ناشر طرفان مهاڳ
وقت جي عالم جي ”خط و ڪتابت“ تاريخي اعتبار سان وڏي اهميت واري
آهي. انهيءَ ڪري راقم هن کان اڳ اسان جي وقت جي
وڏي عالم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ڏانهن لکيل خطن
کي ”پيارن جا پيغام“ جي عنوان سان سنه 1425 هه /
2004ع ۾ ڇاپايو. اهو ڪتاب نهايت مقبول پيو ۽ ڊاڪٽر
صاحب کي گذارش ڪئي وئي ته جيڪڏهن سندن ذخيري مان
ٻيا به ڪي خط دستياب ٿين ته اهي به شايع ڪيا وڃن.
سندن مهرباني جو منهنجي استدعا تي پاڻ پنهنجي سڄي
ڪتبخاني تي نظر ڪيائون ۽ باقي خطن جو ذخيرو ميڙي
چونڊي ڏنائون جيڪو هاڻي ”ڀاڱي ٻئي“ طور ”سڄڻن جا
سلام“ جي عنوان سان شايع ڪيو وڃي ٿو.
آءٌ ڊاڪٽر صاحب جن جو ممنون آهيان جو هن ڪتاب جي نالي چونڊڻ، هن
لاءِ خطن کي مرتب ڪرڻ ۽ هن ڪتاب جي پروفن پڙهڻ جو
بار پنهنجي ذمي ڪيائون. ان لاءِ خاص طرح، ڪارڪن
احسان علي لغاري کي پنهنجي ڪامپيوٽر تي ويهاري سڄو
مواد پنهنجي نگراني هيٺ ڪمپوز ڪرايائون ۽ پاڻ پروف
پڙهيائون.
هن ڀاڱي ۾، ڊاڪٽر صاحب ڏي لکيل خطن جو هڪ وڏو تعداد شامل آهي،
جيڪي سنڌ جي هر ڀاڱي مان هر طبقي جي سڄڻن لکيا
آهن. انهن ۾ مشائخن، مرشدن، عالمن، حڪيمن، اديبن،
شاعرن، استادن، شاگردن، شهرين ڳوٺاڻن جا خط ۽ پڻ
ڪن ڪچهرين وارن سگهڙن، فقيرن ۽ ڳائڻن ۽ وڄتن جا
لکيل نياز ناما شامل آهن.
معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب جي خط و ڪتابت جو سرڪل وڏو وسيع رهيو
آهي ۽ جئن پاڻ پنهنجين ٻين تحريرن کي اوچ تي
پهچيائون تئن سنڌ جي سڄڻن سان به ڀرپور خطو ڪتابت
ڪيائون. اهو سلسلو، سندن حياتيءَ ۾ هاءِ اسڪول جي
شاگرديءَ واري دور کان شروع ٿيو. سڀ کان پهريون خط
محترم عبدالرحيم ميمڻ جو سنه 1932ع ۾ لکيل آهي،
جڏهن شاگرد بلوچ ”نوشهره مدرسه ۾ ٽيون درجو
انگريزي پڙهند هو.“
هڪ طرف ڪن وڏن عالمن ۽ سياسي شخصيتن (علامه آءِ. آءِ قاضي،
ڊاڪٽر دائود پوٽي، سائين جي.ايم سيد، مير علي احمد
خان ٽالپور ۽ ٻين) طرفان ڊاڪٽر صاحب ڏي خط لکيل
آهن ته ٻئي طرف درگاهن جي مشائخن ۽ ڀلارن بزرگن به
پنهنجن خطن ۾ ڊاڪٽر صاحب کي پيار سان ياد ڪيو آهي.
اسان ڊاڪٽر صاحب جا شڪر گذار آهيون جو پاڻ جناب
پير صاحب پاڳاري ۽ سندن ڀاءُ طرفان 1947ع ۾ لکيل
خطن جا فوٽا هن ڪتاب ۾ شامل ڪرڻ لاءِ ڏنائون اهي
خط ان وقت جي صاحبزادي سائين سڪندر شاهه (موجوده
پاڳاري سائين) ۽ سندن ڀاءُ سائين نادر شاهه مرحوم
لنڊن مان لکيا جڏهن ان وقت بلوچ صاحب پاڻ شاگرد هو
۽ نيويارڪ جي ڪولمبيا يونيورسٽي ۾ پڙهي رهيو هو.
