باب ڏهون
راجربيڪن
يورپ سجاڳ ٿي رهيو هو ۽ سندس بي آراميء وارن
گهيرٽن جي پڄاڻي تي روايتي نظرين ۽ طريقن جي انڌي
تقليد
(Scholasticism)
اچي وئي. اها ڳالهه ڪجهه نه هئڻ کان ته بهتر هئي
پر ايتري ڪا ڀلي به نه هئي. اها اصليت ۽ تحقيق کان
خالي هئي. اها فقط مئل شين لاءِ انڌي عقيدت هئي.
انهيءَ تحريڪ ارسطو کي هر خطا کان پاڪ قرار ڏنو ۽
جالينوس کي ڪنهن ديوتا جهڙي عظمت بخشي ڇڏي. انهن
ٻنهي بابت شڪ شبها اٿارڻ کي روح القدس خلاف ڏوهه
قرار ڏنو ويو. تجربو ڪري ڏسڻ جهڙي ڪنهن ڳالهه جو
وجود نه رهيو. ما بعد الطبعيات ۽ فطري تاريخ جا
مسئلا ارسطو حل ڪري ڇڏيا هئا. انساني جسم ۽ دوائن
جي استعمال بابت جيڪو ڪجهه سمجهي سگهجي پيو اهو
جالينوس دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو هو. انهن ٻنهي ماڻهن
جي تحريرن جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ کي تعليم يافته هئڻ
ليکيو ويندو هو.
اسانکي ته اها ڳالهه ڏاڍي عجيب ٿي لڳي جو ڪنهن تي
اهڙي انڌي عقيدي سان ايمان آندو وڃي. موجوده دور ۾
جڏهن ڪو سائنسدان ڪوبيان ڏئي ٿو ته ٻيا هزارين
ماڻهو سندس نتيجن جي چڪاس لاءِ تجربا ڪن ٿا پر
جيڪڏهن ڪنهن عام رواجي ٻار کي ڪا ڳالهه ٻڌائي وڃي
ٿي ته هو بغير ڪنهن شڪ شبهي جي انهيءَ کي تسليم
ڪري وٺي ٿو. پوءِ اها ڳالهه کڻي پرين بابت هجي،
سانتاڪلاز بابت هجي يا کڻي خدا بابت هجي. ويهين
صديءَ ۾ يورپ جا ماڻهو به ٻارن وانگر هوندا هئا جن
جا ذهن ٻارن جهڙا هئا ته ڪنهن ڳالهه تي سوچ فڪر
کان خالي جذباتي رد عمل به ٻارن وانگر ڏيکاريندا
هئا.
پر بلڪل اهڙي طرح جيئن ڪٿي ڪٿي ڪو ڏهن ورهين جو
ٻار اعتراض اٿاريندو آهي ۽ چوندو آهي ته کيس شيون
ثابت ڪري ڏيکاريون وڃن اهڙي طرح يورپ ۾ به ڪڏهن
ڪڏهن ڪو ماڻهو پيدا ٿي پوندو هو جيڪو اکين تي
عقيدي جي پٽي چاڙهڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندو هو ۽
سوال پڇڻ جي جرئت ڪري وجهندو هو. راجر بيڪن به
اهڙي قسم جو ماڻهو هو.
2
هو سومرسيٽ جي شهر الچيسٽر ۾ 1214ع ۾ پيدا ٿيو.
توهان پنهنجي تاريخ جي ڪتاب ۾ هينري ٽئين واري باب
تي نظر وجهندا ته توهانکي خبر پئجي ويندي ته
هوڪهڙي قسم جي انگلينڊ ۾ پيدا ٿيو هو. سندس مائٽ
هوندي سوندي وارا ماڻهو هئا تنهنڪري هو آڪسفورڊ
ويو جتان 1233ع ۾ چرچ جي نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هوڏاڍو
ذهين ڇوڪرو هو ۽ اوڻيهن ورهين جي ڄمار ۾ به سندس
قابليت کي مڃيو ٿي ويو. هو آڪسفورڊ مان پيرس ويو ۽
اتان يونيورسٽي مان الٰهيات ۾ ڊاڪٽر جي ڊگري
ورتائين
پيرس ۾ هو عرب ليکڪن جي موه ۾ وٺجي ويو. هو ابن
الهيثم ۽ بوعلي سينا کان خاص طور متاثر ٿيو ۽ انهي
۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهن ٻنهي ڪافرن جي ڪم سندس
زندگيءَ تي وڏو اثر وڌو. شروع کان ئي چرچ ۾ وڃڻ
سندس مقدر هو پر انهي سندس سائنس ۾ دلچسپي کي ماٺو
نه ڪيو جيڪا هن پاران فرانسسڪن
(Franciscan)
ٿي وڃڻ کانپوءِ به مضبوطي سان قائم رهي.
دنيا جو اهو عجيب ترين راهب سن 1250ع ڌاران
انگلينڊ واپس آيو ۽ آڪسفورڊ ۾ ليڪچر ڏيڻ لڳو. سندس
ليڪچر مذهبي موضوعن تي نه هوندا هئا. اهي سائنس ۽
تعليم بابت هوندا هئا. هو بناوٽ ۽ نقالي کانسواءِ
هر ڳالهه کي برداشت ڪري ويندو هو. هو جڏهن علم
بابت ڳالهائيندو هو ته سندس مطلب بلڪل اهوئي هوندو
هو جيڪو اڄ اسين انهي لفظ مان وٺون ٿا يعني سچ
بابت اونهائي ۾ ڳولها.
