سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :36

- نياز مند، محمد اسماعيل

محترم ممتاز مرزا

حيدرآباد- ڪراچي (23 نومبر 1963)

جناب قبله سائين،

شيخ صاحب جي خط م پنهنجي بابت تنبيهه پڙهيم،خوشي ٿي. اوهان جي يادگيري ته هر وقت دل ۾ آهي، هر وقت انتظار رهندو آهي ته ڪڏهن اوهان خيرن سان واپس ايندا ۽ ملاقات ٿيندي. آفيس بابت ته خبرون شيخ صاحب جن لکيون هونديون. آءُ ڪجهه ٻاهر جون ادبي خبرون لکندس. جيڪي اوهان جي لاءِ دلچسپ ٿينديون.

ڪراچي مان هڪ نئين هفتيوار اخبار”ناخدا“ جي نالي نڪتي آهي. سندس پهرين پرچي جا ايڊيٽر شيخ عبدالرحيم (الوحيد وارو)، محمد عمر ڄاموٽ، رشِيد احمد لاشاري ۽ علي محمد مجروح هئا. ٻئي پرچي ۾ فقط محمد عمر ڄاموٽ ۽ رشيد احمد لاشاري ۽ ٽي پرچي ۾ رڳو محمد عمر ڄاموٽ جو نالو نظر آيو. بهرحال هاڻي مستقل اخبار نڪري پئي. ڪافي دلچسپ اخبار آهي. سندس مکيه متو شيخ اياز ۽ ان جي پوئلڳن تي تنقيد ۽ اجايون گاريون ڏيڻ آهي. هر پرچي ۾ ڪانه ڪا نئين ڳالهه هوندي آهي. بنيادي طور هنن جو اختلاف اياز جي ترجمن سان آهي، ساڳيءَ ريت رشيد احمد لاشاري شاهه جي رسالي جو اردو ترجمو، ناخدا ۾ شروع ڪيو آهي. هڪ سٽ سنڌي ۾، هڪ سٽ اردو ۾. لفظي ترجمو آهي، جنهن ۾ پڻ اهڙو رس ڪونهي. دعويٰ ته تمام وڏي ڪئي اٿن. خدا ڪري سندس اها ڪوشش به صاب پوي. ناخدا جي آخري پرچي ۾ ايڊيٽر معذرت ڪئي آهي ته ”اسان جديد ادب جا مخالف ڪونه آهيون، پر جڏهن ادب غلط ماڻهن جي هٿن ۾ اچي وڃي ٿو تڏهن ان مان اصليت نڪري وڃي ٿي.“ خبر ناهي انهيءَ وضاحت جو مطلب ڪهڙو آهي.

2- جويي صاحب مراد علي مرزا کي ڪجهه وقت سڏائي چيو هو ته تون سنڌي ايڪڊمي ۾ اچ. مون بندوبست ڪيو آهي. وري راشدي صاحب سڏايس پر نتيجو ڪو خاطر خواهه ڪونه نڪتو. ويچاري کي اجايو پنڌ ڪرايئون. بهرحال همراهه هاڻي وري مطمئن آهي. ريڊيو تي کيس سٺو عهدو مليو آهي. پگهار به سٺا آهن. ڪلاس ٽو گزيٽيڊ پوسٽ آهي.

3- ”سراج“ سنڌي ٻولي جي تاريخ تي ڪتاب پيو ڇپرائي. اوهان جي قائم ڪيل نظرين جي، جن پڙهيو آهي سي چون ٿا، هروڀرو مخالفت ڪئي اٿس.جڏهن مقصد فقط مخالفت هوندو آهي، تڏهن ڪا چڱي شيءَ جو پيدا ٿيڻ ڪجهه مشڪل آهي. بهرحال اهو ڪتاب ڇپجي پيو ۽ چون ٿا ته عنقريب مارڪيٽ ۾ اچي ويندو.

