سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :15

- شمس الدين صابر

محترم شاهد رحيم جوڻيجو

ايگزيڪيوٽو انجنيئر هاءِ وي ڊويز حيدرآباد

بزرگ و برتر محترم ڊاڪٽر نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم، سدائين خوش رهو. عرض ته توهان سان سنڌ يونيورسٽي ۾ ملاقات ٿي هئي. اُت مون محمد خان ٽالپر جي ڪلام بابت توهان سان گفتگو ڪئي هئي. توهان کي ياد هجي ته مان سانوڻ فقير جي ڪافين جو ذڪر ڪيو هو. توهان کي شايد سانوڻ فقير جون ڪافيون نه مليون آهن. مون کي جنهن حالت ۾ اهي ڪافيون مليون ان ڪمزور پنن کي توهان ڏي موڪلي رهيو آهيان.

محترم سائين! مون کي ڪير هزار ڏئي ته به اهو ڪلام نه ڏيانس پر توهان صاحبن کي ان جو قدر آهي. ان ڪري مان توهان کي اهي چند پنا موڪلي رهيو آهيان. بخدا صرف اها اميد اٿم، توهان اها لکڻي پڙهي، اهي ڪافيون نوٽ ڪري ڇپائيندا ڪنهن ڪتاب ۾. منهنجي ڏاڏي مرحوم جيڪو سانوڻ فقير جو يار هو. سانوڻ جي سامهون اهي ڪافيون لکيون هيون.

سانوڻ فقير 13 سال ڳوٺ مراد خان ٽالپر ۾ رهيو پيو هو، جت محمد خان ٽالپر ۽ سانوڻ جون ڪچهريون ٿينديون هيون. ڏاڏا ڳائڻ جو شوقين هو ۽ محمد خان جو ٻالڪو به هو. انهن ڪافين ۾ سانوڻ جو نالو چٽو آهي. مون ڪئين سال اها امانت سانڍي آهي. ڪجهه ڪلام مرحوم سومار شيخ کي به ڏنو هوم. افسوس منهنجو يار سومار شيخ گذاري ويو آهي. توهان کي ان امانت جو حقدار ڄاڻي موڪلي رهيو آهيان ۽ اڃا به موڪليندس ڪجهه ٻين شاعرن جو ڪلام جمع ٿي ويو آهي، جي هيئين جو ڏڍ دوست هئا، سي دنيا مان وڃن پيا. هيڏي وڏي امانت آئون اڪيلو ڪيئن سنڀاليان. جڏهن ڇپجڻ جي اميد هاڻ ڪٿ ناهي. نه ئي مون وٽ ڪو وسيلو آهي. دنيا جا ڌنڌا وڃن پيا وڌندا، پنهنجا سور کولي توهان کي چور ڪيم پر آخر وڏا آهيو، توهان نه ٻڌندا ته ڪير ٻڌندو! هنن پنن کي رڊيوس مشين ۾ وڏو ڪرائي ڪافيون پڙهي سگهجن ٿيون.

- شاهد رحيم جوڻيجو

محترم مير شاهنواز خان شاهلياڻي جمالي

محراب پور جمالي، بلوچستان (69 – 12 – 7)

بخدمت جناب ڊاڪٽر صاحب نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم، الحمدالله بفضل ايزدي حالات مشتمل خيريت آهن. خط اوهانجو مليو يادگيري لاءِ شڪريه. توهانجي اڳئين خط موجب سنگت کي 69 – 12 – 19 جو پروگرام ٻڌايو هيوسون ليڪن توهان هن خط ۾ ترميم فرمائي آهي. سنگت ڏاڍي انتظار ۾ آهي، پير شهاب الدين صاحب به آڻيندا. تلورين جو شڪار به آهي، انشاء الله تعاليٰ باز ضرور آڻيندا، جو باز جي شڪار ڏسڻ واسطي سڄي سنگت جو شوق آهي. ليڪن توهان پروگرام گهٽايو آهي ڏينهن ٿورا رکيا آهن. پروگرام ۾ بيرون کيرٿر جي ڪچهري ۽ ناڙي ملڪ جي اولهه علائقه جو گشت ۽ شڪار ۽ پير چيزل شاهه صاحب وٽ وڃڻو آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ ضلع لاڙڪاڻي ۾ به ڪچهري جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جو تمام وڏا سگهڙ هٿ ڪيا ويا آهن. خدا پيڙي جي پت رهائي تمام وڏا سگهڙ آهن، يعني ڳجهارتن ۾ سيد شريف شاهه مرحوم جا مَٽ آهن. ٻيڙي فقير کي شريف شاهه جي خبر آهي. مهرباني فرمائي 69 – 12 – 24 اربع ڏينهن وارو پروگرام پڪو رکندا.

