سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :27

دعا آهي ته الله سائين اوهان کي عمر خضري فرمائي ۽ هميشه خوش رکي، جيئن اوهان جي شخصيت پنهنجي هن ڏتڙيل قوم جي گهڻي  کان گهڻي خدمت ڪري  سگهي. جنهن لاءِ اسان جون دعائون اوهان سان هميشه گڏ آهن ۽ رهنديون. اوهان لاءِ هميشه دعاگو.

 -محمد صالح ميمڻ

محترم حاجي محمد سوڍو بگهياڙ ڪلمتي

ميرپورساڪرو ضلعو ٺٽو

برادرم جناب ڊاڪٽر صاحب سدا سلامت خوش هجو شال

اسلام عليڪم بعد خيريت جي احوال عرض ته توهان جا موڪليل ٻه نوازش ناما پهتا پڙهي ڏاڍو خوش ٿياسين. توهان جا قرب آهن جنهن لاءِ مهرباني. ناٿي خشڪ ۽ تلسيءَ جا بيت ۽ ڪافيون ترت هٿ ڪري موڪلينداسون. توهان جيڪا سٽ بيت جي موڪلي آهي ان ۾ اسان جي ماڻهن ۾ ٻه سٽون آهن وڌيڪ ٽي سٽ اسان جي ڪنهن به ماڻهو نه ٻڌي آهي نه سئي آهي. انهن سٽن ۾ فقط جام ندي جي وقت ۾ سنڌ جي بلوچن، سومرن ۽ سمن جا وڏا لقب ڄاڻايل آهن. يعني؛

ميري ملڪي ڪم بلوچڪو، اڳيان نيڪ ندام

همير چايو سومري، سمي چايو ڄام.*

نياز مند، حاجي محمد سوڍو

........2.......

خدمت ۾ برادرم جناب ڊاڪٽر صاحب سدا خوش هجو شال

اسلام عليڪم، بعد احوال عرض ته هڪ خط اڳ ۾ موڪليو اٿم جنهن جو جواب نه مليو آهي. حقيقت هن ريت آهي ته حضرت پير آدم رحمت الله عليه وارو ڪم توهان جي ٽيبل تي آهي، منهنجي خيال ۾ تمام پراڻو ڪم آهي ۽ ان جو بنياد به توهان ئي رکيو آهي ۽ اميد ته پايه تڪميل تائين به توهان پهچائيندا ته مهرباني. منهنجي راءِ مطابق بگهياڙ قوم (ڪلمتي) جو سڄو شجرو ۽ ولين جون جيڪي ڪرامتون وغيره آهن جيڪي مون توهان کي لکي موڪليون آهن. هن ڪتاب ۾ ڇپائيندا. ٻئي حالت ۾ جيڪڏهن ڪتاب مختصر آهي ته پوءِ به جيڪي وقت جا خليفا جيڪي حضرت پير آدم رحه صاحب جي والد مان ٿيندا آيا آهن گهٽ ۾ گهٽ به اول کان آخرين خليفن جي نالن متعلق ننڍڙو شجرو هن ڪتاب ۾ ڇپائيندا ته جيئن اهو ڪتاب وقت جي اچڻ وارن حڪمرانن کي ڏيکاري کانئن اهو مسئلو حل ڪرايون. اميد ته توهان پنهنجو ڪم سمجهي وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪندا ته مهرباني ٿيندي.

حضرت پير آدم رحه صاحب جي جاگير واري سند جو پڻ فڪر ڪندا ان جون فوٽون ڪاپيون به ڪتاب ۾ ڇپائيندا ته مهرباني.

- نياز مند محمد سوڍر بگهياڙ

محترم محمد عمر چند

سروري اسلاميه ڪاليج، هالا (28 آگسٽ 66ع)

مڪرمي قبله ڊاڪٽر بلوچ صاحب دائم اقبالڪم

اسلام عليڪم و رحمته و برڪاته!

