بهرحال اڌ رڍن کي ڪمزور وائرس جا ٽڪا هنيا ويا ۽
ٻين کي ائين ئي ڇڏيو ويو. انهن جو وارو پوءِ
ايندو. اڳ ۾ ٽڪو لڳل رڍن کي 17 مئي تي ٻيو ٽڪو لڳو
پر هن دفعي اهو وڌيڪ طاقتور هو. ڏينهن گذرندا پئي
ويا پر انتظار ۽ ڌيرج کانسوءِ ٻيو ڪجهه به ته پيو
ڪري سگهجي. 31 مئي تي سڀني رڍن، ٻڪرين ۽ ڍڳين کي
موتمار ٽڪا هنيا ويا. هاڻي جيڪڏهن پاسچر صحيح هو
ته ٽڪا لڳل رڍون بچي وينديون ۽ ٻيون مري وينديون.
ٻين جون جوڏينهن آيو ۽ پاسچر کي صحيح ثابت ڪيائين:
هر اها رڍ جنهن کي پاسچر محفوظ
(Immune)
بڻايو هو اها زنده ۽ خوش چڱي ڀلي هئي ۽ پاسچر جڏهن
منجهند جو ٻين وڳي فارم تي پهتو ته ٻين رڍن مان
ٻاويهه مري ويون هيون ۽ ٻه مرڻ تي هيون هو سئو
سيڪڙو ڪامياب ٿيو هو.
راسينوال؛ وڏو ماڻهو جنهن پاسچر کي ڏٺو ڪرڻ لاءِ
ڄار وڇايو هو اهو کيس سڀ کان پهرين مبارڪون ڏيندڙ
ماڻهن مان هڪ هو. تجربي واري ڳالهه سموري دنيا ۾
پکڙجي وئي. پاسچر هڪ عظيم جادوگر هو. هن ٽي دفعا
پنهنجي لٺ ڦيرائي هئي ۽ هر دفعي سون جي هڪ ندي وهي
نڪتي هئي. هڪ دفعو شراب ٺاهيندڙن لاءِ، ٻيون دفعو
ريشم جا ڪينئان پاليندڙن لاءِ ۽ ٽيون دفعو رڍون
پاليندڙن لاءِ. انهي ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته هو ڏاڍو
مقبول ٿي ويو هو.
15
پر هن سٺ ورهين جي عمر واري معذور ۽ منڊڪائي هلندڙ
اڇي مٿي واري ماڻهو جو ڪم پورو نه ٿيو هو. هو
پنهنجا ٽي عظيم ڪم سرانجام ڏيڻ سان گڏوگڏ جوزف
لسٽر لاءِ سندس ايڊنبرگ واري اسپتال لاءِ اتساهه
جو سبب بڻيو هو. لسٽر پاسچر جي ڪم مان دافع عفونت
(anti septic)
سرجري جو نظريو حاصل ڪيو. هن ڪاربو لڪ ايسڊ جي ڪتب
آڻڻ ۽ اوزارن ۽ پٽين جي ڌوئي صاف ڪرڻ جي ذريعي
آپريشن ۽ ڄم کانپوءِ موتن جي خوفناڪ شرح گهٽائي
ڇڏي. هن پاسچر ڏانهن خط ۾ لکيو:
”توهان کي اسان جي اسپتال ۾ اها ڳالهه وڏي پيماني
تي نظر ايندي ته ڪيئن نه انسانذات توهان جي ڪم مان
لاڀ پرايو آهي.
هائو! اها اڃا تائين لاڀ وٺي رهي آهي ۽ هاڻي ته
دافع عفونت سرجري جي جاءِ تي عفونت کان پاڪ
(aseptic)
سرجري اچي وئي آهي. هاڻي ڀلي آپريشن جي ڪمري ۾
ڪهڙيون به تبديليون اچي ويون هجن پر داد ۽ تحسين
جا مستحق لسٽر، رابرٽ لاسن ٽيٽ
(Lawson Tait)
۽ پاسچر ئي آهن. اڄ جيڪڏهن توهان ڪنهن وڏي آپريشن
لاءِ تيار ٿي وڃو ٿا ۽ توهان کي پڪ آهي ته سڀ
ڳالهيون توهان جي حق ۾ سازگار آهن ته انهي جو سبب
اهو آهي ته پاسچر هوا ۾ اهي نظر نه ايندڙ دشمن
ڳولهي ورتا ۽ لسٽر ۽ ٽيٽ انهن دشمنن کي مات ڏيڻ جو
طريقو ڳولهي ورتو.
