اهي سڀ سطحي ڳالهيون آهن“ جا لفظ چوندي ڪتاب ئي اڇلائي ڇڏيو.

هڪ دفعو وري سندس اسڪول جي ڪم ۾ رخنو پئجي ويو. لنڊن نالي سترهين صدي جي انهي گندي کڏ تي وبائن جو راڄ هوندو هو ۽ جيئن اهڙي هڪ وبا جا خوني چنبا ملڪ ۾ پهتا ته اسڪول بند ڪيا ويا ۽ شاگرد ڀڄي ويا. نيوٽن به انهي ڪري وولز ٿارپ ويو هليو پر هو ٻني تي نه ويو.

انهيءَ ڇوڪري کي روشني سدائين پاڻ ڏانهن ڇڪي وٺندي هئي ۽ اها ڇڪ اڃا موجود هئي. وبا سبب ٿيل هن وئڪيشن ۾ هن منشورن (prisms) تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو جيئن سج جي روشني بابت ڪجهه ڄاڻ حاصل ڪري سگهي. انهن اڀياسن جي مدد سان اڳتي هلي روشني پنهنجي مختلف رنگن وارن ڪرڻن ۾ ورهائجڻ ۾ آئي ۽ سموري جديد نظريي جا بنياد پيا. هو پهريون ماڻهو هو جنهن white light of infinity جون جدا جدا ڊگريون نوٽ ڪيون.

اڄڪلهه صحت بخش بنفشي (Violet) ڪرڻا جهٽيندڙن کي نيوٽن جو ٿورائتو رهڻ گهرجي، جيڪو پنهنجي وولز ٿارپ واري گهر ۾ دريءَ جي پردي جي سوراخ مان ايندڙ سج جي هڪ ڪرڻي جي سامهون منشورن کي هيڏانهن هوڏانهن پيو ڪري رکندو هو. روشني جي ذرڙن بابت سندس نظريو (Theory of Particles in light) جيڪڏهن غلط ٿي ويو ته ڇا ٿيو؟ هيجنز پري نه هو جيڪو لهرن (Waves) بابت ڳالهائي ۽ دنيا کي صحيح رستي تي آڻي سگهيو ٿي.

 

6

انهي ئي وقت آئزڪ نيوٽن پاران ڪشش ثقل ۾ دلچسپي وٺڻ جو ثبوت منظر تي اچي ٿو. اها ڳالهه سوچڻ جي غلطي نه ڪجو ته نيوٽن انهيءَ نظريي تي اوچتو پهچي ويو هوندو. توهانکي صوف واري ڳالهه ۾ به گهڻو ويساهه ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. انهيءَ کي فقط هڪ علامت ئي سمجهو. اها پڪ آهي ته صوف ڪريو هو ۽ ممڪن آهي ته انهي آئزڪ جي مٿي تي ٺڪاء به ڪيو هجي.

تڏهن کيس ڪيپلر ۽ گليلو جو ڪم ياد اچي ويو هوندو. هن سج ڏانهن نظر ڪئي هوندي ۽ چنڊ ستارن ۽ زمين بابت سوچيو هوندو جيڪي سٺ هزار ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڦري رهيا هئا. سندس مٿي تي ٿيندڙ دِٻڪي کانپوءِ سوچ جو اهو سلسلو معقول ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ڇا توهان جو ذهن ائين ڪم ڪري ها؟ ريڊيي جي اسرار تان پردو هٽائيندڙ يا ايندڙ طوفانن جي ڏهه سال اڳواٽ خبر ڏيندڙ اهم اشارو ممڪن آهي ته هاڻي توهان جي ايترو ويجهو هجي جيترو نيوٽن وارو صوف سندس ويجهو هو. يا صوف ڪِرڻ جهڙو ڪو ٻيو عام رواجي واقعو! سلسلو موجود آهي. انگ اکر به اسانجي سامهون ايترا پکڙيا پيا آهن جيترا نيوٽن وٽ پنهنجي ڪشش ثقل لاءِ به نه هئا. پر حل ڪٿي آهي؟ انهن هوشيارن لاءِ ته ڪيترائي مسئلا ٿي سگهن ٿا جيڪي سمجهن ٿا ته اڳوڻن استادن اهي مسئلا آساني سان حل ڪري ورتا هوندا.

بهرحال انگريز صوف واري ڳالهه کي چنبڙيا پيا آهن. ويندي جنهن وڻ مان اهو ڪريو هو اهو به ويجهڙائي تائين موجود بيٺو هو ۽ اهو جڏهن ڪريو ته انهي کي وڍي انهي مان نشانيون ٺاهيون ويون جيڪي اڃا تائين ماڻهن وٽ محفوط آهن.

 

7

ڪنهن کي به خبر نه آهي ته نيوٽن ڪيترو وقت ڪشش ثقل بابت سوچيندو رهيو. ڳوٺاڻا ڇوڪرا کانڀاڻيون ٺاهيندا آهن جن کي ڦيرائي ڦيرائي پٿر اڇلائيندا آهن. اهي هٿ ۾ کير جو ڏول کڻي به مٿي ڦيرائيندا آهن. جيڪڏهن سڀ شي صحيح نموني هلندي آهي ته اها ڏاڍي وڻندڙ اٽڪل ٿي پوندي آهي ۽ ڏول مان کير نه هاربو آهي. وري لغڙن جي ڏور مان هٿ کي ڇڪ به محسوس ٿيندي آهي. اهي ۽ اهڙا ٻيا ڪيترائي ننڍڙا ننڍڙا واقعا جن کي اسين ۽ توهان ته جيڪر بلڪل توجه ئي نه ڏيون.