ٻي وڏي درگاهه جي سجاده نشين سائين مخدوم طالب
الموليٰ صاحب جا پيار ڀريا خط آهن جن مان ڪي
پهرئين جلد ”پيارن جا پيغام“ ۾ شامل آهن. ٽيو
سائين فقير موٽيل شاهه سبروزاري سيوهڻ ۾ قلندر
شهباز جي درگاهه جي درويش جا خط آهن. جنهن جو
ڊاڪٽر صاحب سان پيار ڀريو ناتو هو. چوٿون، درگاهه
جهوڪ جي سائين صوفي عبدالستار ۽ ڳوٺ صوفي (اهر) جي
فقير روشن الدين جا لکيل خط آهن. انهن سڀني
سونهارن جي خطن جا فوٽا ڪتاب جي شروع ۾ سندن دستخط
جي يادگار طور ڏنا ويا آهن.
هي ڪتاب ڊاڪٽر صاحب ڏانهن لکيل خطن جو هڪ وڏو تاريخي ۽ ادبي
رڪارڊ آهي، گهڻو ڪري سڀني خطن ۾ تاريخون ڄاڻايل
آهن ۽ انهن مان مختلف وقتن تي ملڪ جي حالات تي
روشني پوي ٿي. جئن خطن لکندڙن جي تحريرن ۽ عبارتن
جون خوبيون معلوم ٿين ٿيون، تيئن جدا جدا وقتن جي
ڊاڪٽر صاحب جي مشغلن ۽ مشڪلاتن تي به روشني پوي
ٿي. انهيءَ لحاظ سان هن ڀاڱي توڙي پهرين ڀاڱي
”پيارن جا پيغام“ ۾ شامل سڀني خطن جي وڌيڪ مطالعي
جي ضرورت آهي. ٻه خاص ڳالهيون جيڪي هر پڙهندڙ کي
ذهن نشين ٿينديون سي هي آهن. هڪ ته ڊاڪٽر صاحب
پنهنجي زندگيءَ ۾ هڪ خادم جو صحيح رول ادا ڪيو آهي
يعني هر ڪنهن جي پنهنجي پڄنديءَ آهر مدد ڪئي آهي ۽
ڪوبه ڊاڪٽر بلوچ کان نااميد ٿي نه ويو آهي. ٻيو ته
ڊاڪٽر صاحب جتي به هجي اتي يا ته سنڌ بابت وڌيڪ
معلومات گڏ ڪيا يا سنڌ بابت لکيو آهي. مرحوم ممتاز
مرزا ۽ مرحوم محمد اسماعيل شيخ جي خطن مان معلوم
ٿيندو ته نيويارڪ ۾ توڙي اسلام آباد ۾ ڊاڪٽر صاحب
سنڌ بابت تحقيق ۾ مشغول رهيو.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب ڏانهن لکيل خطن جا هي ٻه جلد جيڪي خاص عملي
ادبي خدمت خاطر سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم پاران ڇپايا
ويا آهن، سي اميد ته سنڌ جي سماجي، ادبي ۽ تاريخي
مواد ۾ پيش بها اضافو ثابت ٿيندا.
