سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :24

اميد ته مون کي جيڪو به انهيءَ موضوع تي مواد هوندو، سو اوهان کي پيش ڪندس. والسلام-

- غلام مصطفيٰ قاسمي.

محترم خليفه غلام محمد

منگهو پير ڪراچي، (1960-11-11)

جناب برادرم ميان ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ خان،

السلام عليڪم ورحمت الله وبرڪاته، اوهان صاحبن جي حڪم موجب ڪجهه مواد جمع ڪيو ويو آهي ، جيتوڻيڪ ايترو گهڻو ڪونهي، تاهم طاقت آهر وڌيڪ ڪوشش جاري آهي ۽ جيترو جمع ڪيو اٿم ، هن دفعي ايڏانهن اچڻ تي حاضر خدمت ڪندس.

        منهنجو ڪنهن زماني جي ڪم سان جناب جنرل اڪبر خان (رٽائرڊ) سان ملاقات ٿي ڳالهه تان ڳالهه ڪندي چيائون ته سندن ڪو اردو ۾ لکيل ڪتاب جو (اسلام ۽ جنگ) جي نالي سان سنڌي ترجمو ڪري مسٽر وفائي کي ڏنو اٿن جو وفائي پرنٽنگ پريس ۾ پيو آهي، مگر جيئن ته وفائي کي انهيءَ ڪتاب ڇپائڻ جي قوت ڪانهي تنهن ڪري ٿي سگهي ته سنڌي ادبي بورڊ وارا ان ڪتاب کي ڇپائين، اڪثر ڏٺو ويو آهي ته سنڌ ۾ فوج ۾ حصي وٺڻ جو شوق گهٽ آهي، تنهنڪري جنرل صاحب چيو ته ٿي سگهي ٿو ته ان ڪتاب جي پڙهڻ سان سنڌين ۾ به فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو شوق جاڳي.

        دوران گفتگو اوهان جي علم دوستي ۽ شوق جو ذڪر پڻ نڪتو، تنهن تي مون کي چيائون ته ڊاڪٽر صاحب کي انهيءَ ڪتاب کان مطالع ڪندا، ٿي سگهي ٿو، ڊاڪٽر صاحب ان ڪتاب کي نظر مان ڪڍي ۽ ڇپائڻ جي اهتمام ٿي سگهي.

        اڃان ڪالهه ڪن دوستن کان معلوم ٿيو ته هو ڪي سگهڙ وٺي ٺٽي وڃي رهيا آهن جت اوهان جي آمد آهي، مان هن وقت زماني جي ڪن مصروفيتن هيٺ آهيان مهلت جو منتظر آهيان. انشاء الله جلد خدمت ۾ حاضر ٿيندس.

        جڏهن وري قسمت سانگي ٺٽي وڃو ته زمان شاهه مرحوم جي ڪلام کي سميٽڻ جي ڪوشش ڪندا. مرحوم زمان شاهه جو ڪلام نهايب مٺو ۽ سهڻو آهي. اوهان جو دعائو و خير انديش.

 -خليفه غلام محمد

محترم غلام رسول ڪورائي

(2004-3-12)

عزت مآب، سائين نبي بخش خان بلوچ، شال جڙيا رهو.

السلام عليڪم: محبوب سائين اوهان منهنجي نماڻي عرض جنهن ۾ مون پنهنجي پيڙا ۽ بيوسيءَ کي اوهان اڳيان بيان ڪندي رکيو هوَ. کي فڪر ۽ دانائي جو شرف ڏئي مون کي يقينن وڏو مان بخشيو آهي ته مسرت پڻ، جنهن کي آءُ پنهنجي لاءِ اعزاز سان گڏ بي بها سرمايو ٿو سمجهان...........

        اوهان تي ڪن دوستن جا کنيل قلم ڪڏهن ڪڏهن نظر مان گذرندا آهن، جيئن تحقيقي جرنل ڀٽائي ۾ لکيل ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو صاحب جو مقالو ” عشق، عورت ۽ لطيف“، يا وري عبرت مئگزين ۾ لکيل سر يمن ڪلياڻ جي مطالعي تي مبني ”آئون حرف نه ڄاڻان هيڪڙو“ جي عنوان سان مسٽر سليم ڀٽو لطيفي جو نظر مان گذريا. ان لاءِ سواءِ ان جي ٻيو ڇا چئجي، ته هي شاگردن جو استادن سان بيجا حجتون آهن.

