محترم مير علي احمد خان ٽالپور
ڪراچي (1971 – 7 – 4)
محترمي مڪرمي ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم اما بعد!
حضرت مولانا مرحوم احمد ملاح جن جي ورسي 19 تاريخ جولاءِ جي
آهي، مون سنگت کي اڳواٽ اوهان لاءِ چيو هو ان اميد
تي ته اوهان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو قدرشناس ٿي سگهي
ٿو. محترم ميان محمد صديق ملاح تمام صالح نوجوان
آهي ۽ علم سان اشتياق پڻ اٿس. اميد ته اوهان هن ۾
شموليت ڪندا، هن موقع کي بلڪل غير سياسي رکيو
ويندو ۽ اوهان جنهن طرح جي به پاليسي مقرر ڪري
ڏيندا، ان تي سختي سان عمل ڪبو. والسلام.
- علي احمد
ٽالپور
....2....
* مورخ 24 سيپٽمبر 1971ع، ڪراچي
پيارا ڊاڪٽر صاحب، سدائين خيريت سان هجو. السلام عليڪم اما بعد!
نياز نامي جو آڻيندڙ ڀانومل ٿر جي تمام مسڪين ۽
بيڪس قوم منجهان آهي ۽ ٻي عقلي ڪري پڙهي به ٻيو
آهي، ان اميد ته مونکي به سوسائٽي ۾ ڪا مناسب جڳهه
ملي. آئون شڪر گذار ٿيندس جي هن غريب کي روزگار
سان لڳائيندا. ڪافي عرصي کان ملاقات ڪانه ٿي آهي.
حيدرآباد ۾ منهنجو به اچڻ گهٽ ٿئي ٿو، گذشته پنجن
مهينن ۾ شايد ٽي ڏينهن به مشڪل رهيو هوندس، عجب
آهي! اوهان جو ڪراچي ۾ اچڻ ٿئي ته زيارت
ڪرائيندا. - علي احمد ٽالپور
....3....
* مورخ 21 ڊسمبر 1971ع، مائونٽ رايل هوٽل، لنڊن
پيارا ڊاڪٽر بلوچ صاحب،
السلام عليڪم اما بعد! نوازش نامو اڄ مليو. آئون پهرين پورٽمين
هوٽل ۾ هوئس ان کان پوءِ پراڻو اڏو يعني
Startford Court
جنهن ۾ 1955ع ۾ پنج مهينا رهيو
هئس، 17 – 12 – 1 کان اتي آيس. پر ان ۾ مرمت هلندڙ
آهي، ۽ سڀاڻي کان ان کي بند ڪري رهيا آهيون. انڪري
71 – 12 – 20 کان هن هوٽل ۾ آيو آهيان ۽ هي سڀني
کان بهتر آهي. خدا ڄاڻي اوهان ائين ڇو سمجهيو ته
آئون اوهان کي وساري ڇڏيندس؟ ڳالهه هي آهي ته هر
ڪنهن انسان سان ان جي دانائي مطابق ڳالهه ڪرڻ کپي
ان لاءِ حضور جن به فرمايو آهي ۽ شعر به آهي ته:
هن کجي عيب مگر حسن هي ابرو ڪي لئي،
تيرگي بدهي مگر نيڪ هي گيسو ڪي لئي،
سرسه زيبا هي فقط نرگس ڪي لئي،
زيب هي خال سيه چهره گلرو ڪي لئي،
-
و آن ڪس ڪه فصاحت به ڪلام دارد،
هر سخن موقعه هه نڪته مقام داد.
اوهان کي ڳالهه اها ته ڪانه ٻڌائبي جيڪا عام فهم آهي. پوءِ
ٻڌائڻ جو ڪهڙو لطف!! ڊاڪٽر صاحب انسان هڪ ته اڳين
بزرگن جو چوڻ موجب هرڪو پنهنجي قسمت کڻيو ٿو اچي،
يعني افتاد طبع کڻيو ٿو اچي، ۽ پوءِ ان موجب زندگي
ڀر عمل پيرا رهي ٿو، هان تازه تحقيق موجب هر انسان
ماءَ جي پيٽ ۾ جنهن اجراء حمل مان بنجي ٿو، جنهن
کي سندن زبان ۾
D.N.A چون ٿا ۽ ان خاص جزي کي
Molicule
چون ٿا. اهو وجود ۾ پهرين ڏينهن اچڻ سان ٻار جي
سڄي مزار کي مقرر ڪري ٿو، سندس ڪاميابيون ناڪاميون
بيماريون سڀ ان تي چون ٿا ته منحصر آهن والله
اعلم. بهرحال حضور صلعم جن فرمايو آهي ته مونکي
جيڪڏهن چئو ته هي جبل جيڪو سامهون بيٺو آهي،
پنهنجي جاءِ تان هٽي ويو آهي ته آئون مڃيندس پر
جيڪڏهن مونکي چئو ته فلاڻي ماڻهو پنهنجي طبع
بدلائي ڇڏي آهي ته آئون ڪڏهن ڪون مڃيندس.
