سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :8

شاهه صاحب جي ايندڙ ورسي جي رسالي لاءِ ڪڏهن ڪو ليکه موڪلجي. دير ۾ دير ڪڏهن؟ خيال پيو ڪريان ته سر رامڪلي ۾ جوڳين وغيره نسبت پوريون حقيقتون هٿ ڪري لکي موڪليان. اوهان کي گهربو هو. پوني مان لڇمڻ خوبچنداڻي اوهان کي لکيو آهي ته اوهين اسانجي سوسائٽي جي رسالي لاءِ ليکه لکي موڪليو ته گهڻي مهرباني. سو اميد ته ان لاءِ به ڪجهه وقت ڪڍي سگهندا. ان رسالي جا 3 ڀاتي ٿيندا انگريزي (مکيه)، هندي ۽ سنڌي. خاص مطلب آهي ته هتي جي غير سنڌين کي سنڌين جي تاريخي ۽ ادبي ڳالهين جي خبر پوي. اميد آهي ته هندستان جي ڪن ماهرن کان به انهن ڳالهين تي ليکه ملن خاص ڪري سنڌي ٻوليءَ نسبت اوهان جو ليکه رسالي کي سوڀيا ڏيندو. اها پڪ اٿم.

اوهان جي يونيورسٽي جي مئگزين ته نڪرندي هوندي. جي ڀانيون ته ان مان ڪجهه پرائي سگهون ته ضرور موڪلڻ جي تڪليف وٺندا، بشرطيڪ اهو سڻائي مان ٿي سگهي. سنڌ جي علمي دنيا سان ڪجهه ناتو رهندو ئي ايندو. گهڻي قرب سان.           - جئرامداس

....4....

* مورخ 6 ڊسمبر 1964ع، نيو دهلي

پيارا دوست،

اڃان اڳيون قرض ئي ڪونه لاٿو هوم ته نوان قرض مون غريب تي مڙهيا اٿو!

ڪم جي ڀيڙ اوهانجي اڳئين خط جو بروقت جواب نه ڏيڻ ڏنو. دير ٿي ويئي رهجي ويو. سڀان سڀان ڪندي اڄوڪيءَ ڪواٽيءَ منزل تي رسايو اٿس. جو لڄارو ڪيو اٿس. بلا پئي انهيءَ ڀپڙ تي، شل وري منهن نه ڏيکاري! هاڻي به اڌ رات اچي ٿي آهي. وري به انهيءَ سڀاڻ سڀاڻ جي سستي اچ ورايو، پر نيڻن سان لڙي نيٺ کين اوجاڳي لاءِ مڃايم ته هي نئون قرض جو اچي چڙهيو آهي. سو وڌيڪ وجهڻ جي حد بي شرمي جو گناهه نه ڪرائيم. سو عنات جو ڪلام اچي سلامت هٿ ۾ رسيو. ان کي به ٻه مهينا اچي ٿيا. ٻٽو. قرض چڙهي ويو.

پهرين ڏينهن ته ”مقدمه“ شروع ڪيم ٻه ڪلاڪ ته دل نه چيو ته ڪتاب ڇڏ پوءِ وقت پي پڙهيو اٿم. اوهان جي خدمت کي سلام آهن. اڄ پورو ڪيو اٿم. پورهئي جي به ڪا حد ٿيندي آهي! پر هيتري ٻئي ڪم هوندي کوجنا جو ايڏو اونهو ڪم ڪري سگهيا آهيو، ان مونکي عجب ۾ وڌو. مان نٿو ڀانيان ته ڪنهن به سنڌي شاعر تي اهڙي قابليت ۾ کوجنا جي اونهائي سان ”مقدمه“ لکيو ويو آهي. ”متن“ تي محنت، اها وري ٻي علحدي ڳالهه آهي. اها به وڏي جاکوڙ جو باب آهي. مونکي ذرو به شڪ نه آهي ته اڌ صدي کن تائين هي ڪتاب پنهنجي جڳهه والاريندو رهندو. سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان هن ۾ اهو مال آهي جو شاهه صاحب جي رسالي ۾ به نه آهي. ڏاڍا ڪهنا، چيدا ڳوٺاڻا لفظ بيت بيت ۾ ڀريا پيا آهن. لغت لاءِ اکنڊ ڀنڊار آهي. ڇاپو به ته تمام سٺو آهي. ڪيڏو نه ڪم اتي ٿئي پيو. اوهان جي ڪُلهن تي بار چڙهندو ئي رهي ٿو. پر مان ڏسان ٿو ته اهي جهڪڻ جهڪڻ جي ماڳ الٽو اڀا کڙا ٿيا بيٺا آهن. مبارڪون! مان ته چوندو آهيان ته مڙس اهي آهن جي هر سال هڪ سوان جوان ٿيندا وڃن. شل سکي هجو.

