سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :17

پير صاحب وڏي کي سلامي ملاکڙي ۾ ڏني وئي. بم جي ڦاٽڻ تي ڪن جا پير زمين تان نڪري ويا. موضوع جنگ، خطبه اعليٰ پيمانه تي رهيا: 45 ماڻهو ڀرٿي ٿيا: توهانجي پيدا ڪيل جماعت ۽ انهن جو ڪئمپ ۾ حاضر ٿيڻ توهانجي حق ۾ سفارش جو باعث ٿيا. ٿوري ۾ عرض ته ڪئمپ ڪامياب توهانکي مبارڪ! جمڙائو ۾ ترڻ جي ڪمپٽيشن ۽ وڻن تي چڙهڻ جو مقابلو پڻ خاص اهميت رکن ٿا. خير وڌيڪ احوال ماستر محمد سومر عرض رکندو. چاچو ميان ڌڻي بخش باقاعدي حاضر رهيو. باقي چاچو ميان ولي محمد پڇاڙيءَ شام جو ملڻ آيو.مسٽر محمد شريف جي زيارت ڪانه ٿي. توهانجي لٽريچر جو خدا ڄاڻي ڇا حال ٿيندو. توهانجو خط مونکي ڪئمپ تان واپس ايندي پهتو آهي. قاضي فيض محمد کي لکان ٿو.                          - عبدالرحيم ميمڻ

....3....

* مورخ 1 ڊسمبر 1938ع، 10 – مسلم هاسٽل ڪراچي

پيارا نبن،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، بعد از سلام فوجي بطور عسڪري واضع بادکه (جهوناڳڙهه مان لکيل) نوازشنامو اوهان پيارن جو منجهه ساعت سعيد جي اچي پهتو اسانکي. هو تحقيق ته اهو ڏينهن ڀلارو جنهن ۾ نه رڳو ملي اسانکي مبارڪ عيد جي پر ڏانهن هر طرف جي وسي ٿي رحمت ايزدي. جو ٿيا هوا قبول منجهه درگاهه باري تعاليٰ جي رڳو مطالبات ٽي اسان جا ڪنان وسيلي سَر سڪندري حيات جي. پوءِ بيشڪ موهيندو موليءَ انهيءَ کي جو ڪيائين منهن مٿي مڙني مومنن ملڪ هند جي جو. اي اخي، نه ڄاڻج شڪ انهيءَ ۾ ته ٿين ٿا ڪُل ڪم آسان جڏهن ٻانهو ٿئي ٿو تيار ڪارڻ قرباني مٿي قتل گاهه عشق جي.

بيشڪ ته برابر آهي نسخو ڪيل تيار انهيءَ مرد مشوقيءَ جو، نهايت نرالو ۽ طرف ڇڪيندڙ فتح جي. پوءِ ڪرڻ نه گهرجي شڪ انهيءَ ۾ ته ”ڪئمپ نمبر“ (ڪتاب) آهي تحقيق ”الصواط المستقيم“.

مان آهيان حقير پر تقصير اوهان جو ڏاڍو شڪر گذار جو توهان گاهه گاهي ڪيو ٿو ياد هن ڪمتر بنده کي، پر سبب سستي جي ٿين جي تفصيرن منجهه عمل نامي منهنجي، ڪجان معاف ڪنا قرب پنهنجي ٿيو هوندو سڀ قصو اوهانکي معلوم منجهان ”الالصلاح“ مان ته آهي هڪ عظيم الشان ڪئمپ منجهه ماه ڊسمبر تاريخن 28 – 29 – 30 – 31 – 1. پوءِ ايندا تحقيق مرد مجاهد ۽ غازي ڪهي لڪ خبير ۽ بولان مان. تهان پوءِ ايندا هليا منجهه شهر کراتشي (ڪراچي) ۽ شايد ويندو ڪيو بندوبست انهن مردن جو منجهه مسلم هاسٽل جي. پوءِ آهي تحقيق موقعه خوشي جو، جو ٿيندي نصيب اسانکي صحبت انهن اصحابن جي.