هو انهن ۽ اهڙين ٻين ڳالهين کي ڏسي سوچڻ شروع ڪندو هو ته: پٿر کي کانڀاڻي ۾ جهليندڙ ۽ کير کي ڏول ۾ روڪيندڙ اها ڪهڙي قوت آهي؟“

انهن ڪمن ۾ هڪ لاڳيتي ڇڪ ۽ انهي ڇڪ کان بچڻ لاءِ هڪ لاڳيتي ڪوشش هوندي هئي. يعني ٻه قوتون هڪٻئي خلاف ڪم ڪندي هڪٻئي کي توازن ۾ رکنديون هيون. هو هيجنز (Huygens) پاران مرڪز گريز (Centrefugal) قوت جو قانون شايع ڪرائڻ کان به ڇهه سال اڳ انهي سوچ ۾ لڳو پيو هو. ڪنهن طريقي سان اهو سمورو نظريو نيوٽن جي سمجهه ۾ اچي ويو ۽ هو فوراً اعليٰ رياضي جي مدد سان انهي کي ثابت ڪرڻ ۾ لڳي ويو.

هن ڪم ڪرڻ لاءِ سڀاويڪ طور چنڊ کي چونڊيو. هن چنڊ کي کانڀاڻي ۾ پيل پٿر ۽ زمين کي ڇوڪري جو هٿ ڪري سمجهيو. ڪشش ثقل ڏسڻ ۾ نه ايندڙ ڏورهئي؛ هن سموري مسئلي جو ائين نقشو ٺاهيو پر هو غلط ٿي ويو. انهي ڪم نه ڪيو. سندس حسابن جي بنياد تي چنڊ کي اتي نه هئڻ گهرجي ها جتي اهو موجود هو. اهائي ڳالهه اهم هئي تنهنڪري انهي مان ڪوبه فائدو نه آهي. انهيءَ مان هٿ ڪڍو.

اهو ڏاڍو شديد ڌڪ هو. آئزڪ سمجهو پئي ته هن جي آڱر ڪائنات جي نبض تي آهي ۽ هو هڪ عظيم دريافت ڏانهن وڌي رهيو آهي. پر اتي کيس خبر پئي ته اهو اهڙو ئي ڪو غلط مفروضو آهي جن سان ڪيپلر پاڻ کي بيوقوف ڪندو رهيو هو.

اهڙي طرح انهي 23 ورهين واري فيلسوف سندس لفظن ۾ ”انهي وقت انهي مسئلي تي وڌيڪ سوچ ويچار ڇڏي ڏني.“

 

8

هن سوچيو ته جيڪڏهن ڪشش ثقل وارو نظريو ڪم نه ٿو ڪري ۽  ڪائنات جو اهو تمام وڏو راز اسان کي نه ٿو ڏنو وڃي ته اچو ته ڪنهن سولي ۽ اهڙي ڳالهه تي ڪوشش ڪريون جنهن ۾ اسان جا هٿ پئجي سگهن. مثال طور دوربين کڻون. شيشي ۾ عڪس ڌنڌلوهوندو آهي ۽ روشني جي مختلف رنگن جا ڪرڻا ساڳئي ڊگري تي موڙ ڇو نه ٿاکائين؟ اسين اها ڳالهه پنهنجي منشور ۽ پردي جي سوراخ مان ايندڙ سج جي روشني جي ذريعي ثابت ڪري چڪا آهيون. ٻيا ماڻهو انهيءَ ڌنڌلي عڪس جو سبب خراب شيشن کي قرار ڏيڻ ٿا. اها ڳالهه غلط آهي. شيشا ڪيترابه سٺا ڇو نه هجن انهيءَ سان روشني جي ماهيت تبديل نه ٿيندي. پوءِ ڀلا انهي مسئلي جو حل ڪيئن ڪڍجي؟ ڀلا آئيني واري دوربين (Reflecting Telescope) ڇو نه ٺاهجي؟ لڪي آئينو به عڪس ٺاهيندو ۽ انهي سان روشني جي موڙ (refraction) جي به ضرورت نه رهندي.

هو فوراً پنهنجي دوربين ٺاهڻ ۾ لڳي ويو جنهن ۾ عڪس هڪ آئيني تي وڌو ٿي ويو. انهيءَ صحيح ڪم ڪيو. انهي جو قطر فقط هڪ انچ ۽ ڊيگهه 6 انچ هئي پر انهي شيءَ کي چاليهه دفعا وڏو ڪري ٿي ڏيکاريو ۽ مشتري جا چنڊ به سٺي نموني ڏيکاريائين. ڪا عام رواجي چار فوٽ ڊگهي دوربين به نيوٽن جي انهي ڄامڙيءَ کان بهتر ڪم نه پئي ڪري سگهي.

انهي ڪاميابيءَ کيس وري ڪوشش ڪرڻ تي اڀاريو. هن انهي کان وڏي دوربين ٺاهي ۽ اها مڪمل ٿيڻ کانپوءِ دنيا جي بهترين دوربين هئي. توهان جيڪڏهن چاهيو ته اها لنڊن ۾ رائل سوسائٽي جي لائبريري ۾ ڏسي سگهو ٿا جنهن تي توهانکي هي لفظ به لکيل نظر ايندا: ”سرآئزڪ نيوٽن پاران ايجاد ڪيل ۽ سندس پنهنجن هٿن سان ٺاهيل. پهرئين آئيني واري دوربين“ توهانکي جيڪڏهن هاڻي استعمال ۾ ايندڙ ڪا تمام وڏي دوربين ڏسڻ جو موقعو ملي ته توهانکي نظر ايندو ته اها آئيني واري دوربين هوندي ۽ بنيادي طور هوبهو اڍائي سوسال اڳ نيوٽن پاران ٺاهيل دوربين جهڙي هوندي.

