– رحيم بخش قمر
.....2.....
* مورخ 27 – سيپٽمبر 1990ع
عاليجناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،
السلام عليڪم و رحمت الله تبارڪ و تعاليٰ و برڪاته. گذارش هيءَ
آهي ته، توهان کي سنڌي علم و ادب، سنڌي ٻولي ۽
سنڌي عالمن، اديبن، سُگهڙن ۽ سياڻن جي ساٿ جو
توهان کي سرواڻ، اڳواڻ چونڊي رهبري ۽ رهنمائي جو
تاج اوهان جي سر تي رکيو ويو آهي.
انهيءَ لاءِ منهنجي طرفان دل جي گهراين وچان مبارڪ باد قبول ڪرڻ
فرمائيندا. حقيقت ۾ سنڌ ۽ سنڌ وارن لاءِ اهو نيڪ
فال آهي جو اوهان جهڙو عظيم رهبر عطا ٿيو آهي.
انهيءَ ۾ شڪ نه آهي، جو اوهان جي اڳواڻي ۾ سنڌ کي
سرس سوجهرو، جهجهو جمال ۽ سدائين سونهن سرندي
رهندي.
ارادو هئو ته، ڀٽائي گهوٽ جن جي ميلي تي ميلو ٿيندو. پر افسوس
جو اڻ ٽر مجبوري سبب، پهچي نه سگهيس ۽ ادبي
ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ قضا ٿي ويو.
وڌيڪ عرض ته شاهه جن جي تتبع تي رسالو الله تعاليٰ جي عنايتن ۽
رحمت للعالمين جن جي رحمتن سان تيار ٿي ويو آهي.
- لاکو رحيم بخش قمر
محترم رسول بخش تميمي
جاتي (10 جون 1990)
سڄڻ قبله ڊاڪٽر بلوچ سائين،
السلام عليڪم: احوال ته خط اوهانجو 5 جون وارو مليو. حال معلوم
ٿيو. سائين! نياز همايوني وارو ترجمو ٿيل ڪتاب
مقصود العارفين، نياز صاحب کيم به عنايت ڪيو آهي.
جنهن ڪتاب تان هن صاحب ترجمو ڪيو آهي، اهو ۽ مون
وٽ جيڪو قلمي نسخو آهي، سي ٻئي ساڳئي مضمون وارا
آهن. البت ڪاتب جدا (مختلف) آهن. نياز صاحب ته
الانه صاحب جي چوڻ تي اهو ترجمو ڪيو. جنهن قلمي
نسخي جو مون ذڪر ڪيو آهي. سو مون وٽ موجود آهي، ۽
منهنجي ملڪيت آهي. اهو مونکي اصل گادي نشين کان هٿ
آيو آهي. نياز صاحب کي جيڪو نسخو ترجمي لاءِ ڏنو
ويو تنهن ۾ شجرو لکيل آهي مگر فائوٽين پين سان،
باقي ڪتاب قلم سان لکيل آهي، ۽ فرق صاحب پڌرو آهي.
حقيقت ۾ مضمون اچرج جهڙا آهن. آءٌ هاڻ مونجهاري ۾ آهيان ڪه بزرگ
اصل ڪير آهي۔ ڪو ولي آهي يا ڪو حاڪم زادو، يا
.....
سندس مصروفيات هن طرح آهي، نبي صلعم جي سيرت بنان نقطن لکي پوري
ڪئي اٿم، علاوه انجي، ٺٽي جا ڪوٽ ۽ قلعا، ٺٽي جا
بندر ۽ بازارون ۽ ٺٽي جا مقبرا ۽ مسجدون اميد ته
جلد پورا ٿي ويندا. دعا ڪندا.
- رسول بخش تميمي
....2....
* مورخ 10 – آگسٽ 2004ع
قبله سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
السلام عليڪم: ”الله اوٺيئڙن ڪوسو واءُ مَ واريين.“ پير پٺي جا
ٻه سيد اوهانجو خط ساڻ ڪري جاتي آيا هئا. پر آئون
ٿر ويل هوس. ڪجهه ادبي دوستن جي دعوت تي. تازو
گذريل آچر تي ٺٽي ۾ ملياسين ۽ سومر رات ساڻن سندن
ڳوٺ رهاڻ ٿي ۽ ڪتاب جي سلسلي ۾ ويچاري فيصلو ڪيو
ويو ته ضروري لکبو.