متتڪلمين
(Scholastics)
وٽ علم جو مطلب هرگز اهو نه هوندو هو نه ئي هاليز
(Hales)
جي سڪندر وٽ علم مان اهو مطلب هو. هن کي دنيا جو
عظيم ترين استاد سمجهيو ويندو هو ڇاڪاڻ ته هن
سوالن جوابن سان هڪ اهڙو ڪتاب لکيو هو جنهن ۾ هر
اها ڳالهه ٻڌايل هئي جنهن بابت ڪنهن به ماڻهو ڪجهه
به ڄاڻڻ گُهريو ٿي. ڪنهن به شاگرد جو ڪم فقط اهو
ڪتاب ياد ڪري ڇڏڻ هو.
بيڪن انهي شخص تي شديد وار ڪيا. هو چوندو هو ته
سندس تعليم جو نظام واهيات آهي ۽ اهو ته خود هاليز
کي به تعليم جي ڪاشد بد ئي نه هئي. هو چوندو هو ته
جيستائين تعليم جو تعلق آهي هاليز هڪ خالي کوپو
آهي ۽ هو کيس ۽ هن جهڙن ٻين ماڻهن کي ٻهروپيا
چوندو هو.
3
هڪ ته اها ڳالهه ٻيو هن پاران قديم اختياري آڏو
جهڪڻ کان انڪار کيس تباه ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا.
فرانسسڪنن جي سربراهه بونا وينچورا فوراً حڪم جاري
ڪيو ته هو ديني عقيدن جي خلاف پنهنجا ليڪچر بند
ڪري ۽ پيرس هليو وڃي. بيڪن کي سندس دوستن اشارو
ڏنو ته هن پاران اهو حڪم مڃڻ پنهنجو مٿو شينهن جي
وات ۾ وجهڻ جي برابر هوندو. هو انگلينڊ ۾ محفوظ
هو. پيرس ۾ خبرنه آهي ته هنکي الائجي ڪهڙا مسئلا
درپيش اچن.
بيڪن سادو ۽ اعتبار ڪندڙ ماڻهو هو ۽ وڏي ڳالهه اها
ته هو ڏاڍو با اصول هو. پادري ٿيڻ وقت کنيل حلف
تحت هو حڪم جي تابعداري ڪرڻ لاءِ پابند هو.
هو پيرس ويو هليو ۽ اتي ڏهه ورهيه قيد ۾ بند رهيو.
هن کي ڪتاب، اوزار يا لکڻ پڙهڻ جو ڪو سامان پاڻ وٽ
رکڻ جي اجازت نه هئي. هن جو تعلق ٻين ساٿي راهبن
سان هوندو هو جن کي سندس نظرين سبب هن سان ڪابه
همدردي نه هئي ۽ انهن سندس ڏک سور گهٽائڻ جي ڪابه
ڪوشش نه ڪئي. هو پورا ڏهه ورهيه خانقاهي سلسلي جي
شديد نظم ضبط هيٺ ۽ پڙهيل لکيل ماڻهن کان مڪمل طور
پري رکيو ويو.
بهرحال ايتري ڳالهه سمجهي سگهجي ٿي ته سندس ذهن
لازماً مسلسل ڪم ڪندو رهيو هوندو. گاءِ ڊي فلڪيز
(Guy de Foulques)
سن 1265ع ۾ ڪليمنٽ چوٿين جي نالي سان چرچ جو
سربراه ٿيو. بيڪن هن کان انگلينڊ واري دور کان
واقف هو. ڪليمنٽ فوراً بيڪن کي حڪم ڏئي ڇڏيو ته هو
هن لاءِ سائنس تي هڪ ڪتاب لکي. بيڪن دلي شوق سان
انهيءَ ڪم ۾ لڳي ويو. اڃا به کيس ڪتاب نه ٿي ڏنا
ويا پر هن کي جيڪو ڪجهه گهربل هو اهو سندس راهبن
واري ٽوپلي سان ڍڪيل مٿي ۾ موجود هو.
هن پوپ لاءِ ارڙهن مهينن ۾ ڪتاب جا ٽي جلد لکي
ورتا. انهن سموري سائنس جي انسائيڪلو پيڊيا جي
حيثيت رکي ٿي. اهي ايترا جامع نه هئا ڇاڪاڻ ته
اڳتي هلي انهن ۾ اضافا ٿيڻا هئا پر انهن ۾ ڪنهن
خاڪي کان چڱو خاصو وڌيڪ تفصيل هو ۽ انهن ۾ عملي
طور انهيءَ وقت جي سموري سائنسي معلومات جو احاطو
ڪيل هو. اهو دنيا جي تاريخ ۾ ڪنهن به ماڻهو طرفان
ڪنهن مدد کانسواءِ سرانجام ڏنل تمام وڏو ڪم هو.
انهي ثابت ڪيو ته سندس مطالعو تمام وسيع هو ۽ سندس
حافظي ۾ غلطين جي ڪابه گنجائش نه هئي.
4
بيڪن جي دور ۽ ان کانپوءِ ايندڙ ماڻهن لاءِ
ڪليمينٽ لاءِ لکيل ٽنهي ڪتابن مان هڪ
‘Opus Majus’
تمام قيمتي هو. انهي ۾ ارشميدس کانپوءِ پهريون
دفعو سائنسي تحقيق جو صحيح طريقو بيان ٿيل هو.
بيڪن جا قاعدا ۽ قانون هي هئا ته: ٻڌسڻ تي ڪابه شي
قبول نه ڪريو. استقرائي
(Inductive)
دليلن مان مليل ڪابه ڳالهه قبول نه ڪريو. هر ڳالهه
ثابت ڪريو، صداقت تي پهچڻ لاءِ فقط هڪ رهنما آهي ۽
اهو آهي استخراج
(deduction)
جي مدد سان ڪيل تجربو.
