سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :14

محترم ماستر سومر خان لغاري

ڳوٺ ٺارو خان لغاري، ضلعو سانگهڙ (1951 – 5 – 31)

محترم و مڪرم من دام محبته،

خيريت مطلوب خيريت حق موجود. المقصد ته هن کان اڳ هڪ چٺي حاجي مصريءَ جي خط ۾ ۽ هڪ خط رجسٽرڊ ارسال خدمت ڪيا اٿم. رجاکه زير گذارش ٿيا هوندا. اڄ وري نئين ادا نئين صدا. روشن هجي ته 27 – مئي 1951ع تي هالن ۾ ٿيندڙ مشاعره ۾ نيٽ بنده کي به گهلي وڃي ڇڏيائون. حضرت عارف صاحب سان صلاح ڪرڻ بعد هيٺيان ٻه شعر پڙهيا ٻين کي وڻيا يا نه سو ته رب العزت ڄاڻي ٿو باقي مونکي ته چري جي پٽ وانگر اهڙا وڻيا جو ڪيا بات!

چوندا آهن ته ڇا ٻلي ڇا جلاب، سو ڇا آءٌ ڇا لائوڊ اسپيڪر تي شعر پڙهڻ! هڪ الله ٿو ڄاڻي ته بابي مرحوم ڪڏهن اهڙو خواب به نه ڏٺو هوندو ته ڪو منهنجو پٽ به سڄيءَ سنڌ جي شعراء جي اڳيان ۽ هزارن جي مجموعه ۾ لائوڊ اسپيڪر تي پنهنجا ٺاهيل شعر پڙهندو ۽ وري منهن جو پڪو به اهڙو هوندو جو ڪيترا ڏينهن ان تي ناز ڪندو رهندو.“

خير مشڪل ڳالهه جيڪا گذري سا اها ته جڏهن شعراء ڪرام جا نالا قلمبند ڪيائون ته جناب گرامي صاحب، حضرت طالب صاحب جي فرموده موجب سندم اسم المبارڪ به لکيو. وري پڇيائون ته تخلص ڇا اٿو؟ ٻڌايو ته هاڻي ڇا ٻڌايان ها؟ نيٺ گرامي صاحب ”سومر“ لکيو. هاڻي بهتر آهي ته ڪو تخلص مقرر ڪري ڇڏجي. تنهن لاءِ استدعا آهي ته تخلص ڪو اهڙو ڏسيو جو هجي به ”پُر معنيٰ“ ۽ هجي به ٻه ٺپو جئن ته عا-رف، طا-لب، عا-قب وغيره ۽ اهو جو اڳ ڪنهن به شاعره يا شاعر جو والاريل نه هجي، نه ته خوف آهي ته منهنجا ميڙيل موتي ٻيا نام ڪٺيا چورائي ويندا.

منهنجي خيال ۾ اڃان ڪوبه نالو نٿو اچي، حضرت عارف صاحب کي به عرض ڪيم ليڪن اڃان ته آسري ۾ رکي ڇڏيائين. جيڪڏهن ”عاقب“ اڳ نه هجي ته پوءِ قبول ڪجي. ”عاجز“ چڱو پر اڳ ٻن شعراء ڪرامن جو منظور ڪيل آهي. توهان صاحبن جو توجهه خاص سعيي سان هن طرف ڇڪايان ٿو. هاڻي ٻڌو منهنجا شعر:

جنهن مان فتنو پيدا ٿئي سو داستان ميسارجي

من اندر محبت سندو سارو چمن سينگارجي

1 . ڪوڙ، چوري ۽ گلا بُهتان حسد ڪينو بغض

سڀ باني فساد جا دورتن کان گهارجي

2. الزنا ام النجائث قياس ڪر هن قول تي

شهوت جزو شيطان جو ميڇ اها مارجي

3. لائِي چائي لوڪ ۾ ڪين کٻي ٿي ڪرڻ

ان طرح اصل نه ڪڏهين ٻن گهرن کي ٻارجي

4. عيب جو ئي ۽ هجو مقراض محبت جو چون

قرب ۾ ڪتر وجهي پڻ خلق کي نه کارجي

تعاونوا علي البر تي ”سومر“ سدائين ڪر عمل

لايسخر قوم صحي سڃاڻي، گوشي تن گذارجي.

