انهي سان معاملو ختم ٿي وڃي ها پر بشپ جي بدقسمتي
چئبي جو نوجوانن هڪسلي جو موقف ٻڌڻ گهريو ٿي. انهن
ايتري شدت سان پُڪارون ڪيون جو آخرڪار هڪسلي کي
جواب ڏيڻ لاءِ اٿڻو پئجي ويو.
دنيا بشپ جي سوال جي موٽ ۾ ڏنل مشهور جواب اڃا
تائين پڙهي پئي ٿي کلي:
”مون اها ڳالهه چئي هئي ۽ آءُ هاڻي به پنهنجي
ڳالهه ورجايان ٿو ته انسان کي پنهنجي ڏاڏي جي جاءِ
تي ڀولڙو هئڻ واري ڳالهه تي شرمندو ٿيڻ جي ضرورت
نه آهي. مون کي جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي پنهنجي ڏاڏي
جي جاءِ تي هئڻ تي شرمندگي محسوس ٿيندي ته اهو ڪو
اهڙو ئي بي آرام ۽ ڦرڻي گهرڻي ذهن وارو ماڻهو
هوندو جيڪو پنهنجي ڪم ڪار جي دائري ۾ ڪاميابي کان
راضي نه رهندي اهڙن سائنسي مسئلن ۾ پيو گهُتون
هڻندو جن سان هن کي ڪا حقيقي واقفيت نه هوندي ۽ جن
کي پنهنجي بي مقصد لٻاڙ سان وڌيڪ پيو منجهائيندو ۽
هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري ۽ مذهبي تعصب
اڀاري پنهنجي حاضرين جي توجهه زيربحث موضوع کان
پيو ڦيرائيندو.“
انهن لفظن سان وڏو گوڙ شور مچي ويو. نوجوانن ۾
هوڪرا پئجي ويا، عورتون ته هاڻي سچي پچي رڙيون ڪرڻ
لڳيون. ليڊي بريوسٽر بيهوش ٿي وئي. ڊارون ڦونڌا
ڦونڌا ٿيو؟ نه نه! ڦونڌا ڦونڌا ڪرڻ وارو خود ڦونڌا
ڦونڌا ٿي ويو. ليڊي بريوسٽر ڀلي پئي بيهوش ٿئي ۽
ٻين عورتن کي ڀلي پيو صدمو رسي پر ڏاڏن جي جاءِ
تي ڀولڙا ئي رهڻا هئا.
13
ايما جڏهن هوڪر پاران موڪليل آڪسفورڊ واري گڏجاڻي
جو احوال وڏي آواز سان پڙهي رهي هئي ته ڊارون
محسوس ڪري رهيو هو ته سندس دوستن پاران دفاع
کانپوءِ سندس ڳالهه سوڀ ماڻي ورتي آهي. وري ڪو به
بشپ ايترو جلدي ماهرن تي سندن پنهنجي ميدان ۾ رعب
وجهڻ جي ڪوشش نه ڪندو. هو ايتري ڳالهه ته هوڪر جي
لفظن مان سمجهي سگهيو ٿي پر هو ۽ ايما انهي حقيقت
کان بي خبر نه هئا ته جنگ اڃا جاري هئي. پادري هر
جاءِ تي ڊارون کي ننديندا ٿي رهيا. اهي سندس نظريي
سان نفرت تي راضي ٿي ويهي نه رهيا پر هنن اها نفرت
انهي نظريي جي خالق مٿان پرٽڻ شروع ڪئي. اها هڪ
عجيب تصوير هئي جنهن تي دنيا اڄ تائين اچرج سان
اکيون کُپايون ويٺي آهي. دنيا ۾ موجود سڀ کان نرم
دل ماڻهو جنهن کي سڀني زنده شين سان سچي محبت
هوندي هئي انهي کي هڪ راڪاس ۽ بد روح ڪوٺيو ٿي
ويو؛ جنهن ڪٽنب کي تباهه ڪرڻ، محبت کي پاڙون پٽڻ ۽
مذهب جي حسن کي ختم ڪرڻ چاهيو ٿي. چيو ٿي ويو ته
هو خدا تي ٺٺولون ڪندڙ دهريو ۽ منحوس مرتد آهي ۽
سندس حيثيت ڪنهن پڪي بدمعاش ۽ انسان جي ناسن ۾ ڌپ
کان وڌيڪ ڪجهه به نه آهي.