رکي انهن مڙني ڳالهين کي منهن مقابل ڪيو فيصلو عالمن سڳورن ته ٿيڻ داخل امتحان بي ايس سي جي آهي ڪم اهم. ٿئي نه شال ائين ته ڇڏي جو اڌ کي لڳي پٺيان سڄيءَ جي ته پوءِ وڃائي ٿو هو اڌ ڀي. سياڻن جي سمجهه جو به آهي سخت ضرور، حال اسانجي جو به آهي اوهانکي پروڙ. قصو ڪوتاهه ته لاٿوسين خيال خفي گهڻي جو. لڳنداسين مڙس ماڻهو ٿي جونيئر بي ايس سي کي. مالڪ ڏيندو فتح ٿي پوندا ڪم سولا. هاڻي سبب انهيءَ جي ڏجي ٿي تڪيف ڪانه اوهانکي ڪڙن جي. رکي خاوند خوش توهانکي.

مگر رهي ياد ته لکيو آهي دوست هڪ وڏي ته گهربل آهي انهيءَ يار کي چرٻي شينهن جي. جئن ته ملڪ انهيءَ تي ٻجهن ٿا شينهن شير خدا جا ته هوندي چرٻي انهن جي اتي عام جام. پوءِ ڪجي ڪا اميد ته اوهان پيارا وٺي تڪليف ڪندا حاصل خالص چرٻي شينهن جي ڪاڻ قربائتي دوست منهنجي جي. چرٻي هجي خالص شير جي. چوڏهين صديءَ سبب اڄ گدڙ به ٿيا آهن شير ڏسجان متان ڪنهن گوڙو گدڙ جي چرٻي وٺي ته شرف شير جو.

ورنه ته خاڪسارن ڀائن کي وٺي ويندا منجهه ٻيلي ”گير“ جي ۽ چوندا شينهن شير خدا جي کي سلام گهڻي کان گهڻا اسانجا. پوءِ اميد ته ٿيندا. ڪم آسان سڀئي. جي شينهن شير ڪري ٽال مٽول ته سڪندر حيات خان جو قصو ٻڌائيندا انهي ڳهيلي کي ڪئن سمجهو ٿا هاڻي! اگر اٿئي حياتي باقي اوهانجي ته اچي نڪرندا ڪئمپ اُڊوڙي (تعلقو ٽنڊوباگو) تي جتي ٿيندا محفلون ۽ ميلا. ڏجان سلام فوجي منهنجن ادن خاڪسارن کي. ڪندا قبول مبارڪون مقابل ذرن واريءَ جي مٿي ٿيڻ قبول تين گذارشات جي. ڪندا قبول سلام مخلص ڪنان قاضي القضات ميان فيض محمد جا.                                 -ميمڻ عبدالرحيم

محترم عبدالڪريم ايم سنديلو

(5 – 4 – 1952)

اميد گاه بنده دام مجده،

آداب عرض ته، سائينجن کان موڪلائي، سڄي واٽ مينهن وسائيندو پهتس. الحمدالله ڪڪي بهتر حالت ۾ آهي. باقي لوڏو واقعي سخت آيو اٿس. ڪِڪيءَ کي صرف منهنجي جُدائي جو صدمو آهي. جيڪڏهن حيدرآباد ۾ ڪا سهولت ڀرئي ۽ محفوظ جاءِ ملي وڃي ته جيڪر باقبائل اچي رهان. ٻن ٽن ڏينهن بعد ايندس. مهرباني ڪري، وري اتر سنڌ جي گشت لاءِ اجازت ڏجو ته جيئن ٻن چئن ڏينهن جي گشت بعد ڳوٺ جي حالت ڏسندو رهان، جيستائين ڪ ننڍڙي تندرست ٿي وڃي.

