سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :23

معروض ته اڳئين خط جو جواب مون نه موڪليو جو ارشاد هيو ته شاهه وسائي جي باري ۾ تحقيق ڪري احوال موڪليو. شاهه وسائي جو پوٽو بچل فقير، بلوچستان مريدن ڏي ويل هو. برساتيون اتي گذاري، تازو 16 آگسٽ تي گهر پهتو. وري لڏي مٿي ڪاڇي ويو. آخر اڄ 25 آگسٽ جي مس وڃي هٿ آيو آهي. ڄٽ اڻ پڙهيل سئو فيصد ٻروچ. هن کان پڇي عريضه هذا حضور ۾ پيش ٿو ڪريان. گر قبول افتد زهي عزو شرف.

جيئن شاهه پنجو، ذات جو ڏهوٽ هو مگر ميان نصير محمد ڪلهوڙي کيس شاهه جو لقب ڏنو، تيئن شاهه وسايو ولد پيروز ذات چانڊيو ميرواڻي، مريد ۽ سپهه سالار ميان نصير محمد جي لشڪر جو هو. جواني ۾ رڪ جو چوتو چڙهيل هئس. ميان نصير محمد جي زور ڀرڻ تي شادي لاءِ آماده ٿيو مگر شرط هي هو ته چانڊياڻي نه وٺندس. ميان نصير محمد جو مريد محمود کوسه هو ميان صاحب محمود کوسه کي چِئي سندس نياڻي سان فقير کي پرڻايو. پوءِ ان مائي کوسياڻي مان فقير کي ٻه پت ٿيا (1) وڏو ميرڻ فقير (2) ننڍو ڪنڊو فقير. ميرڻ فقير جو اولاد بچل فقير آهي، جيڪو منهنجي سامهون ويٺو آهي ۽ هي مضمون لکائي رهيو آهي ۽ ڪنڊي فقير جو اولاد رحم علي آهي جيڪو اسلام ڪوٽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ويٺو آهي.

وسائو فقير سائين، ڳوٺ ڳيريلو ۾ مغليه لشڪر سان وڙهندي، چانڊيي جرنيل مير موندر خان سان سنه 1111هه ۾ شهيد ٿيو. سندس لاش شاهه نجف موڪليو ويو. هت شيخ هوٿي تي سائين جن جيڪو ساهه وسائو ڏٺو يعني جنهن جي قبر اتي آهي، اهو آهي وسائو فقير، بجر فقير جو پٽ، بجر فقير شاهه وسائي جو پوٽو هو. شاهه وسائي جا مريد، جمالي بلوچ گهڻا آهن ۽ بچل فقير وارا اتان ڏن پٽ وٺندا آهن.

هاڻي ڪاڇي جو احوال: بس مِينهنَ هانڃا ڪري ڇڏيا آهن، ايترو گاهه ڦٽو ۽ ايتريون ته ٻوٽيون پيدا ٿيون آهن جو ڏسي انسان عبرت ۾ پئجي ٿو وڃي. هت هڪ قدرتي سبزي ’سيفل‘ سڏجي سان برسات پوڻ تي ٿيندي آهي، اها پالڪ وانگي رڌي کائجي ته نهايت لذيذ ۽ مذيدار ٿئي ٿي. سيفل جي عمر 13 ڏينهن آهي، پوءِ ختم ٿي وڃي ٿي. وري قدرت ڌڻيءَ جي جو سڄي ڪاڇي ۾ ٻيو ڪٿي ڪين ٿئي سواءِ آخر ناڙي جي. اسان جو ڪاڇو به آخر ناڙي آهي. سيفل ايترو نفيس ٻوٽي آهي جو ان وقت پٽي ان وقت چاڙهجي. ٽن چئن ڪلاڪن کان پوءِ پن هن جا صفا ڦڪا ٿي ويندا آهن. مون وڏي ڪوشش ڪئي ته هن قدرتي سبزيءَ جو مزو سائين جي کي وٺائجي مگر برق ۾ رکڻ جي باوجود به پن صفا زرد ٿي ويس.

