سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :22

محترم عبدالله ورياهه

ورياهه هائوس ٽنڊو آدم سنڌ 22 سيپٽمبر 1981ع

مانوارا سائين ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب،

اسلام عليڪم: عرض ته اوهان جو سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت لاءِ ڪيل ڪم ۽ جاکوڙ هن سلسلي ۾ ڪم ڪندڙ هر شصخ لاءِ هڪ روشن واٽ آهي، آئون سمجهان ٿو ته اوهان جي رهنمائي کان سواءِ ڪو به ڪم مڪمل ڪرڻ ممڪن نه آهي. آئون تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جو هڪ شاگرد آهيان، مون کي سنڌ جي قديم آثارن بابت معلومات حاصل ڪرڻ ۽ ڏسڻ جو شوق رهيو آهي ۽ ان بابت ٿورو گهڻو لکندو به رهيو آهيان، مون کي خاص طرح سنڌ جي سڪن جي باري ۾ تحقيق ڪرڻ جو شوق رهيو آهي ۽ ان کي سامهون رکي آئون هينئر پي. ايڇ ڊي لاءِ تياريون ڪري رهيو آهيان. منهنجي ٿيسز جو عنوان آهي ( سڪِن ذريعي سنڌو ماٿري جي تهذيب ۽ تمدن جو مطالعو) هن سلسلي ۾ ڪافي وقت کان آئون اوهان سان ملڻ ۽ هن باري ۾ مشورو ۽ رهنمائي وٺڻ جو گهورو آهيان. خبر نه آهي ڇو ساڳئي ضلعي ۾ رهندي به اوهان سان ملاقات نه ٿي سگهي آهي، شايد ان ڪري جو اهان اڪثر ٻاهر رهيا آهيو.

مهرباني ڪري مون کي ڪو ٽائيم ڏيندا ته جيئن اوهان سان ملي سگهجي جيڪو اوهان حيدرآباد يا پنهنجي ڳوٺ اچو ۽ مون کي اتي جو ٽائيم ڏيو ته منهنجي لاءِ وڌيڪ سهوليت ٿيندي. پر جيڪر اوهان مصروفيتن سبب هن طرف نه اچي سگهو ته پوءِ اوهان جتي به چوندا آئون اچڻ لاءِ تيار آهيان، اميد اٿم ته جواب جي عنايت ڪندا. مهرباني.

- عبدالله ورياهه

• مورخ 31مارچ 1990ع، سنڌي ادبي بورڊ (ميمبر)، حيدرآباد

سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

وعليڪم السلام، خدا ڪري ته سدائين خوش ۽ صحت مند هجو ۽ سنڌي ادب لاءِ ڪم ڪندا رهو. آمين.

اوهان جي همت افزائي، مدد ۽ رهنمائي سچ ته منهنجي لاءِ فخر ۽ خوش قسمتي جي ڳالهه آهي. اوهان جهڙن بزرگن ۽ استادن ئي مون ۾ قوت ۽ صلاحيت پيدا ڪئي آهي، جو اڄ هن منزل تي آهيان، هن کانپوءِ به اوهان ۾ ساڳي اميد رکان ٿو.

(پي. ايڇ. ڊي جي) مقالي پوري ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريان پيو، هن موقعي تي اوهان جي طرفان قيمتي حوالي جي آڇ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. فون تي ڳالهائي ملاقات لاءِ عرض ڪندس ۽ مقرر وقت تي حاضر ٿي اوهان جي انعام جي سعادت حاصل ڪندس. اميد ته اوهان جي طبيعت هاڻي بلڪل ٺيڪ هوندي.

اوهان جو خير انديش*

- عبدالله ورياهه

محترمه عبدالڪريم لغاري

حيدرآباد سنڌ (1961-12-15)

علم ۽ ادب جا سرتاج ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ

بعد سلامن ۽ ادبن جي عرض ته قبلا!

تنهن ڏينهن سائين جن ارشاد فرمايو ۽ بندي تعميل ۾ ڪوتاهي ڪانه ڪئي. اڄ اوهان جي  خدمت ۾ حاضر رهڻ جو شوق هو. گهربل مضمون روبرو پيش ڪرڻو هو ۽ ’الف- بي‘ جي مضمون بابت ڪي خاص هدايتون ۽ مفيد مشورا سائين جن کي عرض ڪري، اوهان کان وٺڻا هئا. ليڪن مصروفيت گهڻي هئي ۽ لفافو خدمت ۾ پهچائڻ بعد، بنده واپس آيو.