-         سومر خان لغاري

-         محترم صوفي سبحان بخش

سجاده نشين درگاهه بيدل ۽ بيڪس، روهڙي (1983 – 12 – 18)

بخدمت جناب بلوچ صاحب،

بعد السلام عليڪم جي واضع هجي ته حضرت فقير بيدل سائين جي پنج گنج ۽ سوانح حيات جي باري ۾ درگاهه شريف تي روبرو گفتگو ٿي هئي. ان سلسلي ۾ مان اوهان صاحبن جي خدمت ۾ ڪتابن سميت تاريخ 1973 – 11 – 23 تي حيدرآباد ۾ آيو هوم پر اوهان جي آفيس مان معلوم ٿيو ته اوهان لاهور ويل آهيو، تنهنڪري مجبور ٿي واپس گهر موٽي آيم ۽ هي چند الفاظ پيش ڪري رهيو آهيان:

خداوند ڪريم جي فضل سان پنج گنج ڪتاب جو ترجمو ۽ سوانح حيات جو ڪم خير سان مڪمل ٿي چڪو آهي. صرف اوهانجي وقت جو انتظار آهي ته تڪليف فرمائي ڪو ٽائيم ڏيو ته اوهان جي خدمت ۾، پيش ڪيا وڃن تاڪه اوهان هنن کي ادبي ٻوليءَ ۾ رنگين فرمايو. ترجمه وغيره ۾ جيڪڏهن ڪوبه نقص ڏسو ته اوهان کي ڪلي اختيار آهي ته ان کي درست ڪيو.

منهنجو رايو آهي ته پنج گنج ۽ سوانح حيات درستيءَ سان لکي پوءِ ڪنهن خوشخط لکڻ واري کان لکائي پوءِ پريس ۾ موڪلجي، وڌيڪ اوهان جو رايو مجرب ۽ ڪارآمد ٿيندو.

هي به صلاح ڪرڻ ضروري آهي ته بيدل صاحب جي باقي تصنيفات جي ڇپائيءَ جو ڪم ڪهڙيءَ طرح سان جاري رکجي ۽ ڪتابن جو نيڪال ڪهڙي طرح سان ڪجي ۽ ڪتابن جي وڪري جو پئسو ڪٿي گڏ ڪجي ته جيئن آسانيءَ سان ٻيا ڪتاب ڇپائي سگهجن.

- صوفي سبحان بخش

محترم سلام الدين

ڪريم آباد والڪٽ روڊ، رحمانيه مسجد ميرپورخاص

محترم و مڪرم جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، سنڌي ٻولي جا سڄڻ ۽ سڄاڻ پياري ٻولي جا پارکو، سنڌ جا سپوت، محقق، اديب، دانشور، توهانجي خدمت خير ۾ هڪ علمي عرض آهي ته ڳچ عرصي کان لفظ ”گذريل“ جي گردش تي ذهن تي زور آزمائي ڪندو پئي آيو آهيان، پر اڄ هڪ اهم تحريري ڪم سرانجام ڏيندي اها الجهن پيش آئي ته لفظ مذڪوره ”ذ“ يا ”ز“ سان لکجي. انهيءَ ڪري توهان ڏانهن لکڻ جي لالچ ڪئي اٿم ته من علمي اڃ پوري ٿئي.

جناب ڊاڪٽر صاحب، سنڌي زبان ۾ ته ”ذ“ جو بلڪل ذڪر ئي نه آهي ۽ اهو اکر عربي جو آهي ۽ هونئن به اسان سنڌي ”ذ“ کي پنهنجي مخرج سان ”ز“ ٿا اچاريون، اردو لغت جي جديد نسيم اللغات ۾ ”ذ“ جي تختي ۾ ڪل لفظ ڇٽيهه 36 ڏنل آهن ۽ اهي سڀ سواءِ هڪ ذرا جي (جيڪو منهنجي خيال ۾ خود عربي لفظ ذرن جو مخفف آهي) سڀ عربي جا آهن. هڪ ڳالهه ته سائين جڏهن سنڌي بنيادي طرح اهو اکر ئي ناهي ته پوءِ ڇو انهيءَ کي اختيار ڪري ۽ سنڌي جي حرف ”ز“ کي ڇڏجي.