 

9

جڏهن پليگ ختم ٿي ۽ نيوٽن واپس ڪيمبرج ويو ته هن جي عمر اڃا 25 سال به نه ٿي هئي. پر هن کيس لافاني بڻائيندڙ ڪم جي ذري پرزي جو بنياد وجهي ڇڏيو هو. هن Fluxions يعني ڊفرنشل ڪيلڪيولس ايجاد ڪري ڇڏي هئي، ڪائنات جي ڪشش ثقل جو قانون ترتيب ڏئي ڇڏيو هو- جيتوڻيڪ هو انهي کي اڃا ثابت ڪرڻ جي قابل نه ٿي سگهيو هو- هن گليلو جي حرڪت جي ٽن قانونن کي واضح اظهار ڏئي ڇڏيو هو ۽ سج جي روشني جو تجزيو ڪري طيفي تجزيو (Spectrum analysis) ممڪن بنائي ڇڏيو هو. هن اڃا اسڪول به پڙهي پاس نه ڪيو هو نه ئي ڪا شيء ڇپرائي هئي.  هن ايندڙ سال 1668ع ۾ وڃي پنهنجي بي اي جي ڊگري ورتي. هو خانگي حلقن ۾ وڏي صلاحيت واري رياضيدان طور سڃاتو ويندو هو پر عام ماڻهن هن جو نالو به نه ٻڌو هو.

سندس رياضياتي صلاحيت کيس 1669ع ۾ ڪيمبرج يونيورسٽي ۾ Lucasion chair جي پروفيسري وٺرائي ڏني ۽ هو هڪ خاموش ۽ پنهنجي منهن رهندڙ پروفيسر وانگر پڙهڻ ۽ پڙهائڻ لاءِ سيٽ ٿي ويهي رهيو. اها ڳالهه به رڪارڊ تي نه آهي ته سندس ليڪچر ڪي تمام دلچسپ هوندا هئا يا هو شخصي طور ڪو گهڻو مقبول ماڻهو هوندو هو. هو جنهن انتهائي تيز رفتاريءَ سان تمام ڏکيا سوال حل ڪندو هو اها ڳالهه لازماً سندس مداحن لاءِ به پريشاني جو باعث ٿيندي هوندي.

هو ڏسڻ ۾ به ڪو پرڪشش نه هوندو هو ۽ سندس عادتون به ڪي اهڙيون نه هونديون هيون جيڪي ڪنهن ۾ ريس پيدا ڪن. هو وچولي قد جو ۽ ٿولهه ڏانهن مائل هوندو هو. سندس مٿي جي بناوت ڏاڍي سهڻي هوندي هئي جنهن تي گهاٽا وار هوندا هئا جيڪي پوءِ برف جهڙا اڇا ٿي ويا. سندس اکيون ڪاريون ۽ جاندار هونديون هيون. مجموعي طور سندس شخصيت ۾ ڪو ولولو ۽ جوش نظر نه ايندو هو. سندس گفتگو کري هوندي هئي ۽ هن وٽ ڪا ظرافت جي حس به نه هوندي هئي.

هن ماڻهو ۾ ڪڏهن به جواني جو ڪو جذبو نظر نه آيو. هن ۾ نه ئي ڪيپلر جهڙو ڇوڪراڻو رومانس هو نه ئي گليلو جهڙو نمائشي رعب تاب هو. ته به هو ڪو جڏو جيءُ نه هوندو هو. سندس کنوڻ جهڙي تيز نظر مسئلي جي پاڙ تائين پهچي ويندي هئي ۽ ڪو عام رواجي ماڻهو سندس ذهن جي چرپر جو ساٿ نه ڏئي سگهندو هو.

ڳوڙهي توجه کيس دنيا کان ڪٽي پاڻ توڙي ٻين کان لاتعلق ڪري ڇڏيو هو. هن لٽي ڪپڙي بابت ڪڏهن ڪا سوچ ويچار ئي نه ڪئي. سندس جوراب سندس کڙين کان پيا گهلبا هئا ۽ هو انهن تي ڪا توجه ئي نه ڏيندو هو. هن کي جيڪڏهن ڪنهن ڊنر تي وڃڻو هوندو هو ته ٻئي ڪنهن کي کيس تيار ڪرڻو پوندو هو نه ته هو جيئن هوندو هو ائين ئي هليو ويندو هو ۽ گهڻو ڪري ته سندس حالت ڪا چڱي نه هوندي هئي.

هو جيڪڏهن گهر ۾ ڊنر ڪندو هو ته کيس ڇڪي ميز تي آڻڻو پوندو هو ۽ کيس تقريباً زوريءَ ماني کارائڻي پوندي هئي. هن وٽ جيڪڏهن ڪي ماڻهو آيل هوندا هئا ۽ هو جيڪڏهن ڪمري مان اٿي ڪا وائين جي بوتل کڻڻ ويو ته انهي ڳالهه جو به چڱو امڪان هوندو هو ته هن کان واپس اچڻ جي ڳالهه ئي وسري ويندي هئي. هن جي غير حاضر دماغي مثال بڻجي وئي هئي ۽ سندس متعلق اهڙيون ڳالهيون گردش ۾ اچڻ لڳيون جن ۾ گهڻو ڪري حقيقت نه هوندي هئي. اهڙي هڪ ڳالهه آهي ته هو ڪنهن ٽڪريءَ تي گهوڙو ڪاهيون پئي ويو. هو چوٽي تي پهچي گهوڙي تي چڙهڻ لاءِ ڪنڌ جو ورائي ته گهوڙو هوئي نه؛ هو فقط لغام هٿ ۾ جهليون بيٺو هو. ٻي ڳالهه آهي ته هن هڪ دوست کي مانيءَ جي دعوت ڏني، ماني ميز تي رکجي وئي پر آئزڪ ظاهر نه ٿيو. دوست پاڻ ئي روسٽ مرغي تي هٿ صاف ڪرڻ شروع ڪيو ۽ سموري کائي هڏا واپس ٿانو ۾ رکي ويو هليو. نيوٽن آيو ۽ هڏن تي نظر پيس ته چيائين: اڙي! مون پئي چيو ته مون ماني نه کاڌي آهي پر آءُ ته کائي ويو آهيان.

انهن ڳالهين جي صداقت ڪا اهميت نه ٿي رکي. انهن مان خبر پوي ٿي ته هو خيالن ۾ گم رهندڙ، ميرو ۽ وڏائي کان پري رهندو هو ۽ ڪڏهن به پاڻ کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش نه ڪندو هو. هو هڪ اهڙو عميق مفڪر هو ۽ اتي پيو پنهنجو رستو ڳولهيندو هو جتي سيارا گردش ڪن ٿا ۽ ڪائناتون جنم وٺن ٿيون ۽ فنا ٿين ٿيون.