جناب سائين! اوهانجي منشا کي انشاء الله جلد پورو ڪبو. هاڻي
اوهانجي سرپرستي ۽ نگرانيءَ کانسواءِ مواد جي
حاصلات ۾ به مدد جي ضرورت آهي. جيڪا ڪريو........
- رسول بخش تميمي
محترم رسول بخش پليجو
ايڊووڪيٽ، حيدرآباد (5 جنوري 1966)
سائين منهنجا!
توهانجي لوڪ ادب اسڪيم جي سترهين ڪتاب ”لوڪ گيت“ جي سرسري
مطالعي ڪرڻ بعد دل گهري ٿي ته هڪ پڙهندڙ جي حيثيت
۾ پنهنجا تاثرات توهان تائين پهچايان.
موئن جي دڙي جي آڳاٽي تهذيب بابت واکاڻن ٻڌڻ، ڀنڀور جي کوٽائي
مان لڌل سڌريل تهذيب جي نشانن ملڻ ۽ شاهه جي رسالي
پڙهڻ ۽ ان بابت ٻڌڻ کانپوءِ به منهنجي ذهن ۾ سنڌي
تمدن بابت جيڪو ايمانداري وارو تصور موجود پئي
رهيو آهي، سو هڪ سطحي، اڌ اسريل ۽ قدري خشڪ، نيم
تمدن جو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ عظيم ثقافتي شخصيتن ۽
نشانين کي نظر انداز ڪبو ته پوءِ سنڌ جي هيستائين
معلوم ڪيل ثقافتي تاريخ ۾ فقط ڪي ٿوريون اهڙيون
ڳالهيون وڃي رهنديون جي ان کي دنيا جي ٻين ثقافتن
کان ممتاز يا گهٽ ۾ گهٽ نرالو بنائي سگهن... سنڌ
جي مجلسي زندگي بابت جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، تنهن
مان هڪ خانه بدوش، لطيف جذبن کان محروم ۽ گهرن
احساسن کان عاري سماج جو تمدن ملي ٿو. بنگال،
پنجاب، مهاراشٽر، مني پور بلڪ خود صوبه سرحد جهڙن
آس پاس جي علائقن جي رقص، سرور، ولولي، جوش ۽ جذبي
جي داستانن جي مقابلي ۾ سنڌ جي ڳجهارتن ۽ پرولين
تائين محدود ڪچهرين جو تصور اهڙو ته ٻسو ۽ ڦڪو ٿو
لڳي جو هن علائقي جي ماڻهن ۽ انهن جي پيدا ڪيل
تمدن لاءِ سچ پچ دلي پيار ۽ پنهنجائيءَ جو جذبو
پيدا ٿي ئي نٿو سگهي. سواءِ لطيف جي اسانجي شهر جي
دنيا به مجموعي طور انهن پُر خلوص دل جي گهراين
مان نڪتل رنگ برنگي ۽ دل موهيندڙ نغمن کان خالي
آهي. جن سڄي دنيا کي عرب، ايراني، اسپيني، جرمن ۽
انگريزي شاعرن وٽ دل ڪانه هئي ۽ انهن سچ پچ هڪ رسم
جي پورائي پئي ڪئي آهي. عوامي شعر نالي ته ڄڻ اسان
وٽ ڪا شيءَ ئي ڪانه هئي. جڏهين ڪنهن بنگالي يا
پنجابي دوست سان عوامي شاعريءَ جو ذڪر ٿيندو هو ته
وڏي شرم سان اها ڳالهه قبول ڪرڻي پوندي هئي ته
اسان وٽ اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه آهي ئي ڪانه، مختلف
رسالن ۽ ڪتابن ۾ عوامي شاعريءَ جي باري ۾ جيڪي
ڪجهه پڙهيو هو سو ايترو ته اڻپورو ۽ ٿورڙو هئو، جو
ان جي بنياد تي ڪابه پختي راءِ قائم ڪري نٿي سگهي
ويئي.