هينئر تازو معلوم ٿيو ته سائينجن، اسان جي لغت جي ڪم مان باقاعدي راضي نه آهن، ليڪن صاحبن جو اهو ظَن مبارڪ حقيقت جي بناء تي نه آهي. دنيا ۾ حاسد تمام گهڻا آهن. جيڪي حضور جن پنهنجا خير خواه ۽ گهڻگهرا سمجهن ٿا، سي بظاهر رڍ جي روپ ۾، مگر دراصل گرگ آهن. اميد ته عنقريب اها پرک پئجي  ويندي. هو چاهين ٿا ته لغت جو ڪم پايه تڪميل تي نه پهچي ته چڱو، ڇو ته هن جي بزدلانه هستي نٿي چاهي ته سائين جن جو نالو ميدان ادب تي اهميت رکندڙ هجي. ان لاءِ مودبانه گذارش ڪندس ته اسان جهونن نيازمندن کي ڪڏهن نه وساريندا، جيتوڻيڪ مون کان وڌيڪ ڪارگر ۽ خيرخواه، اوهان کي گهڻائي ملي ويندا، مگر معيار حقيقت تي لڳائڻ بعد اڇا ڪارا پڌرا ٿي پوندا. ظاهر مٺو ڳالهائڻ اچيم ئي ڪين. ڪيئن اڳلي جي دل وٺجي، سو پاڻ وٽ فن آهيئي ڪونه، ڇو ته اهي ڳالهيون سياست ۾ داخل آهن. جن کان بيزار ۽ بري آهيان.      - عبدالڪريم

عالي جناب محترم سائين علامه آءِ آءِ قاضي

(1967 – 3 – 8)

منهنجا پيارا قربائتا بلوچ،

تنهنجي قربن ڀرئي خط بيقراري ڪم ڪئي. تنهنجي وڃڻ کانپوءِ اسين هيڪاري اٻاڻڪا ٿي پيا آهيون. دنياوين مان محبت جا آثار بنهه ميٽجي ويا آهن. هرڪو آءٌ مان مان ۾ پورو آهي. هاڻي ته پڪو ارادو ڪيو هو سون ته لڏو کڻي ڪنهن ٻئي رستي لڳون.

تنهنجي موٽ جي خبر سرهائي آندي، خدا توکي خير سان آڻي. برائي خدارا ڪنهن شيءَ جي آڻڻ جي تڪليف نه ڪج هڪ ٻه شيشي گله جي هميشه استعمال جي (Cheist) Boots وٽان ملندي سا سندس لاءِ وٺيو ايندين ته گهرائڻ جي تڪليف کان ڇوٽڪارو ٿيندو. خرچ هڪ پائونڊ اندر  ٿيندو سو انشاء الله العزيز هتي ادا ڪنداسون. نالو دوا جو آهي. (5gr) Carbromal Tabletsاها Boots دڪانن تي ملندي.

100 جي ٻاٽلي تي پنج شلنگ ۽ ڪي پينس ٿا وٺن. ٻه يا ٽي باٽليون بس آهن ۽ هڪ باٽلي One Bottle Meggesons Dyopepsia Tablets منهنجي لاءِ، ان تي چار شلنگ ۽ 6 پينس لڳندا آهن. ريگسين نالي سان خود بوٽس جي دوا به آهي، پر اها نه هي Meg سان آهي. ٻئي ڪنهن شي آڻڻ جي تڪليف نه ڪج.

هي خط نيويارڪ موڪلي رهيو آهيان، اميد ته نڪرڻ کان اڳ ملندئي. اڄ اٺين آهي شايد 13 تائين اتي پهچندو.

وري ٿو خيال اچيم ته متان تون اڳه نڪري اچين ته بهتر ٿيندو ته لنڊن واري سرنامه تي موڪليان. پويون خيال سهي آهي. لنڊن ٿو موڪليان. بفضل خدا ٻيو سڀ خير آهي. ماء جا قرب ۽ دعائون ۽ راقم جا قرب رسنئي. زياده دعا.

حقير عفي عنه

-آءِ.آءِ قاضي

محترم شيخ عبدالرزاق ”راز“

حبيب منزل پراڻو سکر (1973 – 2 – 10)

السلام عليڪم، محترمي و مڪرمي جناب ڊاڪٽر صاحب،

اوهانجو نوازش نامو دستياب ٿيو، لک قرب ۽ احسان، شاعر ماتم جو ڪلام ناياب آهي، اوهانجي ڪوشش جي باوجود سندس ڪلام جو ملي نه سگهيو. مان اڄ ڊاڪٽر خليل صاحب ڏانهن خط لکان ٿو، اها به انهيءَ ڏس ۾ هڪ ڪوشش ٿيندي اميد ته ڪجهه نه ڪجهه ملي سگهندو.

