باب اٺون
بطليموس
(Ptolemy)
بطليموس جو عروج سائنس لاءِ موت ثابت ٿيو. زوال
پذير يونان ڏاهپ جي پرورش ڇڏي ڏني. اٿينز
ڪمزورٿيندو ويو ۽ علم جو مرڪز سڪندريا ڏانهن ڌڪجي
ويو. اتي گرامر جا ماهر ترقي ڪرڻ لڳا ۽ ٻاهرين شڪل
۽ علامتن اصليت
(Originality)
کي چٿي ڇڏيو. انهي صورتحال بابت ائين چئي سگهجي
پيو ته ڄڻ جالينوس جي موت سان انسان جي ذهانت تي
پردو پئجي ويو هو.
اڳتي وڌڻ جون ڪوششون ٿي رهيو هيون پر اهي ڪنهن ڪم
جون نه هيون. تحقيق ۽ استخراج جي جاءِ سهيڙ ۽
تنقيد اچي والاري. روح ختم ٿي ويو. انهي بطليموس
جي صورت ۾ چمڪو نه کاڌو جنهن ڏانهن دنيا اڃا تائين
پنهنجي دل صاف نه ڪئي آهي.
بطليموس منظر تي تڏهن ظاهر ٿيو جڏهن هن هڪ قديم
نظريي کي ٺوس شڪل ۾ آندو. اهو نظريو بائيبل جي
روايتن جي به عين مطابق هو. بطليموس وٽ صحيح ۽ غلط
مان چونڊ ڪرڻ جو موقعو هو. فيسا غورث جي وقت کان
وٺي سج جي چوڌاري ڦرندڙ دنيا جو تصور سائنسدانن جي
ذهن ۾ موجود هو. عوام به اهوئي سمجهندو هو ته دنيا
هڪ جاءِ تي بيٺي آهي تڏهن ته سج ۽ تارا انهي جي
چوڌاري گردش ڪن ٿا. اسڪندريا ۾ دنيا جهان جو علم
پڙهيل اسانجي فلڪياتدان انهن ٻنهي نظرين بابت سوچ
ويچار ڪئي؛ هر هڪ جي حمايت ۾ موجود ثبوتن جي تورتڪ
ڪئي ۽ غلط نظريي کي چونڊي ڇڏيو.
هن پنهنجي سموري علم ۽ فضل جي طاقت سان هن نظريي
کي حتمي قرار ڏئي ڇڏيو ته دنيا هڪ جاءِ تي بيٺي
آهي ۽ سج ۽ ستارا هن جي چوڌاري گردش ڪري رهيا آهن.
هن چنڊ جي گهٽ وڌ ٿيندڙ حالتن ۽ گرهن جي بدلجندڙ
جاين جو سبب ٻڌائڻ لاءِ عجيب غريب دائرا ۽ گلوب
متعارف ڪرايا. هن اهو ڪم ڪافي سٺي نموني سرانجام
ڏنو ۽ آخرڪار جڏهن مئو ته هن جي ذهن انهي بابت
ڪوبه شڪ شبهو نه هو ته هن هڪ عظيم قدرتي مسئلو
هميشه لاءِ حل ڪري ڇڏيو آهي،
2
بطليموس بابت ڪنهنکي به گهڻي خبر نه آهي. هن جا ڪي
به موقعي تي موجود سوانح نگار نه هئا ۽ سندس زندگي
بابت حقيقتون گم ٿي ويون آهن. هوشايد ته پهرئين
صدي عيسوي جي آخر يا ٻين صدي جي شروعات ۾ مصر ۾
پيدا ٿيو هو ۽ سندس ماء پيءُ يوناني هئا. رڪارڊ
موجب هن ستارن جو جيڪو سڀ کان پهريون مشاهدو ڪيو
انهي جي تاريخ 127ع ۾ ملي ٿي. سندس بابت آخري
ڳالهه 151ع جي بيان ٿيل آهي. هنجا منهن مهانڊا
ڪهڙا هئا؟ هن زندگي ڪيئن گذاري؟ سندس ماء پي ڪير
هئا؟ انهيءَ بابت ڪنهنکي به خبر نه آهي. ٿي سگهي
ٿو ته هن جو بطليموس جي شاهي خاندان سان تعلق هجي
۽ هو ڪو شهزادو شاگرد هجي. پر انهيءَ وقت مصر ۾
بطليموس نالو ائين هوندو هو جيئن آمريڪا ۾ سمٿ
آهي. اها پڪ آهي ته هو اسڪندريا ۾ پڙهيو هو ڇاڪاڻ
ته هن وٽ جيڪو علم هو تڏهن اهو حاصل ڪرڻ لاءِ دنيا
۾ واحد جاءِ اهائي هوندي هئي.
3
بطليموس جيتوڻيڪ ڪوبيوقوف ته نه هو پر ڪائنات جي
ڳجهارت بابت ڏاڍو بيوقوفاڻو اندازو هنيو اٿائين.