ٻي ڳالهه ”ته گذريل“ لفظ جو اصل وطن فارس يعني فارسي ٻولي جو آهي ۽ اتي به ”ز“ سان لکيل آهي ۽ اسان سنڌي ادب ”ز“ اچاريندا آهيون پر لکڻ ۾ ”ذ“ ڇو شامل ڪجي. جڏهن ته اردو وارن به ”گ – ذ“ ۾ ڪو لفظ نه ڏنو بلڪل سڀ گ – ز ۾ ڏنا آهن. توهانجي رهنمائي ۽ مدد جي ضرورت آهي.*

- سلام الدين

محترم سچل شاهه

محبت ديره جتوئي، تعلقه ڪنڊياره (1945 – 7 – 31)

بخدمت جناب بلوچ صاحب،

السلام عليڪم بعد عرض ته هن خط سان گڏ پيراڻي ڀنڀري جون ڪجهه ڳجهارتون موڪليان ٿو. ٻيا پڻ گهڻا بيت نوٽ ڪيا اٿم جي 20 – 25 صفحا ٿي ويندا. مان هن کان اڳ توهان کي احوال ڏيان ها ليڪن توهان جي ائڊريس مون وٽان گم ٿي ويئي هئي. ڪالهه هٿ آئي آهي. تنهن کانسواءِ مونکي پڪ به ڪانهي ته توهان هن وقت الائي ڪٿي رهو ٿا جنهن ڪري خيال ٿيم ته توهان جي ڳوٺ نه هئڻ جي حالت ۾ متان سڀ پورهيو ضايع ٿي وڃي. لهذا حال في الحال ٿورا بيت عرض رکان ٿو. پنهنجي ائڊريس ڏيندا ته پوءِ وڌيڪ احوال ڏيندس. مان ٻڌو آهي ته هاڻي توهان ڪراچي ۾ آهيو. اها ڳالهه ڪيتري قدر سچي آهي. محمد ميربحر جي به گهڻي جانچ ڪئي اٿم، ليڪن اڃان ڪو پتو ڪونه پئجي سگهيو آهي. ڪنڊياري جي شهر ۾ ته اهڙو ماڻهو ڪونه ٿو رهي.

ٻيو ته آءٌ ڌڻي پاڪ جي فضل ۽ اوهان صاحبن جي دعا سان امتحان ۾ ڪامياب ٿيو آهيان. سيڪنڊ ڪلاس ۾ آيو آهيان. هينئر ايس. ٽي سي امتحان ۽ جوفيز بي. اي جي امتحان جي تياري ۾ رڌل آهيان. پنهنجي خيريت جو احوال ڏيندا ته ممنون رهندس.

- سچل شاهه

محترم حافظ سخي محمد مهراڻ

سڪندريه لائبريري، ڇاڇرو (2002 – 5 – 2)

واجب الاحترام جناب سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته، جي احوال گذارش عرض ته اوهان صاحبن پنهنجو قيمتي وقت سيڙائي مون ناچيز تي رحم فرمائي منهنجي ڪتاب جو نالو تجويز فرمائي ڏنو ۽ ٻه اکر جيڪي منهنجي لاءِ هڪ وڏي سند ۽ تبرڪ طور لکي ڏنا هئا. اڄ توهان صاحبن جي دعا سان ڪتاب شايع ٿي آيو آهي. سو توهان جي خدمت اقدس ۾ پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان.

سائين حقيقت ۾ مون کي اڄ ايڏي خوشي ٿي آهي، جو ڀانيان ٿو ته مون کي اڄ پُٽ ڄائو آهي، مون ناچيز 1974ع کان اها ڪوشش شروع ڪئي هئي، نه ڪتابن سان واسطو نه ئي ڪو ٻڌائڻ وارو هو. پر همت نه هاريم، ڪم جاري رکيم. منهنجي هن ڪاوش کي ڏسي سرها ٿيڻ وارا والد مرحوم ۽ استاد سائين محمد سليم مهراڻ مرحوم هئا. اميد ته انهن جا اڄ روح راضي ٿيا هوندا.

