سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :38

اوهان به خيرن سان اسلام آباد مان موٽي اچي وطن جا وڻ وسائڻ وارا آهيو، خوشي ٿي جو فاصلو گهٽيو ۽ سنڌ جو ڀاڳ جاڳيو جو ان ۾ اڃا گهڻو ڪم آهي، منهنجي دلي تمنا آهي ته اوهان ”رسالي“ کي تڪميل تي پهچايو، ڇاڪاڻ ته منهنجو ايمان آهي ته هاڻي ڪو سنڌي اهڙو نه آهي جو شاهه کي انهي انداز سان پڙهي سمجهي ۽ ٻين تائين رسائي. انشاالله اهو ڪم خير سان پورو ٿيندو ۽ ان سان گڏ اوهان پنهنجي اعليٰ تصنيف ”پارس کاڻ“ کي لکي، ايندڙ نسلن کي سدائين لاءِ محفوط ڪري ڇڏيندا. پارس کاڻ سچ ته منهنجو اهڙو خواب آهي، جهڙو مومل واري ڪاڪ، ان کي پسڻ، پڙهڻ ۽ پرجهڻ ان لاءِ به ضروري آهي جو اسان ميڊيا ۾ سگهڙن جي دانائي سان ويڌن وڏا ڪيا آهن. چار بيت پنهنجا پراوا ياد ڪيو اچيو ويهو رهن. نه دانائي نه سگهڙپائي! لوڪ ادب جون اڪيچار صنفون، پر نه ڪنهن کي ڏور اچي نه ڳجهارت، نه گر، چيلي جو ڄاڻ نه ڏٺ جي خبر، ڪي  ڪي ڪڻا وڃي بچيا آهن ۽ انهن مان به ڪي بنهه پاٿاريدار ٿي ويا آهن. سگهڙن جون سوزڪيون ڀرجيون اچن، ٽي وي تي اچي همراهه اصل ”ٽان“ ”ڀريل سانڀرن“ وارو رخ اختيار ڪريو وڃن. بس هاڻي سگهڙپائي رڳو وڃي سينگار ۽ بيتن جي صورت ۾ بچي آهي ۽ اهي رنگ ٽي وي ريڊيو جي ڪري گهڻا مقبول ٿي ويا آهن. باقي ٿيو خير، ان صورتحال ۾ ’پارس کاڻ‘ جي گهرج اڃا به وڌي وئي آهي، ڌڻي توهان جي قلم کي ٻل ڏنو آهي، اميد ته ان ڏانهن به ڌيان ڏيڻ فرمائيندا.*

اوهان جو حڪم ٿيندو ته هر ڪم ۾ آئون موجود رهندس. حيدرآباد مون کي به سولي آهي ۽ ڳالهين سان گڏو گڏ گهڻي کان گهڻو ڪم ڪري سگهجي ٿو. هونئن به ڪم ڪرڻ ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان گڏ ڪم ڪندي، علم ۾ واڌارو ئي ٿئي ٿو. آئون اهو ئي ساڳيو پورهيت ۽ خدمتگار آهيان جيڪو هن دنيا ۾ اچڻ کان اڳئي هئس، اوهان جي ڪم ۾ منهنجي شموليت مون لاءِ اعزاز آهي ۽ اوهان جو احسان جو ان ۾ مون کي شامل ڪرڻ لاءِ سوچيو ٿا.