ميندي جي فرمائش ياد آهي، انشاءالله خدمت اقدس ۾ عنقريب موڪلبي، ڪاڇو اسان جو سٺو آباد ٿيو. ست ٻنا رهجي ويا جو وڪوڙو لڙهي ويو، باقي 22 ٻنا ڀريا. انهن ۾ جوئر، گوار، سنگ، تر، ميها، متيرا، گدرا، ڇانهان، هنداڻا پوکيا ويا، مگر ناڙي ڪرائي بس ٿا ڪريون ته وري مينهن وسي ٿو ۽ ناڙي پورجي ٿي وڃي. وري 5-6 ڏينهن رکي ناڙي ڪيون ٿا ته وري وڏڦڙو وسي ٿو. هاڻي يڪم سيمپٽمبر کان وٺي ناڙي ڪرائبي. هي چوٿون ڀيرو ناڙي جو آهي. ٻوڏ جو پاڻي اڃا به بند سان آهي. ماڏي کان ٻيڙيون بيٺون آهن، انهن ذريعي ڪاڇي وڃي سگهجي ٿو. اسان به سکر مان هڪڙي ٻيڙي مينهن جي اچڻ وڃڻ لاءِ گهرائي آهي. آءُ پوڙهو ٿي ويو آهيان، ڪاڇي جي بلي امتياز خان کي ڪيو اٿئون. دعا ڪندا.

- حڪيم عبدالحميد خان چانڊيو

محترم علي محمد سيال

اسلام آباد، وايا مورو (29 جنوري……….....)

بگرامي درجت ذي شان جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

تلسيم و تڪريم معروض باد، واضح رائي عالي ته الف ڀاڱو خير سان تازو ڏسي پورو ڪيو اٿم، مون ۾ ته تڪڙ جو مادو ئي ڪونه آهي. مگر فرمائش موجب ڪافي تڪڙ کانپوءِ سرسري سڄو ڪتاب ڏسي سگهيو آهيان. تڪڙ سبب اشتقاقن ۽ استعمالن جي سرزني ئي ڇڏي ڏنم، ڪٿ ڪٿ کان سواءِ، جتي مون کي اشتقاق نه آئڙيا آهن اتي (؟) سوال جي نشاني ڏيندو رهيو آهيا ته انهن کي دوباره ڏسي پڪائي سان لکجي ۽ ”غ- م) جي معنيٰ ”غير مروج“ لفظ ورتي اٿم. تڪڙ ڪري ڪيترن لفظن اڳيان (؟) سوال جي نشاني ڏني اٿم ته اهي لفظ يا (غ- م) آهن يا پوري اچار جي خبر نٿي پوي يا انهيءَ لفظ جي الائي ڪهڙو استعمال آهي؟ سنڌي ٻولي پنجمي آهي، يعني سنڌ جي پنجن حصن جي – اتر، وچولو، لاڙ، ٿر، ڪوهستان. هر هڪ حصي جا پنهنجا پنهنجا استعمال، محاورا، رواج ۽ اچار آهن؛ زبرون زيرون جي ڏنيون ويون آهن سي مختلف محاورن سان اشتقاقن جي مدنظر تي هڪ ٻئي سان نٿيون ٺهڪن.

        منهنجي راءِ موجب لغت جو معيار مقرر ڪجي، جنهن لاءِ اصل کان گهڻو ڪري ”وچولو“ زياده موزون چيو ويو آهي.”قديم لغت“ جو دخل به گهڻو پيو ڏسجي جو ڪيترائي لفظ ٻاتا ۽ منجهيل پيا ڏسجن. هم معنيٰ الفاظ فقط ٽي ڏيڻ گهرجن.....! اشتقاقي 2.مروج 3. بامحاوره ۽ اصطلاحي. استعمالن ڏيڻ کانسواءِ ساري ٻولي ٻُٽي ٿي لڳي جنهن ڪري علم ادب جي معنيٰ ضايع ٿيو وڃي. وچولي جو معياري لفظ ڏئي پوءِ ڏنگين ۾ ٻين حصن جون پڙهڻيون ڏجن. گهڻين معنائن ڏيڻ جو ضرور ڪو نه آهي. ٻيو معنائون لغت ۾ داخل ڪري ڇڏجن ته ذخيرو ساڳئي طرح ڪافي رهندو. مختلف پڙهڻين جا ٿورا گهڻا الفاظ ذخيره مان گهٽائيندي نه ڊڄجي بلڪ ٻاتائي، ٻٽائي الفاظ لغت کي ڇنڊي صاف ۽ معياري بنائجي.