هن جي چيل گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڳالهه درست هئي ته دنيا
گول هئي، خلا ۾ ٽنگيل هئي ۽ ان کي جهلڻ لاءِ ڪي به
ٿنڀا نه هئا.
اها ته مڃيل روايتن جي بلڪل خلاف ڳالهه هئي. انهي
سان ته دنيا کي ڏنل ٿوڻيون نڪري ٿي ويون ۽ عام
ماڻهو جي نظر ۾ به اها بلڪل واهيات ڳالهه هئي.
جيئن ته اها ڳالهه ته بلڪل عام رواجي اکين سان به
ڏسي سگهجي پئي ته دنيا هٿ جي تريءَ وانگر سڌي هئي
۽ انکي جهلڻ لاءِ ڪنهن قسم جاٿنڀ به لڳل هئا ڀلا
ٿنڀ ڇا تي بيٺل هئا؟ جيئن ته زمين ڪٿان ڪري نه ٿي
پئي تنهنڪري اها ڳالهه ڄاڻڻ ئي ڪافي هئي. اهڙي
صورت ۾ عوام بطليموس جي ٻنهي ڳالهين تي يقين ڪري
ويهي رهيو. ايستائين جو ڪوپرنيڪس هڪ خواب لڌو ۽ ان
کي سچو ثابت ڪري ڏيکاريو
4
بطليموس جڏهن سج جي اڀرڻ ۽ لهڻ بابت سوچ ويچار ڪئي
ته کيس پنهنجو نظريو غلط نظر آيو. هتي سندس غلطي
جو سبب هڪ ٻيو مسئلو هو جيڪو هو حل نه ڪري سگهيو.
لڳي ٿو ته هن اها ڳالهه محسوس ڪري ورتي هئي ته
دنيا کي حرڪت ڪرڻ گهرجي. انهيءَ مسئلي جي سادگي ۽
سولائي به کيس متاثر ڪيو ٿي. سج ۽ ستارن جي هڪ
نامعلوم اسپيڊ سان گردش ڪرڻ کان زمين جو پنهنجي
محور تي گردش ڪرڻ گهڻو سولو ڪم هو. پر جيڪڏهن زمين
ڦري ٿي ته انهيءَ تيز هوا بابت ڇا چئي سگهبو جيڪا
هر شي کي خلا ۾ اڇلائي ڇڏيندي؟ پر اهڙي ته ڪابه
هوا نه هئي انهي ڪري سندس نظر ۾ گردش ڪندڙ زمين جو
نظريو ختم ٿي ويو ٿي.
بطليموس سمجهندو هو ته سندس نظريي ۾ ڪا خرابي آهي
پر هو پاڻکي اها ڳالهه مڃرائي نه سگهيو ته اهو
بنيادي طور غلط آهي. هن جي نظر ۾ خراب ڳالهه سج ۽
ستارن جي اها اسپيڊ هئي جنهن تحت انهنکي 24 ڪلاڪن
۾ دنيا جي چوڌاري پنهنجو سفر پورو ڪرڻو هو. هن
انهيءَ مسئلي جو حل اهو ڪڍيو ته اهي ستارا هڪ تمام
وڏي گولي جي اندروني سطح تي جواهرن وانگر جڙيا پيا
آهن، اهو گولو ساڪن زمين کي پنهنجو مرڪز بڻائي ٻين
ستارن سان گڏ گردش ڪري رهيو آهي.
هاڻي جڏهن گرهن جي ڳالهه آئي ٿي ته سندس نظريو
عارضي طور ناڪام ٿي ويوٿي. اهي انهي عظيم گولي ۾
جڙيل نه هئا ۽ پنهنجي مرضيءَ مطابق ڊوڙندا ۽ اهڙي
بهترين نظام ۾ گڙ ٻڙ پيدا ڪندا ٿي رهيا. انهيءَ
سبب بطليموس کي گرهن کي هڪ مقرر نقطي تي پنهنجون
جدا حرڪتون ڏيڻيون پيون. اهڙي طرح فلڪياتي اصطلاح
۾
Epicycles
اهڙا گهڙي آيا جو نڪرڻ جو نالو ئي نه ٿي ورتائون
تان جو ڪوپر نيڪس اچي انهنکي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو.