نياپا نينهن گاڏئان، ڪو پائر پانڌي ني

اميد ته پهچي ويندا. قربن سان.

 - جئرام داس

....5....

مورخ 1 سيپٽمبر 1965ع، نيو دهلي

پيارا نبي بخش، شل سدا خوش هجو.

ڪالهه هڪ ننڍڙو ليکه موڪليو اٿم. امرڪوٽ (عمرڪوٽ) جو 17 – 16 صدي جو رهواسي هڪ سوامي نجانند ٿي گذريو آهي. ان جي چيلي 17 صدي ۾ 600 سنڌي بيت چيا آهن جي ڇپيل آهن. مان انهن جي ڳولها ۾ آهيان. ٻوليءَ جي تاريخ جي لحاظ کان اها هڪ دلچسپ گواهي ٿيندي. جي  ان ننڍڙي ليکه پڙهڻ جو وقت ملي ته رايو موڪلجو. هڪ بيل گاڏي (جي تصوير) هن خط سان شامل آهي. ”قربن سان ڀريل“.

- جئرام داس

.....6....

* مورخ 16 آگسٽ 1970ع، نيو دهلي.

مهربان دوست،

تمام گهڻي وقت پڄاڻان اوهان کي لکي رهيو آهيان. ڪيترائي ڀيرا لکڻ جو خيال آيو آهي ته ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪري ٻين ڪمن ڪري لکپڙهه گهٽائڻي پئي پئي. تان جو اڄ زور ڪري ٻيا ڪم پاسي ڪري ٻه اکر لکان ٿو.

خدا جي فضل ۽ رحم سان اوهان جي تندرستي بلڪل ٺيڪ هوندي ۽ پورهيو سرير کي تازو توانو رکندو ايندو هوندو. هي خط ٻن مطلبن لاءِ (خود مطلبي جو مثال) لکي رهيو آهيان. دودي چنيسر نسبت پراڻي ۾ پراڻا بيت کپنم. ڳاهن جي صورت ۾ شايد آهن. اوهان جي رٿيل Folk Literature جي ڪنهن ڪتاب ۾ آهن، اهو ڪتاب کپندم.

”بيان العارفين“ ۾ جيڪي شاهه عبدالڪريم جا سنڌي بيت آهن انهن مان ڪن جو Photo Print کپيم ۽ ان سان گڏ سڀني بيتن جو نقل، تُز انهيءَ صورتخطيءَ ۾ جهڙا پرائي  هٿ اکر نسخي ۾ هجن.

اوهان کي تڪليف ڏئي رهيو آهيان. معاف ڪجو. ”Sindhology“ جي ڪنهن به وشيه تي اوهان تازو ڇپايو آهي، جي ڇپايو هجيو ته اهو به کپندم.

منهنجي خود مطلبي جو مٿيون سڀ شاهديون آهن! شل سدا خوش هجو. گهر ٻار سان قربن سان.                             - جئرامداس

محترم جوھر بروھي

فريدآباد

عزت مآب گرامي قدر سائين ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪمِ سائين جن جي مصروفيتن جي مدنظر ھن خط لکڻ جي سگھ ساري نه ٿو سگهان، پر با مجبوري عرض گذار آهيان جي طبع ڪريم متحمل ٿي سگهي ته  جواب ۾ ٻن لفظن لکڻ جي عنايت فرمائيندا. هن بيت متعلق عرض آهي:

جبل جيڏو ئي، جو آڏو آريچن کي،

وٺي ور واٽ ٿئا بُرفت بروئي،

رڻن ۾ روئي، پسان مان پنوهه کي.