توهان صاحبن جو وري به نهايت ئي ٿورائتو آهيان جو مون ڪم علم ۽ ناقص العقل تي رحم فرمائي، پنهنجو عالمانه شان سُڃاڻندي منهنجي ڪتاب نسب نامه مهراڻ (سوڍو) تي ٻه اکر لکي ڏيڻ فرمايو. جزاڪ الله في الدارين خير!.

قبله سائين، توهان کي لکين مبارڪون هجن جو زندگي ۾ ئي توهان سنڌ سان عشق رکي هر موضوع تي ايڏي همت ڪئي آهي. جنهنجو ذڪر صدين تائيم هلندو. مون کي ته عجب لڳندو آ ته توهان وٽ لکڻ جي ڪا مشين آ، الله پاڪ اوهان کي خضري حياتي عطا فرمائي ۽ تڪليفن ۽ بيمارين کان محفوظ رکي. آمين.               – حافظ سخي محمد مهراڻ

محترم شمشير الحيدري

نئين زندگي، ڪراچي (1970 – 9 – 25)

محترم سائين،

السِلام عليڪم: اميد ته خوش هوندا. سنڌ نمبر سوکڙي ڪري موڪليو هوم، مليو هوندو. الائي اوهان کي پسند آيو يا نه، ٻنهي حالتن ۾ اوهان کان ٻن اکرن جي توقع هيم. ضرور ان ۾ ڪي سنن، واقعن وغيره جون اهڙيون چُڪون ٿي ويون هونديون جن جي اصلاح اوهين جيڪر تجويز ڪريو ته بهتر. اوهان جو مضمون ان ۾ ڪونه آيو تنهن لاءِ افسوس اٿم. برادرم ممتاز مرزا مون کي يونيورسٽيءَ جو ريسرچ جرنل اماڻيو هو، جنهن ۾ اوهان جو مضمون علامه بوبڪانيءَ بابت آهي. اهو مضمون مون اسان جي جائنٽ ايڊيٽر، محمد موسيٰ کان ترجمو ڪرايو. مضمون سڄو علمي اصطلاحن سان ڀريل آهي ۽ ان جي ترجمي جي صحت اوهان کان ڪرائڻ بيحد ضروري محسوس ڪيم. سو ان ڪري مضمون روڪي ڇڏيم ته جيئن اها علمي شي متان ڪنهن ريت ڀُل چڪ سان اچي ۽ اوهين مطمئن نه ٿيو. پوءِ اهو ترجمو مون اوهان کي رجسٽر ڪري ٽپال ۾ اُماڻيو ته جيئن اوهين ان تي نظر وجهي موڪلي ڏيو. ڪجهه ڏينهن بعد اهو لفافو وري به موٽي اچي مون کي واپس مليو. شايد اوهين ٻاهر هوندا. هاڻي اهو لفافو آءٌ ٻيهر اوهان کي يا برادرم ممتاز مرزا کي اُماڻيان ٿو. مهرباني ڪري انهيءَ مضمون تي نظر وجهي موڪليندا ته اهو ڇپجي. انگريزيءَ ۾ اهو مضمون تمام تفصيلي هو، تنهن کي ڪجهه اختصار سان ترجمو ڪيو اٿئون. جيڪڏهن ڪابه ڳالهه ضروري اضافو ڪرڻي هجي ته ٻڌائيندا.

هر ڀيري خاص طرح اها گذارش ڪرڻي آهي ته مرحوم محمد بخش بلوچ مجنون سان اوهان جون چڱيون رهاڻيون هيون. آءٌ ايندڙ پرچي، سندس باري ۾ اديبن ۽ عالمن، سندس دوستن ۽ واقفڪارن جا تاثرات ڏيڻ ٿو گهران. سو اهو حق اوهان تي به آهي. مهرباني ڪري پنهنجا تاثرات، يا مڪمل مضمون، پنهنجي پهرينءَ فرصت ۾ موڪلي ڏيڻ فرمائيندا. ان لاءِ وڌيڪ تاڪيد نٿو ڪريان. ڇو ته يار جي يادگيري خود اوهان کي ضرور لکڻ تي آماده ڪندي رڳو ايترو، ته جيترو ٿي سگهي، جلد اهو مضمون پهتو ڪندا....                                          - شمشيرالحيدري

محترم مولوي شفيع محمد نظاماڻي

منصوره (ڏيپر) براه ٽنڊوآدم (1964 – 7 – 26)

اخويم ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته، ابواب رحمته و برڪت باري تعاليٰ عز اسمه برماوشمادائما مفتوح باد.