 

10

انهيءَ کانپوءِ اها ڳالهه ٻڌائڻ جي ضرورت نه ٿي رهي ته هو ڪنوارو هو ته به هڪ وقت اهڙو آيو هو.

انهيءَ اونهاري جي مند ۾ هو جڏهن وبا کان ڀڄي گهر آيو هو ته هن جي عمر 23 ورهيه هئي ۽ هو مضبوط خوش چڱو ڀلو صحتمند حيوان هو. جنهن چاچي کيس ٻنيءَ کان بچائڻ ۾ مدد ڪئي هئي انهيءَ جون ڌيئرون آسپاس موجود هيون. هو پنهنجو گهڻو وقت پادريءَ جي گهر ۾ گذاريندو هو. هو ڀلي شاگرد ئي هجي ۽ ڊفرنشل ڪيلڪيولس ايجاد ڪرڻ ۾ مصروف هجي پر ويجهڙائي ڪا معنيٰ رکي ٿي.

ڏاڍيون ڊگهيون ڳالهيون پيون ٿينديون هيون ۽ سهڻي سوٽ ڏاڍي توجه سان اهڙي هڪ طرفي ڊگهي تقرير پئي ٻڌندي هئي جنهن مان کيس ڪا به ڳالهه سمجهه ۾ نه ايندي هئي. ڇوڪريون هاڻي به اهڙا ڪم ڪنديون آهن هو ايتري ته شديد دلچسپي ڏيکاريندي هئي جو نيوٽن جي انا جاڳي پئي:

”آءٌ به پڪ سان ڪو آفت ماڻهو آهيان.“ هو سوچڻ لڳو، جو هن من موهيندڙ ڇوڪريءَ کي منهنجي چيل هر ڳالهه ايتري دلچسپ ٿي لڳي ۽ هيءَ به حيرت انگيز ذهن رکندڙ ڪا غير معمولي شخصيت آهي. هيءَ منهنجا ڏکيا مسئلا حل ڪرڻ ۾ منهنجي مدد ڪندي ته ڏاڍي سهولت ٿي پوندي. انهي جو مطلب ته هڪ ٻيو دماغ منهنجي ڀرسان ڪم ڪري رهيو هوندو.

مرد دنيا جي شروعات کان وٺي عورتن بابت ائين سوچيندا رهيا آهن، پر ٿيو ڇا؟ سمجهه ۾ نه ايندڙ ڳالهيون ٻڌڻ جو دٻاءَ سوٽ جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو ڇا؟ يا ڪو واتوڙو، بي عقل ۽ آڪڙ باز نوجوان اچي اها ڇوڪري کڻي ويو؟ يا آئزڪ پنهنجي غربت سبب صحيح مڙس نه لڳو هجي؟ يا هن اهو سمجهي ورتو ته هو سمجهه ۾ نه ايندڙ ڊگهين ڳالهين جي باوجود به اهڙو بيوقوف آهي جنهن مان ڪجهه به هڙ حاصل نه ٿيندو؟ يا آئزڪ کان غير حاضر دماغي ۾ شادي جي آڇ ڪرڻ ئي وسري وئي؟

بهرحال سبب ڪهڙو به هجي؛ اهي جدا ٿي ويا. هن ٻي ماڻهو سان شادي ڪئي ۽ گهڻو پوءِ جڏهن هن ۽ نيوٽن ۾ دوستي ٿي ته جوانيءَ واريون باهيون وسامي چڪيون هيون ۽ جڏهن ڏکيا وقت آيا ته هن انهيءَ جي پئسي ڏوڪڙ ۾ مدد به ڪئي هئي ۽ شايد اها ڳالهه ياد به نه رهي هئس ته انهيءَ عورت سندس سيني ۾ عجيب احساس جاڳايا هئا.

آئزڪ نيوٽن جي زندگيءَ ۾ جنهن نام نهاد رومانس جون ڳالهيون اچن ٿيون انهن جو تت اهو آهي.

 

11

هاڻي نيوٽن جي زندگيءَ ۾ وري ڪشش ثقل ڪر کنيو. فرانس ۾ پيڪارڊ (Picard) نالي هڪ سائسندان زمين جي سطح تي هڪ ڊگريءَ جي ڊيگهه لهڻ لاءِ ڏاڍي ڌيان سان پيمائشون ڪري رهيو هو. پراڻي حساب مطابق هڪ ڊگري ۾ سٺ ميل ۽ هڪ ميل جو ڪجهه حصو هوندا هئا پيڪارڊ کي اهي سترميلن جي لڳ ڀڳ ڏسڻ ۾ آيا بلڪل تُزڳالهه ڪجي ته اوڻهتر ميل ۽ ميل جو ڪجهه حصو.

آئزڪ جڏهن پهريون دفعو چنڊ ۽ ڪشش ثقل جي مسئلي تي حملو ڪيو هو ته هن کي خبر هئي ته جيڪڏهن سندس نظريو صحيح آهي ته چنڊ کي هر منٽ ۾ سورهن فٽ زمين ڏانهن اچڻ گهرجي. پر سندس 23 ورهين جي عمر واري پهرئين حساب مان ئي کيس خبر پئجي وئي هئي ته اهو فقط 13 منٽ ۽ منٽ جو ڪجهه حصو زمين ڏانهن اچي ٿو. انهي ڪري ئي هن انهيءَ نظريي کي پاسي تي رکي انهي بابت ڪجهه به نه سوچڻ جو فيصلو ڪيو هو.

پرهاڻي 1672ع ۾ خبر آئي ته سندس اصلي انگ اکر غلط هئا. زمين جي سائيز به سندس سوچ کان وڌيڪ هئي. ڇا ائين ٿي سگهيو پئي ته هن نئين بلڪل درست پيمائش سان حساب صحيح ٿي وڃي؟ ڇا انهي سان اهو ثابت ٿي ويندو ته سندس نظريو صحيح هو. انهن واڌو ميلن سان وڏو فرق اچي ويندو.