انڪري آئون پنهنجي طبع کان مجبور آهيان، اوهان وڏيري ذڪريي
مرحوم جو ذڪر ڪيو آهي، مونکي بلڪل ياد آهي. چون ٿا
ته هڪ دفعي شاهه ڀٽائي عليه رحمت جي ميلي تي سجاده
نشين وٽ دعوت هئي، امير خاندان ويٺا هوا، پير
سائين نوڪر کي سڏ ڪيو ته: او ڪڃر! ڪڃر! هن جواب
ڪونه ڏنو. جڏهن نالو وٺي کيس ڪڃر سڏيائين ته هن
هڪدم چيو ته حاضر سائين. ان تي پير صاحب چيس ته
مون توکي هيترا دفعا سڏ ڪيا تو جواب ڇو ڪونه ڏنو؟
هن عرض ڪيو ته سرڪار بنگلو سڄو ڪڃرن سان ڀريو پيو
آهي، مونکي ڪهڙي خبر ته اوهان ڪنهن کي ٿا سڏيو؟
اوهان جڏهن منهنجي نالي سان سڏيو ته مون هڪدم جواب
ڏنو. سو ڊاڪٽر صاحب جڏهن سڄو بنگلو انهن سان ڀريل
هجي ته ٻڌايو ته آئون يا اوهان ڇا ٿا ڪري سگهون؟
ها البته ان ۾ فقير جو رستو اهو آهي ته جيڪي ڪڇ
ڪجي وڏي پيمانه تي ڪجي، هر ڪاءِ شيءَ انتخاب هجي
جنهن جو ڪو مقابلو نه هجي، جنهن جي اڳيان ٻيا ماند
هجن.
ها مگر پاڻ کي ڪنهن ٻئي جي مسلڪ تي نه هلائن کپي. اوهان ”هرڻين“
لاءِ فرمايو آهي. عرض آهي ته فقيرن جو سلسلو اتي
به نرالو آهي، گوشت جا خريدار سڄي عمر ڪونه رهيا
آهيون، هاڻ ڪيئن ٿو ٿي سگهجي! خود جيڪي متوقع هو
ائين ٿي ٿيو تڏهن به ذهن کي تڪليف تمام گهڻي پهتي
آهي ۽ خاص ڪري جڏهن ماڻهو پنهنجي ملڪ کان ٻاهر آهي
ته وڌيڪ ذهن گران بار رهي ٿو. مون اوهان کي خط
لکيو ۽ اچڻ شرط اچي لکيو ۽ پهرين توهان کي لکيو
افسوس جو اچڻ وقت ملاقات ڪانه ٿي سگهي نه ته وڌيڪ
تفصيل سان سمجهائي سگهان ها. جيڪي گڏ هوا انهن کي
معلوم آهي ته ذرو برابر به فرق ڪونه ٿيو. دراصل
ڳالهه تعلي ۾ داخل ٿئي پر تڏهن به ڪڏهن ڪڏهن تعلي
ڪرڻي پوي ٿي.
قلندر هرچ گويد ديده گويد
باقي جيڪي ڦدوليون پيا ڪن تن جي ڳڻتي نه ڪريو، ائين ويچارن جو
مولانا رومي جي فرمائڻ موجب ته:
مرد ميراثي چه داند قدر مال
ورثه ۾ مليل مال جو قدر وارثن کي اصل ڪونه هوندو آهي. خدا گهريو
اهي ته فقيرن جي هيٺان هوندا. حميده بيگم ۽ سندس
ميان مونکي اچي مليا هوا. کين ڪنهن ٻڌايو ته آئون
هتي آهيان، سو قاضي صاحب جو فون آيو، ڪو وقت مقرر
ڪري مونکي گهر وٺي ويا عاليشان ڊنر کارايائون ۽
وري هت ڇڏي ويا. خدا ڪري خيريت سان هجن. خط کي هاڻ
بند ٿو ڪريان. وڌيڪ اوهان جون دعائو کپن. والسلام.