ان ڏينهن سائين جن جي خدمت اقدس ۾ ايڏو ڪڙڪو ڪري ڳالهائڻ، ۽ بي حجابي ۽ بي ادبيءَ سان ارمان ظاهر ڪرڻ هن بندي لاءِ شرمندگي به شرمندگي هئي! ليڪن قبلا! بي انداز ڏک ۽ اٿاهه ارمان آهن دل ۾،  جن جي ڪري بي لغام ٿي پوڻ وس کان ٻاهر هو. جنهن لاءِ باادب معافيءَ جو خواستگار آهيان.

بندي کي  سائين جن جي ذات لاءِ اٿاهه عزت آهي ۽ ان کان وڌيڪ ’عقيدت‘، جا سائينجن جي علم دوستي سچائي ۽ خلوص ۽ بي انداز علم جي خدمت ۽ سائين جن جي ان تحرير کان ٿي، جا مئلن ۾ ساهه ڦوڪي ٿي، جئرن ۾ جوش ۽ جنون جاڳائي ٿي: ليڪن جي خاڪ ٿي چڪا آهن سي خاڪ رهندا، جن جون دليون ڪٽجي ويون، جن ۾ ڪفر جي باهه جا مچ ٻريا، جي سڙي رک ۽ ڇار ٿي ويا، جي زندهه هجڻ جي باوجود مڙدا آهن. سي مڙدا به رک ٿي ويا جن کي رب العزت کان سواءِ ٻي ڪابه طاقت راهه راست تي نه ٿي آڻي سگهي.

هيءَ بندو، انهن مان ڪنهن جو به ’دنگائي‘ نه آهي، ان ڪري ذاتي دشمنيءَ جو هرگز سوال نه ٿو اٿي. هيءُ بندو هزار دفعا پنهنجي خلاف ٻڌڻ لاءِ تيار آهي. ليڪن، خدا جي واحد ذات شاهد آهي، ته مون سائين جن جي ذات مبارڪ جي خلاف هڪ گفتگو به ٻڌڻ برداشت نه ڪيو آهي، ۽ نه ڪندس!

ان وقت بلاشڪ، عقيدت جي ڪري، هزارين جذبا جاڳي اٿن ٿا، مون جيڪي به ڪاوڙون سٽيون، ارمانن کان، سي به ان ڪري ئي! اهي، اوهان جهڙن شخصيت خلاف چوندا رهن ۽ مان انهن لاءِ دل ۾ عزت ۽ پيار رکان، منهنجي لاءِ اهو قطعي ناممڪن آهي.

اهي ملڪ ۽ قوم، اهي ادب ۽ علم جا دشمن آهن، اهي سنڌي ادبي بورڊ جا دشمن آهن، بس، انهن ارمانن جي ڪري، سڙون ٿا ۽ ان ڪري ئي بي لغام به ٿيون ٿا! فقط ۽ فقط سنڌي ادبي بورڊ جي ڀلي لاءِ، اسين ڳرون ۽ جهڙون پيا. پر ڪجهه نه ٿا لکو! اوهان جي ذات ۽ ٻيا سڀ باخبر آهن. خدارا انهن کي ڪڍيو وڃي. بورڊ کي بچايو وڃي........

اوهان، سائين جن ڪهڙي به طرح مون مسڪين ۽ طالب العلم جي جا مدد پئي ڪئي آهي، تنهن لاءِ مان اوهان جي ذات لاءِ سدائين پيو دعائون گهران، ورنه سائين ڇاهي ڏيڍ سو پگهارڙي! وقت سچ آهي ته، پنهنجي گهر واريءَ جو به هڪ اڌ ٽپڙ کپائي ڪتاب پئي ورتا اٿم، ۽ اهڙا چريا اديب، جي اوهان جهڙن علم دوستن جي داد ۽ همٿائڻ کان محروم هجن، ته ڪڏهوڪو مري کپي وڃن!

مضمون سائين جن وٽ آهي ۽ مهراڻ رسالي جي تازي نڪرندڙ پرچي ۾ گنجائش هجي، ته سائين جن انهن کي فرمائين ته ان ۾ ئي ڇاپين، اسين نوان طالب العلم، اوهان جي شفقت ۽ مهربانن ۾ ئي بي انداز اميدون رکي سگهون ٿا. سائين جن جي قابليت ۽ علميت جي اڳيان اسان طالب علمن جي علميت جي حيثيت فقط قطري برابر آهي. ان ڪري سائين جن جي رهنمائي ۽ درستيون ته اسان کي دڳ لائينديون!

