ماڻهن جي اڪثريت ۽ انهي ۾ شڪسپيئر، گوئٽي، هارڊي ۽
پرائوسٽ جهڙا ڏات ڌڻي به اچي وڃن ٿا فقط تصويرن ۽
واضح يا غير واضح ذهني عڪسن
(Mental images)
جي صورت ۾ سوچي سگهندي آهي. فقط خالص رياضي جو
اعليٰ دماغ شاگرد ئي سوچ جي انهي محدود ۽ غير تسلي
بخش انداز کان پاڻ کي آزاد ڪرائي سگهي ٿو. اهڙو
ماڻهو جڏهن
Lorentz-Trans Formation
جي مختلف مرحلن تي هلندو ويندو ته هن کي اهڙي ڪا
به تصوير نه ملندي جن کي روزاني زندگيءَ جي عام
رواجي وجود واري اصطلاح ۾ بيان ڪري سگهجي. انهي ڪم
۾ هو ڪنهن اهڙي جهان ۾ هليو وڃي ٿو جتي لفظ به
پنهنجي عام رواجي عڪس ٺاهيندڙ مطلب ۾ وجود وڃائي
ويهن ٿا ۽ جتي سوچ
(Thought)
ايتري سخت، ايتري سرد ۽ انسانن جي روزاني زندگيءَ
جي تجربن کان ايتري ته جدا آهي جو ڪو غير رياضاتي
ذهن رکندڙ ماڻهو انهي کي ’سوچ‘ سمجهي ئي نه
سگهندو.
توهان جيڪڏهن پاڻ کي ڏسنداوء ته توهان کي خبر
پوندي ته توهان فقط اهڙن لفظن ۾ سوچي سگهو ٿا جن
کي توهان لاءِ ڪا خاص تصويري اهميت آهي. انهي مان
اهو مطلب نه ٿو نڪري ته توهان جي لفظن کي دنيا ۾
ٻئي ڪنهن ماڻهو لاءِ به ساڳئي تصويري اهميت هوندي.
توهان جيڪڏهن وال اسٽريٽ ۾ ڪاروبار ڪندڙ آهيو ته
توهان لاءِ ڪپهه لفظ جي انهي کان مختلف معنيٰ
هوندي جيڪا انهي کي ڪنهن ڦٽي جي آبادگارن لاءِ
هوندي. وري اهو لفظ ڦٽين جو چونڊو ڪندڙ لاءِ اڃا
ڪا مختلف معنيٰ رکندو هوندو، پر هر مثال ۾ لفظ کي
سڌي سنئين ۽ لفظن ۾ بيان ٿي سگهندڙ تصويري اهميت
هوندي.
اعليٰ رياضيءَ ۾ لفظن جون اهڙيون ڇڙوڇڙ معنائون نه
هونديون آهن. ڪي چند اعليٰ دماغ شاگرد جيڪي مثال
طور
Riemann Formula
کي سمجهي سگهن انهن سڀني لاءِ فارمولا جي ساڳئي
اهميت هوندي ۽ انهن جي سوچ جو طريقه ڪار به هوبهو
ساڳيو هوندو.
ته پوءِ اهي غير تصويري نتيجا اهڙن لفظن ۾ ڪيئن ٿا
بيان ٿي سگهن جن ۾ تصويري معنائون لازماً شامل آهن
۽ اهي انهن کان ڪڏهن به جند نه ٿا ڇڏائي سگهن.
9
آئن اسٽائين خالص رياضيءَ ۾ هڪ ديو جي حيثيت رکي
ٿو. هو جڏهن پنهنجي ليباريٽري ۾ داخل ٿيندو آهي ته
پنهنجو لوهي دروازو بند ڪري سمورن لفظن کي ٻاهر
بيهاري ڇڏيندو آهي يعني اهڙن لفظن جن کي اسين
پنهنجي مفهوم ۾ سمجهون ٿا. هن جو واسطو اهڙن
فارمولن، انگن جي ميڙن، اکرن ۽ ڊاياگرامن سان آهي
جن جي استعمال ۾ دنيا جو عام لفظ ڀنڊار ڪو به
ڪردار ادا نه ٿو ڪري. هن پاران جڏهن دنيا کي
پنهنجي سوچ جي نتيجن ڏيڻ جو وقت ايندو آهي ته هو
فقط فارمولن جا ڪجهه صفحا پرنٽ ڪري ڇڏيندو آهي ۽
بنا دير انهي شي جي تصوير ڪشي ۾ ڪتاب لکجي ويندا
آهن جنهن جي تصوير ڪشي ٿي ئي نه ٿي سگهي.
اضافيت بابت انهن سڀني ڪتابن، پمفليٽن، ليکن،
ليڪچرن ۽ انٽرويوئن جي باوجود به عام ماڻهو کي آئن
اسٽائين جي ڳالهين مان گهڻو ڪجهه پلئه نه پوندو.
ايڊنگٽن جي اليڪٽران جي نظريي بابت لنڊن ٽائيمز ۾
عام ماڻهن لاءِ هڪ ليک لکيو ويو هو جنهن تي تبصري
لاءِ سر اوليورلاج کي گذارش ڪئي وئي. هو انهي کي
پڙهڻ کانپوءِ فقط هي لفظ ئي چئي سگهيو : ”خدايا
ٽائيمز پڙهندڙن جي مدد ڪر.“
برٽرانڊ رسل جيڪو خالص رياضي جي عالم جي حيثيت ۾
آئن اسٽائين کان ٻئين نمبر ٿي اچي ٿو؛ انهي جو چوڻ
آهي ته: ڪيترائي نوان نظريا غيررياضياتي زبان ۾
بيان ٿي سگهن ٿا پر هو جلد ئي هيء ڳالهه به چوي ٿو
ته انهن کي سمجهڻ لاءِ ”اسان جي دنيا بابت تخيلاتي
تصوير
(Imaginative Picture)
۾ تبديلي جي ضرورت آهي.