اهڙي طرح بطليموس دنيا کي جيترو نقصان ڏئي سگهيو
سوڏئي وڃي قبر ۾ داخل ٿيو پر سندس نظريو اڳتي
وڌندو رهيو. توهانکي اڄ به اهڙا ماڻهو سولائي سان
هٿ اچي ويندا جيڪي سندس نظرين کي درست ۽ معقول
سمجهن ٿا ۽ انهن مان ڪيترن کي ته اڄ به اها
هوراکورا هوندي ته دنيا کي ڪهڙي شي مٿي جهليون
بيٺي آهي؟
باب نائون
اونداهون دور
اهو آهي ته بطليموس عوام کي اها ڳالهه ٻڌائي جنهن
تي هنن يقين ڪرڻ چاهيو ٿي. تنهنڪري عوام انهيءَ تي
يقين ڪري ورتو. ثبوت سندن اکين جي آڏو هو. اهي صبح
جو سج کي مٿي چڙهندي ۽ رات جو ستارن کي آسمان تي
پکڙجندي ڏسي سگهيا ٿي. انهن جي نظر ۾ اهو ثبوت
حتمي هو. ٻي ڳالهه ته هنن انهيءَ ۾ ئي يقين ڪرڻ
چاهيو ٿي. انهيءَ سندن آپي جي احساس جي تسڪين پئي
ڪئي. انهن جي اها دنيا ڪائنات ۾ تمام پراهين ۽
تمام اهميت واري شي هئي. هو انهيءَ خيال کي چنبڙي
پيا.
پوءِ عيسائيت به منظر تي اچي وئي. انهيءَ جي تعليم
بطليموسي نظريي سان مڪمل طور ٺهڪي پئي آئي. انسان
۽ سندس گهر يعني هيء دنيا ڪائنات جي حڪمران جي ذهن
۽ هٿن جي خاص تخليق جو سنئون سڌو نتيجو هئا. اها
سموري ڳالهه ڏاڍي سادي ۽ بلڪل واضح هئي. انسان
فطرت جي سندس پنهنجي تشريح مطابق اعليٰ مقام تي
پهچايو ويو هو.
اهو نظريو پوءِ ٺوس شڪل ۾ اچي چرچ جي هڪ بنيادي
عقيدي جي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ انهيءَ بابت شڪ
شبهورکڻ کي عيسائيت جي خلاف قرار ڏنو ويو. چوڏهن
صدين تائين ڪنهن به اهم ماڻهو انهي ۾ شڪ شبهو نه
رکيو. ڪنهن غلط نظريي جي طاقت ته ڏسو! چرچ پاڻ کي
هڪ مضبوط بنياد تي قائم ڪري ڇڏيو. اهو سموري يورپ
۾ پکڙجي ويو ۽ انهي سان چرچ جي روحاني طاقت ۾
دنياوي اثر به شامل ٿي ويو. اهڙي طرح اهو غلط
نظريو وڌندو ويجهندو رهيو ۽ سائنس ۽ علم مري ويو.
روم سياسي ڪا ميابي ته حاصل ڪري ورتي پر رومي
سائنس ۽ ثقافت ۾ اڳتي نه وڌي سگهيا. ايٿنز جي زوال
۽ اسڪندريا جي عروج سان جيڪو بگاڙ شروع ٿيو اهو
عيسوي سن جي شروعاتي صدين ۾ تڪڙي اسپيڊ وٺندو ويو.
شام جي ميرانجهڙي روشني گهري ٿيندي وئي ايستائين
جو پنجين صدي ۾ روشني مڪمل طور ختم ٿي وئي ۽ سموري
يورپ تي اونده جو راڄ ٿي ويو.
روم عالمي طاقت واري حيثيت وڃائي ويٺو. چرچ هڪ
ويڙهاڪ حيثيت حاصل ڪري ورتي. اتر طرف کان وحشين جا
اهڙا لشڪر اچڻ لڳا جيڪي ثقافت کي پيرن هيٺان
چيٿاڙيندا، مڪتب تباه ڪندا ۽ تهذيب کي مات ڏيندا
ٿي آيا. اهي جيتوڻيڪ غير مذهبي حاصلات جو صفايو
ڪندا ٿي آيا پر اهي صليب جي پيرن ۾ پهچي رڪجي ويا.
اتي چرچ جو معجزو رونماٿي پيو هن انهن رولاڪن کي
پنهنجن هٿن سان قالب ۾ آندو. انهن سندس محبت مان
رهنمائي ورتي ۽ آهستي آهستي سندس پاليسي سان انهن
جا دماغ روشن ٿي ويا. اهي جڏهن روم جي سرحدن مان
اندر ڌوڪي آيا ته مهذب دنيا جي سامهون فقط ٻه رستا
هئا؛ انهنکي ناس ڪري ڇڏجي يا انهنکي تهذيب جي زيور
سان آراستا ڪجي. اهي ناس نه پئي ٿي سگهيا. گهڻو
امڪان اهو هو ته اهي پاڻ نه ڏکڻ يورپ جي قومن جو
خاتمو ڪري ڇڏين.
چرچ ئي اهو واحد ادارو هو جيڪو انهن تي اثر انداز
ٿي سگهيوٿي. هن انهن جو دين مٽائڻ جو عظيم ڪم
پنهنجي ذمي کنيو. اها ڄڻ ته موت اکين سان ڏسندي
بچاءَ لاءِ آخري ويڙهه هئي. يا ته اهي لشڪر صليب
کي چُمن يا خود صليب جي تقدير جو فيصلو ٿي ويندو.