        آءُ هميشه ان خيال جو رهيو آهيان ته سچ جيئن ۽ جيترو هٿ لڳي ان تي شڪر ڪجي. سچ کي حاصل ڪرڻ يا سچ کي سمجهڻ لاءِ وڏي صبر جي ضرورت هجي ته علم سان گڏ حلم جي پڻ. آءُ اوهان لاءِ ڇا چوان! منهنجي ته نه ذات آهي نه اوقات، تنهن هوندي به اهو ضرور چوندس ته حاضر وقت ۾ اوهان جهڙو ڪو ٻيو اورچ استاد ايڏي محنت سنڌ ۽ سنڌي قوم تي احسان ڪندي نظر نه پيو اچي، ان لاءِ آءُ سمجهان ٿو ته مون سان گڏ سڄي سنڌ جون اوهان لاءِ اهي ئي دعائون آهن ته الله پاڪ اوهان کي وڏي ڄمار ۽ صحت عطا ڪري آمين ته جيئن اوهان جي سنڌ سَنڌ مان ڦٽي نڪتل سچ سونهن ۽ پيار جو ٻول ۽ روشنيون پوري سَنڌ کي منور ڪنديون رهن. نيڪ تمنائن سان گڏ عاجز.

 - غلام رسول ڪورائي

محترم مخدوم غوث محمد گوهر

ڪوٽڙي ڪبير، ڪنڊيارو (1981-6-22)

جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

السلام عليڪم و رحمت الله برڪاته، اميد ته بخيريت هوندا ۽ رهندا. رساله مهراڻ 1968ع جو پرچو مطالعه هيٺ آهي. پهريائي اوهان صاحبن جو ڇپيل مضمون، اسان جي خاندان متعلق، بغور ڏٺوسون.

        ان ۾ غلطين جي نشان دهي ڪري توجهه طلبي ۽ تصحيح خاطر ارسال خدمت ڪريان ٿو. اوهان کي تصحيح واسطي توجه ڪرائڻ لقمان کي حڪمت سيکارڻ برابر آهي تاهم به خلوص ۽ دائره اخلاق جي حد اندر التماس ئي آهي، واڪا ڪرڻ مون وس ٻڌڻ ڪم ٻروچ جو!

        هن طرف دوري جو پروگرام ٿئي ته مطالع ڪري پنهنجي محبت واري ونڊ کان نه وساريندا. اوهان جي صحبت رهبري جون راهون هموار ڪري ٿي، گهڻو درس تدريس کان مستفيد ڪندا ٿا رهو.”هل من مزيد“، جيان اسان جي روز افزون تڙپ و تشنگي وڌي ٿي. شرف ملاقات چار چشمي واري چوياري ۾ قدري تشفي و قرار اچي ٿو. درمياني عرصه وداع دوران ۾ نامه محبت سان نوازيندا رهندا ته عين عنايت.

رساله مهراڻ صه 47 کان 49-1986ع جي حوالي سان هيٺيون درستيون

صديقي گهراڻي جو سربراهه مخدوم ميان غلام قادر وفات 1389هه -1969ع

 ”شيخ ڪبير“ سندس وڏي ڏاڏي مخدوم شيخ اسحاق جي اٺين پيڙهي مان هو. شيخ اسحاق ڏهين صدي هجري ۾ گذريو. پر سندس ولادت غالبا 9 نائين هجري ۾ ٿي.

مخدوم اسحاق جو پٽ محمد هارون ٿيو، جنهن سنه 971هجري ۾ وفات ڪئي، سندس تربت جو هيٺيون ڪتبو لڳل آهي.

قد توفي هارون بي اسحاق سيد نايوم

السبت في الرابع عشرين ذي القعده 971هه

شيخ ڪبير ايضا از بزرگان آنجا است، مرقد مرجع اهل الله واقع بهلانو (ڀهيلاڻي) برابر هالاڻي است. شيخ ڪبير 1181هه کان گهڻو اڳ ٿي گذريو آهي.

مخدوم يار محمد بن محمد عاقل بن رحمت شاهه بن شيخ محمد ڪبير رحه، جي وفات يوم الاحد 22 ذي القعد 1219هجري آهي.

