سنڌ
۾ بيچيني ڇو آهي، ان جا اسباب معلوم هوندي به سڀ
سياسي يا سماجي تنظيمون مصلحتن ڪري ماٺ آهن. اميد
ته اوهان خوش باش هوندا.
-
محمد اسماعيل شيخ
.......4........
•
مورخ ڊڪشنري آفيس، حيدرآباد سنڌ (1964-1-25)
قبله
ڊاڪٽر سائين،
السلام عليڪم: احوال هن ريت آهي ته هت سڀ خيريت
آهي، اميد ته سائين جن به خيريت سان هوندا، سياري
جو سيءُ پنهنجي جوڀن تي آهي. چون ٿا ته هن سال
جهڙي سردي گذريل 35 سالن ۾ نه ٿي آهي. هن سال
حيدرآباد کان سواءِ سنڌ ۾ نوابشاهه ۽ سکر ۾ سخت
سيءُ ٿيو آهي. اخباري اطلاع موجب سکر ۽ ان جي
آسپاس برف پئي آهي. ڀائنجي ٿو ته اهو پارو آهي،
جنهن کي همراهن برف وسڻ جو نالو ڏنو آهي. بهرحال
سيءُ سخت آهي.
اڄ
يونيورسٽي ۾ ڪا ميٽنگ هئي، جنهن ۾ پير حسام الدين
راشدي صاحب به آيل هو. دستور موجب هن آفيس ۾ آيو ۽
اوهان جي خيريت معلوم ڪيائين. منهنجي آڏو ان وقت
اوهان جا خط، مقدمن جون ڪاپيون ۽ ٻه چار ڪتابن جون
ڊميون رکيل هيون، جن جا مقدما ڇپجي رهيا آهن. اهي
ڏسي نهايت خوش ٿيو، ۽ چيائين ته ڊاڪٽر صاحب جن کي
منهنجي طرفان مبارڪ لکي ڇڏيو، وڌيڪ چيائين ته
اوهان مهرباني ڪري نيويارڪ مان جيڪو محبت ڀريو خط
لکيو آهي، ان جو جواب لکندس، پر تنهن کان اڳ وصيت
وري به ياد ڏياريان ٿو.
1-
سائين جن جا جملي خط پهتا، عشقيه داستان جو مقدمو
پهتو، ڳيچن جي انگريزي مقدمي جا پروف هدايتن موجب
مسٽر اڪرام علي ۽ جويي صاحب کان پڙهائي، ڇپائيءَ
لاءِ ڏنا ويا آهن، ڳيچن جو سنڌي مقدمو ڇپجي ويو
آهي، اوهان جي موڪليل صحت نامي مطابق درستيون ڪيون
ويون آهن.
2-
عشقيه داستانن جو صحت نامو ٺهيل ناهي، اوهان
مهرباني ڪري صحت نامو موڪليندا، نه ته مقدمي
واريون غلطيون، ۽ متن کي پڙهي ان مان اسين صحت
نامو ٺاهي ڇپائي ڇڏيون.
3-
عشقيه داستان جو جملي انگريزي مقدمو(ٽن قسطن ۾)
مليو. جناب نون صاحب جن کي اوهان جو خط بذريعه
ٽپال روانو ڪيو ويو. ٻئي ڏينهن مون سان ٽيليفون تي
خط جي پهچ ڏنائين ۽ اوهان جي انگريزي لکيل مقدمي ۾
خصوصاً لاکي ڦلاڻي واري حصي پڙهڻ جي خواهش
ڏيکاريائين. مون لاکي ڦلاڻي وارا ٽائيپ ٿيل پيج
مولانا صاحب جي هٿان کيس پهچايا، جي وري پاڻ موڪلي
ڏنائون.
4-
اميد ته اوهان کي ايڊيوڪيشنل جرنل ( ٽي ڪاپيون)، ۽
ٻيو هڪ اوهان جو لکيل مضمون (ٽي ڪاپيون) پهتيون
هونديون. اوهان جي ڏنل ائڊريسن تي لوڪ ڪهاڻيون، ۽
جرنل جون ڪاپيون موڪليون ويون آهن. اميد ته انهن
صاحبن کي مليون هونديون.
5-
اوهان جي حڪم موجب هرنام سنگهه ”شان“ کي لنڊن ۾
ٻيلاين جا ٻول جي هڪ ڪاپي موڪلي وئي آهي. پهچ ڏني
اٿس، ۽ ڪن لوڪ گيتن ۽ ٻئي مواد جي گهر ڪئي اٿس،
اسان کيس ڪو جواب ڪونه ڏنو آهي. اوهان جي ائڊريس
به گهري اٿس.
6-
شاهه عنايت جي رسالي جا 28 پيج سائين جن ڏانهن
موڪليا ويا آهن. نصر پور وارو شاهه صاحب آيل هو.
مراد علي خان سان گڏجي آيو، ان وٽان به اوهان کي
خط ۾ احوال ملندو. شاهه صاحب مارچ ۾ حج تي ويندو،
سندن چوڻ آهي ته رسالي جون ٻه ڪاپيون ملن ته مديني
پاڪ جي لئبريري ۾ تحفي طور ڏنيون وڃن. اوهان جو
جيئن حڪم هجي، تيئن ڪجي، مون کين اهو ٻڌايو آهي ته
ڊاڪٽر صاحب جن مارچ ۾ اچي ويندا. ٻيءَ صورت ۾ مارچ
تائين رسالو مڪمل ٿي ويندو.
7-
عشقيه قصن جي ڊسٽ ڪور جي ڊزاين ۾ ڇا رکجي، شايد
مرزا صاحب کي اوهان جو فيصلو معلوم هجي. منهنجي
خيال ۾ ساڳي لوڪ ڪهاڻين واري ماڻهن جي پٽي هلندي ۽
مٿان پرين واري پٽي ڪڍي ڇڏجي.
8-
ڳاهن سان ڳالهين جي مقدمي جون به سلپون مليون.
مهرباني هدايتن موجب درست ڪري مهاڳ سميت پريس کي
موڪليون ويون آهن. مهرباني ڪري تصديق ڪندا ته ڪتاب
۾ بنا ڳاهن ڳالهين جو تعداد (10) ڏهه آهي ۽ نه ست-
انشاالله پروفن جي بار کي کڻي ذميداريءَ سان منزل
تي پهچائبو.