انهن لشڪرن صليب کي چمي ورتو.
2
پر انهيءَ ڇڪتاڻ سموري يورپ کي وڳوڙجي منهن ۾ وجهي
ڇڏيو ۽ هڪ اهڙي اوندهه ڪري ڇڏي جنهنکي
Dark ages
سڏيو وڃي ٿو. اونداهين دور کي حقارت جي نظر سان نه
ڏسو. اهي ويهين صدي جا ڄم جا سور هئا. انهي دوران
انساني بي علمي جي بيابان تي آهستي آهستي ڪاهه
ٿيندي رهي. جيڪڏهن ڪي وڏا رستا ۽ روڊ نه ٺهيا ته
گهٽ ۾ گهٽ پيچرا ٺاهيا ويا. جيڪي ماڻهو اونداهين
دور ۾ جهنگلين جي حيثيت ۾ داخل ٿيا اهي علم جي
احياءَ سان ثقافتي طورطريقن کان واقف ٿي ۽ هڪ هزار
سوال سينن ۾ کڻي منظر تي آيا.
اسڪندريا سڙي ويو؛ مڪتب غائب ٿي ويا ۽ غير مذهبي
تعليم کي خدا جي شان ۾ گستاخي تصور ڪيو وڃڻ لڳو.
معني ته سموري ڏاهپ بائيبل ۾ موجود آهي ۽ سمورو
علم پادريءَ جي قبضي ۾ آهي. پادرين جي حيثيت وري
اها هئي جو انهن کي سائنس جي ڄاڻ اڄڪلهه جي ڏهن
ورهين جي ڇوڪري کان به گهٽ هوندي هئي. يوناني
ليکڪن تي پابندي هنئي وئي ۽ پوءِ صدين تائين اهي
ڪنهنکي ياد به نه رهيا.
تڏهن نه فلسفي جو وجود هو نه رياضي جو. بقراط ۽
جالينوس طب کي جنهن اعليٰ مقام تي پهچايو هو انکي
اتان گهلي هيٺ لاٿو ويو، بي ايمان ۽ بد معاش ماڻهو
شيطان طرفان آندل بيمارين کان بچاءَ لاءِ تعويذ ۽
تحريرن جا ننڍڙا ٽڪرا مومنن کي پيا وڪڻي ڏيندا
هئا. سمجهيو ويندو هو ته بيماري شيطان ٿو آڻي جيڪو
ايماندار ماڻهن کي انهيءَ ڪري پيو ٿو ايذائي ته
جيئن اهي خدا کي بدشد ڳالهائين يا اها خدا جي
طرفان گناهن تي عذاب يا روح جي پاڪائي لاءِ تڪليف
طور موڪلي وڃي ٿي. انهيءَ جي علاج جي ڪوشش ڪرڻ خدا
جي ڏاهپ بابت غلط سوچ رکڻ ۽ عقيدي جي بيحرمتي ڪرڻ
جي سبب پاڻ تي سزا گهرائڻ هوندو.
انهن ڳالهين جي نتيجي ۾ يورپ بيمارين سان ڀريل هڪ
گندي پاڻي جي کڏ جي صورت اختيار ڪري ويو. شهرن ۾
وبائن پٺيان وبائون پيون اينديون هيون جن ۾ هزارين
ماڻهو ڏاڍي خوفناڪ نموني مري ويندا هئا. مريضن
لاءِ علاجي اپائن بجاءِ انهن جي ڪنن ۾ خدا جي نالي
جا ڀڻڪاٽ پيا ڪيا ويندا هئا. سخت گير مذهب
جاپوڄاري خود ساخته جنت لاءِ تيارين ۾ ايترا ته
مشغول هئا جو اهي جنهن گند ۾ پئي هليا انهيءَ
ڏانهن توجه ئي نه پئي وين.
3
فلڪيات جو روپ بگاڙي انکي وهم ۽ سنسي جي برابر
بيهاريو ويو. نجومي انهن ماڻهن جي جهالت تي پلجي
امير ٿيندو پئي ويو جيڪي سمجهندا هئا ته ستارا
انسانن جي زندگيءَ بابت سڀڪا ڄاڻ رکن ٿا. اهي
نجومي دعوائون ڪندا هئا ته اهي عرضدارن جي آئيندي
بابت اڳڪٿي ڪرڻ ۽ پاڻ پتوڙيندڙ مخلوق جي مدد ڪرڻ
جي قابل آهن. دنيا ۾ سدائين اهڙا ماڻهو رهيا آهن
جيڪي خوف ۽ وهمن کي سون ۾ بدلائڻ لاءِ آماده ۽
تيار هوندا آهن.
ڪيمسٽري به ساڳئي تباهيءَ واري حالت ۾ هئي. اها
تمام وڏين بلندين تي ته ڪڏهن پهتي ئي نه هئي، پر
اها ايتري هيٺ به ڪڏهن نه وئي هئي جيتري اونداهين
دور ۾ وئي. ماڻهن تي هڪ عجيب ديوانگي طاري ٿي وئي.