اما بعد هتان تعليم گاهه مان هڪ ٽيچر نالي علي خان کوسه کي جنهن جي ملازمت اٺ سال کن آهي بي ٽي ٽريننگ لاءِ موڪلي رهيا آهيون، ان کي داخله ڏيڻ سان گڏ ممڪن هجي ته سڪالر شپ جي به عنايت ڪندا. جي جواب جي به عنايت ٿئي ته اهو جواب چونڊجي موقعه تي تعارف جو به سبب ٿيندو. درميان ۾ جي حيدرآباد اچڻ ٿيو ته انهي عرض لاءِ حاضري به ڏبي. جي نه ته هي ڪارڊ ڪافي آهي.

محترم نون صاحب کي جي ملاقات وقت يادگيري رهي ته سلام پيش ڪندا. ٻيڙي فقير کان هن حقير لاءِ سندن ياد جا احوال ملندا رهندا آهن.

حق سبحانہ و تعاليٰ جمله احباب کي پنهنجي دين جي نصرت لاءِ منتخب فرمائي ۽ عملي جدوجهد جي توفيق ڏئي. آمين.

- شفيع محمد نظاماڻي

محترم مير شھداد خان

سوڀوديرو، ضلعو خيرپور (1960 – 11 – 28)

قبله ڊاڪٽر صاحب.

السلام عليڪم: عرض ته نورچشم مير ديدار حسين خدمت ۾ اچي ٿو. کيس هڪ سبجيڪٽ مٽڻو آهي. مهرباني ڪري سندس مدد ڪرڻ فرمائيندا. مون کان بعد هي پهريون ڇوڪرو آهي جيڪو مٿا مونا ڏئي تعليم جي گاڏڙي کي ايترو کڙڪايو اٿئين. منهنجي ماروٽ مير خادم علي خان جو نينگر آهي ۽ ايئين ڪري سمجهندا ته ڄڻ منهنجو پنهنجو ٻچو آهي. مهرباني ڪري سندس مدد ضرور ڪرڻ فرمائيندا. ٻيو عرض ته فون تي عرض ڪيو هئم ته ڪجهه فنڪار سنڌي محفل لاءِ هٿ ڪري ڏيندا ۽ مهرباني ڪري پاڻ به شريڪ ٿيندا ۽ برادرم نون صاحب کي به عرض ڪندا.

سنگت جو خيال آهي ته نارو ڀڳت، حافظ اسحاق، حسين بخش فقير لاءِ به انتظام ٿيڻ گهرجي. مان هنن کي شخصي طرح اصل ڪونه سڃاڻا. جي توهان مناسب ڄاڻو ته مهرباني فرمائي انهن سان به ڊئريڪٽر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي معرفت بندوبست ڪرائي ڏيندا.

مطلب ته هي قصو سڄو پنهنجو اٿو. مان آهيان سست ماڻهو، ۽ صاحب وري کڻي ڦاسايو به مونکي آهي، ته جيئن خدا ڪري توهان مهربانن جي مدد سان وقت جيئن جو گذري اچي ۽ پت جي رهجي اچي.

محفل 15 ۽ 17 ڊسمبر جي وچ واري رات جو ٿيندي. توهان نوازش فرمائي جلسه ۾ هن سال ضرور تشريف فرما ٿيندا. قاضي صاحب جن کي مان پاڻ عرض ڪندس ۽ اڄ ڳوٺ کان جيڪب آباد ويندي خيرپور ۾ ملندو ويندو سانءِ. سلام ساري سنگت کي عرض رکندا.                        - شهداد

محترم پير شمس الدين شاهه

ميدان پير، ڪراچي (1955 – 7 – 6)

محب و خادم العلم ڊاڪٽر نبي بخش خان،

بعد از السلام عليڪم جي لکجي ٿو ته هت سڀ خير آهي ايڏانهن به ڌڻي خير ڪيو هوندو.

