نياز مند، آغا محمد اسماعيل
محترم محمد صديق محمد صالح ڪلر
ڏيپلو (4 اپريل 1969ع)
بخدمت جناب و اعليٰ شان ڊاڪٽر نبي بخش خان صاحب
اسلام عليڪم عرض ته هي حقير، خير عافيت صاحبن جي
لاءِ درگاهه باري تعاليٰ مان شب روز جو گهرندڙ
آهي. مطلب عرض ته شامل بادشاهه جسونت جي ڪهاڻي لکي
عرض رکجي ٿي. ڄاڻايل اخبار عبرت پرچي ۾ 1969ع واري
۾ ٻين مذڪوره افرادن جي حقيقت به لکي عرض رکندس جو
اسان وٽ الهه رکيو مڱڻهار وڏيءَ عمر جو ۽ ڪوتي
ماڻهو آهي پر ان کي به جمعو مڱڻهار سان شامل
ويهاري لکندس. ارشاد ڪرڻ فرمائيندا ته عيد بعد
احوال ڏيان. ديگر عرض ته اسان وٽ هن وقت جناب خان
صاحب مسٽر الهه بچايو خان جاکرو مختيارڪار صاحب
ڏيپلي جا آهن، جنهن صاحب پڻ مون کي چيو آهي ته
احوال وٺي ڊاڪٽر صاحب جن کي موڪل ۽ سندس چوڻ مطابق
ڊاڪٽر صاحب کي منهنجا سلام عليڪم لکج سو خان صاحب
جا سلام مطالع ڪرڻ فرمائيندا.
محمد صديق محمد صالح ڪالر
محترم محمد بخش ڊاهري
ٽنڊو جام محمد خط
مورخ 10 مئي 2004ع
بيحد قابل احترام
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب
اسلام عليڪم: اڄ مورخه 25 مئي 2002 تي اخبار ۾
پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته توهان جي صدارت ۾ سنڌي
لينگئيج اٿارٽي فيصلو ڪيو آهي ته سنڌي لغت بابت
اٿارٽي نئون ڪتاب ڇپائيندي. جناب بلوچ صاحب، اسان
کي وڌيڪ خوشي ٿي ته هڪ دفعو رب تعاليٰ توهان کي
توفيق ڏني آهي ته توهان پنهنجي مٺڙي ٻولي جي وڌيڪ
خدمت ڪريو. آمين.
اوهان مان اڃا به وڌيڪ اميد هيءَ ٿو ڪريان
ته سنڌي ادبي بورڊ طرفان اڳ وانگر مولانا قاسمي
صاحب جي زير نگراني ۾ ڇپائي ڪري جلد ٽيون ۾ صفحه
1207 تي ڏاهري لفظ جون غليظ بي ادبي جا گٿا لفط
ڇاپي پنهنجي هم وطنن جي بيعزتي جهڙي حرڪت هن دفعي
ڪنهن به ذات يا نالي سان زيادتي نه ٿئي. جنهن جو
مون توهان کي پنهنجي هڪ خط ۾ لکي عرض ڪيو هو.
توهان به افسوس ڪندي وضاحت به فرمائي هئي. رب
تعاليٰ در دعا آهي ته توهان کي وڏي حياتي ۽ صحت
عطا فرمائي ته ادب جي خدمت ڪندا رهو. آمين.
-
ڊاڪٽر محمد بخش ڏاهري
محترم سگهڙ محمد شريف ڏاهري
ڳوٺ
امان الله ڏاهري، تعلقو شهدادپور
خدمت
۾ جناب سائين نبي بخش صاحب
اسلام عليڪم جي عرض ته سائين سينگارن جو ڪتاب
پڙهيوسين پڙهي ڏاڍا خوش ٿياسون ۽ اسان سگهڙن توهان
جي لاءِ دعا گهري، الله تعاليٰ اوان کي ججهي حياتي
ڏيندو ۽ جو باقي رهيل لوڪ ادب جي ڪتابن کي توهان
ڇپرائيندا. اسان پنهنجا سينگار پڙهي ڏاڍا خوش
ٿياسون جو اسان غريبن جا چيل سينگار ڪتاب ۾ ڇپجي
ويا، اسان وٽ ٻيو به مواد جام آهي پر هتي سانگهڙ
جي سگهڙن وٽ رڳو ڏور ڳجهارت هئي ۽ ڪچهرين ۾ سينگار
وغيره گهٽ هوندا هئا تڏهن اسين به هنن سان ڏور ئي
پيا ڏيون. سائين ٻڌائيندا ته هي بندو ڪهڙي خدمت
ڪري. مون عبدالله خان ورياهه کي ڪافي سڪا هٿ ڪري
ڏنا. توهان ادب جي تمام خدمت ٿا ڪريو ته اسان تي
به فرض آهي ته دوستن وٽان اهڙيون شيون وٺون جيڪي
سائين جن کي پيش ڪري سگهون.