لوڪ ادب جي آفيس سان وابستگي جي پس منظر ۾ ٻه چار دوست (بزرگ) اسان کان وڇڙي ويا، محمد طالب لوهار صاحب ۽ احمد خان آصف صاحب! عجب جهڙا انسان هئا. محمد طالب مرحوم سان ته تمام گهڻيون رهاڻيون ٿيو، ڪيئي گفتار هن کان سکيم، ماڻهو شاندار پر ڪس کائڻ وارو نه هو، ڪم ۾ پنهنجي راءِ رکڻ جي ڪوشش ڪندو هو. ٻولين جي ڄاڻ، ٽوٽڪن جي کاڻ هو. لٽي ڪپڙي ۾ ملوڪ، خبر پئي ته موڪلائي ويو. دلي رنج ٿيو احمد خان آصف اسان کي لوڪ ادب ۾ مواد موڪليندو هو. پاڻ شاعر هو، ٽي وي تي اچڻ کانپوءِ ساڻس ملاقاتون ٿيون. سمجهو، عروض جو ڄاڻو، جو مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي ديوان جو مقدمو کائنس لکرايو. چڱو انسان هو. دشمني ۾ سندس ڳوٺ ۾ ئي کيس سندس ڀيڻ ۽ شايد نياڻي کي ماڻهو ماري ويا. هن ابتر حال ۾ سنڌ مان چڱا ماڻهو وڃن ٿا لڏيندا. بس رهي نانءَ سائين جو! خير سان ايندا ته ڪچهريون به ڪبيون ۽ گهڻا ڪم به ڪبا.    -ممتاز مرزا

......9.......

• مورخ ڪراچي 12 آگسٽ 1989ع

قبله سائين، اسلام عليڪم

اوهان جو خط پهتو، مهرباني، تازي ”مهراڻ، ۾ ”شاهه جي رسالي“ جي مقدمي جو حصو شايع ٿيو آهي، منهنجو خيال آهي ته رسالي جو اهو اهم مقدمو، ائين ٽڪرن ۾ ڇپجڻ مناسب نه آهي. جيڪڏهن اهو مقدمو هڪ ئي وقت، اصل رسالي سان پڙهيو ويندو ته ڏاڍو سٺو لڳندو. ساڳئي وقت اسان جي همراهن جو قلم به بنهه تکو آهي، ڀٽ شاهه وارن توڙي بورڊ وارن جي ڪم جو آهي الله واهي. سو جيستائين رسالو شايع ٿئي ٿو، تيستائين ڪو يار انهن حصن مان هٿڙيون هڻي وڃي پار پئي! ”مهراڻ“ جو پنج سئو ڪاپيون، ڪيترا سنڌي پڙهندا هوندا! رسالو ته هر ڪو وٺندو ۽ پڙهندو منهنجو خيال آهي ته اهو اهم مقدمو ائين شايع ٿيڻ نه گهربو هو پر اوهان ضرور ڪا ڳالهه ذهن ۾ رکي انهيءَ جي اشاعت جي اجازت ڏني هوندي، سو به ضميمي طور!

اوهان ڀٽائي جي ميلي تي ضرور اچو، اسان جو ته هاڻي ان ڪم سان ڪو واسطو ئي نه رهيو آهي، خصوصاً اختر صاحب (چيف منسٽر) سان هن ۾ اهو وڙ ئي نه رهيو آهي جو هن سان ڪو تعلق رکجي. هن اسان جي مهربانن ۾ مدد جو اهو اجورو ڏنو جو مٿي وزيراعظم کي حميد ۽ منهنجي خلاف درخواستون ڏنيون آهن ته اسان ٻئي صفيا، جوڻيجي ۽ غوث علي شاهه جا ماڻهو آهيون، انهي ڪري هنن کي پنهنجن جاين تان هٽايو وڃي. حميد جي هٽڻ جو هڪ سبب اهو به آهي، ڇو ته ڪن سياسي ڪارڪنن جي ڪري اختر وزيراعظم صاحب کي بنهه ويجهو آهي. خدا خير ڪندو اسان جي سنڌي ادارن جي جيڪي اوهان جي محنت سان قائم ٿيا ۽ اوهان جي نقش قدم هلندي، حميد به انهن کي قائم رکيو آهي. اسان کي دعوت ته ڪانه ملندي پر ميلي ته اچبو ضرور، اتي اوهان سان ملاقات انشاءَ الله ضرور ٿيندي.