فقط والسلام
محمد عثمان منگي
سرپرست اعليٰ
سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم
ڪن يادگار خطن جا فوٽا
جناب صاحبزادو سائين سڪندر شاهه 1947ع
(موجوده پير پاڳاره سائين)
صاحبزادو سائين نادر شاهه 1947ع
(سڪندر شاهه سائين جو ڀاءُ)
جناب غلام مرتضيٰ شاهه (جي. ايم سيد) 1954ع
جناب مخدوم صاحب طالب الموليٰ 1959ع
جناب صوفي عبدالستار صاحب، جهوڪ 1960ع
جناب سيد موٽيل شاهه سبزواري، سيوهڻ – 1965ع
جناب صوفي چيزل شاهه، فتحپور 1981ع
جناب سيد غلام شاهه لطيفي، 1975ع
محترم قاضي اختر مورائي
ڪهڪشان منزل مورو (1973 – 5 – 6)
مڪرمي عزت مآب اعليٰ حضرت بلوچ صاحب دائم عنايتکم،
السلام عليڪم: گذارش ته فارسيءَ جي امحتان جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ
جي سلسلي ۾ 5 مئي 1973ع تي شام جو ايران ڪلچرل
سينٽرل جي تقريب ۾ شرڪت ڪرڻ جو شرف مليو. ان مجلس
۾ اوهان بزرگن جو محققانه انگريزي مقالو ٻڌڻ جو به
اعزاز حاصل ٿيم! مان اوهان کي اهڙي مدلل مقالي پيش
ڪرڻ تي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. مان ته ايئن
چوندس ته انهيءَ تقريب جو روح اهو هڪ ئي متبرڪ
مقالو هو. ڪهڙو نه چڱو ٿئي ها جو اهو مقالو اڳ ۾
شايع ڪرائي خانه فرهنگ ايران وارا حاضرين ۾ تقسيم
ڪن ها جيئن ان مان ذي علم حضرات استفادو حاصل ڪن
ها، مان ته ان مقالي کي وڏي تحقيقات جو مصدر ۽
منبع چوان ٿو. وري به هڪ دفعو مبارڪون قبول
فرمائيندا. جيڪڏهن ان مقالي جي ڪاپي مونکي عنايت
ٿي ته ان جي اعليٰ معيار تي ڪنهن اخبار ۾ پنهنجا
خيال ظاهر ڪرڻ سعادت سمجهندس. گر قبول افتد زهي
عزو شرف!
- اختر مورائي
.....2.....
* مورخ 12 جنوري (1985 ڪهڪشان منزل مورو
بخدمت شريف محترم باشان رفيع الدرجات اعليٰ بلوچ صاحب،
السلام عليڪم ورحمته الله و برکاته و مغرفتہ،
احوال طرفين بخيريت باد! بحرمته النون و الصاد!
بعد از آستانه لي واقدام بوسي و آداب تسليمات جي گذارش ته بنده
سائين جن جي ملاقات کان شرفياب ٿيڻ لاءِ حضور جي
آستانه تي 29 ڊسمبر 1957ع جي آيو هو مگر شرف
ملاقات جو حاصل ٿي نه سگهيو جو سائين جن ٻاهر وڃڻ
هئا.
عرض گذارڻ کان اول قدري تعارف ضروري ڄاڻان ٿو. بنده کي اختر
مورائي سڏيندا آهن. مان مورائي قاضي خاندان جو هڪ
فرد آهيان. مولوي صاحب حاجي ميان محمد صادق جن
منهن جا نانا آهن توهان صاحب جڏهن موري آيا هئا ۽
حضرت مولوي صاحب جن سان ملاقات ڪئي هُئو ته مان به
اتي حاضر هوس جو ملاقات ختم ٿيڻ بعد توهان کي قاضي
ميان محمد طبيب صاحب جن جي اسپتال ۾ وٺي آيو هوس.
سائين منهنجا بنده پرائمري اسڪول ۾ ماستر آهي. سندس سروس هن وقت
14 سال آهي ڪاليج ٻه سال پاس ڪيل آهي ۽ سنڌ
يونيورسٽيءَ مان اديب سنڌي امتحان ۾ ٻيو نمبر تي
اديب عالم سنڌي امتحان ۾ ٽيون نمبر پاس ٿيو آهي.
حضرتا! منهن جو خيال آهي ته مونکي حيدرآباد جي
ٽريننگ ڪاليج ۾ پروفيسري ملي ان لاءِ بنده جو
امداد لاءِ توهان ڏانهن دل جو رايو اچي بيٺو آهي.