- علي احمد ٽالپور
....4....
* مورخ 15 مئي 1972ع، مانچيسٽر، انگلينڊ
محترمي مڪرمي ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم اما بعد! نواز نامه 72 – 5 – 9 جو لکيل ٻه ڏينهن
ٿيا ته محترم حليم صاحب ۽ سندس بيگم صاحبه هٿان
سندن ئي گهر تي مليو. خدا کين خوش رکي. سڄو ڏينهن
ماني به کارايائون ۽ سير به خوب ڪرايائون. آئون
ڀانيان ٿو پاڻ هڪ ئي وقت تي هڪ ٻئي کي خط لکيا آهن
يا شايد مون هڪ ٻه ڏينهن بعد ۾ لکيو آهي، تاريخ
مونکي پڪي ياد ڪانه آهي، پر اميد آهي ته خط پهچي
ويو هوندو. نورچشم مير رسول بخش خان لاءِ اوهان جن
تاثرات جو ۽ مشاهدي جو اظهار ڪيو آهي، مون خداپاڪ
جو دل سان شڪر ڪيو آهي. مونکي اها ئي موقع آهي ۽
خدا جي ذات ۾ يقين آهي ته مير صاحب وقتي حالتن کان
متاثر ڪونه ٿيندو. البتا هر ڪنهن وقت جون انساني
ذميواريون مختلف ٿين ٿيون، انڪري ان کي جيڪو نئين
ذميوارين هيٺ هجي ان جوابدارين کي محسوس ضرور ڪجي.
اوهان شينهن جي پڃري جي ڳالهه ڪئي آهي؛ هي شينهن
پڃري ۾ قابو ڪرڻ جو ڪونه آهي، جت به هوندو انشاء
الله سڀني کان وڌيڪ هوندو. فقيرن جون دعائون ساڻس
شامل هونديون ۽ الله پاڪ جي خاص رهنمائي ۽ حفاظت ۾
هوندو. آمين.
مردن کي گرمين سردين جي پرواهه ڪانه هوندي، الله هر وقت ساڳيو
هوندو آهي. بس فقط اها دعا ڪريو ته...... صاحب جي
شر کان محفوظ رهن ۽ رهو. سجن جو چمڪڻ ۽ گرميون
وقتي آهن، ڪبه فڪر نه ڪرڻ کپي پنهنجي ته سڄي عمر
تاثيرن ۾ گذري آهي.
جي سدا ان ابرئون هي مين رها،
ڪي بسر هم عمر تلوارون ڪي بيچ.
حاڪمن جا تيوَر ۽ سهڻن جا جلال ڏسندي وقت گذريو آهي، انڪري هاڻ
ڪنهن به شيءَ جو اثر ڪونه ٿو ٿئي. هن فقير صرف خدا
کي مڃيو آهي، انڪري اهي غريب حاڪم ته ضمني پوزيشن
۾ اچن ٿا. حاڪم ڏکيا جلالت ماب لڳن ٿا پر اهي به
اسانجي ڪفر تي مهربان ئي رهيا آهن. الله پاڪ کين
هر طرح خوش رکي.
کمال صبر ملا، صبر آزمانه ملا.