اوهان جي ارسال ڪيل شعرن مان معلوم ٿئي ٿو ته گداءِ سانگي ماتم جو تتبع ڪيو آهي، اوهان ڏٺو هوندو ته سانگي ۽ گدا جي شاعري جو زمانو، تتبع جو حامي ۽ قائل رهيو آهي ۽ ان دور جا شاعر اڪثر وبيشتر هڪ ٻي جا معترف هوندا هئا. اها ان دور جي روايت هئي ۽ اهڙا جراثيم گهڻو ڪري سڀني شاعرن جي رڳ رڳ ۾ سمايل هئا. اهو شاعريءَ جو ڀراءُ هو ۽ عموماً خارجيت جو اثر هو. اهو اثر ورثي طور اديب سنڌ جي دور ۾ به شاعرن جي طبيعتن تي غالب رهيو آهي ۽ اسانجي اوائلي زماني ۾ انجو رواج هو جو ڪڏهن ڪڏهن قصيده سرائيءَ جي شڪل اختيار ڪندو هو پر انکي سَند ڪري وٺي نٿو سگهجي. جيڪڏهن ماتم جو ڪلام ملي ويو ته درست راءِ قائم ٿي سگهي ٿي. اميد ته اوهان باعافيت هوندا.

- شيخ عبدالرزاق

....2....

* مورخ 30 جولاءِ 1965ع، ڪوئيٽه

پيارا سائين،

السلام عليڪم، اوهان مبادا منهنجي مٿئين خطاب تي تعجب ڪريو. انهن ٻن لفظن کي انگريزي جي ”ڊيئر سر“ جي برابر هرگز نه وٺندا. اهو خطاب مون سوچي سمجهي استعمال ڪيو آهي ۽ لکڻ کان اڳ انهن ٻنهي لفظن جي ماهيت تي ويچار ڪندي، کانئن لطف اندوز ٿيو آهيان. اوهانجو 20 تاريخ وارو خط سکر کان ڦرندو اڄ هتي پهتو. اوهانجو نالو پڙهي دل کي بي انتها خوشي نصيب ٿي. خط جي مضمون تي نه افسوس ٿيو نه حيرت. منهنجو انهيءَ گروهه سان تمام ويجهو تعلق رهيو آهي ۽ اياز کي جيڪڏهن ڇتڙن جو يار سڏيان ته مبالغو نه ٿيندو. اوهان پنهنجي خط ۾ جيڪو احوال، نئون ڪري ڏنو آهي، تنهن کي آءٌ سندس پيدائش جي وقت کان سڃاڻان. لطيف جي ڪلام جي ترجمي جي ابتدا ۽ انتها کان بخوبي واقف آهيان. انهيءَ گروهه جي ڪارڪردگين ڪري اسان جي ملاقات ۾ ڏهن سالن جو خال پئجي ويو. ورنه آءٌ اوهان سان 1965ع ڌاري ملڻ جي ڪوشش ڪريان ها. اوهانجي طبيعت ۽ فن علم متعلق اهڙيون من گهڙت ڳالهيون پيش ڪيون ويون جو منهنجي دل ۾ محبت جي بدران هڪ بار پيدا ٿي پيو. مون ان کانپوءِ قصدا اوهان سان ملاقات جو ارادو ترڪ ڪري ڇڏيو، جيتوڻيڪ 1965 ۾ اوهان ادبي بورڊ جي دفتر ۾ ڪن ادبي مسئلن تي جويي صاحب جي روبرو مونسان تبادله خيال ڪيو ۽ ان کانپوءِ اوهان اسلاميه ڪاليج جي معائنه لاءِ ايندا رهيا. بهرحال انهيءَ غلط فهمي تي ڪيترو افسوس ڪريان! شايد اها منهنجي بدبختي هئي جو صحيح ۽ صائب الراءِ حضرات جي مجلسن کان محروم رهيس.