جديد دنيا ۾ اهو هڪ نئون آواز هو. اسين جديد تحقيق
جا وارث ۽ انهيءَ مان فائدو وٺندڙ ماڻهو انهي
ڳالهه جو اندازو ئي نه ٿا هڻي سگهون ته تيرهين صدي
جي ڪٽر مذهبي اصولن ۾ پيهيل ۽ فضول مسئلن تي اجائي
ويڙهه ۾ ڦاٿل ماڻهن لاءِ اهي لفظ ڪيترا نه
ڇرڪائيندڙ ثابت ٿيا هوندا. انهن مان هر هڪ ماڻهو
پاڻ پسنديءَ جي مرض ۾ ورتل هو. دنيا جي تاريخ جي
ڪنهن به دور ۾ ماڻهو ايترا پاڻ پسند ۽ اسڪولي
ڇوڪرن واري ڦونڊ ۾ ڀريل نه رهيا هئا. اها سندن
مذهب جي هڪ ضمني پيداوار
(By- Product)
هئي. اهي ته سنئون سڌو خدا جي ذمي هيٺ آيل هئا.
انهنکي ايتري ته اهميت هئي جو خالق ڪائنات انهنکي
پنهنجي خاص ۽ انفرادي توجه ڏيندو هو. هن سمورو علم
سندن روحن ۽ ذهنن ۾ داخل ڪري ڇڏيو هو. ماڻهو لاءِ
فقط اکيون بند ڪري ڳولها ڪرڻ جي دير هئي.
5
هاڻي اوچتو هڪ مذهبي، سچو ۽ کرو ماڻهو ظاهر ٿيو
جيڪو چوڻ لڳو ته اهڙي طرح ڪابه شي حاصل نه ٿي ڪري
سگهجي. انهي انڌي طريقي تحت وڌ ۾ وڌ اهو ٿي سگهي
ٿو ته توهان پنهنجي روح لاءِ ڪو کڏو کوٽي انهي ۾
ڪري پوندؤ. هن اها ڳالهه ثابت ڪري ڏيکاري ته هو
جيڪا ڳالهه چوي ٿو انهي بابت ڄاڻ به اٿس. انهي
لاءِ هن فطرت جي اسرارن جو تجزيو ڪري ڏيکاريو ته
ڪيئن تجربن ذريعي سولائي سان سچ تائين پهچي سگهجي
ٿو. مثال طور هن انڊلٺ کي کنيو. انهي مظهر بابت
ڪيترائي داستان گهڙيا ويا هئا ته اهو ڪو ڏاڍو سهڻو
اسرار، ڪا علامت، ڪو چتاء يا ڪا برڪت ڀري شي هئي.
پر انهي ڳُجهه جوانت لهڻ مشڪل هو جو اها ڪا مافوق
الفطرت شي يا آسمان تي خدا جي آڱرين جا نشان هئا.
بيڪن سمجهائڻ لڳو ۽ هن اهو ڪم ايتري ته وضاحت سان
ڪيو جو سندس دور جا بيوقوف ماڻهو به سندس ڳالهه
سمجهي سگهيا ٿي ته مينهن جي ڦڙن مان سج جي روشني
جا ڪرڻا گذرن ٿا ته ڪمان ٺهي پوي ٿي. اها بلڪل
سادي ۽ تقريباً ٻاراڻي ذهن واري ڳالهه هئي پر هن
کان اڳ ڪنهن به ماڻهو انهيءَ آسماني ڪمان تي تجربو
ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. ڪنهن جي به ذهن ۾ اها
ڳالهه نه آئي هئي ته ماڪ جي ڦڙن، سمنڊ جي پاڻي جي
ڇاٽ ۽ انڊلٺ ۾ رنگ ساڳيا آهن.
لڳي ٿو ته ڪيترا سال خانقاه جي اونداهين ڀتين ۾
واڙيل هن راهب کي روشنيءَ سان ڏاڍو موه ٿي ويو هو
۽ هن پنهنجو ڪيترو ئي وقت شيشن
(lenses)
تي تجربا ڪندي گذاريو- هن ڪا دوربيني يا خوردبيني
ٺاهي هئي ڇا؟ ڪا به خبر نه آهي. بهرحال هو انهيءَ
اصول کان واقف هو ۽ انهي بابت لکيو به اٿائين ته
شيشن کي ڪئين اهڙي جاءِ تي بيهارجي جيئن پري
واريون شيون ويجهو نظر اچن.
پوءِ ڀلا دنيا کي 300 سال گليلو ۽ دوربين جو
انتظار ڇو ڪرڻو پيو؟ ڇاڪاڻ ته چرچ بيڪن جي تحريرن
تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. هاڻي اها ڳالهه سمجهڻ ڏاڍي
ڏکي آهي ته ائين ڇو ڪيو ويو؟ فطرت جي اسرارن جي
ڳولها ڦولها مان چرچ کي ڪهڙي تڪليف ٿي رهي هئي؟
6
بيڪن جي ذهني پهچ سندس گرفت ۾ ايندڙ مسئلن کان
گهڻي وڌيڪ هئي ڇاڪاڻ ته سندس ذهن ستن صدين جي خال
کي ڀري ڇڏيو ۽ کيس ڪيترن ئي اهڙن عجوبن بابت خبر
ڏني جيڪي اڃا. هاڻي ويجهڙائي ۾ عملي صورت ۾ آيا
آهن. هن ميڪانيڪي ذريعن سان هلندڙ ٻيڙن، گهوڙن
کانسواءِ گاڏين ۽ هوائي جهازن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي
هئي. اهي فقط دڦڪ تي تير نه هئا. بيڪن کي اسٽيم
انجڻ بابت ڪجهه خبر هئي ۽ شايد ته اهڙي ڪا شي
پنهنجي ليباريٽري ۾ ٺاهي به هئائين. هن ٻيا ڪهڙا
عجوبا ٺاهيا هئا انهي بابت ڪنهنکي خبر نه آهي، بهر
حال هن. ايتريون شيون ٺاهيون جو بيوقوفن ۾ ٽهڪڙا
مچي ويا ۽ هو قسم کڻڻ لڳا ته هن وٽ ڪارو علم آهي.