قبلا سائين! هيءُ خط مون ارمانن وچان لکيو آهي ۽ مون کي خود خبر نه آهي ته مون ڇا لکيو آهي؟ ڪئين غلطيون هونديون سي سڀ معاف ڪرڻ فرمائيندا. ڇو ته مان آهيان اوهان جو خادم، اوهان جو شاگرد، اوهان جو ننڍو ڀاءُ ۽ اوهان جو ٻچو!

- لغاري عبدالڪريم

محترم عزيز الرحمان ٻگهيو

28 مئي 1991ع، اسلام آباد

بخدمت جناب محترمه ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، سائين منهنجا، هن شامل پنهنجي انگريزي مضمون جي ڪاپي عرض رکي رهيو آهيان، جو تازو فرنٽيئر پوسٽ پشاور 10 قسطن ۾ شايع ڪيو آهي ۽ جنهن جو مقصد غير سنڌي حضرات کي اصل آئينو ڏيکارڻ هو ته جئن کين انهن ڪاوشن کان آگاهي ٿئي جن شروع کان اسان تي اثر انداز ٿي صوبي سنڌ کي ڌڪي اچي موجوده مهانڊي ۽ ماحول تي پهچايو آهي. ان مضمون کي توهان آڏو پيش ڪرڻ سان منهنجي خواهش ۽ گذارش هيءَ آهي ته توهان مهرباني ڪري مون کي پنهنجي قيمتي راءِ سان نوازيو.

سائين منهنجا! توهان مون کي بهتر ڄاڻو ٿا ته عام طرح اسان پنهنجون شڪايتون ۽ ڳالهيون سنڌي اخبارن ۾ ئي لکندا رهيا آهيون ۽ نتيجي ۾ اهي احوال وري پاڻ ئي پڙهندا رهيا آهيون ڇو ته جيئن توهان منهنجي ڪتاب تي تبصرو ڪندي فرمايو هو، وچ واري وٿيءَ کي ڀرڻ جي ڪم ڪنهن نه ڪيو، ويندي مرڪزي اطلاعات کاتي به ان اهميت جو احساس نه ڌاريو. اردو ۽ انگريزي اخبارن ته هڪ ڌر بڻجڻ کي ترجيح ڏني ۽ اهڙيءَ طرح اسان لاءِ ادو مئو ادي ڄائي اسان اوترا جا اوترا وارو لقاءَ رهيو. واڻين سان جيڪا ورهين کان پئي ويڙهه ڪئي سين، سا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ وري مسلمان ڀائرن سان ڪرڻي پئي.

سماجي اقتصادي ۽ سياسي حقوق کان محرومي کان وٺي موجوده مايوسيءَ جي ماحول تائين، ڄڻ ته سنڌي معاشري کان بغاوت تائين وڃي قصو پهتو آهي. نتيجي ۾ پنهنجا پنهنجن کي پيا کڻن ۽ چوراڪاري ۽ امن امان جي تباهي اسان کي ئي بيحد گهڻو بدنام ڪيو آهي.

بهرحال سائين منهنجا، هتي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ بحثن مون کي ان مضمون لکڻ ۽ حقائق تان پردي هٽائڻ جي ضرورت زياده محسوس ڪرائي ۽ پنهنجي وس آهر فرض ادا ڪيو، ظاهر آهي ته نوڪريءَ دوران اهڙو ليک نه ٿي لکي سگهيس. تنهن ڪري جيئن ئي 27 فيبروري تي رٽائر ٿيس پهريون ڪم اهو ڪيم.

سائين ڊاڪٽر صاحب، مون کي بحرحال توهان جي چند سٽن واري رد عمل جو انتظار رهندو. اميد ته مايوس نه ڪندا جئن هميشه مهربان رهيا آهيو. مان سوچيندو آهيا ته جيڪڏهن ان ڏينهن توهان منهنجي ڪتاب جي تبصري لاءِ نه هجو ها ته پنهنجن ڪن حاسد سنڌي ڀائرن جنهن نموني سان بيگم نصرت ڀٽي کي ڀريو هو ته مان ته نيڪي برباد گناهه لازم واري ڪيفيت سان همڪنار ٿيو ويٺو هوس. جز اکم الله خيرا جو منهنجي پت رهجي آئي.* الله توهان جي ڄمار ۽ صحت ۾ واڌارو ڪري ته جئن توهان پنهنجي زبان ملڪ ۽ قوم جي خدمت جاري رکي سگهو! آمين.