        عربي، پارسي ۽انگريزي جا ڪيترائي سٺا الفاظ جي عام طرح آميزش سان استعمال ٿا ٿين سي به گويا سنڌي لغت جا الفاظ چئبا جي هت اڪثر ڪري گهٽ ڏنم آهن ۽ ٻيا غير ضروري آميزش وارا به ڏنا ويا آهن.

        لغت جي ڪٺي ڪرڻ ۾ تمام گهڻي تڪليف ورتي وئي آهي، جنهن لاءِ سڀئي صاحب صد تحسين جا لائق آهن. علامه دائود پوٽي صاحب به ڪافي کان زياده نظرثاني تي تڪليف ورتي آهي ۽ ڄاڻجي ٿو ته سندس اڳيان ڪا سنسڪرت لغت آهي جنهن ڪري مستند طرح  اشتقاقن لکڻ جي ۽ انهن جي تصحيح جي به گهڻي ڪوشش ڪئي اٿن.

        لغت بابت ”نواءِ سنڌ“ ۾ اوهان صاحبن جو ڏنل مضمون پڙهيم، جو نهايت مفصل ۽ چٽو ۽ سچو هو. وري آزاد جو ليکه به پڙهيم جنهن لغت جي اصلاحيت لاءِ تمام سٺو لکيو آهي ۽ ڏنل رايا مون کي ڏاڍا پسند آيا، ٿيڻ ائين گهرجي وڌيڪ ته اختياري وارا جيئن وڌيڪ نيڪ سمجهن تيئن ٿئي.

        لغت کي معياري بنائڻ لاءِ جا ماهرن جي ڪاميٽي غور ڪرڻ جي نيڪ مشورو ڏنل آهي، سو به تمام چڱو آهي. فقط ميمبرن جي چونڊ جو ڪم البته ڏکيو آهي، جنهن لاءِ اوهان صاحب،2.علامه دائود پوٽه 3. علامه انصاري 4. حضرت آءِ آءِ قاضي صاحب ۽ ٻيا قابل ۽ اديب احباب سٺي چونڊ ڪري سگهندا. بشرطيڪ سڀني جلدن جي نظرثاني پوري ٿئي ۽ ڪن اصولن هيٺ ٻن ٻن  ماهرن کي هڪ هڪ جلد ڏئي پوءِ لغت تي انهن اصولن موجب درست ڪري وري لکجي. منهنجي خيال موجب ان کي سينگاري معياري ڪجي. منهنجي راءِ موجب انهن ماهرن ۾ سنديله صاحب جو به نالو ضرور اچڻ گهرجي جو هو سٺي مدد ڪري سگهندو. مون کي  انهيءَ لسٽ ۾ اچڻ جو ڪوبه ارادو ڪو نه آهي، جو پوڙهائي ورائي وئي آهي ۽ ڪم جو به تمام ڍرو آهيان. مبادا انهن خطن سبب مون کي به اٽڪايو، آءُ اهو عرض دلي طرح ڪيانٿو. جيڪو به هيل تائين خرچ ٿيو آهي، سو سڀ سجايون ٿيو آهي. وڌيڪ خرچ لاءِ گورنمينٽ کي ڪيٻائڻ نه گهرجي. هي ڪو ترجمه ٿورو ڪيو ويو آهي. سارو ڪم نه رڳو نئين طرح ڪٺو ڪيو ويو آهي پر ڪيترائي گمنام الفاظ روشني ۾ آندا ويا آهن. اجورو تمام ٿورو ۽ ڪم تمام گهڻو ٿيو آهي، وڌيڪ ته حڪومت جي مرضي.

        هاڻي انهيءَ انتظار ۾ آهيان ته ٻئي جلد* ڪيئن ۽ ڪهڙي ماڻهو هٿان موڪليا. انشاء الله تعاليٰ ته جلد ئي تدارڪ ڪري ٻئي جلد سگهو موڪلي ڏيندس.

        مون ته ڌيري ڌيري، راءِ زني ڪئي آهي ته به عام نويسي معاف فرمائيندا جو اهڙي ادبي ميدان ۾ اڃان پاڻ کي الڙ ٿو سمجهان. انشاء الله ته هر طرح باخيريت آهيو، نياز مند جي طرف به الله سائين رحم فرمايو آهي. والسلام.