توهان کي سڀني ڪتابن مان توهان کي خبر پوندي ته
بيڪن ڪيمياگر هو ۽ پارس پٿر کي حقيقت سمجهندو هو.
ڪيمياگري بابت هو پاڻ لکي ٿو ته: هتي مسئلو فقط
اهو نه آهي ته سادي ڌاتؤ کي قيمتي ڌاتو ۾ تبديل
ڪرڻو آهي پر سون کي پنهنجي اعليٰ ترين درجي تي
پهچائڻو آهي.
ڏسو ته هو سون کي خالص ڪرڻ
جي هڪ بلڪل سائنسي مسئلي کي هڪ اهڙي تمام پراڻي
مسئلي سان گڏ وچڙ ڪري ٿو ڇڏي جنهنکي هن جيتوڻيڪ رد
ته نه ڪيو پر اهو لازماً کيس ڪجهه قدر احمقاڻو لڳو
هوندو.
بيڪن پنهنجي دور جي هڪ بلڪل چالو وهم بابت
ڳالهائيندي بلڪل ائين محتاط ٿي وڃي ٿو جيئن اڄڪلهه
جا ڪيترائي لا ادري مذهب بابت ڳالهائيندي ٿي ويندا
آهن. عوامي راءِ جو هلڪو لحاظ رکڻ واجبي ٿي وڃي
ٿو. تنهنڪري اهو راهب وڏي ڄمار حاصل ڪرڻ بابت ڏاڍي
عقلمندي سان لکي ٿو ته،
”اسان وٽ اڃا تائين صحت
جي عام قاعدن تي ڀروسو ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪاشي نه
آهي، انهن تي عمل تمام ٿورا ماڻهو ڪندا آهن ۽ اهو
به تڏهن جڏهن زندگي پڄاڻي تي پهچڻ واري هوندي آهي
۽ تڏهن ڪافي دير ٿي چڪي هوندي آهي. جيڪڏهن سڀ
ماڻهو مناسب تدبيرون اختيار ڪن ته ڪو شڪ نه آهي ته
زندگي ۾ تمام گهڻو واڌارو اچي ويندو.
اها ته ڪافي جديد سوچ ٿي لڳي ۽ سائنسي لحاظ کان
درست به پر هن اڳتي وک وڌائيندي هڪ اهڙو نسخو به
ڏنو آهي جنهنکي ڪو چرچو يا ڀوڳ سمجهي نظر انداز
ڪري سگهجي ٿو. هو لکي ٿو ته:
”سون، موتي، ڪنوار ٻوٽي، ڦاڙهي جي دل جو هڏو، شام
ملڪ جي شهر صور جي نانگ ۽ ايٿو پيائي اجگر جو گوشت
۽ عبنر ماهي جي ميڻ کي جيڪڏهن درست مقدارن ۾ ۽
صحيح نموني تيار ڪيو وڃي ته انهي سان زندگيءَ ۾
ايترو اضافو ٿي سگهي ٿو جيترو ڪنهن جي خواب خيال ۾
ئي نه آيو هوندو.“
توهان چاهيو ته اهو فرض ڪري سگهو ٿا ته راجر بيڪن
اهي ڳالهيون سنجيدگيء سان لکيون آهن پر گهڻو امڪان
اهو آهي ته هو انهي ذريعي پنهنجن وساهه وسوڙيل
دشمنن تي ٺٺول ڪري رهيو هوندو.
هو پنهنجي سموري زندگي پنهنجي پاڙيسرين لاءِ ڪارو
علم بڻيو رهيو. انهن کي ڪابه خبر نه هوندي هئي ته
سندس انهي شيطاني بٺي ۾ ڪهڙا ڪم ٿا ٿين. پر انهن
کي پڪ هئي ته ڏاڍا ڪي خراب ڪم ٿي رهيا هئا. سندس
انجڻ، سندس شيشا، سندس پاران حياتي جي عجيب قسمن
سان کُچ کُچ کيس ڪنهن سوريءَ تي پهچائڻ لاءِ ڪافي
هيون. ٽي سوسال پوءِ گيار ڊانو برونو کي انهن کان
گهڻين گهٽ ڳالهين تي ساڙيو ويو هو. تنهنڪري اهاڪا
اچرج جهڙي ڳالهه نه ٿي لڳي ته هن عقلمند راهب کان
جيترو ٿي سگهيو پنهنجي زماني جي مقبول وهمن سنسن
جي پٺڀرائي ڪندو رهيو. پر اهي ڳالهيون به کيس
بچائي نه سگهيون.
7
نڪولس ٽئين وٽ ڪليمينٽ چوٿين جهڙي همت ۽ ڄاڻ نه
هئي. جڏهن سندس توجه بيڪن جي ڳالهين ڏانهن ڇڪرائي
وئي ته هن کي اهي بلڪل دين جي خلاف نظر آيون ۽ هن
انهن کي بنادير رد ڪري ڇڏيو. هڪ دفعو وري سائنسدان
کي حڪم مليو ته هو پاڻ کي فرانسسڪنن جي حوالي ڪري
ڇڏي. هن کي خبر هئي ته اهو وار ٿيندو تنهنڪري هن
(De Nulitate Magiae)
جي نالي سان دفاع تيار ڪري ڇڏيو هو. پر سندس اهو
دفاعي مقالو سندس گهڻي مدد نه ڪري سگهيو ڇاڪاڻ ته
سندس هنن لفظن ۾ سمايل ڏاهپ کي ڪنهن به تسليم نه
ڪيو ته:
”اهي ڳالهيون جيئن ته توهانجي سمجهه کان مٿاهيون
آهن تنهنڪري توهان انهنکي شيطان جا ڪم سجهو ٿا.