مطلب ته ڪيترا ڏينهن ٿيندا جو توهان پنهنجي خيريت کان واقف نه ڪيو. ٻيو ته توهان کي اسان وارن ڪاغذن مان ڪو مواد حاصل ٿيو يانه،* انهيءَ بابت اسانکي پنهنجي واقفيت کان واقف ڪندا جئن ته چچ نامه، تاريخ معصومي جي مطالعه مان معلوم ٿئي ٿو ته توهان واقعي دماغ سوزي محنت ڪئي آهي جنهن ۾ واقعي سنڌ جي لڪل خزاني کي پنهنجي زبان ۾ ظاهر ڪيو ۽ علم و ادب جي ميدان ۾ هڪ نئون اضافو ڪيو جو ڪنهن مصنف ان طرف توجهه نه ڪئي صرف افسانه آکاڻيون واهيات لٽريچر ڏانهن ڌيان ڏنو. واهيات انهيءَ ڪري چيو ويو جنهن مان ملڪ و قوم کي ڪوبه فائدو ڪونه پهتو. انهيءَ تي اسان پنهنجو خيال ظاهر ڪيو.

هاڻي تاريخ تحفته الڪرام جو انتظار ٿي رهيو آهي. اهو ڪڏهن ڇپجي ظاهر ٿيندو، انهيءَ معلومات کان به واقفيت ڪندا. ٽيو ته تاريخ جي علم سان گڏ انوقت جا سفرناما جهانيان جهان گشت يا ٻين سياحن جا سفرنامه اسان جي تاريخ ۾ هڪ نئون مشغله راه ٿيندا. چوٿون ته موجوده وقت جا سفرنامه بلاد اسلاميه يا يورپ جا ڇپجي ظاهر ٿين جو اسان کي ٻاهر دنيا جو گهر ويٺي لطف اچي يا پنهنجي سنڌ جو سفر ڪتابي صورت ۾ نظر اچي جئن اڳي: سنڌ جو سيلاني، مسٽر ڀيرومل جو لکيل آهي، جو حيدرآباد جي ڪنهن پراڻي دڪان تان ملي. جيڪڏهن توهان کي هٿ چڙهي ته اسان لاءِ وٺي ايندا. توهان صاحبن جا شڪر گذار رهندس. خداوند کان دعا گهرندس ته توهان جهڙا زندهه دل نوجوان زندهه رهن.

- شمس الدين شاهه

محترم شاهه محمد شاهه

گهوٽڪي (1965 – 4 – 21)

گرامي درجت جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته اوهان جو گهوٽڪيءَ ۾ قيام نهايت ئي مختصر رهيو، تاهم آءٌ اوهان جو ذاتي طور احسانمند آهيان جو اوهان از راه ڪرم فرمائي انهيءَ موقعي تي مونکي ياد فرمايو ۽ ديرينه تعلقات مودت و محبت کي از سِر نو تازه ڪيو، سچ آهي ته:

ع اين کار زتو آيد مردان چنين کنند

آءٌ اوهان کان رخصت طلب ٿي گهوٽڪي پهتس ۽ پهچڻ شرط سجاده نشين لوءِ صاحبان سيد محبوب شاهه صاحب سان  مليس ۽ کانئس مسجد شريف سان متعلق اهو لڪڙي جو تختو حاصل ڪيم جو اوهان مسجد جي کوهه وٽ پسند فرمايو هو. هينئر اهو تختو مون وٽ جڳهه تي بحفاظت رکيو آهي، جيڪڏهن حڪم ٿئي ته پئسنجر ٽرين ذريعه اوهان جي خدمت ۾ حيدرآباد موڪليان. ٻيءَ حالت ۾ تختو مون وٽ محفوظ رهندو ۽ آءٌ جڏهن انهيءَ طرف آيس ته پاڻ سان کيون ايندس. بهرحال انهيءَ سلسله ۾ جئن اوهان جو حڪم ٿئي ته ان موجب تعميل فرمائش ڪئي وڃي.

هن طرف ڪُلي خيريت آهي، اميد ته اوهان پڻ بمعه تمام متعلقين بخير و عافيت هوندا.

محترم شيخ محمد اسماعيل صاحب ۽ مرزا ممتاز صاحب کي سلام شوق عرض رکندا. جواب جي عنايت ترت فرمائيندا.