شاهواڻي جي رسالي ۾ اهو (بروئي) لفظ بروهي آهي. هاڻي عرض اهو آهي ته لفظ برفت فارسي مصدر رفتن جو ماضي مطلق آهي يا رند قبيلي مان نڪتل شاخ ساسولي جو ذڪر آهي جيڪي بلفت جي اولاد آهن. اميد ته روشني وجهندا.

خادم سبقا رسالو جناب الحاج رسول بخش خان ڏيري وٽ پڙهي رهيو آهي، انهن وٽ به هي بيت عرض رکيو هيم انهنجي ايماءَ تي هي عرض حضور اعليٰ ۾ ڪري رهيو آهيان.

ٻيو عرض آهي ته پاڪستان بروهي پبليڪيشن سنڌ جي طرفان خدمت اقدس ۾ بروهي ڪتاب بطور هديه پيش ڪيون، اميد ته اهڙو اجازت نامون به عطا ٿيندو. سلام جناب حاجي رسول بخش صاحب جن جا پيش خدمت آهن.

- خادم، جوهر بروهي

محترم پروفيسر جهمٽ مل ڀاوناڻي

ايڊووڪيٽ، ڪلڪته (جولاءِ 1976)

منهنجا مربي ڀاءُ،

اول خير، گذريل سال، اوهان ڏي خوش خير و عافيتي خط، ٻه ڀيرا، هتي ٽپال ۾، پنهنجن هٿن سان پاڻ وڌم. انتظار ڪيم پر پهچ نه آئي. ٻيو خاص ڪي ڪين وسهيم، ڇو ته ٽپالن تي ويسهه ڪهڙو؟

ٻه چار مهينا ٿيا ته ٽپال رستي هت هڪ ڪتاب رجسٽر پهتم. حيدرآباد سنڌ کان آيل هو. دل ڀرجي آيم. مُني صدي اجها ٿي ڀرجي اچي، تنهن لڳه حيدرآباد سنڌ ۾ جنميو هئوس. ننڍپڻ ۾ ديوان صاحبن هٿ رکيم ۽ تڏهن سندن ڀر واريءَ وڏي اوطاق ۾، مرزا قليچ بيگ صاحبن کي پيرين پوڻ جو موقعو نه مليم، پر وڏا ڀاڱا ڀرجي آيم جو جلد ئي مرزان صاحبن جي ڪشش ٿي ته ”ڦليلي“ جي هن پار، مرزا جن جي ڳوٺ ۾ وٽن وڃي شاهه جو رسالو پڙهڻ سمجهڻ شروع ڪيم. اتي شاهه جا رسالا ٻيا به ڏٺا هئم پر مرزا صاحب جن جي رسالي لاءِ اڄ به سڀني کان سرس نياز اٿم. ڪراچيءَ ۾ ڏيارام ڄيٺمل سنڌ ڪاليج ۾ پڙهڻ لاءِ ويس. پر اباڻو گهر اتي ئي هوندو هوم. هيراباد پوءِ لڏي وياسين جتي منهنجي چاچي وسڻ مل مورج مل جا ڳهه ٺهرائي. ڪراچيءَ ۾ پڙهندي، نيو هاءِ اسڪول ۾ ماستري ڪيم جتي لالچند امر ڏنئي مل جو سنگ نصيب ٿيم. سنڌي لکڻ تي تڏهن هٿ هريم ۽ تڏهن سنڌ ساهت سوسائٽي جي رسالن ۾ منهنجا به ڇهه کن رسالا ڇپجي ظاهر ٿيا هئا. وڪالت پاس ڪيم ۽ جيتوڻيڪ وڏو سالو ڄيٺسنگ رامچنداڻي حيدرآباد سنڌ جو برکه وڪيل هئوم، جيتوڻيڪ ٻيو سالو ڊنگومل نارائن سنگ رامچنداڻي بالسٽر ڪراچيءَ ۾ واڌومل ڪمپني ۾ هئوم ته به مون وڃي ميرپورخاص وسائي جتي اول پوليس پراسيڪيوٽر هوس ۽ پوءِ نجي وڪالت شروع ڪيم. ميرپورخاص ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي صاحب سان ادبي موقعي تي ڏيٺ ٿيم، جيتوڻيڪ مون واري وقت جي شروع ۾ ڊاڪٽر صاحب به ساڳئي ڪاليج ۾ برک ٿيل شاگرد هو. ميرپور ۾ موسوي، عثمان علي انصاري، شهواڻي ۽ حيدر بخش جتوئي وغيره سان گهرائي نصيب ٿيم. پوءِ وري حيدرآباد سنڌ ۾ ڄيٺمل پرسرام، ڀيرومل مهرچند، نانا غلام علي وغيره جو سنگ پلئه پيم. ٿياسافيڪل سوسائٽي ۾ به وڃبو هو ۽ ڀرسان ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم (خليل) سان ڏيٺ ٿيم، پر سندس شعر ۽ شاعري ڪتاب جو پهريون ڀاڱو ڀارت ۾ آئي بعد پڙهيم. اسهڻ جي ويل اچي ويئي آهي، پر چٽيون ڪي يادگيريون حيدرآباد سنڌ جون ۽ سڄي ٿر جون اٿم ئي اٿم. سنڌ ڇڏڻ پڄاڻان، بمبئيءَ مان. وري به پنهنجي انهيءَ حيدرآباد سنڌ سان ساتهڪ سٻنڌ جاري ٿيم ۽ اهو وري جاري ٿيل وقت مان پنهنجي سڄيءَ حياتي جو سڀ کان اعليٰ عرصو وسهندو آهيان.