توهانجا الٰهياتدان ۽ قانوندان انهنکي جادو جي
پيداوار سمجهي انهنکي سخت ناپسند ڪن ٿا ۽ انهن کي
ڪنهن عيسائي جي شايان شان نه ٿا سمجهن.“
اها فطري ڳالهه آهي ته اهڙي قسم جون ڳالهيون کيس
اهڙن ماڻهن جي نظر ۾ ڪا گهڻي قبوليت نه ڏياري
سگهيون جن اڳيئي کيس ماٺ ڪرائڻ ۽ تباه ڪرڻ جو
فيصلو ڪري ڇڏيو هو. کيس 1278ع ۾ قيد ۾ ڦٽو ڪيو ويو
سندس جان بخشي به سندس سگهارن دوستن جي سبب ٿي.
ٿورو تصور ڪريو ته پنهنجي وقت جو عظيم ترين مفڪر ۽
تمام پڙهيل لکيل ماڻهو پيرسني جي حالت ۾ اڪيلو
واڙيو پيو آهي پنهنجو اڀياس جاري رکڻ جي ڪنهن به
طريقي کان محروم آهي ۽ سندس اٿي ويٺي به ڪجهه اهڙن
ننڍڙو ذهن رکندڙ ماڻهن تائين محدود ڪئي وئي آهي
جيڪي هن سان نفرت ڪن ٿا. هو چوڏهن ورهين تائين اهو
ورتاء برداشت ڪندو رهيو ايستائين جو سندس صحت جواب
ڏئي وئي ۽ روح ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيس پوءِ به سندس
دوستن کيس آزادي ڏياري.
پر سندس ڪم مڪمل ٿي ويو هو. پوءِ به هو لڳ ڀڳ ٻه
سال گهلبو رهيو ۽ پوءِ اهڙي بيماريءَ ۾ وٺجي ويو
جيڪا موتمار ثابت ٿي.
سمجهه ۾ اچي ٿو ته بيڪن، جنهن پنهنجي زندگي جا 24
ورهيه قيد ۾ گذاريا هوندا انهي پنهنجي آزادي دوران
جيترو ڪم ڪيو هو انهيءَ مان ڏاڍو مطمئن هوندو پر
اها ڳالهه نه آهي ڇاڪاڻ ته هو چوي ٿو ته:
”آءُ جن ماڻهن سان واسطي ۾ هوس انهن جي جهالت جي
سبب گهڻو ڪجهه نه ڪري سگهيس.“
ڏسو ته ڪهڙا نه خواب آهن ۽ آخر ۾ کيس ڪهڙي نه
نراسائي ۽ تلخي ڏسڻي پوي ٿي جو هو پنهنجي موت جي
بستري تي چوي ٿو ته:
”مونکي هاڻي پاڻ تي افسوس ٿو ٿئي ته مون سائنس جي
محبت ۾ پاڻ کي ايتري تڪليف ڏني.“
باب يارهون
ڪوسٽر ۽ گٽينبرگ
هي نئين صدي ته واقعي ڪو عظيم دور آهي. ماڻهن جي
سينن ۾ هلچل هئي ۽ هر ڪنهنکي اڳتي وڌي عجيب
معلومات گڏ ڪرڻ جو جنون لڳو پيو هو. راهب ۽ منشي
وڏي ذوق شوق سان دقيانوسي فلسفي ۽ روح منجهائيندڙ
دينيات جا ڪتاب اتاريندي پنهنجن کنڀن وارن قلمن جي
کرڙ کرڙ سان دنيا کي ڀريون ويٺا هئا ۽ ڪتاب جوڙڻ
جي ڪم جي ڪا پڄاڻي ئي نظر نه پئي آئي.
پر اونداهن حجرن ۾ ڪم ڪندڙ راهبن ۽ منشين ڪتاب
آهستي آهستي پئي ڪڍيا جو خدا جي حمد ۽ ثنا لاءِ به
انهن جي ڪم ۾ رخنو ٿي پيو. تيار ٿيڻ کانپوءِ به هڪ
هڪ ڪتاب تمام وڏو ۽ ڀاڪر ۾ کڻڻ جيترو ٿي پوندو هو.
تنهن کانسواءِ اهي قيمت ۾ مهانگا ۽ اکين لاءِ ڏکيا
هوندا هئا ۽ جيئن ته اهي لازمي طور محدود تعداد ۾
نڪرندا هئا تنهنڪري تمام ٿورن ماڻهن تائين پهچندا
هئا. پوءِ ڀلا هن خدائي تحرڪ مليل جاندار يعني
انسان لاءِ ڪتاب ٺاهڻ جو ڪو سولو طريقو نه هو ڇا؟
2
پر تڏهن به گذريل گهڻي وقت کان چين هڪ طريقي کان
واقف هو. ڪاٺ جي جدا جدا ٽڪرن تي اکر ڪوري ڪڍڻ سان
اهي پائيدار ٿي پوندا، انهن کي بار بار ڪم آڻي
سگهبو ۽ هڪ ئي ڪاريگر ساڳيو عمل ورجائي ڪيترائي
ڪتاب ڪڍي ويندو.
