سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: سڄڻن جا سلام

باب:

صفحو :37

گذريل هفتي درازن ۾ سچل سرمست جي سالياني ميلي جي موقعي تي سچل ڪوآپريٽو سوسائٽي جي طرفان ٽي ادبي نشستون ڪيون ويون، هڪ ۾ محبوب علي چنه صاحب، مهمان خصوصي، ڪمشنر خيرپور ڊويزن جي خدمت ۾ سوسائٽي پاران سپاسنامو پيش ڪيو، ۽ ٻن ٻين نشتن ۾ هادي بخش لاڙڪ؛ آخري نشست جي صدارت اولهه پاڪستان جي وزير ريلوي، مواصلات ۽ تعميرات محمد خان جوڻيجي ڪئي

جوڻيجو صاحب هن وقت حيدرآباد ۽ خيرپور ڊويزن ۾ ڀٽي صاحب وانگر ڪافي مقبول ٿي ويو آهي، ڪابه اهڙي ڳالهه نٿو ڪري جنهن سان ڪنهن کي ڏک رسي. تقرير به چڱي ٿو ڪري صاحب موصوف وعدو ڪيو آهي ته ڀٽ شاهه وانگر هتي به هڪ ڪلچرل سينٽر ٺاهيو ويندو، هاسٽل وغيره پڻ تعمير ڪئي ويندي

ٻيا آفيس جا حال احوال ٺيڪ آهن ۽ ڪم بدستور هلندڙ آهي، هاڻي اوهان جي آمد جو انتظار آهي. اڄ ڪلهه سيءُ گهٽ آهي، بهار جي آمد آهي، وڻ نوان گونچ ڪڍيا آهن، اڄ سڄو ڏينهن  آسمان تي ڪڪرن جو هلڪو تهه ڇانيل رهيو، جنهن ڪري موسم نهايت خوشگوار آهي، ماڻهن ڪوٽ لاهڻ شروع ڪيا آهن. فقط سوئيٽرن ۾ پيا هلن.

سڄي سنگت سلام عرض ڪري ٿي، خصوصاً مراد علي مرزا گهڻا گهڻا سلام چيا آهن. شاهه عنايت جا پروف اسان موڪليا آهن. شايد اوهان تائين پهتا هجن. انهيءَ ڪتاب جي شايع ڪرڻ جو ڪيڏو نه شوق هو، ۽ ڪيڏي نه تيزي سان ڪم پئي ٿيو، جنهن ۾ رب راضي!

اسان اوهان کي ياد آهيون، اوهان اسان کي ياد آهيو، هاڻي اوهان الائجي ڪڏهن ايندؤ؟ اڪثر اها ڳالهه اوهان ٽاري ڇڏيندا آهيو. ايئن ته ڪونه ٿيندو ته اوچتو ئي اوچتو هڪ ڏينهن اچي نڪرندؤ؟    

- ممتاز مرزا

......5.......

• مورخ 21 آگسٽ 1974ع (پاڪ ٽيلي ويزن) ڪراچي

قبله سائين،

السلام عليڪم: عرض ته مون کي انهيءَ ڳالهه جو ڀلي ڀت احساس آهي ته اوهان جو وقت نهايت قيمتي آهي، پر آءُ اهو عرض ڪندس ته هي ٻه چار گذارشون اوهان ضرور پڙهو(ڊاڪٽر صاحب وائيس چانسلر هو)