قوي اميد اٿم ته اوهان جي ئي تعاون سان دلي مقصد
بر صواب ٿيندو.
هي عريضه صرف ان خيال کان عرض گذاري رهيو آهيان ڇاڪاڻ ته مولوي
صاحب جن جو به ارشاد هئو ته بلوچ صاحب کي لکي
موڪل، جواب مرحمت ٿيڻ لاءِ هڪ لفافه ائڊريس پيل
خدمت عاليه ۾ عرض گذاريان ٿو. قوي اميد اٿم ته
جواب باصواب اهڙو ته مرحمت ٿيندو، جنهن مان دل کي
سرور حاصل ٿيندو مذڪور ڪم لاءِ جئن ارشاد تيئن
بجاآوري ڪئي ويندي.
- اختر مورائي
محترم اسدالله قاضي
ايشئن انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي
بينڪاڪ، ٿائيلينڊ (1974 – 10 – 15)
پيارا بلوچ سائين،
السلام عليڪم: ڪالهه هڪ ملتاني دوست جي گهر ڳالهه اچي نڪتي ته
سنڌي، ملتاني ۽ پنجابي زبانون هڪ ٻئي سان ايتريون
ته ملندڙ جلندڙ آهن جو ڪنهن کي گهرجي ان تي ڪو
تحقيقي مضمون لکي. مون اوهانجو ذڪر ڪيو. همراهن کي
جڏهن اوهانجي علمي ۽ ادبي لياقتن جي خبر پيئي ته
دنگ رهجي ويا. رات وري خواب ۾ اوهانجو ۽ سنڌ
يونيورسٽي جو ديدار نصيب ٿيو. رهي نه سگهيس سوچيم
ته اوهان کي ٻه اکر لکي دل تان بار لاهيان.
سائين منهنجا! ڪافي ڏينهن اڳ خبر پيئي ته اوهان کي سنڌ
يونيورسٽيءَ جو وقتي وائيس چانسلر مقرر ڪيو اٿن،
سوچيم ته مبارڪن جو خط لکان. پر وري کڻي ماٺ ڪيم،
چيم ته سائينءَ کي مبارڪون تڏهن ڏبيون، جڏهن کين
پڪو وائيس چانسلر ڪندا. اهي ڏينهن، هي ڏينهن نه
اوهان خط لکيو ۽ نه وري مون خط لکيو. آئون خدا جي
فضل سان خوش آهيان. ماستر ماڻهو سارو وقت پڙهائڻ ۽
لکڻ ۾ گذريو وڃي. دوستن ٻارن ۽ ملڪ جي ڏاڍي ياد
ايندي آهي، پر پنهنجن جون ڏاڍايون جڏهن ياد
اينديون آهن تڏهن سوچيندو آهيان ته في الحال هتي
ٺيڪ آهيان.
هڪ ننڍڙي موٽر ورتي اٿم، جڏهن به ڪو يار ايندو آهي ته کيس هوائي
اڏي تان وٺي اچي پاڻ وٽ رهائيندو آهيان. ڏاڍيون
ڪچهريون ٿينديون آهن ۽ هڪ ٻئي کي حال احوال ڏبا
آهن.
اوهان اچو ته وري ٻڌايو به ڪونه! خير بادشاهه ماڻهو آهيو.
بادشاهن تي ڪهڙي ميار! عيد ويجهي آهي، اوهان کي
عيد جون مبارڪون هجن. خدا ڪري خوش هجو.
- اسد
محترم الحاج مرزا افضل بيگ
درالخطيب، قليچ آباد، ٽنڊوٺوڙهو، حيدرآباد (1958 – 2 – 15)
برادر عزيز ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سلم الله تعاليٰ،
السلام عليڪم و عليٰ من لديکم ورحمت الله و برکاته و مغفرته.