پر يورپ جي جوان ٿيڻ وقت چين پوڙهو ٿي چڪو هو. ٻيو
ته اهو تمام پري آهي. انهي بابت ماڻهن کي ڪا گهڻي
خبر به نه آهي ۽ ماڻهو انهي کان ڏاڍي نفرت ڪن ٿا ۽
خوف کائين ٿا. انهيءَ ڪوئا کائيندڙ ملڪ مان ڪهڙي
چڱائي ٿيندي؟ پر يورپ انهن کنڀن وارن قلمن جي کرڙ
کرڙ ٻڌي ٿو ۽ پڇي ٿو ته، ڇا انهيءَ کان ڪو بهتر
طريقو نه آهي؟ ڪهڙي خبر؟ هڪ مختلف ۽ تڪڙو طريقو
لازماً موجود آهي.
اتر هالينڊ ۾ هارليم جو شهر پنهنجن واهن جي اردگرد
ڏاڍي بي فڪري سان ٽڙيو پکڙيو پيو آهي. ٿڌا ٿانهريا
۽ مانائتا شهري گهٽين ۾ گهمندا ٿاوتن. ڊچن جا ننڍا
ٻار هالينڊ جي خوشگوار هوا ۾ ٽهڪڙا ڏيندا ٿاوتن.
انهن ننڍي لا کان پاڻيءَ ۾ ڇٻ ڇٻ پئي ڪئي آهي
تنهنڪري امڪان آهي ته وڏا ٿي انهن جا پير بدڪن جي
چنبن جهڙا ٿي ويندا. هارليم جي ماڻهن جي ذهنن ۾ هن
وقت اهڙي ڪا به سوچ نه آهي ته پنج صديون پوءِ عالم
۽ فاضل ماڻهو بلڪل هاڻي انهن جي اکين جي سامهون
ٿيندڙ هڪ ننڍڙي عجيب واقعي جي حقيقت تي پهچڻ لاءِ
وڏيون ڪوششون پيا ڪندا.
لورينز جينزون ڪوسٽر
(Lourens
janszoon coster)
ڌنڌي جي لحاظ کان ته سراءِ هلائيندو هو پر مٿي ۾
سوچيندڙ دماغ هوندو هوس. هو ڏاڍو مهربان ۽ خوش طبع
هوندو هو ۽ ٻار کيس ڏاڍو پسند ڪندا هئا. اها آخري
ڳالهه اهم آهي. هي ۽ اهي ٻار، سندس پنهنجا يا ٻين
جا هڪ ڏينهن پڪنڪ تي ويا ۽ گهمندا گهمندا شهر جي
ڦاٽڪ کان ٻاهر ويجهي جهنگ ۾ ويا هليا. اتي لورينز
پنهنجي ننڍڙن ٻارن جي وندر لاءِ ڪاٺ جي ٽڪرن ۾ اکر
ڪوري ڪڍيا ۽ پنهنجن کيسن مان ڪي ڪاغذ ڪڍي هر هڪ
ٻار کي ڪجهه لفظ ٺپي ڏنا. مس جي جاءِ تي ڪهڙي شي
ڪم آندائين اها خبر نه آهي. ٻار ڏاڍا خوش ٿيا پر
ڪوسٽر جيئن ته اهڙو ماڻهو هو جنهن جي مٿي ۾
سوچيندڙ دماغ هو تنهنڪري هو ڏاڍي سوچ ويچار ڪندي
شهر ڏانهن واپس آيو. هو ذهن ۾ ويچار ڪندو رهيو ته
مون هنن ٻارن کي جيڪا اٽڪل ڪري ڏيکاري آهي انهي ۾
ڪنهن وڏي ڳالهه جو ٻج ته ڪونهي؟ لورينز انهي تي
ڪجهه ويچار ته ڪر.“
3
ليٽر ٽائيپ؟ ها ڇو نه؟ پنهنجو صفحو لڳايو اهو پرنٽ
ڪري ٽائيپ کڻو ۽ ٻيو صفحو لڳايو. انهيءَ ڪم جي
پڄاڻي ئي ڪانهي. ڪوسٽر جي خيالن جو سلسلو هلڻ لڳو.
توهان پرنٽر قلمن سان کرڙ کرڙ ڪندڙ راهبن کي سندن
پنهنجي ڌنڌي ۾ مات ڏيڻ چاهيو ٿا. توهان ڪاٺ جي هڪ
بلاڪ تي مسودي جو هڪ صفحو ڪورڻ ۾ ڪيترو نه وقت ٿا
وڃايو ۽ توهانجو ڪاپيون پرنٽ ٿي وڃڻ کانپوءِ
توهانجو ڪاٺ جو بلاڪ باهه ۾ سڙڻ کانسواءِ ٻئي ڪنهن
ڪم جو نه ٿو رهي ۽ اهو ڪورڻ جو ڪم به ڏاڍو آهستي
ٿئي ٿو ۽ توهانجي ڪتاب جي هر صفحي لاءِ اهو ڪم
نئين سرڪرڻو پوي ٿو. هاڻي منهنجي ليٽر ٽائپ
سان.....
”اکرن کي ڪاٺ ۾ برابر ۽ پڙهڻ ۾ اچڻ جهڙو آڻڻ ۽
ايترو ننڍو به رکڻ جو اهي ڪم ۾ اچي سگهن اهو هڪ
وڏي ڪشالي وارو ڪم ٿيندو، پر اهو ممڪن ته لڳي ٿو.
پر ٻيا طريقا به آهن. مثال طور ڌاتو گرم ڪري قالبن
۾ پرٽي سگهجي ٿو. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسين
پنهنجو اکر اسٽيل جي هڪ ٺپي تي سيٽ ڪري اهو ڪنهن
نرم ڌاتو جي ٽڪر تي هڻون جيڪو پوءِ اسانجي ٽائيپ
ٺاهڻ ۾ ڪم اچي سگهي ٿو. هر اکر لاءِ هڪ ٺپو ۽ هر
قالب مان هزارين اکر!