9-
لوڪ ڪهاڻين جي مقدمي ۾ ڪهاڻين ۽ آکاڻين جو مجموعي
تعداد ڄاڻائبو آهي. ڳاهن سان ڳالهين جي مقدمي جي
بالڪل آخر ۾ پئرا هن طرح ٿيندي؛
”هن
سلسلي ۾ پهرين ڇهه جلدن ۾ ٻه سئو ڇهانوي (296)
ڪهاڻيون ۽ ڳالهيون ۽ آکاڻيون متن جي تحقيق ۽ تصحيح
سان پڙهندڙن جي آڏو اچي وينديون ۽ سنڌي لوڪ ادب جي
سرمايي جو هيءُ قيمتي حصو هميشه لاءِ محفوظ ٿي
ويندو“
10-
بيتن جي ڪتاب ۾ سانوڻ ڇپجي چڪو آهي. لوڪ گيت ڪتاب
ڇپجي چڪو آهي. هڪ خط ۾ اوهان جي پڇيل سوالن جا
جواب هن طرح آهن:
لوڪ
ڪهاڻين جي سلسلي ۾ ڪتاب (1) بادشاهن ۽ راڻين،
شهزادن ۽ شهزادين جون ڳالهيون (2) بادشاهن، وزيرن
۽ سوداگرن جون ڳالهيون (3)پرين، ديون، جادوگرن ۽
ڏائڻن جون ڳالهيون (4) بادشاهن، شاهوڪارن، ڏاهن،
ٺڳن ۽ ٻين جون ڳالهيون، (5)ٻاراڻيون آکاڻيون (6)
جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون (7) ڳاهن سان ڳالهيون.
11-
ڳاهن سان ڳالهيون جو مهاڳ دوباره ڇپبو ته مهاڳ جي
آخر ۾ لکيو ويندو آهي ته ”سنڌ يونيورسٽي، حيدرآباد
سنڌ“ ۽ تاريخ پوءِ هن مهاڳ جي آخر ۾ ”نيويارڪ“
لکيو ويو آهي، ۽ بهتر به ائين ٿيندو.
12-يونيسڪو وارن بورڊ کان ڪو ڪتاب ترجمي ۽ اشاعت
لاءِ گهريو. بورڊ وارن کين ڀيرومل جي تاريخ موڪلي
ڏني هئي. يونيوسڪو وارن اها نامنظور ڪئي آهي. وري
بورڊ وارن طرفان کين لوڪ ڪهاڻيون-1 موڪليو ويو
آهي.
-
شيخ محمد اسماعيل
.......5......
•
مورخ 7 فيبروري 1964ع، ڊڪشنري آفيس، حيدرآباد
قبله
سائين،
السلام عليڪم: احوال عرض ته هتي ڪل خير آهي، جملي
سنگت کي اوهان جي خيريت ڌڻي جي درگاهه مان مطلوب
آهي.
اوهان جو خط مورخ 30 جنوري، ڳاهن سان ڳالهين جي
مقدمي سميت مليو، هن مقدمي جون ٻه سلپون اڳ ۾ ئي
ملي چڪيون هيون، باقي چار سلپون ٻيءَ قسط ۾ مليون
۽ ڳاهن سان ڳالهين جو سنڌي مقدمو مڪمل ٿيو. باقي
انگريزي پيجن جو انتظار آهي، مقدمو ڏسڻ ۾ ڇهه
سلپون آهي، پر واقعي ماڻ پڪو آهي. ٻن سلپن مان ست
پيج ڪمپوز ٿيا. سو به پريس وارن.12 پائنٽ ۾
ڪمپوزنگ ڪئي، تڏهن ست پيج ٿيا، نه ته اٺ يا نو پيج
هروڀرو به ٿين ها. ساڳي حالت انگريزي مقدمه جي
آهي. اوهان جي لکيل ڪاپي مسٽر عبدالحڪيم ٽي ڏينهن
ٽائيپ ڪئي. اوهان ڪنهن گذريل خط ۾ اهو لکيو هو ته
جڏهن مقدمه رف لکي، وري فيئر ڪرڻا ٿا پون تڏهن
عبدالحڪيم ۽ ممتاز مرزا ياد ٿا اچن. حقيقت اها آهي
ته اسان کي پڻ اهو ئي خيال ايندو هو ته ڊاڪٽر صاحب
جن کي ڪيڏي نه تڪليف ٿيندي هوندي، ۽ ان کان پوءِ
پهتل مواد مان پڻ تمام گهڻي محنت جو اندازو لڳائي
سگهجي ٿو.
”عشقيه داستانن“ جي سنڌي مقدمي ۾ ”سنڌ راڻيءَ جي
قبر جو بلاڪ ڇپايو ويو آهي.
ڳاهن
سان ڳالهيون جو جملي مقدمو ڪمپوزنگ لاءِ ڏنو ويو
آهي، جاڙو ڀيمجي ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي بابت اوهان جو
نوٽ موجود هو. اهو پڻ مقدمي سان گڏ ڪمپوزنگ لاءِ
ڏنو ويو آهي. اهو ساڳيو نوٽ منهنجي خيال ۾ تصحيح
لائق آهي، ڇاڪاڻ ته اڳ ۾ اهو متن ۾ ڇاپڻ لاءِ لکيو
ويو هو، پر هينئر مقدمي ۾ شامل ٿيندو. تنهن ڪري
اهو جنسي نقل ڪري هن خط سان گڏ عرض رکان ٿو،
مهرباني ڪري تصحيح ڪري موڪليندا ته ان مطابق پروفن
۾ درستيون ڪيون وڃن.
ڳاهن
سان ڳالهين جي مقدمي بابت اوهان جون هدايتون آڏو
آهن، انهن مطابق عمل ڪيو ويندو. انشاالله
ذميداريءَ سان پوئواري ڪئي ويندي.
شاهه
عنايت جي مقدمي وارا پيج بورڊ وارن کان معلوم ٿيو
ته انهن هوائي ٽپال ذريعي موڪليا آهن، اميد ته
پهتا هوندا.
شاهه
صاحب (نصرپور وارو) دوباره ايندو ته کيس رسالي جي
هڪڙي ڪاپي ڏبي.
حافظ
صاحب کي اوهان جا سلام پهچايا ويا. هيلوڪي رمضان
شريف ملڪ ۾ ڪجهه تپ تاءُ ڪيو، اَسُر جو اُٿڻ، ٿڌي
پاڻيءَ سان واهپو، مراد علي خان به زڪام ۾ ورتو
پيو هو. هينئر ڪجهه فرحت اٿس، مرزا صاحب روزا ڪونه
رکيا، پر روائتن جي تپ ۾ وچڙي پيو. ٻه چار ڏينهن
ڊاڪٽر جو در ڀيٽيائين. اڃا به رات جو تپ ڦيرو ڪڍيس
ٿو.