ڇا توهان پنهنجي دنيا جي تصوير ۾ تبديلي آڻي سگهو
ٿا؟ ڇا توهان پنهنجي ذهن مان اهو نظريو ميساري
سگهو ٿا ته سج زمين ۽ ٻين گرهن کي پنهنجن مدارن ۾
جهليون بيٺو آهي؟ ڇا توهان انهي جي جاءِ تي گرهن
جي هڪ اهڙي تصوير آڻي سگهو ٿا جنهن ۾ اهي گهٽ ۾
گهٽ مزاحمت
(Least resistance)
واري طريقي تي هلندي آواراگردي ڪري رهيا آهن پر
انهي جو سبب سج پاران انهي تي ڪو اثر نه پر اهي
مڪاني زمان
(Space-Time)
جي سبب ائين ڪن ٿا.
ڇا توهان مڪاني زمان
(Space time)
کي تصور ۾ آڻي سگهو ٿا؟ ڇا لفظن جو اهو مرڪب توهان
لاءِ ڪا معنيٰ رکي ٿو؟
اهو آئن اسٽائين جي رياضياتي شاگرد لاءِ ڪا معنيٰ
رکي ٿو. مثال طور: توهان جڏهن ڪو ڪتاب ڏسو ٿا ته
اهو توهان لاءِ فقط هڪ ڪتاب ئي آهي يعني ڪا
ڳري، نهري شي جنهن کي هٿ ۾ کڻي، ڏسي ۽ پڙهي سگهجي
ٿو. توهان انهي کي ڦاڙي، موڙي، ساڙي يا گند جي
ٽوڪريءَ ۾ اڇلائي سگهو ٿا. توهان جبلتي طور اها
ڳالهه سمجهو ٿا ته اهو جيڪڏهن ڪا جاءِ نه ٿو
والاري ته انهي کي توهان جي نظرن ۾ ڪو به وجود نه
هوندو. اهو وڌ ۾ وڌ ڪتاب جو ڀوت هوندو جنهن کي
توهان مڪ هڻي اها انهي مان ٰآرپار به ڪري سگهو ٿا.
هاڻي توهان جي ذهن ۾ انهي ڪتاب سان وقت جو ڳانڍاپو
ڪرڻ جو خيال ئي نه ٿو اچي جيتوڻيڪ توهان کي اها به
خبر آهي ته انهي جو وجود تڏهن ئي ثابت ٿيندو جڏهن
اهو ڪنهن وقت ۾ وجود رکندو هجي.
ڀلي پوءِ اهو وقت جو عرصو تمام مختصر ئي ڇو نه هجي
.ڪيميرا
سان چرندڙ پرندڙ
(Motion)
تصويرون به ڪڍي سگهجن ٿيون ڇاڪاڻ ته ڪو ماڻهو ڀلي
ڪيترو به تيز ڊوڙندو هجي پر سيڪنڊ جو هڪ ذرڙو اهڙو
ضرور هوندو آهي جنهن ۾ سندس ٽنگون ساڪن هونديون
آهن.
انهي مان توهان سمجهي سگهو ٿا ته توهان کي پنهنجي
ڪتاب ۾ لازماً وقت جو اضافو ڪرڻو پوندو جيئن
توهان انهيءَ کي اهڙي حقيقي معنيٰ ڏئي سگهو جنهن
تي توهان پنهنجو وقت رکي سگهو. توهان جيڪڏهن
پنهنجو وقت گهٽائيندي وڃي ٻڙي تائين پهچايو ته
انهي جو مطلب اهو ٿيندو ته ڪتاب ڪو وجود نه ٿو
رکي. توهان کي وقت کي لازماً چوئين بعد
(Fourth dimeusim)
طور ڪم آڻڻو پوندو نه ته توهان جي ڪتاب کي ڪا
حقيقت نه هوندي.
10
آئن اسٽائين ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جي نظر ۾ اهو ڪتاب
مڪان ۽ زمان والاريندڙ ڪونهري مادي جو ذرو نه آهي
جئين توهان ۽ اسان کي نظر اچي ٿو پر اهو هڪ واقعو
(Event)
۽ هڪٻئي جي آسپاس ٿيندڙ واقعن جو ميڙ آهي. هتان
کان ئي اسان جي مشڪلات شروع ٿي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته
واقعي مان اسان جو مطلب انهي کان بلڪل مختلف آهي
جيڪو انهي مان ڪو رياضيدان سمجهي ٿو. مائني
(Maine)
جو ڌماڪي سان اڏامي وڃڻ اسان لاءِ هڪ واقعو هو پر
اها ڳالهه اسان جي وهم گمان ۾ به نه هوندي ته اسين
جيڪو ڪتاب پنهنجن هٿن ۾ جهليون ويٺا آهيون اهو هڪ
واقعو آهي. هائو! اهو جيڪڏهن ڪو عظيم ڪتاب آهي ته
اسين انهي جي ڇپجي پڌرو ٿيڻ کي ڪو واقعو قرار ڏئي
سگهون ٿا.
ٻين لفظن ۾ اسين سائنسدان وانگر وقت کي پنهنجي
واقعي سان ٻڌي ٿا ڇڏيون. پر فرق جو سبب اها حقيقت
آهي ته هو هر شي کي هڪ واقعو ڪوٺي ٿو ۽ انهي ڳالهه
جي ڪري ئي مڪاني زمان
(Space Time)
هر انهي شيءِ جو هڪ لازمي بُعد
(Dimensim)
ٿي وڃي ٿو جنهن کي اسين مادي طور ذهن ۾ آڻيون ٿا.
وڌيڪ اها ڳالهه ته اهو اسان وانگر ٻين واقعن جي وچ
۾ فاصلي يا وقت بابت نه پر انهن جي وچ ۾ وقفي
(Interval)
بابت ڳالهائيندو ۽ اضافيت جي خاص نظريي ۾ سندس
وقفي جي ماپ انهيءَ فاصلي سان ٿيندي جيڪو روشني
ٻنهي واقعن جي وچ ۾ طئي ڪندي.