- شاهنواز شاهلياڻي

محترم پير شاهنواز شاهه جيلاني

درگاهه ڊٺڙو، تعلقو شهدادپور (25 ذوالقعد، 1939ع)

جان من نبي بخش! السلام عليڪم، خيريت سر طرفين مطلوبه،  غرض ته محبت نامه محبن جو پر درد عشق جو فرد مطالع ڪندو مسڪين بي تسڪين کي بزم افروز شمع جي افسردگي جو واقعو ياد ڏياري غمنام نيڻن مان آب جاري درد فرقت جي بيقراري عشق و محبت جي انتظاريءَ جو باه کي دوباره بلڪ هزار بار ڀڙڪائي رهيو گويا که ماتام دوست نوسر شروع ٿيو. سبحان الله هيءَ ڪو مقدري مقالو آهي ۽ بيچون بيمثال ايزد جو حڪم برسر آهي، ورنه محبوب جي وداع وقت دلي تمنا اها هوندي آهي ته انسان زندگي درگور کان باهم دست زندهه گور چڱو آهي. مگر انهيءَ ازلي قادر جو قانون، ڇا مجال آهي بندي کي جو ڀڃي سگهي. لهذا انالله جو ترانه ۽ صبر جميل جو جام بڪف آهي. ماڻهو چوندا آهن قيامت اچڻي آهي، مگر عشق بي ڪٺل دل وڍيل لاءِ قيامت صغرا يا کبرا اها ئي گهڙي آهي جو دوست جي وداعيت جو آواز بگوش دميده ٿئي.

عجيب سخن دلفريب قصه ته هيءَ آهي جو زنده دوست جي ملاقات جي وري به اميد آهي مگر هائي هائي جي ويچارا دل گهريا دوست جان جانان هن مڪار ۽ دغاباز دنيا مان دارالبقا ۽ ازلي آشيانه ڏي تشريف فرما ٿين ٿا انهن واسطي دست بدعا کان سواءِ محض خيالات خام ۽ ناپخته آهن نه اميد نه آسرو!

الغرض اي دوست، هيءَ تصوير ۽ سندس تشريح احاطه تحرير کان بعيد آهي، مقدر جي وسيع ميدان ۾ عقل جو بيوس پکي بي بال و پر آهي، جي ڪجهه چپ چورجن ٿا ته برابر عوام جي نظر ۾ هڪ مبالغه ۽ رواجي محبت جي اسم سان موسرم ٿجي ٿو يا چرين جي پارٽيءَ ۾ گدوبندر جو ڏس ملي ٿو. تنهنڪري هر صورت ۾ صبر الفضل تر آهي ۽ اوهانکي پڻ صبر و شڪر ڏي ترغيب ڏجي ٿي جو انهيءَ کان سواءِ ڪوبه چارو ڪونهي. نبي ۽ ولي به شيوه صبر ۾ سڪون پذير هئا لهذا هر شخص کي ائين گهرجي.*

هرچه آمد پيش تو از حق بدان – لا تحرڪ ذرة آيت بخوان

الحمد الله بنده طرف هر طرح خيريت آهي ۽ هميشه اسلامي خدمت جو شائق آهي.

- الراقم، شاهنواز

محترم شامداس ٽي وسڻ

مِٺي، ضلع ٿرپارڪر (1962 – 2 – 24)

محترم ڊاڪٽر صاحب،

عرض ته شوراتري 4 مارچ آرتوار ڏينهن ٿيندي. ڀڳت، لائوڊ اسپيڪر وغيره جو انتظام آهي. ملهه، وهٽ وغيره به ايندا. ٻيا پروگرام به آهن. نون صاحب کي عرض ڪيل آهي. اوهان صاحب به اچڻ جي نوازش ڪندا ۽ 3 مارچ صبح جو پهچڻ فرمائيندا. ڀڳت 2 مارچ پهچندا. اميد ته عرض رائگان نه ويندو ۽ قبوليت جي درجي هيٺ ايندو. احوال ڏيڻ جي نوازش ٿيندي.

- شامداس

محترم نواب شفيع محمد خان لغاري

تاجپور (6 مارچ 1959)

در خدمت عالجناب ڊاڪٽر صاحب دائم اقباله،

السلام عليڪم: خيريت موجود و خير و عافيت آن صاحبان از درگاهش مطلوب مرغوب. المعروض اينکه بي حدمشڪور آهيان جو اوهان صاحبن هڪ ڪاپي ديوان غلام جي موڪلڻ سان ياد فرمايو آهي. اهي ٿورا ۽ احسان اوهان جا نوابن جو خاندان هميشه ياد رکندو. ڪريان اميد ته حياتي ۾ ديوان ولي ۽ ديوان صوفي ڇپجي نڪتل ڏسندس. اميد ته اوهان صاحب با اولاد خوش خوردم هوندا ۽ ڪمتر کي دعا ڪندا رهندا ته پڇاڙي جو وقت خير سان ۽ ايمان سان گذري. زياده خيروالسلام.