لا مارڪ کي ته ايترو لويو نه ويو هو. چارلس جي
ڏاڏي اراسمس کي ته برداشت ڪيو ويو هو. ويندي هن کي
ته ساراهيو ويو هو. انهي شديد بغض جو آخر سبب
ڪهڙو هو؟ ايما انهي سوال جو پنهنجي انداز ۾ هيءَ
جواب ڏئي سگهي ٿي:
”تون خدا کي انهن کان گهڻو پري ڪري ڇڏيو آهي.“
چارلس به شايد اهو محسوس ڪيو ٿي ته هوءَ صحيح هئي
۽ خدا جي دُوري سندس منطق جي سبب لازمي ٿي پئي
هئي هينسلو جا لفظ: آءُ ايترو اڳتي نه ٿو وڌي
سگهان جيترو تون ويو آهين پر آءُ انهي لاءِ ڪو
صحيح سبب به نه ٿو ڏئي سگهان.“ سموري تڪرار کي
واضح ڪري ڇڏين ٿا. ڊارون جي حقيقتن کان مات کاڌل
ننڍڙن ذهنن عام ماڻهن طرفان مذهب تان ڦري وڃڻ جو
سد باب ڪرڻ لاءِ وڏي شدت سان ويڙهاند ڪئي...!
ائين انگلينڊ ۽ آمريڪا جا پادري ارتقا خلاف رڙيون
ڪندا رهيا ۽ ارتقا به مسلسل پنهنجي دڳ تي اڳتي
وڌندو رهيو. ”دي آربڃن آف اسپيشيز“ جرمن ٻوليءَ ۾
ترجمو ٿيو ۽ جرمن سائنسدانن انهي کي قبول ڪري
ورتو. انهن جو فرانسي ۾ ترجمو ٿيو ۽ فرانس جي
نوجوان شاگردن انهي کانسواءِ ٻئي ڪنهن موضوع تي
ڳالهايو ئي نه ٿي. پوءِ انهي جا جلدي جلدي يورپ جي
سمورين زبانن ۾ ترجما ٿيندا ويا ۽ اهو نظريو آخر
ڪار اوڀر جي ملڪن تائين وڃي پهتو ۽ چيني زبان ۾
ترجمو ٿيو.
ايما جو مڙس سٺ ورهين جو ٿي ويو هو ۽ هن ڏاڙهي به
رکي ڇڏي هئي، هو جڏهن هن جي سامهون ويهندي هوندي
ته کيس اها ڳالهه ڏاڍي عجيب لڳندي هوندي ته هو هن
سان نه پر سموري دنيا سان واسطو رکي ٿو. سهڻي ايما
ويج ووڊ هاڻي جيتوڻيڪ وزن ۾ ڪجهه ڳري ٿي وئي هئي
پر اڃا به گهر ڌياڻي ۽ ساڳئي سٺي سڀاءَ واري عورت
هئي. هن کي جنهن مرد سان محبت هئي انهي سان گڏ رهڻ
لاءِ هن سماج، ٿيٽرن ۽ موسيقي کي به ڏاڍي خوشي سان
تياڳ ڏئي ڇڏيو هو.
چارلس دنيا ۾ پنهنجو نالو وڄندي ٻڌي ڏاڍو خوش
ٿيندو هو ۽ پنهنجي خوشي جو پنهنجن دوستن سان
ٻاراڻن لفظن ۾ اِظهار ڪندو هو. پر انهن لفظن ۾ ڪو
به غرور ۽ ڪا به لٻاڙ نه هوندي هئي. هن ڪڏهن به
اهو محسوس نه ڪيو هو ته سندس ذهانت ٻين کان برتر
آهي. هو چوندو هو ته سندس ڪاميابي جو سبب سخت
محنت، موقعو ۽ مشاهدي جون قوتون آهن؛ جيڪي شايد ته
سراسري ماڻهن کان ڪجهه بهتر آهن. هن ايما کي به
ڪڏهن اهو اشارو نه ڏنو هو ته هو شايد ڪو وڏو
هوشيار ماڻهو آهي. ماڻهو جڏهن سندس تحرير جي واکاڻ
ڪندا هئا ته هو حيرت ۾ پئجي ويندو هو ڇاڪاڻ ته هن
اڪثر اها ڳالهه چئي هئي ته جيڪڏهن ڪا ڳالهه چوڻ
جو ڪو خراب طريقو آهي ته مون کي پڪ آهي ته آءُ
اهو ڳولهي وٺندس.
ڇا بناوٽي نهٺائي ائين ٿيندي آهي؟ سندس ڪٽنب مان
ڪير به ماڻهو اها راءِ نه ٿو رکي ڇو ته اهي ماڻهو
ڪهڙي به عظيم شخص جي زرهه ۾ ڪي خال ڳولهي وٺندا
آهن .
14
جڏهن ”دي آريجن آف اسپيشيز“ پڌرو ٿيو ته چارلس
ڊارون جي عمر 50 ورهيه هئي ۽ ”دي ڊسينٽ آف مين“
ڇپجڻ وقت هو 62 ورهين جو ٿي ويو هو. ٻئي سال
The Expression of Emotions in Men and animals.
تي پنهنجو ڪتاب ڪڍيو. هو انهي ڪم لاءِ پنهنجي
سموري زندگي مواد گڏ ڪندو رهيو هو.
ٽي ورهيه پوءِ ”Insectivorous
plants“
آيو ٻئي سال ”Cross
and self fertilisation“
آيو جنهن کانپوءِ وري
The different forms of flowers and plants of
same specie
آيو. هن 1880ع ۾
The power of movement in plants
ڇپرايو ۽ 1881ع ۾ سندس عهد ساز ڪتاب
The formation of vegetable mould throug the
action of worms
آيو.