سنڌالاجي جو ڊائريڪٽر عبدالقادر جوڻيجو منهنجو تڏهن جو دوست آهي، جڏهن هو ڀالواهه (ٿر) ۾ پرائمري استاد هو. پيارو ماڻهو آهي. هن جي خواهش آهي ته اوهان سنڌالاجي لاءِ ڪو ڪتاب لکو. مون  ساڻس ”پارس کاڻ“ جو ذڪر ڪيو، همراهه ڏاڍو خوش ٿيو.ان کان سواءِ ٻيو ڪو ڪتاب اوهان ڇپائڻ چاهيو. بنا دير شايع ٿيندو. ڪمپيوٽر جو زمانو اچي ويو آهي ۽ سنڌالاجي به ڪمپيوٽر خريد ڪرڻ واري آهي. رشيد شاهه وي سي آهي، سندس به ڀلا ڀلان آهي. جيڪڏهن ڳالهه مناسب لڳي ته ذهن ۾ رکندا. نيٺ سنڌالاجي به ته اهان جو ئي قائم ڪيل ادارو آهي.

اوهان فرمايو هو ته لغت ۽ لوڪ ادب جي تجويز بابت ”وساريان نه وسرن“ جي نوع جو ڪتاب لکان، سو مون ”شاهه“ تي ڪيل اوهان جي تحقيق“ تي ڪي عنوان قائم ڪيا آهن، جن تحت لکڻ جو خاڪو تيار ڪيو اٿم. عنوان هن طرح آهن؛

1- پس منظر   2- لغت ۽ لوڪ ادب

3- اساس شاعري      4-شاهج جا راوي ۽ فقير

5- راڳ ۽ ساز 6- تصنيفون ۽ تاليفون

7- معياري متن

هن ڏس ۾ اوهان جي رهنمائي جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اجازت ملندي ته ”پس منظر“ ۾ اوهان جي شخصيت تي گهڻو ۽ دل سان لکي سگهبو، انهن ڪشالن کي محفوظ ڪيو ويندو جيڪي اوهان سنڌ ۽ سنڌين جي عشق ۾ بنا طمع ۽ستائش جي ڪيا آهن.

اوهان جي خط مان لڳو ته اڃا ڪجهه عرصو اوهان اسلام آباد ۾ رهندا، ۽ هٿ ۾ کينل ڪم مڪمل ڪندا. منهنجو ذاتي خيال آهي ته انهيءَ علائقي جي گهڻي خدمت ٿي وئي ۽ لڳي ائين ٿو ته اتي به انهيءَ ڪم جي قدر ڪرڻ وارا ماڻهو باقي ناهن بچيا، بيشڪ بين الااقوامي سطح تي انهيءَ ڪم جو وڏو مقام ۽ مان آهي پر جن جو راڄ آهي، اُهي پهرين پنهنجن کي ستائيندا آهن،شايد اسان وارن همراهن کي لطف ئي انهيءَ ۾ ٿو اچي يا وري احساس ڪمتري جا شڪار آهن، جو گهر کي ڪٽي، ٻين آڏو ٿا سرخرو ٿين. خبر ناهي”سجاول واري سائين“ سان اوهان جو واسطو آهي يا نه، جي نه آهي ته خير ٿيو، جي آهي ته پوءِ اهڙي همراهه سان اوهان ڪيئن ڪم ڪندا، مون کي هتي ويٺي  سمجهه ۾ نه ٿو اچي، بهرحال اوهان حالتن جا بهتر امين آهيو، ايترو ضرور چوندس ته ”اوهان کي هاڻي آئون ذاتي طرح سان سنڌ ۾ آزاد ۽ بنهه آزاد ڏسڻ جو خواهشمند آهيان. خبر ناهي ڇو؟“ گهڻا ئي ڪم آهن،هوريا ڏاڍيان پيا ٿيندا، اوهان جو ٻين ڪمن سان ايڏو لاڳاپو سنڌ کي اصل رولي ڇڏيندو. اوهان کان سواءِ ”سچي سنڌ“ کي ٻيو ڪير پڌرو ڪندو، سنڌ جا املهه خزانا ڪير محفوط ڪندو، ڪير سنڌين ۽ سنڌ جي انگلن ۽ آرن کي ايندڙ پيڙهين لاءِ ڪاڳرن ۾ قابو ڪندو، مون کي به اهڙو ماڻهو نٿو سجهي.