قبله سائين، آءُ دعويٰ سان چوندس ته دنيا ۾ جنهن هستي جي مون عبادت ڪئي آهي، اوهان جي شخصيت آهي. اوهان منهنجا محسن آهيو، اوهان جي محبت ۽ احسان مون کي جنهن منزل تي پهچايو آهي، شايد ڪنهن ٻئي کي انهيءَ مرتبي تي رسايو هجي. ويجهڙائي ۾، مون اوهان جي احسانن جو، بقول ڪن دوستن جي، غلط فائدو ورتو آهي، ۽ انهيءَ کان وڏو عذاب مون جهڙي ماڻهو لاءِ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو. اوهان جا ڀال آءُ ڪڏهن به  وساري نه سگهندس، جتي هوندس، جيسين جيئندس پيو ڳائيندس. آءُ هڪ وڏو عرصو اوهان جي خدمت ۾ رهيو آهيان ۽ انهيءَ دور ۾ اوهان جي شفقت ۽ محبت ايتري رهي جو آءُ آسمان تي پهچي ويس، پر يونيورسٽي ۾، آخري دور ۾! اوهان جي خدمت ڪندي، مون کي اهو احساس ٿيو ته آءُ هڪ اجايو ماڻهو آهيان، ۽ يونيورسٽي جهڙي اداري ۾ خوام خواهه جو بار آهيان..... اوهان خود، انهيءَ قسم جو اظهار ڪيو ته ”ماڻهو چون ته ممتاز يونيورسٽي جو ڪو ڪم نٿو ڪري.....“ جيتوڻيڪ اوهان جي علم ۾ آهي ته جيڪو وقت رهيس وقت جو پابند رهيس، ۽ جيڪي اوهان جي طرفان حڪم مليا، انهن جي بجاوري ڪندو رهيس..... جنهن به ڪم جي لائق سمجهيو ويو، منهنجي ذات جي ڪري اوهان جي باري ۾ احتجاج ٿيو......... اوهان انهيءَ کي برداشت ڪري مون تي احسان ڪيو، پر منهنجي روح ڪڏهن به انهيءَ ڳالهه کي قبول نه ڪيو ته منهنجي ڪري اوهان جي لاءِ ڪا تڪليف پيدا ٿئي. اوهان سڄي عمر مون لاءِ خود اعتماديءَ جي راهه واضح ڪئي، پر هن دوا ۾ مون مان خود اعتمادي ختم ٿي وئي........۽ اوهان اڳ سدائين محبت سان سڏيو، ان طرفان رکائي مون کان انهيءَ سڄي عرصي ۾ سٺي نه ٿي........الائجي ڇو. شايد اهو سچ آهي، جنهن جي عبادت ڪجي ان جي ملازمت نه ڪجي. اوهان منهنجا عظيم محسن ۽ اڳواڻ آهيو: اوهان جي آڏو ڪو گفتو ڪڍڻ گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ نهايت مشڪل آهي: اهو ئي سبب آهي جو هيءَ گذارش عرض پيو رکان.

اوهان کان ائين هليو اچڻ، منهنجي لاءِ گهٽ عذاب آهي؟ هر گهڙي اوهان جي ناراضگي اکين آڏو اٿم. احساس اٿم ته صحيح نه ڪيو اٿم. پر لاچار ٿي اهو گس اختيار ڪيو اٿم. آءُ دغاباز نه آهيان......... آءُ اوهان جو اڳ به سچو سرويچ هئس ۽ هاڻي به آهيان ۽ اوهان چاهيون يا نه، سدائين رهندس. اسان اوهان جي شان ۽ احترام کي پنهنجي حياتيءَ جو اصول بنايو آهي، تنهن ڪري اسان جي طرفان انهيءَ اصول کي برقرار رکڻ ۾ ڪوتاهي نه ٿيندي.

قبله سائين، انهيءَ عمر جي ڊگهي عرصي ۾ اسان کي ڇاڇا نه چيو ويو، اسان سڀ ٻڌو ۽ انهن جا جواب پئي ڏناسين....اهو ئي  اسان جو فرض هو. نتيجي طور اسان جتي ڪٿي ناپسنديده شخص قرار ڏنا وياسين. وڏي خوشيءَ سان قبول ڪيوسين. پر انهيءَ سڄي مانڊاڻ ۾ جيڪڏهن اوهان به ”ڌارائي“ وارو ورتاءُ ڪريو ته پوءِ انهيءَ جو ڪهڙو علاج ٿيندو........

مون کي اوهان جا احسان زندگيءَ جي هر قدم تي ياد آهن، اوهان مون کي پنهنجن جي فهرست مان جيڪڏهن ڪڍي به ڇڏيو ته به آئون پاڻ کي اوهان جي نالي پويان نياز مند ۽ خدمتگار فخر محسوس ڪندو رهندس.... اهو منهنجي لاءِ اعزاز آهي، جيڪو ڪير به مون کان نٿو کسي سگهي.