اهو سندس آخري ڪتاب هو. هو ٻيا مسئلا به هٿ ۾ کڻڻ
لاءِ فڪر مند هو پر هن محسوس ڪري ورتو هو ته وقت
ٿورو هو. هاڻي هو فقط ڪي ننڍڙيون ڳالهيون ۽ تڙ تڪڙ
۾ ڪي تجربا ڪري سگهيو ٿي.
انهي هوندي به ڊائون هائوس ۾ زندگي زورن تي هئي.
هن وٽ سموري دنيا مان خط ايندا هئا ۽ هر خط جو
جواب ڏنو ويندو هو. نامعلوم ليکڪ ڀلي ڪيتريون به
چڙ ڏياريندڙ يا بيوقوفاڻيون ڳالهيون لکي پر کيس
نرميءَ سان جواب ڏنو ويندو هو. هن کان باربار خدا
بابت پڇيو ويندو هو ۽ هو ورجائي ورجائي ڏاڍي افسوس
سان چوندو هوته ”مون کي خبر نه آهي“ اهڙو ڪو ماڻهو
ئي نه هوندو جنهن کي پنهنجي پاڙيسري جي مذهب ۾ ٽنگ
اڙائڻ جي هن کان گهٽ خواهش هجي. هو لاادري
(Agnostic)
خيالن جو ماڻهو هو پر هو ڏاڍو نرم دل، مهربان ۽
کليل ذهن وارو لاادري هو جنهن سان سندس زال به
ڪڏهن جهيڙو نه ڪري سگهندي هئي.
ايما مذهبي خيالن جي هئي. هو سموري زندگي مذهب
مائل رهي هئي ۽ ڏاڍي ڏک سان چارلس جي ڪم کي پئي
ڏسندي هئي جنهن لڳندو هو ته خدا کي پري بيهاري
ڇڏيو هو ۽ هاڻي جڏهن ڪي ننڍڙا ڪيني ڀريل خط ايندا
هئا جن ۾ چارلس کي ڪافر، دهريو ۽ مذهبي عقيدن جي
بيحرمتي ڪندڙ ڪوٺيو ويندو هو ته هو پنهنجي پريشاني
ڀريل اکين سان پنهنجي مڙس ڏانهن نهاريندي چوندي
هئي:
”چارلس تون انهن جي خدا کي ڇا ڪري ڇڏيو آهي؟“
هو انهي سوال جو ڪهڙو جواب ڏئي ها؟ هن ته خدا کي
ڪجهه به نه ڪيو هو. هن هڪ روايت ۽ افساني جو ته
خاتمو آندو هو پر سموري زندگي جي سرچشمي ۽ خالق کي
ته هٿ به نه لاٿو هو. هو ايما کي ٻڌائي سگهيو ٿي
ته خدا به پوڙها ٿيندا ۽ مري ويندا آهن. ايران،
مصر، يونان ۽ روم جا خدا به پوڙها ٿي مري ويا هئا
۽ عبرانين جو خدا به پوڙهو ٿي مري سگهي ٿو پر
سموري ڪائنات جي پٺيان ڪنهن تصور ۾ نه ايندڙ
طاقتور روح
(Spirit)
جو موجود هئڻ ۽ حڪم هلائڻ ضروري آهي ۽ انسان جا ڪي
به ننڍڙا سوال ۽ جواب انهي ڪامل قدرت
(Omnipotence)
کي تباه نه ٿا ڪري سگهن.
اهڙو ڪو ماڻهو ئي نه هوندو جنهن جي مذهب بابت
ايترن ماڻهن کوجنائون ڪيون هونديون. انهن دنيا جي
سڀني ملڪن مان سمورين زبانن ۾ هن تي ڪاهون ڪيون پر
آهستي آهستي انهن حملن جو زور ٽٽندو ويو جو ڊارون
جو نالو دنيا ۾ مشهور ٿيڻ لڳو هو ۽ هن کي گارين جي
جاءِ تي اعزاز ملڻ لڳا.
چارلس ڊارون جي زندگيءَ جو عظيم ترين ڏينهن ڪهڙو
هو؟ هن پاڻ چيو هو ته اهو 27 ڊسمبر 1831ع هو جڏهن
هو بيگل جهاز ۾ پنجن ورهين جي سامونڊي سفر جي
پهرئين مرحلي تي روانو ٿيو هو يا اهو نومبر 1859ع
جو اهو ڏينهن هو جڏهن ”The
origin of species“
ڇپيو هو؟ يا اهو جون 1860ع جو ڏينهن هو جڏهن سندس
نظريي آڪسفورڊ ۾ سوڀ ماڻي هئي؟ يا اڃا کڻي چئجي ته
اهو 17 نومبر 1877ع جو ڏينهن هو جڏهن ڪيمبرج
پنهنجي زور آوري وساري اوچتو ماڻهپي ۾ اچي وئي
هئي.