سٺ ورهين جي عمر ۽ ايترو ڪم به ڪري ڇڏيائين. هاڻي
آرام ڪندو ڇا؟ نه توهان ته هن ماڻهوکي سڃاڻو ئي نه
ٿا. هو جڏهن رڍن تي تجربن ۾ منجهيو پيو هو تڏهن به
ڪتن تي سندس ڪم هلي رهيو هو. انهن جي چڪ کانپوءِ
ٿيندڙ مرض
(Hydrophobia)
جيتوڻيڪ ڪا وبائي صورت اختيار نه ڪندو هو ۽ نسبتاً
گهٽ ماڻهو انهيءَ جو شڪار ٿيندا هئا پر جيڪي ٿيندا
هئا اهي ڏاڍي خوفناڪ نموني مري ويندا هئا. اها
ڳالهه پڇڻ جي ڪهڙي ضرورت ته هن اهو ڪم ڇو شروع
ڪيو هو. اسان کي ته خدا جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي ته
هن اهو ڪم شروع ڪري ڇڏيو.
ٿورو تصور ڪريو ته انهيءَ دور ۾ پاسچر جي
ليباريٽري ۾ ڪهڙي هلچل ۽ وٺ سٺ وارو وقت گذريو
هوندو! ڇتا ڪتا سموري رات پيا ڀونڪندا هوندا. وري
ڇتا ڪوئا، ڇتا سها ۽ ناڪامين سبب حيران ۽ پريشان
ڇتو پاسچر! اهڙي حالت ۾ سندس معاون به ڇتا ٿي
پوندا هئا. جن جو استاد پاڻ به ڪڏهن ماٺ ئي نه ڪري
ويهندو هو پر هنن کي همٿون ۽ دلداريون ڏياري پيو
هلائيندو هو. سندس اکيون ڳاڙهيون هونديون هيون ۽
ڄڻ ته اڌچريو لڳو پيو هوندو هو. کيس هڪ اهڙي
جرثومي جي ڳولها هئي جيڪو ڪٿي ظاهر ئي نه پيو ٿئي.
مادام پاسچر به هاڻي جوان نه رهي هئي ۽ انهي گوڙ
شور ۾ ماٺ ڪيون پئي زندگي گذاريندي هئي ۽ انهي شخص
جي اعصابن کي آرام ڏيڻ لاءِ وس آهر پئي ڪم ڪندي
هئي.
هن کي جنهن جرثومي جي ڳولها هئي نه ئي اهو پئي
ظاهر ٿيو نه ئي ڪو علاج پئي ظاهر ٿيو. ڪتا ۽ سها
پيا مرندا هئا انهن جا بيماري ۾ ورتل تنتي ڏورا
(Spinal chords)
ڪڍي انهن کي پيهي انهن مان وائرس ٺاهي ٻين ڪتن کي
هنيو ويندو هو. اهو هڪ اڻکٽ سلسلو هو. انهي مان
ڪجهه به حاصل نه پئي ٿيو. منڊڪائيندڙ استاد جو ذهن
ويتر پريشان ٿيندو ويندو هو ۽ سندس نوجوان معاونن
کي هڪ قسم جو خوف ورائيندو ويندو هو. اهي هاڻي ڪم
ڇڏي وڃڻ لاءِ تيار هئا ۽ پاسچر کي چئي ڇڏيائون ته:
”اهو ڪم ٿيڻ جهڙو ئي نه آهي، ڪينئون اسان کي هٿ ئي
نه ٿو اچي ۽ اسان جي ليباريٽري ۾ پهريون ڇتو ڪتو
اچڻ کان اڄ تائين اسان جي معلومات ۾ ڪو اضافو نه
ٿيو آهي.“
پر پاسچر ڪم مان هٿ ئي نه ٿي ڪڍيو. هن شخص کي اهڙي
مضبوط ذهانت مليل هئي جيڪا شڪست کان اڻواقف هئي
سندس نوجوان معاون پنهنجين خوردبين تي انڌا ٿي
ويندا هئا، پر پاسچر چرين وانگر انهن کان ڪم پيو
وٺندو هو. هو خود سڀ کان گهڻو ڪم ڪندو هو. اهو ڇتن
ڪتن وارو مسئلو سندس ذهن مان ڪڏهن نڪرندو ئي نه
هو. هو عجيب، غريب تجربا پيو سوچي ڪڍندو هو جيڪي
ناڪام ٿي ويندا هئا. سندس تصور ۾ اڻ ٿيڻيون
ڳالهيون پيون اينديون هيون پر سندس معاون اهي به
ڪري ويندا هئا. اها ليباريٽري حقيقت ۾ ڪو پاڳل
خانو لڳندي هئي ۽ لڳندو هو ته ڪنهن به وقت پاسچر
جي چپن مان گڦ نه وهڻ لڳي.
پر اهو جرثومو دريافت ئي نه ٿي سگهيو ۽ انهن اهو
ڳولها جو ڪم ختم ڪري ڇڏيو. ڀلا اهو وائرس قابو ۾
نه ٿو اچي سگهي؟ انهي کي قاتل مان دوست نه ٿو
بڻائي سگهجي؟ جيڪڏهن ائين ٿي سگهي ٿو ته پاسچر ۽
سندس نوجوان اهو ڪم ڪري ويندا. اهي هر ڳالهه
آزمائي ڏسن ٿا، اولمپيائي ديوتائن جي ذهنن ۾ به
انهن کان وڌيڪ ڪي اچرج جهڙا تجربا نه اچي سگهن ها.