آءُ اوهان جي هر حال ۾ خدمتگار آهيان.............ڇا به هجان، ڪٿي به هجان، ڪيئن به هجان.......اوهان کي پنهنجو رهنما ۽ آدرش ڀانئي پيو چاڪري ڪندس. ڇاڪاڻ ته اها منهنجي خلوص ۽ وفاداري جي گهر آهي. اوهان چاهيو يا نه. اڃا ڪيتريون ڳالهيون دل چئي ٿي ته لکان، ۽ ٻڌايان، پر اوهان جي مصروفيتون ۽ وقت جي ٿورڙائي انهيءَ لاءِ مانع آهي. خدا اوهان کي سدائين خوش، سلامت ۽ تندرست رکي.               

- ممتاز مرزا

.....6.....

• مورخ 30 سيپٽمبر 1976ع ڪراچي

قبله سائين،

اسلام عليڪم ۽ عيد مبارڪ!

گرامي صاحب جي وفات جو اسان سڀني کي دلي صدمو رسيو آهي. يقين ئي نٿو اچي ته هيءَ ڪچهري جو مور ائين ئي اوچتو هليو ويندو. اسان ماڻهو جيئري ماڻهن سان جهيڙا جوٽيندا آهيون، ۽ مئي کان پوءِ انهن جي واکاڻ ۾ سڀني کان اڳرا. گرامي انهيءَ سلسلي ۾ نهايت ناڪام انسان رهيو هو. پنهنجن مصلحتن جي ڄار ۾ اهڙو اچي ٻه- ٽنگو ڦاٿو جو اهي ماڻهو جن کي هن ادب جو پنڌ ڏيکاريو، انهن پيٽ پويان کيس جنسي گاريون ڏنيون، ۽ اڄ اهي ئي چڱا مڙس آهن، بهرحال مڙس ويو، هاڻي سندس تعريف ڪبي ڇا ٿيندو. اوهان جي راءِ بلڪل صحيح آهي، هڪ ڪچهري ۾، مون مولانا قاسمي جي آڏو اوهان جا لفظ ورجايا ته سندس منهن جو پنو لهي ويو،”چيائين ته بلڪُل صحيح راءِ آهي ڊاڪٽر صاحب جي، انهي ۾ حقيقتن جي تلخي البت آهي“. مون مولانا گرامي مرحوم جي باري ۾ ٽي وي تي پروگرام ڪيو. حميد آخوند صاحب، مهراڻ آرٽس ڪائونسل طرفان هڪ تعزيتي جلسو سڏائڻ جي ڪوشش ڪئي، دعوت نامه به نڪتا، پر حاجي خان خواجي اهو جلسلو منسوخ ڪري چيو ته مُئي ماڻهو کي پچارڻ مان ڇا حاصل، مئو سو ڇٽو! افسوس آهي انهن ماڻهن جي ذهنيتن تي! انهيءَ سلسلي ۾ سمورين سنڌي اخبارن سخت احتجاج ڪيو ۽ ايڊيٽوريل لکيا، هزار روپيا درماهه هڪ پوڙهي انجنيئر کي ڏئي سگهجن ٿا، پر سئو رپيا گرامي لاءِ خرچ نٿا ٿي سگهن، جنهن بنا ڪنهن اجوري جي ڪيترائي ڀيرا ڪائونسل جي تقريبن ۾ تقريرون ڪيون، هيءُ ٻيو موقعو آهي جو هن محترم صاحب ائين ڪيو آهي. پهرين ڀيري اوهان جي لاءِ الوداعي تقريب منسوخ ڪيائين، حالانڪ اهو فيصلو ڪائونسل جو متفق هو، هاڻي اسان جي انهن ماڻهن خلاف جنگ آهي، ۽ اهو جهيڙو، بهتري ڏي نئون قدم هوندو.