پنهنجي آفيس جي همراهن محمد يوسف ۽ محمد بچل رءُ
ڪڏائي روزن سان هٿ ڳنڍيا، پر ٽن ٽن روزن کان پوءِ،
رمضان سان سلام اليڪي به ڇڏي ڏنائون، کنگهه ۽ زڪام
مان اڃا تائين جند نه ڇٽي اٿن، اوهان جا سلام کين
رسايا ويا هئا، موٽ ۾ سلام عرض رکن ٿا.
منهنجي طبيعت ٺيڪ آهي، هر سال هڪڙو روزو رکبو آهي،
هن رمضان ۾ به آخر جمعي جي روزي جي تياري آهي،
مرزا صاحب به اوهان جي خط لکڻ لاءِ لفافو گهرائي
رکيو آهي، پر ڀائنجي ٿو ته اڃا ايتريون ڳالهيون
وٽس گڏ نه ٿيون آهن.
”عشقيه داستان“ جي ڊمي اسان وٽ آهي، ان تان صحت
نامو ٺاهي پريس کي ڏنو ويو آهي.
تازو
عرض- سائين جن وٽ به رمضان شريف آهي يا نه؟ ٻيو ته
عيد ويجهي آهي، عيد مبارڪون اڳواٽ موڪلجن
ٿيون.........*
-
شيخ محمد اسماعيل
........6..........
•
مورخ حيدرآباد سنڌ (1963-12-5)
قبله
سائين،
احوال عرض ته اوهان جو خط مراد علي خان جي معرفت
مليو، ۽ ٻئي خط ۾ سلام پهتا. ياد آوري جو شڪريو.
اوهان جي خط جو گهڻي کان گهڻو انتظار رهندو آهي.
مون کان گهڻا ماڻهو اوهان جي ائڊريس وٺندا آهن، ٿي
سگهي ٿو ته اوهان ڏانهن خط لکندا هجن، اوهان ڏانهن
سلام به گهڻئي دوست ۽ اوهان جا نياز مند چوندا
آهن. هن وقت ياد فقط حسين فقير هڱوري جو نالو آهي،
جنهن باربار يادگيري پئي ڏياري آهي، مسٽر
عبدالحڪيم ۽ مسٽر سعيد کي سائين جن جا سلام پهچايا
ويا، تمام خوش ٿيا ۽ موٽ ۾ سلام عرض رکن ٿا.
-1
سائين جن جي موٽڻ بابت ماڻهن جي پڇا شدت اختيار
ڪندي وڃي. اسين به ڪوڙ هڻي هڻي هاڻي صفا ڪوڙا ٿي
پيا آهيون ساڳئي ماڻهو کي ڪڏهن ائين ٿا ٻڌايون ته
ڊاڪٽر صاحب جن اچڻ وارا آهن، ته ڪڏهن ائين ٿا
ٻڌايون ته ٻن مهينن بعد- آخرين جواب اهو ئي بهتر
ثابت ٿئي ٿو ته خدا بهتر ٿو ڄاڻي ته ڊاڪٽر صاحب جن
ڪڏهن موٽندا. البته ماڻهو ماڻهو ڏسي جواب ڏيڻو ٿو
پوي. مثلاً، سنڌي ادبي بورد سان واسطو رکندڙ ماڻهن
کي ايندڙ مهيني جو ٻڌائبو آهي، هينئر کين ڊسمبر
مهيني جو ٻڌايل آهي ته ڊاڪٽر صاحب جن ڊسمبر مهيني
۾ موٽي ايندا.
2-
لوڪ ڪهاڻيون-6، جانورن ۽ پکين جون آکاڻيون جو متن
ڇپجي چڪو آهي. ان جو مقدمو هفتي کن ۾ اتاري اوهان
کي درستين لاءِ عرض رکبو.
3-
لوڪ ڪهاڻيون 2 ۽ 3 ڪتاب، جيڪي بائيڊنگ ۾ هئا شايع
ٿي چڪا آهن.
4-
اوهان جي ڏنل ائڊريسن تي لوڪ ڪهاڻين-1، جون ڪاپيون
روانيون ڪيون ويون آهن.
5-
ڪتابن جي ڇپائيءَ جي رفتار سراسري چڱيري آهي.
6-سنڌي ائڪيڊمي ۾ مقرر ٿيل ٻه ريسرچ اسسٽنٽ روانا
ٿي ويا. لغاري ته ٻين جي مرضيءَ سان ۽ محرم خان
پنهنجي گهريءَ ويو. محرم خان سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾
ٽيوٽر آهي.
7-
خاص عرض هن ريت آهي: اوهان جي وڃڻ کان پوءِ ادبي
بورڊ (سيڪريٽري) وارن هن آفيس کي بورڊ جي هيڊ آفيس
۾ منتقل ڪرڻ جو پختو ارادو ڪيو. انهيءَ رٿ کي عمل
۾ آڻڻ لاءِ ڇهن ايڊيٽرن تي مشتمل بيورو قائم ڪرڻ
جي تجويز بورڊ بحال ڪئي. هڪڙو ايڊيٽر لغت لاءِ ۽
ٻيو ايڊيٽر لوڪ ادب جي ڪم هلائڻ لاءِ، ٻه ايڊيٽر
پير حسام الدين جي ماتحت ڪم ڪندا ۽ ٻه ايڊيٽر بورڊ
جي متفرقه ڪم لاءِ اهي ڇهيئي ايڊيٽر سيڪريٽري جي
زير نگراني ڪم ڪندا. لوڪ ادب ۽ لغت جو ڪم بدستور
ڊاڪٽر بلوچ جي هدايتن ۽ نگرني هيٺ هلندو، پر ان جي
آفيس بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ رهندي ( سيڪريٽري کان
روبرو خبرن چارن ڪندي معلوم ٿيو ته ڊاڪٽر صاحب جن
بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ اچي ڪم سنڀاليند، ڇو ته
يونيورسٽي ۽ بورڊ جي آفيس ۾ گهڻو پنڌ ڪونهي.
منهنجي متعلق اڻ سڌي طرح معلوم ٿيو ته جيڪڏهن
سليڪشن ڪميٽي مون کي بطور ايڊيٽر چونڊيو ته 250
رپين پگهار سان مقرر ڪيو ويندس. ٻي صورت ۾ جيڪو
پگهار کڻان ٿو، يعني 150 رپيا، ان تي ڪونه ڪو ڪم
منهنجي حوالي ڪيو ويندو. لوڪ ادب آفيس ۾ في الوقت
پارٽ ٽائيم طور ڪم ڪندڙ ورڪر ختم ڪيا ويندا. مون
کي جيڪڏهن ساڳيو پگهار قبول نه ڪرڻو هوندو ته واپس
ماستريءَ ۾ وڃڻو پوندم) ڏنگين ۾ آيل احوال جويي
صاحب سان مختلف ملاقاتن ۾ ٿيل خبرن چارن جو اختصار
آهي.