باقي پارٽي وارن کي خدا هدايت ڪندو. ماڻهن جا ٻار ٿي هلندا نه
ته جن ماڻهن 13 ڪروڙ مخلوق جي حاڪمن جي پارٽي کي
لوڙهي ڇڏيو سي ڇهن ڪروڙن جي حاڪمن سان به پهچي
سگهن ٿا. باقي منهنجي خيال ۾ ته ڪيترا صاحب هڪ
شيءَ کان ايتري اميد رکن ٿا جنهن جي گهر جا نه پاڻ
حقدار آهن ۽ نه ڏيئڻ وارن ۾ ايتري وصيت آهي. باقي
اسان تقريرون ڪيون ووٽ ڏنا ورتا: تلوار هلائي ڪنهن
به انقلاب ڪونه آندو آهي، جو هاڻ انقلابي ڦري ويا
آهن وڏو ظلم ٿي ويو. ووٽن جو ڪاروبار هميشه ناقص
هوندو آهي، ان ۾ به ۽ اندران سڀ هڪ جهڙيون ٺڳيون
ڪندا آهن. جيڪي دوست گهرن ٿا ته هي خراب آهن انهن
کي ان جي مقابلي ۾ بلڪل پنهنجو ڍانچو پيش ڪرڻ کپي،
پوءِ ماڻهو ڳالهه ٻڌندا. خير سڪندر دارا جي ڳالهه
کي بند ٿو ڪريان ڇاڪاڻ ته دراصل منهنجو مضمون
مهروَ وفا جو مضمون آهي. اسان حاڪمن سان جهڳڙا به
انهيءَ مهرو وفا جي سلسله ۾ ڪيا، احباب جون ڪرم
فرمايائون بي حساب آهن. دراصل ”موسمِ بهار“ انهن
جي لطف و ڪرم جو نالو آهي. ورنه مون ۾ ڇا رکيو
آهي؟
روزم به تو فروغ شبم را تو نور ده،
اين کار تست، کارِ مه و آفتاب نيست.
ھي فقير ته هميشه بنده انسانيت رهيو آهي ۽ روز به روز سندن لطف،
بي پايان جو وڌيڪ قائل ٿيندو وڃان.
هم ڪو تو دهر مين نه ڪوئي بي وفا ملا
پٽ کڙندا ساوڪون اينديون محبت جا ملهار جڏهن وسندا تڏهن بقول
سنڌ جي ڪامل جي ته:
وري وڏي وس جون ڪيون ڳالهيون ڳنوارن
انشاء الله ڳنوار ڳالهيون ڪندا ته ملڪ وٺو آهي، سائو ٿيو آهي،
ڇاڪاڻ ته قدرت هر وقت متحرڪ آهي، اها پنهنجو ڪم
بند ڪانه ڪندي آهي، البتا اسين ماڻهو سمجهي وهندا
آهيون ته هاڻ دنيا ائين هلندي جيئن اسين
چاهينداسين. ڪاروبار دنيا به دلِ عاشق ۽ مزاج
معشوقانه وانگر هوندو آهي.
آن مين ڪڇ هي آن ڪڇ هي،
طرفه روزگار هي دل ڀي هي.
هاڻ بند ٿو ڪريان، والسلام. - علي احمد ٽالپور
....5....
* مورخ 18 جون 1975ع لنڊن
عزيزم ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم، اما بعد! ڪجهه ڏينهن ٿيا ته ڪنهن دوست خط لکيو ته
مير نور محمد خان گذاري ويو آهي، ان جي اوهان سان
رضا خدا جي ٿوڪريان. مونکي حيرت ته اهو ڪهڙو مير
نور محمد خان آهي پر خط ۾ مير صاحب جي ديري جي
والد جي وفات جو به ذڪر هو ان مان مونکي شڪ پيو ته
اهو اته اسان واري مير حاجي علي بخش صاحب! جو
فرزند! ڊاڪٽر صاحب، يقين ڄاڻو ته مون کان سڄو
ڏينهن ماني ڪانه کاڌي ٿي، طبيعت تي اهڙي اداسي ۽
ملال هو جو حد ئي ڪانه هئي! ٽيو ڏينهن منهنجي پٽ
جو فون آيو ان کان مون پڇيو ته، ادا ڪهڙو مير نور
محمد خان آهي جو ڪنهن دوست مونکي خط لکيو آهي تڏهن
ان ٻڌايو ته اسان وارو مير نور محمد خان! خير
انساني زندگي هونئن به هڪ مستعار شيءَ آهي، ان تي
ڪهڙو ڀروسو ڪري سگهجي ٿو، پر مير نور محمد خان جي
وفات نه فقط سنڌ جو نقصان آهي، پر پوري ملڪ جو
نقصان آهي. مونکي ڪيترن ڏينهن کان ياد پئي آيو سو
منهنجو اندازو آهي، ته مون کيس ۽ سندس ڀائٽي مير
نصير خان کي ٻه ڪارڊ روانه ڪيا. مير صاحب کي اڳ
روم مان ڪارڊ موڪليا هئم، خيال آيم ته شايد ائڊريس
ڪانه هئي، انڪري جواب ڪونه ڏنو اٿئين وغيره.