ڪالهه هتي حميد جي آفيس ۾ علي احمد بروهي اچي ويٺو هن جي حوالي سنڌ صدين کان واري سيمينار جا ڏهه آرٽيڪل سنڌي ترجمي لاءِ ٿيا آهن، جن ۾ هڪ مضمون اوهان جو به کنيو ويو آهي. ان آڏو به حميد مخالفن جي باري ۾ ڳالهيو. بروهي چيو ته آءُ ڊاڪٽر جو ڏوهاري آهيان، مون پاڻ اڪثر ڊاڪٽر جي خلاف ڳالهايو آهي، پر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ جڏهن آئون لکڻ ويٺو آهيان تڏهن مون کي ڊاڪٽر صاحب جي محنت ۽ تحقيق جو احساس ۽ قدر ٿئي ٿو. سڄي سنڌ جا اديب هڪ پاسي، ڊاڪٽر جو هڪ ڪتاب ٻي پاسي، ته به اُٽل ڊاڪٽر بلوچ ڏي هوندي، اسان کي ڊاڪٽر بلوچ لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي. آءُ عام جي آڏو ڊاڪٽر صاحب کان معافي وٺي، پنهنجو ڏوهه بخشائڻ ٿو گهران“ اسان انهيءَ سلسلي ۾ هڪ اعليٰ پيماني جو جلسو ڪنداسين، جنهن ۾ توهان کي بطور مهمان خصوصي اچڻو پوندو، ۽ ضرور اچڻو پوندو.

تازو شيخ غلام حسين اوهان سان مليو هو، ۽اوهان کي موسيقي واري اسڪول بابت ٻڌايو هئائين. انهيءَ سلسلي ۾ توهان جي حوالي سان، هن چيو ته ڊاڪٽر صاحب به سندس انهيءَ راءَ کي  وزن ڏنو ته اهو اسڪول ائين نه هلي سگهندو. در اصل هنن همراهن جي ذهن ته شروع کان وٺي ثقافتي واري اداري سان مخالفت جي بنا تي، اصل ڳالهه سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. اسان جو خيال آهي ته سڄي سنڌ ۾، ڪيئي يڪتاري پوٽا ائين ئي ڳائيندا وتن، ريڊيو تي اچن، پر ويچارا ٿڌجيو وڃن، انهن کي گڏ ڪري  انهن مان ڏهه همراهه چونڊي، منطور علي خان ۽ محمد جمن جي حوالي ڪيا وڃن، جيئن اهي هنن کي فقط بنيادي سنڌي راڳن ۽ راڳينن جي صورت توڙي سُر سمجهائين ۽ انهن کي ايتري سمجهائڻي ڏين جيئن اهي سمجهي ۽ ٻڌائي سگهن ته ڇا پيا ڳائن؛ ان بعد هنن کي پنهنجي رنگ ۾ ڇڏي ڏجي،  ۽ انهيءَ رنگ ۾ سندن مشق ڪرائجي اهو قطعي غلط آهي (جيئن غلام حسين جو خيال آهي ته) انهيءَ اسڪول ۾ فقير عبدالغفور، ڍول فقير وغيره کي رات سيکاريو ويندو. اهو واقعي امڪان کان ٻاهر آهي هن عمر ۾ انهن کي ڳائڻ سيکارجي: البت انهن جي انداز کي ٻين نون همراهن ۾ عام ڪري سگهجي ٿو. تازو هڪ يڪتاري تي ڳائيندڙ عبدالواحد ٻڌم، پردي جي پويان ان کي ٻڌو ته ڄڻ فقير امير بخش مرحوم،پر ويچاري جا سُر ڪچا ۽ ڄاڻ بنهه نه، اهڙي ماڻهو کي جيڪڏهن سندس رنگ ۾ ئي ڪا سکيا ڏني وڃي ته اسان جي خيال ۾ ڪا اها خطا ڪانهي.

قبله سائين، مٿي ڊيگهه محض انهيءَ ڪري ڪئي اٿم ته اوهان کي هتي جي ماڻهن جا احوال معلوم هجن. هن وقت حميد، منهنجي سنگت ڪري، اوهان جي ڌر سمجهيو وڃي ٿو ۽ سنڌ يونيورسٽي کان وٺي سنڌي ادبي بورڊ، توڙي ٻين ثقافتي ڪائونسلن ۽ مرڪزن جا سربراهه گڏجي هڪ ٿي، هن نوجوان کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن ۽ مٿين سطح تي هنن جو خيال آهي ته هو اوهان جو ماڻهو آهي.