-
بنده محمد شريف ڏاهري
محترم محمد عاقب پلي
21
جنوري 1965ع، ميرپورخاص
بخدمت جناب ڊاڪٽر صاحب خان نبي بخش خان،
اسلام عليڪم بعد عرض ته، فوتي محمد سگهو ولد قاسم
پلي جنهن جي ملڪيت بئنڪن ۾ هڪ لک کان وڌيڪ هئي. ان
کان سواءِ مشينري جهڙوڪ موٽرون، جيپون، ٽريڪٽر
وغيره، پوکيل فصل به فوتي جي فوت ٿيڻ بعد سندس زال
۽ مدد علي وڪرو ڪري کاڌو جو پڻ اٽڪل لک کن رپين جو
هوندو.
چوپايو مال جنهن ۾ 80 ڳئون، 200 ٻڪريون، ڍڳا، بيل
گاڏيون، ٽانگا وغيره ان سواءِ گهرو فرنيچر
ميرپورخاص ۾ 2 جايون جنهن ۾ گلم غاليچه ڪرسيون
ڪوچه وغيره جملي ملڪيت زمين کان سواءِ اٽڪل 5 لک
رپين جي مدد علي پلي ۽ فوتيءَ جي زال جو ڀائيٽو
غلام محمد گڏجي کائي ويا.
ملڪيت جي
K. S
محمد اسماعيل نون ايڊينشنل
ڪمشنر صاحب حيدرآباد ڊويزن جن کي خبر آهي جو محمد
سگهو سندس دوست هو ۽ نون صاحب ان وقت اسسٽنٽ ڪلڪٽر
پڻ هو ۽ جنازي سان گڏجي ڳوٺ ويو هو.
مختيار ڪار صاحب مون کي حقي وارث ٺهرائي، 12 آنا
حصه مونکي ۽ 4 آنا فوتي جي زال کي ڏياريا.
اسسٽنٽ ڪليڪٽر تڪرار ٽارڻ لاءِ 6 آنا مون کي ۽ 6
آنا مدد علي کي ڏنا آهن اهو فقط تڪرار ٽارڻ لاءِ
آرڊر هو منهنجا 6 آنا حصه ڪورٽ آف وارڊس جي سنڀال
۾ آهن.
مون
پاران حمزه خان صاحب کي امين مقرر ڪريان ٿو جيڪو
به راڄوڻي فيصلو ڪندو ان موجب حصه ۾ متحرڪ ۽ غير
متحرڪ ملڪيت جيڪا به ڏياريندو سا وٺندس. جيڪو حصه
ڏياري اوتري متحرڪه ملڪيت به ملي، جي متحرڪ ملڪيت
کاڄي ويئي آهي ته اوتري رقم ڀري ڏين.
اسٽيٽ وارين زمين جي مخالف ڌر ڏانهن 6 آنه حصه جي
بقايا 200000 رپين کان وڌيڪ آهي، اها سرڪار وٺي
سگهي ٿي جنهن ۾ منهنجو واسطو نه آهي، صلح ۾ نٿي
اچي سگهجي.
-
محمد عاقب پلي
.........2..........
•
مورخ 25 فيبروري 1967ع
جناب
ڊاڪٽر صاحب نبي بخش خان،
بعد
السلام عليڪم و عليٰ من لديڪم شوق ملاقات آرزو
اقدام بوسي جي عرض ته، توهان جو آئون نهايت شڪر
گذار آهيان، جناب ايس اي صاحب توهان جي چٺي تي
تمام چڱو رخ ڏيکاريو ۽ واعدو ڪيائين ته تون هفته
بعد ماڻهو پنهنجو ڪمدار موڪل ان کي تنهنجو ڪم پورو
ڪري ڏيندس. اميد آهي ته توهان جي مهربانيءَ سان ڪم
منهنجو ٿي ويندو. وڌيڪ به جيڪا حقيقت هوندي سان
توهان کي پيش ڪنداسين. لائق ڪار خدمت لاءِ غلام
حاضر آهي.