روشني جي رفتار ڄڻ ته اضافيت جي سموري نظريي تي
حاوي آهي. اسان کي 186000 ميل في سيڪنڊ کان وڌيڪ
رفتار رکندڙ ڪنهن به شي بابت ڄاڻ نه آهي. توهان
انهي رفتار کي هڪ پيمانو
(Standard)
سمجهي سگهو ٿا. انهي لقاء جي فطري نتيجي طور ڪجهه
عجيب شيون واقع ٿين ٿيون. توهان اها ڳالهه صحيح
نموني سمجهي وڃڻ کانپوءِ آئن اسٽائين جو نظريو
ايتري حد تائين سمجهي سگهو ٿا جيترو رياضيءَ جي
مدد کانسواءِ بيان ڪري سگهي ٿو.
11
توهان جيڪڏهن ويهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان ڪار
هلائي رهيا آهيو ۽ جيڪڏهن چاليهه ميل في ڪلاڪ جي
رفتار سان هلندڙ ڪا ڪار توهان کان اڳتي نڪري وڃي
ٿي ۽ توهان ٻئي جيڪڏهن ساڳئي رفتار برقرار رکو ٿا
ته هڪ ڪلاڪ جي پڄاڻي تي ٻئي ڪارون هڪٻئي کان 20
ميل پري هونديون. توهان جيڪڏهن ويهه ميل في ڪلاڪ
جي رفتار سان ڪار هلائي رهيا آهيو ۽ چاليهه ميل في
ڪلاڪ جي رفتار سان توهانجي ابتڙ طرف ۾ ويندڙ ڪار
توهانجي ڀرسان گذري ٿي ته هڪ ڪلاڪ جي پڄاڻي تي
توهان انهي ڪار کان 60 ميل پري هوندا. اهي بلڪل
ٻاراڻا مثال آهن ۽ هر ماڻهو انهن کي مڪمل طور
سمجهي ٿو پر ڇا هي مسئلو به هر ماڻهو جي سمجهه ۾
اچي ويندو:
توهان ويهه ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان وڃي رهيا
آهيو ۽ توهان کان ابتڙ طرف ويندڙ هڪ ڪار جي ڀرسان
گذرو ٿا. هاڻي فرض ڪريو ته جنهن لمحي ۾ ٻئي ڪارون
هڪٻئي جي ڀرسان گذرن ٿيون ته توهان جي ڪار مان
روشني جو هڪ چمڪو نڪري ٿو. هڪ سيڪنڊ جي پڄاڻي تي
توهان روشني جي انهي لهر کان ڪيترو پري هوندا ۽ هڪ
سڪنڊ جي پڄاڻي تي ٻي ڪار به روشني جي انهيءَ لهر
کان ڪيترو پري هوندي؟ انهي جو جواب اهو آهي ته هر
ڪار روشني جي انهي لهر کان پورا 186،000 ميل پري
هوندي. اها ڳالهه ذهن ۾ رکجو ته پورا 186000 ميل.
انهي جو مطلب اهو ٿيو ته توهان جي اسپيڊ نه ئي ٻي
ڪار جي تيز اسپيڊ نتيجي ۾ ڪا ذري برابر تبديلي
آڻينديون.
اها ڳالهه ته ناممڪن ٿي لڳي. نه ڪڏهن به نه! حقيقت
اها آهي ته توهان ٻي ڪار جي ڊرائيور ۽ انهي لمحي ۾
آسپاس بيٺل هر هڪ ماڻهو روشني جي چمڪي جو مرڪز
بڻجي وڃي ٿو ۽ جيڪڏهن ٻنهي ڊرائيورن کي بلڪل درست
وقت ڏيکاريندڙ واچون هجن ۽ جيڪڏهن پيمائش جو به
اهڙو ڪو طريقو موجود هجي ته اهي ٻئي هڪ سيڪنڊ جي
پڄاڻي تي ڏسندا ته روشني جو اهو ڪرڻو انهن کان
اهڙي طرح 186000 ميل پري هوندو جيئن اهي ٻئي هڪ
جاءِ تي بيٺا هجن ها ته اهو 186000 ميل پري هجي
ها.
انهي تضاد جي وضاحت جو اهو هڪ ئي طريقو آهي ته
اسين اهو فرض ڪري وٺون ته توهان ۽ ٻئي هر ڪنهن
ماڻهو جي واچ تي حرڪت
(Motion)
اثر وجهي ڇڏيو آهي، انهيءَ جو مطلب اهو نه آهي ته
توهان جي واچ ۾ ڪا ميڪا نيڪي تبديلي يا بي قاعدگي
اچي وڃي ٿي. انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته سيڪنڊ جي
ڊيگهه ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي.
حرڪت جي وقت تي انهيءَ اثر مان ڪجهه عجيب نتيجا
نڪرن ٿا.
اسين چئي چڪا آهيون ته آئن اسٽائين جي نظريي تي
بحث ڪندي اسين روشني جي رفتار کي مطلق
(Absolute)
سمجهي سگهون ٿا.