ورهاڱي پڄاڻا، پهريون ڪتاب جو اچي لکيم سو آهي، ”سنڌي شعر – ڇند سڳنڌ“. انجي مهاڳ ۾ هاڻي مرحوم لاسنگ اجواڻي لکيو هو ته مون هند سنڌ ناتي نرنئه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ادبي کيتر ۾ منهنجو ڍولامار ڪتاب ان ڏس ۾ ئي ڪيل ڪوششن جو ڦل هئو. سنڌي شعر جو ٻيو ڀاڱو علم عروض تنهن ۾ نظم بندي جي مدنظر، سنڌي شعر جو اردو شعر سان سٻنڌ ڏيکايم، هندي شعر سان تواريلي حقيقتن سان، ٻنهين کي ڀيٽيندي. منهنجو اڀياس خسيس آهي. علم اٿاهه آهي، پر مکيه اُدم انهيءَ ڏس ۾ پئي لڳايو اٿم ته سنڌي شعر ۽ شاعريءَ جو ڀارتي شعر ۽ شاعريءَ سان وڌيڪ ۽ وڌيڪ سٻنڌ پيو ڳوليندو رهان. ڪامل جو ڪلام جو اوهان وٽ آهي اهو ته شاهه جي شعر مان چونڊ آهي. سڄو رسالو تڏهن ملڻ ئي محال هو ۽ جيڪي سنڌي هتي اچڻ بعد سنڌي پڙهيائي ڪين هئا پر هندي لازمي طور پڙهندي ديوناگري اکر سکيا هئا، تن لاءِ وري ديوناگري ۾ شاهه جو چونڊ شعر تيار ڪيم جو ڇاپايو ويو. ڪلياڻ جو شاهه جو رسالو ڪن ٿورن کي خريد ڪرڻ جي طاقت آهي سو ڪامل جو ڪلام جلد نيڪال ٿي ويو. اها شاهه جي شعر جي چونڊ مون لاءِ منهنجي حياتي جي مکيه مواد کان الڳه هئي. سنڌ هنڌ جي شاعري ۽ ادبي اصولن جو ناتو ڏيکارڻ لاءِ گهڻا هندي ڪتاب پڙهڻا پيم جن جو نتيجو نڪتو. ”پنج گنج – ڀارتي ساهتيه سڌانت“ منهنجي پريتم نالي گهنشام بگو مل پنهنجي پتا جي يادگيرين لاءِ سٽاپن ڪيل ٽرسٽ مان هن ڪتاب جي ڇپائيءَ جو خرچ ٻنهين لپين، عربي توڙي ديوناگري ۾، هموار ڪيو. ديوناگري ۾ ڇپجي تيار ٿيو. پني ۽ ڇپائي جا اگهه چڙهي ويا ۽ منهنجي پريتم عربي سنڌي ۾ ڇپائڻ کان نابري واري....