ڀٽ شاهه ادبي ڪانفرنس ۾ جنهن خلوص، محبت ۽ شفقت سان اوهان نوزايو هو اهو هن احساس دل تي نقش آهي. ڪيترائي ڀيرا دل گهريو ته اوهان جي تخاطب جو شرف حاصل ڪيان، پر خط لکڻ جو ڪو ظاهري جواز نه ڏسي همت نه ڪري سگهيس. مباد بي ادبي ٿئي. پر حيله جو طبيعت نيٺ هڪ بهانو ڳولي لڌو تا ته اوهان کي ان بهاني خط لکڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

آئون هن کان اڳ زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۾ پڙهندو هوس پر جيئن ته طبيعت جو رجحان زراعت کان وڌيڪ علم ادب اڏنهن مائل هو، ان ڪري اهو ڪوڙ جو محل، گهڻو وقت جٽاءُ نه ڪري سگهيو ۽ آئون زراعت ڇڏي سروري اسلاميه ڪاليج هالا ۾ لسانيت گروپ سان انٽر ۾ داخلا وٺڻ تي مجبور ٿيس. خدا جو فضل و ڪرم شامل حال رهيو ۽ هن سال جي انٽر آرٽس جي ڇوڪرن ۾ اول نمبر هن هيچمدان جي پلئه پيو. هن وقت منهنجي آڏو آئنده جي متعلق سوچڻ جو مسئلو آهي. اخلاس ۽ زندگي جي ناڪامين خود اعتمادي جي پاڙن کي لوڏي ڇڏيو آهي. انهي ڪري مون ضروري ڄاتو ته اوهان جهڙي تعليم جي ماهر ۽ هن علائقي جي عوام ۽ زبان جي گهڻگهري جي رهبري حاصل ڪيان توهان هونئن به هن خاڪسار کي نوازيندا رهيا آهيون. – نياز مند، محمد عمر چند

.........2...........

خط مؤرخ اصفهان ايران، آڪٽوبر 4، 1978ع

بخدمت عاليجناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

اسلام عليڪم و رحمت الله و برڪاته ! اوهان جو نوازش نامو ڪافي ڏينهن اڳ پهتو هو، ٽپالي فوٽو اسلام آباد تائين نه آڻي سگهيو، مڙئي خير آهي. اسان ٻيا ٺهرائي ورتا آهن، جيڪي انشاءَ الله روبرو هٿو هٿ پيش ڪبا. حالانڪ پهرين ڪاپي هن ڪاپيءَ کان بهتر هئي.

جيڪڏهن هتي اسان وٽ ۽ اتي اوهان وٽ حالتون گهڻيون خراب نه هونديون ته نومبر جي پهرئين تاريخ پاڪستان اچڻ جو پروگرام اسان رٿي ڇڏيو آهي ۽ هڪ مهيني لاءِ يا پنجن هفتن لاءِ انهيءَ زماني ۾ جيڪڏهن اوهان اسلام آباد هوندؤ ته اتي حاضر ٿبو، جيڪڏهن سنڌ ۾ هوندؤ ته بنهه ڀلو.

 جناب حسن ڪسائي سان روبرو ملاقات ڪانه ٿي سگهي آهي پر ٻه دفعا ريڊيو تائين سندس انٽرويو ٻڌڻ جو اتفاق ٿيو آهي. ٻئي دفعا مون انٽرويو ٽيپ ڪري ورتا، پر اڌو گابرا، ڌناسري، رامڪلي، راگ هندي ۽  حسيني جي متعلق اڃا وڌيڪ معلومات حاصل نه ٿي سگهي آهي. جڏهن ڪا خبر پئي ته اوهان کي آگاهه ڪبو. سنڌي موسيقي تي اوهان جو ڪتاب هيستائين ڇپجي ويو هوندو. اميد ته پاڪستان پهچڻ وقت ان جو مطالعو ڪري سگهبو.