-
محمد عاقب پلي
محترم اٻوجهه محمد مٺل جتوئي
تعلقه نوشهرفيروز ضلع نوابشاهه (1974- 10-23)
محترم ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم: عرض ته آئون تعليم سان واسطو رکندڙ
هڪ ملازمن آهيان منهنجي تعليم بلڪل ٿوري آهي، پر
سنڌي علم و ادب سان خاص دلچسپي اٿم. مون ڪجهه
مضمون به لکيا آهن، مگر اهي اڃا ڪچن بوڪن جي صورت
۾ ڪٻٽ جي سونهن بنيا پيا آهن.
المختصر، اردو دان اردو کي رواني سان پڙهي
ٿا وڃن ڇو ته لفظ جي آخر وارا ”ي“ لفظ آسان اچار
سان ملن ٿا مثلاً: ڪي، ۽ ڪِي وغيره، مگر سنڌي ۾
جي، جي ساڳي صورت ۾ هئڻ ڪري ڪهڙي خبر ته جي آهي يا
جي. اها هڪ وڏي رڪاوٽ آهي ۽ ان ڪري جملو بي مزه
ٿيو پوي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته انجو مطلب ئي ڦريو وڃي.
ان سلسلي ۾ منهنجو رايو آهي ته ضرورت
وارين جاين تي زير کي عملي جامون پهرايو وڃي. پر
اها پراڻي ڳالهه آهي تنهن ڪري لکندڙ ان تي عمل ڪرڻ
۾ دلچسپي ڪانه ڏيکاريندا. ٿي سگهي ته ان جاءِ تي
ڪا نئين نشاني ايجاد ڪئي وڃي. اميد ته خوش و خورم
هوندا.
- اٻوجهه محمد مٺل جتوئي
محترم محمد علي ڪلمتي بلوچ
پراڻو ٿاڻو ملير، ڪراچي (1973-3-10)
محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سدا جيئو شال،
السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاته. هن وقت مان
سائين جن لاءِ ان ڏٺل شخص آهيان ۽ نه ئي مون کي
ڪڏهن اوهان بزرگن سان ملڻ جو شرف حاصل ٿيو آهي،
مگر مان توهان جي تصانيف مان ۽ اوهان جي سماجي
تحريڪن مان ڪجهه قدر واقف آهيان ۽ هينئر تازو داؤد
انجنيئرنگ ڪاليج ۾ 25 ۽ 26 فيبروري 1973ع تي سنڌ
سائنس ڪانفرنس ٿي هئي ۽ توهان صاحبن جيڪا ولوله
انگيز تقرير واديءَ مهراڻ ۽ واديءَ بولان متعلق
ڪئي هئي. تنهن مان منهنجا ڪي دوست، جيڪي ان وقت
توهان جي محفل ۾ موجود هئا، تمام گهڻي قدر متاثر
ٿيا.
سائين جن کي ڪيترن القابن سان نوازيان ۽ ايترا لفظ
ڪٿان آڻيان؟ هن بي زبان قلم کي ايتري طاقت ئي نه
آهي، جو ڪجهه لکي، بهرحال سائين منهنجا! هاڻي مان
اچا ٿو پنهنجي اصل مقصد ڏانهن. سو اهو ته مان
پنهنجي هن خط سان روزنامه امن اخبار جو اهو ٽڪرو
موڪلي رهيو آهيان جو هن اخبار ۾ ڪنهن اڻ ڄاتل شخص
بلوچ جي تاريخ کي مسخ ڪري پيش ڪيو آهي. مان اها
اخبار کڻي ڪن بزرگن ۽ ڪن دوستن وٽ ويس ته خدارا!
هن جو جواب ڏيو! مگر هنن صاحبن مون کي اهو مشورو
ڏنو ته مان هن سلسلي ۾ توهان صاحبن ڏانهن رجوع
ٿيان، جو توهان صاحب تاريخ جا عظيم ڄاڻو آهيو ۽
خاص ڪري بلوچستان جي تاريخ جا.