4- ”هندي ۽ سنڌي شاعري جو لاڳاپو“ بزم طالب الموليٰ وارن ڪتابي صورت ۾ ڇپايو پئي، اوهان درست نه ڪري ڏنو هو.94-95 صفحا ڇپيو هو ته اسد الله شاهه حسيني ڪتاب کي بند ڪرڻ جو حڪم ڏئي لنڊن ڏانهن روانو ٿيو، جتي هو غالبا ڊاڪٽريٽ ڪندو. توقع آهي ته انهن جي واپس اچڻ کان پوءِ اهو ڪتاب ڇپجي تيار ٿي شايع ٿيندو.

5- رسالي نئين زندگي جي اداري ”شاعرن جو سرتاج“ ڪتاب شايع ڪرايو آهي، جيڪو بيگم مرحومه دائودپو ته ايڊٽ ڪيو آهي، ان ۾ اوهان جا ٻه ٽي مضمون شامل آهن.1- شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت،2- شاهه حبيب جو ڪٽنب ۽ 3- شاهه جي رسالي جي آئنده تحقيق، چڱو مجموعو آهي، سُٺا سُٺا مضمون هڪ جاءِ تي گڏ ٿي ويا آهن.

6- سنڌ يونيورسٽي مان 18 شاگرد ڊبارٽ (ڪڍيا) ڪيا ويا آهن، تن مان ڪن گڏجي هڪ پمفليٽ شايع ڪرايو آهي، جنهن ۾ رجسٽرار کان وٺي اسٽنٽ ڪنٽرولر ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ کان وٺي ٽيوٽر تائين سڀني جي لاءِ ڪي نه ڪي ڳالهيون لکيون اٿن. اوهان جي نالي به ڪجهه لکيو اٿن. ڊاڪٽر هاليپوٽي، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ، ڊاڪٽر جتوئي، سنڀي کي رهڙي ڇڏيو اٿن. سڄي حيدرآباد جا شاگرد انهي مسئلي تي گڏجي هڪ ٿي ويا آهن. ڪلهه ڪاليجن جي سمورين جماعتن جي ميٽنگ ٿي جنهن ۾ ڪي فيصلا ڪيا ويا آهن. خبر ناهي ته ڇا ڪندا.

7- يونيورسٽي ۾ اليڪشن جو چڪر پيو هلي. ڪافي گوڙ گهمسان آهي. شاگردن جو هڪ طبقو انهيءَ تي بضد آهي ته اسان انهن کي ووٽ ڏينداسين جيڪي ذريعو تعليم سنڌي توڙي اردو ۾ ڪرائيندا.

8- عبدالڪريم لغاري، قاضي علي احمد تي تنقيدي ڪتاب ڇپايو هو، ان جي جواب ۾ جويي صاحب جن جي گروپ، سراج جي ٻن ڀائرن جي نالي ۾ انگريزي ۾ پمفليٽ شايع ڪرايو آهي. انهيءَ ۾ به اوهان جي نالي ڪجهه ڳڙ ٻڙ لکي اٿن، ته ڊاڪٽر بلوچ جو لاڏلو لغاري عبدالڪريم،........ صاحب جي وڃڻ کان پوءِ مڇرجي پيو ۽ اها ڦڪڙي ڊاڪٽر بلوچ جي ڪوشش سان آئي آهي. وغيره. بهرحال جتي به هنن کي موقعو ملي ٿو اوهان سان ڪونه ڪو وير پارين ٿا. خدا کين ساڃهه ڏني ته ڪجهه سمجهن.!

9- سنڌ ۽ ڪراچي جي تعليم کاتي مان 22 سو ٽيچر ۽ 17 سئو پٽيوالا نوڪريءَ مان ڪڍيا اٿن، ڪافي بيروزگاري وڌي وئي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي بنهه چوٽ چڙهي وئي آهي، سچ پچ نفسا نفسي وارو درو آهي، ڪير ڪنهن جو ساٿي ۽ ساڻي ڪونهي، هرڪو پنهنجي ۾ پورو آهي.

10- اوهان کي ٻڌي افسوس ٿيندو ته منهنجو چاچو ميرزا امام بخش 28 سيپٽمبر 1963ع تي فوت ٿي ويو.