اخبارن ۾ به ڪو ذڪر ڪونه هو، جنهن خط لکيو تنهن
فقط ايترو لکيو ته لاش ٻهران آندو ويو هو. اوهان
کي تڪليف نه ٿئي ته مونکي تفصيل سان لکندا ته شڪر
گذار رهندس. مير صاحب جي پيدائش 1936ع جي جولاءِ
جي آهي، جي آئون غلطي ڪونه ٿو ڪريان ته منهنجي
حافظي موجب مير صاحب 1936ع ۾ ڄائو آهي. بهرحال
الله پاڪ پنهنجون مصلحتون پاڻ ٿو ڄاڻي، هر مصيبت ۽
ڏک جي اچڻ کان سندس پناهه ٿو وٺان باقي ڏاڍي تڪليف
پهتي آهي.
ڊاڪٽر حميده کي ۽ قاضي حليم صاحب کي اوهان جي خط لکڻ کانپوءِ
ڪارڊ ڏياري موڪليا هئم، اميد ته کين پهچي ويا
هوندا. ٻئي سندن والد بزرگوار جي بنگله جي ايڊريس
تي هوا. اميد ته اوهان هر طرح خيرو عافيت سان
هوندا، خدا ڪري شال سڀني سڄڻن سميت خيرو عاميت سان
هجو.
الحمدالله مير صاحب رسول بخش خان الله پاڪ سندس عمر اقبال بخت
نيڪي ۽ ڀلائي ۽ ٻچن ۾ برڪت ڪري خيرو عافيت سان
حيدرآباد پهچي ويو. اتي به الله پاڪ جي خاص پناهه
۾ هوندو. آمين. والسلام.
- علي احمد ٽالپور
.....6.....
* مورخ 14 فيبروري 1987ع لنڊن
پيارا ڊاڪٽر صاحب، زاد لطفہ
السلام عليڪم، اما بعد! گرامي نامو 87 – 1 – 6 جو گهڻن ڏينهن
کان پهتل آهي، ياد فرمائي جو احسان. خط رکيو ويٺو
هئس ته اڄ ٿو جواب ڏيان سڀاڻي ٿو ڏيان بهرحال دير
ٿي ويئي.
سرديون ۽ گرميون مردن جا مقدار آهن ۽ هر ڪاشيءَ سندس وقت تي سٺي
ٿي لڳي. آئون 18 ڊسمبر 1953ع کان هت جو پانڌيڙي
آهيان ۽ عموما اچڻ سردي جي موسم ۾ ٿيو آهي، پر هن
دفع ڪم از ڪم لنڊن ۾ ڏهن ڏينهن لاءِ ڪاسائي ۽ ڪاري
شيءَ نظر ڪانه ٿي آئي، هر طرف سفيدي جا انبار هوا.
ويچارا جانور گاهه لاءِ پريشان هوا جن کي ايمرجنسي
۾ سڪل گاهه ميسر ڪيو ويو.
ڪراچي جي فسادن جي افسوس ناڪ خبر مون به پڙهي؛ ڏک گهڻو ٿيو پر
ڪوبه حادثو اچانڪ ڪونه ٿيندو آهي.
وقت ڪرتا هي پرورش برسون،
حادثا ايڪ دم نهين هوتا.
اسان اللھ جي فضل سان سنڌ جي گلي ڪوچي ۾ رڙيون ڪيون پر سنڌ جي
چگھڙ ڪپڙا لاھي مٿي تي ٻڌي ڇڏيا ھوا ته ڪافر کي
ڪڍي ٻاهر ڪبو. ان جو يقيناً کين دنوي فائدو مليو ۽
خوب مليو. جن وٽ 1947ع ۾ چئن پنجن ڪمرن جو گهر
ڪراچي ۾ هو انهن جي هر هڪ ٻار وٽ اڄ بنگلو نه پر
محل آهي. هاڻ انهن جي ٻارن کي وري سنڌ جي عشق
ستايو آهي. الله رحم ڪندو! بهاري ڪوبه ديره غازي
خان ۾ ڪونه رهندو، سڀ ڪراچي ايندا ۽ انهن جي بنگلن
۾ وسندا، جيئن عاملن جا بنگلا اڄ ٻين جي حوالي
آهن. هي الله جي سنت آهي. ”اسان اوهان جي نيڪين جو
ذرو ذرو ۽ براين جو ذرو ذرو بهترين ڪمپيوٽر جي
ذريعي حساب ۾ آڻي رهيا آهيون ۽ اوهان کي واپس
ڪنداسين.“ (قرآن) باري زياده تر اهو پٺان آهي،
جيڪو وڃي اٺ سو ورهين کان هندستان ۾ آباد ٿيو.