قلم تازو: جئن اوهان ڏيکاريو آهي ته اسان جي وڏن لغاري تمن ۾ اچڻ ڪري لغاري ذات سڏائي آهي. منهنجي خيال ۾ ائين نه آهي. هڪ بوزدار جدا بلوچه قبيلو آهي ۽ ٻيا بوزدار لغارين جي شاخ آهن جئن علياڻي، جلالاڻي، سرکاڻي، نهڙاڻي وغيره. وري انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ فرمائيندا. اها حقيقت موجب جمال خان صاحب علياڻي ۽ ٻين پاڙن جي چڱن مڙسن لغارين کي معلوم هوندي.

- شفيع محمد خان لغاري

محترم سگهڙ صوف فقير شر

عمرڪوٽ

خانصاحب مڪرمي ڊاڪٽر صاحب سلمه،

ساراهيان سچو ڌڻي صاحب رب ستار،

نرمل نوازيو نبي بخش خان کي جنهن جو ٿيو ڏيهن ۾ ڏهڪار

مرد چڙهي ٿو ملڪن تي واسي ٿو وڻڪار،

سو آهي گوهر گل خدا جو جنهن کي سونهن ڏني سردار،

ماني کارائي مرد گهڻي ٻي وري کلي ڪري کيڪار،

ڪوڏيو ڪچهري جو جوان آهي جهونجهار،

اهڙي پارين آدمي انهي کي موليٰ ڪيو موچار،

صاحب رب ستار، اڃان به خوش ڪندس هن خلق ۾.

ڊاڪٽر صاحب،

توهان مونکي عمرڪوٽ مان چونڊي وٺي آيا هئا. پر اڃان ريڊيي، ۾ ته گهرايو ڪونه اٿو. مون وٽ هر نموني جو سينگار آهي، جنهن مان چون تنهن مان ٻڌائيندو سان.*

- صوف فقير شر

محترم صحبت علي بلوچ

ايڊووڪيٽ، ڪراچي (مورخ 12 آگسٽ 2004)

محترم پيارا سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

پيارا سائين احوال ته اوهان جو ”سيتا جا سدا بهار ماڻهو“ لاءِ لکيل خوبصورت بئڪ ٽائيٽل پيج مليو. پڙهي دل باغ بهار ٿي ويئي. سچ ته منهنجي هن ننڍڙي ڪاوش کي اوهان جهڙن عظيم انسانن پسند ڪيو، مون لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشي ٿي سگهي ٿي. ”سيتا جا سدا بهار ماڻهو“ ڪتاب ترتيب ڏيئي مون ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ناهي ڏنو، ڇو ته مان نه ئي ڪو ادب جو افلاطون آهيان نه ئي ڪو منهنجي ادب ۾ وڏي دسترس آهي. مان ته فقط ادب جو پانڌيئڙو آهيان ۽ اوهان جهڙن عظيم انسانن جي ڏسيل دڳ تي بانبڙا پائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.

ڊاڪٽر صاحب! اوهان جا لکيل چار اکر مون لاءِ مشعل راهه آهن. اوهان ڪتاب تي پنهنجي قيمتي راءِ ڏئي نه فقط ڪتاب کي جلا بخشي آهي. پر ان سان گڏ مون کي لکڻ تي اڃان به اتساهيو آهي.

مان توهان جو ممنون و مشڪور آهيان جو اوهان صاحبن پنهنجي قيمتي گهڙين مان چند گهڙيون ڪڍي ڪتاب ”سيتا جا سدا بهار ماڻهو“ لاءِ پنهنجي قيمتي راءِ ڏئي هن ڪتاب جي اهميت ۽ افاديت کي اڃان به وڌائي ڇڏيو. اوهان جي اکرن جي اوسيئڙي ۾.

- بلوچ صحبت علي

محترم صالح محمد سمو

لالو کيت، ڪراچي (5 آڪٽوبر 1976ع)

بخدمت جناب برادرم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب،

السلام عليڪم: قدم بوسيءَ ۽ اشتياق ملاقات جي گذارش آهي ته زماني جي گردش ڏکن ڏولائن، اهڙي منزل تي آڻي پهچايو آهي جو قصو ڪرڻ کان ٻاهر آهي. مختصر احوال ته ايجوڪيشن کاتي مان رٽائرڊ ڪري، زمينداري ڪم کي وڏي زور شور ۽ همت سان هلائيندو رهيس. مگر 18 سالن جي ڪوشش، ڪشالن ۽ ڪاپن ڪاٽڻ بعد لاڙ جي زمين ڀٽاري اسانکي ڪامياب نه ڪيو ۽ نيٺ فيل ٿي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. جنهن جا خاص سبب زمين جو ناقص هئڻ، قدرتي آفتون هر سال ٻوڏ يا هارين جو نه هئڻ ۽ نه ملڻ! پنهنجو ذميوار ماڻهو نه هئڻ، خرچ ڪري کٽي پوڻ، صحت جو خراب ٿيڻ.