هو جڏهن تڙ تڪڙ ۾ ڪاغذ تي انگ لکي رهيو هو ته سندس آڱريون جوش ۾ ڏڪي رهيون هيون. اهو ٿلهو ٿنڀرو، ڪنهن به جواني ۽ جذبات کان خالي ماڻهو جڏهن ڳاڙهن ڳلن ۽ چمڪندڙ اکين سان انهيءَ ڪاغذ تي جهڪيو پيو هو ته جواني جو مجسمو لڳي رهيو هو. سندس آڱريون جيترو تڪڙ ۾ هلي سگهيون ٿي؛ سندس ذهن انهيءَ کان وڌيڪ تڪڙو هلي رهيو هو. هو ڊوڙندو نتيجي ڏانهن وڌندو ويو. صحيح! صحيح! صحيح! هن پينسل اڇلائي ڇڏي. هاڻي ڪم جاري رکڻ جي ڪا ضرورت ئي نه هئي. هن ڪائنات جو راز حاصل ڪري ورتو آهي ۽ هاڻي ڪيپلر ۽ گليلو سان گڏ بيٺو آهي- اهو ٽيڙو جنهن سج ۽ ستارن کي پنهنجي آکاڻي ٻڌائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.

 

12

نيوٽن حساب اڌ ۾ ڇڏي پينسل اڇلائي ڇڏڻ وقت حقيقت ۾ ڪهڙو ڪم سرانجام ڏنو هو؟ ڇا هن ڪشش ثقل دريافت ڪري ورتي هئي؟ عام رواجي سادڙا ماڻهو جيڪا ڳالهه چون ٿا هن انهيءَ کان وڏي دريافت ڪئي هئي. ڪشش ثقل ته وڻ تان ڪرندڙ پهرين ماڻهوءَ ئي دريافت ڪري ڇڏي هئي. هر ماڻهو کي اصل کان اها خبر هئي ته اهڙي ڪا شي آهي جيڪا شين کي زمين جي مرڪز ڏانهن ڇڪي ٿي. ڪيپلر نيوٽن جي مسئلي کان جلد ئي پوءِ چنڊ پاران لهرون پيدا ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي- گليلو پنهنجن ڪرندڙ جسمن ۽ پروجيڪٽائيلن جي مطالعي جي مدد سان فطرت مان ٽي قانون ڇڪي ڪڍيا. پر اهو اتي بيهجي ويو ۽ نيوٽن اهي قانون لاڳو ڪيا.

ڪيتريون صديون اڳ ماڻهن وٽ اها حڪايت موجود هئي ته دنيا کي هڪ ديو پنهنجي جاءِ تي بيهاريو بيٺو آهي. اهو ديو هڪ ڍڳي تي بيٺل آهي جيڪو وري هڪ ڪُميءَ تي بيٺل آهي. ويندي وچئين دور تائين اڪثر ماڻهو سمجهندا هئا ته دنيا سئين سڌي آهي جنهن جي چئني ڪنڊن تي ٿنڀا ڏنل آهن. اهي ٿنڀا ڇا تي بيٺل هئا؟ انهيءَ سان هنن جو ڪو واسطو نه هو. اها سوچ آهستي آهستي ختم ٿي ۽ جڏهن دريافتن لاءِ ڪيل سامونڊي سفرن اها ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي ته زمين گول آهي تڏهن به سمجهيو ويندو هو ته اها شين جي مرڪز ۾ پاڻ کي جهليون ۽ ساڪن بيٺي آهي.گهڻو وقت اڳ ناروي جي هڪ پوڙهي رهواسيءَ چيو هو ته دنيا گول آهي ۽ ان کي هڪ نانگ چوڌاري وڪڙ ڏنيون پنهنجو پڇ پنهنجي وات ۾ وجهيون ان کي جهليون بيٺو آهي.

ڪيپلر کي ڪشش ثقل واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي هئي ۽ هن گرهن جي مدارن جا نقشا ٺاهي انهن جي حرڪت جا قانون به ڪڍي ڇڏيا هئا پر هن اهو مسئلو ڪڏهن به حل نه ڪيو ته هر گرهه پنهنجي ئي مدار ۾ ڇو ڄميو پيو آهي ۽ اهو مسلسل گردش ۾ ڇو آهي؟ گليلو جا مڪينڪس جا ٽي قانون ۽ ڪيپلر جا آسماني حرڪت جا ٽي قانون نيوٽن جي هٿن ۾ ڏنل اهڙا اوزار هئا جن جي مدد سان هن پنهنجي نظريي کي ثابت ڪيو. هن نه فقط نظريو پيش ڪيو پر ان جي صداقت به ثابت ڪري ڏيکاري.

نيوٽن جي وقت کان حڪايت فقط حڪايت رهجي وئي آهي. ويندي اهي ماڻهو به جن کي ڪائناتي ڪشش ثقل جي مطلب بابت ڪا به ڄاڻ نه آهي اهي به هاڻي ائين نه ٿا سمجهن ته زمين کي هڪ ديو پنهنجي پٺي تي کنيو بيٺو آهي.

اها ڪهڙي طاقت آهي جيڪا دنيائن کي ائين پئي ٿي اڇلائي جئين بازيگر هڪ ٻئي پٺيان پٿريون اڇلائيندو جهٽيندو ويندو آهي، جيڪا سج ۽ نظام شمسي کي 12 ميل في سيڪنڊ جي رفتار سان ڦيريون ڏياري رهي آهي اها عمل ڪيئن ٿي ڪري ۽ ڪيئن نظر ۾ نه ايندڙ ڏورين سان گرهن کي سج سان ۽ سج کي شايد ڪنهن طاقتور ۽ پراهين سج سان جڪڙيون بيٺي آهي؟ نيوٽن انهن مان ڪنهن به سوال جو جواب نه ڏنو. نه ئي ٻئي ڪنهن ماڻهو انهن مان ڪنهن سوال جو جواب ڏنو آهي.