انهن پٺاڻن بهارين ئي حضرت شير شاهه سوري رحه جي
قيادت ۾ سڄو هندستان مغلن کان کسي ورتو هو. هي
مخلوق جيڪا، انگريزن کان اونڌا انڌا ڪتاب پڙهيو
اچن ٿا، انهن کي ڪابه خبر ڪانه آهي، ته سندن ملڪ ۾
ڇا پيو وهي واپري! بهرحال الله رحم ڪندو، ٻيو ڇا
ٿو چئي سگهجي! سورمن ۽ سورمين کي مير سانگي سائين
آڳاٽو نقشو کينچيو آهي ته:
ٿي هليون جن جون بٺيون، محتاج سي ماني جي ڪاڻ
فوج هئي جن جي پٺيان سي اڄ ته آهن هيڪلا.
تاتاري ڪڏهن ڪونه آيا آهن؟ ڪميونيسٽن کي 1917ع کان وٺي اڄ ڏينهن
تائين ڪنهن شڪست ڪانه ڏني آهي.
ڪارو منهن ڪِراڙ، ساڳاين منهن سنرا،
جئن ڪر جهنگ ٻِراڙ تئن کيمن ڪري کبرا.
خدا ڄاڻي ڇاڇا لکي ويو آهيان ۽ اوهان جي قيمتي وقت کي ضايع ڪيو
اٿم. لنڊن ۽ لنڊن وارن جا اڳئين کان اڳرا احسان
آهن: مشڪل سان هفته ۾ ٽي ڏينهن يا ٻه ڏينهن فليٽ ۾
رهون ٿا جو ڪنهن نه ڪنهن جا مهمان ٿيون ٿا. انسان
ڪيڏو مهربان آهي ۽ ڪريمي صفتن وارو آهي. سواءِ دعا
ڪرڻ جي ٻيو اسين ڪهڙو عيوض يا ٿورو لاهي سگهون
ٿا؟؟؟ وڏا بدقسمت انسان آهن اهي جن کي انسانن سان
عداوت آهي. الله پاڪ اوهانکي بمع خاندان خيريت سان
رکي شاد و آباد رکي. آمين.
- علي احمد ٽالپور
محترم عبدالوهاب غافي نقشبندي*
ڳوٺ مينگهو شر، خيرپور (1986 – 9 – 17)
بخدمت عاليجاه محترم پيارا ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته،
آداب تسليمات بعد عرض ته سائين جن جو نوازش نامون پهتو. وڏي
مهرباني جو ذره نوازي جو شرف عاجز تي فرمايو. ان
کانپوءِ تڪيندي واجهائيندي ڪنائيندي پڇائيندي
انتظار ڪندي، چڱو عرصو گذري ويو، مگر خير. شايد
مشغوليون مصروفيون محوتيون مرغبتون فراموش ڪن
ٿيون، ان لاءِ وري ياد تازي لاءِ مودبانه گذارش ٿو
ڪريان ته مهرباني ڪري رساله جي واپسي ٿئي ته اها
عين عنايت شفقت سمجهندس. مجبورا ستائي رهيو آهيان،
رساله هٿ ڪرڻ لاءِ ڏاڍا حيلا هلايا اٿم مگر نه ٿو
ملي. ڪوشش اها هئي ته ملي وڃي ته توهان جهڙن نيڪ
مردن ۽ سچن سنگتين کي تڪليف نه ڏجي. ان لاءِ مجبور
ٿي عرض ڪريان ٿو ته نوازش ٿئي ته زهي عز و شرف.
زياده آداب و تسليم.
– عبدالوهاب نقشبندي
محترم عطا حسين شاھ موسوي
روهڙي 26- آگسٽ 1959ع
مشفق مڪرمي،
دعا و سلام، واضع ته ”ديوان غلام“ تحفه طور مليو، يادگيريءَ
لاءِ مهرباني.