- عزيز الرحمان ٻگهيو

ڊاڪٽر بلوچ جو حيدرآباد مان لکيل انگريزي ۾ جواب:

Deer Dr, Bughio

I have received your letter of 17 May 1991 and also a photo copy of your thoughtful article published in The Frontier Post. Congratulations for the good job done. There is need to explain SINDH PROBLEM in Urdu and English so that it is understood and appreciated at national level. Is it possible for you to take the next step- to put these articles into a book form? These are exellent pieces of information and Should be the subjet of a brochure/nono graph a priced publication, that will sell and serve widely.

You heve not put your present address in your letter. I only hope and pray that this note reaches you and is not lost in transaction. Best wishes.

Your’s Sincerely

N. A Baloch

…..2….

 •مورخ 12 فيبروري 1992ع، اسلام آباد

بخدمت جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

اميد ته خيرت سان هوندا، الحمدالله، هتي به هر طرح خير آهي. مان سائين جن جي ان حڪم جي روشنيءَ ۾ منتظر رهيس، ته توهان اسلام آباد واري ڪنهن دوري درميان ياد ڪندا ۽ مان توهان سان ملاقات ۾ توهان جي ان مضمون جي ڪاپي به پيش ڪندس ۽ مون واري مضمون کي ڪتابي شڪل ۾ شايع ڪرڻ جا تفصيل به زير بحث ايندا. پر غالباً توهان جي مصروفيت توهان کي هيڏانهن اچڻ نه ڏنو يا قيام مختصر رهيو.

سائين منهنجا، توهان کي ياد هوندو ته گذريل ڊسمبر ۾ جڏهن مون پنهنجي ڊگهي انگريزي مضمون جو مسودو حيدرآباد ۾ پيش خدمت رکيو هو ته توهان اسلام آباد اچڻ جو پروگرام ٻڌايو هو. بهرحال هن گڏ توهان جي مضمون جي ڪاپي موڪلي رهيو آهيان جو پاڪستان ٽائمز اسلام آباد ۾ 4 آڪٽوبر 1988ع تي ڇپيو هو.

اميد اٿم ته رٿيل پروگرام مطابق منهنجي مضمون کي ڪتابي شڪل ڏيڻ واري رٿا کي مڪمل ڪيو ويندو ۽ ان سلسلي ۾ اسلام آباد اچڻ وقت مون کي ملاقات جو شرف بخشيندو. الله تعاليٰ توهان کي صحت ۽ طويل عمر عطا ڪري ته جيئن ادبي ۽ علمي خدمتن جا توهان جا موجوده پروگرام جاري ۽ ساري رهن. آمين. توهان جو خادم.

- عزيز الرحمان ٻگهيو

محترم عبدالقادري ڏاهري

پرنسپال، سچل سرمست ڪاليج نوابشاهه ( 1975-10-19)

بخدمت گرامي درجت جناڊ استاد سائين

سائين منهنجا! ست سئو ساله امير خسرو جي ورسي متعلق اوهان جي تقرير ۽ سوال جواب ٽيليويزن تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو مليو. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي وقت بوقت عالمانه تقريرون مباحثه وغيرهه ٿيندا رهندا آهن پر اهڙي قسم جا موقعا تمام گهٽ ميسر ٿي سگهيا آهن،. جن ۾ پوري ملڪ جا اديب، شاعر، محقق، تنقيد نگار ۽ هر مڪتب فڪر جا مدبر موجود هجن ۽ هڪ اديب کان هر قسم جا سوال ڪري سگهن. سچ پچ ته هڪ اديب يا عالم جي پرک جي اها ڪسوٽي آهي، انهي‎ءَ ۾ جيڪڏهن ڪاميابيءَ سان پار پوي ته اهڙي عالم کي سندس وسيع مطالعي، علميت ۽ محقق هئڻ جو دل سان داد ڏيئي سگهجي ٿو.

مون پنهنجي سمجهه ۽ ادراڪ مطابق انهيءَ تقرير ۽ سوالن جي جوابن ۾ ايتري قدر صحيح ۽ کرو سمجهيو جو مان پنهنجي زندگيءَ ۾ جيڪڏهن ڪنهن اهڙي قسم جي تقرير کان متاثر ٿيو آهيان ته اها پهرين تقرير آهي.

هن کان پهرين امير خسروءَ کي موسيقيءَ جي هر فن جو موجد پهريون مسلمان سمجهيو ويندو هو پر اوهان انهيءَ راز تان پردو کڻي سامعين حضرات کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. موسيقي ۾ سنڌ جي خدمت جي ذڪر به گهڻن صاحبن کي رنجيده ڪيو. انهيءَ کانپوءِ سازن لاءِ اوهان جا دليل نه رڳو سڀ ساز به امير خسروءَ جي ايجاد ڪونهن ۽ انهيءَ کان پهرينءَ جا آهن اها ڳالهه به گهٽ صاحبن کي آئڙي.