11- عبدالڪريم لغاري کي سنڌ ايڪڊمي مان ڪڍي ڇڏيئون ۽ ان جي جاءِ تي عارضي طور تي محرم خان کي مقرر ڪيائون، پر ٽن چئن ڏينهن کان پوءِ اهو به اتا بدلي ڪرائي سنڌي ڊپارٽمينٽ ڀيڙو وڃي ٿيو آهي، کيس هڪ انٽرويو ۾ چونڊيو ويو هو.

12- اسلام (وائيس چانسلر جو پي اي ۽ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز ڪميٽي جو آفيس سيڪريٽري) مون کي گذريل سال آيل مضمون ۽ شعر ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ڏنا، آءُ اهو ڪم گهر کڻي ويو آهيان....اڃان ڇپائي جو حڪم ڪونه مليو آهي، نه ئي ڪو وڌيڪ ڪم شروع ٿيو آهي.انهيءَ بابت ڪو اوهان جو حڪم احڪام هجي ته لکندا، ته انهيءَ بابت ڪم ڪجي.

13- مولانا حبيب الله صاحب اوهان کي جهجها جهجها سلام چئي ٿو. محمد طالب لوهار سلام چئي ٿو. ٻئي سڄي سنگت جا سلام مطالع ڪندا.

- ممتاز مرزا

.......2........

مورخ 5 فيبروري 1963ع حيدرآباد

قبله ڊاڪٽر سائين،

السلام عليڪم، اوهان جو خطڙو مليو، پڙهي خوشي ٿي، خط مختصر پر دلچسپ هو، عزت افزائي لاءِ مهرباني.

اوهان اسان کا هزارين ميل پري آهيون، ۽ اڄ اوهان کي هتان رواني ٿئي ڀريا پنج مهينا ٿيا، پر اڄ به اهو ئي احساس ته جهڙوڪر اڄ اسهيا آهيون.

بهرحال، خبرون چارون خير، اوهان ميار رکي ته ’ڊاڪٽر جتوئي وڃي لنڊن پهتو، ۽ مسٽر الانا حيدرآباد، انهن جا ڪي احوال ڪونه لکيم‘ اڄ انهن جون خبرون ٿو لکان. ڊاڪٽر جتوئي صاحب ته خيرن سان روانو ٿيو، ان جون خبرون هڪڙيون کيس ٻيون انهن کي جن سان خط و ڪتاب اٿس. باقي مسٽر الانا بقول مولا حبيب الله صاحب ته” ٽڪا ئي پاڻي ۾“ ڪري آيو آهي. اچڻ سان مراد علي مرزا کي سڏائي چيائين ته توکي سنڌي ڊپارٽمينٽ ۾ ٿو نوڪري وٺي ڏيان. اهو ويچارو خوش، پٺيان اها ڳالهه وٺي هلايائين ته مولانا حبيب الله، رجسٽرار صاحب ۽ ڊاڪٽر هاليپوٽي کي چيو آهي ته مراد علي مرزا ڊاڪٽر بلوچ جو ماڻهو آهي، ان کي نوڪري ڌيڻ لاءِ نانگ پالڻ برابر، سڄي سنگت (پنهنجي) ۾ ڏڦيڙ وجهي ڇڏيائين. جڏهن مولانا کان خبر چار پڇيسين تڏهن ويچاري انڪار ڪيو. ۽ الانا کي وڃي ڇندڪڍيائين. جواب ڏنائين ته مون ته رڳو ڀوڳ ڪيو هو! ٻيون خبرون الانا صاحب جون هي آهن ته ٻن سالن جي لنڊن جي زندگيءَ جا اسان کائونس حالات پڇيا، ٻن سالن جون خبرون ٻن منٽن ۾ ٻڌائي وڃي ڇيهه ڪيائين.