محمد ڪبير بن محمد بن محمود بن عصمت الله بن محمد تقي بن ابوبڪر بن هارون بن اسحاق رحه صديق قريشي.

(مضمون ۾) مرحوم ميان غلام قادر جي وفات 1389هه-1969ع مذڪوره سنه غلط ڇپجي ويو آهي، در اصل وفات 1397هه-1977ع صحيح سنه ٿيندو.

        مخدوم يار محمد رحه، مخدوم اسحاق رحه جي يارهين پشت ۾ آهي. جڏهن مخدوم يار محمد جو سنه وفات يوم الاحد ذي القعد 1219هه مزار جي لوهه تي درج آهي، تڏهن مخدوم هارون بن اسحاق جو سنه وفات يوم السبت و في الرابع عشر من ذي القعد 971هه جوڙ جڙندو؟

 - غوث محمد گوهر

محترم غلام مصطفيٰ بلوچ

ٽنڊو الهيار، مورخ 1973-11-25)

سڄڻ سائين، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

گذارش ته: اسان جي ”سنڌي“ جي استاد مختلف ڳالهيون ۽ بحث ڪندي چيو ته ”سنڌي ٻولي جو پنهنجو وجود نه آهي، اها مختلف زبانن جو مرڪب آهي.“

        مون ان سلسلي ۾ استاد صاحب کي چيو ته ”جيتوڻيڪ سنڌي زبان ۾ ٻين ڪيترين ئي ٻولين جا لفظ شامل ٿي چڪا آهن، پر تنهن هوندي به سنڌي ٻولي کي پنهنجو ذخيرو آهي. ان وٽ پنهنجا لفظ پڻ آهن.

        استاد صاحب ان لاءِ چيو ته ”ان لاءِ تون ثبوت پيش ڪر.“ مان ان کان ڪجهه مهلت ورتي آهي. ان سلسلي ۾ اوهان صاحبن ڏانهن هي خط لکي رهيو آهيون اوهان صاحبن سنڌي ٻولي ۽ ادب جي باري ۾ ڳچ ڳولا ڪئي آهي، مون کي اميد آهي ته ان سلسلي ۾ اوهين منهنجي مدد ضرور ڪندا.

        شايد اوهان ئي پنهنجي هڪ مضمون ۾ ڪنهن انگريز مصنف جو حوالو ڏيندي لکيو هو ته ”سنڌي زبان مان جيڪڏهن ٻين سڀني ٻولين جا لفظ ڪڍي ڇڏيا وڃجن، تڏهن به سنڌي جي لغت ۾ ايترا لفظ بچن ٿا جو ان مان ڳالهائي ۽ سمجهي سگهجي. يا ٻين مڙني زبانن جا لفظ سنڌي زبان مان ڪڍي ڇڏجن، ته به ڪيترائي لفظ بچي پون ٿا. اهي لفظ ڪنهن جا آهن؟ ظاهر آهي، ته سنڌي جا ئي هوندا !

        آخر ۾ مان عرض ڪندس ته مٿئين مسئلن بابت اوهان پنهنجا خيال ضرور لکي موڪليندا، ۽ ان سان گڏ اهڙا ڪجهه نج سنڌي لفظ پڻ لکي موڪليندا. جن تي نه ٻين ٻولين جو اثر هجي. نه ئي ان مان نڪتل هجن. فقط علم جو ڳولائو

- غلام مصطفيٰ بلوچ

محترم مير غلام الله خان ٽالپور

مورجهنگو (1992-1-7)

مشفق محترم و مهربان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب،

 مان هڪ طرف ته اوهان جو ڀائيٽو به آهيان، ٻي طرف اوهان جي ادبي ڪاوشن کي تمام هڪ عجيب احساس محبت سان جيئن هوش سنڀاليو اٿم ڏسندو اچا. خدا پاڪ توهان کي گهڻي کان گهڻي توفيق عطا فرمائي جيئن علم و ادب جي وڌ ۾ وڌ خدمت ڪندا رهو.