مون کي معاف ڪندا جو ڪڏهن ڪڏهن آئون حد اورانگهي محبت ڪندو آهيان، پر دل چوي ٿي ته اوهان اسان کي اوڏا هجو. اڪثر دل منجهي پوندي آهي، پريشان ٿيندي آهي. ڏاڍن جي ڏيهه ۾، پنهنجن کان ايترو پري، تڏهن سڪون ملندو اٿم جڏهن اوهان جو ڪو مون وٽ محفوظ خط يا اوهان جو ڪنهن ڪتاب جو مقدمو پڙهندو آهيان. خبر ناهي اها ڪهڙي ڪيفيت آهي.

اوهان سيپٽمبر ۾ ايندو، اطلاع ڏيندا ضرور ملاقات ٿيندي، اوهان کي ڏٺي ٻڌي ڏينهن ٿيا، دل گهري ٿي.

- ممتاز مرزا

.....10.....

• مورخ 15 فيبروري 1978ع، ڪراچي

قبله سائين،

السلام عليڪم: پنڌرهن ڏينهن کان پوءِ حيدرآباد آيس ته اوهان جو خط مليو. ڏهه ٻارنهن ڀيرا اهو سهڻو ۽ محبت ڀريو خط پڙهي چڪو آهيان. ڪيترين ڳالهين ذهن ۾ هڪ قسم جو مانڊاڻ مچائي ڇڏيو آهي، انهيءَ ڪيفيت جي اظهار لاءِ سچ پچ ته قاصر آهي.. اوهان جون خدمتون ۽ يادگيريون اکين آڏو اُڀريو اچن، ۽ وري هن خط تي غور ڪريان ٿو ته پاڻ کي خوش نصيب محسوس ڪريان ٿو جو اوهان اهڙن لفظن سان نوازيو آهي، جنهن لائق آءُ پنهنجو پاڻ کي اڃا نٿو سمجهان، علم جي جستجو جي منزل اڃا اسان کي ايڏي اوڏي نه آهي، اڃان ته اسان ’گندي ۽ گراهه‘ جي آزار مان ئي پاڻ نه ڇڏائي سگهيا آهيون، اوهان جي محبت ۽ تربيت آهي جو هن هڻ وٺ جي جهان ۾ اڃا پير پٽ تي آهي، ورنه ڪيترا اهڙا ڏٺاسين جن کي وکر مان ڪا سُتي مس پلئه پئي جو حڪيم بڻجي پنهنجي پنهنجي هٽ جو نئون هوڪو ڏيندا پيا وتن؛ ۽ جي سندن حال تي غور ڪجي ته صفا سُڃ محسوس ٿيندي.

قبله سائين، اوهان تبريزي ۽ چلپي جو ذڪر فرمايو آهي، ۽ مولانا جي نسبت سان بيشڪ انهن ٻن بزرگن مولانا جي علم کي پکيڙيو ۽ آماده ڪيو، پر مولانا پاڻ سج مثال هو، هو ٻين ڪيترن ئي تارن کي روشن ڪرڻ وارو هو. مثنوي جا سمورا دفتر وقت، ادب ۽ تاريخ جي وهڪري جي ضرورت هئا، چلپي جيڪڏهن نه به هجي ها ته علم ۽ عرفان جو اهو درياءَ ضرور وهي ها ۽ انسان جي ٺوٺ ذهن کي فڪر جي نون گلن سان سينگاري ها. تبريزي ۽ چلپي جي حيثيت مولانا جي روشني جي ڪري روشن ۽ اعليٰ  بڻي، ورنه شعر و ادب جي تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي ذهين ۽ اعليٰ فهم ورا ائين ساعتن لاءِ جلوو ڏيکاري اُجهامي ويا، مولانا جي ڪري ئي اهي ٻئي بزرگ اڄ به زندهه آهن، جيستائين انساني ذهن، علم لاءِ وؤڙيندو رهندو. اهي سلامت رهندا مان هجان يا استاد محمد اسماعيل اهي بذات خود نه ڪجهه آهن ۽ نه ئي ڪا اهڙي خواهش اٿئون، جيڪڏهن ڪا تمنا آهي ته اها ته جڏهن به اوهان جو نالو ورتو وڃي، اسان جو نالو نيازمندن ۾ شمار ٿئي، اهو اسان لاءِ وڏي ۾ وڏو اعزاز ۽ سرمايو آهي. ان کان وڌيڪ اسان نه ڪا طلب ڪئي آهي ۽ نه ئي ڪنداسين.