ائين سمجهڻ ممڪن به آهي. ڇاڪاڻ ته ڪو به مادي جسم
ڪنهن به حالت ۾ روشني جي رفتار حاصل نه ٿو ڪري
سگهي. رفتار جيڪڏهن وقت تي اثر وجهي ٿي ته اها
ڳالهه پڌري پٽ صحيح آهي. جيڪڏهن توهانجي رفتار ۾
اضافو ٿيڻ سان توهانجي وقت ۾ تبديلي اچي ٿي جڏهن
ته روشني جي رفتار
Constant
رهي ٿي ته توهان انهي
Constant
کي ڪيئن پهچي سگهندا؟
اها ڳالهه وري هڪٻئي مونجهاري سان ڏاڍي مشابهت رکي
ٿي: توهان نيويارڪ مان فلاڊ لفيا ڏانهن اها سوچ
رکي هلڻ شروع ڪيو ٿا ته توهان هر روز باقي سفر جو
اڌ حصو طئي ڪندائو. توهان پهرئين ڏينهن 45، ٻئي
ڏينهن ساڍا ٻاويهه ۽ ٽئين ڏينهن سوا يارنهن ميل
پنڌ ڪري اهڙي طرح سفر جاري رکندائو. پر هڪ ڏينهن
اهڙو ايندو جڏهن توهان باقي سفر جي تمام ننڍڙي
مفاصلي کي وڌيڪ ٻن اڌن ۾ ورهائي نه سگهندائو. اهڙي
طرح جيڪڏهن توهان جي رفتار ۾ اضافي سان توهان جي
وقت ۾ تبديلي اچي وڃي ٿي ته توهان ڪنهن مقرر
(Fixed)
۽ مطابق پيماني تي پهچڻ جي اميد ڪيئن ٿا ڪريو؟
12
وقت ۾ اها تبديلي اضافيت جي انهيءَ نظريي ۾
ڪيتريون ئي عجيب غريب شيون آڻي ٿي ڇڏي. انهيءَ
سلسلي ۾ ٻن جاڙن ڀائرن وارو بار بار ڪم آيل مثال
پيش ڪري سگهجي ٿو. فرض ڪريو ته اهي ٻئي خلا ۾ ويهن
ورهين جي سفر تي روانا ٿين ٿا ۽ هڪ ٻئي کان جدا
جدا پر هڪٻئي جي لحاظ کان يڪسان رفتار سان سفر ڪن
ٿا. اهي جڏهن ويهن ورهين جي پڄاڻي تي هڪٻئي سان
ملندا ته هر هڪ ٻئي کي پاڻ کان ننڍو سمجهندو ۽
ائين ٿئي به ڇو نه جو هر هڪ جي رفتار ٻئي جي لاءِ
وقت کي مختصر ڪري ڇڏيو هو. پر هر هڪ پنهنجي جنهن
اوزار ۾ سفر ڪري رهيو هو انهي ۾ هو خود وقت ۾ ڪنهن
به تبديلي کان با خبر نه هوندو.
وري فرض ڪريو ته جڏهن ٻئي جاڙا سفر ۾ آهن ته هڪ
ستارو ڌماڪي سان ڦاٽي پوي ٿو ۽ اهو ڌماڪو ٻنهي کي
نظر اچي ٿو. ڇا اهي انهي ڌماڪي جي تاريخ هڪ جهڙي
ٻڌائيندا؟ ڪڏهن به نه، ڇاڪاڻ ٻنهي جون واچون هڪٻئي
جي لحاظ کان برابر نه هونديون ۽ جيڪڏهن انهن جي
ڀيٽ ۾ ڪنهن ٽئين هڪ جاءِ تي بيٺل شخص اهو ڌماڪو
ڏٺو هوندو ته ڇا هن جي تاريخ انهن مان ڪنهن هڪ
جهڙي هوندي؟ ظاهر آهي ته نه!
ڇا اهو سمورو معاملو ڪجهه بي جوڙ ۽ غير واضح نه ٿو
لڳي؟ اها ڳالهه ياد اٿو ته برٽرانڊرسل چيو هو ته
”اسان جي دنيا بابت تخيلاتي تصوير ۾ تبديلي گهربل
آهي.“ ڇا توهان پنهنجي وقت جي تصوير ۾ اهڙي تبديلي
آڻي سگهو ٿا. اصل مشڪل ڳالهه اها آهي ته انسان وقت
کي زمانن کان وٺي مُعين
(Definite)
۽ تبديل نه ٿيندڙ
(Changeless)
سمجهندا رهيا آهن. پر آئن اسٽائين ڏيکاري ٿو ته
اهو اهڙو ڪڏهن به نه رهيو آهي.
اسان جو ڏينهن رياضي جي ڪنهن حادثي جي نتيجي ۾ 24
ڪلاڪ جو آهي. اسان انهن ڪلاڪن کي بلڪل پنهنجي مرضي
سان منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي. انهي جي
نتيجي ۾ توهان ڏسو ٿا ته زمين انسانن جو گهڙيال
آهي ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ باقي شمسي نظام به انهيءَ
تي نظر رکي ٿو. هاڻي فرض ڪريو ته اسان جي سموري
نطر ۾ ايندڙ ڪائنات ۾ حرڪت
(Movement)
جي شرح يڪسان انداز سان تبديل ٿي وڃي ٿي ۽ انهي
سان گڏوگڏ زمين جي رفتار به تبديل ٿي وڃي ٿي.
انهيءَ جو وقت تي ڪهڙو اثر پوندو؟ جيستائين اسان
جو تعلق آهي ته زمين تڏهن به چوويهن ڪلاڪن ۾
پنهنجو ڦيرو پورو ڪندي پر ممڪن آهي ته هر ڪلاڪ
پنهنجي موجوده ڊيگهه کان ٻيڻي کان اڌ جيترو وڃي.
انهي سان گڏوگڏ منٽن ۽ سيڪنڊن ۾ به تبديلي اچي
ويندي پر اسان کي انهي جي خبر ڪيئن پوندي ته
ڪائنات جي رفتار تيز يا آهستي ٿي وئي آهي؟
جيڪڏهن اسان جا شمسي گهڙيال يڪسان نسبتي
(Relative)
رفتارون برقرار رکن ٿا ته انسان انهن جي رفتارن ۾
آيل تبديلي کان ڪڏهن به واقف نه ٿي سگهندو. ڇا
انهي سان اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ مدد ملي ٿي ته
اسين جنهن شي کي وقت ڪوٺيون ٿا ۽ جنهن سان هن
ننڍڙي ڪائنات ۾ پنهنجي چرپر جو حساب رکون ٿا اهو
پنهنجي مرضي سان ٺاهيل آهي ۽ لچڪدار به آهي ۽ حيرت
انگيز طور تي پڪو به نه آهي؟ انهيءَ کانپوءِ ڪنهن
اهڙي ڪائنات جو تصور به سولائي سان ڪري سگهجي ٿو
جنهن ۾ وقت جو دارومدار رفتار تي هوندو ۽ اها
ڳالهه به سمجهه ۾ اچي سگهي ٿي ته اهڙي ڪائنات ۾
ٻئي جاڙا هڪٻئي کان ننڍا ڪيئن ٿيندا؟ انهيءَ مان
اسان کي اها ڳالهه سمجهڻ ۾ به مدد ملي سگهي ٿي ته
جڏهن ٽن ماڻهن هڪ ستاري کي ڌماڪي سان ڦاٽندي ڏٺو
هو ته ڇو انهن مان ڪي به ٻه ڌماڪي جي هڪ وقت تي
متفق ٿي نه ٿي سگهيا.