        بابا سائين سان جڏهن مون توهان جي خط ( مورخ 1992-1-1) ۽ طالب علمي جي زماني ۾ ملاقاتن جي ڳالهه ڪئي ته پاڻ جام خوش ٿيا ته ڊاڪٽر صاحب کي آئون آڃا ياد آهيان. پاڻ ٻڌايائون ته ڊاڪٽر صاحب کي موٽ لکو ته منهنجا هي الفاط ضرور کين لکندا سو حڪم جي پيروي ڪري رهيو آهيان.1937ع ۾ مسٽر ڊسوزا پنهنجي ملاقات ڪرائي، اوهان ٽيوشن ڏيندا هئا. آئون شيلا مينشن ۾ رهندو هئس. مون کي ياد آهي پر اوهان جو ياد ڪرڻ ڪمال سمجهان ٿو. ان کان پوءِ پنهنجي ملاقات ناهي ٿي. اڄ ان کي 55 سال ٿيا آهن. دل چوندي آهي ته ملاقات ٿئي. اوهان منهنجا استاد آهيو، الله توهان کي خوش رکي. هاڻ وقت آخري آهي اڳتي پنهنجي دائم گهر هلڻو آهي. هن دنيا مان رٽائر ڪرڻا آهيون. اڳئين گهر کي سينگاريون، اتي لاءِ ڪجهه سامان موڪليون. واقعي 55 سال جي يادگيري توهان جو ڪمال آهي، بس الله پاڪ پنهنجي رضا نصيب فرمائي. دنيا آخرت جي کيتي آهي هتي ڪجهه پوکيون ته اڳتي الهه پاڪ باغ بنگلا نصيب فرمائي. هي الفاظ ڊاڪٽر صاحب کي لکي موڪلجو. اهي لفظ توهان تڪ پهچايان ٿو.

        ڊاڪٽر صاحب منهنجي شاعري جو شوق به ويٺي ويٺي ٿيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ اڃا طالب علم آهيان. ڪو استاد ناهي، منهنجي مطالعي ۾ گهڻو ڪري اردو شاعر رهيا. فيض، غالب، فراق گورکپري، شڪيل بدايوني، جگر مرادآبادي، نظام، شيفتہ، داغ وغيره کي ٿورو ٿورو پڙهيو اٿم. سنڌي شاعري سواءِ سائين لطيف جي نه پڙهي اٿم، سانگي جي ديوان لاءِ پريشان هئس ته ڪٿان ملي. مون کي  ڪليات سانگي هٿ اچي وئي آهي، جنهن ۾ توهان 3 ديوان ۽ سرائيڪي، فارسي، اردو ڪلام کي ترتيب ڏئي سنڌي ادب تي وڏو احسان ڪيو آهي.

        ڊاڪٽر صاحب سانگي کي روحاني استاد وٺي چڪو آهيان ۽ عجيب اتفاق آهي جو مير سانگي ۽ منهنجا گهڻا حالات ۽ واقعات ملندڙ آهن. سانگي سخنوري ۾ ته ڪافي اسان کان مٿانهون آهي. ان دور جا حالات، سندس تجربو، عمر، ماحول ۽ منهنجي هِن دور جي حالات ۽ ماحول ۾ تمام گهڻو فرق آهي.

مان مور جهنگي اچڻ لاءِ دعوت وري به عرض رکان ٿو.

- غلام الله خان ٽالپور

محترم غلام قادر

سيڪنڊري ٽيچر، جهانگارا، دادو (1941-3-7)

بشرف گرامي عاليجناب ميان نبي بخش خان صاحب،

السلام عليڪم ورحمت الله و برڪاته، بعد احوال عرض ته طرفين خيريت، الحمدالله، المرام في الاڪرام آنکه توهان جو مدت مديد خط فرحت نمط غلام لاءِ باعث مسرت انبساط ٿيو، اهڙي ياد آوري کان نهايت شڪريه

        ادا سائين روشن هجي ته توهان جي يادگيري خود بنده جي يادگيري جو ثبوت آهي، اميد ته هي بنده توهان کان پڻ وسري ويل نه هوندو

تو جني جي تات، تن پڻ آهي تنهنجي

اهو زمانو جنهن ۾ گڏجي نوشهري ۾ گذاريوسون سو بعيد نه آهي. ان زماني جو صورتحال ۽ نقش اکين اڳيان ڦرندو رهي ٿو. ادا سائين مان ته جڏهن ڪنهن کان شعر ٻڌندو آهيان تڏهن توهان کي ياد ڪندو آهيان، جڏهن ظريفانه ڪلام ٻڌان يا ڪنهن هوشيار زبان جي زير صحبت اچان تڏهن توهان جي يادگيري تازي ٿئي ٿي. ليڪن ادا سائين باغ ۾ بهار سدائين پائدار نه آهي. اج جو زمانو گذشته آهي. اهڙي حياتيءَ جي عشرت جي خوشيءَ ۽ لذت فقط ان جي يادگيريءَ تي مبني آهي.