مون شاهه ڀٽائي رحه جي ٽيهن ئي سرن مان ڪوهستاني لفظ جيڪي صاحب بيتن ۾ ڪم آندا آهن ۽ جيڪي هن وقت ڪوهستان ۾ ڳالهايا وڃن ٿا، چونڊي ڪڍي انهن جي معنيٰ ۽ جملي ۾ استعمال ڪرڻ لکي رکيا آهن. ڪوهستاني لٽريچر تي اڳتي قدم هلندڙ آهي. ڪوهستاني ڀرت تي لکي رهيو آهيان، جنهن ۾ گج ۽ ڪنجري جا نقشا به ايندا وغيره. اوهانجي نظر عنايت ۽ دعا جي ضرورت آهي. اوهانجو ننڍو ڀاءُ.

- صالح محمد سمو

محترم ضياء الدين شاهه

درازا شريف (1990 – 7 – 21)

سائين منهنجا،

السلام عليڪم: خيريت بعد گذارش ته سکر وڃي بليڪ ۽ وائيٽ رول وٺي ٻيڙين جا مختلف فوٽا ورتم. پر افسوس جو هڪ به فوٽو صحيح نه آيو. خبر نه آهي ته رول پراڻو هيو يا وري ڪئميرا هلائڻ نه آئي.

1. وري ساجد صاحب ۽ مان ٻي ڪئميرا کڻي رنگين رول سان فوٽا ڪڍي ڌورائڻ لاءِ موڪليا آهن، اڃان انجو نتيجو نه آيو آهي.

2. مرحوم الاهي بخش (ٻانڀڻ) جي ورسي تي جيڪو مقالو منهنجي ڇوڪري پڙهيو هيو انجو فوٽو اسٽيٽ ڪاپي خدمت ۾ موڪلجي ٿي.

3. راڻيپور ۾ بازن جي علم رکندڙ ماڻهو شڪر خان لاشاري سان ملاقات ٿي. جنهن جو اصل نالو سوڀا خان آهي. عمر اٽڪل 90 – 95 سال اٿس. پير سيد صالح شاهه پيار مان کيس ”شڪر“ سڏيندو هو. هاڻي مشهور به ان نالي سان آهي. پير صاحب جا باز پاليندو ۽ شڪار ڪرائيندو هو. سندس چوڻ مطابق 40 باز به هڪ وقت سندس نظرداري ۾ رهندا ۽ پلندا هيا ملاقات دوران چيائين ته بازن متعلق جيڪو پڇڻو اٿو، ته پڇي وٺو ڇو ته (سندس چوڻ مطابق) اسانجي موت کي نظر گهنٽي لڳي چڪي آهي.“ ايندڙ ٿڌن ۾ شجاء آباد اکين جي آپريشن لاءِ تيار آهي. سندس پاڙي جو نالي محمد بچل شيدي جنهن جي عمر 60 – 65 سال ٿيندي پڻ بازن جو علم رکي ٿو ۽ ان سان گڏ سٺو بورچي به آهي.

- ضياء الدين شاهه

محترم رئيس ضياء الدين بلبل

(ايڊووڪيٽ دادو) دادو (23 جون 1964)

محترم مڪرم پيارا ڊاڪٽر سائين، خوش هجو سدائين،

السلام عليڪم: لڳاتار چار خط اچي پهتا، دل کي خوشي پهتي، مبارڪ خير سان (آمريڪا مان) ماڳ تي موٽي اچڻ جي قبول فرمائيندا. وڏي خوشي ٿي جو منهنجي مضمون پهريون نمبر انعام حاصل ڪيو آهي، انهيءَ قدردانيءَ لاءِ صدبار شڪريه.

ڀٽ شاهه تي وري هلڻ جي همت ئي ڪانه ٿي سريم. اڳئين دفعي جيڪا حالت ٿي تنهن دل ئي ٽوڙي ڇڏي آهي. اهو سمورو منظر صحر انوردي جهڙو ائين پيو ٿي اکين اڳيان ڦري جيئن هڪ بدوي کي رُبع الخالي پئي سجهندي آهي. ان ۾ هڪ ننڍو چشمه رڳو اوهانجي اها آجيان آهي جا مشڪنده اسٽيج تان لهي اچي اوهان ڪرڻ فرمائي هئي ۽ جيئن عربستان جي اٺ کان اهڙو چشمه نه وسرندو آهي تيئن مون کان به اوهانجي اها مسڪراهٽ نه ٿي وسري. اجازت ڏيوم ته نه اچان ته بهتر. باقي تازه ترين مضمون جلد خدمت ۾ موڪلي ڏيندس.