13
اها ڳالهه خاطري سان چئي سگهجي ٿي ته اضافيت
(Relativity)
فزڪس جي هڪ نظريي جي حيثيت ۾ گليلو جيتري پراڻي
آهي ۽ اها
آئن اسٽائين نئين مان پيش نه ڪئي هئي. حقيقت اها
آهي ته توهان کي اها ڳالهه ٻڌي حيرت ٿيندي ته هيء
ماڻهو جنهن جي نالي سان اضافيت جو اصطلاح بين
الاقوامي طور جڙي ويو آهي اهو اضافيت سان تعلق ختم
ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ انهي حد
تائين جو هن ڪي اهڙا بنهه سادا بنيادي قانون ڳولهڻ
جي ڪوشش ڪئي آهي جن تي فزڪس هلي سگهي. هن ماپ جي
اهڙن پيمانن جون ڳولهائون ڪيون آهن جيڪي ماڻهو ڀلي
ڪٿي به بيٺو هجي هر جاءِ تي ساڳيو نتيجو ڏين. اهڙي
طرح جو ”ڪي ٻه ماڻهو ڀلي ڪهڙي به رفتار سان سفرڪن
۽ ٻئي رفتارون ڀلي هڪٻئي سان ڪهڙي به نسبت ۾ هجن
فطرت جو لقاءَ ٻنهي لاءِ ساڳيو هوندو.
جئين اسين ٻڌائي چڪا آهيون ته حرڪت ۾ اضافيت جو
نظريو گليلو جيترو پراڻو آهي. جيڪڏهن هلندڙ ريل
گاڏي ۾ بال مٿي اڇلايو ويندو ته اهو عمودي طور فرش
تي ڪرندو، پر ريل گاڏي کان ٻاهر پليٽ فارم تان
بيهي بال کي ڏسندڙ ڪو ماڻهو چوندو ته اهو ڦيرو
کائي
(Curve)
ڪريو آهي توهان جيڪڏهن هلندڙ ريل گاڏي ۾ کاڌي جي
گاڏي ڏانهن ويندا آهيو ته توهان کي خبر هوندي آهي
ته توهان ريل گاڏي جي نسبت سان حرڪت ۾ آهيو ۽ پڻ
جڏهن اها ڳالهه توهان جي ذهن ۾ ايندي آهي ته توهان
کي اها به خبر هوندي آهي ته ريل گاڏي زمين جي نسبت
سان حرڪت ۾ آهي نه ته توهان ڪٿي پهچي ئي نه سگهو.
پر ڇا توهان کي ساڳئي وقت اها ڳالهه به ذهن ۾
هوندي آهي ته زمين سج جي نسبت سان حرڪت ۾ آهي؟ ۽
اهو ته سج وري بيٺل ستارن جي نسبت سان حرڪت ۾ آهي
۽ هرڪيوليس
(Hercules)
جنهن ڏانهن سج اڏامندو پيو وڃي اهو به ممڪن آهي ته
ڪنهن اڃا وڌيڪ ڏورانهين ستاري جي نسبت سان حرڪت ۾
هجي؟ ڇا توهان کي پوءِ به اها تمام وچڙيل گولائي
(Curve)
سمجهه ۾ اچي ويندي جنهن مان هر شي گذري رهي آهي؟
جيڪڏهن ها ته پوءِ توهان کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي
ويندي ته جڏهن قديم طبعياتدان اضافيت بابت
ڳالهائيندا هئا ته انهن جو مطلب ڇا هوندو هو.
اها ڳالهه ته واضح آهي ته هيء بي سڪون ڪائنات،
جيڪا ڪڏهن ٻن سيڪنڊن لاءِ به ساڳئي صورت ۾ نه ٿي
رهي انهي جي ايستائين ڪا پيمائش نه ٿي سگهي ها
جيستائين وقت کي به ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ماپ
واري نظام جو حصو نه بڻايو وڃي ها. نيوٽن جڏهن اها
ڳالهه چئي هئي ته ڪن به ٻن ذرن
(Particles)
جي وچ ۾ اهڙي طاقت
(Force)
هوندي آهي جيڪا انهن جي ماين
(Masses)
جي ضرب اپت سان سڌي نسبت ۾ ۽ انهن جي فاصلي جي
چورس سان ابتي نسبت ۾ هوندي آهي ته انهي مان هن جو
مطلب هو ته ڪنهن خاص لمحي ۾. پر اسين ڏسي چڪا
آهيون ته خاص لمحي ۽ فاصلي جو دارو مدار انهي تي
هوندو ته ڏسندڙ ڪهڙي جاءِ تي بيٺو آهي. آئن
اسٽائين انهي ابهام کان بچڻ لاءِ ئي مڪاني زمان
(Space-time)
متعارف ڪرايو هو. انهي طريقي سان هو ٻن ذرن جي وچ
۾ فاصلي جي بجاءِ ٻن واقعن جي وچ ۾ وقفي جي پيمائش
ڪري ٿو.