روح الله خالقيءَ جي سرگزشت موسيقي ايران جو پهريون جلد اوهان کي اڳي ڏياري موڪليو هوم. ان جو ٻيو جلد هينئر ڇپجي ويو آهي جيڪو اوهان لاءِ کنيو ايندس. هندوستاني موسيقي جي متعلق هڪ نئون ڪتاب به هٿ آيو آهي جيڪو اوهان جي ذهن ۾ هجي ته لکجو ته وٺيو اچون.

آپا، بيبي آمنه، بيبي ٽينا ۽ فريدم ۽ اوهان جي خدمت ۾ دعائون پيار ۽ سلام زهرهه ، پرهه ۽ ايرج جي طرفان.

– نياز مند، محمد عمر

.........3..........

• خط مؤرخ برونائي دارالسلام آڪٽوبر 22، 1990ع

بخدمت فيضد رجت سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله برڪاته، سائين منهنجا، عرض هي آهي ته رانيري ۽ فنصوري جي تلاش ۾ پهريون قدم کنيو اٿون، تلاش اڃا غير مڪمل آهي، پر هيستائين جيڪو کڙتيل نڪتو آهي سو هن ريت آهي؛

1- سيد محمد نقيب العطاس جو ڪتاب ”مسٽر آو حمزه فنصوري“ 1970، ڇپيل يونيورسٽي آو ملايا، ڪوالالمپور (انگريزي ۾) هٿ ڪيو اٿئون. 2- احمد دائود جو ملائي ٻولي ۾ ”شيخ نور الدين الرانيري (رومن سڪرپٽ ۾ لکيل). 3. بجدر اکن رسالي ۾ انگريزي ٻولي ۾ مضمون Acsess ”ايڪسيس ٽو ملائي مينسڪرپٽس“ ٽنهي ڪتابن ۾ پنهنجون پنهنجون ببليوگرافيون آهن. ٽئي پاڻ وٽ آهن. 4- ڪوننڪلجڪ انسٽيٽيوٽ جي رسالي ”اسلام ان انڊونيشا“ ببليوگرافيڪل سروي 1600- 1942ع وٽ پوسٽ 945 ايڊنڊا، ليکڪ بي جي بلند ۽ آو فرجون 1983ع ۾ ڏنل ببليو گرافي ۾ رانيري ۽ فنصوري بابت ڪتابن ۽ مضمونن جا نالا جيڪي 22،23 ٿين ٿا.5- سي ڊي گرجنس ۽ ايس او رابسن جي ڪتاب ”ڪلچرل ڪانٽيڪٽ اينڊ ٽيڪسچول انٽرپريٽيشن ۾ ڊرويوويس جا مضمون ۽ هڪر جي ڪتاب ”اسلام ان سائوٿ ايسٽ ايشيا ۾ رانيري ۽ فنصوري متعلق مضمون( پنجن نمبر جا مضمون فوٽو ڪاپي ڪرڻا آهن جيڪي جلدي ٿي ويندا. پهريون چار ئي شيون منهنجي هٿن ۾ آهن ۽ اوهان جي طرفان اٿلايان پٿلايان پيو.

العطاس جو ڪتاب فنصوري متعلق منهنجي هٿن ۾ آهي. هي ڪتاب ٻه ٽي سال اڳ مون هڪڙي بڪسٽور تي ڏٺو هو، سو اڃان تائين جو ائين پيو هو. ڪنهن شريف ماڻهو بندر سري بگاوان جي کي همٿ ڪانه ٿي آهي انهن ٻن ٽن سالن ۾ جو کڻي ههڙي ڪتاب کي خريد ڪري، پڙهي يا نه پڙهي، رڳو ڪٻٽن جي زينت لاءِ ئي کڻي وٺي. مون کي ان وقت شيءِ تي سٺي لڳي هئي پر هروڀرو اهڙي همت مون ۾ به ڪانه هئي جو اهو اهڙو وکر رهايان ها.