جناب
اعليٰ، عرض هن ريت آهي ته اوهان کي هن سيڪريٽري
صاحب انهيءَ بابت لکي (۽ ضرور لکندو، ڇاڪاڻ ته
اوهان کي اطلاع ڏيڻ کان سواءِ هيءَ آفيس بند نه
ڪندا، تنهن کان سواءِ مون به کيس انهيءَ ڳالهه تي
آندو ته اوهان کي خط لکي) ته اوهان مهرباني ڪري
انهيءَ تجويز کي عمل ۾ نه آڻڻ لاءِ مشورو ڏيندا،
جيستائين ڪ اوهين خير سان موٽي اچو.
آءُ
هتي کين اوهان جي اچڻ تائين ترسائيندس. اوهان جي
حڪم کان سواءِ هي آفيس نه بند ٿيندي ۽ نه وري هتان
ڪو پنو ئي بورڊ کي ملندو پوءِ کڻي اسان کي پگهار
نه ڏين. اسين پاڻهي ماريو ڪُٽيون کانئن پگهار وٺيو
ويٺا هونداسين. جيئن دير تيئن خير.
8-
مهرباني ڪري انهيءَ معاملي جو زياده خيال نه ڪندا،
اهي لفظ فقط اوهان جي اطلاع لاءِ عرض رکيا ويا
آهن، نه ته جيڪر اهو احوال ڪونه لکان ها. اهو
احساس اٿم ته هڪوار هتان آفيس کنئي ته پوءِ اهو
مزو نه رهندو.
9-
مون اڳ ۾ رهيل مقدمن جي لکڻ لاءِ عرض ڪيو هو.
جيڪڏهن اهو ڪم سائين جن جي ٻئي ڪم ۾ هرج وجهي ته
پوءِ جلدي ڪانهي، وڌيڪ سائين جن مرضي جا مالڪ آهن.
سلام آفيس جي دوستن جا مطالع ڪندا.
-
شيخ محمد اسماعيل
محترم سائين محمد اسماعيل نون
لاڙڪاڻه (..........8-4)
برادرم ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم: شڪر ٿيو: ڪري جيڪي قدرت انسان جي وس
۾ ڪجهه نه آهي.
مان
انشا الله ڇنڇر ڏينهن 3 بجي شام واري مهراڻ ۾
خيرپور کان روانو ٿيندس ۽ اٽڪل 7 بجه شام حيدرآباد
پهچندس. منهنجي لاءِ چاچي در محمد خان واري هوٽل
يثرب ۾ سنگل روم رزرو ڪرائي ڇڏيندا. چاچي کي احوال
ڏيندا ته هو به بندوبست ڪندو. وڌيڪ احوال روبرو.
تاريخ 15 کان ڳڙهي خيري منزل آهي، ڪچهري هڪ چاچي
وٽ ۽ هڪ شهنواز خان وٽ ٿئي ته چڱو اهو فيصلو روبرو
ڪبو. آءُ انشاالله مهراڻ ۾ ايندس، ڪو اتفاق ٿيو ته
وري ڪنهن ٻئي گاڏي ۾ ايندس. بهرحال سڀئي سهنج
ٿيندا، واڻين واري مهورت ته ٿي. - اسماعيل
نون
............2............
•
مورخ 3 جولاءِ 1965
برادرم ڊاڪٽر صاحب،
هتي
سگهڙن جو ساٿ توهان جو تمام گهڻو پڇي رهيو آهي.
دلاسا ته مون کين گهڻائي ڏنا آهن. پتافي به آيا
هئا. مير شاهنواز خان وارا به ڪچهري لاءِ سنبريل
آهن، بهرحال ٻه چار ڏينهن رکو ته ڪچهريون ڪريون.
احوال ڏيندا. علي محمد خان جي شادي جي تاريخ به
مقرر ڪري احوال لکندا.
طرف
هن ڪل خير آهي، سلام مامي، مراد علي خان ڊاڪٽر
شريف (لکپڙهه هٿيڪي آهي) اسماعيل مرزا ۽ طالب وارن
کي عرض رکندا.
-
اسماعيل نون
..........3..........
مورخ
1963-12-22ع، ايڊيشنل ڪمشنر حيدرآباد
ڊيئر
برادر،
السلام عليڪم: نوازش نامو پهتو، ڏاڍي خوشي ٿي
اوهان جا سلام سنگت کي ڏجن پيا، حسن علي خان، پير
ملوڪ شاهه، رئيس ڪريمداد خان مري، عبدالله خان
وغيره دوستن خاص طرح توهان کي سلام عرض رکيا آهن،
ٻيڙو فقير انهيءَ ارمان ۾ آهي ته ڊاڪٽر صاحب کي
سندس لکيل خط مليا يا نه- بهرحال سڀئي دوست دل سان
ياد ڪن ٿا. نواب صاحب سان خاص طرح احوال ٿيا.
پهريائين ته طهران لاءِ تيار ٿيو، بعد ۾ وري صلاح
ڪئي اٿس ته مڪي شريف هلي عمره ڪريون. سڀني ڳالهين
۾ مون ”ها“ ڪئي ٿي مانس. هاڻي ڏسجي ته نواب صاحب
اهو وقت ماڳهين حيدرآباد اچي ٿو يا نه، حاجي محمد
سوڍو ويجهڙائي ۾ اصل نه مليو آهي، نياپا سندس
ايندا رهن ٿا. ڪَندلا بنسبت اسان سڀني سوالن جا
جواب ٺاهي لکيا هئا. ڪَندلا کي هتي ڪجهه ٻئي نالي
سان سڏين ٿا. سمنڊ جي ڪناري ته ڍورن واري زمين ۾
ٿئي ٿو. انهيءَ وڻ جي ڇوڏن مان ميربحر رڇ وغيره
رڱيندا آهن. ڪڇ جي طرف به چون ٿا ته آهي. واپار
وغيره ۾ ڪونه ٿو هلي. تِمر کان البت قد ۾ ننڍو ٿئي
ٿو. وڌيڪ احوال حاجي سوڍي جي ملڻ تي ڏيڻ جي ڪوشش
وٺندس. پير صاحب بادشاهه ۽ وساڻ ڪافي بندوبست رکيو
هو. اوهان کان جدا ٿي، وساڻ کي مون به ٻه ٽي دفعا
تلقين ڏني ۽ مونسان انجام ڪيائين ته آءُ موقعو ڏسي
اهو ڪم ڪندس، انهيءَ ٺاهه ۾ جزوي زميندار ۽ ڪافي
ڪامورا شايد ناراض هجن. باقي عام پبلڪ ۽ خير خواهه
طبقو سڀيئي راضي آهن. مخالف طبقي جو وس نٿو هلي
ڇاڪاڻ ته پير صاحب بادشاهه هڪ دفعو فيصلو ڪيو ته
بس باقي وساڻ به سياسي آدمي ٿي ڪري انجام جو بلڪل
پڪو آهي.