آئن اسٽائين جي انهي عام نظريي ۾ فقط آسپاس ٿيندڙ
واقعن کي ئي ڪو مقرر وقفو هوندو آهي ڏورانهن واقعن
جي وچ ۾ وقفي جو حساب ڪرڻ لاءِ رستي کي ننڍڙن ذرن
۾ ورهائي پوءِ انهن ذرن جي وچ وارن وقفن کي جوڙ
ڪيو ويندو آهي.
توهان کي خبر آهي ته زمين تي ڪن به ٻن جاين جي وچ
۾ ننڍي ۾ ننڍو فاصلو ڪنهن سڌي ليڪ ۾ نه پر خط
استوا وانگر ڪنهن وڏي گول جي رستي سان هوندو آهي.
توهان جيڪڏهن نيويارڪ کان اوڀر طرف ويندي سڀ کان
مختصر رستو چاهيو ٿا ته توهان ڪنهن تصوراتي وڏي
گول
(Geodesics)
جي ليڪ تي هلندي اتر طرف ڦيرو ڏيندائو. اهو سڀ کان
سڌو رستو آهي ۽ لنڊ برگ
(Lindbergh)
به پنهنجي يورپ ڏانهن اڏام ۾ اهو ئي اختيار ڪيو
هو.
آسماني جسم به پنهنجي حرڪت ۾ بلڪل ائين ئي ڪندا
آهن: اهي مڪاني زمان وارن تصوراتي وڏن گولن
(Geodesics)
تي هلندا آهن. نيوٽن جي نظريي جي مطابق ڪنهن به
جسم تي جيستائين ڪا ٻاهرئين قوت عمل نه ڪندي اهو
سڌي ليڪ ۾ هلندو رهندو پر آئن اسٽائين وٽ ڪي به
ننڍيون ليڪون نه آهن نه ئي ڪنهن جسم ۾ سڌي ليڪ ۾
هلڻ جو لاڙو آهي. سندس راءِ اها آهي ته گرهن جا
مدار مڪاني زمان ۾ تصوراتي وڏا گول
(Geodesics)
آهن ۽ گرهه انهن ۾ سج پاران انهن تي اثرانداز
ٿيندڙ ڪنهن پر اسرار طاقت سبب نه پر مڪاني زمان جي
ڦيرائين
(Curved)
خاصيت جي سبب حرڪت ڪرن ٿا. اهو مفروضو اسان جي سوچ
جي انداز جي بلڪل ابتڙ آهي.
14
آئن اسٽائين کي سڌين ليڪن ۾ ايترو گهٽ اعتبار آهي
جو هو اها ڳالهه به تسليم نه ٿو ڪري ته روشني جا
ڪرڻا سڌين ليڪن ۾ سفر ڪن ٿا. انهيءَ جي برخلاف هو
روشني جي ڪرڻن لاءِ تصوراتي وڏا گول
(Geodesics)
مقرر ڪري اهو فرض ڪري وٺي ٿو ته جيستائين انهن
ڪرڻن آڏو ڪو غير شفاف جسم رڪاوٽ نه وجهندو
تيستائين اهي سموري ڪائنات جي چوڌاري ڦرندا رهندا
۽ پنهنجي سرچشمي واري نقطي تي موٽي ايندا. روشني
جي ڪرڻي جو اهو سفر هڪ ارب ورهين ۾ پورو ٿيندو ۽
اهو جيستائين موٽي ايندو تيستائين سج به هرڪيوليس
ڏانهن پنهنجي سفر تي ڪافي اڳتي وڃي چڪو هوندو.
توهان سرسري نظر مان ئي اها ڳالهه سمجهي ويندا ته
روشني جون لهرون جيڪڏهن گولن
(Geodesics)
۾ سفر ڪن ٿيون ته خلا کي اسين جنهن انداز ۾ سمجهون
ٿا انهي مطابق اها لامحدود
(Infinite)
ٿي نه ٿي سگهي. پر اها ڳالهه آئن اسٽائين کي ذرو
به پريشان نه ٿي ڪري جو هو بنا دير اها ڳالهه
تسليم ڪري وٺي ٿو ته خلا
(Space)
محدود آهي ۽ ڪا اهڙي شي(Something)
يا لا شيِء(Nothing)
آهي جنهن جو گهير هڪ ارب نوري سال آهي. ٿي سگهي ٿو
ته اسان جي خلا کانسواءِ ٻي ڪا خلا به هجي پر
جيڪڏهن ائين آهي ته هو اها ڳالهه به فرض ڪري وٺي
ٿو ته اسان جي روشني پنهنجي سرچشمي واري ڪائنات
کان ٻاهر نه ٿي وڃي سگهي. انهي ۾ هو نه فقط سج پر
ٻين سمورن ستارن واري روشني کي به شامل ڪري ٿو.
آئين اسٽائين جي نظريي ۾ هيء خلا جنهن ۾ اهي ڪرڻا
سفر ڪن ٿا اها فقط خلا ئي آهي يعني هو اها ڳالهه
نه ٿو چئي ته سندس نظريي لاءِ ايٿر ضروري آهي. پر
انهيءَ جو مطلب اهو به نه آهي ته ايٿر واري نظريي
کي لازماً ڌڪي ٻاهر ڪرڻو آهي. بظاهر سندس مفروضو
اهو آهي ته جيڪڏهن ايٿر موجود به آهي تڏهن به
معاملا ائين ئي هلندا جئين اهي ايٿر جي غير
موجودگي ۾ هلن ٿا. هو مائيڪلسن مورلي
(Michelson-Morley)
۽ انهن جي پيروڪارن طرفان ڪيل تجربن کي چڱو خاصو
وزن ڏئي ٿو جيڪي ايٿر جي وهڪري يا ايٿر واري هوا
جو پتو لڳائڻ ۾ بلڪل ناڪام ٿي ويا هئا.هيستائين
ٿيل ڪنهن به تجربي مان ايٿر جي موجودگي پڪي طرح
ثابت نه ٿي آهي. ڊيٽن سي. ملر
Dayton C۔
Miller
جي ذهن ۾ 1925ع ۾ اها ڳالهه آئي هئي ته هن ڪنهن
اهڙي شي جو پتو لڳائي ورتو آهي جنهن کي ايٿر سمجهي
سگهجي ٿو. پر ايڊنگٽن توڙي برٽرانڊ رسل ملر جي ڪم
کي حتمي تسليم نه ڪيو آهي.