خوشيءَ جي ڳالهه آهي جو سنڌين جو فارسي ڪلام شايع ٿيڻ شروع ٿيو
آهي. شال اهڙا ديوان چڱي تعداد ۾ نڪرن ته جئن
بيروني دنيا جي دل تان اسان جي جهل ۽ ناداني به
نسبت غلط خيال لهن. طبيعت جي درست نه هئڻ سبب جواب
۾ دير ٿي آهي ان لاءِ معذور رکندا.
- عطا حسين موسوي
محترم بلوچ علي محمد خالدي
ايڊووڪيٽ، حيدرآباد (1973 – 12 – 11)
مڪرمي محترمي ڊاڪٽر بلوچ،
سنڌ جي عظيم اداره (سنڌ يونيورسٽي) جي اعليٰ ترين عهدي (وائيس
چانسلر) تي فائض ٿيڻ تي مبارڪون قبول ڪندا. اڄ سنڌ
جي زمين ۽ سنڌ جو عوام بي حد خوش آهي جن جي ديرنيه
خواهش پوري ٿي آهي. رب پاڪ، اوهان کي هن اداري جي
ڪاميابي سان هلائڻ جي توفيق عطا فرمائي. مون کي پڪ
آهي ته اوهان جي خدمتن جو اعتراف ٿيندو ۽ اوهان
جون خدمتون هن عهدي واسطي دائمي طرح حاصل ڪيون
وينديون. مونکي اها به اميد آهي ته اوهان هن اداري
جي ماحول کي صاف سٿري بنائڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿيندا ۽
اوهان جي رهبريءَ هيٺ هن اداري جي ڪارڪردگيءَ تي
دنيا ريسون ڪندي. ڌڻي پاڪ اوهان کي وڏي حياتي بخش.
دعاگو ۽ خير انديش.
- علي محمد خالدي
محترم عبدالرزاق ٿهيم
ايڊووڪيٽ، جيڪب آباد (1980 – 4 – 15)
بخدمت جناب محترم ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم: نوازش نامه مليو مهرباني.
مان اوهان جو مشڪور آهيان جو اوهان منهنجي تحقيق جي ڪم ۾
رهنمائي ڪئي آهي، نه فقط ايترو مگر همت افزائي ڪئي
اٿو. مان انشاالله روبرو ملي وڌيڪ هدايتون وٺندس.
هن ڏس م جن به ڪتابن جو حوالو اوهان ڏنو آهي، اهي مان هٿ ڪيا
آهن. اوهان جو مرتب ڪيل سنڌي ترجمه جو مون وٽ آهي
۽ ان مان ڪافي مواد مليو آهي، منهنجي لاءِ ڪو به
حڪم هجي ته حاضر. نيازمند.
- عبدالرزاق ٿهيم
محترم حاجي عمر بيگ لغاري
شهدادپور (1973 – 12 – 11)
محترم و مڪرمي جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،
السلام عليڪم: ورحمت الله و برڪاته،
احوال ته، اَڌڪ جي تواريخ هن موجب آهي ته هر ٽئي سال تي سال ۾
اڌڪ جو مهينو ايندو آهي جيڪا رسم هندن ۾ هوندي
آهي. هندو ماڻهو ڪاغذ رکڻ جا گوهر هوندا هئا ۽
ڌنڌي سان سندن نهايت ئي گهڻو شوق هوندو هو. هنن ۾
ٻه طبقا هوندا هئا ۽ آهن، هڪ شهري ۽ ٻيا ٻهراڙي
وارا. ٻهراڙي وارا پنهنجو ڪاغذ آکاڙ مهيني جي
پهرئين تاريخن ۾ رکندا آهن ۽ شهر وارا پنهنجو ڪاغذ
چيٽ مهيني جي پهرئين تاريخ ۾ رکندا آهن. هنن جي
سال جو حساب موسم وجب هلندو آهي. هر نئين سال جي
موسم اڳتي پوئتي هئڻ سبب هڪ مهينو پوئتي هٽائيندا
آهن. وڌيڪ تصديق هندن کان ٿي سگهي ٿي. ”استاد جهڙا
حال سوهي پريان نال.“ هندو سنڌي واڻڪا اکر لکي عرض
رکجن ٿا. والسلام.
|