– ضياء الدين بلبل

.....2.....

* مورخ دادو 30 مارچ 1966ع

محترم مڪرم جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب بلوچ،

السلام عليڪم، موڪليل ادبي سوکڙيون نظر مان ڪڍي واپس عرض رکان ٿو. جناب احمد حسين داني اوهانجي نظريه جي خوب تائيد ڪرڻ فرمائي، قوي دليلن سان ته سنڌي ٻولي ۽ انجي لکڻي ڪنهن ٻي ٻولي مان ڄاول نه آهي. اوهان براه ڪرم پنهنجي بي مثال ڪتاب ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“ ۾ هن ڪتاب جا حوالا ڏئي جديد ايڊيشن شايع ڪرائيندا ته احسان.

مون دل ئي دل ۾ اوهانکي تقرير يا تحرير جي فن ۾ علي ڳڙهه واري ڊاڪٽر ڪي. جي. سيدين (جو پوءِ ڪشمير جو ڊي پي آءِ ٿي ويو) سان هم صف ڪري ڇڏيو هو. پر ”پارس کاڻ“ جي پروڙ کانپوءِ اوهانجي طرز تحرير منطقي ۾، سڌي سنواٽي پهلو کانسواءِ، پيچيده ادبي ۽ شاعرانه طريقه استدلال جي زيردست شاخ پڻ نظر آئي. هي نمونو عربي ادب ۾ به برابر آهي ۽ سنڌي لوڪ ادب ۾ به آهي. سون چڙي جي ڳالهه اوهانکي ياد هوندي ته ڪيئن هو داڻي ڇڏائڻ لاءِ ڪانءَ کان مٿڀرن طاقتن ڏانهن ويئي ۽ ڪيئن هر هڪ پنهنجا پنهنجا غور ۽ شرط پيش ڪيا جنهن ۾ سادي ڳالهه ڪيئن منجهندار ۽ پر معنيٰ ٿيندي وئي. مولانا رومي به مثنوي ۾ ڪجهه اهڙي رمز رکي آهي. انهيءَ انوکي ۽ پراڻي طريقي کي وري نئين آب ۽ تاب سان جياري آڻڻ جو اوهان جس کٽيو آهي. معنيٰ جي لحاظ سان به پار کاڻ هڪ ڀرپور ڀنڊار آهي جنهن ۾ هيرا لعل ياقوت عجيب غريب رنگن جا ملن ٿا.

منهنجو دست بسته عرض آهي ته ان مضمون کي وڌائي جدا هڪ ڪتابي صورت ۾ شايع ڪرائڻ جي نوازش ڪندا جيئن هڪ عمده طرز تحرير ۽ طريقه استعمال سان گڏ ادبي ڀيٽ، معنوي گنج، اسلوب بيان ۽ فن ظرافت جو ذخيرو مستقل طرح موجود ٿي وڃي. اوهان سنڌي ادب جي جيڪا گرانه مايه خدمت سرانجام ڪئي آهي، تنهن جي مدنظر هيءُ ڪم به اوهانجي شايان شان آهي، ٻئي جي مجال نه آهي.

خدا ڪري جو هڪڙي اديبن جي گروهه تان تعجب ۽ تڪرار جا کوپا جي سندن اکين تي چڙهي ويا آهن سي لهي وڃن ۽ هو سچ ۽ ڪچ جو قدر سڃاڻن.                                           – ضياء الدين

.....3.....

* مورخ دادو 1 – آگسٽ 1966ع

محترم مڪرم جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم، بعد ادائي نياز ات جي معروض ته گهڻي وقت کانپوءِ نيم ملاقات جو شرف حاصل ڪري رهيو آهيان. هن معلوم ڪرڻ جو انتظار اٿم ته شاهه ڀٽائي جي گذريل ورسي تي موڪليل مضمون ڳڻ ۾ آيو يا نه ۽ جيڪڏهن آيو ته اهو شايع ڪيو ويندو.

ٻيو عرض ته معلوم ٿيو آهي ته آئينده طبي تعليم جي درسي سکيا هر ڪنهن يونيورسٽي ۾ لازمي طور ڏيڻ ۾ ايندي. ائين برابر آهي ته پوءِ منهنجي موڪليل مسوده تي براه ڪرم غور ڪرڻ فرمائيندا ته انکي درسي ڪتاب طور ڇاپرائي هلائي سگهبو يا نه. هلي سگهي ته زهي نصيب. اميد ته اوهان جي ڪشش سان هي ڏکيو ڪم به سولڙو ٿي پوندو.

پنهنجي مصروفيت هوندي به جواب جي ٻن لفظن لکڻ سان نوازيندا ته اوهانجي دستوري غريب نوازي کان بعيد نه ٿيندو. تصنيف ۽ تاليف ۾ اوهان جو اسم گرامي به اچڻ گهرجي.