بهرحال، العطاس جي هن ڪتاب جا ٻه حصا آهن جن ۾ ڇهه باب آهن. پهرئين باب ۾ حمزه فنصوري جي زندگي بابت احوال آهي جنهن ۾ اول ته بحث ٿو ڪري ته فنضوري جي زندگي بابت احوال آهي جنهن ۾ اول ته بحث ٿو ڪري ته فنصوري اصل ڪٿي جو هو. بروس ڪٿي هو. شهر نوي ڪٿي هو جنهن ۾ اصلي ڄاول ٿو معلوم ٿئي. العطاس سکي انهي ڳالهه تي به حيرت ٿي ٿئي ته فنصوري فارسي ڪٿي سکي هوندي. جيڪو بحث العطاس ڪري ٿو ان ۾ فخر سان چوي ٿو ته جن سٺي ملائي ۾ تصوف جا ڪتاب لکيا شمس الدين پاسائي، رانيري، عبدالرئوف سنگڪيل وارا ان سڀني جي ڀيٽ ۾ فنصوري بهتر ملائي ٻولي لکي آهي ۽ ان جو سبب اهو ڄاڻايو اٿس ته هو هڪڙو ئي اصلي ملائي هو. پوءِ ٻڌائي ٿو ته فنصوري حضرت عبدالقادر گيلاني جو مريد، خليفو هو، پوءِ ڄم ۽ موت جي تاريخن تي بحث ڪندي ڄاڻائي ٿو ته سندس ذڪر بادشاهن جي سرڪاري ڪتابن ۾ ڪونهي حالانڪ پاڻ بادشاهن جي تعريف ۾ شعر چيا اٿس وڏا ماڻهو منجهائس خوش ڪونه هوندا جو پنهنجي شاعري ۾ ظالمن جي محبت کان پرهيز جو پرچار ڪيو اٿس. هن ماڻهو جو ذڪر بادشاهي ڪتابن ۾ نه هئڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو ته اهو به هجي جو هو اتي ڌاريو ماڻهو هو، اتي اوپرو هو. هن باب جي  آخر ۾ العطاس چوي ٿو ته حمزي کي پوين غلط سمجهيو ۽ غلط پيش ڪيو. ويندي رانيري به کيس غلط سمجهيو. ان جو هڪڙو سبب اهو ڄاڻايو اٿس ته رانيري جي سڄي تنقيد فنصوري جي ڪتاب ”منتهي“ تي ٻڌل آهي جيڪو در اصل فنصوري جي صحيح خيالن جي عڪاسي نٿو ڪري. اهو ڪتاب تڪڙ ۾ لکيل معلوم ٿو ٿئي. جنهن ۾ مختلف خيالن جي روح ۾ وڃڻ جي بدران ”منتهي“ (پهتل) صوفي جي لاءِ خيالات ڄاڻايل آهن.

ٻئي باب ۾ فنصوري تي رانيري جي تنقيد جو چڱي طرح جائزو وٺي ٿو. ايندڙ ٽن بابن ۾ حمزي جي مابعد الطبعياتي ٽيچنگز تي حمزي جي الاهي ارادي بابت خيالات تي ۽ حمزي جي صوفياڻن خيالن ۾ استعمال ٿيل لفطن ۽ اصصلاحن جي معنوي اپٽار ڪئي اٿس ۽ آخر ۾ نتيجا ڄاڻايل اٿس.

ڪتاب جي ٻئي حصي ۾ فنصوري جي ٽن ڪتابن جو متن رومن سڪرپٽ ۾ ۽ ترجمي سان ڏنل آهي. اسرار العارفين، شراب العاشقين ۽ المنتهي، اپئنڊائسز ۾ رانيري ۽ فنصوري جي ڪن ٻين اصل ڪتابن مان ڪي ٽڪرا ڄاڻايا ويا آهن ۽ آخر ۾ ببليو گرافي آهي. ڪتاب جي آخر ۾ منتهي جي اصل جو جاوي سڪرپٽ ۾ فيڪسميل به آهي.