اهو سمورو معاملو غلطيون ڪري انهن مان سکڻ تي ٻڌل
هوندو هو، پر ڪنهن به ڳالهه مان ڪو به نتيجو نه ٿي
نڪتو. پر پوءِ هڪ سُئي لڳل ڪتو ٺيڪ ٿي ويو ۽ هميشه
لاءِ محفوظ
(Immune)
ٿي ويو. انهي جو سبب ڪهڙو ٿيو؟ انهن ٿيل ڪم جي
چڪاس ڪري اها ڳالهه دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته
انهي وائرس کي ڪهڙي شي ڪمزور ڪيو هو. انهن پنهنجا
تجربا ٻيهر ڪري ڏٺا. روشني جي انهي هڪ ڪرڻي، انهي
هڪ محفوظ ڪتي انهن کي جوش ۾ آڻي ڇڏيو. اهي هاڻي
ناڪام نه ٿيندا.
اهي ريبيز
(Rabies)
مرض جي سبب مئل هڪ سهي مان تنتي ڏوري ڪڍي هڪ جرم
پروف
(Germ Proof)
بوتل ۾ سُڪڻ لاءِ رکي ڇڏين ٿا. اها اتي چوڏهن
ڏينهن سسندي ۽ سنگيڙجندي رهي ٿي. اهي چوڏهن ڏينهن
کانپوءِ اها ڪڍي پاڻيءَ ۾ ملائي وائرس ٺاهي ان مان
سئي ڀري تندرست ڪتن جي دماغن ۾ هڻي ڇڏين ٿا. ٻئي
ڏينهن اهي تيرهن ڏينهن سڪايل وڌيڪ طاقتور وائرس
ڪتب آڻين ٿا اهڙي طرح اهي چوڏهن سيون هڻي وڃن ٿا.
ڪتن کي آخري ڏينهن اهڙيون سيون لڳن ٿيون جن مان پڪ
هئي ته اهي مري ويندا.
پر اهي ڪتا نه مئا. اهي محفوظ ٿي ويا هئا هاڻي
پاسچر ۽ سندس نوجوان سج جي روشني ۾ اچي ويا هئا
سندن روحن ۾ باک ڦٽي وئي هئي.
تجربي کي ورجائڻ لازمي آهي. اهو پوءِ هڪ سو دفعا
ورجايو وڃي ٿو ۽ اها ڳالهه ثابت ٿي وڃي ٿي ته ڪتن
کي ريبيز کان محفوظ بڻائي سگهجي ٿو. هاڻي جيڪڏهن
ڇتا ڪتا نه هوندا ته انسان به ڇتي ڪتي جي چڪ جي
بيماري ۾ نه مرندا. پر فرانس جي سمورن ڪتن کي ته
ٽڪا هڻڻ ممڪن نه آهي. اها عظيم دريافت ته بيڪار ٿي
لڳي. نه اها ٻي ڪنهن ڳالهه ڏانهن اشارو ڪري رهي
آهي.
پاسچر جي تصور کي وري مهميز ملي وڃي ٿي. هو پنهنجي
ليباريٽري ڏانهن ڊوڙپائي ٿو ۽ پنهنجي هڪ عظيم ٽيسٽ
لاءِ تياريون ڪري ٿو. هڪ غير محفوظ ۽ صحتمند ڪتي
کي دماغ ۾ موتمار وائرس جي سئي هنئين وڃي ٿي. انهي
ڪتي کي ريبيز ٿي پوندي ۽ اهو مري ويندو دنيا جي ڪا
به طاقت انهي کي بچائي نه سگهندي.
اچو ته انهي ڪتي کي 14 ڏينهن پراڻي وائرس جي سئي
هڻون ۽ انهي کانپوءِ روزانو وڌيڪ طاقت واري سُئي
هڻندا وڃون. اهو ڪم به پورو ٿي ويو پر مرڻ لاءِ
تيار ڪتي ۾ نه ئي ريبيز جو وائرس پيدا ٿئي ٿو نه
ئي وري اهو مري ٿو. هو تندرست ئي رهي هو. جيستائين
ڪتن جو تعلق آهي ته انهي خوفناڪ بيماري تي سوڀ
حاصل ٿي وئي آهي.
پر ماڻهن جو ڇا ٿيندو؟ پاسچر ڪتن تي پنهنجو علاج
آزمائيندي انهي مسئلي تي به سوچ ويچار ڪندو رهي
ٿو. هر ڪتو صحتمند ٿي وڃي ٿو ڪا به ناڪامي نه ٿي
ٿئي. سندس اعتماد وڌندو وڃي ٿو هو ڇتي ڪتي جي چڪ
جي علاج جو اعلان ڪري ڇڏي ٿو. جيڪڏهن سندس ڪمزور
کان طاقتور ٿيندڙ وائرس ڪتن کي بچائي وٺي ٿو ته
اهو انسانن کي بچائي ويندو. هن کي انهي بابت ايتري
ته پڪ آهي جو هو پاڻ کي انهي خطرناڪ بيماري جي
سُئي هڻائڻ لاءِ به تيار آهي.