سون انهن کي انڌو ڪري ڇڏيو. ڪيمسٽري جي بلڪل
معمولي شدبد حاصل ڪرڻ کانپوءِ اهي اهڙا معجزا
سرانجام ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا هئا جيڪي ويهين صديءَ جي
وڏي مهارت رکندڙ ڏاهن جون به متيون منجهائي ڇڏين
ها. اهي ايترا ته سوچ ۽ فڪر کان وانجهيل هوندا هئا
جو هڪ عملي طور ناممڪن شي انهنکي بلڪل سادي ڏسڻ ۾
ايندي هئي. اهي بلڪل هوش حواس سميت سادي ڌاتوءَ کي
سون ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪم ۾ لڳي ويا. انهيءَ ڳُجهه جو
اسرار لهندڙ ماڻهو لاءِ وڏي دولت ۽ طاقت انتظار ۾
هوندا هئا. پارس پٿر هٿ اچي وڃڻ کي ڪاميابي جي
ضمانت سمجهيو ويندو هو. انهيءَ جي سموري دنيا ۾
ڳولها ٿي پر نتيجي ۾ ٿڪ ۽ تڪليفن کانسواءِ ڪجه به
حاصل نه ٿيو.
پارس پٿر ڪنهنکي به هٿ نه اچي سگهيو. البت اهڙيون
دعوائون ڪيترن ئي ماڻهن ڪيون ۽ ڪيترن فقيرن جوڳين
اهڙا اعلان به ڪرائي ڇڏيا ته اهي شيهي کي سون ۾
تبديل ڪري سگهن ٿا- جيتوڻيڪ اهو ڪم ڪنهن کان به نه
ٿي سگهيو ته به توهانکي اهڙا ماڻهو سولائي سان ملي
ويندا جيڪي اڄ به سمجهن ٿا ته اهو راز دريافت ٿي
سگهي ٿو. پنهنجي ڪاميابي بابت ڍاڙون هڻندڙ انهن
ڪيمياگرن سوين ڪتاب لکيا آهن جن ۾ سندن چوڻ مطابق
سندن طريقي ڪاربيان ٿيل آهي ۽ انهن پنهنجا ڳُجهه
به انهن ۾ بيان ڪيا آهن. انهن جون اهي سڀئي
تحريرون اهڙيون ئي منجهيل ۽ سمجهه کان بالا آهن
جهڙو ڪنهن چريي جو وڦلڻ.
4
انهيءَ دوران مذهبي شخصيتن جي استعمال هيٺ آيل شين
جو وڪرو تمام وڏي ۽ تمام فائديمند ڪاروبار جي
حيثيت اختيار ڪري ويو. دوزخ کان بچڻ ۽ جنت ۾ يقيني
داخلا بابت رشوت کلي عام ڏيڻ ۽ وٺڻ ۾ اچڻ لڳي.
پادري انهيءَ عمل جي دفاع ۾ چوندا هئا ته ”يسوع
مسيح عقلمند ماڻهن کان سوکڙيون پاکڙيون نه ورتيون
هيون ڇا؟
سياست چرچ ۾ ڪاهي پئي ۽ اخلاق وڃي فقط هڪ لفظ جو
نالو رهيو.
مذهبي عقيدن ۾ نوان نوان ۽ عجيب غريب نظريا شامل
ٿي ويا. انهن مان ڪجهه اتر جي بت پرستن کي مليل
رعايتون هيون. جرمن قبيلن کي ڪا ظاهري ڏسڻ ۾ ايندڙ
شبيہ گهربل هئي جنهن جي سامهون گوڏا کوڙي سگهن.
اهي جيئن ته بلڪل شخصي خدا جي طلب ڪري رهيا هئا
تنهنڪري انهنکي تثليث (يعني خداوند، ماء ۽ پٽ.
سنڌيڪار) ڏني وئي پر انهن سڀني ڳالهين جو اثر مڪمل
طور خراب به نه نڪتو. ٿي سگهي ٿو ته انهن سڀني
ڳالهين اڳتي هلي چڱو اثر پيدا ڪيوهجي.
هتي هُتي ڪنهن خانقاهي حجري يا ڪنهن پادريءَ جي
گهر ۾ ڪو پڙهيو لکيو راهب يا عقلمند پادري ملي
ويندو هو. دنيا ڪڏهن به چڱن ماڻهن کان خالي نه رهي
هئي انهن ئي روم کي پنهنجي اصلي حالت ۾ ڏٺو هو.۽
ڪڏهن ڪڏهن رُڃ مان ڪارڙ اچي ويندي هئي.