15
ڪيمبرج ۾ اعزازي ڊگريون ڏيڻ جو ڪو به دستور نه هو
۽ اڳ ۾ ڪڏهن به اهڙو مثال موجود نه هو. ڊارون تي
اعزازن جو مينهن وسي رهيو هو پر ڪيمبرج وٽ پنهنجي
سڀ کان نامور پٽ لاءِ ڪجهه به نه هو. جيئن ته
ڊارون پڙهيو به ڪيمبرج ۾ هو تنهنڪري هن چيو ته اچو
ته ڪجهه ڪريون ۽ ثابت ڪري ڏيکاريون ته اسان کي
جڏهن ڪو عظيم ماڻهو ملي ويندو آهي ته اسين انهي جو
قدر ڪندا آهيون.
اهو ئي سبب آهي جو 17 نومبر 1877ع تي ڪيمبرج جو
سينيٽ هائوس ماڻهن سان ڀريو پيو هو. هر جاءِ تي
انڊرگريجوئيٽ نظر اچي رهيا هئا. انهن مان ڪي ته
ڪرتب بازن وانگر درين جي جارن تي چنبڙيا پيا هئا
ته ڪي مجسمن جي آسپاس اڀا لڳا بيٺا هئا. اهي سڀئي
ماڻهو انهي خوشنما منظر ۽ انهي عظيم ماڻهو جي هڪ
جهلڪ ڏسڻ لاءِ آيا هئا جنهن ڪنهن وقت انهن ساڳين
هالن ۾ ٺينگ ٽپا ڏنا هئا.
معززن جو هڪ گروپ اندر آيو. انهن مان هڪ ڊگهو ۽
ٺوڙهو ماڻهو جنهن جي ڀريل اڇي ڏاڙهي سندس اڳتي ڍُر
ڪيل ڪلهن تي پيل ڳاڙهي جبي تي پکڙي پئي هئي ماڻهن
کيس سڃاڻي ورتو ۽ ڪمري ۾ مرحبائي نعرا ڳونجڻ لڳا.
ڊارون جي ذهن ۾ انهي وقت ڪهڙا خيال هئا؟ هو
تقريباً 50 ورهيه اڳ اتي ويٺو هو جتي هاڻي اهي
نعرا هڻندڙ ڇوڪرا ويٺا آهن ۽ تڏهن عظمت جي ڪنهن به
سپني سندس خوشين ۾ ڦيٽارو نه وڌو هو. ڇا کيس
مهربان هينسلو ۽ عقلمند سيج وڪ ياد هئا؟
پوءِ هڪ ڊگهي تقرير ٿي جنهن ۾ انڊر گريجوئيٽيس ڪا
به دلچسپي نه ورتي. انهي کانپوءِ ڊارون اٿي هٿ ٻڌي
وائس چانسلر جي سامهون بيٺو. جنهن لاطيني ۾ ڪجهه
لفظ چپن ۾ ڀڻڪيا، سڀ ماڻهو ڊارون جي چوڌاري ميڙ
ڪري هن سان هٿ ملائڻ لڳا ۽ ڇوڪرن هيٺ مٿي وڏو هل
بگيڙو ڪيو. آخر ۾ جڏهن ڊارون ريشمي گائون ۾ ايل
ايل ڊي کڻي پئي ويو ته ايما سندس ڀرسان هلندي
ڏاڍي خوشي محسوس ڪري رهي هئي.
16
اهو سندس آخري وڏو ڏينهن هو. هن کي سانپن تي ٿورو
ڪم مڪمل ڪرڻو هو ۽ پوءِ...
هاڻي بيماري تقريباً مسلسل رخنو وجهڻ لڳي پر زمين
۽ ڪينئن تي ڪتاب ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مڪمل ٿي
ويو ۽ هن ۽ ايما پنهنجي آخري پروف ريڊنگ ڪري ڪاغذ
پرنٽر ڏانهن موڪليا ۽ زندگي جو ڪم پڄاڻي تي پهچي
ويو. هاڻي جنهن به مسئلي تي وڌيڪ تحقيق گهربل
هوندي اها ڊارون نوجوانن لاءِ ڇڏي وڃي ٿو.
هاڻي هو ۽ ايما ڊائون هائوس ۾ اڪيلا هئا ڇاڪاڻ ته
انهن جا ٻار دنيا مان نڪري ويا هئا. پٽن شاديون
ڪري ڇڏيون هيون ۽ ايما ۽ چارلس گهڻو ڪري هڪ ٻئي کي
پيا ٻڌائيندا هئا ته هو نُهرن سان ڪيترا نه خوش
آهن.