16
بهرحال سندس سائنسي شوق کي ايتري آزمائش ۾ نه ٿو
وڌو وڃي ۽ قسمت انهي معاملي ۾ ٽپي پوي ٿي. جوزف
ميسٽر نالي نون ورهين جي ڄمار جي هڪ ڇوڪري کي ڇتي
ڪتي 14 جاين تي چڪي وڌو آهي. اهو واقعو ٻه ڏينهن
اڳ
(Alsace)
۾ ميسينگاٽ شهر ۾ سندس گهر ۾ ٿيو. پاسچر جيڪڏهن
ڇوڪري کي نه ٿو بچائي ته سندس موت يقيني آهي.
پاسچر جنهن کي پنهنجي صحيح هئڻ بابت ايتري ته پڪ
هئي جو هن پنهنجي علاج جي مظاهري لاءِ پاڻ کي
بيماري جي سئي هڻائڻ جي ڳالهه ڪئي هئي اُهو هن
ماءُ ۽ سندس سُڏڪندڙ ٻار جي موجودگيءَ ۾ ڏڪي ويو.
هو اوچتو پاڻ کي ايترو ته ٿڪل ٿو محسوس ڪري جو
ڪجهه به سوچي نه ٿو سگهي ۽ ڪنهن به فيصلي تي نه ٿو
پهچي سگهي. هن پاڻ کي هڪ ديوتا بڻائي ڇڏيو هو ۽
هاڻي سندس خدائي ذميواريءَ جو بوجهه کيس چيڀاٽي
رهيو هو. سندس علاج ڪتن تي ته موثر ثابت ٿيو هو ڇا
اهو هن ڇوڪري تي اثر ڪندو؟ سندس 14 سيون کيس مسيحا
جو درجو ڏيارينديون يا کيس قاتلن جي صف ۾
بيهارينديون؟
هو عورت ۽ سندس ڇوڪري لاءِ هڪ ڪمرو هٿ ڪري انهن کي
انتظار ڪرڻ جو چوي ٿو. هو انهن وٽ پنجين وڳي
ايندو. هو هاڻي هٻڪي ڇو ٿو؟ هن کي اڪيڊميءَ جي
اجلاس ۾ ڳالهائيندي ته ڏاڍي پڪ هئي. تڏهن هو هڪ
نظريي بابت بحث ڪري رهيو هو جيڪو هن سمجهيو ٿي ته
ثابت ٿي چڪو هو. هاڻي هن جي سامهون هڪ حقيقت هئي
جنهن کي ثابت ڪندي هو خود به تباه ٿي سگهيو ٿي.
هو اهڙي شديد شڪ ۽ خوف واري حالت ۾ ولپيان ۽
گرانچر؛ پنهنجن ڊاڪٽر دوستن وٽ وڃي ٿو. انهي ٻنهي
ليباريٽري ۾ ڪتن تي ٿيل سندس ڪم ڏٺو هو. انهن کي
مٿس اعتماد هو. اهي شام جو هن سان گڏجي ڪتي کاڌل
ڇوڪرو ڏسڻ وڃن ٿا ۽ ڳاڙهي رنگ جي ناسورٿيندڙ زخمن
جو معائنو ڪن ٿا، شڪ جي ڪا گنجائش ئي نه هئي.
اهي پاسچر کي چون ٿا:
”تون جيڪڏهن ڇوڪري جو علاج نه ڪندين ته اهو مري
ويندو. سُيون هڻڻ شروع ڪر.“
ڇوڪري کي 14 ڏينهن پراڻي ڪمزور وائرس جو پهريون
ڊوز هنيون وڃي ٿو. پاسچر جو اعتماد موٽي اچي ٿو.
هن تڏهن پنهنجي پٽ ڏانهن خط ۾ لکيو هو: ”هر ڳالهه
صحيح پئي ٿئي، ٻار کي سٺي ننڊ اچي ٿي ۽ سئين وارو
مواد پٺيان ڪو به نشان ڇڏڻ کانسواءِ جسم ۾ جذب
ٿيندو وڃي ٿو.“ پر هن جي اها پڪ جاري نه ٿي رهي
سگهي. سيون وڌ کان وڌ خطرناڪ ٿينديون پيون وڃن.
”تنهنجي پيءُ ٻين رات به ڏاڍي خراب نموني گذاري،
هن کي ٻار کي لڳندڙ آخري سين جو ڏاڍو ڊپ آهي. انهي
هوندي به هاڻي پٺتي قدم نه ٿو کڻي سگهجي.“ مادام
پاسچر پنهنجي پٽ ڏانهن خط ۾ لکيو.