اما بعد خيريت طرفين مطلوب عرض ته اوهان جو مکتوب
محٻت اسلوب محاله جمعروز ساعت سعيد مهل جي ۾ مليو
جو باعث مسرت و اطمينان جو ٿيو. الحمدالله حضرت
علامه صاحب آءِ آءِ قاضي سان اڄ ڪلهه جو رستو نه
آهي، ورهين کان قديم رشتو ۽ رستو آهي. علامه صاحب
اسانجو عزيز ۽ قريب ترين آهي. اسين صحبت ۽ محبت
سان کين لکون ۽ چئون ٿا. سندن ارشاد جي تعميل
اوهان ڪئي آهي، چڱو ٿيو. پر هن ڳالهه کي چوندي به
سال گذريا آهن. بورڊ ته هڪ ڪتاب ديوان قليچ ڇپايو
آهي. اوهانجي تجويز ڪيل ڪتابن کي هٿ به نه لاتو
اٿن. صرف نحو اوهانجي چوڻ موجب شايع ٿي رهيو آهي.
ان تي نوٽ لکي ڏجو ۽ ڪتاب يادگيريون حضرت شمس
العلماءِ ميرزا صاحب عليه الرحمته جن جي ۾ مختصر
سوانح عمري فوٽو به وجهجو. ڪتاب ڪيميائي سعادت سڄو
تيار رکيو آهي، ان لاءِ به محترم قاضي صاحب جن کان
پڇجو. مونکي اميد آهي ته اوهان بورڊ وارن کي وري
نئين سر لکندا ۽ چوندا ته ڪتاب ڇپين، علامه صاحب
جن چيئرمن صاحب کي لکي موڪلين. ڪتاب بهترين ڇپجي
وڃن ته نهايت چڱو ٿئي. انهيءَ ڏس ۾ اوهان کي اڻ ٿڪ
محنت ڪرڻي پوندي.
حضرت ميرزا صاحب مرحوم جن جي ڪتابن لاءِ ته هر هڪ سنڌي کي محنت
ڪرڻ گهرجي، پر خدا جو شان سڀ نفسا نفسي ۾ آهن.
بهرحال مونکي خوشي ٿي ته اوهان حضرت علامه صاحب جن
جي حڪم جي تعميل ڪئي. هاڻي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي. مون
برادرم محترم رئيس حاجي ميرزا اسد بيگ صاحب کي
اوهانجو مڪتوب ڏنو آهي.
”يادگيرين“ تي حضرت علامه صاحب جن به نوٽ لکن. اوهان اسانکي
وساريو آهي. مونکي بخوبي ياد آهي ته اوائل ۾ جڏهين
پهرين اوهان علامه عمر بن محمد دائود پوٽي صاحب وٽ
آيا هئو ته اتي موصوف توهانجو مونسان منهنجو توهان
سان ڪراچي ۾ تعارف ڪرايو هو. هتي يونيورسٽي ۾ ته
اوهان ڀُلجي ويا آهيو. مونکي اوهان لاءِ حسن ظن
آهي، رب ڪريم خوش رکيوَ. علامه صاحب ته اسانجو
محترم بُزرگ آهي. آئون کين جدا لکي رهيو آهيان.
ٻيو سڀ خير.
- مرزا افضل بيگ
.....2.....
* مورخ 16 سيپٽمبر 1974ع
عزيز از جان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب سلم الله تعاليٰ،
السلام عليڪم وعليٰ من لديکم و رحمت الله و برکاته و مغفرته –
اما بعد خيريت طرفين مطلوب. عرض ته مدت مديد و
عرصه بعيد کان نه ملاقات ٿي آهي ۽ نه نصف
الملاقات. مونکي ياد آهي ته محبي سيد قطب علي شاهه
صاحب جي فرزندن جي شاديءَ ۾ مون اوهان کي ڏٺو، پر
ملاقات اُت به ڪانه ٿي. شاهه صاحب حسيني سان قديم
نهايت پراڻا تعلقات هئا، ان ڪري آياسين نه ته آئون
نڪرندو ئي ڪونه آهيان. اسانجو پياري کان پيارو
جاني ڀاءُ رئيس مرزا ارشد علي بيگ عرف جاني بابا
مرحوم مغفور جي رحلت عين 27 شب معراج 12 بجه ٿي.