احمد دائود جو جاڪارتا مان 1978 ۾ ڇپيل ڪتاب ”شيخ نور الدين الرانيري“ ملائي ٻولي ( رومن سڪرپٽ) ۾ لکيل آهي. پهريئن باب ۾ تعارف، ٻئي ۾ رانيري جي زندگي جي احوال کان پوءِ سندس 92 ڪتابن (يا رسالن) جو مختصر احوال ڄاڻايل آهي. ٽئين باب ۾ آچيهه ۾ وجوديت جي اثر جو احوال ڄاڻايو ويو آهي ۽ چوٿين باب ۾ رانيري جي هڪڙي رسالي يا ڪتابڙي ”ماءِ الحيات لاهل الممات“ جو متن (رومن سڪرپٽ) ڏنو ويو آهي. هن رسالي جا پهريان ٻارنهن پئرا گراف ته عربي ۽ ملائي ٻنهي ۾ آهن، ان ڪري خبر پوندي رهي ٿي ته بحث ڪهڙو رخ اختيار ڪري رهيو آهي. هن ڪتابڙي جي آخر ۾ به ببليو گرافي آهي. ٻيا ڪي مضمون اڃا مليا ڪونه آهن پر ملڻا ٿيا آهن. ببليو گرافين ۾ گهڻا نالا ڊچ يا جرمن ٻولي جا آهن. ڊسمبر تائين جيترو مواد هٿ آيو سوکڻي اچبو ۽ اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪبو. اوهان جي نظر ۾ ٻيو ڪو خاص سرچشمو هجي ته حڪم ڪجو، پر بروناي دارالسلام ۾ معاملو محدود آهي ته گهڻيون شيون ڇپجن ٿيون ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ هتي نه ايتري خلق آهي نه ايترو شوق آهي جو ڇاپين يا ٻاهريان ڇاپيل شيون آڻين.......

- محمد عمر چند

............4.........

• مؤرخ بروناءِ دارلسلام، نومبر 16، 1990ع

سائين ڊاڪٽر بلوچ صاحب، دام الطافڪم

اسلام عليڪم و رحمته الله برڪات، هن کان اڳ هڪ خط اوهان کي موڪليو اٿم جنهن ۾ سيد محمد نقيب العطاس جي هڪڙي ڪتاب متعلق ڪجهه احوال عرض ڪيو هوم. اهو ڪتاب ۽ ٻيا ڪاغذ ڪتابڙا جيڪي هٿ آيا آهن سي آئون پاڻ سان کنيو ايندس پر انهي وچ ۾ العطاس جو ٻيو هڪڙو ڪتاب هٿ آيو آهي. 1986ع ۾ ڇپيل، جنهن جي فوٽو ڪاپي ڪئي اٿم ۽ اهو به انشاءَ الله پاڻ سان کنيو ايندس. پر چيم ته اوهان کي مختصر طور ٻڌايان ته انهي ڪتاب ۾ ڇا آهي. هن ڪتاب جو نالو آهي”ڪمنٽري آن حجت الصديق آو نور الدين الرانيري، رانيري جي ڪتاب جو پورو نالو آهي؛ حجت الصديق لدفع الزنديق، العطاس جي هن 517 صفحن جي ڪتاب ۾ ٻڌايو اٿس ”ٽن عبدالرزاق ڊسٽنگئشٽ چيئر آو سائوٿ ايسٽ ايشين سٽيڊيز“ جي عهدي تي فائر ٿيڻ وقت ڪيئن فيصلو ڪيائين ته اهڙو ڪو ڪم ڪري جيڪو حڪومت جي بدلجڻ سجلڻ جي ناپائداري جي بدران پائداري جو نشان هجي. ننڍڙن ماڻهن کي وڏو ڪري ڏيکارڻ بدران واقعي اهڙن ماڻهن جي ڪمن کي اجاگر ڪري جيڪي واقعي مليشيا جي زندگي کي متاثر ڪرڻ ۾ اڳرا هجن، فنصوري ۽ رانيري. جهڙا ان ڪري فيصلو ڪيائين ته رانيري جي هن ڪتاب کي عوام جي آڏو پيش ڪري. ياد رهي ته حجت الصديق- العطاس اڳ ۾ مونوگراف فارم ۾ 1966ع ۾ ڇپرائي چڪو هو. هن ڪتاب ۾ اصل ڪتاب جو متن65 صفحن جو، ان جو ترجمو 22 صفحن جو ۽ اصل ڪتاب جي شرح 460 صفحن جي آهي. آخر ۾ ٽي انڊائز آهن. پهرين ۾ انهن ماڻهن جا نالا آهن جن جو ذڪر هن ڪتاب جي مقدمي، اصل ڪتاب جي ترجمي شرح ۽ پڇاڙي (اپيلاگ) ۾ آيو آهي. ٻي انڊيڪس ۾ نالا آهن سڪولز، سڪٽس ۽ گروپس (مڪتب، مذهبن ۾ فرق ۽ گروهن) جا، ٽي انڊيڪس ۾ انهن لفظن جي تشريح ڪئي وئي آهي جيڪي عربي، ملائي، لاطيني يا يوناني ٻولين تان ورتا ويا آهن ۽ آخر ۾ 11 صفحن تي مشتمل ”لسٽ آو بڪس ائنڊ آرٽيڪلز سائٽيڊ“ ڏني وئي آهي.