جوزف خوش لڳو پيو آهي. هن ۽ پاسچر جي پاڻ ۾ ڏاڍي
سنگت ٿي وئي آهي. ڇوڪرو هر روز رات جو سمهڻ کان اڳ
ڊوڙي وڃي هن کي مٺي ڏئي ايندو آهي. اها محبت به
پاسچر جي ڪم کي سولو نه ٿي ڪري سگهي. ڇا هو پاڻ
سان محبت ڪندڙ ٻار جو خون ته نه پيو ڪري؟ اها ته
خدا کي خبر پر هاڻي پٺتي قدم به ته نه ٿو کڻي
سگهجي.
ٻارهين ڏينهن تي لڳندڙ وائرس ايترو طاقتور آهي جو
ماري به سگهي ٿو. ڇوڪرو پاسچر کي مٺي ڏئي هنڌ تي
وڃي سمهي رهي ٿو. پر پاسچر کي ننڊ نه ٿي اچي. هو
دير سان بستري تي اچي ٿو ۽ سڄي رات پاسا ورائيندي
گذاري ٿو ڇڏي. پر ڇوڪرو صبح سان ڏاڍو خوش ۽ توانو
لڳو پيو آهي. اڃا انتظار جا ڏينهن باقي آهن. ڇتي
ڪتي جي چڪ جا اثر دير سان پيدا ٿيندا آهن پر هن
ڇوڪري ۾ اهي پيدا ئي نه ٿا ٿين. پاسچر ڪامياب ٿي
ويو آهي.
هاڻي ڇتي ڪتي جا چڪيل نه مرندا. پيرس جو هي فرانسي
انهن کي بچائي وٺندو. انهن بچڻ لاءِ اچڻ شروع ڪيو
آهي. هڪ چوڏهن ورهين جو ڇوڪرو جنهن پنهنجي جان
جوکي ۾ وجهي پنهنجي ننڍڙن ساٿين کي بچايو آهي اهو
سندس ٻيون مريض آهي. هو صحيح ٿي وڃي ٿو. هن وٽ چار
ننڍا ٻارڙا آمريڪا مان اچن ٿا. انهن جي خرچ جو
بندوبست نيو يارڪ هيرالڊ پاران گڏ ٿيل عام ماڻهن
جي چندي مان ٿيو آهي اهي به بچي وڃن ٿا.
لوئس پيليٽيئر نالي ڏهن ورهين جي هڪ ڇوڪري کي هڪ
جابلو ڇتي ڪتي مٿي ۾ چڪ هنيو هو. اهو زخم 37 ڏينهن
پراڻو هو. ڇتي ڪتي جي چڪ جو مرض ڪنهن به وقت ظاهر
ٿي سگهي ٿو. پاسچر هاڻي وري هڪ بحران جي منهن ۾
آهي ۽ هو وري ثابت ڪري ڏيکاري ٿو ته هو ڪهڙي مٽي
مان ٺهيل آهي. هو جيڪڏهن لوئس جي علاج ۾ ناڪام
ٿيندو ته شڪ شبها رکندڙ ماڻهو چوندا ته: ڏٺو؟
پاسچر ڌڪا پيو ٿو هڻي، سندس علاج ته ڪو علاج ئي نه
آهي. جيڪڏهن مون کي ڪتي چڪ هنيو ته آءُ ته خطرو نه
کڻندس ۽ اهڙي ماڻهو ڏانهن ڪڏهن به نه ويندس جيڪو
ڊاڪٽر ئي نه آهي. پاسچر جڏهن لوئس جو معائنو ڪري
رهيو هو ۽ پنهنجو علاج شروع ڪرڻ بابت ٻڏتر جو شڪار
هو ته اهي لفظ به سندس ڪنن ۾ پئجي رهيا هوندا.
پر هن ۾ موجود انسانيت جو جذبو هن تي حاوي ٿي ويو.
هن سيون هڻڻ شروع ڪيون. ڪجهه وقت لاءِ ته اميد جو
ڏيئو روشن ٿي ويو. لوئس اسڪول وڃڻ شروع ڪيو پر جلد
ئي هن تي ساهه مُنجهڻ ۽ عضون ۾ ڇڪ جا حملا ٿيڻ
لڳا. پاسچر ڊوڙندو لوئس وٽ ويو ۽ کيس وڌيڪ سيون
هنيائين. هو سڄو ڏينهن ڇوڪري جي پاسي ۾ ويٺو رهيو.
هن آهستي آهستي هٿ وڌائي سندس هٿ ڳولهيو ۽ دنيا ۾
موجود پنهنجي ڪنهن آخري پياري شي وانگر ان کي قابو
ڪري ورتائين. جڏهن ڳالهه ختم ٿي وئي ۽ لوئس موت جي
هنج ۾ سمهي پئي ته پاسچر جي اکين جا بند ڀڄي پيا.