سائين جن سان ڇا عرض ڪيان، ٻيو ڪو رستو ئي ڏسڻ ۾
نه آيو سوچيم ته پوسٽ ذريعي موڪليان. انهيءَ لاءِ
اوهان صاحبن کي زحمت ڏئي رهيو آهيا، اميد ته جواب
کان نوازيندا.
-
محمد علي ڪلمتي بلوچ
محترم محمد امين جسڪاڻي
ٽنڊو
محمد خان، سنڌ حيدرآباد
خدمت
۾ جناب مسٽر نبي بخش بلوچ صاحب،
جناب
اعليٰ جيئن ته اوهان صاحب اسلام جي لاءِ وڏي جاکوڙ
ڪري رهيا آهيو ۽ هر مسلمان جي ڀلائي جون ڪوششون
ڪري رهيا آهيو اوهان صاحبن کي نيڪ روشن هجي ته
مولود شريف ۽ غزل شريف به سنڌ جي هڪ پراڻي ثقافت
آهي، جنهن جي اوهان صاحبن کي پوري ۽ تمام سٺي
نموني جي ڄاڻ آهي جيئن ته هيءَ هڪ اسلامي سنڌ جي
ثقافت آهي، ان هوندي ته هن سنڌ جي ثقافت کي ڇو
پوئتي رکيو ويو آهي. ذريع البلاغ هن فن کي ڌڪار جي
نظر سان ڇو ٺڪرايو آهي، غير معياري کي اڳيان آڻي
سٺن ۽ سنڌ جي مڃيل فنڪارن جو پنهنجو حق ڇو کسيو
ويو آهي.
جناب
اعليٰ! گذارش آهي ته ريڊيو ۽ ٽيليوزن وارن کي
هدايت ڪئي وڃي ته اسان کي پنهنجو حق ڏين جيئن هي
فن صدين کان هلندو اچي ٿو سو زنده ۽ آباد رهي.
انهيءَ ۾ اسلام جي هڪ نموني جي پڻ وڌيڪ خدمت تصور
ڪئي ويندي. اوهان کي اپيل آهي ته اسان جي هن آواز
۽ غريباني پڪار کي هائي ڪمان تائين پهچائيندا ته
شڪر گذار رهنداسين.
-محمد امين جسڪاڻي
محترم محمد صالح سمون
لالو
کيت، ڪراچي ( مورخ 6 ڊسمبر 1976)
بخدمت جناب برادرم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،
السلام عليڪم گذارش آهي ته گذريل مهيني جي شايد
ڳالهه آهي. مون کي اسلام آباد مان اسان جي ڇوڪري
مظفر احمد جيڪو نيوي ۾ آهي خط لکيو ته اربع ڏينهن
جناب ڊاڪٽر صاحب ڪراچي اچڻا آهن توهان کيس آثار
قديم هاسٽل گارڊن روڊن تي ملو پر ملاقات نه ٿي
سگهي.
مون
کي 2 مهينا 6 ڏينهن ٿيا آهن، آفيس ۾ پروف ريڊريءَ
جو ڪم ڪندي. درخواست بروقت ڊپٽي ڊائريڪٽر مسٽر
ڪفيل صاحب ۽ شمشي صاحب جي چڱن ريمارڪن سان اسلام
آباد موڪليل آهي مگر هن وقت تائين نه نوڪري ۾ رکڻ
جو ڪو آرڊر آيو آهي نه وري ڪو پگهار ۽ الائونس
وغيره موڪليو آهي.!
اوهان کي ياد هوندو ته توهان ۽ نون صاحب ۽ سردار
علي شاهه اسان جي اوطاق تي محمد امين سان مارڪو
ڪرڻ آيا هئا. پوءِ توهان نون صاحب کي چيو ته صالح
محمد کي زمين ملي آهي، مگر بنا پاڻي واري! سو
نوڪري ملي اٿم پر بنا پگهار واري! مون به انهيءَ
نوڪري جي آسري راڄ ڦريا آهن ۽ هاڻي دڪاندار اٽو به
ڪونه ٿو ڏئي!