- ضياء الدين

....4....

* مورخ دادو 15 – آگسٽ 1966ع

محترم مڪرم جناب ڊاڪٽر نبي بخش صاحب بلوچ،

السلام عليڪم، بعد تسليمات جي معروض ته اوهانجي جواب خوشي ڏني. معامله بالڪل صاف ٿي ويو. هن صورتحال ۽ قرب ڪري ديباچه يا تعارف لکي مسودو واپس ڪندا ته انجي پنهنجي خرچ تي ڇاپائڻ جي ڳڻتي ڪجي. روزانه اخبار ۾ ٿورو ٿورو حصو مس اچي سگهندو ۽ ڪيتريون ئي قسطون ٿي وينديون ۽ ڪنهن وٽ به مڪمل مضمون رهي نه سگهندو. ان ڪري بهتر آهي ته انکي ڪتابي صورت ۾ آڻي هڪ يادگار پيدا ڪجي.

افسوس جو هر هنڌ مطلب پرستي ۾ خويش پروري لڳي پيئي آهي. غور ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته چوٽي جي ماڻهن سان روبرو مليو آهيان تڏهن به هڪ فرسٽ ڪلاس ۾ پهرين نمبر پاس ٿيڻ واري سنڌي نوجوان کي نوڪري ملي نه سگهي آهي. اهو فڪر نه هجي ها ته آءٌ هوند ڪتاب کي بنان ڌڙڪ پنهنجي خرچ تي شايع ڪرايان ها. منهنجي طبع پرسي ڪري اوهان دلداري ڏني آهي. طبيعت خدا جي فضل سان روبصحت آهي پر اڃا سورنهن آنا ٺيڪ نه آهي. دعا ڪندا ته الله تعاليٰ هي آزماشيون ۽ تڪليفون پنهنجي ڪرم سان پوريون ڪري ڇڏي.

اميد ته اوهان خوش و خورم آهيو. ڪوئيٽا جي پاسي کان ڪي ”هر هر کيرا“ يا بادام ڪاغذي هٿ ڪري آيا يا نه!

- ضياء الدين

.....5.....

* مورخ دادو 28 – نومبر 1966ع

پيارا محترم ڊاڪٽر بلوچ سائين،

السلام عليڪم، عرض ته اوهانجي من موهڻي ملاقات جون جيڪي گهڙيون وندر ۾ گذاري موٽيس ۽ اوهانجي عنايت کان مالامال ٿي وريس سي ڳالهيون وسرڻ جون نه آهن. جن ثقافتي نڪتن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئيسون، تن تي خدا شال عمل ڪرڻ ۽ ثابت قدم رهڻ جي توفيق ڏئي. براه نوازش انتظاميه مجلس جا نالا ضلع وار لکي ارسال ڪندا ته جلد کان جلد هڪ دستور العمل جو خاڪو ڪڍي پيش ڪريان جيئن دعوت نامن سان گڏ انجو مڪمل ڪيل نقل به هڪ هڪ صاحب جي ڌيان شريف تي شريڪ ٿيڻ لاءِ اچي وڃي.

اوهانکي ٻڌي خوشي ٿيندي ته منهنجي ڪوشش سان هن سال قلندر لعل شهباز جي ورسي ڪرڻ جي موقعي تي ڪڍي ڦٽو ڪيل اسم ملاکڙي جو وري قائم ڪيو ويو آهي ۽ آخوند شفيع محمد، علي احمد قريشي ۽ تاج صحرائي جي گڏيل ڪوشش سان ملاکڙو مچائڻ ۾ ايندو ۽ اهو متو ته آينده پروگرام ۾ ڄڻ هميشه لاءِ کتو.

جناب حسن علي عبدالرحمٰن صاحب کي هن دفعي هن ورسي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪرڻ لاءِ ڪوٺيو ويندو. زياده انتظار نيم ملاقات جو.

- ضياءَ الدين

محترم مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ

هالا نوان، هالا (1955 – 6 – 13)

محترمي و مڪرمي!

السلام عليڪم: ٽنڊي الله يار مان موٽڻ بعد ڪلاڪ کن لاءِ ننڊ ڪرڻ ضروري سمجهيم ڇو ته ساري رات اکين تي گذاري وئي هئي.

اوهان به 11 بجي ڌاري آيا مگر افسوس جو مونکي ننڊ مان سجاڳ ڪونه ڪيو ويو ۽ اوهان به واپس هليا ويا ۽ ٻيا دوست ڪراچي وارا به اڻ موڪلائي روانا ٿيا. اميد آهي ته وري به رهاڻ جو ٻيو موقعو ملي ويندو. والسلام.                                        - طالب الموليٰ

....2....