هو ڇوڪريءَ جي اوڇنگارون ڏيندڙ ماءُ پيءُ جي ڳلي ۾
پنهنجون ٻانهون وجهي چوڻ لڳو: ”منهنجي ته ڏاڍي
خواهش هئي ته آءُ جيڪر توهان جي ننڍڙيءَ کي بچائي
وٺان“
توهان جڏهن شوباز پاسچر بابت سوچيو ته لوئس
پيليٽيئر کي ياد رکجو. غرور سان ڪنان تار ڀريل هي
ماڻهو جيڪو مخالفت برداشت نه ڪري سگهندو هو؛ جنهن
جا سائنسي بحث مباحثا ويڙهه جهيڙي ۽ ايتري شخصي
گارگند جي حد تي پهچي ويندا هئا جو هڪ مخالف ته
کيس ڊيوئيل
(Duel)
جي لاءِ للڪاري ڇڏيو هو ۽ هي غير منظم انداز ۾
دريافتون ڪندڙ جنهن کي ماڻهن جي نظرن ۾ رهڻ ۽
پنهنجي تعريف وڻندي هئي اهو اسان جي تنقيد کان
مٿاهون ٿي ويو آهي.
17
مارچ جي مهيني جي شروعات ۾ اوڻيهه پشم جا ٽوپلا
پاتل ماڻهو پيرس ۾ داخل ٿيا. انهن کي پٽيون ٻڌل
هيون ۽ انهن مان پنج بيماريءَ سبب گهمڻ کان به
لاچار هئا. اهو ڏاڍو ڀوائتو قافلو هو. اهي
سمولينسڪ
(Smolensk)
مان آيل روسي ڪڙمي هئا ۽ سڀئي هڪ ڇتي بگهڙ جا کاڌل
هئا. انهن ۾ ڏهن ڏينهن تائين زهر پکڙبو ويو هو.
اهو زهر آهستي آهستي پکڙبو آهي پر اهو ڏهن ڏينهن ۾
لازماً گهڻو اندر ويو هليو هوندو ۽ تنتي ڏور ۽ مغز
تائين به اوس پهچي ويو هوندو.
اهي ڪڙمي ايترو فاصلو ڪري ٻارن وانگر اميد کڻي آيا
هئا ۽ پنهنجون زندگيون هن استاد جادوگر جي پيرن ۾
رکي ڇڏيون هئائون. ڇا پاسچر انهن کي بچائي سگهندو؟
هو ڪوشش ڪندو. هو هن دفعي ڪا هٻڪ به نه ٿو ڏيکاري.
هو وڃايل وقت جو پورائو ڪرڻ جي ڪوشش ۾ هر روز ٻن
سُئن کان شروعات ڪري ٿو جيڪي پنج ڄڻا گهمي نه ٿا
سگهن انهن جو هوٽل ڊائيو هاسپٽل ۾ علاج ٿئي ٿو.
ٻيا 14 ڄڻا پاسچر جي ليباريٽري اچن ٿا. انهن کي
ايتري فرانسي اچي ٿي جنهن جي مدد سان هو پنهنجي
منزل تي پهچي سگهن ٿا. انهن کي فقط هڪ لفظ ”پاسچر“
ئي ته زبان مان ڪڍڻو آهي. اهو نالو وٺڻ سان ڪو به
فرانسي انهن کي رستو ڏيکاري ڇڏيندو.
ٽي بدنصيب روسي مري وڃن ٿا. باقي 16 خوش ٿي ويا
آهن ۽ اعتماد سان گهر وڃي سگهن ٿا پر حسد سان ڀريل
دنيا ۾ عظيم ماڻهن لاءِ سئو سيڪڙو درست هئڻ لازمي
آهي.
روس ۾ ڪا به تنقيد نه ٿي ٿئي اتي ته ويتر 16 ڄڻن
جي واپسي تي وڏا شادمانا ٿي رهيا آهن. ماڻهو انهن
کي اهڙي تپرس مان ڏسي رهيا آهن ڄڻ ته اهي قبرن مان
اٿي آيا هجن. انهن کي ته مرڻ لاءِ پيرس موڪليو ويو
هو اهي ته زنده ۽ خوش چڱا ڀلا موٽيا هئا. روسين جي
نظر ۾ اها ڳالهه معجزي کان گهٽ نه هئي.
خود زار به تمام گهڻو متاثر ٿيو هو ۽ گرانڊ ڊيوڪ
ولاڊيمير کي پاسچر لاءِ ”آرڊر آف سينٽ آف رشيا“ جو
اعزاز ۽ هڪ لک فرانڪ ڏئي موڪليائين. اها رقم پاسچر
انسٽيٽوٽ جي تعمير ۾ ڪتب اچڻي هئي.
زار پاران پاسچر انسٽيٽيوٽ جو ذڪر ٻڌندي ئي
فرانسين جون دليون به جوش ۽ ولولي سان ڀرجي ويون.