ٻي هڪ مراد ڪڏهوڪو هيم پر هاڻ پوري ٿيڻ محال آهي: راجستاني دوهن ۾ سنڌ جي آس پاس وارن علائقن جي شاعرن جو اڀياس ڪندي ڊاڪٽر گربخشاڻي واري رسالي ۾ ڏنل شاهه جي شعر بابت ڪي شنڪائون من ۾ پئي جاڳيون اٿم. پر هو صاحب هو علم ادب ۾ هاٿيءَ مٽ ۽ آءٌ آهيان هڪ خسيس ڪِلئي، سو چاهيم ته شاهه جي رسالي جو قلمي نسخو پاڻ پڙهي، پنهنجا تڇ ويچار اتي جي حالي دماغن حوالي ڪريان.

خط بدران دراز داستان ٿي ويو آهي. اوهانجي مشغولين ۾ رڪاوٽ وڌي اٿم سو معافي طلب آهيان. پنهنجي صحت جو سماچار سهوليت سان ڏجوم. جويو صاحب ۽ غلام محمد گرامي ۽ ٻين لاڳاپيلن جي خبر چار به سهوليت سان ڏجوم. جويو صاحب ۽ غلام محمد گرامي ۽ ٻين لاڳاپيل جي خبرچار به سهوليت سان موڪلڻ جي مهر ڪجوم. اڳي مهراڻ ۾ لکيو هئوم ۽ وري ٿو دهرايان ته سنڌ هند جدا ٿيا پر اسان سنڌين جون ٻنهين طرفان دليون جدا ٿئيون ڪين آهن، برابر اوهين سڀ اتي جا سنڌي پاڪستان جا وفادار عناصر ۽ اسين هتي جا سنڌي ڀارت جا سچا ديس واسي ٿي رهندا پيا اينداسين. پر نينهن جا ناتا شل توڙ تائين نباهيندا رهون ته لکه کٽياسون. شاهه، سچل، سامي ۽ ٻيا پنهنجين دلين ۾ جيسين سمايل هوندا، تيسين اوهين اتي جي سنڌ ۾ ۽ اسين هتي واري هينئين ۾ سانڍيل سنڌ ۾! سڀ سدائين سنڌي! قرب ۽ عزت سان.

- جهمٽ مل

محترم قريشي حامد علي خانائي

گورنمينٽ ڪاليج نوابشاهه (1990 – 3 – 17)

بخدمت جناب استاد محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم: احوال عرض ته دوئين طرفين خيريت مطلوب.

عرض ته ”لب تاريخ سنڌ“ جي انگريزي مقدمي ۾ اوهان ”خداداد خان“ جي تصنيفات جو ذڪر ڪيو آهي، تن مان ”خيرپور نامه“ جو به اوهان ذڪر ڪيو آهي ان ۾ اوهان فارسي متن جو حوالو ڏنو آهي. عرض آهي ته اهو مذڪور ڪتاب اوهان جي نظر مان گذريو آهي، يا صرف مصنف جي لکڻ مطابق جنهن جي صفحن جو حوالو ڏنو آهي، بيان ڪيو آهي. اهڙي طرح سان ”ڀل نامه“ ۾ پڻ مصنف جو ڪتاب آهي.