انگلينڊ ۾ 1882ع جي بهار جي مند آئي ۽ چارلس
ڊارون 17 مارچ تي پنهنجي باغيچي ۾ بيٺو وڻ ۽ ٻوٽا
ڏسي رهيو هو. ٻه ڏينهن پوءِ جڏهن سندس پٽ ۽ ڌي کيس
سهارو ڏئي بيٺا هئا ته هن جي چپن تي مرڪ تري آئي ۽
چيائين: توهان بهترين نگهداشت ڪندڙ پيارا ماڻهو
آهيو.“ انهي کان ٿوري دير پوءِ هو هن دنيا ۾ نه
رهيو.
17
ڇا ڊارون جو نظريو اڃا زنده آهي؟ انهي جو چٽو جواب
ڏئي سگهجي ٿو ته هائو! ارتقا اڳ کان وڌيڪ مضبوط
بنياد تي اڃا زنده آهي پر نيچرل سليڪشن اڄ ايترو
مضبوط نه آهي جيترو 50 ورهيه اڳ هو. ڊارون جو اهو
نظريو هن پاران انسانذات کي ڏنل سڀ کان وڏو تحفو
نه هو. هن فقط اونده ۾ هڪ روشني ۽ زمانن جي
بنديخانن مان فرار جي هڪ راه ڏيکاري هئي. اڄ
جيڪڏهن زندگي وڌيڪ آزاد، وڌيڪ سهڻي ۽ وڌيڪ وسيع
آهي ۽ انهي ۾ وڌيڪ اونهائي آهي ته انهي جو سبب اهو
آهي ته لا مارڪ، فيراڊي، ڪوچ، پاسچر، لسٽر ۽ ڊارون
جهڙن ماڻهن ڄاڻ جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ سچي خوشي
لاءِ ڪم ڪيو هو ۽ انهن جي خوابن آڏو شخصي فائدي جي
خواهشن ۽ انهي نيچ سوچ جو پاپو نه پيو هو ته
ڪاميابي جو رپين ۽ پئسن ۾ حساب ڪجي.
باب پنجويهون
گريگور مينڊل
گريگور مينڊل نالي آسٽريائي ڪڙمي ڇوڪرو 1822ع ۾
ڄائو. هو برون
(Brunn)
جي خانقانهه ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ سموري ڄمار اتي ئي
رهيو. سندس سموري ڪائنات خانقاه جي اوچين ڀتين جي
اندر آيل زمين جي ٽڪري تائين محدود هئي. انهي
پراڻي شهر جي ماڻهن سان سندس رابطا بلڪل مذهبي ۽
رسمي نوعيت جا هوندا هئا. يورپ ۾ سائنسي دريافتن
جو هنگامو متل هو. پاسچر جي فرانس ۾ جنگ جوٽي پئي
هئي، لسٽر اسڪاٽلينڊ ۾ انسانذات کي تعليم ڏيڻ ۾
مصروف هو، ڊارون انگلينڊ ۾ پنهنجن ڌماڪن جون
تياريون ڪري رهيو هو، هيم هولٽز
(Helm holtz)
۽ هرٽز جرمني ۾ کوجنائون ڪري رهيا هئا جتي ڪوچ به
ڪم ۾ لڳو پيو هو. آساگري ۽ آگا سيز آمريڪا ۾ ڪم ۾
مصروف هئا.
اهي سڀئي ڳالهيون جيتوڻيڪ منيڊل جي آسپاس ٿي رهيون
هيون پر اها ڳالهه وسهڻ ۾ نه ٿي اچي ته هن کي انهن
بابت ڪا ڄاڻ هوندي. ايترو ٿي سگهي ٿو ته هن کي
انهيءَ سائنسي هلچل بابت ڪا مبهم معلومات هوندي.
خود برون جو شهر ئي دنيا کان ڪٽيل هو ۽ مينڊل وري
پنهنجي خانقاهي سلسلي جي حلف تحت برون شهر کان
ڪٽيل هو. هن جون سائنسدانن سان اهڙيون ڪي دوستيون
به نه هيون جن کي ڊارون، پاسچر ۽ ڪوچ وڏي اهيمت
ڏيندا هئا ۽ هن کي تحقيق ۽ تجزيي جي به ڪا تربيت
مليل نه هئي.
اهڙا ڪي ماڻهو تمام ٿورا ملندا جن کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ
جي ايتري تڙپ به هجي ۽ اهي اهڙي افسوسناڪ ماحول ۾
رهندا هجن. راجر بيڪن جيتوڻيڪ راهب هو پر کيس
پنهنجي دور ۾ ملندڙ سائنسي معلومات تائين رسائي
حاصل هئي ۽ ڪوپرنيڪس کي به ڪيترن اسڪولن ۾ پڙهڻ جو
موقعو مليو هو ۽ ٻين سائنسدانن سان به لاڳاپا هئس
پر منيڊل جي سموري زندگي ڇوڪراڻي وهي کان مرڻ گهڙي
تائين خانقاه جي سفيد ڀتين ۽ باغيچي جي انهي ننڍڙي
ٽڪري تائين محدود رهي جنهن جي هو نگهباني ڪندو هو.