سموري فرانس کي انهي جي ضرورت هئي. لسٽون ٺهي ويون
۽ مرد توڙي عورتون پاسچر سان محبت ڏيکارڻ لاءِ
هڪٻئي کان اڳتي وڌڻ لڳا. اهو فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ لکا
پتين کان وٺي گهرن ۾ ٿانون ڌوئيندڙ عورتن تائين سڀ
ماڻهو شريڪ ٿيا. الساس واري لسٽ تي هي ڪهڙو نالو
آهي؟ ميسينگاٽ جو جوزف ميسٽر! اهڙي طرح اهو صحت جو
مندر عام ماڻهن جي ڏنل چندن مان ٺهي راس ٿيو.
18
پاسچر جي زندگيءَ جي ڪهاڻي ڇتي ڪتي جي چڪ جي
بيماري جي شڪست تي ختم ٿي وڃي ٿي. هن پنهنجي سموري
توانائي انهيءَ آخري جنگ تي صرف ڪري ڇڏي هئي ۽
هاڻي هن وٽ ڪا به باقي بچايل فاضل توانائي نه هئي.
سندس دوستن کيس وڏي موڪل لاءِ آماده ڪيو ۽ هو ٻاهر
هليو ويو ته به سندس ذهن آئينده لاءِ رٿائن سان
ڀريل رهيو پر آرام پراڻي باهه کي ٻيهر نه دکائي
سگهيو. هو جڏهن پيرس موٽي آيو ته پاسچر انسٽيٽيوٽ
جي افتتاحي تقريب ۾ موجود هو. هو پاڻ بابت چيل
ڳالهيون ٻڌي ايترو ته جذبات ۾ ڀرجي ويو جو سندس
تقرير سندس پٽ کي پڙهڻي پئي.
هو پوءِ پيرس ۾ پنهنجي موجودگي برقرار رکيون آيو ۽
نوجوانن کي سندس ڪم ڪندي ڏسندو رهيو. هن جي خاص
دلچسپي خناق جو علاج ڳولهڻ جي ڪوشش ۾ هئي. هو وري
بيمار ٿي پيو هو. پر لڳي پيو ته سندس صحت سڌري رهي
هئي ۽ هو منڊڪائي هلندو هر شي کي پنهنجي روشن اکين
سان ڏسندو رهندو هو.
سندس ستروون جنم جو ڏينهن ملهائڻ لاءِ هڪ وڏي جشن
جو انتظام ڪيو ويو. قسمت سندس زندگيءَ جي انهي
انتهائي ڊرامائي لمحي کي سندس ڪيريئر جي پڄاڻي جي
سين طور بچائي رکيو هو.
تاريخ 27 ڊسمبر 1892ع آهي. سوربون جو وڏو هال
ماڻهن سان ڀريو پيو آهي. ٻاهرين ملڪن جا نمائندا ۽
فرانس جي سائنس سوسائٽين جا ميمبر اعزاز وارين
نشستن تي ويٺا آهن. پاسچر سان گڏ ڪم ڪندڙ
چيمبرلينڊ
(Chamber land)،
ڊوڪلي
(Duclaux)،
روڪس
(Roux)
۽ ميچن ڪاف(Metchnikoff)
به موجود آهن، پنجون ٿيولئار
(Thuillier)
موجود نه آهي، جيڪو اسڪندريا ڏانهن ڪالرا بابت
اڀياس ڪرڻ ويو هو ته اتي ئي ڪالرا وگهي مري ويو.
هن عظيم ڏينهن جي ڪجهه حصي جو حقدار هو آهي. وزير،
مشير ۽ سينيٽر به چڱي چوکي تعداد ۾ موجود آهن. هر
ماڻهو پنهنجي بهترين پوشاڪ ۾ آهي ۽ ڪنهن نه ڪنهن
ميدان ۾ ڪو اعزاز رکندڙ آهي پر معززن جي انهيءَ
ميڙ ۾ هڪ مُنهن اهڙو به آهي جيڪو پاڻ ڏانهن توجهه
ڇڪائي وٺي ٿو. سندس وڏا وار ڪنن ۽ ڪالر تي پيا ٿا
لڙڪن؛ ڏاڙهي ۽ شهپرن کي صافي ڏنل منهن وڏن قلمن جي
گهيري ۾ آهي ۽ وات ڪجهه قدر لڙڪيل اٿس؛ منهن تي
گهنج پيل اٿس جو اهو ماڻهو هاڻي جوان نه رهيو آهي
۽ ڪم به ڏاڍو سخت ڪيو اٿائين. اهو ماڻهو انگريز
آهي ۽ سندس نالو جوزف لسٽر آهي. اهو نالو ايستائين
زنده رهندو جيستائين خود انگريزي زبان زنده رهندي.
هڪ ننڍڙو پوڙهو اڇن وارن وارو ماڻهو منڊڪائيندو
ملڪ جي صدر جي ٻانهن ۾ هٿ وجهي هال ۾ داخل ٿئي ٿو.
ريپبليڪن گارڊ فوراً سوڀ جي ڌن وڄائڻ شروع ڪري ٿي.