شروعات ۾ اها ايٿر واري ڳالهه انهي ڪري وچ ۾ آئي
هئي جو سمجهيو ويندو هو ته روشني جي لهرن لاءِ
ڪنهن اهڙي شي جو هئڻ ضروري آهي جنهن ۾ اهي سفر ڪري
سگهن. روشني جي اليڪٽرو ميگنيٽڪ ماهيت ۽ ساڳئي
ڪرڻي جي ذرڙن ۾ ڪو به وقفو
(Interval)
نه هئڻ واري ڳالهه مان به ايٿر ڪنهن ڪم جو نه ٿو
رهي پر انهي جي باوجود به سراوليور لاج جهڙو عظيم
طبعياتدان به انهي کي سٺو ۽ گهربل نظريو سمجهي
انهيءَ کي چنبڙيو بيٺو رهيو. موجوده وقت ۾ انهي جو
وجود يا عدم وجود ڪا گهڻي اهيمت نه ٿو رکي ڇاڪاڻ
ته صورتحال جيڪا به هوندي انهي جو روشني جي چرپر
تي ڪو اثر نه پوندو ۽ اسان جي معلومات مطابق اهو
بلڪل شفاف به آهي تنهن ڪري هاڻي اها ڳالهه توهان
تي ڇڏيل آهي ته توهان ايٿر کي موجود سمجهو ٿا يا
نه پر انهيءَ سان نتيجن تي ڪوبه اثر نه پوندو.
15
آئن اسٽائين پاران پنهنجو نظريو ترتيب ڏيڻ جو هن
پاران ٻڌايل مقصد فطرت جي قانونن کي سادو ۽ واضح
ڪرڻ هو. ڇا توهان جي خيال ۾ هو انهيءَ مقصد ۾
ڪامياب ٿي ويو آهي؟ رياضيدانن جو چوڻ آهي ته هو
ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ اسان کي سندن ڳالهه تي اعتبار
ڪرڻو پوندو. هاڻي توهان سڀاويڪ طور پڇندو ته ”آءٌ
انهن جي ڳالهه تي ڇو اعتبار ڪريان؟ منهنجي لاءِ ته
اهي دٻي ۾ ٺڪريون آهن.“
اعليٰ سطحي رياضي ڪنهن عظيم موسيقيائي ڌن وانگر
آهي. بدقسمتي سان توهان جو جيڪڏهن موسيقي سان
لڳاءُ نه آهي يا توهان تربيت يافته موسيقار نه
آهيو ته امڪان اهو آهي ته توهان لاءِ موسيقي ڪنهن
خوشگوار آواز کان وڌيڪ ڪجهه نه هوندي يا ائين به
ٿي سگهي ٿو ته توهان انهي کي فقط گوڙ شور سمجهندا
هجو. جيڪڏهن ڪو ماهر توهان کي ٻڌائڻ جي ڪوشش ڪندو
ته موسيقي جو مطلب ڇا آهي ته به هو انهي ڪوشش ۾
ڪامياب نه ٿيندو. جيتوڻيڪ توهان کي ڊارون واري
”پٺي جي ڪنڊي ۾ سيسراٽ“ واري ڳالهه سولائي سان
سمجهه ۾ اچي ويندي. ناڪامي جو سبب اهو آهي ته
موسيقي جي ذهني ۽ جسماني ردعمل کي لفظن ۾ بيان نه
ٿو ڪري سگهجي.
يا اڃا سٺو مثال هي ٿي سگهي ٿو ته توهان جئين ته
موسيقار به نه آهيو ۽ ڪنهن وڏي سنگيت جون
موسيقياتي علامتون توهان جي آڏو رکيون آهن ۽ ڪو
وڏو ڊائريڪٽر توهان کي ڄڻ ته ڳالهين جي ذريعي انهن
علامتن جي موسيقي ٻڌرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. هو
توهان کي ڪهڙي ذهني تصوير ڏئي سگهي ٿو جيڪا انهيءَ
سلسلي ۾ مددگاربه ثابت ٿئي؟ موسيقي جي حقيقي معني
۽ مطلب لاءِ ته توهان جو دارومدار انهن تي هوندو
جيڪي انهي کي سمجهن ٿا، محسوس ڪن ٿا ۽ اندر جي ڪنن
سان ٻڌن ٿا.
رياضياتي طور ٻوڙا ماڻهو به پيچيدن فارمولن جي
بازيگر سان ڳالهائڻ وقت اهڙي مونجهاري جو شڪار ٿي
وڃن ٿا.
آئن اسٽائين جي نظريي ۾ ڪجهه مفروضا آهن جيڪي
توهان ياد ڪري سگهو ٿا. انهي کانپوءِ توهان انهن
جي ذهني تصوير ٺاهڻ ۾ ڀلي ويٺا وقت وڃائجو:
1 وقت ۽ فاصلو نسبتي
(Relative)
آهن ۽ حرڪت تي دارومدار رکن ٿا.
2 مڪاني زمان ڪانسٽنٽ آهي ۽ تنهنڪري هر قسم جي تُز
حساب لاءِ ضروري آهي.
3 مڪاني زمان محدود ۽ ڦيريدار
(Curved)
آهي.
4 روشني جون لهرون تصوراتي گولن ۾ سفر ڪن ٿيون ۽
هڪ ارب ورهين ۾ شروعاتي نقطي تي پهچي سگهن ٿيون.