گريگور هڪ ڪڙمي هو يا کڻي چئجي ته هو هڪ اهڙي
ڪٽنب مان هو جنهن پنهنجي سموري زندگي شيون اپائڻ
جي ڪوشش ۾ گذاري هئي. هن پاران خانقاه ۾ داخل ٿيڻ
کان اڳ هن ٻنين ۾ ڪم ڪيو هو جتي ڪاٺ جي هر سان
زمين کيڙي هٿن سان ٻج پوکيندو هو. هن ٻج کي ڦٽندي،
سلي کي وڌندي ۽ ڏاٽي لاءِ پچندي ڏٺو هو ۽ ٿي سگهي
ٿو ته هن تڏهن ئي پاڻ کان اهو سوال پڇيو هجي ته:
ڪڻڪ مان سدائين ڪڻڪ ۽ بصر مان بصر ئي ڇو ٿو ڦٽي؟
ڊارون هڪ نظريي جي ثابتيءَ لاءِ مواد جي ڳولها ۾
پنجن ورهين تائين دنيا کي اٿلايو پٿلايو هو. مينڊل
ائين نه ٿي ڪري سگهيو پر هو ذهانت ۾ تمام اڳتي هو
۽ زمين جا دستياب چند جريب ايتري ته بهترين نموني
ڪتب آندائين جو ڊارون جي نيچرل سليڪشن واري نظريي
کي تباه ڪرڻ جي به ويجهو وڃي پهتو هو. ڊارون اهو
ڏسي ڪيتري نه تپرس ۾ پئجي وڃي ها ته برون جي ننڍڙي
شهر ۾ هڪ غير معروف راهب سندس شاندار قلعي جا
بنياد کوٽڻ ۾ مصروف آهي.!
2
انهي ڳالهه جي به پڪ نه آهي ته منيڊل ڪو ڊارون جي
نالي کان گهڻو واقف هوندو. اها ڳالهه البت چڱي
خاصي خاطري سان چئي سگهجي ٿي ته هن ڊارون جو ”The
origin of species“
ڪڏهن نه ڏٺو هوندو. هن جڏهن وڏن ۽ ننڍن مٽرن تي ڪم
جي شروعات ڪئي هئي تڏهن به سندس ذهن ۾ اهڙي ڪا به
ڳالهه نه هوندي ته هو ڪو انهي مان ڪجهه ثابت ڪري
ڏيکاريندو. هن کي ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي ڏاڍي تانگهه لڳي
پئي هوندي هئي ۽ سندس محدود دنيا ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ
جو واحد ذريعو تجربا ڪري ڏسڻ ئي هوندو هو. هن کي
جيئن ته ڪا سائنسي سکيا به حاصل ٿيل نه هئي تنهن
ڪري هن پاڻ کي پاڻ سکيا ڏني. جيئن ته هن جيڪو ڪم
هٿ ۾ کنيو هو انهي جو ڪو مقرر طريقو به نه هو تنهن
ڪري هن لاءِ هر شي جي مُنڍ کان معلومات حاصل ڪرڻ
ضروري هو.
سندس سوال هي هو ته: جيڪڏهن ٻه مختلف قسم پيوند
ڪيا ويندا ته ڇا ٿيندو؟ کيس جيتن کي پنهنجي ٻوٽن
کان پري رکڻ لاءِ ڏاڍو خيال رکڻو پوندو هو ۽ کيس
اها ڳالهه به ذهن ۾ رکڻي پوندي هئي ته هو ٻين سڀني
ڳالهين کان پنهنجون اکيون بند رکي پنهنجي توجه فقط
اڀياس هيٺ خصوصيت تي مرڪوز رکي هن عام مٽر جو ڊگهو
۽ ننڍو قسم کڻي انهن کي پيوندڪيو ۽ پنهنجي توجه
فقط انهيءَ هڪ خصوصيت تي موڪوز رکي. ٽئين فصل وارن
نتيجن کيس حيران ڪري ڇڏيو. هن وري ڳاڙهن ۽ اڇن
گلن، ڦڪن ۽ ساون ٻجن ۽ گول ۽ گهنجيل ٻجن تي تجربا
ڪيا.
هر دفعي نتيجا ساڳيا ئي مليا. آخر ۾ هو بلڪل پڪي
پختي اڳڪٿي ڪري ويندو هو ته ٽئين فصل ۾ ڪهڙا نتيجا
ايندا. پر مينڊل ڏاڍو ڌيان وارو ماڻهو هو ۽ اٺن
ورهين تائين پنهنجن ٻوٽن تي ڪم ڪندو انهن کي هڪ نه
ٻئي طريقي سان آزمائيندو پنهنجي سوچ جي نتيجن جا
ثبوت گڏ ڪندو ويو. ايستائين جو کيس اطمينان ٿي ويو
ته هن هڪ قانون ۽ حقيقت تي ٻڌل بنيادي بيان (Basic
Statenent Of Fact)
حاصل ڪري ورتو آهي.
پوءِ هن پنهنجن تجربن ۽ پنهنجي مشاهدي هيٺ آيل
حيرت انگيز نتيجن جو هڪ ننڍڙو بيان تيار ڪيو.