الله
پاڪ اوهان کي شاد ۽ آباد رکي، سردين ۽ گرمين جا
پاڻ هيراڪ آهيون، موقعو قدرت ڏياري ٿي. توهان وقت
جو پورو پورو فائدو وٺندا. انهيءَ ملڪ (آمريڪا) ۾
ماڻهو ماڻهو جو قدر آهي. هتي ته رڍون سڀ ڪار
ٻوٿيون. اهي ماڻهو ته قدر شناسي ڪري خطاب به
ڏيندا، جائز ورکا به ڪندا مگر اسان جا ماڻهو حاسد
پنهنجي کي اصل نه سهن، بهرحال اپني توڙ نباهوڻي
اسڪي او جاني، اوهان جا پنري وارا پيغام ته پهتا
مگر جنهن ۾ خير.
هن
طرف بلڪل خير آهي. توريو تباهه ٿي ويو آهي مرض سبب
ڪڻڪ ڀلي آهي، تپاولي ڪانهي، شهدادپور ۾ ڊپٽي مير
اعجاز، مختيارڪار سنجهوري به موڪل جي درخواست ڪئي
آهي، ڏيپله جو ميمڻ هو. الاهي بخش خان شهدادپور
مان بدلي ٿي ٽنڊو آدم ميونسپل جو چيئرمن ٿيو آهي.
ٻيڙو ٽيئن شادي جي تياري ۾ آهي. مامو ويجهڙائي ۾
ڪونه مليو آهي، جيپ نئين مون وڪڻي ڇڏي آهي، هاڻي
هڪ کٽارو آهي. بهرحال پنهنجي نوڪري اهو کٽارو به
سٺي ڏيندو. ڀنگر صاحب به پنهنجي غلطاني ۾ آهي.
چاچو در محمد ڪونه مليو آهي. اهي احوال. اوهين
اميد ته مارچ جي پهرين هفته ۾ موٽڻ وارا ٿيندا.
آءُ ۽ نواب صاحب به تيستائين پروگرام ٺاهيندا
رهنداسون. ڏسجي ڪو پروگرام شايد بيهي. مير حسن ۽
ملان اڄ ڪلهه موڪل تي آهن. اوهان کي سلام عرض رکن
ٿا.
-
اسماعيل نون
...4....
•
مورخ 17 سيپٽمبر 1963ع
عزيزم،
السلام عليڪم: انهيءَ وڻ کي سنڌ جي ايراضي اندر
چانِئر يا چئونري سڏين، ڪڇ جي حدن اندر خبر نه آهي
ته ڇا سڏجي ٿو. 2- ساڪري ۽ ڪيٽي بندر وارين
ايراضين ۾ ٿئي ٿو. 3- هي وڻ کاري جي درياهن جي
ريلن تي، ڀلن ۾ ۽ ڍورن ۽ ٻيٽن ۾ ٿئي، 4- تمر کان
پن ٿورو وڏا ۽ ڊگها، تمر جي پن جي پوڇڙي سنهي پر
هن جو پن سڄو هڪجهڙو ۽ اچائي ۾ تمر کان ننڍو،
تصوير گهڻو ڪري ساڳي، ڪاٺي تمر کان سنهي، رنگ ۾
ڳاڙهي، ٿولهه ۾ ٻانهن جهڙي مضبوط، تمر کي سرو لڳي
هن کي نه لڳي. قد ڇهه ست فوٽ ، گهٽ ۾ گهٽ قد اڍائي
فوٽ، 5- ٻارنهن ئي مهينا بيٺو آهي. باقي ڦريون
سانوڻ جي مند ۾ وجهندو آهي. ڦريون ٻه اڍائي انچ
ٿورو ونگيون، ٿولهه ۾ مڱن جي ڦرين کان ڪهه وڌيڪ
رنگ جون ڳاڙهيون. 6- هي وڻ سدائين پيو وڍجي. ڪو
خاص وقت ڪونهي. 7- کلن رنڱڻ جي ڪم کانسواءِ هن کي
اٺ مينهون به کائين، ٻارڻ ۽ اڏاوت ۾ به ڪم اچي ٿو.
لوڙها به ٺاهين. ڪاٺي سڌي ۽ مضبوط ٿورا ڇل ٿيندا
اٿس. ڪجهه ائين ٻيو معلوم ٿئي ڄڻ بُل يعني گرين جو
نمونه اٿس.
8-
هن جو ڇوڏو رنڱڻ جي ڪم اچي ٿو. هن وقت به ماڻهو
ڪپڙا ۽ مڇين جا رڇ ان مان رنگين، حاجي محمد سوڍي
مهرباني ڪري هي سڄو مواد روبرو جاچ بعد لکائڏنو.
انهي وڻ کان سواءِ ۽ تمر کان سواءِ کاري ۾ به ڪوبه
وڻ نه ٿئي ۽ نه ٿيندا. البت گاهه ٿورو گهڻو ٿئي.
وڻ پڪ اهو. هن وقت ٻاهر موڪلڻ وغيره جي ڪم ڪونه ٿو
ٿئي. هي وڻ تمر سان گڏ به ٿيندو آهي.جهڳٽن ۾ گهڻي
انداز ۾ به ٿئي، احمد فقيراڻي جت جو چوڻ آهي ته
بهاول سنجراڻي ويٺل لڳ چوهڙ جمالي کي سجاول جي
ڊاڪٽر کان ڏس مليو ته ٽي بي لاءِ چانئر جون ڦريون
ڪاڙهي پئيجن. احمد فقير ڦريون بهاول کي موڪليون.
بهاول کي ٽي بي هئي. ڦرين ڪاهڙي پيئڻ سان هن کي ٽي
بي ڇڏي وئي. اهي احوال. هاڻي وري زمانه جو احوال.