* مورخ 4 آگسٽ 1959ع، لنڊن

محترمي و مڪرمي ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم، اوهين سوات ويل هئا تنهنڪري ملاقات ڪانه ٿي. مونکي انهيءَ حقيقت کان واقف مسٽر مراد علي خان ڪيو هو ۽ ڪو ڪم چيو هو جنهن لاءِ مون پنهنجي تعلق موجب ڪافي ڪوشش ڪئي هئي.

ڪالهه اوهان کي ياد پي ڪيم ۽ رات خواب ۾ اوهان کي ڏٺم. نظر آيو ته هڪ نئين نموني جو ساز آهي، جنهن تي اوهين ڀيروي ۾ هڪ سنڌي ڪافي وڄايو پيا ۽ ڳايو به پيا. راڳ بيحد پسند آيو. ان بعد اک کلي پئي.

آءٌ ذيابيطس جي علاج ڪرائڻ لاءِ پنھنجي ڊاڪٽر منگھن مل جي چوڻ موجب آيو آھيان. ڏينھن ٻن ۾ اميد آھي ته ڪنهن ڊاڪٽر سان ملبو. آءٌ سمجهان ٿو ته ڪم از ڪم آگسٽ سڄو هن ملڪ ۾ لڳي ويندو. لنڊن لاءِ جيڪو تصور هو ته شهر هن قسم جو هوندو وغيره وغيره اهو غلط ثابت ٿيو. شهر پراڻي وضع جو آهي.

مونکي هن ملڪ ۾ انساني صنعت کان هزارها حصا قدرتي نظارا پسند آيا آهن. لنڊن کان ٻاهر نڪري وڃڻ بعد نهايت لطف اچي ٿو. مگر دلي جذبات کان جيڪي لفظ زبان مان نڪرن ٿا اهي آهن ته هي باغ، لان، پارڪ ۽ گل ڦل وغيره. سنڌ جي هڪ ڪرڙ جي به مٽ نه آهن.

هت آءٌ، سيد ميران محمد شاهه، سيد اسد الله شاهه، سيد احسان علي شاهه، مسٽر الاهي بخش سومرو ۽ مسٽر نظام علي اڪثر گڏ آهيون. تنهنڪري ڏاڍيون ڪچهريون ڳجهارتون مشاعرا ۽ رهاڻيون لڳيون پيون آهن. مسٽر عزيز بلوچ جو اٽڪل 16 سالن کان هت رهي ٿو، ان جو گيتار تي سنڌي ڪافيون ڳائڻ هيڪاري ٻيڻو لطف پيدا ٿيون ڪن. اميد آهي ته خوش خورم هوندا.                            – طالب الموليٰ

....3....

مورخ 10 جنوري 1960ع ڳوٺ ڪرم خان نظاماڻي

محترمي ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: اڄ رئيس ولي محمد خان نظاماڻي سان شطرنج کيڏڻ بابت روبرو ڳالهايم. رئيس اگرچه سن رسيده هئڻ سان گڏ طبيعت ۾ پورو تندرست به نه آهي ۽ ٻوڙو به آهي، تاهم شطرنج کيڏڻ لاءِ تيار آهي. رئيس 12 جنوري تي شام جو حيدرآباد ۾ کيڏڻ لاءِ تيار آهي. رئيس 12 جنوري تي شام جو حيدرآباد ۾ پهچي اوهان کي اطلاع ڏيندو ۽ 13 تاريخ راند کيڏندو. اميد ڪجي ته آءٌ ان ڏينهن گهڻو ڪري راند ڏسڻ لاءِ حيدرآباد پهچڻ جي ڪوشش ڪندس. برخوردارم امين فهيم به موجود هوندو. اهو اڳواٽ اطلاع ڏيندڙ ماڻهو کي ٻڌائي ڇڏيندا ته اوهان سان ٻيا ڪيترا دوست گڏ هوندا ته چاءِ جو انهيءَ سارو انتظام رکن. هي به ٻڌائيندا ته راند پٽ تي کيڏندا يا مٿي.

رئيس آهي ماٺيڻو ۽ پراڻو ماڻهو، مبادا ڳالهائڻ ۾ حجاب ڪري تنهنڪري اوهان خودبخود ٻنهي راند کيڏندڙن ۾ راند جي اصولن بابت ضروري ۽ اصولي شرط طئي ڪرائي ڇڏيندا. جئن ڪي کيڏاري وزير سڄي طرف وهاريندا آهن ته ڪي کٻي وغيره.           – طالب الموليٰ

....4....

* مورخ 17 مئي 1961ع هالا نوان

محترمي و مڪرمي ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: اميد آهي ته خوش و خورم هوندا. هن طرف به بحمدالله هر طرح خير آهي. معلوم هجي ته هڪ ڪاتي ميوزم لاءِ موڪليان ٿو. وعدو ته پراڻو هو مگر سستي سبب ڪافي دير ٿي وئي. ٻيون شيون به پهچائبيون. انهن جي نالن جي لسٽ به موڪليندا.