هن ڪتاب مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته العطاس رانيري جي هڪڙي ٻئي ڪتاب تي ڪم ڪري رهيو آهي. ان ساڳئي نهج تي جنهن تي الحجت الصديق... تي ڪم ڪيو اٿس. هن ٻئي ڪتاب جو نالو ”جواهر العلوم في ڪشف المعلوم“ آهي. هن ڪتاب ۾ وجود حقيقي، الاهي صفات، اسماءِ الحسنيٰ ۽ صفات وغيرهه جهڙن صوفي تصورن جو ذڪر آهي. انهن ڪتابن مان اهو به معلوم ٿئي ٿو ته بستان السلاطين ۾ پيغمبرن، اصحابن، مسلمانن بادشاهن ۽ خصوصاً ملئي بادشاهن جو ذڪر آهي. رانيري جا تصوف تي ڪتاب اڃا ٻيا آهن. مثلاً ”الحجت....ماءِ الحيات...، جواهر.... وغيره. هن ڪتاب ۾ تقريبن 25 ڪتابن جو مختصر احوال ڄاڻايل آهي. پوليٽيڪل ۽ تاريخي احوال جيڪو مونو گراف ۾ ڄاڻايو هئائين سو هتي ڪو نه ورجايو اٿس. ان ڪري اهي پنا به هٿ ڪرڻا پوندا.

انهن ڪتابن کان سواءِ ٻيا به ڪي ڪتاب آهن جيڪي اوهان جي ڪم جا ٿي سگهن ٿا. انهي کيت کان ٻاهر، بقول اوهان جي، مائي شمل ( آني ميري شميل) جو ڪتاب ”پين آئنڊ گريس“ مير درد ۽ شاهه عبدالطيف جي باري ۾ ڏٺو اٿم، پر اڃا پڙهيو ڪونه اٿم. ٻيا ڪتاب به هوندا پر اڃا مون ايڏو ووڙيو ناهي.