ٽي
وي تي به هڪ دفعو محترم مرزا صاحب وٽ ويو هوس. هن
صاحب صرف ايڊريس وغيره لکي ڇڏي، وري ڪو حال احوال
ڪو نه ٿيو. نڪو آئون پاڻ ويو آهيان نڪي ڪو هنن
طرفان نياپو آيو! ٽي وي تي به آئون وڃي ڪهڙا ڪيچ
ڪندس، پر هن نوڪري کان سواءِ ٽي وي تي ڪو سنڌي ۾
ڪم ڪار ڪرڻ لاءِ ملي ته اهو چڱو آهي.
اوهان مهرباني ڪري مون واري نوڪري جو آرڊر
ڪرائيندا بقول ڪنڊي پالاريءَ جي ”ايءَ جو بندوبست
ڇندو يا ڪونه ڇَندو!“ جيئن وروءَ لوري بئنسري جي
ڦوڪ ڏيندي چيو ته: ” آڻ هاڻ گم ڇي ويو آهين!“ تنهن
وانگر آڻ به هاڻي گم ڇي ويو آهين!
هڪ
ڪئسٽ موڪلجي ٿي. جنهن ۾ ڪنڊي خان ۽ ڪانڊيري خان جي
ڪچهري ۽ سائينداد ۽ سوڃي جي گفتگو ٽيپ ٿيل آهي.
توهان جي وندر لاءِ اميد ته واندڪائي جي وقت ٽيپ
ڪنهن ريڊيو تي لڳائي نوان سيل وجهي ٻڌندا جئن
اوهان کي اسلام آباد ۾ جبل جي ڪچهري ٻڌڻ ۾ اچي.
-
محمد صالح
محترم محمد طالب لوهار
ٽنڊو
باگو سنڌ (1975-5-25)
بخدمت شريف جناب ڊاڪٽر سائين سلامت سدائين،
سال
1950ع ۾ سائل ڪلاسيفيڪيشن کاتي ۾ سپروائيزر هوس.
ڪيمپ ميرپور بٺوري لڳ هئي. معلوم ٿيو ته بٺوري شهر
کان ڏکڻ طرف ڪجهه ميلن پنڌ تي حاجي عبدالله لاکو
هڪ زميندار آهي جنهن وٽ قلمي پُراڻا نسخا ڪتابن جا
آهن. وٽس ويس مگر نسخن ڏسڻ ۽ ڏسڻ کان نٽائي ويو
فقط هڪ نسخو قلمي فارسي ”منهاج المعرفت“ فقير لطف
الله قادري جو لکيل 1078هه وارو ڏيکاريائين، جيڪو
شايد تصوف تي لکيل هو. انهيءَ ڪتاب ۾ ان وقت جي
سنڌي اکرن جي سٽاءُ مطابق ڪٿي ڪٿي سنڌي بيت لکيل
هئا، جيڪي پڙهڻ ڏاڍا ڏکيا هئا. مون تڪڙ فڪڙ ۾ اهي
تيرهن ئي بيت اتاريا. اها تاريخ 22- ماهه جنوري
سال 1950ع هئي مون کان اهو پنو وڃائجي ويو جيڪو
فقط ڪالهه ڪتابن مان لڌو اٿم ۽ اڄ اوهان ڏانهن بيت
لکي ڏياري موڪلي رهيو آهيان.
ڊاڪٽر سائين! اهو بلڪل سچ آهي ته بيتن جي صحت ٺاهڻ
۾ مون کان غلطيون ٿي ويون آهن، تنهن ڪري ئي ڪنهن
حاذق حڪيم (ڊاڪٽر) ڏانهن رجوع ٿيو آهيان ته از
راهه ڪرم انهن بيتن جي صحت سالم ڪري ڏيڻ جي تڪليف
وٺڻ فرمائيندا ته احسان.*
ها
سائين! هڪ ٻي ڳالهه به ياد ٿي اچيم ته، مرحوم
ڊاڪٽر دائودپوٽي صاحب پڻ ساڳيا بيت”نيئن زندگي“ جي
ڪنهن پرچي ۾ ڏنا هئا، مگر مون وٽ ان وقت لکيل پنو
ڪو نه هو نه ته هوند ڪر ڀيٽا ٿي وڃي ها. اميد ته
خوش خورم هوندا.
|