5 گرهه سج جي چوڌاري مڪاني زمان جي ڦيرائين هئڻ جي
سبب تصوراتي وڏن گولن ۾ سفر ڪن ٿا ۽ انهن جا مدار
گهٽ کان گهٽ مزاحمت جون ليڪون آهن انهي گولائي
(Curvature)
جي نيم قطر جو دارومدار آسماني جسمن جي ماين تي
آهي.
6 سج گرهن تي سنئون سڌو زور نه ٿو وجهي
7 ڪنهن جسم جو مايو ان جي رفتار سان وڌندو وڃي ٿو
۽ ڪو به مادي جسم ڪڏهن به روشني جي رفتار حاصل نه
ٿو ڪري سگهي ڇاڪاڻ ته ائين ٿيڻ سان سندس مايو
لامحدود ٿي ويندو. اها واڌ نظريي سان بلڪل مطابقت
رکندي تجرباتي طور ثابت ٿي چڪي آهي.
ڇا توهان انهن مان هرهڪ نقطو سمجهه ۾ ويهاري ويا
آهيو؟ توهان جيڪڏهن انهن کي پنهنجي ذهن ۾ ويهاري
ڇڏيو آهي ۽ هر هڪ کي مڪمل طور سمجهي ويا آهيو ته
انهي جو مطلب آهي ته توهان کي آئن اسٽائين جي
نظريي جو وڏو حصو سمجهه ۾ اچي ويو آهي.
16
ڇا اهو نظريو دنيا ۾ انقلابي تبديليون آڻي ڇڏيندو؟
ڇا اهو انسانن جي رهڻي ڪهڻي ۾ تبديلي آڻي ڇڏيندو
جيئن فيراڊي، پاسچر، لسٽر، هرٽز ، روئينٽجن،
لينگلي ۽ رائيٽ ڀائرن جي ڪم تبديلي آڻي ڇڏي هئي؟
ڇا اهو ڊارون وانگر فلسفي ۽ مذهب ۾ تبديلي آڻي
ڇڏيندو؟ ڪير به نه ٿو چئي سگهي ته انهي جو مستقبل
ڇا ٿيندو پر اها ڳالهه خاطري سان چئي سگهجي ته
انهيءَ فلسفي جي ميدان ۾ اڳيئي هڪ عظيم انقلاب آڻي
ڇڏيو آهي. پراڻي وال ماپ لٺ ۽ پائونڊ جو وٽ بلڪل
ائين ئي ڪم ڪن ٿا جيئن اهي آئن اسٽائين جي ڄمڻ کان
اڳ ڪندا هئا. مڪاني زمان سان توهان پنهنجن قرضين
تي ڪو دٻاءُ نه ٿا وجهي سگهو نه ئي انهي ذريعي
توهان قرض اوڳاڙيندڙن کان بچي سگهو ٿا. توهان
جيڪڏهن وڏي مفاصلي تي هوائي جهاز ۾ سفر ڪندڙ يا
ڪنهن وڏي سمنڊ تي هلندڙ جهاز جا ڪيپٽن نه آهيو ته
تصوراتي وڏا گول به توهان جي زندگي ۾ داخل نه
ٿيندا ۽ توهان جڏهن ڪوئلو خريد ڪندا تڏهن به ٽن جي
ماپ جو دارومدار ٽرڪ جي اسپيڊ تي نه هوندو.
انهي جي باوجود به ساڍا نوانوي سيڪڙو ماڻهن لاءِ
اهو نظريو ڪنهن به ڪم جو نه آهي پر توهان جيڪڏهن
فلڪياتدان يا طبعياتدان آهيو ته اهو توهان لاءِ
تمام اهميت رکي ٿو. اهو ڪائنات جي ڪنهن بلڪل آخري
وضاحت طور ته پيش نه ڪيو ويندو آهي. اهڙي آخري ۽
راهون روشن ڪندڙ وضاحت ته زوڪاٽ ڪندڙ اليڪٽران،
پروٽان- تحت خوردبيني شمس نظام، ايٽم مان ملي سگهي
ٿي ۽ ايٽم جي انهي تمام ننڍڙي دنيا ۾ سموري ڪم جو
دارومدار آئن اسٽائين جي عقل چرخ ڪندڙ اضافيت جي
نظريي تي آهي.
اسان کان ڌار ٿي ويل ستارا جيڪي اسان کان هڪ هزار
نوري سالن جي فاصلي تي واقع آهن انهن تائين ته ڪو
انسان ڪڏهن پهچڻ جي اميد ئي نه ٿو ڪري سگهي پر
سائنس انهن جا ڦوٽا ڪڍي سگهي ٿي ۽ تجزيا ڪري ۽
مفروضا ٺاهي سگهي ٿي. اهو چوڻ ڪا به معنيٰ نه ٿو
رکي ته انهن جو ٽيمپريچر اسان جي سج وانگر 6000
ڊگريون آهي يا چارڪروڙ ڊگريون آهي ڪو به تصور
چارڪروڙ ڊگرين جي حرارت بابت ڪو اندزو ئي نه ٿو
ڪري سگهي.
موجوده وقت ۾ سائنس ستارن سان ڀلي پئي راند ڪري پر
انسان جو حقيقي ڪم ايٽم آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهو
ڪنهن ڏينهن ظاهر ٿي وڃي ۽ انهي جي وڏي زور واري ۽
عجيب نموني محفوظ رکيل راز تان پردو هٽي وڃي.
انسان جا جيڪڏهن ڀاڳ ڀلا آهن ته انهيءَ سان هڪ
حقيقي انقلاب اچي ويندو پر جيڪڏهن نه ته انهي عظيم
راز جا بند خلاص ٿيڻ سان ڪنهن ڌماڪي سان انسانذات
جو وجود ختم ٿي سگهي ٿو ۽ دنيا ڦاٽي پنهنجن عنصرن
واري حالت ۾ اچي سگهي ٿي ۽ نئين دنيا، نئون آسمان
۽ پُرتجسس ذهن رکندڙ نئين مخلوق اچڻ ۾ هڪ ارب سال
به لڳي سگهن ٿا. |