انهيءَ ذهني پس منظر رکندي جڏهين مون ”لوڪ گيت“ پڙهيو تڏهن
منهنجي خوشي، حيرت ۽ فخر جي حد ڪانه رهي. هنن لوڪ
گيتن ۾ توهان جيڪا شاعري گڏ ڪري پيش ڪئي آهي سان
سنڌي عوام جي جذباتي ڪائنات جي تنوع، حسن ۽
پاڪيزگيءَ جو لافاني ثبوت آهي. هنن گيتن ۾ سنڌ جي
عام مردن ۽ عورتن جي دلين جون امنگون ۽ ارمان،
چاهه ۽ مايوسيون، اڇلون ۽ اٿلون، ڏک ۽ پيڙائون،
سادگيون ۽ سچايون، وفاداريون ۽ عظمتون سمايل آهن.
ڪن ڪن گيتن جون سٽون بلڪ سڄا سڄا بند دنيا جي عظيم
ترين شاعريءَ جون سڪون لاهين ٿا. هن کان وڌيڪ پر
خلوص ۽ بي ساخته شاعريءَ جو مثال مشرق توڙي مغرب ۾
نٿو ملي. اسانکي معصوم پيار جي پهرين امنگن کان
وٺي عظيم محبتن جي زبردست قربانين تائين، سانوڻ
ٽيج، هچڪي ۽ پڻهاري جي خالص گهريلو رومان کان وٺي
لٻڪياڙي لوءِ، همرچو جي وجد آفرين ميٺاج ڀري ترنم
تائين هر جذبي جو اظهار ملي ٿو. ”ٽرڙڙڙ، ٽرڙڙڙ“
جهڙن لفظن کان بي نياز، خاص موسيقي ڀريل گيتن جي
وجد انگريزي اثر ته روح کي اصل مست بنايو ڇڏي.
توهان جو مهاڳ پنهنجي جاءِ تي هڪ انفرادي علمي
مقام ۽ ادبي دلڪشي رکي ٿو. سنڌي ادب ۽ عوام کي
هئڙي خوشيءَ جي خزانن سان ڀرپور کاڻ ڳولي ڏيڻ لاءِ
سنڌي عوام جا موجوده توڙي آئينده نسل توهانجا
هميشه هميشه لاءِ ٿورائتا ۽ احسانمند رهندا.
توهان هيستائين انهيءَ اسڪيم هيٺ جيڪي ڪجهه پيش ڪيو آهي، سو هڪ
ايڏو عظيم ۽ ناقابل تصور ڪارنامو آهي. جنهن جي
سرانجام ڏيڻ لاءِ هڪ عالم نه پر عالمن جو هڪ پورو
نسل بلڪ گهڻا نسل درڪار هئا. اهي زبردست ۽ قيمتي
ڪتاب اسانجي ادبي محل جا مضبوط ۽ دائمي پيڙهه جا
پٿر رهندا. سنڌ جو اڄوڪو تنگ نظر ۽ پنهنجي نغمي
نقصان کان غافل ۽ لاپرواهه نسل پنهنجي ههڙي وڏي
خوش بختيءَ کان واقف هجي يا نه، پر تاريخ توهانکي
سنڌي ادب جي انهيءَ عظيم ڪچهري جي پهرين صف ۾ جاءِ
ڏيندي، جنهن جو مير مجلس لطيف آهي.
سنڌ جي هڪ عام ماڻهوءَ ۽ سنڌي ادب جي هڪ عام چاهيندڙ جي حيثيت ۾
آئون توهانجي عظيم ڪارنامن لاءِ توهانجا ٿورا
مڃيان ٿو.
- رسول بخش پليجو
محترم رشيد احمد لاشاري
ڪراچي (28 فيبروري 1959)
بخدمت جناب واجب التعظيم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاته، عرض ته هيءَ پهريون دفعو
آهي جو اوهان صاحبن جي ڪرم فرمائيءَ جو اميدوار
بنجي، هڪ اهم ڪم لاءِ خدمت سڳوريءَ ۾ عرض گذاري
رهيو آهيان. اميد ته هن جهوني گنهگار کي پنهنجي
قريبي رشتدار جي ڪڙي ۽ ڪرم فرمائي جي زمره ۾ شامل
فرمائي، پنهنجي احسان کان مشڪور ۽ ممنون
فرمائيندا.