دنيا گذر جو مقام آهي، الائجي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو لڏيندا پيا وڃن. مير غلام علي کانپوءِ ميران محمد شاهه به وفات ڪئي. عجيب ماڻهو هو.جهونو ماڻهو سدائين پيو ڳائيندو هو. اوهان جو ذڪر نهايت مزي سان ڪندو هو. چي: بلوچ ڪم ڪري ڄاڻي محنتي آهي پر ڪنهن چوڻ وانگر”من ڪهڙا مامرا، چرين ڪهڙا چت“. آفيس بابت خبرون هميشه محمد اسماعيل صاحب لکندو آهي، پر اڄ ڪي ڳالهيون اوهان جي خدمت ۾ پيش ڪريان ٿو. اوهان جي اسهڻ کانپوءِ، بورڊ وارا اسان کي وقت بوقت جيڪي تڪليفون ڏيندا رهيا آهن اهي درگذر باقي نئين ڳالهه هيءَ پيدا ٿي آهي ته بورڊ ايڊيٽرن جو هڪ ادارو قائم ڪندي جنهن ۾ به ٻه محقق ۽ ڄاڻو ڪم ڪندا. انهن جي حوالي هيٺيان ڪم رهندا.(الف) سنڌي لغت جي تڪميل (ب) لوڪ ادب جي تڪميل (ج) سنڌ جي تاريخ جي تڪميل (د) نون ڪتابن جا ترجما، چڪاسڻ ۽ درست ڪرڻ،انهيءَ اداري جو مکي بورڊ جو اعزازي سيڪريٽري رهندو، سڄو ڪم ان جي نگراني ۾ هلندو. اداري جي آفيس بورڊ جي هيڊ آفيس ۾ رهندي. لوڪ ادب ۽ لغت اسڪيم جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر بلوچ صاحب رهندو. سنڌ جي تاريخ جو ڪم ڪراچيءَ ۾ پير حسام الدين جي نگراني ۾ ٿيندو، ان صاحب کي اتي ٻه لائق ايڊيٽر، هڪ ڪلارڪ ۽ هڪ ٽائپيسٽ ملندو اهو فيصلو بورڊ جي هڪ ميٽنگ ۾ ٿيو آهي،هر هڪ ايڊيٽر جو پگهار 250 رپين کان وٺي 760 تائين رهندو. الائونس تنهن کانسواءِ، ڪجهه ڏينهن ٿيا جو جويي صاحب اسماعيل صاحب کي سڏائي چيو ته ”اسان اوهان کي انهيءَ اداري ۾ بحيثيت هڪ ايڊيٽر جي کڻون ٿا، جيئن ته اوهان ڊاڪٽر سان ٻن اسڪيمن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيو، تنهنڪري آساني رهندي“. وڌيڪ شيخ صاحب کي چيائين ته: اوهان لاءِ ٻه صورتون آهن، يا ته واپس ماستريءَ ۾ هليا وڃو، يا هتي اچو. جنهن تي شيخ صاحب پڇيس ته: ڀلا هي لوڪ ادب جي جيڪا آفيس هلندڙ آهي ان جو ڇا ٿيندو، چيائين ته اها بند ڪبي، ۽ سمورن ملازمن جي نوڪري ختم . اوهان ڪاغذ پٽ، سامان سڙو کڻي هتي اچو. شيخ صاحب وراڻيس ته: پوءِ سائين انهيءَ لاءِ ڊاڪٽر صاحب سان خط و ڪتابت ڪريو، جيئن اهو حڪم ڏي تيئن ڪبو. (الائجي جويي اوهان کي خط لکيو ڪي نه؟) اسان جو خيال آهي 31 ڊسمبر 1963ع تي اسان کي هتان برخواست ڪندا. ماحول ڪجهه اهڙو اچي بيٺو آهي جو ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته اڳتي ڇا ٿيندو، هن وقت مون کي پير حسام الدين صاحب جا لفظ ياد اچن ٿا، جيڪي شيخ صاحب کي چيا هئائين ته منهنجي پاران لکجو. چيائين ته :”ڊاڪٽر کي لکو ته جيڪڏهن وڌيڪ پڙهڻ جو ارادو آهي ته پوءِ اسان يقين سان ٿا چئون ته اوهان اڳئي ڪافي ڪجهه پڙهيو آهي، هاڻي جيترو جلد ٿي سگهي واپس وطن وري اچو، جو ماحول ۽ حالتون اهڙيون خراب ٿي ويون آهن، جو اوهان جو هتي هجڻ نهايت ضروري آهي.“ اهو نياپو اسان فقط انهيءَ ڪري ڪونه موڪليو جو چيوسين ته اجايو اوهان پريشان ٿيو، تنهن ڪري درگذر ڪيوسين. هاڻي جڏهن اسان جي سر تي ٻري آئي آهي تڏهن سڀ لکيو اٿم.