احمد ميان ۽ ڄام انور کٽيو، ناري واري سيٽ تي هاڻي
سندرا پيا ڪن. علي خان هڪ طرف، ٻئي طرف فتح الدين
شاهه يا محمد عثمان يا محمد هاشم. اڄ علڻ خان
مليو. سلام عرض رکي ٿو. رات وٽس ماني آهي. همراهه
زور آهي، آخوند به گهڻا سلام چوي ٿو. روبرو ويٺو
آهي، ڏاڙهي اڇي ٿيندي وڃيس ٿي. حاجي محمد سوڍي جا
سلام. ڀونگر بادشاهه (ڀنگر) به زور آهي. ٿر ۾ بارش
مڙيئي ڪجهه نه ڪجهه ڪري وڌو آهي. باقي جبل تي الله
جو نالو آهي. ٻيڙو فقير توهان ڏي خط لکڻ جا خيال
پيو ڪري، فصل سٺا آهن، تپاولي ملڪ ۾ ڪانهي، موسم
بدلجي پيئي. جرمن ڊاڪٽر مسٽر ويسٽ فال ڪراچي پهتل
آهي. ٺٽي وڃڻ ٿيو مگر حسن علي خان هٿ نه آيو. شايد
ڳالهه وسري ويس. اوهان جو غاليچو اڃا هٿ نه آيو.
مغل هڻي ٿو هيڊ منشي تي هيڊ منشي وٽ خاص ماڻهو
موڪليل آهي. حاجي سوڍو به 26 تاريخ سيپٽمبر تي
حيدرآباد احوال آڻيندو، هاڻي احوال ڏيو ته توهان
ڪڏهن موٽندا. حيدرآباد ۾ سنگت ڪانهي. نئين سنگت جو
زمانو ڪونهي.
چاچي
در محمد اُڍي جي گهر واري فوت ٿي ويئي آهي. اڄ خط
لکانس ٿو. اوهان جا سلام لکندس. محمد خان جوڻيجو
وزير هتي آيو هو. چڱي خلق سان مليو. ڊاڪٽر
هاليپوٽو ٺٽه واري پير صاحب بادشاهه جي مهرباني
سان خيرپور بدلي ٿيو، مامون يا مراد علي خان نه
مليا آهن. اوهان اميد ته بلڪل خوش هوندا. اوهان جي
طبيعت انهيءَ ملڪ ۾ ضرور خوش هوندي جو ٿڌو ملڪ
آهي. محمد فقير واري ڳالهه، احوال ته گهڻا آهن پر
في الحال دعا خير ٿا پڙهون.- اسماعيل
.......5........
•
مورخ 10 آڪٽوبر 1964ع
برادرم ڊاڪٽر صاحب،
السلام عليڪم: مامون ڪالهه ڪورٽ ۾ مليو. ڪنهن ڪيس
۾ آيو هو. اوهان جو احوال ڏنائين. مون اوهان صاحبن
کي خط اڳيئي لکيو آهي، مگر اها حرڪت شايد اسان جي
پاپي پٽيوالن جي ٿي ڏسجي جو خط ٽپال ۾ نٿا وجهن.
•
مورخ (1964-10-22) السلام عليڪم : ڏهين تاريخ جو
اڌ ۾ ڇڏيل مٿيون خط اڄ هٿ اچي ويو. هاڻي محمد
اسماعيل کان توهان جو خط مليو. ڏاڍي خوشي ٿي، حاجي
محمد سوڍو خان به ڪالهه آيو هو، طرف هن ڪل خير
آهي. ايران جو پروگرام اسانجو بلڪل پڪو سمجهندا
مگر موڪل ملندي صرف 7- 8 ڏينهن. انهيءَ عرصه ۾
جيڪي پهچي سگهيو اهو ڪبو. بهرحال اوهان جي بنسبت
وري به وڌيڪ گهمڻ بنست (نواب) حاجي محمد علي خان
سان صلاح ڪري احوال ڪندس. ڀنگر صاحب کي تاريخ 20
جنوري فجر واري گاڏي ۾ ڪراچي اماڻيو اٿم. اڄ تائين
احوال نه ڏنو اٿس. سڀاڻي کيس ڳولي هٿ ڪري سمورو
احوال
(Car)
بنسبت لکندس. هي خط في الحال هٿ چڙهيو آهي ته لکي
ڇڏيان ٿو. حاجي محمد سوڍو، حسن علي خان، محمد
صديق، آچار مستري وغيره سڀيئي خوش آهن. اوهان جي
اچڻ لاءِ واجهائن پيا جو کين ڪچهري جي ٻاڙ لڳي
آهي. ٻيڙي فقير جو حُليو ڦري ويو آهي. سڄي ڊويزن
جو بار مٿس آهي، اوهان کي وقت به وقت ياد ڪندو
آهي. ڊيپوٽي ڪليڪٽر توهان وٽ غوث بخش ميمڻ ۽
مختيار ڪار مسٽر سهاڳ ٺٽه وارو آيل آهن، وقت پيو
گذري مگر دل خوش نه آهي. روزا رکون پيا. سردي هن
سال تمام گهڻي پيئي آهي. فصل سٺا آهن، ڪيلن جي پوک
جي پٺيان ماڻهو ڪاهي پيا آهن، اوهان سيڪنڊ هينڊ
جيپ لاءِ به ويچار ڪجو. ڇاڪاڻ جو انهيءَ ملڪ جي
سيڪنڊ هيند اسان جي فرسٽ هينڊن کان بهتر هوندي.
بهرحال، سال چڱو آهي، ڪو نه ڪو خفو ضرور کڻندا،
گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿيئي.
ڀنگر
صاحب کان اڄ احوال وٺي خط لکندس، ڀنگر به بادشاهه
ماڻهو آهي، خشڪ صاحب قلعي آفيس ۾ براجمان آهي.
توهان جو پڇندو آهي ۽ سلام به چوندو آهي، اهي
احوال سائين کي ڏيون هاڻي جيءَ اوهان جا سلام.
لاکي
برابر مونجهارو پيدا ڪيو هو. لاکو ۽ ٻيا جيڪي به
شاهه صاحب ياد ڪيا آهن، انهن بنسبت ڪڇ جي سرزمين
تي وڃڻ به واجب ٿيندو. ڪجهه نه ڪجهه لوڪ ڪهاڻيون
به ظاهر ڪنديون. ڪچهرين جو سلسلو ڪي نه ڪي همراهه
رکڻ جي ڪوشش پيا ڪن مگر نه کين طريقو ٿو اچي ۽ نڪو
حِس آهي. بهرحال اڃا هنن کي اڳتي ڪرڻ جي ضرورت
آهي. صادق صاحب دادو جو ڊيپوٽي ڪمشنر ٿي پهتو آهي.