اهي پاڪ شهر تي آڱر به پيا کڻندا هئا ۽ پوپن ۽ وڏن
پادرين جي هلت چلت جي بغير ڪنهن خوف جي نندا به
پيا ڪندا هئا. انهن جا لفظ اتر جي ماڻهن جي دماغن
۾ موجود رهيا. انهن جي نندا ۾ انقلاب جو ستل روح
موجود هو. فقط وقت اچڻ جي دير هئي.
5
موئر
(Moors)
اسپين ۾ ڪاهي آيا. انهي دوران اوڀر مان هڪ نئين
طاقت اچي وئي انهن مذهبي شدت پسندي ۽ ماڻهن کي
پنهنجي مذهب ۾ آڻڻ جي شديد تڙپ سان گڏوگڏ هڪ اهڙي
ثقافت به آندي جيڪا انهي وقت يورپ جي ڪنهن به
ثقافت کان برتر هئي. انهن فتح ڪيل اسپين ۾ مستقل
حڪومت قائم ڪئي ۽ اهڙا شهر اڏيا جيڪي سموري دنيا
جي توجه جو مرڪز ٿيا.
انهن اهڙا اسڪول قائم ڪيا جن ۾ پنهنجي سهپ ۽
رواداريءَ سان عيسائين کي داخلا ڏنائون. انهن جي
عالمن ماضي جي ڳولها ڦولها ڪري يوناني شاهڪارن کي
منظر تي آندو ۽ انهن جا عربي ۾ ترجما ڪيا. انهن
انڊيا مان عربي انگ حاصل ڪيا جيڪي پوءِ الجبرا ۽
انهيءَ جي تمام سولين نشانين سان يورپ پهچي ويا.
انهن ڪا سورميائي شخصيت ته پيدا نه ڪئي پر دنيا کي
اهڙي وقت ۾ اهڙا عظيم عالم ڏنا جڏهن عام رواجي ڄاڻ
رکندڙ ماڻهو کي به هڪ عجوبو ليکيو ويندو هو.
جنهن دور ۾ اٽلي ۽ جرمنن جا فڪري رهنما سئي جي
چهنب تي ڪيترا ملائڪ بيهي سگهن ٿا جهڙن مسئلن تي
ڳنڀيرتا سان بحث مبا حثا ڪري رهيا هئا اهڙي دور ۾
اسمح ٽوپوگرافي تي ڪتاب لکي رهيو هو ۽ وڏا سير سفر
ڪري انهي ڳالهه جو مشاهدو ڪري رهيو هو ته سمنڊ جي
سطح کان اوچائي جي سبب ڪنهن علائقي جي نباتات ۽
حيوانات ۾ ڪهڙيون تبديليون اچن ٿيون. هو پوءِ 720ع
۾ هڪ لڙائي ۾ مارجي ويو. ڪجهه وقت پوءِ نائين صدي
جي آخر ڌاران محمدبن موسيٰ پنهنجن شاگردن کي
آلجبرا پڙهائي ۽ ڪٽاڊريٽڪ ايڪئيشن
(Quadratic equation)
حل ڪرڻ جو عام طريقو ايجاد ڪري رهيو هو ۽ ٽرگنا
ميٽري ۾ ڪارڊ
(Chord)
جي بجاءِ
(Sine)
ڪم آڻي رهيو هو انهيءَ وقت سموري يورپ ۾ شايد ڏهن
ماڻهن به ڪنهن مساوات جو نالو نه ٻڌو هو.
ابن جنيس، گليلو کان به اڳ کٽي ويو ۽ سن 1000ع
پهريون دفعو وقت جي پيمائش لاءِ پينڊولم ڪم
آندائين. انهيءَ کان اڳ موئرن وٽ فقط آبي گهڙيون
(Clepsydrae)
هونديون هيون. پر هنن انهن ۾ ايتري ته بهتري آڻي
ڇڏي هئي جو اهي پنهنجو ڪم تمام درستگي سان ڪنديون
هيون.
6
يورپي ماڻهو جنهن دور ۾ سوئرن وانگر زندگي
گذاريندا هئا ۽ مکين وانگر پيا مرندا هئا ۽ صحت ۽
تندرستي لاءِ درگاهن ۽ تبرڪن ۾ اميدون رکيون ويٺا
هوندا هئا انهي دور ۾ بوعلي سينا (1073ع-980ع)
موئرن کي طب ۽ فلسفي جي تعليم پيو ڏيندو هو. هو هڪ
سرجن ۽ ڊاڪٽر هو ۽ هن انهيءَ وقت ڪتب ايندڙ اوزارن
۽ پنهنجي علاج جي طريقن جو تفصيل به ڏنو آهي. هو
هڪ شاگرد هو ۽ انهي وقت يورپ کي وڪوڙيل وهمن ۽
سنسن کان آزاد هو.