بهرحال اسان به پنهنجي پر ۾ اهو فيصلو ڪيو آهي ته جيستائين اوهان نه ايندؤ، تيستائين اسان آفيس ڪونه ڇڏينداسين، نه ئي ڪو ڪاغذ جو پرزو بورڊ جي حوالي ڪنداسين. وڌيڪ جيڪو اوهان جو حڪم ٿيندو. هن آفيس جي سمورن ڪارڪنن پنهنجي سچائي ۽ خلوص سان هر ڪم ڪيو آهي.ا سان سڀني کي انهيءَ ڳالهه تي فخر آهي ته اسان اوهان جي نگرانيءَ ۾ ڪافي پرايو آهي، جيڪو اسان کي سڄي عمر ۾ وک وک تي ڪم ايندو. اسان جي خلوص ۽ نيڪ نيتي کي جيڪڏهن شڪ سان ڏٺو وڃي ته پوءِ انهيءَ کان وڌيڪ ارمان جهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي. انهيءَ سلسلي ۾ شيخ صاحب ڪجهه وڌيڪ تفصيل سان پڻ لکندو. هن سلسلي ۾ اوهان جي تفصيلي راءِ جو انتظار رهندو، انهيءَ سلسلي ۾ وڌيڪ جيڪڏهن جويي صاحب سان خط وڪتابت ڪريو ته ايئن جيئن اسان لاءِ ڪا نئين مصيبت نه پيدا ٿي.

دل چئي ٿي ته اوهان وٽ ڪلاڪ ٻن لاءِ اچي اتي (نيويارڪ) ڪچهري ڪجي، ماني کائجي ۽ گهٽيون گهمجن، جيڪڏهن ڪو بلو ٿئي ته اسان کي به کڻي سڏايو ته اتي ئي لوڪ ادب جو ڪارخانو کولي آرام سان ويهي ڪم ڪريون. روايت آهي ته انهن ملڪن ۾ ڪم وارن ماڻهن جو مان آهي ۽ سڀ انهن جي همت افزائي ڪن ٿا ۽ هن ملڪ ۾ ته ڪم ڪندڙن لاءِ وک وک تي روڙا اٽڪايا ويندا آهن. الائجي ڪڏهن اسان ۾ اهڙو شعور پيدا ٿيندو.؟

اڄ ڪلهه حيدرآباد ۾ ادبي سرگرميون ڪجهه گهٽيون آهن. ملڪ ۾ سيءَ گهڻو آهي. هن سال هتي سيارو پنهنجي شروعات برسات سان ڪئي، خدا خير ڪري اڳتي ڪهڙيون سرديون اينديون. هن 30- نومبر 1963ع تي رات جي نوين بجي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وارن سگهڙن جي ڪچهري ڪئي، جنهن ۾ ٻيڙو، حاجي فقير مهيسر، لعلڻ لغاري، حسين فقير(نڙ بيت)، قاضي الهورايو، طالب پالاري ۽ شمن فقير شريڪ ٿيا. ڪچهريءَ ڏاڍو رس ڪيو، جيئن بيتن ۽ ڏورن، ڳجهارتن، ۽ هنرن جي ڏي وٺ ٿيندي آهي. تيئن ٿيو، حيدرآباد ريڊيو جي تاريخ ۾ اهڙي ڪچهري ڪانه ٿي هوندي. ماڻهو به دعوت ڏئي گهرايا ويا هئا. تمام سٺا ۽ سمجهو ماڻهو آيا هئا.