 

13

جڏهن ڪاميابي آئزڪ نيوٽن جا قدم چمي رهي هئي ته هو هنبوشيون هڻڻ ۽ پنهنجا نظريا ڇپرائڻ ۾ نه لڳي ويو. هن اڃا ٻه سال پنهنجي وڏي مسئلي تي سوچڻ ۽ ڪم ڪرڻ ۾ گذاريا. هن ٻه سال انگن جي گهاٽي ڪوهيڙي ۾ گذاريا ۽ ڪنهن کي انهي بابت هڪ لفظ به نه ٻڌايو. هو فقط اڳتي وڌندو رهيو ۽ هڪ کانپوءِ ٻئي گرهه سان هٿ اٽڪائي ڏسندو رهيو ته سندس نظريو ڀلي ڪائنات جي ڪهڙي به حصي تي لاڳو ڪجي اهو درست ثابت ٿئي ٿو. جڏهن اهو پورو ٿي ويو؛ جڏهن سندس عظيم ڪم پرنسيپال (Principia) جو پهريون حصو پورو ٿي ويو ته به هن اهو پرنٽر جي حوالي نه ڪيو. ويندي هن رائيل سوسائيٽي سان به انهي بابت ڪا ڳالهه ئي نه ڪئي. هن اهو پنهنجي پيتي ۾ رکي ڇڏيو ۽ پنهنجا معمول وارا ڪم ڪندو رهيو. هن اهو انهي ڪري ڪيو جو سندس بصريات تي مقالي کيس ٻين سائنسدانن سان ٽڪراءُ ۾ آڻي ڇڏيو هو ۽ هن پنهنجي ڪشش ثقل واري نظريي تي ڪا چوپچو ڪرائڻ نه ٿي چاهي. جيستائين هن جو تعلق آهي ته هن پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو هو ۽ انهي کان وڌيڪ ڪو به ڪم نه هو.

پر اهڙي قسم جو ڪم ڪنهن فيلسوف جي پيتي ۾ فنا ٿي وڃڻ لاءِ وجود ۾ نه ايندو آهي. پر انهي کي منظر تي آڻڻ جو ڪم ايڊمنڊ هيلي هٿان ٿيو. هيلي کي هڪ اهڙو مسئلو درپيش اچي ويو هو جيڪو سموري انگلينڊ ۾ ڪير به حل نه ٿي ڪري سگهيو. هن انهي ڳالهه جو ثبوت چاهيو ٿي ته ابتي چورس قانون مطابق ڪنهن به سياري جو رستو بيضوي شڪل جو هوندو آهي. هن سڀاويڪ طور نيوٽن کي عرض ڪيو. هاڻي نيوٽن بلڪل انهيءَ مسئلي تي فقط پنهنجي اطمينان لاءِ ٻه ورهيه خرچ ڪيا هئا. هيلي جي جواب ۾ هن بنا دير چيو ته: هائو! انهيءَ جو ته مون حساب ڪري ڇڏيو آهي.

اها حقيقت هئي. اهڙي طرح نيوٽن پاران ڇپرائڻ کان هٻڪ جي سبب ڪجهه دير کانپوءِ پرنسيپيا هيلي جي هٿن ۾ اچي ويو. پر هيلي جون مشڪلات ختم نه ٿيون هيون. هن ڪتاب رائيل سوسائٽي کي ڏيکاريو. انهن ڪتاب ڇپرائڻ جو ارادو ڪيو پر پوءِ هٿ جي تنگي جو سبب ڄاڻائيندي پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو. هيلي کي پوءِ اهو پنهنجي خرچ تي ڇپرائڻو پيو.

ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ وڏو جوش و خروش پيدا ڪري ڇڏيو هن کي پنهنجا پئسا به واپس ملي ويا ۽ رائيل سوسائٽي واڇون ڦلهڙيون ڪري بيهي رهي.

 

14

نيوٽن کي سڀاويڪ طور جنهن لفظي جنگ جو ڊپ هو اها شروع ٿي وئي(1). هُڪ جيڪو پاڻ رياضي جي وڏي بلا هو انهيءَ هن نظريي تي پنهنجي دعوي ٰ ڪري ڇڏي ۽ رائيل سوسائٽي کان به پنهنجي دعويٰ جي پٺڀرائي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن واقعي به مسئلي تي ڪم ڪيو هو پر اڃا انهي کي ثابت نه ڪيو هئائين ۽ انهيءَ ڳالهه ۾ ڪجهه شڪ آهي ته هن انهيءَ نظريي کي ائين ترتيب ڏنو هو جئين نيوٽن انهي کي سمجهيو هو ۽ ان جو اظهار ڪيو هو. بهرحال ٻئي اختياريون ڪجهه تڪرار کانپوءِ گڏجي ويون ۽ نيوٽن ٻئي ايڊيشن ۾ هُڪ جيتري ڪريڊٽ جو حقدار هو يا اڃا به وڌيڪ کيس ڏنو.

هن وقت نيوٽن جي عمر 45 ورهيه هئي ۽ سندس ڊفرنشل ڪيلڪيولس تي ڪتاب جي تياريءَ کانسواءِ سندس ڪم پورو ٿي ويو هو. انهي نيوٽن نالي ماڻهو بابت جيڪا عجيب ڳالهه اسين اڳ ۾ ٻڌائي آيا آهيون اها هي آهي ته سندس سمورو ڪم 23 ورهين جي ڄمار ۾ پورو ٿي چڪو هو. هن کي جيڪڏهن انهيءَ وقت  زمين جي صحيح سائيز جي خبر هجي ها ته ڪشش ثقل بابت سندس حساب صحيح بيهي ها. يعني چئجي ته سندس نظريو بلڪل درست هو پر ان جي ثابتيءَ لاءِ تزنگ اکر موجود نه هئا.

هن دنيا کي سموري ڪائنات تي لاڳو ٿيندڙ قانون ڏنو ۽ اهڙي طرح ڪيترين حڪايتن، داستانن ۽ لوڪ روايتن جي اصليت کي وائکو ڪيو ته اهي وهمن کانسواءِ ڪجهه به نه آهن.