الحمدالله، هن وقت بنده ڇوڪراڻي حيثيت کان ٻاهر آهي. سچ آهي ته جنهن ڏينهن بنده مئٽرڪ جو امتحان ڏئي ڳوٺ روانو ٿيو ان ڏينهن کان وٺي حياتي علحده ۽ بدل ٿي. هر هڪ گهڙي هڪ قسم جي جديد زماني جو صورتحال پيش ڪيو. گهڻا ٻڍا ڀي ٻار، ليڪن منهنجي پيشاني تي ڪلمح البرق عجيب غريب اثر ڄمايو. دل و دماغ تن و جان مبدل ٿي وئي. دنيا اندر البت گهڻو ڪي  ڏٺم ۽ ٻڌم ۽ متعدد آزموده پاتم، آزادگي پائبندي ۾ مبدل ٿي وئي. اهي غير محدود خوشيون محدود، ۽ غير متحرڪ خيال مغلوب ٿي ويا. گهڻان ئي عزيز و خويش جا ڌڪ لڳا ۽ اهڙا اونها زخم رسيا جي قوت برداشت کان بلڪل بعيد هئا. تن جا داغ ۽ نشان به اڃا تائين نه ميٽيا آهن. الحمد الله انسان ڇا نٿو سهي، ليڪن وقتي صدما هيڪر نااميد ڪيو وجهن.

سيڪنڊري مڊل ڪلاسز ۾ هن وقت مان انگريزي ماستر آهيان. هن وقت عربي خواهه پارسي ۾ ورڪ ڪرڻ جي خواهش البت گهڻي آهي. پر اهو وقت گذشته بود، نڪا ته اهڙي سهوليت آهي نه ته وري زمانه جي رسم رواج کان فرصت ئي ملي ٿي.

روشن هجي ته زمانه جي آزموده ۽ واقعات جن منجهان گذر ٿيو تن جو تفصيل وار بيان البت داستان کي طويل ڪري ها تنهن ڪري تمت باالخير والسلام.

- نيامند، غلام قادر

محترم غلام رباني آگرو

حيدرآباد (2004-7-13)

مڪرمي و محترمي ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: عرض ته سنڌ جي ماڻڪ موتي تنظيم وارن اوهان جي خطن جو ڪتاب ” پيارن جا پيغام“ مهرباني ڪري موڪليو. پڙهي ڏاڍو لطف آيو. جلسو به ڪيو هئائون. پر مان ان ڏينهن ڪراچيءَ ۾ هئس.

چڱو عرصو ٿيو جو خطن جا ٻه سٺا ڪتاب شايع ٿيا: ٻئي سائين جي. ايم. سيد ڇپايا هئا؛ هڪڙي ڪتاب ۾ علامه صاحب جا کيس لکيل خط هئا ۽ ٻي ۾ پير علي محمد راشدي صاحب جا ڏانهن لکيل خط هئا. هاڻي، ٻئي گهڻي عرصي کان ناياب آهن. خبر ناهي ته علامه صاحب جي خطن وارو ڪتاب علامه صاحب جي يادگيريءَ ۾ قائم ٿيل چيئر طرفان دوباره شايع ٿي سگهي ٿو يا نه؟ ٿئي ته ڏاڍو سٺو ڪم ٿيندو.

بهرحال، اوهان جي خطن وارو ڪتاب پڙهي اهي ٻئي عمدا ڪتاب ياد آيا. اوهان جي ڪتاب ڇپائي ڏاڍو سهڻو ڪم ڪيو آهي، جيڪڏهن اوهان وٽ ٻيا به ڪي اهڙا خط هجن ۽ هن تنظيم کي ڏيو ته انهن جي اشاعت تحسين جوڳي ڳالهه ٿيندي. خطن ۾ مختلف نوعيت جون ڳالهيون آهن، ڏاڍيون وڻندڙ آهن.