سڀ ماڻهو اٿي بيهي نعرا هڻڻ لڳن ٿا. عظيم لمحو اچي
ويو آهي. تقريرون ٿين ٿيون ۽ قصيدا پڙهيا وڃن ٿا.
پاسچر جي عظمت هڪ درجن مختلف طريقن سان بيان ڪئي
وڃي ٿي. سڀني ڳالهين جو تت هي آهي ته ڪير به صحيح
نه ٿو ٻڌائي سگهي ته انساني زندگي پاسچر جي
ڪيتريقدر ٿورائتي آهي ۽ ايندڙ دورن ۾ به ڪيتريقدر
ٿورائتي رهندي.
پاسچر اهي لفظ ٻڌي ٿو پر هاڻي هن ۾ آڪڙ جي ڪا به
نشاني ظاهر نه ٿي ٿئي. بحث مباحثي ۾ فرشتن کي به
مات ڏئي ويندڙ هي ماڻهو ڪنهن وڏي موقعي تي سدائين
ڏاڍي نهٺائي اختيار ڪري ويندو آهي. هو هاڻي به
انڪسار سان ويٺو آهي ۽ جذبات سندس زبان گنگ ڪري
ڇڏي آهي. لسٽراٿي بيهي ٿو ۽ پاسچر ڏانهن اشارو
ڪندي چوي ٿو: ”توهان اهو پردو هٽائي ڇڏيو آهي جنهن
صدين تائين وچڙندڙ بيمارين کي ڍڪي رکيو هو“
تقرير جي پڄاڻي تي پاسچر اٿي بيهي لسٽر کي ڇاتيءَ
سان لڳائي ٿو. حاضرين جون اکيون ڳوڙهن سان ڀرجي
وڃن ٿيون ۽ اهي تاڙيون وڄائڻ لڳن ٿا. پاسچر پنهنجي
جنهن آواز سان گجگوڙون ڪري ڪيترن ئي مخالفن کي ماٺ
ڪرائي ڇڏيو هو انهي جي جاءِ تي فقط هڪ سنهي ڪيڪ
رهي آهي. هو هن دفعي به تقرير نه ٿو ڪري سگهي ۽ هن
جي پاران سندس پٽ پڙهي ٿو هي ماڻهو ته مغرور ڪوٺيو
ويندو هو پر سندس تقرير جي هنن لفظن ۾ ته اهڙي
ڪنهن ڳالهه جو ذرو به نه آهي:
”اسان جي ڪوششن کي زندگي جي حمايت حاصل رهي هجي يا
نه پر اسين جڏهن عظيم مقصد جي ويجهو پهچي چڪا
آهيون ته گهٽ ۾ گهٽ ايترو ته چئي سگهون ته: مون
کان جيترو ڪم ٿي سگهيو اهو مون ڪيو آهي.“
لوئي پاسچر 13 جون 1895ع تي ويلينيوايل ايٽانگ ويو
ماڻهن کي اميد هئي ته اتي سندس صحت ۾ بهتري اچي
ويندي.
اونهاري جي مهينن دوران هو پڙهندو رهيو ۽ روڪس
سان خناق تي پنهنجي ڪم بابت ڳالهائيندو رهيو. هو
پنهنجي صحت بابت به اعتماد جو مظاهرو ڪندو هو. پر
اهو سمورو وقت هو ڪمزور ٿيندو ويو فالج جو اثر
وڌندو ويو ۽ سندس ڳالهائڻ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو
ويو.
هاڻي ڪنهن کي به بهتري جي ڪا اميد نه هئي. پاسچر
جا ڏينهن ڳڻجي چڪا هئا. 27 سيپٽمبر تي سندس آخري
تڪليف شروع ٿي. کيس ڏاڍو خطرناڪ سور ٿيڻ لڳو ۽
فالج وڌندو انهي سرگرم جسم کي کائيندو ٿي ويو.
مادام پاسچر سندس هڪ پاسي کان ويهي سندس هٿ پنهنجي
هٿ ۾ جهليون ويٺي هئي. هي پڪو ڪيٿو لڪي ٻئي هٿ ۾
صليب جو نشان جهليون ويٺو هو.
اسان وٽ پاسچر جي اها آخري تصوير آهي. هو ڪجهه
ڪلاڪن جي اندر فوت ٿي ويو پر توهان هن ماڻهو کي
وساري نه سگهندو توهان جڏهن به پاسچرائيڊ
کيرپيئندا؛ جڏهن به ڪنهن اسپتال ۾ بي ڊپا ٿي داخل
ٿيندو، توهان کي جڏهن به اهو اطمينان ٿيندو ته
توهان جو ٻار خناق وگهي نه مرندو، توهان جڏهن به
پاڻ کي انهن دشمنن کان محفوظ سمجهندا جن توهان جي
وڏڙن کي ماري ڇڏيو هو ته توهان کي پاسچر، سندس ڪم
۽ سندس ذهانت مان ڦٽي نڪرندڙ بهترين صحت افزا اصول
ياد ايندا. |