هن سفيد روشني (White light) کي ٽوڙي ان جي ماهيت ڏيکاري ۽ موڙ (refrangibility) جا قانون جوڙيا.

هن آئيني واري دوربين ٺاهي ۽ نظر ۾ ايندڙ ڪائنات جو دائرو بي انتها وسيع ڪري ڇڏيو.

هن ڊفرنشنل ڪيلڪيولس پڻ ايجاد ڪئي جنهن لاءِ ڪاليج جي ڇوڪرن کي سندس ٿورائتو رهڻ گهرجي.

 

15

پنجيتاليهه ورهيه عمر ۽ سڀ ڪم ٿي ويو؟ اهو ته ڏاڍو عجيب رڪارڊ آهي! يا هو هاڻي ٻري ختم ٿي ويو هو؟ يا سندس تصور جو دائرو ايترو محدود ٿي ويو هو جو ڪي نوان مسئلا نه پيو ڏسي سگهي؟ ڇا سندس سخت ۽ مسلسل ڪم سندس لچڪ ختم ڪري ڇڏي هئي! ڇا هو هاڻي 45 ورهين جي عمر ۾ خالي کوکو وڃي بچيو هو؟

هو پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو ويو پر اتي رهندي ڪجهه به نه ڪيائين. هو وري چونڊن ۾ بيٺو پر سخت شڪست کاڌائين. انهي وقت هو دنيا جي مشهور ترين ماڻهن مان هڪ هو.

اوليور ڪرامويل، رچرڊ ڪرامويل ۽ چارلس ٻيون سندس زندگيءَ دوران اچي پنهنجو وارو وڄائي ويا. جيمس ٻيون وٺ سٺ ڪندو آيو ۽ تڪڙ ۾ ويو هليو هاڻي ميري ۽ وليم ٽئين جو دور هو. هو پنهنجي آسپاس ٿيندڙ ڪنهن به اٿل پٿل جو حصو نه رهيو. سندس چوڌاري طوفان ايندا رهيا پر هو انهن کان پري فيلسوفاڻي ماٺ جي هنج ۾ رهيو. ارشميدس جي روش مختلف رهي هئي.

واقعن مان ثابت ٿئي ٿو ته هڪ وقت اهڙو به آيو هو جڏهن سندس ذهن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو. ڊائمنڊ نالي سندس ڪتو سندس ڪمري ۾ ڪنهن شيءِ تي لُوهه پائي ٽپ ڏيندي ٻرندڙ ميڻ بتي به ڪيرائيندو ويو ۽ ويهن ورهين جا گڏ ٿيل ڪاغذ ۽ نوٽس سڙي ويا. سندس نظر ۾ اهو هڪ خوفناڪ حادثو ۽ هڪ مصيبت هئي. هن انهيءَ بابت گهڻي افسوس جو اظهار نه ڪيو پر گهڻو وقت ويچارن ۾ گذارڻ لڳو ۽ ڏاڍي خطرناڪ غمگيني واري ڪيفيت ۾ وٺجي ويو. پر جيستائين دنيا کي خبر آهي انهي حادثي ۾ ڪا به غير معمولي اهيمت واري شي نه سڙي هئي اهڙا ڪي به وڏا حساب نه هئا جيڪي کيس ٻيهر ڪرڻا پون ها؛ سڀ ڪم ٿيل ۽ ڇپيل هو پر متان به اهڙي ڪا شي هجي.

هن انهيءَ واقعي کان گهڻو پوءِ جيڪي خط لکيا هئا انهن کي پڙهي هاڻي به تعجب ٿئي ٿو. سيموئل پيپيز ڏانهن لکيل اهڙو ئي هڪ خط بلڪل غير منطقي آهي ۽ ڪنهن صحيح دماغ جي پيدائش نه ٿو لڳي. پر اهو حملو عارضي هو. هو صحتياب ٿي ويو ۽ پنهنجي پراڻي خاطري سان پنهنجا ڪم ڪار ڪرڻ لڳو.

پوءِ ڪنهن ماڻهو لارڊ هاليفيڪس جو ڌيان نيوٽن جي غربت ڏانهن ڇڪرايو. هو دنيا جو عظيم ترين حيات سائنسدان هو پر سندس آمدني مشڪل سان گذاري جيتري هئي. هاليفيڪس محسوس ڪيو ته انگلينڊ جي انهيءَ عظيم ماڻهو جو پنهنجي ملڪ تي ڪجهه حق آهي. هن ٿوري وقت ۾ ٿوري ڪوشش سان نيوٽن کي 7000 ڊالر جي برابر سالياني پگهار سان ضرب خاني جو انچارج مقرر ڪرايو. نيوٽن جي نظر ۾ اها ته هڪ وڏي دولت هوندي. اها ڪا حيرت جهڙي ڳالهه نه آهي ته هن پنهنجو وقت وڏي شوق سان پنهنجي ڪم کي ڏنو ۽ سائنس جي گهٽ معاوضي واري ڪم کي نظرانداز ڪري ڇڏيائين.

 

16

حقيقت اها آهي ته ڊفرنشل ڪيلڪيولس تي سندس ڪتاب ڇپجڻ کانپوءِ سائنس کي هن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه به نه مليو. هن لکڻ جو ڪم جاري رکيو پر هاڻي سندس توجه جو مرڪز الاهيات (Theology) رهي. هو پنهنجي سموري زندگي تمام مذهبي رهيو هو پر لڳي ٿو ته مذهب جي ظاهري ريتن رسمن توڙي عقيدن بابت سندس ذهن ۾ ڪڏهن به ڪو شڪ شبهو نه رهيو هو. تنهن ڪري موجوه دور جي پڙهندڙن لاءِ سندس مذهبي مقالا ڪنهن به اهميت جا نه آهن ۽ گهڻو ڪري سندس مذهبي خلل کي انهن جو سبب ڄاڻايو ويندو آهي. حقيقيت اها آهي ته جيڪڏهن ڪير وقت ڪڍي انهن تي نظر وجهندو ته کيس ڏسڻ ۾ ايندو ته اهو ڪنهن روشن ۽ غير معمولي دماغ جو ڪم نه آهي.