ڀٽائي ڪميٽي ۾ اوهان جو نالو به آيو آهي.
-
اسماعيل
..........6..........
•
مورخ 4 فيبروري 1964ع
عزيزم،
السلام عليڪم: چٺي مير سهراب واري هن طرح ٿي شروع
ٿئي ته هت ڪل خير آهي. خط پڙهي دل بيحد خوش ٿي. اڄ
ڀورل شاهه مليو. حال احوال ڪياسون. ٻيا ته همراهه
امام علي خان وارا وغيره مليا. ڏاڍيون دعوتون چيون
اٿن. بخش علي شاهه به مليو. همراهه حج تي وڃي ٿو.
مطلب ته دوست ملندا رهن ٿا ۽ اوهان جو پڇندا رهن
ٿا. شئاق به بلڪل اُٻاڻڪا ۽ ٻاڙيل آهن. ڪچهرين
وغيره جو سلسلو ملڪ ۾ ڍرو ٿي ويو آهي. ايڪڙ ٻيڪڙ
ڪا ڪچهري ٻڌجي ٿي ته اها به بي رس ۽ بي چس لڳي ٿي.
صرف ڏيکاءُ طور ڪاپي ٿئي ٿي. انهن ڳالهين کي نئين
سر جاڳائڻ لاءِ اوهان جو سايو ئي ڪافي آهي.
هن
وقت يونين ڪائونسلن جي تڪبندي هلي پيئي. وڏيرن جون
چڪريون آهن. مامون ته الاجي ڪٿي آهي. تڪ نئين سر
ٺهندا. انهيءَ بعد چونڊن لاءِ پروگرام ٺهندو.
پانڌياڻي، محمد خان سومرو، جي. ايم شيخ رٽائر ڪري
ويا آهن، خشڪ صاحب اوهان کي سلام لکڻ لاءِ مون تي
اڳئي بار رکيو آهي. خشڪ صاحب کي منهنجا گهڻا سلام
چوندا. اهو همراهه انهيءَ ملڪ مان پورو فائدو وٺڻ
جهڙو آهي. لاکي وارو نوٽ پڙهيم. ڪافي نئين معلومات
حاصل ٿي. شاهه عنايت لاءِ گهڻا ماڻهون منتظر آهن.
اسان جي ڪمشنر بهادر منهنجو نالو نيپا ٽرينگز لاءِ
موڪليو آهي. ان موجب رمضان بعد ٽي مهينا لاهور يا
پشاور رهڻو پوندو، مگر الله پاڪ جي مهرباني سان
ڪجهه بندوبست ٿيو آهي. اميد ته بچاءُ ٿيندو. اپريل
جي پهرين هفتي ۾ (ايران لاءِ) جيڪي به تاريخون
مقرر ڪريو. آءُ انشاالله حاجي صاحب سان گڏ يا
علحدو ڏهن ڏينهن لاءِ اچي حاضر ٿيندس. انشا الله
چاچي در محمد خان کي اوهان جا سلام لکيا اٿم. چاچو
اچڻو به آهي. هن سال پاڻ وٽ سردي تمام گهڻي پيئي
آهي. اهڙي سردي ۾ چاچو شايد باهه جو پاسو ڇڏڻ
گواره نٿو ڪري کاوڙ (ٿر) جي هڪ همراهه جي ٻني هڪ
سال ڀلي ٿي. سو ويهي پهه پچايائين ته ڇاڪجي. آخر
دوستن کي چيائين ته يار ”اِيئي سال رڇ روکڦو اهي“
يعني هن سال پاڪي وٺڻو آهي ۽ اهو خرچ لاچر سر تي
کڻڻو آهي. هاڻي اهو اکر کفو يا خفو، خبر نه آهي ته
صحيح آهي يا غلط، جيڪڏهن صحيح ته ڪهڙي لفظ مان
پهتو. يا ته ماڳهين نفعه جو ضد آهي خفه، بهرحال
اهو موٽر وارو خفو ضرور کڻجو. اڃا به جيپ ملي ته
بهتر. ڀنگر صاحب ته چوي ٿو ته انهيءَ ڀلي ولايت جي
سيڪنڊ هينڊ جيپ به هڪ ملڪ جي نئين جهڙي هوندي.
بهرحال هڪڙو ڪم ضرور ڪريو ايندا. فاضل شاهه وارو
مجنون شايد مون به پڙهيو آهي، ڇاڪاڻ جو جيڪي بند
توهان لکيا آهن، اهي مون کي ياد آهن. آءُ ته
سمجهندو هوس ته اهو مل پلي جو چيل آهي. بهار ٻپڙ
واهه جا بيت چيا آهن”آوندي پهڄ“ سمجهه ۾ نه آيو.
حاجي سوڍو ۽ ٻيا مليا. پريو مڙس اڃا ته ٺيڪ آهي،
الله پاڪ کيس خوش رکي. ٻيڙي فقير جو حُليه ڦريل
آهي. شادي تان هاڻي دست بردار آهي. دورا به جهڪا
ڪيا اٿس جو ڪنڀرن ۾ گهڻو قرب ۽ جوس ڪونه ٿو ڏسجي.
حيدرآباد ۾ مڪمل طرح رهندو. ٻاهر جا ماڻهو کيس
دڙڪا ٿا ڏين، مون 1962ع واري جيپ وڪڻي هاڻي هڪ 52
جو کٽارو ورتو آهي ۽ ڀنگر چوي ٿو ته اهو ڊاڪٽر
صاحب ۽ تنهنجي لاءِ موزون آهي. بهرحال ڪم چڱو ڏي
ٿو. اڄ لاڙڪ مليو جنهن ڳالهه ڪئي ته کيس، مير
شهداد ۽ ٻين کي لغاري صاحب نوٽيس ڏنا آهن ته سکر
واري زمين اوهان آفيسري رسوخ هلائي ورتي آهي. مون
پڇيومانس ته شريف ڏي به نوٽيس آهي ڇا؟ چيائين ته
اها مون کي خبر ڪانهي. بهرحال همراهه پڙ ته چڱي جي
چڙهيا آهن. ٿيندو ته خير! مگر لغاري صاحب جا لوڏا
به ته لوڏا آهن. فصل جو حال چڱو آهي. درياءَ ۾
پاڻي گهٽ آهي، ڪڻڪ جو اگهه في الحال چڙهيل آهي،
گاهه ٿر ۾ به ڪونهي، جبل ۾ ته اڳيئي خير هو. مال
ڏتڙيل آهي. ڪڪڙا مهانگا ٿي ويا آهن. روزا رکون
پيا. ڪابه اڃ بک ڪانهي. اهي احوال، ٻيو مڙوئي خير،
توهان لکڻ جو ڪم ايترو ٿا ڪريون جو اوهان کي
Steno
جي ضرورت آهي. ”بس ڪُڇ نه پوڇئي.“*
-
اسماعيل
...........7...........