- شاهه محمد شاهه

محترم صوفي شرف الدين

مٺياڻي، ضلعو نوابشاهه (1974 – 3 – 25)

بخدمت فيض درجت عاليجناب سائين بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته و رحمت، احوال عرض ته سائين منهن جا اوهان صاحبن جا لک لائق ڪروڙين قرب جو حضرت شاهه لطيف جن جي عرس مبارڪ تي، اوهان صاحبن هن حقير کي ثقافتي پروگرام ۾ حصه وٺڻ لاءِ اسٽيج تي آندو. ليڪن اعزازي سيڪريٽري ايترو ته ڪم عقل ۽ بي وس نظر آيو جو انهيءَ مذڪوره پروگرام ۾ مون کي ڳالهائڻ لاءِ ڪجهه به وقت ڏئي نه سگهيو. ايتري قدر جو آءٌ ان سان ساڍي اٺ بجي وري ڇهه بجي بار بار ملندو رهيس، ڪافي جدوجهد کان پوءِ به ڪجهه به پلئه نه پيو، انهيءَ ڳالهه جو مون کي ڏاڍو ڏک آهي، جو آءٌ پيرسن ايتري ساري هجوم ۾ بار بار ملڻ سان ڏاڍو تنگ اچي ٿيس. پر ڇا چوڻي آهي ته (ڪني جي ڪارڻ ڳئون چاريان ڳوٺ جون) خير! ماشاء الله اوهان صاحبن جي شخصيت ۽ ادبيت لاءِ مون وٽ عزت آهي، مگر اعزازي سيڪريٽري جو تمام ڏک آهي، ادبي ميدان ۾ ههڙن ماڻهن کي ڪهڙي خبر آهي. بهرحال هي تحفه سائين جن جي خدمت اقدس ۾ عرض رکان ٿو، اميد ته قبول فرمائيندا.

- صوفي شرف الدين شرف*

محترم پروفيسر شيام داس جوشي

برھمڻ پاڙو، مٺي (2003 – 1 – 31)

محترم ڊاڪٽر نبي بخش صاحب،

اوھان جو تاريخ 28 جنوري 2003ع جو لکيل خط مليو، مھرباني ڏسجي ائين ٿو ته اوهان منهنجي خط ملڻ شرط ئي جواب لکيو آهي. نئين ٽهي ۽ پُراڻن ماڻهن ۾ ايترو فرق آهي. اڄ جو جوان گهڻي ڀانڱي سست، اڄ نه سڀاڻ ڪرڻ وارو آهي. خير خوشي ٿي جو اوهان منهنجن ويچارون جو قدر ڪيو اميد ٿو ڪريان ته اوهان منهنجي خيالن کي سنڌي ٻولي جي اٿارٽي، سنڌيالاجي، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ تائين پڻ پهچائيندا، جيئن سنڌي  ٻولي جي واڌاري ۽ اهميت لاءِ، اهي ادارا ڪجهه ڪري سگهن. اوهان قاضي قادن جي رسالي جي هڪ ڪاپي مون کي موڪلي هئي، پر اها ڪاپي مون کان پير عبدالحق جان سرهندي کڻي ويو. اوهان مهرباني ڪري هڪ ٻي ڪاپي منهنجن ڪتابن ۾ شامل ڪري رکڻ لاءِ موڪلڻ جي عنايت ڪندا ته مهرباني ڌڻي سڳورو اوهان جي عمر وڌائي ۽ اوهان کي سنڌ. سنڌي ٻوليءَ ۽ سنڌ جي رهواسين جي خدمت ڪرڻ جي وڌيڪ سگهه ڏئي. آمين.

- شيام داس جوشي

محترم شوڪت علي خواجائي

سکر (1982 – 9 – 14)

سائين ڊاڪٽر اين اي بلوچ،

جيئي سنڌ، جيئي لطيف، بعد گهڻن دعائن ۽ سلامن جي لکجي ٿو ته هت سڀ خير آهي ۽ اميد اٿم ته اوهان به خيريت سان هوندو.