آءُ سمجهاڻ ٿو ته اهي مڙئي ڳالهيون اجايون آهن، اسان کي پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ گهرجي، پر سائين، هاڻي اسان کان سٺو نٿو ٿئي. هر ٽڻي ٽامني، ڏني نه ورتي، بس ڊاڪٽر بلوچ! ٻيو ڪو موضوع ئي نه رهيو آهي، دنيا ۾ اسان ڪم به ڪري ڏيکارينداسين، اوهان پنهنجن ڪمن ۾ مشغول رهو، اسان هتي جيڪو به ڪم هوندو ڪندا رهنداسين. لغت آفيس ۾ آءُ موڪل ۽ ڇنچر آچر تي وڃي ڪم ڪندس. منهنجي لاءِ ان کان ٻيو ڪهڙو وڏو اعزاز ٿيندو جو آءُ اتي ڪم ڪريان. اوهان جي علم جا احسان اسان تي آهن، سڄي سنڌ تي آهن. مون شيخ صاحب کي عرض ڪيو آهي، هر گهربل شيون اوهان ڏي موڪليندو، ۽ ڇنڇر ڏينهن خط لکندو. شاهه جي راڳاين جا فوٽا عشقي کي چيا اٿم. مون وٽ هڪ پراڻي ڇاپي راڳابن جي تصوير آهي، جنهن ۾ پير علڻ، يوسف ٻگهيو ۽ جمو فقير ڪنجي برادر آهن. جي ان بابت حڪم هجي ته بلاڪ ٺهرايان

اوهان اسان کي همت ۽ سمجهه جو سبق ڏنو آهي. اسان ان کي ڪڏهن به نه وسارينداسين. سنڌي علم ۽ ادب کي جنهن منزل تي رسائڻ جو اوهان وٽ عزم آهي. اسان ان ۾ اوهان سان ئي رهنداسين. اوهان اسان جي ڄاڻ جا سرچشما آهيو. اميد ته اوهان جي طبيعت بخير هوندي. حميد، ظفر، ۽ شيخ صاحب سلام عرض رکيا آهن.

- ممتاز مرزا

........7.........

• مورخ 18 آڪٽوبر 1976ع ڪراچي

قبله سائين،

السلام عليڪم: عرض ته اوهان جا ٻه خط ۽ هڪ فولڊر پهتو. مهرباني. اوهان جي خط مان جيڪا رهنمائي ٿئي ٿي سا اکين ٿي، واقعي اسان کي پنهنجي علم وڌائڻ لاءِ ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ گهرجي. اها توجهه اسان کي بيشڪ اڳتي ڪندي، ۽ بدخواهه کي اپڙڻ نه ڏيندي. اوهان جي اها ڳالهه صحيح ته سنڌ وارن جو هاڻي انداز معشوقانه وڃي رهيو آهي. پر افسوس جو سنڌي معشوق پنهنجين ڦرندڙ گهرندڙ وصفن ڪري، اهڙو ته ناقابل يقين ٿي ويو جو سچي عاشق جو عشق تان ارواح کڄي ويو آهي: جي هن سان ٻه مٺا ٻول ڳالهائجن ته چوندو ته ”غرض اٿس“، انهي خيال سان سندس عقل وڃي آسمان کي رسندو. طعنا مهڻا ڏيندو، اسان پارو ويچارو نيٺ ڪيستائين ڳالهه سهندو، جي ڪو گهٽو ڏيندو ته اسان جون اکيون ته ازخود ڦاٽي پونديون. انهيءُ عمل تي به رسامو ٿيو، ته اهڙو معشوق گهوريو، بهرحال جيڪڏهن نڀائڻو آهي ته پوءِ سڀ سهڻو آهي، ڪا ميار نه ڏيڻي آهي. ميار تان ته هٿ کڻڻو پيو ته پوءِ ڪاري کي ڪارو ڪيئن ظاهر ڪبو. جيتري قدر، قدر جو تعلق آهي ته اسين سدائين انهيءَ جذبي جي گهرائي تائين اڃا پهچي نه سگهيا آهيون، اسان سدائين انهيءَ ماڻهو تي آڱر کنئي آهي، جنهن ڪنهن به ڪم ۾ نيڪ نيتي ۽ خلوص دلي سان پنهنجو پاڻ نه پتوڙيو آهي. اوهان مثال اسان جي سامهون آهي، اوهان پنهنجي علمي ۽ ادبي طويل زندگيءُ ۾ سواءِ سنڌ جي منهن مٿي ڪرڻ جي ٻيو ڇا ڪيو آهي: تڏهن به اهي ماڻهو هر هنڌ، پنهنجين ڊگهين زبانن ۽ چالاڪي سان ڀريل جملن جي آڌار تي، سنڌ جا وڏا دانشور عالم ۽ خطيب آهن. اسان انهن جي علم ۽ فضل جي خلوص ۽ نيڪ نيتي تي شڪ نه ڪريون! انهيءَ جي برعڪس هر هنڌ تي بنا ڪنهن سبب جي، اوهان جو علمي ڪم ۽ ذاتي شخصيت گفتگو جي موضوع بنجي ۽ ان ۾ محسوس ٿئي ته انهن نقادن جي تنقيد محض” گلا “ آهي ته پوءِ ماٺ ڪرڻ ممڪن نه آهي. اهي آزار، اوهان هتي هئا ته  اسان پئي سٺا، پر هاڻي جڏهن اوهان نه ڪنهن جي ٻن ۽ نه ٽن ۾، ته پوءِ رڳو اوهان جي پچار ڇو؟ بهرحال اسان پنهنجو پاڻ تي جبر ڪري، انهيءَ ڏس ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڳالهائينداسين، ۽ ڪوشش ڪنداسين ته رڳو ”ڪاري کي ڪارو چئي ڇڏي ڏجي ته هو اڳتي اڇو ٿي هلڻ جي ڪوشش ڪري.“