هن دور جي بي قدري ۽ قدرداني جو مسئلو: انهيءَ لاءِ اوهان بلڪ بجا فرمايو آهي. اسان سنڌي سدائين ڪوتاهه عقل ۽ نظر رهيا آهيون. اسان پنهنجن کي مارڻ ۽ ڌارين کي سارڻ وارا جيڪڏهن پنهنجن جو قدر ڪريون ته ڪر ڪو مامرو ئي نه مچي پر ڇا ڪريون جو اسان پنهنجي فطرت کان مجبور آهيون. سکڻي واهه ڪري جيڪڏهن ڪنهن جي دل وڌائينداسين ته به پنهنجي پنهنجي جاءِ ته هرڪو پيو ويڪون ڪڍندو ۽ رايا رٿيندو. انساني لاڳاپن ۽ احساسن کي اسان سدائين سطحي نڪتي نظر سان ڏٺو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان پاڻ، ٻين جي ريس ۾ اچي، پنهنجين علمي ۽ ادبي محنتن جون ’رونمايون‘ ڪرايون ٿا ۽ داد وصول ڪريون ٿا، شامون ملهائيون ٿا. اها اڄ جي دور جي پبلڪ رليشننگ آهي، جنهن ڪري علم ۽ ادب ثانوي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي، ۽ شخصيتون اجايو قداور ٿي ويون آهن. اوهان سدائين علم ۽ ادب کي اعليٰ رکيو آهي، ڪڏهن اهڙن مصنوعي سهارن جي ضرورت کي محسوس نه ڪيو آهي، ۽ يقيناً انهيءَ جي گهرج به نه آهي. هڪ عالم ، عالم ئي رهي ٿو. ’شوبزنس‘ جو نمائندو نٿو ٿي سگهي. اسان جي ڪيترن بزرگن ۽ عالمن بنا ڪنهن سبب جي علم کي نظر انداز ڪري، شوبزنس وارو گس اختيار ڪيو آهي. اُهي ائين ڪن، ڀلي ڪن، اسان پنهنجو گس نه ڇڏينداسين. نيٺ هڪ ڏينهن ته انهيءَ ٺوٺ ڌرتيءَ تي ڪو رابيل ٽڙندو!

قبله سائين، اوهان جي علمي ڪاوشن جي سڄي تاريخ منهنجي اکين آڏو آهي، مون وٽ اوهان جي تلاش ۽ جستجو هر لمحي جو داستان محفوط آهي، اوهان کي ڪنهن به شخص جي اجائي همت افزائي جي ضرورت نه آهي. اوهان پاڻ سج آهيو ڪنهن ٻي روشني جي اوهان کي ضرورت نه آهي ۽ نه ئي رهندي، رهيو وقت جو سوال ته سائين وقت اسان جي وس ۾ آهي، اڃا نه اسان مايوس ٿيا آهيون ۽ نه ئي اهڙا ڪُراڙا جو وقت اسان کان ڇڏائجي وڃي. اسان جو وٿيون، علم جي راهه ۾ رڪاوٽ نٿيون ٿي سگهن. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته حياتي بنهه بي ڀروسي شيءَ آهي، پر اسان جو اعتماد، اسان جي همت، اسان جي سچائيءَ، ۽ مقصد سان محبت ڪري ايتري اجازت ضرور ملندي جو اسان سڀ رهيل ڪم پورا ڪريون. انشاءَ الله جي جذبا سچا آهن ته منزلون اسان جون آهن، ۽ اوهان جي تربيت ۽ محبت اسان کي اهو درس ڏنو آهي ته منزل کي ڪيئن حاصل ڪجي.