موئر مڪتب فڪر جو سڀ کان وڏو عالم ابن الهيثم هڪ
قسم جو عجوبو آهي. هن سان منسوب ڪجهه تحريرن جو
مستند هئڻ ناممڪن ڳالهه ٿي لڳي. هن کي تمام وڏي
ڄاڻ هئي. هن کي نيوٽن سان گڏ يا ڪجهه پوءِ اچڻ
گهرجي ها. انهيءَ موضوع ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻهن سچ
کي ڪوڙ کان ڌار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي پر ڪا گهڻي
ڪاميابي نه ٿي اٿن. انهيءَ شڪ شبهي جو ڪجهه سبب
پٺتي پيل يورپين جو موئرن جي ترقي يافته حيثيت سان
ساڙ آهي. اها ڳالهه ايتري اهميت نه ٿي رکي. ايترو
آهي ته ٻارهين صديءَ جي لڳ ڀڳ شروعات وقت يا
انهيءَ کان ٿورو پوءِ ابن الهيثم يا ٻئي ڪنهن
ماڻهو دنيا جي معلومات ۾ ڇرڪائيندڙ اضافا ڪيا.
انهي تي سڀئي متفق آهن ته ابن الهيثم بصريات
(Optics)
جي موضوع تي لکيو آهي. انسان جي ڏسڻ بابت قديم
نظريي کي به هن ئي درست ڪيو. يوناني سمجهندا هئا
ته اک مان تحرڪ نڪري شي
(object)
تي پوي ٿو جنهن ڪري اها ڏسڻ ۾ اچي ٿي. ڪيترو نه
بيوقوفاڻو خيال ٿو لڳي؟ پر قديم دور جا عقلمند
ترين ماڻهو به سمجهندا هئا ته ڏسڻ جي عمل جي اهائي
ممڪن تشريح آهي.
ابن الهيثم سچ تي پهچي ويو ته روشنيءَ جا ڪرڻا شي
کان اک تائين پهچن ٿا. هو اڃا اڳتي وڌيو ۽ چيائين
ته ديد جو مرڪز ريٽينا
(retina)
۽ اتي پيدا ٿيل تاثر بصري تنتي
(optic nerve)
مان گذري دماغ تائين پهچي ٿو. هو بلڪل درست هو پر
هن کي اها خبر ڪيئن پئي؟ هن ڀلا انساني جسم جي وڍ
ٽڪ ڪئي هئي ڇا؟ اها ڳالهه ته قانون جي خلاف هئي.
ڇا به ٿي پوي ابن الهيثم ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ موت جي
منهن ۾ وڃڻ لاءِ به تيار هو. کيس روشنيء جي مسئلي
۾ دلچسپي هئي ۽ هو پهريون ماڻهو هو جنهن اهو محسوس
ڪيو ته اسين شين کي بلڪل انهيءَ جاءِ تي نه ٿا
ڏسون جتي اهي هونديون آهن. هن انهيءَ موڙ
(refraction)
جو حساب ڪڍي ٻڌايو ۽ دنيا جي تاريخ ۾ پهريون دفعو
روشني جي ڪرڻي جو
Curvilinear
رستوڪڍيو ويو.
ابن الهيثم جي جن تحريرن تي يورپي شڪ شبها اٿارين
ٿا انهن مان لڳي ٿو ته کيس ڪشش ثقل بابت ڄاڻ هئي ۽
کيس اها به خبر هئي ته اها فاصلي سان گڏ گهٽجي ٿي.
البت کيس اها خبر نه هئي ته اها کوٽ فاصلي جو چورس
هوندي آهي ۽ خراب ڳالهه اها ته هن ڪشش ثقل کي فقط
زمين تائين محدود ٿي رکيو ۽ اهو تصور نه ٿي ڪري
سگهيو ته اها هڪ ڪائناتي طاقت آهي.
7
موئرن جي تحريڪ جي اها فقط هڪ جهلڪ آهي. ايترو آهي
ته انهن سائنسدانن يورپ جي ترقي ۾ يونانين جيترو
وڏو ڪردار ادا نه ڪيو. يورپ جڏهن سجاڳ ٿيو ته
نظريا حاصل ڪرڻ لاءِ قديم دور ڏانهن هليو يا موئرن
کي وساري يا نظر انداز ڪري ڳوڙهي تحقيق ۽ تجربن جي
ڪم ۾ لڳي ويو. اهي نسل، مذهب يا پوءِ سياسي
ناڪاميءَ جي سبب دنيا جي ترقي واري مکيه وهڪري کان
ٻاهر رهجي ويا ۽ اڃا تائين به انهي وهڪري کان ٻاهر
آهن. پر اهي ايتري تحسين جا حقدار آهن ته جڏهن
سموري دنيا اونداه ۾ ٻڏل هئي ته انهن سائنس جي
درگاه ۾ مشعل روشن رکي.
8
هاڻي اٽلي ۽ اسپين کي ڇڏي ٿورو يورپ جي انهيءَ
وقت جي حالت تي غور ڪريو جڏهن اڀرندڙ سج جي جهيڻي
روشني اونداهين دور جي خاتمي جي واڌائي ڏئي رهي
هئي.