عرض هي آهي ته هن ناچيز ڪيتري وقت کان وٺي خواجه غلام فريد
چاچڙن واري جو ڪلام مرتب ڪرڻ شروع ڪيو هو. مولوي
عزيز الرحمٰن وارو ديوان فريد جو سڄو نسخو سامهون
رکي. هر هڪ ڪافي جدا جدا پني تي صحت لفظي جو خيال
رکي جدا جدا پني تي لکي هيم. سندس غير مرتب ڪالم
يعني سنڌي ڪافيون ۽ سرائڪي ڏوهيڙا پنهنجي دوست ۽
پير ڀائي رسول بخش خان حجام ڪشموري ۽ پنهنجي والد
مرحوم جي جهوني دوست رسول بخش خان ميراثي، (گويو
ويٺل داجل تحصيل ڄام پور ضلع ڊيره غازي خان) وٽان
حاصل ٿيو هو. اهو ڪلام هن وقت تائين ڪنهن به ڇاپي
۾ نه آيو آهي. مثلا: خواجه صاحب جو هيٺيون مشهور
ڏوهيڙو جنهن جون خط لکڻ وقت فقط ٻه سٽون ياد اٿم:
هر ويلي تانگه هي دلبر دي، سڏ ماران، ڪانگ اڏاران،
غلام فريد مين رووان اينوين، جيوين وڇڙي ڪونج قطاران.
تازو محترم رسول بخش ڪشموري منهنجي هڪ خط جي جواب ۾ لکيو ته
خواجه فريد صاحب جن جو اردو، فارسي ڪلام، سنڌي
ڪافيون سرائڪي ڏوهيڙا خود سندن درگاهه چاچڙ شريف ۽
صوفي گل محمد جي ٽولي وٽان اڃان به عام جام حاصل
ٿي سگهندا ۽ خود سجاده نشين وٽان خواجه صاحب جن جا
قلمي نسخا ۽ مختلف بياض حاصل ڪري، ان سان سڄو
مسودو ڀيٽي سگهبو. تون جلد ڪشمور هليو اچ ته آءٌ
توسان گڏجي چاچڙ شريف هلان.
اهڙي طرح مون رساله ”ماه نو“ ۾ اردو، پنجابي جي مختلف رسالن مان
خواجه صاحب جي سوانح حيات ۽ سندن شاعريءَ لاءِ به
ڪافي مواد ڪٺو ڪيو. هاڻي هڪ طرف سڄي ”ڪليات فريد“
کي ترتيب ڏئي رهيو هوس ۽ ”ديوان فريد“ جو هڪ جهونو
نسخو جناب قبله مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ وٽان
به وٺي آيو هوس ۽ ٻئي طرف برادرم رسول بخش جي
رفاقت ۾ چاچڙ شريف وڃڻ جو ارادو هو. انهيءَ لاءِ
جناب محترم محمد ابراهيم صاحب جوئي سان ذڪر ڪيم ته
جيڪڏهن بورڊ جي طرفان هن ناچيز کي ”ڪليات فريد“ جو
ڪم ڏنو وڃي ته انشاء الله نهايت خير و خوبيءَ سان
سرانجام ڪري ڏيندس. مگر ڪيترن ڏينهن جي انتظار بعد
مس مس جواب مليو آهي ته اهو ڪم ڪنهن ٻئي ماڻهو کي
ڏنل آهي، ۽ ان جو آخرين فيصلو ڪونه ٿيو آهي ۽ جناب
ڊاڪٽر بلوچ صاحب جن ئي ان سلسلي ۾ پنهنجو آخرين
رايو ڏيئي سگهن ٿا.
قبله محترم، مون نه رڳو ”ڪليات فريد“ کي سنڌي رسم الخط ۾ لکيو
آهي ۽ ان کي اعراب سان سينگاريو ۽ سنواريو اٿم پر
ڪتاب جي آخر ۾ مولوي عزيز الرحمٰن وانگر هر هڪ شعر
جي لفظن جي معنيٰ ۽ ترجمو ۽ شرح به لکندو ويو
آهيان. هينئر جنهن صورت ۾ ڪتاب جي مسودي کي صاف
ڪرڻ جي منزل ۽ ان ۾ اضافي جي ضرورت آهي، تنهن صورت
۾ ناچيز کي خدمت جو موقعو نه ڏيئي، نظر انداز ڪرڻ
نهايت ڏک جهڙي ڳالهه آهي. واضع رهي ته اهڙيءَ طرح
بدقسمتي ۽ بيقدري هن ناچيز جي دماغي ڪاوشن کي هن
کان اڳ به ڪيترا ڀيرا رديءَ ۾ کڻي ڦٽو ڪيو آهي.