مرحوم مغفور هڪ هر دلعزيز لائق نهايت پيارو انسان
هو. ڀاءُ جو صدمو ڏاڍو ٿيو. رب سائين جي رضا تي
راضي رهياسين، شال صبر جميل بخشي اجر جزيل عنايت
فرمائي آمين ثم آمين. مرحوم جي محبت ۽ جدائي
جهُڪائي ڇڏيو آهي. مون اوهانکي بروقت اطلاع ڏنو
هو. دوست احباب قريب بعيد سڀ آيا اڃان اچن پيا، رب
ڪريم مرحوم مغفور کي جنت الفردوس نصيب فرمائي،
آمين ثم آمين.
اڳي ته اوهان هتي ويجها هئو ته به پري سمجهبا هئو پر هينئر ته
ڄام شوري ۾ پرڀرو آهيو. بقول شاهه ڀٽائي عليہ
رحمته ”ڪي ويجها به ڏور، ڪي ڏور به ويجها سپرين“
اوهانجي ياد رهندي آهي. اوهانجو ڪم پسند آهي، سنڌ
لاءِ گهڻي خدمت پيار ڪريو ها، آفرين اٿو!
عرصي دراز کان اوهانجو ڪو به ڪتاب ڪابه تصنيف نه ملي آهي. تازو
شاهه صاحب جو رسالو ٻڌو اٿم ته ترتيب ڏنو اٿو.
موڪلجو قرب ڪجو. اڪائونٽ برانچه ۾ مسٽر قادر بخش
جتوئي ٽنڊي ٺوڙهي جو آهي ان هٿان موڪلجو. آئون
ڪيڏي به ڪونه وڃان نه نڪران هتي هوندو آهيان. مٿان
ماهه مبارڪ رمضان شريف ٿو اچي. جڏهين به اچو ته
پنهنجي جاءِ اٿو. حال احوال لکجو ته اطمينان ٿئي.
اوهان يونيورسٽيءَ جا وائيس چانسلر آهيو. مبارڪ هجيوَ. چشم ما
روشن دل ماشاد. شال آباد دلشاد هجو. دعائي عافيت
دارين ڪندا رهجو. - مرزا افضل بيگ
.....3.....
* مورخ 15 نومبر (1957ع)
عزيز جان جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،
السلام عليڪم ورحمت الله وبرڪاته، طرفين مطلوب. عرض ته مدت مديه
و عرصه بعيد کانپوءِ نصف الملاقات ڪري رهيا آهيون.
جيئن اوهان محبن جي هتي اوطاق تي ملاقات ٿي هئي،
وري خير ڪاٿي آهي. بنده دعاگو عرصي کان عليل آهي.
اميد آهي ته دعائي عافيت ۾ ياد ڪندو. اعليٰ حضرت
قبله پير صاحب مولانا شاهه آغا صاحب جن اوهانجي
بابت پڇا ڪئي هئي. بلڪ اوهان صاحبن جي ڪتابن جو به
شوق ظاهر ڪيو هو.
هينئر حضرت صاحب هتي ٽنڊي سائين داد آهن. ڪو وقت ڏيو ته هلي
گڏجي زيارت ڪري اچون، دعائون کانئن حاصل ڪري اچون.
مٿان ماهه صيام رمضان شريف به اچي رهيو آهي.
پنهنجي تصنيفات و تاليفات کان به محظفوظ ڪجو. ميان محمد حسين
بلوچ هٿان جواب ۽ ڪتاب اسانجي لاءِ موڪلي ڏجو.
عرصي کان توهانجو ڪوبه ڪتاب نه آيو آهي. پنهنجي
خير و عافيت کان به باخبر ڪجو.
- افضل ابيگ
.....4.....
* مورخ 28 نومبر (1968ع)
عزيز از جان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،
السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته، خيريت طرفين مطلوب. عرض ته
ٻه ٽي مڪتوب توهان کي موڪليل آهن پر ڪنهن به هڪ
رقعي جو جواب باصواب نه آيو آهي. البته دل کي ڏک
آهي.