اڳ جيڪا راڳ رهاڻ بنگله 3 ۾ ٿي هئي ۽ اوهان ابتدائي تقرير به ڪئي هئي. جنهن تقرير ۾ ٻڌايو هو ته شاهه صاحب جي رسالي ۾ سر ڏهر آهي. ۽ ڏهر صرف مخدوم نوح جي جماعت ۾ پڙهيا وڃن ٿا وغيره. قرب ڪري اهو تقرير وارو ٽڪرو لکي موڪليندا ته نهايت مسرت ٿيندي ۽ اسان ڏهرن جي ڪتاب ۾ به لکنداسين. والسلام.     – طالب الموليٰ

محترم عبدالرسول قادري بلوچ

سڪرنڊ، ضلع نوابشاهه (1980 – 12 – 31)

اي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،

پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،

آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين. (شاهه)

مانائتا سائين، شمس المحققين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته، پيارا سائين، سکڻي خوشامد کي شريعت ۾ منافقت چيو ويو آهي. ان ڪري هي بندو جو ڪجهه لکي رهيو آهي، ان کي دل جي ترجماني سمجهڻ گهرجي. اوهان جي علمي عظمت، ادبي تحقيقي خدمت کي سلام ڪرڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. چند مخالفن ۽ الهڙن کانسواءِ، ساري سنڌ اوهان جي علمي عظمت کان مطمئن آهي ۽ مُعترف پڻ. انهيءَ بناءِ تي اوهان کي ”محققن جو سج“ چوڻ، اوهان جو شان ۽ سنڌ وارن لاءِ باعث فخر اهڃاڻ آهي.

پيارا سائين، بندي کي اها خبر آهي ته اوهان تمام مصروف ۽ گهڻن ڪمن ۾ مشغول آهيو. پر پوءِ به اوهان ۾ خط جي جواب ڏيڻ جي اميد آهي، نااميد نه ڪندا.

سائين، جيئن ته اوهان شاهه عبداللطيف رحمت الله عليه جي ڪلام تي ڪافي تحقيق ڪري رهيا آهيو. تازو سرائي امداد علي هندستان مان ڪافي شاهه سائين جو ڪلام آندو آهي. ٿي سگهي ٿو ته انهيءَ ڪلام ۾ به شاهه سائين جو ڪجهه ڪلام نه هجي ۽ ڪو ادارو شايع ڪري ڇڏي. اهو غير جو ڪلام، شاهه سائين جو نه هوندو تنهنڪري تحقيق اڻ پوري رهجي ويندي ۽ اهل سنڌ انهيءَ ڌارئي ڪلام ڪري مونجهاري ۾ پئجي ويندا. خدارا اوهان انهيءَ ڏس ۾ ڇنڊڇاڻ ڪري، اصل ڪلام شايع ڪري، غير جو ڪلام خارج ڪري، شاهه سائين جي روح کي خوش ڪندا ۽ سٻاجهڙن سنڌين کي مونجهاري کان بچائي وٺند. اميد ته هن بندي، شاهه سائين جي شيدائي جو عرض قبول پوندو. ترت انهيءَ سلسلي ۾ ڪوشش وٺندا مهرباني.

ٻيو خاص عرض جنهن لاءِ گهڻي وقت کان وٺي سنڌ ۾ چون و چرا ٿي رهي آهي، ۽ تازو هڪ عورت انهي ڪم ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ۽ داد تحسين حاصل ڪري رهي آهي، اهو هي آهي ته شاهه سائين سان منسوب هيٺيان شعر شايد ڪنهن رسالي ۾ به آهن، انهن شعرن بابت تحقيق جو سوال آهي. شعر هي آهين؛

ملا! ملا! نه چئو، آهيڙي آهين،

مرون سندي ماس تي، ماڻڪ مٽائين،

کنيو قرآن ڪڇ ۾ رليا رلائين،

اهڙا ئي آهين، لعنتي لطيف چئي

ٻيو بيت ته:

مُلا مريئي ماءُ، پتو ڦسئي پيٽ ۾،

اکيين ڏسين الله، ٽٻي هڻين ڌوڙ ۾.

هاڻي سوال ٿو اٿي ته اسان شاهه سائين کي دنيا جو عظيم شاعر ٿا چئون ۽ ٻئي طرف شاهه سائين جي روحانيت، عظمت، اخلاق ۽ خانداني سلسلي ڏي نظر ڪري، وري مٿين شعرن کي ٿو ڏسجي ته حقيقت برعڪس نظر ٿي اچي ته ڇا شاهه سائين واقعي اهي شعر چيا هوندا؟


*  منھنجي پياري دوست محمد بخش جي وفات تي هي خط لکيائين – نبي بخش.

*  صوف سياڻو سگھڙ ھو- نبي بخش.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org