سائين جن هاڻي الاجي خيرن سان ڪڏهن ايندا؟ منهنجو هڪ ذاتي عرض آهي، جيڪڏهن تڪليف نه ٿئي، ۽ حالتون اجازت ڏين ته مون لاءِ اتان، انهيءَ ملڪ مان ڪا ڪئميرا فليش گن سميت خريد ڪري اچجو. جيڪڏهن نه ته پوءِ مڙئي خير آهي، سلام مراد علي مرزا، محمد بچل، محمد يوسف جا مطالع ڪندا، ٻيو ڪُل خير، جواب ڏيڻ جي تاڪيد انهيءَ ڪري  ڪونه ٿو لکان جو هڪ مهيني ۾ هڪ خط مڙس ماڻهو لاءِ بارڪونهي، ۽ اشراف ماڻهو لاءِ ڪافي آهي“. اوهان جو نيازمند

- ممتاز مرزا

........3.......

• مورخ 3 جنوري 1964ع حيدرآباد

قبله ڊاڪٽر سائين، تسليم!

نئون سال مبارڪ!، زندگي جوهڪ سال پنهنجن مخصوص هنگامن سان گهٽجي ويو، نئون سال شروع ٿيو، نيون امنگون ۽ نوان جذبا ۽ پروگرام اکين آڏو آهن، اڳتي وڌڻ جي تمنا ۽ خواهش آهي، ڌڻي تعاليٰ اسان کي پنهنجن ارادن ۾ ڪامياب ڪري!

اوهان پنهنجي گذشته ”خطڙي“ ۾ مون لاءِ جيڪا راءِ لکي آهي، انهيءَ لاءِ اوهان جو شڪر گذار آهيان، جيڪڏهن اوهان جي ۽ شيخ صحب جي صحبت ۾ رهندي ايترو ڪجهه به حاصل نه ڪيوسين، ته پوءِ حيف آهي اسان جي حال تي.

ملڪ جا حال احوال هن پر آهن جو ڊسمبر جي مهيني ۾ يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي طرفان هڪ سيمينار (بقول الانا صاحب) انگلش نموني تي منعقد ڪيو ويو، شمشير الحيدري کي مونو گراف بعنوان”سنڌي ۾ آزاد نظم“ پڙهڻو هو، ۽ مولانا غلام محمد گرامي کي صدارت ڪرڻي هئي. عجيب لطيفو هيءَ ٿيو جو دعوت نامن ۾ ڪنهن به هڪ تي صحيح وقت درج ڪونه ٿيل هو، ڪنهن تي چار، ڪنهن تي ساڍا چار، پنج، ساڍا پنج، وقت لکيل هو. قضا سان، روايت آهي ته چئين بجي وارو دعوت نامو محترم بلاول پرديسي کي مليو. ويچارو پوڻي چئين بجي بي ٽي هال (جنهن ۾ سيمينار منعقد ٿيڻو هو) جي ٻاهران اچي بيهي رهيو. ساڍي چئين هال کليو ۽ بلاول صاحب ويٺي صفائي وغير ٿي، پنجين بجي الانا صاحب آيو، پوءِ گرامي.... پوءِ آهستي سڀ همراهه اچي گڏيا. صدر حاضر،ٻڌندڙ حاضر پر مقاله نويس غائب، خير، ساڍي ڇهين بجي حيدري صاحب لڏندو لمندو حال ۾ پهتو. چي مون سمجهيو هو ته پروگرام ساڍي ڇهين ٿيندو! بهرحال ڪارروائي شروع ٿي،تلاوت کان پوءِ الانا صاحب پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ فرمايو ته هن قسم جو سيمينار سنڌ ۾ پهريون ڀيرو پيو ٿئي، مقالو پڙهيو ويندو، پوءِ ان تي بحث ٿيندو، جنهن سوال جو جواب مصنف خاطر خواهه نه ڏيندو ان جو جواب ان استاد کي ڏيڻو پوندو، جنهن جي نگراني ۾ شاگرد مقالو لکيو. شمشير آهي ته برابر منهنجو شاگرد، ۽ منهنجي چوڻ تي ئي انهيءَ موضوع تي اهو مقالو لکيو اٿس، پر افسوس جو آءُ آزاد نظم جي فن مان واقف نه آهيان پاڻ پنهنجي سر جواب ڏئي جند ڇڏائيندو، باقي آءُ سندس ڪا مدد ڪونه ڪري سگهندس“ انهيءَ افتتاحي تقرير کان پوءِ شمشير صاحب پنهنجو مقالو پڙهيو، جڏهن پڙهي دنگ ڪيائين تڏهن هال ۾ ماحول نهايت غير سنجيده هو، هرڪو ماڻهو کل ڀوڳ ۾ لڳي ويو، ڪي صاحب تي هاسيڪار شمشير کي تنگ ڪرڻ لاءِ تيار ٿي آيا هئا. هنن واقعي شمشير کي ڪڪ ڪري ڇڏيو. جواب ئي نه ڏئي سگهيو. آخرڪار مولانا گرامي شمشير کي چيو ته پنهنجن”بابن کي جواب ڏي!“ انهيءَ سيمينار ۾ اجهو اهو سنجيدو ماحول هو. سچ پچ مون کي پنهنجي ملڪ جي اديبن ۽ دانشون جي انهيءَ حال تي نهايت ارمان ٿيو. اديب ۽ شاعر ملڪ ۽ قوم جا سڌاريندڙ ۽ اخلاق جا علمبردار آهن، پر جيڪي پاڻ کي اخلاق جا عملبردار ٿا سمجهن انهن جي اهي حال آهن، ۽ استادن جا حال اهي جو هو پنهنجي شاگردن جي جند ڇڏائي نٿا سگهن، جنهن موضوع تي دسترس نه هجي، اهو پنهنجي شاگردن کي ڏئي ئي ڇو جو پوءِ سٿ ۾ پشيمان ٿجي!