پيرس ۽ لنڊن ڳتيل جهوپڙين جا ميڙ هوندا هئا جن ۾
ٽوئن جون ڇتيون، پٽ تي گند گاه ۽ دونهين کي ڪڍڻ
لاءِ هڪ ڳڙ کو هوندو هو. ڪنهن به اترين شهر ۾ گهٽي
جو هڪ فوٽ به پڪو نه هوندو هو ۽ جڏهن مينهن وسندو
هو ته اهي ڌٻڻيون ٿي وينديون هيون جن ۾ ماڻهو مُرن
تائين گهڙي ويندا هئا. ڪا به اسٽريٽ لائيٽ نه
هوندي هئي ۽ موج مستيون ڪري دير سان موٽندڙ مشعلون
يا بنهه ساديون بتيون کڻندا هئا. گندي پاڻي جي
نڪاس جو ڪو بندوبست نه هوندو هو نه ئي اسپتالون،
اسڪول يا ڪي روڊ ئي هوندا هئا. مختصر طور چئجي ته
گهرن ۾ گند، گهٽين ۾ مٽي ۽ هوا وچڙندڙ بيمارين جي
جراثيمن سان ڀريل هوندي هئي.
يورپي انهيءَ ڳالهه ۾ مگن لڳا پيا هوندا هئا ته گپ
۾ ڦٽڪندا ۽ بهشت جا خواب لهندا رهن. انهن جا جسم
اُن مان ٺهيل قميص ۽ ڪينئن سان ڍڪيل هوندا هئا پر
روح جي صفائي جون دعائون پيا گهرندا هئا. اُهي
گليليءَ واري مسيح جي نالي تي لڙايون جهيڙا، ڦرمار
۽ خون پيا ڪندا هئا، اهي پنهنجا ننڍڙا کيت ڪاٺ جي
هرن سان کيڙيندا هئا ۽ انهن جو سڀ کان بهترين
سامان هڪ ڍڳي گاڏي هوندي هئي، چار ڍڳا شاهي خاندان
جي نشاني هوندا هئا ته اهي جڏهن رستي تان گهلبا
ويندا هئا ته هاري ناري ماڻهو ڏاڍي نوڙت جو اظهار
ڪندا هئا انهن جو مذهب به سندن لفظن وانگر ڏاڍو
روح منجهائيندڙ هوندوهو. انهن وٽ خوشي تڏهن ئي نظر
ايندي هئي جڏهن اهي گلن ۾ سٿجي ڪي ڪافراڻيون ريتون
رسمون ملهائيندا هئا جن ۾ به گهڻو ڪري پاڪدامني جو
خيال نه رکيو ويندو هو.
انهنکي رياضي، جاگرافي، طب يا فلڪيات بابت ڪابه
ڄاڻ نه هئي. مڪينڪس بابت انهن جي ڄاڻ بلڪل اوائلي
نوعيت جي هوندي هئي اهي ليور ڦيٿي ۽ چرخي کان واقف
هئا پر اسپين کان ٻاهر سموري يورپ ۾ اهڙو هڪ ماڻهو
به نه هو جيڪو اهو اصول بيان ڪري سگهي جنهن تحت
انهن اوزارن ڪم ڪيوٿي. دنياوي ڏاهپ کي اهڙي شي
سمجهي ڌڪاريو ويندو هو جيڪا متان ماڻهو۽ سندس خدا
جي وچ ۾ نه اچي وڃي. جهالت ۽ سندس پٽ وحشانيت
انساني دماغ تي راڄ ڪندا هئا.
9
پوءِ صليبي جنگين جو دور آيو. اهي ڄڻ ته ٻاراڻو
ذهن رکندڙ مذهبي ماڻهن جي سپنن ۾ خلل وجهندڙ ڪي
ڀوائتا خواب هئا. اهي تمام خوفناڪ هيون پر انهن جي
ذريعي وڏي صفائي ٿي وئي. اهي جنهن مقصد لاءِ
وڙهيون ويون هيون انهن مان اهو ته حاصل نه ٿيو پر
انهن هڪ ٻيو ڪم سرانجام ڏنو. انهن وهمن سنسن کي
ختم ڪيو، اڻ سهپ جي ديوارن کي ڪيرايو ۽ مذهبي
اختياريءَ جي خوف کي گهٽ ڪيو. انهيءَ سان گڏوگڏ
انهن شين جي اصليت بابت مبهم پر مڇڏ سوال اٿاري
ڇڏيا. مختصر طور چئجي ته انهن هڪ صديءَ جيتري ننڊ
کي ختم ڪيو ۽ صليبي مجاهد جيتوڻيڪ موٽيا پر انهن
جي اکين تان پردا لهي ويا ۽ اهي بلڪل سجاڳ ٿي ويا.
انسانن جا ذهن سچ لاءِ تيار يا لڳ ڀڳ تيار هئا ۽
سچ جي خبر ڏيندڙ به هڪيا تڪيا موجود هئا.
|