ٻي خاص ڳالهه جنهن اوهان جي شخصيت کي هر فن موليٰ ثابت ڪيو سا هئي راڳ جي سُرن جي ڄاڻ. آخر ۾ سوال جواب به اهڙا بهترين ٿيا جن ۾ ڪنهن به صاحب نه ته پاڻ کي اديب، محقق، عالم ثابت ڪيو ۽ نه موسيقي جو فنڪار ئي ثابت ڪري سگهيو. سندن سوالن مان اهو صاف ظاهر هو ته هنن کي ڪنهن به قسم جي مونجهه ڪانه هئي، جنهن جي ڇنڊ ڇاڻ جي ضرورت هئي، پر هنن جو مقصد اهو هو ته اوهانجو امتحان وٺن ۽ ڏسن ته اوهان صرف ڪتابن کي اٿلائي اهو مقالو لکيو آهي يا اوهان واقعي ڪجهه ڄاڻو به ٿا! ۽ انهيءَ ۾ قدرت اوهان جي اهڙي مدد ڪئي جو مقالو به ڪاغذ تي ته کيل هو پر انهيءَ جي ڏسڻ جي به اوهان کي ضرورت محسوس نه ڪئي، ائين پئي معلوم ٿيو ڄڻ اهي سڀ سامعين طفل مڪتب (موسيقي جا) هئا ۽ اوهان معلم هئا.

هڪ ڳالهه سمجهڻ کان قاصر آهيان، پنهنجو سنڌي ٻين سڀني قومن جي عالمن کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، پر پنهنجي سنڌيءَ کي بلڪل تلسيم نٿو ڪري ۽ نه وري قدر ٿو ڪري. پر اهو ايستائين جيستائين اها قابل قدر هستي زندهه آهي، انهيءَ جي جامي مٽائڻ بعد ارمان جا هٿ مهٽڻ شروع ٿو ڪري. حيف آهي اسان جي نوجوانن کي جن پنهنجن جو قدر نه ڪيو ۽ نه ڳالهه کي وقت تي سمجهيو. اوهان لاءِ دل سان الله پاڪ جي درگاهه ۾ دعاڳو آهيان ته اوهان کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي ۽ اڃا به جدوجهد جي توفيق عطا فرمائي. آمين.

- عبدالقادر ڏاهري

محترم حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو

شهر ماڏو، ضلعو دادو (2003-8-26)

قبلا ڪعبه، تسليم معروض، بقول رئيس عبدالبي خان چانڊيو ته:

کنوڻيون کان ٿيون، ڪاڇي ۾ وسن ٿيون،

کنڀيون کير جهڙيون ٻنن ۾ ٻهڪن ٿيون،

للر لنب لاٺيو ڪوڪت ڳنڍير سرهوڙي جام آهي،

سڄڻ دوست پيارا ويا مال ڪاهي،

ڀري کير ساڙهيون، ڀينر ڏين ٿيون.

سائين، کنڀيون ٿوريون هٿ آيون، چاچا ممتاز سان موڪلجن ٿيون. ايترو نفيس آهن. جو ڪاريون ٿي وڃن ٿيون. بهرحال، خدمت اقدس ۾ ارسال آهن ۽ ميندي پڻ ارسال آهي. قوي اميد ته طبع گرامي خوش هوندا.


* (خط تي ڊاڪٽر بلوچ جو لکيل نوٽ) عبدالله اڄ پاڻ آيو، کيس سنڌ جي سڪن بابت بيروني جو نهايت اهم حوالو ڏنم. پنهنجي گڏ ڪيل سڪا (ٻئي ڍڳ) ڏيکاريم، سندس مقالمي بابت ضروري مشوره ڏنم ته قبل از اسلام توڙي عربي دور وارا سڪا تن بابت مقدمي ۽ پهرئين باب ۾ مواد شامل ڪري. نبي بخش (1990-4-2)

* ڊاڪٽر ٻگهئي صحافت تي ڪتاب لکيو هو جنهن جي منهن مرڪندي پڌرائي جي صدارت بيگم نصرت ڀٽو صاحبه ڪئي. آءُ اڃان اسلام آباد ۾ هوس. مون سان حال ڪيائين ۽ مون کي تبصري لاءِ چيائين. سٺو ڪتاب هو ۽ مون کيس داد ڏنو. بيگم صاحبه به مطئمن ٿي. نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org