انهي سيمينار کان پوءِ هڪ ٻيو به سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن جي صدارت قاضي نبي بخش صاحب ڪئي. البت انهيءَ ڀيري ڪجهه سنجيدگي هئي خدا اسان جي پڙهيل ڪڙهيل طبقي کي سمجهه ۽ شعور ڏئي.

سڀاڻي کان قلندر شهباز جو ميلو شروع آهي. ادبي ڪانفرنس به ٿيندي، جنهن جي صدارت ذوالفقار علي ڀٽو صاحب ڪندو. بنيادي جمهوريتن جي ميمبرن جو ميڙ به ٿيندو جنهن جي صدارت وري محمد خان جوڻيجو، وزير صحت، لوڪل باڊيز ۽ بنيادي جمهوريت اولهه پاڪستان ڪندو، ماڻهن شايد ڀٽائي صاحب کان ڪڪ ٿي قلندر ڏي منهن ڪيو آهي، ٻنهي تقريبن لاءِ پنجاهه هزار روپيا منظور ڪيا ويا آهن. اديبن ۽ شاعرن کي دعوتن ۽ ڀاڙا ڏنا ويا آهن.

هر خط ۾ افسوس آهي جو افسوسناڪ خبرون (شايد) مون ئي لکيون آهن. ڊسمبر جي مهيني ۾ مولانا حبيب الله جو والد صاحب وفات ڪري ويو، ان کان پوءِ شيخ محمد اڪرم اڳوڻو چيف انجنيئر ۽ پبلڪ سرورس ڪميشن جي ميمبر وفات ڪئي. سال 1963ع نهايت ڳرو ۽ نقصانڪار ثابت ٿيو، ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو هليا ويا.......... ڪنهن جو نالو کڻي ڪنهن جو کڻجي!

بورڊ جو رويو هاڻي البته بدليل ٿو ڏسجي. اسان پير صاحب سان روبرو خبر ڪئي هئي ته هيءَ آفيس هتان ايستائين نه کڻڻ ڏينداسين جيستائين ڊاڪٽر صاحب نه اچي. پير صاحب وري جويي صاحب کي چيو، جنهن غالباً سندس تجويز منظور ڪئي آهي جو في الوقت اڃان اهڙو ڪو حڪم احڪام ڪونه مليو آهي، اڳتي ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.