فولاد فقير وارو خط پڙهي هڪ نئين شخصيت نظر آئي. علي احمد بروهيءَ مٿس مضمون لکيو هو. مزاحيه رنگ ۾، ان ۾  فولاد فقير جي شخصيت ٻي هئي. ڪچهريءَ ۾ سندس ڳالهيون به ڪندو هو. هڪ ڳالهه اها به ڪيائين ته مان ڊاڪٽر صاحب ۽ نون صاحب وٽس وياسون ۽ چيوسون ته معجزو ڏيکار. اسان کي هي معجزو ڏيکاريائين. ڳالهه ٻڌي، اسان ته وائڙا ٿي وياسين. اوهان جي ڪتاب ۾ سندس خط پڙهي، صحيح صورت حال معلوم ٿي ته هو ڪهڙي مزاج جو بزرگ هو.......... رب پاڪ اوهان کي عمر دراز ۽ صحت جي نعمت سان نوازي. آمين

وڏي وٿ آهين.ٻاروچا ڀنڀور ۾!

- غلام رباني آگرو

محترم سيد غلام محمد شاهه رضوي

محله چانڊيو، شهر ٺٽو (1972-11-7)

عالي جناب محترم ڊاڪٽر رئيس نبي بخش خان،

السلام عليڪم: احوال خدمت اقدس ۾ عرض آهي ته: اوهان صاحب وقتن به وقتن منهنجي عرض تي منهنجي فرزند نورچشم سيد ديدار حسين شاهه رضوي جي، شاگردي جي ٽائيم کان وٺي مدد ڪندا رهيا آهيو. جنهن لاءِ هر وقت هميشه آئون اوهان صاحبن جو شڪر گذار آهيان. منهنجي ايهائي هر وقت رب سائين جي درگاهه الاهي ۾ دعا آهي ته الله تبارڪ و تعاليٰ اوهان صاحبن کي بمعه پنهنجي اولاد ۽ خاندان سميت سدائين خوش ۽ وڌيڪ آباد ۽ دل شاد رکي. آمين ثم آمين.

        هن وقت وري به اوهان صاحبن کي تڪليف ڏيان ٿو جا براءِ نوازش اسان تي رحم جي نظر رکي. ثواب دارين جو حاصل ڪرڻ فرمائيندا، هي نياز مند تهدل شڪر گذار رهندو.

        حقيقت هن ريت آهي ته نورچشم سيد ديدار حسين شاهه رضوي هن وقت سنڌ يونيورسٽي ۾ ايڪنامڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار آهي. هن جناب وائيس چانسلر صاحب جن جي خدمت ۾ نوڪري پڪي ٿيڻ لاءِ درخواست پنهنجي هيڊ آف ڊيپارٽمينٽ جي معرفت عرض رکي آهي. اوهان صاحب کي معلوم آهي ته هن وقت اسان غريبن جو سواءِ خدا جي ٻيو ڪو سفارش وغيره نه آهي. فقط اوهان صاحبن ۾ اميد ۽ آسرو آهي، جو اوهان صاحب وقت به وقت، اسان غريبن جي حالت تي رحم جي نظر رکي، هن منزل تي پهچايو آهي، هاڻي به نوازش فرمائي، تڪليف وارا قدم کڻي، نورچشم سيد ديدار حسين شاهه رضوي کي سروس ۾ پڪي نوڪري جو آرڊر جناب وائيس چانسلر صاحب کان ڪرائي ڏيڻ فرمائيندا ته دائما دعاگو رهندس. سندس هيڊ آف ڊيپارٽمينٽ به سفارش ڪئي آهي. بنده هر وقت اوهان جو دعاگو.

 -سيد غلام محمد شاهه رضوي

محترم غلام فقير ماڇي

ڳوٺ جعفر خان لغاري، تعلقه سنجهورو، ضلعي سانگهڙ

بخدمت شريف ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: گذارش ته طرفين خيريت مطلوب، عرض ته هن کان اڳ هڪ خط خدمت ۾ عرض رکيو اٿم، اميد ته پهتو هوندو.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org