توهان جو وي. سي (اسلامڪ يونيورسٽي، اسلام آباد) جي عهدي تان هٽجڻ جو پڙهي ڏک ٿيو، جڏهن ته دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ اتان جي محققن جو قدر هوندو آهي. توهان جو خط عيد کان اڳ پهتو، احوال معلوم ٿيو. توهان جو ڪتاب ”سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ“ سڄو اکر به اکر پڙهي ڇڏيو آهي. هاڻي ٻيو ڪتاب ”دودو چنيسر“ پڙهي رهيو آهيان. توهان سان ڪچهري ڪرڻ جو ڏاڍو شوق آهي. ڪڏهن ٿا سکر اچو. اگر واندڪائي ڪانه آهي ته پوءِ اسان توهان طرف اچون.

هتي سکر ۾ هڪ سوسائٽي برپا ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهيان. اميد اٿم ته ڪامياب ويندس. نالو رکيو آهي ”اروڙ هسٽاريڪل سوسائٽي“. سکر جي سابق ايس ڊي ايم محمد صديق ميمڻ جا سکر، بکر ۽ اروڙ ۾ انگريزي ۾ هڻايل ڪتبن جا فوٽو اسٽيٽ ڪاپين جا ٽائيپ ٿيل ڪتبا توهان طرف جلدي موڪليندس. ائڊريس ٻڌائيندا ته انهيءَ تي موڪلجن. ٻيا سڀ سک لڳا پيا آهن. ڪم هجي ته بندو حاضر آ. ڪچهريون سدائين قائم، اوطاقون شل آباد.

- شوڪت علي خواجائي

محترم شمس الدين ”صابر“

بزم طالب الموليٰ، روهڙي (1973 – 11 – 1)

محترم ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ،

اڄ وري چند سٽون تحرير پيو ڪريان. آس اٿم ته قبول پونديون. سائين منهنجا! اوهان جي لازوال شخصيت دل جي آئيني تي اُڪريل آهي، اوهان سنڌي ادب لاءِ جيڪو جان فشانيءَ سان پاڻ پتوڙيو سنڌين تي هڪ املهه احسان ڪيو آهي، سو ڪو گهٽ آهي؟ نه نه هرگز نه.

هڪ آرزو هئي اوهان سان ملاقات ڪري روح رهاڻ ڪجي سو ان تمنا کي پورو ڪرڻ لاءِ اسين رمضان شريف ۾ اوهانجي بنگله تي آيا هئاسون، پر بدقسمتي سبب اوهان جهڙي مدبر شخصيت سان ملاقات جو شرف حاصل ٿي نه سگهيو ۽ اها آرزو سيني ۾ سانڍيو واپس ورياسون. پر ان تمنا ۾ ذرا به فرق نه آيو. اشتياق آهي ته هڪ دفعو ضرور اوهان سان ملاقات ڪجي جيڪا اسان لاءِ تمام خوش قسمتي چئبي. اوهان سنڌ واسين جا شيڪسپيئر، جبران خليل ۽ پيري لوئي آهيو. اوهان جا اهي ڳڻ لاهڻ ته ڇڏيو پر ڳائڻ به سنڌين جي وس ۾ ڪونهي. اوهان سنڌي ادب کي جا نئين زندگي بخشي آهي، سا هڪ وڏي قيمتي ميراث آهي. اوهان کي علامه چئجي ته ڪو وڌاءُ ڪونهي. شال اوهان جهڙا مدبر هر ماءُ قوم کي پيدا ڪري ڏي! آمين ثم آمين.


*  جواب لکيو ويو ته: عربي – سنڌي الف بي ۾ ”ذ“ اکر قائم آهي. ”ذرو“ ذڪر، ذم، ذليل، ذوالحج، ذيشان سڀ سنڌي ٻوليءَ جا ٿي چڪا آهن. اوهان کي پسند اچي ته ڀلي ”گذران“ بدران ”گزران“ لکو – نبي بخش.

*  مليل ڪاغذن گھڻو ڪم ڏنو ڪتاب ”ٻيلاين جا ٻول“ لاءِ – نبي بخش

*  صوفي صاحب داناء ھو. قافين جو اعليٰ شاعر ھو. ساڻس ريل گاڏي ۾ پھرين ملاقات ٿي ۽ پوءِ ناتو قائم ٿيو. نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org