تازو مصنف جي باري ۾ مون ڪجهه لکڻ گهريو ٿي. ان سلسلي ۾ پنهنجن ڪتابن کي اٿلائيندي ”خيرپور نامه“ هٿ اچي ويو. 1891ع جو ڇاپو آهي. ان طرح سان ٻيو مذڪور ڪتاب به پاسي ڪنڊ پيل هوندو. لب تاريخ سنڌ وارن سان منهنجي ڏاڏي مرحوم جي دوستي هئي. مصنف جو شايد فوٽو به هجي. انشا الله تعاليٰ ته ان تي هڪ سير حاصل مقالو جلد ڪنهن رسالي کي موڪليندس. هاڻي عرض آهي ته اوهان مهرباني ڪري ان مذڪور ڪتاب جي صرف اهميت ۽ افاديت جي باري ۾ رهنمائي ڪندا ته مهرباني.

هن کان ڪجهه وقت اڳ ۾ اوهان جو مهراڻ رسالي ۾ ڪوٽڙي ڪبير تي مقالو شايع ٿيو هو جنهن ۾ اوهان لکيو آهي، ته قاضي ميان نظام الدين جو خاندان ختم ٿي چڪو آهي. انهيءَ لاءِ گذارش آهي ته قاضي نظام الدين جو تعلق ”قرشي خالدي“ گهراڻي سان هو ۽ ان جو خاندان اڃان به هلندو اچي ٿو. انهيءَ قاضي صاحب جي اولاد مان آءٌ (حامي علي قريشي) آهيان ۽ قاضي صاحب جي گهراڻي جي قاضي ميان عبدالرحيم جي لڙهي مان آهيان. ان جو مفصل احوال مون پي. ايڇ. ڊي جي مقالي ۾ ڏنو آهي.

”جمعو فقير“ ۽ ٻين ڪن جو ڪلام مون وٽ آهي جنهن کي اوهان لاءِ موڪلڻ جو ارادو آهي. مون کي خبر نه آهي ته سائين جن اڄ ڪلهه حيدرآباد يا اسلام آباد ۾ رهن ٿا.  – قريشي حامد علي خاندائي

.....2....

* مورخ 22 آگسٽ 2004ع نوابشاهه

بخدمت حضرت استاد سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪمِ دوئين طرفين خيريت مطلوب.

احوال عرض ته تازو سائين جن جي پياري سعادتمند شاگرد ۽ اسان جي پياري دوست ڊاڪٽر غلام رسول قادريءَ صاحب جو پي. ايڇ. ڊي لاءِ تيار ڪيل مقالو ”مخدوم محمد هاشم ٺٽوي“ شايع ٿيو آهي، اهو مقالو سائين جن جي رهبري ۽ رهنمائي ۾ تيار ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڪتابي صورت ۾ ڏاڍي سهڻي نموني ۾ شايع ٿيو آهي. ان لاءِ سائين جن جي خدمت ۾ ”مبارڪ“ عرض رکان ٿو. اميد ته قبوليت جو شرف حاصل ٿيندو. سچ پچ ته ڏاڍي خوشي ۽ مسرت ٿي. اگر انهيءَ ڪتاب جو اردو ترجمو تيار ڪيو وڃي ته اردو دان طبقي لاءِ به هي ڪتاب ڪارآمد ثابت ٿيندو. مخدوم ٺٽوي تي ان طرح سان اڃان ڪوبه ڪم نه ٿيو آهي.

2. سائين جن جو هڪ ڪتاب خطن جي متعلق شايع ٿيو آهي، اگر هميشه جيان مهرباني ٿئي ته ان ڪتاب جي ڪاپي سائين ڊاڪٽر قادري صاحب اوهان جي طرف اچڻو آهي. ان جي هٿان موڪلڻ فرمائيندا نوازش.