        اوهان جي خط جو جواب دير سان پيو ڏيان، ان لاءِ معافي هتي ڪراچي ۾ شاهه خالد جي آمد جي موقعي تي، حميد آخوند سان گڏجي هڪ شو ڪيو هوسين. ضياءَ محي الدين به اسان سان شامل ڪيو ويو هو، پر همراهه اڌ ۾ ئي ڀڄي ويو، ڀٽو صاحب لاهور واري شو کان سخت ناراض هو. اسان اڳي ئي جتوئي صاحب کي ٻڌايو هو ته اسان جو شو پاڪستان ۾ سڀني کان سٺو ٿيندو ۽  خدا جي مهرباني سان اسان جي ڳالهه رهجي آئي. ڪل اڌ ڪلاڪ اسان کي مليو، پر پروگرم ڪلاڪ هليو، ۽ عربن چيو ته هيءُ پروگرام جلد ختم ٿي ويو. خود ڀٽو صاحب نهايت خوش ٿيو ۽ هر ڪافي ۽ لوڪ گيت جو هر هر ترجمو پيو شاهه خالد کي ٻڌائي. اسان وٽ عبدالغفور، حسين بخش، علڻ فقير، الهه بچايو کوسه، زرينه بلوچ، اقبال جوڳي، روبينه مکيه فنڪار هئا، روبينه جي ڪوهياري ڀٽي صاحب خبر نه آهي ڇو ڪٽي ڇڏي. عين وقت تي هن خاتون کي ٻڌايوسين، اسان کي به ڏک ٿيو، ۽ هن کي به ويچاريءَ کي لاهور مان سڏايو هوسين. هيءَ پروگرام اوهان جي ڏسيل راهه تي هلائي ڪاميابي حاصل ڪئي سون. منهنجي ذاتي خيال موجب وزيراعظم صاحب انهيءَ ڪري به گهڻو خوش هو جو اسان سنڌي موسيقي کي صحيح انداز سان پيش ڪيو ۽ اسان جي سمورن فنڪارن ڏاڍي دل سان ڪم ڪيو، جنهن لاءِ هو مبارڪن جا مستحق آهن.

بورڊ ۾ ظفر شاهه کي چارج وٺڻ نه ڏني اٿن، انهيءَ ڪري اوهان جو لکيل خط منهنجي راءِ موجب کيس اڃان نه ڏنو اٿئون. هاڻي ڪجهه صورت نڪتي آهي. سندس چارج وٺڻ جي، پوءِ کيس اوهان جو خط ڏينداسين.

- ممتاز مرزا

.....8.....