انهي سراء هلائيندڙ جنهنکي مٿي ۾ سوچيندڙ دماغ هو
اهو انهيءَ مسئلي تي سوچ ويچار ڪندو رهيو ۽ پوءِ
تجربو ڪري ڏسڻ ۾ لڳي ويو ۽ بلڪل مٿي بيان ڪيل
طريقي سان هڪ ٽائيپ تيار ڪري ورتائين.
گهڻو امڪان اهو آهي ته هن پنهنجي هٿن سان اسٽيل جي
ٺپي تي اکر ٺاهيو ۽ اها ته پڪ آهي ته پنهنجن هٿن
سان ٽائيپ مان لفظ جوڙيائين ۽ لفظن سان صفحو
جوڙيائين ۽ انهي سان پنهنجي ڪاغذ تي نقش ورتائين.
اهو آهستي عمل ۾ ايندڙطريقو هو ۽ سندس ڪتاب جي
هرهڪ صفحي لاءِ آهستگي سان بار بار ورجايو ويو.
آخرڪار اهو ڪم پڄاڻي تي پهتو ۽ يورپ جي ڊگهي تاريخ
۾ پهريون ڇپيل ڪتاب منظر تي اچي ويو.
اهو سن ڪهڙو هو؟ ڪي چون ٿا ته 1420ع يا 1428ع هو.
ٻيا چون ٿا ته 1440ع يا 1446ع هو. بهرحال اهو آهي
ته ليٽر ٽائيپ تي ڇپيل پهريون ڪتاب منظر تي اچي
ويو ۽ ايتري پڪ آهي ته اهو پندرهين صدي جي اڌ کان
اڳ دنيا جي حوالي ٿي ويو.
4
ڪوسٽر نالي سراء هلائيندڙ ۽ پوءِ پرنٽر ٿيندڙ انهي
ماڻهو بابت ٻيون ڪهڙيون خبرون آهن؟ هارليم جي
پراڻن رڪارڊن ۾ ڪجهه اڻ چٽا اشارا ملن ٿا اهي به
منجهائيندڙ آهن جو انهيءَ نالي وارا هڪ کان وڌيڪ
ماڻهو هئا. سندس شناخت ڪيترو وقت لارينس جينزون
نالي هڪ ٻهروپيي جي پٺيان لڪيل رهي جنهن جي ذات
(surmame)
ڪوسٽر نه هئي.
انهي ڪوڙي دعويدار جي پٺيان آخرڪار اصلي ڪوسٽر
ظاهر ٿيو. هو پنجن صدين جي اوندهه پٺيان ماٺ ۾
منهن ڪڍيون احتجاج ڪري رهيو آهي ته سڀ کان پهريان
ٻئي ڪنهن نه پر هن ئي جدا جدا ٽائپ ٺاهي انکي هڪ
ڇپيل ڪتاب ۾ آندو- کيس پنهنجو حق وٺڻ ڏيو. هو گهٽ
۾ گهٽ راهبن جي حجرن ۾ کرڙ کرڙ ڪندڙ قلمن کان
انسان جي نفرت ۽ سستي ۽ تڪڙي نموني ۾ ڪتاب ٺاهڻ تي
اصرار جي علامت آهي.
5
جرمني جي شهر مينز
(Mainz)
مان ”ٻهروپيو ۽ دوکيباز“ جا آواز اچڻ لڳا. اهو
اعزاز مينز ۽ اسانجي پنهنجي جوهان گٽنبرگ
(Johan Gutenberg)
سان تعلق رکي ٿو. انهي کي حق تي ثابت ڪرڻ لاءِ
مينز شهر وارن سن 1900ع ۾ پرنٽنگ جي موجد گٽنبرگ
جي اعزاز ۾ هڪ وڏو جشن ملهايو.
ڇا مينز اهو خيال هارليم مان چورايو هو يا معاملو
انهيءَ جي ابتڙ هو؟ ڇا لورينز جينزون ڪوسٽر جي
نالي سان ڪوبه ماڻهو نه هو يا گٽنبرگ ڪڏهن به
پرنٽر نه رهيو هو؟ باريڪ نڪتن جا شوقين ڀلي پيا
انهي تي بحث مباحثا ڪن ۽ انهي جي فيصلي مان مينز ۽
هارليم يا ڪوسٽر ۽ گٽنبرگ کي فائدو ئي ٿيندو.
6
اها ڳالهه ڪنهن شڪ شبهي کان خالي آهي ته پرنٽنگ جي
ڪم ۾ بهتري مينز ۾ آندي وئي. اها ڳالهه به خاطريءَ
واري ٿي لڳي ته انهي بهتري ۾ گٽنبرگ جو عمل دخل
هو. انهي ڳالهه کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري ته هو
مينز ۽ اسٽراسبرگ ۾ رهيو ۽ هليو چليو هو ۽ ڪو
طلسمي پاڇو نه پر هڪ حقيقت هو. ڪنهن وقت هو ڏاڍو
خوشحال هوندو هو، وڏي مقدار ۾ شراب وٺندو ۽
واپرائيندو هو. ڏاڍو ڀلو ماڻهو هو، ماڻهن کي
سولائي سان دوست ڪري وٺندو هو ۽ وري انهنکي وڃائي
به ويهندو هو. ڏاڍو جوشيلو هو ۽ پنهنجي غرض لاءِ
وڙهڻ ۾ دير به نه ڪندو هو. ڏاڍي سٺي نموني ڳالهائي
پنهنجي ڳالهه مڃرائي ويندو هو. سندس دماغ مختلف
ڳالهين سان ڀريل هوندو هو ۽ ماڻهن کي هن جي
ڪاميابي جون وڏيون اميدون هونديون هيون پر انهن
سڀني ڳالهين جي باوجود هو پنهنجن معاملن کي ڏاڍو
ڳجهو رکندو هو.