- نياز مند، محمد عمر چند

محترم استاد محبت علي لغاري

ڳوٺ جعفر خان لغاري ،(2 اپريل 1990)

محترمي و مڪرمي جناب قبله سائين ڊاڪٽر صاحب،

اسلام عليڪم عرض ته خيريت مطلوب آهيان. رمضان المبارڪ جي آمد شريف ۽ سندس لازوال نعمتن لاءِ توهان صاحبن کي مبارڪ پيش خدمت آهي. باري تعاليٰ تمام عالم اسلام کي بابرڪت مهيني مبارڪ جي برڪتن ۽ انعامات سان مستفيض فرمائي. آمين.

قبله سائين! ماهه پهرين اپريل ( هن مهيني کان ) مدرسه مبارڪ ۽ مسجد شريف جي صدر مدرس ۽ مؤذن صاحب جي پگهار ۾ جهڙو حال حبيبان اهڙوپيش پريان مطابق ميمبر صاحبان جي اتفاق راءِ سان اضافو ڪيو ويندو. ڪتبه خانه سڪندريه عاليه لاءِ 12 لوهي آرام زدهه ڪرسيون في ڪرسي 170 رپيا ۽ 3 عدد ميزون، في ميز 5 فوٽ ڊگهي  ۽ 3 فوٽ ويڪري في ميز 500 رپيا، 3 عدد لوهي چادرن سان الماريون ۽ سامهون خصوصي شيشي جي ريلنگ نموني سان  بهترين الماريون، في الماري 1850 خريد ڪري، هڪ ٽائيپ پيس اليڪٽران ب ته جيئن هر اهل ذوق وارو پنهنجي قيمتي وقت ڏئي سگهي ته جيئن تيز رفتار سان گذرندو وڃي ٿو رکيو اٿئون، اميد ته سدا مهربان ۽ مخلص جلدي هن مبارڪ مهيني ۾ امداد فرمائيندو. روزاني شام جو 5 بجي کان سواء 6 تائين لائبريري کليل هوندي آهي. اسلامي، ادبي ڪتاب ۽ رسالا وغيرهه ميزن تي رکيل هوندا آهن. هر هڪ شخص جي ذوق مطابق پڙهڻ جي دعوت عام به ڏنل آهي. شاگردن کي به اهڙي هدايت آهي. رمضان المبارڪ کان پوءِ توهان پيارن جي ڪتابن جو مطالعو ڪيو ويندو. اندازً 40 شاگرد قرآن ڪريم ناظران پورو ڪيو اٿن. شاگردن جي سند به 500 ڪاپيون ٺهرايون اٿئون. جلدي توهان صاحبن جي صحيح لاءِ موڪلينداسون. سند جو هڪ سيمپل پيش خدمت آهي. فقط دعا جو طلب.

- فقير محبت علي مسافر

محترم ماستر محمد خان مصروف

ڳوٺ گولو منڌرو، ضلعو بدين (1990- 1- 1)

محترم سائين ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب السلام عليڪم

تمام ادبن کان پوءِ عرض ته توهان جو مؤرخ 89-12-16 وارو نوازش نامو موصول ٿيو. نوازش! سائين ڏينهن کي ڏينهن چوڻ ۾ ڪو به ڏوهه ناهي!

مان شاعر آهيان شاعر آهيان

ڪندو حقيقي حقيقيت جو اظهار آهيان

اظهار حقيقت هڪ وڏي بردبادي آهي، واقعي سهڻي سنڌ جي سونهن، ثقافت ۽ سچي سڃاڻپ لاءِ اڃا ڪافي ڪجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڌڻي تعاليٰ ڏات ڌڻين جي ڏات ۾ اڃا اضافو ڪري جو هو حقيقتن جا قائل بنجي توهان جي مشاهدي واري نظريي مطابق ڳولي ڳولي ڳيهي ڳوڌا بنجي ماڻڪ هٿ ڪن. توهان جي قول موجب رڳو ڪتابن تي ڪين ڀاڙين پر ڪراڙن جي قلبن جي کوٽائي به ڪن! انهي لاءِ هر ڏات ڏڻي کي ڏور ڏور وڃي ڏيهه ۾ ڳولڻو ۽ ڏسڻو پوندو! سچ ۽ سچائي سان لکڻ گهرجي.