- سيال

محترم سائين سيد غلام مرتضيٰ شاهه

سن 14 آگسٽ 1954ع

محترمي ڊاڪٽر نبي بخش صاحب،

السلام عليڪم: منهنجا قومي زبان نسبت ٻه لکيل مضمون جي الوحيد ۾ نڪتا آهن، اوهان جي نظر مان گذريا هوندا. هي ٽيون مضمون به اخبار ۾ موڪلڻ گهران ٿو. ان بعد ٽنهي مضمونن کي ڪتابي صورت ۾ آڻي سنڌ اندر ورهائبو.

هي مضمون اخبار ۾ موڪلڻ کان اڳ آءُ مناسب ٿو سمجهان ته اوهان جي نظر مان گذري. مهرباني ڪري ان کي از سرِ نو درست ڪري بهترين مضمون ڪري موڪليندا ته شڪر گذار ٿيندس. ڇاڪاڻ ته  هي ايڏو مضمون آهي جنهن جي پنهنجي علمي وسعت موجب آءُ سمجهان ٿو ته باوجود محنت جي به مضمون نامڪمل رهجي ويو آهي، ان کي اوهان جهڙي ماهر جي نظر ئي مڪمل ڪري سگهندي. اميد ته خوش و خورم هوندا.

- زياده خيرو السلام، غلام مرتضيٰ

.......2........

• مورخ 10 جنوري 1960ع سن، دادو

جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: اسان جي جد بزرگ سيد حيدر عليه رحمت جو ساليانو ميلو، هن سال 2،3،4 شعبان مطابق30-31 جنوري ۽ پهرين فيبروري روز ڇنڇر- آچر- سومر تي ٿيڻ وارو آهي.

        ان موقعي تي صوفي ڪلام جي مجلس ۽ تصوف جي نقطن تي گفتگو ۽ روح رهاڻ ٿيندڙ آهي، ڪن مخصوص دوستن کي به ان موقعي تي مدعو ڪيل آهي، جن جا نالا، جناب مخدوم صاحب، آءِ آءِ قاضي صاحب، ميران محمد شاهه، انصاري، آغا عبدالغني، دادا منگهارام ۽ جويه محمد ابراهيم آهن، مون کي نهايت خوشي ٿيندي جيڪڏهن اوهان پنهنجي ديدار کان مشرف ڪرائي ويندا.

- غلام مرتضيٰ

...3...

برادرم ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: اوهان جو موڪليل دعوت نامو اڄ پهتو. يادگيري لاءِ مهرباني. گذشته دفعي شاهه ڀٽائي جي 14 جمادي الثاني مطابق 1966ع تي سڏايل بزم صوفيائي سنڌ جي مجلس ۾ شايد ڪثرت ڪاروبار ڪري اوهان اچي نه سگهيا. آئون ته واندو ويٺو آهيان پر ”تلڪ الايام نداولهابين الناس.“ مطابق تاريخ تي پهچي پنهنجي نامعلوم سيٽ والارڻ لاءِ تيار نه آهيان. بردارم ميران محمد شاهه سان اختيار ڪيل روش سندس هٿ اکرين مون وٽ موجود آهي. شڪر آهي جو اوهان گاڏو گهليندا اچو.

        اسان جي بزم صوفيانه سنڌ سرڪار سان ڪلچرل پروگرامن ۾ تعاون ڪرڻ لاءِ خط لکيو آهي. جواب جي انتظار ۾ آهيون.

- غلام مرتضيٰ

.........4........

مڪرمي ڊاڪٽر صاحب،

ڪالهه شيخ عبدالمجيد ۽ خانصاحب عبدالغفار خان وغيره ڀٽ شاهه تي ويا هواسون، رات هڪ بجه واپس ٿياسون. اڄ خان بادشاهه کي ڪراچي ۾ ضروري ڪم آهي، ان جي همرقاب اچڻ ٿيو آهي تنهن ڪري ان کي ڇڏي نٿو سگهجي. شاهه صاحب جي ميله جي موقعي تي ٻي جاءِ تي مجلس ڪرڻ سندس ميله ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي برابر آهي.ا ن ڪري اهڙي بدعت ۾ آءُ شامل ٿي نٿو سگهان. معاف ڪندا. اگر وزيرن جي سهوليت خاطر برادرم ميران محمد شاهه مجسل هتي مقرر ڪئي آهي ته سندس مرضي.

ڪتاب مهرباني ڪري ڏينهن ٻن ۾ درست ڪري موڪليندا. هاڻ صرف 14 صفحه رهيل آهن. هن کي وري ٻي دفعي لکڻو آهي ۽ ڇپائڻو آهي ڪافي دير ٿي ويئي آهي.