لائل، ڊارون، هڪسلي ۽ اسپينسر جي گڏيل ڪتابن کان
وڌيڪ روايت ٽوڙ (Iconoclastic)
اهو ليک 1865ع ۾ برون جي
Procecdings Of Natural Histry Socicty
۾ ڇپيو.
بهر حال اهو ليک ڇپجڻ کانپوءِ به ڪا ڳالهه سامهون
نه آئي برن عام رستي کان گهڻو پري هو ۽ اتان جي
نيچرل هسٽري سوسائٽي جا ميمبر به غير معروف ماڻهو
هئا جيڪي اڃا تائين غير معروف رهيا آهن. انهن جي
حيثيت ڳوٺاڻن جي پيشور ۽ ڪاروباري ماڻهن جي هڪ
ننڍڙي گروپ کان وڌيڪ نه هئي جيڪي سائنس جي ننڍڙن
مسئلن ۾ نيم دليء سان ۽ شوقيا انداز ۾ دلچسپي
وٺندا هئا. انهن ۾ ڪو به اهڙو ماڻهو نه هو جيڪو
مينڊل جو ليک پڙهي محسوس ڪري وٺي ته ڪو انقلابي
شاهڪار سندس هٿن ۾ اچي ويو آهي.
انهيءَ ليک بابت ڪا به ڳالهه برون کان ٻاهر نه
پهتي ۽ مينڊل جنهن کي وڏيون اميدون ۽ خواب هئا اهو
پنهنجي باغيچي ۾ ڪم ڪندو انهي اوسيئڙي ۾ رهيو ته
ڪڏهن سائنس جي دنيا مان ڪو دوستاڻو آواز هن سان
مخاطب ٿيندو پر ڪو به آواز نه آيو ۽ مينڊل پنهنجي
خانقاه جو ايبٽ
(Abbot)
ٿي سترهن ورهين کانپوءِ هيءَ ناسپاسگذار دنيا ڇڏي
ويو.
ڪنهن کي به خبر نه آهي ته سندس ليک جي اشاعت
کانپوءِ سندس ذهنن ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هيون يا پوءِ
هو ڪهڙا تجربا ڪندو رهيو. هن پنهنجي ڪم بابت هڪ
بيان لکيو ۽ اهو شوشٽ ڪري وسامي سندس پيرن ۾ ڪري
پيو. هن وري ڪا ڪوشش ئي نه ڪئي. پر خوش قسمتي سان
سندس پيغام جو تت باقي رهجي ويو ۽ دنيا جي اکين
کان ڪڏهن به اوجهل نه ٿي سگهيو.
3
ايترو آهي ته برون جي سوسائٽي آف نيچرل هسٽري
پنهنجو رڪارڊ پڪي صورت ۾ رکيو هو. سائنسدان ارتقا
جي موضوع تي ڪنهن ڄاڻ جي ڳولها ۾ انهي سوسائٽي جي
دز ۾ ڀريل جرنلن تائين به پهچي ويا. ميوٽيشن نظريي
وارو هيوگوڊي وريز
(Hugo do vries)،
سي ڪورينز
(C. Correns)
۽ اي شرماڪ
(E.Tscher mak)
پنهنجي پنهنجي مُنهن جنس (Sex)
۽پيوندين جي اسرارن جي ڳولها ۾ سائنس پاران
نظرانداز ڪيل مينڊل جو اهو ليک هٿ ڪري ورتو. ٽنهي
اهو به محسوس ڪري ورتو ته روشني جو اهو طاقتور
ڪرڻو ته زندگي جي هڪ تمام پر اسرار جهنگ کي روشن
ڪري رهيو آهي. هنن اهو به محسوس ڪري ورتو ته اهي
ٿڙي ٿاٻڙي وڃي ڪنهن ڏاهي جي ڪم جي مٿان بيٺا آهن
اهڙي طرح هنن پوءِ پنهنجي دريافت جا سموري دنيا ۾
پڙها ڏيارائي ڇڏيا.
مينڊل اهڙي طرح برون جي قبرستان ۾ ماٺ ميٺ ۾ آرامي
هوندي 35 ورهين کانپوءِ شهرت جي بلندين تي پهچي
ويو. سموري سائنسي تاريخ ۾ هن کان وڌيڪ ڪو عجيب
واقعو نه ٿو ملي ڪيونڊش جون دريافتون دنيا کان 50
ورهين تائين انهي ڪري ڳجهيون رهيون هيون جو سندس
ليک اشاعت هيٺ نه آيا هئا؛ راجربيڪن کي پنهنجي دور
کان گهڻي آڳاٽي معلومات پيش ڪرڻ جو ڪريڊٽ ڏنو
ويندو آهي پر سندس ڪم جو وڏو حصو گم ٿي ويو آهي.