تنهن ڪري اهو طيءَ ڪري ڇڏيو ته نيوٽن جو ڪم 45 ورهين جي ڄمار تي ختم ٿي ويو ۽ جيڪڏهن هڪ اتفاق نه ٿئي ها ته اهو 24 ورهين تي ئي ختم ٿي وڃي ها.

نيوٽن ضرب خاني جي انچارج ۽ انهيءَ عهدي مان ٿيندڙ آمدني سان شهزادن واري زندگي گذاري سگهيو ٿي، پر هو اڪيلو ۽ سادي زندگي گذاريندو رهيو ۽ وڏا ڪشالا ڪري الاهيات جي موضوع تي ڪنهن به اهيمت کان خالي مقالا پيو لکندو هو.

هن کي سن 1703ع ۾ هڪ وڌيڪ عزاز مليو. هن کي رائيل سوسائٽي جو ميمبر چونڊيو ويو ۽ هو 25 ورهين تائين ٻيهر صدر چونڊبو رهيو.

 

17

فطرت پاران نيوٽن جي ذهانت تي ”ختم شد“ لکڻ کانپوءِ هو 40 ورهيه زنده رهيو. هن کي عزت ۽ مانُ ته سڀڪو ڏيندو هو پر کيس پيار ۽ محبت هڪ تمام ننڍڙي گروپ جي فردن پاران ملندي هئي. هو هڪ ڀاڻيجيءَ سان گڏ رهندو هو ۽ زندگيءَ جي نما شام ڏانهن لڙهندو پئي ويو.

زندگيءَ جي آخري حصي ۾ کيس بيماريون وڪوڙي ويون ۽ هو زندگي جا آخري ورهيه مشڪل سان سورن ۽ تڪليفن کان آجو رهيو هوندو. سندس گُردن ۾ ڪو مسئلو ٿي ويو ۽ پٿري جون ڳالهيون ٿيڻ لڳيون. انهيءَ سان گڏوگڏ کيس سنڌن جو سور ٿي پيو. پر هن ڪا به شڪايت نه ڪئي. هو پنهنجون تڪليفون صبر سان سهندو آيو ۽ ڏاڍي دانائي سان آخري آرام جو منتظر رهيو.

اهي پوڙهيون دايون ٽي پائونڊ وزن واري مرندڙ ٻار لاءِ جڏهن ڪنهن مدد جي ڳولها ۾ تڪڙيون تڪڙيون وڃي رهيون هيون هو انهيءَ وقت کان ڪيترو نه اڳتي وڌي آيو هو. اهو ٻار هڪ اهڙي ڪائنات ۾ پيدا ٿيو هو جيڪا بي ترتيب خلا ۾ گردش ڪري رهي هئي. انهيءَ واقعي کي 85 ورهيه گذري ويا آهن ۽ هن پير مرد بي ترتيبي کي ختم ڪري ترتيب قائم ڪري ڇڏي آهي.

 

18

نيوٽن 28 فيبروري 1727ع تي خوش ۽ چاق چڱوڀلو محسوس ڪندي رائيل سوسائٽي جي هڪ گڏجاڻي جي صدارت ڪرڻ لنڊن ويو. ڪيترائي ميمبر جيڪي پنهنجي صدر کان گذريل 25 ورهين کان واقف هئا اهي اهو برف جهڙي اڇي مٿي وارو ماڻهو وري نه ڏسي سگهندا.

هو 4 مارچ تي ڪينسنگٽن پنهنجي گهر اهڙو موٽيو جو مرڻ گهڙي تائين بيمار رهيو.

ٻه ڊاڪٽر سندس مٿان بيٺا هئا ۽ انهن چيو ٿي ته وري پٿري آهي. هو ڏهن ڏينهن تائين سور ۾ لڇندو رهيو. پندرهين ڏينهن ڪجهه آرام آيو ۽ اميد جو ڏيئو روشن ٿي ويو. ڇا هن آخري ڌڪ جو انتظار ڪندي انهيءَ مختصر واقعي ۾ اهي لفظ چيا هئا جن جو پڙلاءِ هر انهيءَ ماڻهو جي ذهن ۾ موجود هئڻ گهرجي جيڪو پاڻ کي مفڪر سڏرائي ٿو.

”مون کي خبر نه آهي ته آءُ دنيا کي ڪيئن ٿو لڳان پر آءُ پنهنجي نظر ۾ سمنڊ جي ڪناري تي راند ڪندڙ هڪ اهڙو ڇوڪرو آهيان جيڪو ٻين کان لسي پٿري يا ڪو سهڻو ڪوڏ ڏسي پاڻ کي وندررائيندو ٿو رهي جڏهن ته صداقت جو مها ساگر هن جي سامهون اڻ جاچيو پيو آهي.“

هن پنهنجي بستري تي بيزاريءَ مان بار بار پاسا ورائيندي چيو: ”جيڪڏهن منهنجي نظر ڊيڪارٽ کان به اڳتي وئي آهي ته انهيءَ جو سبب ديون جي ڪلهن تي بيهڻ آهي.“

هي ڪنهن به تڪبر جو اظهار نه آهي. ٽائيڪو وانگر افسوس جو اظهار به نه آهي ته ”جيڪر اها ڳالهه حقيقت  هجي ها ته مون پنهنجي زندگيءَ اجائي نه گذاري آهي.“ هو بلڪل نهٺائي سان ماٺ ميٺ ۾ هلندو هڪ اونداهين پردي مان گذرندو هڪ اهڙي صاف روشني ۾ اچي وڃي ٿو جنهن مان هو مڪمل طور لطف اندوز ٿيڻ جو حقدار آهي.


ڇ رابرٽ هُڪ انگريز سائنسدان (1635ع-1703ع) (سنڌيڪار)

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org