هينئر ته ماه رمضان المبارڪ هلي رهيو آهي. اسين هونئن به ماهه
رمضان شريف ڪٿي ڪونه اچون وڃون.
ڪم پون پيا خط لکجن ٿا. فون ڪجن ٿا. توهان جون مصروفيتون گهڻيون
آهن تاهم ضرور خيال ڪرڻ گهرجي.
ٽنڊي سائين داد درگاهه شريف مجدديه ويا هئاسون. حضرت قبله
مولانا پير شاهه آغا صاحب جي نهايت ڪارگر ڪتاب
پنهنجي مبارڪ تصنيف جا ڏيکاريا.
مون کين عرض ڪيو ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي عيد بعد آڻبو ان
سان گڏ مشورت وٺي ادبي بورڊ ۾ ڏبا جيئن ڪتاب شايع
ٿين.
رمضان شريف بعد پروگرام هلڻ جو رٿيو. حضرت جن جي به زيارت فيض
بشارت ٿيندي.
برخوردار ڊاڪٽر محمد شريف بلوچ ضروري ڪم آهي. اسانجي ڪم لاءِ
پارت ڪجوس، بهتر آهي ته اڄ فون تي گفتگو ٿئي ته
تمام چڱو. ميان محمد حسن کي روبرو به سمجهايو ويو
آهي. ٻيو سڀ خير.
- افضل بيگ
.....5.....
* مورخ آگسٽ 1962ع
عزيز از جان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،
السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته و مغفرته. اما بعد خيريت
طرفين مطلوب. پيارا ڊاڪٽر صاحب افسوس اهو آهي ته
اسين پنهنجي ماڻهو هٿان خط لکي موڪليون توهان فقط
برائي نام جواب باصواب به ڪونه موڪليو. روچاري ۽
چارچشم ته بجاءِ خود رهي! ائين به ڪريو. اسين
اوهانجا دعاگو آهيون.
آزاد اخبار ۾ وفائي صاحب جو مضمون ڏسي بي حد خوشي ٿي، رب سائين
اوهان کي اڃان پنهنجي پياري سنڌي زبان جي خدمت ڪرڻ
جي گهڻي ۾ گهڻي توفيق عطا ڪري آمين. آئون باغ باغ
ٿيندو آهيان جڏهن سُٺا سنڌي ڪتاب اوهانجا شايع ٿيل
ڏسندو آهيان. اوهانکي آفرين هجي.
ڪتاب لوڪ ڪهاڻيون ۽ مناظرا ته موڪليو. جڏهن اسين لکون ٿا ته به
ڪون ٿا موڪليو. حالانڪه هن گهر لاءِ ته اوهانکي از
خود موڪلڻ کپن. توهانکي ميلاد شريف جي مبارڪ ماه
جي مبارڪ هجي. رب ڪريم شال عالم اسلام لاءِ هي
مهينو مبارڪ فرمائي آمين.
حضرت قبله گاه شمس العلماءِ ميرزا صاحب جي هيترن سارن ڪتابن جو
ڪڏهن تدارڪ ڪندو؟ آخر اسين ڪٻٽن ۾ ڪيستائين قلمي
نسخا سنڀالينداسين! اشاعت هيٺ اچن ته بهتر و افضل.
مونکي اميد آهي ته اوهان کان ئي اهوڪم سرانجام ٿيندو. وعدو ۽
انجام به اوهانجو آهي. ميدان ۾ هينئر بفضل خدا
آهيو ئي اوهان. دنيا بي وفا آهي دم جو ڀروسو نه
آهي. ڪالهوڻي ڪالهه ڪيترا معزز ممتاز انسان
دارالفانيءَ کي جڏهن هليا ويا، جن جو بي حد صدمو
آهي. اسين به هليا وينداسين. خط جو جواب باصواب
ڪتابن سميت ميان علي محمد بلوچ کي ڏجو.
- افضل بيگ
.....6.....