”سچ چوندي ڪير رُسي ته رُسي وڃي

ڦڻي ڏيندي وار کسي ته کسي وڃي“

سائين انشاءَ الله ”مانڌر“ ۽ ”شاخ تنهن شجر جي“ ڪتاب ترت تيار ڪري توهان کي عرض ڪندس ته پيش لفظ لکي ڏيڻ جي عنايت ڪريو. اوهان سان ڪچهريون انشاءَ الله تا حيات ڪري پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو آڻبو رهبو ۽ اوهان اهو اعزاز بخشيندا رهندا. اوهان جي نظر شفقت جو مشتاق

- ماستر محمد خان

محترم مولا بخش سانگي

ڳوٺ سڄڻ سانگي، ضلعو لاڙڪاڻو (23 مارچ 1942ع)

بعد اسلام عليڪم و شوق ملاقات جي عرض ته توهان صاحبن جو نوازش نامو موصول ٿيو. احوال معلوم ٿيو. دل کي بي حد مسرت حاصل ٿي. جناب من گڏهه مون کان وسري ڪين ويو آهي هميشه ياد آهي. اچڻ سان گڏهه جي رهائش وغيره جو بندوبست ڪيوسين. پر جواب البت منجهيل ميلو، ان ڪري خط لکڻ کان مجبوراً محروم رهڻو پيو. هاڻ اچي منزل تي رسايو اٿؤنس، خط آڻيندڙ مسٽر قادري الطاف حسين منهنجو تمام گهرو دوست آهي، مئٽرڪ لاءِ اچي ٿو. گڏهه جو بار به ان جي ڪلهن تي اڇليل آهي. هاڻ تازو نئين پرنٽ آڻائي آٿن، مون پاڻ به ڏٺي آهي ڏاڍي سٺي آهي. سندس پدر بزرگوار صاحب ميان غلام عباس قادري جو پريس جو مالڪ آهي، سو خود پبلشر به آهي ۽ پرنٽ وٺڻ جو ڪم به پاڻ کنيو اٿن.

”خيرخواهه“ ۽ ٻين پريسن ٽين ئي کڙڪائي ڇڏيا. ”شيام پريس“ وارن جا به ابا لڳن! ٻيون ڳالهيون ته ٺهيو پر چوڻ لڳا ته پرمٽ به پاڻ وٺو ۽ پنو به پاڻ وٺو! مون پيسا به ميان صاحب کي ڏنا آهن. اڃا 25 رپيا ڀائوءَ ڪونه موڪليا آهن. توهان کانئس لکي پڇندا ته موڪليا اٿس يا نه.

الطاف حسن عليڳڙهه ۾ نئون ٿو اچي ساڻس گڏ ٻيا به ڪي سنگتي آهن. اميد ته توهان سندن هر طرح مدد ڪندا. الطاف مون کي جان کان وڌيڪ عزيز آهي. سو مهرباني ڪري وس آهر سندس مدد ۾ ڪوتاهي نه ڪندا. آئون توهان جو بي حد شڪر گذار رهندس. اميد ته عرض ضرور قبول فرمائيندا.*


*  ٺٽي ضلعي ۾ لوڪ ادب ۽ تاريخ بابت تحقيق ڪندي معلوم ٿيو ته سلطان ڄام نظام الدين جن وقت ۾ سمن اميرن کي ڄام، سومرن اميرن کي همير ۽ بلوچن اميرن کي ملڪ يا مير جا خطاب ملندا هئا. هو پاڻ انهن لقبن سان  چوائيندو هئا. نبي بخش

*  مولابخش سانگي ان وقت بي اي جو شاگرد هو (پوءِ جج ٿيو) مون سان سندس رغبت هئي ۽ مون ”گڏهه“ ڪتابڙي جي ڇپائي جو ڪم مٿس رکيو هو” نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org