آءٌ جولاءِ جي شروعات ۾ ٻارن سميت هتي آيو آهيان ۽ آگسٽ جي وچ ڌاري انشاء الله واپس ويندس. اسان هتي هڪڙي دوست جا مهمان آهيون. ٻه ٽي دفعه هن سان اوهانجو ذڪر نڪتو. منهنجي انهيءَ پٺاڻ دوست جي به علم و ادب سان دلچسپي آهي. هن مونکي سنڌ جي فارسي شاعرن جو هڪ قلمي نسخو ڏيکاريو جنهن لاءِ هن ڪنهن وقت ادبي بورڊ سان خط و ڪتابت ڪئي هئي. بورڊ جي ڪار پردازن کيس پير حسام الدين ڏانهن رجوع ڪيو. هن نسخي ۾ ڪيترا اهڙا اشعار موجود آهن، جيڪي سائين سدارنگاڻي جي ڪتاب ۾ نه آيا آهن. سدارنگاڻي کي سائين انهيءَ لاءِ ڪوٺيو اٿم جو آءٌ فرسٽ ايئر کان وٺي ايم اي تائين سندس شاگرد رهيو آهيان. ان کان سواءِ روزانه شام جو اسانجي ملاقات ٿيندي هئي.

آءٌ تنقيد جي سلسلي جي مهاڄار ۾ اهڙو ڦاسي ويو آهيان، جو پنهنجي دوست جي تقاضا جي باوجود انهيءَ نسخي کي مطالع ڪري نه سگهيو آهيان. تنقيدي سلسلو انشاء الله سڀاڻي ختم ٿي ويندو ۽ ان کانپوءِ اهو قلمي نسخو نظر مان ڪڍي اوهانکي احوال ڏيندس. پير حسام الدين کيس لکيو هو ته نسخو ڏانهس اماڻي ليڪن هن سياڻپ ڪري نه موڪليو نه ته نسخي تان هميشه لاءِ هٿ کڻڻو پويس ها. اميد ته خيريت جي احوال کان گاهي گاهي نوازيندا رهندا. والسلام.

- شيخ عبدالرزاق

محترم عزت علي شاهه

درگاهه قلندر شهباز، سيوهڻ شريف (1 شعبان معظم 1394 هجري)

مُجيم، محب الفقراءَ جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم، طرفين خيريت مطلوب.

حضرت سائين عليه سلام جو عرس مبارڪ 18 شعبان جمع کان شروع ٿي رهيو آهي، هميشه وانگر اوهانکي پڻ فُقراءُ جي سنگت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ دعوت ڏجي ٿي، اميد ته شريڪ ٿي فيض و مسرت روحاني حاصل ڪندا.

- عزت علي شاهه

....2....

* مورخ سيوهڻ شريف (20 ڊسمبر 1949ع)

مجيم محب الفقراء جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: جناب حضرت قبله والد بزرگوار صاحب جن ڪلهه بروز جمع برابر 9 شوال المڪرم جي اسان سڀن کي داغ مفارقت ڏئي هن دارالفانيءَ مان رحلت فرمائي ويا. قالوا انالله وانا اليہ راجعون.

- غمزده عزت علي شاهه

فقير درگاهه قلندر لعل شهباز

محترم علي بخش لغاري

ايڊووڪيٽ هاءِ ڪورٽ سنڌ، ڪراچي (2005 – 5 – 28)

بخدمت جناب قبله ڊاڪٽر صاحب،

 اميد ته بخيريت هوندا. احوال ته نورچشم ڏاڏي جعفر خان کان معلوم ٿيو ته اوهان کي حضرت پير سائين بادشاهه جن جي ان عرصي بابت معلومات لکي موڪليان، جڏهين پير صاحب ۽ سندن ڀاءُ سائين نادر شاهه صاحب عليڳڙهه ۾ ڊاڪٽر ضيا الدين احمد صاحب وائيس چانسلر عليڳڙهه مسلم يونيورسٽي وٽ زير نگراني رهندا هوا.

ان بابت جيتري قدر مون کي ياد ٿو اچي ته سال 1946ع ۾ اوهان مونکي ۽ مرحوم حاجي مراد علي خان کي مئٽرڪ امتحان ڏيڻ لاءِ عليڳڙهه وٺي ويا هوا ۽ مرحوم مستري محمد صالح (بورچي) ان وقت پاڻ سان گڏ هو ۽ ماني وغيره تيار ڪندو هو. رهائش استاد پروفيسر عبدالعزيز الميمني صاحب جي گهر ۾ هئي. آءٌ ۽ مامون مراد علي اتي روزانه ٽيوشن وٺڻ لاءِ علي ڳڙهه ۾ هڪ مسلم هاءِ اسڪول هو، اتي پير صاحب جن به ايندا هوا ۽ سائين نادر علي شاهه صاحب به ايندا هوا. اتي مرحوم علي بخش جوڻيجي ۽ خليفه محمد عاقل هنڱوري به مئٽرڪ ڪرڻ لاءِ داخلا ورتي هئي.