- غلام مرتضيٰ

محترم غلام محمد گرامي

حيدرآباد (1959-7-30)

محترم المقام ذوالمجد والڪرم جناب ڊاڪٽر صاحب،

السلام عليڪم: مدعائي گذارش اها آهي ته مهراڻ لاءِ ”سنڌي زبان جي تاريخ“ جي بقايا جي نوازش ٿئي، اهو مضمون، سارو نه پر ان جو انتخاب تازو نئين دنيا، بمبئي ۾ به آيل آهي. هونءَ به علمي ۽ ادبي ۽ تحقيقي مقالات متعلق، اختلافي راءِ جو پيدا ٿيڻ يقيني ۽ لابدي امر آهي. اوهان هن موضوع کي جنهن محققانه انداز ۾ نباهيو آهي. اهو نهايت زوردار ۽ مدلل آهي ۽ هينئر تائين پيدا ٿيل تحقيق ۽ نظريه جو علمي طور رد ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ جيڪڏهن ڪو هڪ اڌ، يا گروهه، اختلاف ڪري ته ڀلي ڪري. انهن جي مخالفت کي پنهنجي تي ڇڏڻ ڏيڻ گهرجي.

محترمي، اوهان مهرباني فرمائي ان موضوع کي جيئن شروع ڪري:

حاليا غلغله درگنبذ افلاک انداز

وانگر في الحال ته علمي دنيا ۾ انقلاب انگيز قدم کنيو آهي، تيئن ان جي باقي حصي جي به عنايت فرمائيندا ته موضوع تڪميل تي پهچي. اختلاف، انساني زندگي جي فڪري تعبير ۽ تاويل لاءِ مخلصانه چيز آهي، بيشڪ عناد ۽ مخالفت ئي مذموم آهي، جا هت ته ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، اوهان ته پاڻ مبارڪ جي لائق قدم کنيو آهي، ورنه ههڙي دور ۾ ڪير ٿو اهو ڪجهه لکي سگهي، جنهن تي مخلصانه ۽ محققانه طور ڪا راءِ قائم ڪيل آهي! اوهان جي خدمت ۾ مودبانه گذارش آهي ته مهرباني فرمائي ان موضوع ڏانهن توجهه فرمائيندا ۽ عنايت ڪندا.

گلهائِي رنگ رنگ سِي هي زنيت چمن،

اي ذوق اس چمن مين هي زيب اختلاف سي

”ذوق“

ڪن دوستن کان پتو پيو ته مهراڻ جي ايڊيٽوريل ۾ ڪجهه لغرش واقع ٿي آهي، ان متعلق اوهان فرمايو هو ته ٻه ٽي لفظ لکي موڪليندا. مهرباني فرمائي اهو نوٽ به عنايت فرمائيندا ته شايع ڪري ڇڏجي. اميد ته  اوهان خوش بهار هوندا. 

- غ. م. گرامي

محترم غلام يحييٰ

درجه چوٿون، هاءِ اسڪول خودن جتوئي (1958-12-12)

سائين جن!

بعد از تلسيم عرض ته ڪارڊ مبارڪ سائين جن جو عطا ٿيو. نهايت نوازش. جواب ۽ ڪارخدمت جي ادائيءَ تاخير سان ٿي آهي معاف فرمائيندا. غريب نواز روشن هجي ته آءُ متعلم آهيان عربي لاءِ تعليم جي فوراً حاصلات نه هئڻ سبب قرآن لغات وغيرهه تان منوهزار الفاظ الف، ب وار ترتيب وار گڏ ڪري لکيم. بلطف خدا ٽرمينل ۾ چڱو نمبر مليو.

        هاڻي وري سنڌي لوڪ ادب لاءِ شب روز مساعي رهندس، وقت تمام ٿورو ٿو ملي پڙهڻ جو ڪم به گهڻو آهي، براه ڪرم هنن ٻن لفظن بابت تمهيد فرمائيندا ته لاجورد ۽ الماس واحد آهن انهن جو جمع مون کي نه ملي سگهيو آهي ته الائي ڪهڙو ٿيندو.

        ٻيو ته ملفوظات روضه ڌڻي رحمت الله جي ڪٿان ملي سگهندي، ان بابت اڳي به عرض ڪيو اٿم.