پر هي اهڙي ڳالهه آهي جيڪا ميڊل کي ٻين کان بلڪل
منفرد ڪري بيهاري ٿي ته سندس 1900ع ۾ هٿ آيل مقالو
جيتوڻيڪ 35 ورهيه پراڻو هو پر سائنس ايتري عرصي ۾
به انهي معلومات تائين پهچڻ جيتري اڳڀرائي نه ڪئي
هئي. تربيت يافته سائنسدانن پاران مينڊل واري نقطي
تائين پهچڻ جون سموريون ڪوششون ناڪام ٿي ويون
هيون.
سموري دنيا ۾ ماڻهن مينڊل جو ليک پڙهيو ۽ شاگردن
جي هڪ فوج انهي ڪوشش ۾ سندس تجربا ورجائي ڏٺا ته
ڏسجي ته هو جنهن شي بابت ڳالهائي ٿو انهي بابت
واقعي ڪا ڄاڻ به اٿس! انهن کي هر جاءِ تي اها
ڳالهه نظر آئي ته هو صحيح ۽ بلڪل تز هو ۽ هن
حقيقتن کانسواءِ ڪا به ڳالهه پيش نه ڪئي هئي. اڄ
سٺ ورهين کانپوءِ به مينڊل جو قانون اڳي کان وڌيڪ
مضبوط بيٺو آهي ۽ جنس، توارث
(heredity)
سائٽالاجي، ايمبريالاجي، البينزم، جينيٽڪس ۽
يوجينيڪس جي ميدانن ۾ ٿيل تحقيق انهي جي پٺڀرائي
ڪئي آهي.
4
فرانسس گالٽن کي اڃان سر جو خطاب نه مليو هو پر هو
دريافتون ڪندڙ ۽ موسم جي هڪ شاگرد طور مشهور هو ۽
بلڪل انهي ئي وقت توارث تي ڪم ڪري رهيو هو جڏهن
مينڊل پنهنجا خاموش تجربا ڪري رهيو هو. گالٽن
پنهنجن تجربن لاءِ جيئن ته ڪنهن گمنام ٻوٽي تي
مطمئن نه ٿي رهي سگهيو تنهن ڪري هو خود انسان کي
پنهنجي ليباريٽري ۾ کڻي ويو. هن وڏي محنت ۽ شوق
سان پنهنجا انگ اکر گڏ ڪيا ۽ وقت اچڻ تي پنهنجا ٻه
قانون پيش ڪيا:
پهريون ته ماءُ پيءُ، ڏاڏي ڏاڏيءَ، پڙ ڏاڏي، پڙ
ڏاڏيءَ وغيره جو ڪردار مقرر هوندو آهي ۽ اهو ابي
ڏاڏي جي دُوريءَ تي دارومدار رکندي هڪ خاص تناسب
سان گهٽبو ويندو آهي. انهي قانون مطابق ٻار جي
وراثت ۾ اڌ حصو ماءُ پي جو هوندو آهي؛ ڏاڏي ڏاڏيءَ
جو چوٿون حصو؛ پڙ ڏاڏي پڙ ڏاڏيءَ جو اٺون حصو ۽ تڙ
ڏاڏي تڙڏاڏيءَ جو سورهون حصو. اهڙي طرح اهو سلسلو
اهڙي نقطي تائين پٺتي هلندو ويندو آهي جتي اهو
ٻڌائڻ مشڪل ٿي ويندو آهي ته آخري تمام ننڍڙو پر
اهم حصو ڪنهن جو ۽ ڪيترو پيو.
ٻيون ته، فطرت ۾ اهو لاڙو موجود هوندو آهي ته اها
مٿي يا هيٺ خاندان جي اوسط سراسري
(mean average)
برابر رکندي آهي. گالٽن چوي ٿو ته: چند ذهين جوڙن
جو سڀ کان ذهين ٻار به ڪيترن ئي عام رواجي ذهانت
رکندڙ جوڙن جي سڀ کان هوشيار ٻار جيترو هوشيار نه
هوندو:
گالٽن جو پنهنجي مضمون بابت انداز مينڊل کان ايترو
ئي مختلف هو جيترو ارسطو جو انداز گليلو جي انداز
کان مختلف هو. گليلو پنهنجا مختلف سائيزن جا وٽ
هيٺ ڪيرايا ۽ انهن جي ڪرڻ جو وقت نوٽ ڪيو؛ جڏهن ته
ارسطو انهي بابت ٻئي ڪنهن جي ڳالهه تسليم ڪري ورتي
هئي. گالٽن انگ اکر ۽ انساني رڪارڊ گڏ ڪيا جڏهن
ته مينڊل فطرت وٽ وڃي انهي کان پڇيو ته اها کيس
بلڪل صحيح صحيح ٻڌائي ته سندس طريقي ڪار ڪهڙو آهي؟
گالٽن جا قانون اڃا تائين وڏي حد تائين مفروضن تي
ٻڌل آهن جڏهن ته ڪير به مينڊل جا قانون ورجائي اهي
ئي نتيجا حاصل ڪري سگهي ٿو جيڪي هن کي مليا هئا. |