مثلاً:
”عڪس لطيف“ منظوم اردو ترجمو شاهه عبداللطيف، آغا تاج محمد کسي
ورتو. ”روح لطيف“ منظوم اردو ترجمو شاهه جو رسالو،
ڪجهه ڇپيو ۽ باقي سڄو قلمي صورت ۾ موجود ئي هو ۽
ان ۾ ڪنهن اهل زبان جي اصلاح ۽ مدد جي ضرورت هئي
ته انهيءَ لاءِ شيخ اياز کي منتخب ڪيو ويو. سچل جو
سرائڪي ڪلام اردو ۽ سنڌي رسم الخط ۾ جدا جدا نسخن
۾ تيار ڪيم ته معلوم ٿيو ته بورڊ جي طرفان اهو ڪم
جناب مولوي محمد صادق راڻيپوريءَ کي ڏنو ويو آهي.
جيئن ته مولانا صاحب کي آءٌ پنهنجو جهونو بزرگ
تسليم ڪندو آهيان، تنهن ڪري پنهنجي سڄي محنت
مولانا صاحب جي مرتب ڪيل نسخي ۾ ئي شامل ڪيم ۽
پورا ڇهه مهينا انهيءَ نسخي جي نئين سر تاليف تي
سنڌي ادبي بورڊ جي آفيس ۾ ويهي عرق ريزيءَ کان ڪم
ورتم. اهو نسخو هينئر ڇپجي رهيو آهي، اميد ته ڇپجڻ
بعد اوهان صاحبن کي هن ناچيز جي محنت جو ڪافي
احساس ٿيندو ۽ خود مولانا صاحب جن کي به اهڙي سهڻي
شيءَ ڏسي خوشي ٿيندي. اهڙيءَ طرح بورڊ ۾ پنهنجي
بدقسمتيءَ سبب، وري هينئر ”ڪليات فريد“ جي سلسلي ۾
منهنجي محنت جي برباديءَ ٿي رهي آهي. تنهن ڪري
مجبورا اوهان صاحبن کي استدعا ٿو ڪريان ته نوازش
فرمائي، منهنجي ادبي ذوق، غريبي، بيماري، ذهني ۽
مالي پريشاني ۽ متواتر دُنيا وارن جي پاران حق
تلفي ۽ ڌوڪيبازيءَ کي مدنظر رکي. انهيءَ سلسلي ۾
منهنجي هر طرح مدد ڪرڻ فرمائيندا. ڇاڪاڻ ته هن وقت
مون کي بورڊ جي طرفان فقط 150 روپيا ماهوار ملي
رهيا آهن ۽ زندگيءَ کان بيزار ۽ نهايت حيرات ۽
پريشان آهيان. تنهن کانسواءِ مون ارادو ڪيو هو ته
”ڪليات فريد“ کانپوءِ هيٺيان ڪتاب مرتب ڪندس.
1. سلطان باهو جا بيت (سرائڪي لب و لهجه موجب ۽ سنڌي ۾ عام
مشهور) 2. بُلي شاهه جون ڪافيون 3. مولوي قادر بخش
ڪاپاري واري جو ڪلام.
مولوي قادر بخش مولانا همايونيءَ جو همعصر ۽ سنڌي، سرائڪي ۽
فارسيءَ جو نهايت پخته گو شاعر هو. ڪاپاري، صحبت
پور، تحصيل نصيرآباد بلوچستان ۾ اسان جي ڳوٺ دين
محمد خان کوسه کان 12 ميل پري آهي، ۽ منهنجي سوٽ
عطا محمد لاشاري منهنجي چوڻ تي قادر بخش جو سڄو
ڪلام نقل ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح جيڪب آباد ۽ ناڙيءَ
جي سڀني شاعرن ۽ سگهڙن جو ڪلام به هوريان هوريان
گڏ ڪري رهيو آهيان. بس، وڌيڪ اوهان جي خدمت ۾ ڇا
عرض ڪريان زماني جي پريشانين موت جو منظر بنائي
ڇڏيو آهي. پر تنهن هوندي به پنهنجي زبان ۽ ادب جي
خدمت کي هٿ مان نه ڇڏبو. ”مرون کنيم ماس، ته به
هڏا هلندا هوت ڏي...“
- رشيد احمد لاشاري
.....2.....