- حامد علي خانائي

محترم حافظ حبيب (سنڌي) الله کٽي

چوهڙ جمالي، ضلعو ٺٽو (1981 – 1 – 6)

جناب محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪمِ سائين، ”سنڌ هجري ڪانفرنس“ ۾ اوهان جي تقرير ٻڌي ڪري ڏاڍي خوشي حاصل ٿي. سچ پچ ته اوهان جهڙن عالمن ۽ محققن تي اسان بجا طور ناز ڪري سگهون ٿا.

سائين، اسان چند نوجوانن گڏجي، چوهڙ جمالي ۾ ”شاهه بندر ادبي سوسائٽي“ قائم ڪئي آهي. جنهن جو مقصد شاهه بندر ۽ ڪڪراله تي کوجنا ڪرڻ آهي. سوسائٽي جي سهاري ”محمد يوسف چانڊيه پبلڪ لائبريريري“ قائم ڪئي پئي وڃي. جنهن جو افتتاح عنقريب، چيئرسن ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ٺٽه مسٽر محمد موسيٰ چانڊيه جن ڪرڻ فرمائي رهيا  آهن.

سائين، توهان هميشه تعميري ادب ۽ ادب جي ترويج ۾ لائبريرين جي قيام جي همت افزائي ڪئي آهي. انهي حقيقت کي مدنظر رکي، توهان مان اها اميد رکون ٿا ته توهان، لائبريري جي افتتاح جي مناسبت، پنهنجو ”پيغام“ موڪلي، اسان نوجوانن جي همت افزائي ڪندا ته لکه ٿورا ڀائينداسون. اوهان جي پيغام جو انتظار رهندو.

– حافظ حبيب الله کٽي

....2....

مورخ 11 فيبروري 1990ع، پوسٽ آفيس چوهڙ جمالي

محبتي و مشفقي جناب استادم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

بعد تسليمات، گذارش ته ڪافي عرصه بعد اوهان صاحبن کان رهنمائيءَ وٺڻ لاءِ عريضو لکي رهيو آهيان، اميد اٿم ته مشفقانه رهنمائي ضرور ٿيندي. اميد ته اوهان ضرور اڳئين وانگيان احسان ڪرڻ فرمائيندا.

بيگلار نامه ۾ ڪڪراله پرڳڻي اندر هڪ قلعي ناره – ناره جو ذڪر اچي ٿو. ان متعلق ڪو وڌيڪ احوال ڪهڙن ڪتابن ۾ ملي سگهندو؟

بيگلار نامه، ۾ يا انجي حواله سان سائين مرحوم حسام الدين راشدي صاحب، ان پرڳڻي ۾ هڪ قديم شهر ميليه جو ذڪر چنيسر نامه جي پيش لفظ ۾ ڪري ٿو ۽ بعد ۾ انجو مهل وقوع ڪوڇر چوهڙ جمالي لڳ ابن شاهه جي درگاهه وٽ ڪيو آهي. انجو به هٿيڪو احوال ٻئي ڪنهن فارسي تاريخ ۾ ڪٿي ملي سگهندو؟

اسان جي پاسي ”ديرو پراڻو“ ۽ اورنگا بندر آهن جن متعلق اوهان کان به پڇي چڪو آهيان انهيءَ بابت به سواءِ تذڪره امير خانيءَ جي ٻئي ڪهڙي ڪتاب ۾ مڪمل احوال ڳولهڻ گهرجي؟ مهرباني فرمائي رهنمائي ڪرڻ فرمائيندا.

جناب عالي، تاريخ شاهبندر جا ٻه باب مُهڙ وارا ختم ڪري رهيو آهيان. دعاءَ ڪجو، ۽ رهنمائي به، (پريس جي حواله ٿي چڪا آهن)

اميد ته خوش هوندا. الله اوهانکي سکي رکي.

- حبيب سنڌي

محترم حاجي خان ڪيريو

سنڌي ادبي لئبرري، قائداعظم يونيورسٽي، اسلام آباد (1983 – 2 – 14)

سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

سائين اوهانجي طرفان سنڌي ادبي لائبرريءَ لاءِ موڪليل ڪتابن جو تحفو جناب محمد يوسف ۽ محمد خان هٿان مليو، جنهن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن.