ڪلهه حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر جناب ابونصر صاحب هڪ پريس ڪانفرنس ۾ ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز لاءِ چيو ته ”عنقريب ثقافتي مرڪز طرفان ڀٽ شاهه تي هڪ ميوزڪ اسڪول ۽ آرٽ اسڪول کوليو ويندو.“ تجويز ته اڳي جي هئي، شايد عمل ۾ هاڻي اچي!

ٻڌجڻ ۾ پيو اچي ته سائين جن اتي ڪو تحقيقي ڪم پيا ڪن. ڇا اهو خالص تعليمي مسئلو آهي يا ڪو ٻيو ادبي يا فني معاملو آهي. خوشيءَ جي ڳالهه (۽ ٻين لاءِ حيراني جي ڳالهه) اها آهي جو اوهان ايڏي مصروف ملڪ ۾ وقت بچائي لوڪ ادب جي ڪتابن جا مقدما ُوغيره پيا لکو. باقي حسرت آهي جو ”شاهه عنايت جو رسالو“ اڃان اتي جو اتي پيو آهي، جيڪڏهن فرصت ملي ته ٻه قلم زور جا ان تي وهائي ڇڏيو.

- ممتاز مرزا

..........4.........

• مورخ 8 فيبروري 1964ع حيدرآباد

قبله ڊاڪٽر سائين، تسليم،

اول ته دير سان خط لکڻ لاءِ معافي چاهيان ٿو، جو هتي عجيب و غريب موسم ۽ ان جي ڦير گهير ڊاهي ڇڏيو، چاق ٿيڻ کانپوءِ پهريون ڪم اوهان کي خط لکڻ جو پيو ڪريان.

اتي اوهان جي ڪم جي رفتار ڏسي اسان کي سچ پچ حيرت لڳي ٿي. نيويارڪ جهڙو شهر جنهن ۾ هزارين مصروفيتون، الائجي ڪهڙا ڪهڙا ڪم، انهيءَ هوندي به سنڌ بابت ايترو ڪم! اهو اوهان جي وس جي ڳالهه آهي، ٻيو ڪو ائين نه ڪري سگهندو. خدا اوهان کي توفيق عطا فرمائي ۽ قلم ۾ اڃا به وڌيڪ تيزي ۽ زور پيدا ڪري. اسان جي ملڪ ۾ جيڪڏهن اوهان جهڙا ڏهه ماڻهو پيدا ٿي پون ته اسين الائجي ڪيترو اڳتي وڌي وڃون. پنهنجي ڪم سان دلچسپي ۽ محبت هر ڪنهن کي هئڻ گهرجي ۽ بنا ڪنهن خيال ۽ لالچ جي فقط خدمت ڪرڻ جي لاءِ اسان کي ڏاڍو ارمان ٿيندو آهي ته ماڻهو چوندا آهن ته ”اوهان ڪهڙو ٿا ڪم ڪريو!“ اسان انهن سان وڙهون ته چون نه توهان ڇو نه ڊاڪٽر جو پاسو کڻندو، جو ان وٽ ويٺا آهيو، هڪڙي کي مون چيو ته ”ڀاءُ، ايئن پري ويهي ڳالهيون ڪرڻ مناسب ڪونهن، چڱن چيو آهي ته انهيءَ ڳالهه تي ڪن نه ڌرجي جيڪا پاڻ نه ڏٺي هجي، توهان ڊاڪٽر صاحب جي قريب اچي ته ڏسو، پوءِ اوهان کي خبر پوندي ته ڪم ڪير ٿو ڪري ۽ ڪيئن ٿو ٿئي!“ پر جن ماڻهن کي محض مخالفت ڪرڻي آهي، انهن جو وات بند ڪرڻ ته ممڪن ئي ڪونهي، پوءِ دل ۾ اهو چئي ماڻهو مطمئن ٿي ويندو آهي ته ”قلندرن پٺيان.........“

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org