پوءِ اوهان کي خيال آيو ته پير صاحب جن جي دعوت ڪجي ۽ پوءِ شايد اهو مئي يا جون 1946ع جو مهينو هو ۽ اوهان دعوت استاد پروفيسر عبدالعزيز صاحب جي بنگلي تي ڪئي هئي ۽ پير صاحب جن منجهند جي ماني اتي کاڌي هئي. دعوت ۾ جيتري قدر مونکي ياد آهي ته علي بخش جوڻيجو ۽ محمد عاقل هنڱورو به شريڪ ٿيا هوا. ماني مستري محمد صالح تيار ڪئي هئي ۽ اتي پير صاحب جن ڪافي وقت رهيا ۽ ڪچهري ڪئي. پاڻ ان وقت لغڙ جو شوق رکندا هوا ۽ انڪري پاڻ سان لغڙ به کڻي آيا هئا.

- علي بخش لغاري

محترم جناب ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽو

ڪراچي ۽ لاھور (1955 – 11 – 5)

عزيزي و محترمي ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم ورحمة الله و برکاتہِ، نوازشنامو عنايت ٿيو. شڪريه. پراڻي رسيد اوهان جي هٿ اکر لکيل خدمت ۾ موڪلجي ٿي، جنهن مان معلوم ٿيندو ته نمبر 2 – 3 ڊڪشنريون اڃان اوهان وٽ آهن، جي از روي شفقت جلد واپس ڪرڻ جي ڪوشش فرمائيندا، زياده خيروالسلام.

سنڌي لغت جو ٻيو ڀاڱو درست ڪري رهيو آهيان، ڏينهن ۾ مس پنج ڇهه صفا ٿين ٿا، يعني ته هر هڪ جلد تقريبا ٻه مهينا وٺندو، ۽ اجورو ڇا؟ 20 – جلدن جي تصحيح پنجن سالن ۾، تنهن لاءِ، 10 هزار روپيه، يعني مهيني ۾ 200 روپيه، يعني ٻن هزارن في ماهه پگهار مان خير منهنجي ڪمائي ايتري اچي بيٺي آهي. تنهن لاءِ منهنجو خيال آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 20 هزار ته ڏين، نه ته اهڙي ڀاري ڪم لاءِ مان تيار نه آهيان، هي هڪ جملو معترضه ڪري ڄاڻندا.

- ”ع“

....2.....

* مورخ 15 نومبر 1955ع، ڪراچي

عزيز محترمي جناب ڊاڪٽر صاحب حفظ الله تعاليٰ،

السلام عليڪم ورحمة الله و برڪاته، نوازشنامو عنايت ٿيو، ٻئي ڪتاب مسٽر جويي هٿان مليا. شرٽ واري ڊڪشنري جي بداستعمال ڪري مٽي پليد ڪئي وئي آهي، ٻيو ڪتاب منهنجو ڏنل نه هو. اسٽيڪ جي لغت نئين سر پرتال ڪئي وئي، پر انجو پروڪون پيو، انالله وانا واليه راجعون، شايد ٻئي ڪتاب سنديلي صاحب جي هٿ اچي ويا.

تمر وارو مقالو حج وڃڻ کان اڳ لکيو هوم. مولوي صاحب دير سان شايع ڪيو. اوهان کي پسند پيو، سا خوشيءَ جي ڳالهه آهي، مونکي سال لاءِ مغربي پاڪستان جي پبلڪ سروس ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪيو اٿن، ڇنڇر ڏينهن وطن مالوف کان موڪلايو ويندو، زهي جلاوطن! پنجاب ايڪسپريس ۾ حيدرآباد کان تقريبا 7 بجي ڌاري لنگهڻو پوندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org