•
مورخ خط مؤرخ خيرپور 1965-9-10
برادرم ڊاڪٽر صاحب
اسلام عليڪم اڄ احوال پهتا. اوهان به شايد ڪافي
ڪشمڪش ۾ اٽڪيل هئا ۽ انهي ڪري ئي مير سهراب خان
واري چٺي البت اوٽ موٽ ۾ دير ڪئي. بهرحال دير پيا
درست ٿيا. اڄ خط پهچڻ کان اڳ مير غلام عابد خان
سان اوهان جي باري ۾ ذڪر خير ڇيڙيو. ميرصاحب اوهان
ڏي اچي رهيو هو ۽ اوهان جي ياد تازي ڪرائڻ لاءِ
کين نياپو ڏنو ويو. مقرر تاريخ تي انشاالله سڀ
سهنج ٿيندا. صرف هڪڙي ڳالهه، يعني لڏي جي گيهل
شايد البت اڙانگي ٿئي. بهرحال برادري ۾ بي حجاب
ڪوشش ڪبي.
اوهان جي طبيعت تي هن وقت البت بار هوندو جو اوهان
سان اورڻ وارو دوست نه هوندو. لغاري صاحب ته ضرور
لاٿ ڏياري هوندي. ڪم مڙيئي قدرت جي وس آهن. واڳ
ڌڻين وس آئون ڪا پاڻ وهيڻي.
ڊاڪٽر هاليپوٽا صاحب ڪالهه نه آيو، الاجي ڇو. هتي
ڊاڪٽر هاليوپوٽا سول سرجن شادي ڪري ويهي رهيو آهي،
اسان کي ته پڇيائين ته ڪونه مگر انهي هوندي به چيو
ائين وڃي ٿو ته هي همراهه هم صلاح هئا. آخوند صاحب
البته خيال پيو پچائي مگر کيس شابس آهي جو صلاح
مصلحت ڪري ٿو.
ليمبرڪ جو ”نيپيئر ۽ سنڌ“ تي ڪتاب توهان پڙهيو
هوندو. جتن وارو ڪتاب پڌرو ته ڪونه ٿيو. اوهان جو
ڪتاب ڳاهن سان ڳالهيون پير ملوڪ شاهه کان هت مليو.
خيرپور ۾ مڙئي بلئڪ آئوٽ آهي. يعني ڪچهري سنگت
ڪونهي. خيروالسلام. - محمد اسماعيل نون
......8......
• خط
مؤرخ ٺٽو2-16
برادرم ڊاڪٽرصاحب
السلام عليڪم، تاريخ 24 فيبروري ميرپورخاص ۾ هڪ
ٻروچن جي ڪيس ۾ مون کي لاچار وڃڻو آهي جو تاريخ
اڳواٽ منظور ٿيل آهي. امين ڪورٽ مقرر ڪيا آهن،
ڌرين کي اڳواٽ سمن ڪڍيل آهن، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي
مطابق امانت اسان کي ڪرڻي آهي ۽ اها مقرر معياد
اندر ڌريون امانت کان نٽائڻ لاءِ قانوني جنگ لڙي
رهيون آهن. اسان جو مخالف علي محمد پٺاڻ آهي. انهي
اسان کي تپائي کنيو آهي. اهي حال ۽ احوال 24- شام
تائين عمر ڪوٽ اسين ڪونه پهچنداسون.
اوهان جي خط ملڻ شرط عبدالرحمان سان ملياسين.
عبدالله خان هر وقت تيار آهي ۽ اوهان کي سلام عرض
ڪري ٿو. 24 تاريخ عبدالله مون سان گڏ ميرپورخاص ۾
انهي خاص گوڙ ۾ رهندو. 25 آچر آهي. عبدالله جي ڳوٺ
کرڇيلي هلنداسون. جو نبي سر روڊ کان 3 ميلن تي
آهي. باقي 25 ڪچهري ۾ ڪهڙا ماڻهو گهرايون خاص نوان
ماڻهون ته سجهن ڪين ٿا. باقي رهيا نوحاڻي اهي
بروقت اچي سگهن ٿا.سواءِ شاهه محمد خان جي عبدالله
چيو هو ته شاهه محمد وارن وٽ سندس پٽ جي عذرخواهي
تي آئون (عبدالله) ويو نه آهيان تنهن ڪري البت
شرمسار آهيان. جيستايئن نه ويندس تيستايئن نه هو
ايندو ۽ نه آئون ويندس. باقي ٻيا نوحاڻي جيڪي چئو
اهي آئون جيب ۾ گهرائي وٺان. بشرطيڪ اسان کي تاريخ
21-22 تائين پڪو احوال ۽ نالا ملي وڃن. اهي احوال-
باقي ٻيا سڀ همراهه شام کرڇيلي هر وقت موجود ٿي
سگهن ٿا.
باقي
رهيو سوال جانهيري وارو، انهي لاءِ عرض آهي ته
آئون عبدالله ٻئي پهچي ڪين سگهنداسين. اها ڪچهري
ڀلي اوهان جانهيري ۾ ڪري اچو باقي 25 جو پڪو احوال
۽ نالا ورندي خط ۾ لکي موڪليو.
انهي
24-25 کان پوءِ ڪچهري نهٽه جي طرف يا ويجهڙائي ۾
مقرر ڪنداسون. تيستائين سردي به لهي ويندي، بهاري
ٿي ويندي.
آئون
عبدالله گهڻو ڪري 20 ڌاري ڇاڇري وينداسون جو لڇمڻ
سنگهه جو ڀاءُ مري ويو آهي. پڪ نه آهي. عبدالله
خان چيو آهي ته جنهن وقت ڪا جيپ هٿ آئي ته هڪ رات
ٺڪرن کي ملي اينداسون. اهي احوال سائين کي ڏيون.
وڌيڪ
احوال سڀ روبرو. طبيعت سڌرندڙ آهي مگر ٻاهر اصل
ڪونه ٿو نڪران. مسافري ۾ هڪ ته طبيعت تي ماني نٿي
ملي ۽ ٻيو ته وقت تي اٿڻ ويهڻ نٿو ٿئي. وڌي خير.
|