        ٽيون ته سنڌي ڪتاب ڇپائڻو آهي جو ڏيپلائي صاحب جي پريس مان واپس آيو آهي ۽ شايد ان بابت به اڳي استدعا ڪيل آهي پر جواب عطا نه شد.

جت زور آور ذات مون کي ساڻ نه نين!

جي گهگهيرين گڏين، ته ٻين کي ٻيڻو ڪريان.

بنده جي خيال ۾ ته اسان جي جماعت ڏاڍي رحم واري هوندي آهي، ازانسواءِ حافظ صاحب فرمايو آهي ته ‎:

نظر کردن بدرويشان منافي و بزرگي نيست،

سليمان با چنان حشمت نظرها بود با لورش.

پته نه آهي ته ڀُل ۾ آهيان يا صحيح پنهنجي جماعت سڃاتي اٿم! وري ثاني عرض کي دهرائي التجا ٿو ڪريان ته ڪتاب جي ڇپائڻ لاءِ سائين جن مدد ڪري سگهندا. جي برابر ته ٻه اکر ان بابت پڻ انعام فرمائي ممنون فرمائيندا. مزيد ادب.

- غلام يحييٰ

محترم غلام نبي ڀنگر

جيڪب آباد (1958-4-29)

مڪرمي جناب ڊاڪٽر بلوچ صاحب،

السلام عليڪم عرض ته منهنجو خيال آهي ته هن سال پنهنجي ڇوڪري 9 سال ۽ ڇوڪري 11 سال عمر وارن کي حيدرآبادConvent ۾ داخل ڪريان. هت سندن تعليم ۽ تربيت جي ستياناس ٿي ٿئي. ٻئي سال جيڪڏهن اسان کي لطيف آباد ۾ پلاٽ ملي ويو ته انشاء الله مان پڻ حيدرآباد لڏي پاڻي ايندس.

        ڪا ماستري وغيره وٺي ڏيندا ته هاڻي هليو اچان. ڀلائي ڪري مون کي حيدرآباد جي Covent بنسبت پنهنجي نيڪ مشوره کان آگاهه ڪندا ته ڇا ڪجي.

- اوهانجو، غلام نبي ڀنگر

محترم مولوي غلام مصطفيٰ قاسمي

سنڌ مدرسه گرائونڊ، ڪراچي (........5-28)

حضرت العلامة الدکتور نبي بخش،

السلام عليڪم و رحمت الله برڪاته، مزاج گرامي- ”المتانة“ اٽڪل روءِ ڏيڍ مهيني کان ختم ٿي ويو آهي، ليڪن مقدمه جو آخري فارم ۽ فهرست جا ٻه فارم جن جا فائينل پروف به مهينه، ڏيڍ کان ڏنل آهن سي پريس وارن کان هن ڪري رهجي ويا هئا، جو  جنهن مشين تي اهو ڪتاب ڇاپيو ويندو هو سا ڪنهن پرزه ڀڄڻ ڪري خراب ٿي پيئي.20x26 سائيز جي وٽن ٻي ڪابه مشين نه هئي، هاڻي جڏهن پاڻ کي ان حقيقت جي ڄاڻ ٿي تڏهن منهنجي زور ڀرڻ تي اهي فارم ڏينهن ٻن ۾ ٻي ڪنهن پريس ۾ ڇپائي ڏيندا.

        جيڪي ڪجهه ڇپجي چڪو آهي اهي سڀ فارم مسٽر رباني اوهان لاءِ کڻي آيو هو، اميد ته پهچي ويا هوندا.

        نهج التعلم نهايت بهترين ڪتاب آهي، انهيءَ نهج جا ٻيا به ڪتاب آهن جي اميد ته اوهان جي ذهن ۾ هوندا، جهڙوڪ: تعليم المتعلم طريق التعلم للزر نوجي، رساله دانشمندي شاهه ولي الله صاحب رحه، شرح تهذيب تحفه شاهجهاني جي شروع ۾ به رساله انهيءَ موضوع تي آهي، احياء العلوم ۾ به هڪ باب تعليم ۽ تعليم جي آدابن تي آهي.


*  پهرئين مسودي جا ٻه جلد مون سيال صاحب ڏانهن راءِ لاءِ موڪليا هئا ۽ پاڻ مهرباني ڪري ڏسي موڪليائين. نبي بخش

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org