* مورخ 2 مارچ 1972ع
عزيز از جان جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،
السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، خيريت مطلوب عرض ته اوهان
جي مڪتوب محبت اسلوب ۽ ٻه ڪتاب تحفه طور مليا جي
سرسري پڙهيا ويا. بعد ۾ چڱي ريت مطالعه ڪنداسين.
وڏي محنت ڪئي اٿو. آفرين هجيو. حضرت صاحب جن جو
ڪتاب کين پهچائبو. انشاء الله تعاليٰ.
نورچشم مشتاق علي بيگ سلمه جو جيڪو به ڪم آهي، سو مهرباني ڪري
خوش اسلوبي سان نڀائي ڇڏجو. اسانکي اوهانجهڙي عزيز
باتميز ۾ اميد آهي ته ڪم ڪري ڇڏيندو.
مسٽر نور محمد ميمن کي مون سمجهايو آهي. اوهان سان ملندو. لغات
سنڌي لاءِ ڏاڍو اسانکي انتظار آهي. دعا ٿا ڪريون
ته اهو وڏو ڪم اوهانجي هٿان مڪمل ٿي وڃي آمين.
نور چشم لاءِ اسانکي گهڻو ڪي چوڻو هو پر ٿوري تي اڪتفا اٿئون.
البته فڪر آهي ته اهو ڪم ٿيڻ گهرجي. ٻيو سڀ خير.
- افضل بيگ
.....7.....
* مورخ 2 اپريل 1972ع
عزيز از جان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،
السلام عليڪم وعليٰ من لديڪم و رحمت الله وبرڪاته، خيريت طرفين
مطلوب. عرض ته تازو گذشته يڪشنبہ تي خانه فريهنگ
ايران جي سرپرست اعليٰ آغا رشيد فرزانه جي ڪمال
اشتياق ڪري حضرت صاحب جن جي خدمت اقدس ۾ وڃڻ ٿيو.
ٽيپ رڪارڊ ۾ آغا صاحب فرزانه ۽ حضرت اقدس مدظله جن
جي فارسي گفتگو رڪارڊ ڪئي وئي.
برادرم محترم الحاج رئيس ميرزا ارشد علي بيگ صاحب، رئيس مرزا
عابد حسين بيگ، برخوردار اعجاز بيگ سلمه ساڻ هئا.
دوران گفتگو جي اوهان وارو ڪتاب ”دائري وارن جي
سنڌي“ کين ڏنو ويو. پاڻ خوش ٿيا. اوهان لاءِ
دعائون سلام فرمايائون.
حضرت شاهه عبداللطيف صاحب ڀٽائي رحمت الله تعاليٰ عليه جي
ثقافتي مرڪز جيڪي هيل تائين ڪتاب شايع ڪيا آهن سي
مهرباني ڪري اسان ڏانهن موڪليو. هڪ مڪمل سيٽ اعليٰ
حضرت قبله گاهه سائين شاهه آغا لاءِ موڪلجو. اسين
ايڏي ڪون اچون. نه ڪي ميلن ملاکڙن ۾ وڃون. البته
اشتياق اوهانجي ملاقات جو آهي. توهان جي علمي ادبي
سنڌي جي خدمت لائق صد آفرين آهي. ڪڏهن اچي ملو
محظوظ ڪريو. جواب باصواب ۽ ڪتاب ميان محمد حسن
بلوچ کي ڏجو. فرزندن کي دعائون سلام.
افضل بيگ
محترم انور جوکيو
ٽه ماهي ”سنڌ“، حيدرآباد (1990 – 12 – 20)
مانوارا سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
اهو اطلاع ڏيندي نهايت ئي سرهائي محسوس ٿي رهي آهي ته ”سنڌ“ ٽه
ماهي وري شايع ٿي رهيو آهي. هن کان اڳ ”سنڌ“ جا
پنج پرچا اوهان جي دل ۾، اوهان جي مهربانين ۽
سهڪار جي بنسبت، مانائتي ۽ شانائتي جاءِ ماڻي چڪا
آهن. |