سنڌي جون رسمون ۽ سوڻ ساٺ

مومل راڻو

پنج گنج

شاهه لطف الله قادريءَ جو ڪلام

لطيف سالگره مخزن

Pakistan Journal of History & Culture

Terrestrial and Celestial Echoes

سائين اوهان جا لک ٿورا، اوهان جي طرفان اڳ به سنڌي ادب جي تاريخ تي ڪتاب موصول ٿيو هو. اوهان جي همت افزائيءَ سان اميد ته هن لائبريري کي قائم ۽ ڪامياب ڪنداسون. اوهانجون سنڌي ادب لاءِ ڪيل خدمتون تاريخ ۾ اهم جاءِ والارينديون.

- حاجي خان ڪيريون

محترم پير حسام الدين راشدي

لاڙڪاڻه (1946 – 6 – 22)

برادرم مڪرم،

السلام عليڪم: هن 14 تاريخ پنهنجي ڪاروباري سلسلي ۾ هتي پهتو آهيان. تقريبا 10 جولاءِ تائين هت رهڻ جو ارادو آهي. چنانچه سڀاڻي صبح جو خيرپور ويندس، جتي اهو سارو عرصه رهندس. سخت جهولا ۽ گرميون آهن. ليڪن وطن ڏاڍو عزيز آهي. ان هوندي به ڪراچيءَ کان صدبار بهتر لڳي ٿو.

اوهان خير سان ڪراچي اچي پهتا هوندا ۽ ساڳي وقت ٻئي ڪتاب به ڏنل اطلاع موجب حضرت ميمڻ صاحب کان (علي ڳڙهه) آندا هوندا. مونکي بيحد ڏسڻ جو شوق آهي. مان گهڻو ڪري ته خاص ماڻهو خيرپور مان موڪليندس. ٻئي خط ۾ اطلاع عرض رکندس ته توهان مون ڏي به ٻيو پارسل موڪليو. ڪتابن جا هڪ دم گڏي سمورا پيسه موڪليندس.

مان انهيءَ وچ ۾ دهليءَ مان ڪشف الظنون مطبوعه استنبول هڪ سو روپيه قيمت ۾ گهرائي ورتو آهي. ڪيترن ڏينهن کان متلاشي هيس، خدا ڪيو جو ملي ويو. سنڌ جي متعلق جيڪي سفر ناما عربيءَ ۾ آهن سي لنڊن (هالنڊ) مان گهرايا اٿم.

”عربي ادب هندوستان ۾“ توهان آندو يا نه؟

”مشاهير سنڌ“ جي فهرست ”ض“ تائين پورو ٿي چڪي آهي. انشا الله ٻن مهينن ۾ ختم ٿي ويندي ۽ پوءِ اصل ڪم شروع ٿيندو. اوهان عربي شاعرن وارو مضمون يا ته جلد شايع ڪرائيندا يا ته سمورو مٽيريل جو نقل منهنجي لاءِ تيار ڪرائيندا.

خيرپور وڃي ڪتابن لاءِ گهڻو ڪري مان ماڻهو موڪليندس. خيريت کان واقف ڪندا.                              – حسان الدين

....2....

* مورخ 30 اپريل 1946ع

برادرم محترم،

السلام عليڪم: هيٺيان ڪتاب اڄ ئي مون ڏي بذريعه وي. پي جلد موڪليندا. سيرة ابن هشام منهنجي لاءِ مخصوص ڪرائيندا انشا الله جون ۾ خريد ڪندس. باقي ٻيا ڪتاب مونکي نه گهرجن.

ابن نديم، سمعاني، ڪشف الظنون، العمده ابن رشيق، سنڌ تي سفرناما مهيا ٿي سگهن ته بهتر. ”هندوستاني اديبن جو عربي علومن ۾ حصو“ اڃان نه پهتو. جلد از جلد گهرائيندا.

مان جاءِ لاءِ ڪوشش ڪريان ٿو. توڙي جو مشڪل آهي. اميد ته بخيريت هوندا.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org