ڇا اها پرنٽنگ واري ڳالهه کيس 1436ع ۾ ذهن ۾ آئي
هئي؟ اها سوچ هن هارليم مان آندي هئي يا سندس
پنهنجي ذهن جي پيداوار هئي؟ يا اها ڳالهه سندس ذهن
۾ اڃا به پوءِ آئي هئي؟ سندس دوست چون ٿا ته هن
انهي مسئلي تي مينز ۽ اسٽراسبرگ ۾ ورهين جا ورهيه
ڪم ڪيو هو. نه ته ڀلا هن ٻيو ڪهڙو ڪم پئي ڪيو؟ هن
ايترا پئسا اڌارا ڇالاءِ پئي ورتا؟ پنهنجي ايجاد ۾
مدد لاءِ؟ پر سندس ايجاد جو ڪو ذڪر ته نه ٿو ملي.
جيڪي ماڻهو وڏي مقدار ۾ شرابن جا آرڊر ڏيندا آهن ۽
واپرائيندا آهن انهن پاران ڪنهن نه ڪنهن وقت قرضي
ٿي وڃڻ جو امڪان به هوندو آهي.
پئسا موٽايا به نه ويا ۽ نه ئي انهن تي وياج
اداڪيو ويو. اهڙين حالتن ۾ دوست به ڇڏي ويندا آهن.
انهن گٽنبرگ کي به ڇڏي ڏنو ۽ کيس ڪورٽن ۾ ڇڪي ويا
۽ قرضن جي بدلي ۾ سندس اوزار گروي رکرايائون ۽
پوءِ کيس ۽ سندس خوابن کي غربت ۾ لوڙهي ڇڏيائون
جتان هو وقت جي ڌنڌ ۾ اهڙي طرح گم ٿي ويو جو ڪنهن
ماڻهو کي سندس وفات جي وقت جي به خبر نه آهي.
اهڙي طرح مينز جو پهريون ڪتاب ڇاپيندڙ منظر تان گم
ٿي مري کپي ويو ۽ هاڻي سندس نالو مينز جي ٽائون
رڪارڊ ۾ به نه ٿو ملي.
پر پرنٽنگ جنم وٺي چڪي آهي ڌاتوئي ليٽر ٽائيپ وجود
۾ اچي چڪي آهي ۽ تا ابد يا جيستائين تهذيب ان کي
برداشت ڪندي انهي جو وجود برقرار رهڻو آهي. پرنٽنگ
جلدي پکڙجي وئي ۽ سورهين صدي جي شروعات کان اڳ
تقريباً هر وڏي شهر کي پنهنجي مصروف پرنٽنگ پريس
هئي جنهن مان ڌڙاڌڙ ڪتاب نڪري رهيا هئا ۽ دنيا ۾
هر طرف علم جو چالامان ٿي ويو.
وليم ڪيڪسٽن
(William caxton)
ريشم جي واپاريءَ وٽ شاگرد طور بيٺل هو جو کيس ڪم
سانگي بروز
(Bruges)
موڪليو ويو. انگلينڊ لاءِ پرنٽنگ ڳولهڻ جو اعزاز
هن کي حاصل آهي. هن 1473ع ۾ ريشم جو ڌنڌو ڇڏي ڏنو
۽ ٽائيپ ۽ پريسن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ شروع ڪيائين.
اهي حقيقتون حاصل ڪرڻ ۽ بروز ۾ ٻه ڪتاب ڇاپڻ جو
تجربو حاصل ڪرڻ کانپوءِ پرنٽنگ پريس قائم ڪيائين.
اتي هو 15 سال لکڻ ۽ ڇاپڻ جي ڪم ۾ مصروف هو.
ڪيڪسٽن جيئن ته روايت پرست هو تنهنڪري انگريزي
زبان ۾ ايندڙ تبديلين بابت ڏاڍيون شڪايتون پيو
ڪندو هو. انهيءَ افسوس ناڪ لاڙي جي روڪٿام لاءِ هن
چاسر جي جون
‘Canterburry Tales’
ڇپرايون. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي چاسر لفظن
جي رواني جي جادو ۾ وٺجڻ کانپوءِ شدت سان اها تمنا
ڪرڻ لڳندا آهن ته جيڪر هو اهو مقابلو کٽي وڃي ها.
8
پرنٽنگ اسڪاٽلينڊ ۾ 1507ع ۾ پيرپاتو ۽ آئرستاني
ڊبلن ۾ انهي کان ڪجهه وقت پوءِ آئي. انهي 50 ورهيه
پوءِ ڪولمبس جي پهرئين سفر کانپوءِ ايٽلانٽڪ سمنڊ
پارڪيو ۽ 1544ع ۾ ميڪسيڪو ۾ پريس قائم ٿي. اها
يونائيٽڊ اسٽيٽس جي علائقي ۾
‘Pilgrim Fathers’
جي بلڪل پٺيان آئي ۽ ميساچوسيٽس ۾ ڪيمبرج ۾ 1638ع
۾ هڪ پرنٽر ڪم شروع ڪيو. لکڻ ۽ ڇاپڻ جو ڪم بهرحال
محدود رهڻو نه هو ۽ پيسفڪ سمنڊ ٽپي سموري دنيا کي
ڦيرو ڏئي آيو. |