* مورخ 31 آڪٽوبر، پاڪستان پبليڪيشن، ڪراچي
منهنجا مربي و محسن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته! ڀٽ شاهه جي ادبي ڪانفرنس
کانپوءِ اوهان صاحبن مون تي جيڪي متواتر احسان ڪرڻ
فرمايا آهن، تنهن لاءِ مان اوهان جو سڄي زندگي شڪر
گذار رهندس. اسان جا وڏڙا ويچارا سچ چوندا آهن ته
”ڀرا ڀراوان دي، ڇڇڙ ڪانوان دي“ پنهنجو خوني رشتو
هن ناچيز جي هزارن اوڻاين ۽ نالائقن جي باوجود
اوهان کي منهنجي مظلوميءَ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ مجبور
ڪري ٿو، جنهن لاءِ هزار بار مبارڪباد جا مستحق
آهيو.
اوهان منهنجي هڪ رواجي نظم تي هڪ سو روپين جو گرانقدر انعام
موڪلي، پنهنجي ڪرم نوازيءَ جو هڪ زبردست مظاهرو
ڪيو آهي ۽ عين انوقت منهنجي مدد ڪرڻ فرمائي اٿو
جڏهن آءٌ دمڪشيءَ جي دوري ۾ مبتلا هوس ۽ دوائن جو
اسٽاڪ ختم ٿي چڪو هو. اوهان کي معلوم هئڻ گهرجي ته
هن وقت مان چوويهه ڪلاڪ دوائن جي زور تي هلان ٿو ۽
دوائون تمام مهانگيون ۽ منهنجي غربت کان مٿي آهن.
سنڌي ادبي بورڊ جي گذريل 28 آڪٽوبر واري ميٽنگ ۾ جڏهن مون ناچيز
جو سوال آيو تڏهن معلوم ٿيو ته سڀ کان اڳ اوهان ئي
مون ناچيز جي ادبي خدمتن ۽ شاعرانه صلاحيتن کي
ساراهيو ۽ بورڊ ۾ معمولي رقم تي نوڪري ڪرڻ جي
بدران پارٽ ٽائيم ۾ ادبي ڪم ڏيڻ لاءِ زوردار سفارش
ڪئي. بس! انهيءَ کان وڌيڪ احسان هن ظالم زماني ۾
ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو؟ اوهان گويا مسيحا بنجي مونکي
نئين ۾ زندگي بخشي آهي. الله تعاليٰ اوهان کي
سلامت تاقيامت رکي!
هن گذارش جو خاص مقصد هي آهي ته مون کي پنهنجي باقي زندگي ۾ هڪ
مربي ڀاءُ جي حيثيت ۾ اوهان جي رهبريءَ جي بيحد
ضرورت آهي. هن وقت نه حاجي محمود خادم آهي، نه آغا
تاج محمد، نه ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ نه محمد بخش واصف
جو انهن بزرگن کي راضي رکڻ لاءِ آءٌ اوهان سان
ٻاراڻي هلت هلان. هن وقت ته سڀ ڪجهه اوهان آهيو ۽
هن کان ڇه سال اڳ بلوچي رواج مطابق اوهان جي تڏي
تي اچي اوهان کان صدق دل سان پنهنجي گناهن جي
معافي به وٺي چڪو آهيان. براه نوازش مون ناچيز کي
بورڊ جي 14 نومبر واري ميٽنگ کان اڳ موقعو ڏيڻ
فرمائيندا ته خدمت ۾ حاضر ٿي اوهان جي هدايتن
مطابق پنهنجي ادبي خدمتن جو ڪو مڪمل ۽ مستقل
پروگرام تيار ڪريان ۽ اوهان جي رهبري هيٺ سنڌ کي
اهو ڪجهه ڏيئي وڃان، جو موجوده دور ۾ ڪنهن به ڪونه
ڏنو هجي. والسلام. اوهان جو گنهگار ڀاءُ. |