هاڻي آءُ اوهان جو ڌيان هڪ نئين مسئلي ڏي ڇڪائيندس. سنڌ مان اوهان جي ڊگهي غير حاضري ۽ اسلام آباد ۾ سڪونت ڪري، ڪيترن ارڏن ۽ اڻانگن ماڻهن کي اهو احساس ٿيو آهي ته ڊاڪٽر صاحب جن جو سنڌ ۾ هئڻ تمام ضروري آهي. اهو احساس قدامت جو آهي يا پاڻ پرڀائڻ وارو. پر آهي ضرور. اوهان جي اصولن ۽ فيصلن جو مون کي يقيني علم آهي. اوهان جيڪي فيصلا ڪندا آهيون، اهي اڳ پٺ ڏسي وائسي پوءِ ڪندا آهيو. ان ۾ جذبات جو مسئلو گهٽ ۽ عقل جو عمل دخل گهڻو هوندو آهي. هتي اسان جا ڪي دوست بنا ڪنهن سبب جي انهيءَ پرچار ۾ مشغول آهن ته اوهان  واپس سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر ٿي پيا اچو. ڪو وقت اهڙو هو جو همراهن ان سلسلي ۾ ايڊيٽوريل لکيا، انهن ماڻهن جن تمام آڳاٽو، جنهن وقت اڃان سنڌ يونيورسٽي جو ايترو مُنهن اڇو نه ٿيو هو. تڏهن به انهن سڄڻن ٻن قسطن ۾ ويهي اوهان خلاف ايڊيٽوريل لکيو هو ته ڊاڪٽر صاحب عالم فاضل آهي پر منجهس انتظامي صلاحيتون نه آهن. اڄ انهن مهربانن جي ذهن ۾ رڳو اوهان جو نالو آهي! وقت ايترو گهڻو نه گذريو ۽ نه ئي عام ماڻهن وانگر پڙهيل لکيل ماڻهن جا حافظه ڪمزور آهن. اِهو تغير آخر هن وقت ڇو؟ اوهان پنهنجن مسئلن کي نهايت ئي بهتر نموني ۾ سمجهي سگهو ٿا. پر منهنجي ذهن ۾ اوهان جو هڪ جملو سدائين ياد رهندو آهي. هڪ ڀيري ڪراچي کان هڪ سوزڪي ۾ اوهان سان گڏ، حيدرآباد پي آيس، يونيورسٽي ڪيمپس وٽان لگهندي اوهان چيو هو”جنهن شيءَ کي ڇڏجي، ان ڏي وري منهن نه ڪجي“.

مون کي خبر نه آهي ته آءُ هي سڀ ڪجهه ڇو پيو لکان، پر هڪ جذبو آهي. خدا جي فضل سان اوهان سڀ ڪجهه دنيا ۾ ڏسي وائسي چڪا آهيو، هاڻي اوهان لاءِ ڪي عهدا اهم نه رهيا آهن. اوهان جي شخصيت عهدن کي شان بخشڻ واري آهي. هن وقت يونيورسٽي جو رت چوسجي چڪو، جنهن ۾ ڪو ساهه ئي ڪونهي، ان کي نئين حياتي ڏيڻ لاءِ اوهان جي اعليٰ شخصيت جو استعمال منهنجي خيال ۾ نهايت ئي نامناسب آهي. وڌيڪ اوهان جو نظرون وقت جي رفتار تي آهن، اوهان بهتر ۽ صحيح نموني ۾ سوچي سمجهي سگهو ٿا.


*   پهريائين نالو’پارس کاڻ‘ هو،پر ان کي ’هيرن کاڻ‘ ڪيو ويو. جنهن جا پنج جلد ڇپجي چڪا آهن. جلد ڇهون ڇپائي هيٺ آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org