• مؤرخ ڪراچي 24 جولاءِ 1989ع

قبله سائين،

اسلام عليڪم: اڄ فرانس مان لکيل اوهان جو خط پهتو، پڙهي خوشي ٿي ۽ اوهان جي شفقت جو احساس ويتر وڌي وڻ ٿيو، جو هر ماڳ تان اوهان جا محبت ڀريا خط مون تائين پهچندا رهيا آهن، جيڪي منهنجي حياتي جو سرمايو آهن. حميد سان گڏ آئون به 7-6-89ع کان10-7-89ع تائين بيلجم، انگلينڊ ۽ روس ويل هوس، ماسڪو جي اتفاق سان انهي ”هوٽل روسيا“ ۾ رهڻ جو موقعو مليو، جنهن ۾ آڳاٽو اوهان روسي اديبن جي يونين جي سڏ تي اوڏانهن اُسهيا هئا ۽ اتان هوٽل جي فوٽي وارو ڪارڊ مون ڏي موڪليو هو، اهو ڪارڊ ۽ اوهان جي محبت اتي به ڏاڍي ياد آئي. ياد ته اوهان جي هر گهڙي هر پل ساڻ آهي. اوهان جي سڪ ساهه سان آهي. وٿيون پون ٿيون پر حب ۾ گهاري نٿي پوي. پري هوندي به هر وقت اوهان جي ذات مون سان آهي ۽ آئون اوهان جي ڏنل سبق کي سيني سان سانڍي ڪي نه ڪي ڪري، دل جا مونجهارا درو ڪندو رهندو آهيان. حوصلو رکڻ ۽ بنا طمع جي پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارو سگهارو درس اوهان کان ئي پرائيو اٿم ۽ اها ڄاڻ اٿم ته اسان سنڌي هروڀرو اڃا ايترا چريا ڪونه ٿيا آهيون جو پنهنجن جي واکاڻ ڪريون ۽ انهن جي ڪارنامن ۽ ڪشالن کي سمجهي، انهن جو مان مٿانهون ڪريون! بهرحال سنڌين جا سمورا انگل آرا اکين ٿي، پر سوچجي ته اها رمز نيٺ هلندي ڪيستائين؟ ذاتي مفاد ۽ مارا ايترا، جو حق سچ جي ڳالهه تي ڪنهن جي ديد ئي نٿي پوي. يا ته نفسانفسي ۾ اسان اجتماعي فائدن کي نظر اندز ڪندي، انڌ جي گهوڙي تي سوار آهيون. يا اسان مان ساڃهه نڪري وئي آهي، جو ههڙي وقت ۾ جڏهن اسان پنهنجن صدين جي ٺاهيل جوڙيل ماڳن مڪانن تي به اوپرا پي لڳون، تڏهن به اسان جهيڙاڪ زالن وانگر پنهنجي ئي ڄنڊا پٽ ۾ مشغول! آخر اسان ڪڏهن سنئين راهه اختيار ڪنداسين؟ ٻيا ته الائي ڪٿان جو ڪٿي وڃي رسيا آهن ۽ ٻليون، شينهن جا رنگ ڪيو پيون هلن، ڪو زمانو هو ته سينمائن جي ٽيڪٽن وارين درين تي، هڪ سنڌي يا مڪراني داداگير، رڳو ڀت کي لٺ وهائيندو هو ته سوين همراهه وڃي ڪنڊون وٺندا هئا. اڄ انهن وٽ ڪلاشنڪوف ۽ مائوزر آهن. انهن کي اسان جي سنڌ جي حقن جي حفاظت ڪرڻ وارن، نه رڳو جهيڙي جا ساز سامان ڏنا پر انهن کي ڪاڇي جي پٽن ۾ وٺي وڃي سيکاريو ته هيءُ سامان هن طرح هلندا ۽ اڄ اهي بندوقون اسان جي توڙي سندن آڏو آهن. گذريل وڏي عرصي ۾ آئون ۽ مون جهڙا ڪيئي ماٺيڻا ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ وارا هڪ عذاب مان پيا گذرون. اسان جا پنهنجا شهر، پنهنجا نه رهيا آهن، حد اها آهي جو هالن نون ۾، مخدوم صاحب وڏي وٽ، سندس بنگلي تي فيصلو هو، سڀ پهتا، ڳالهه ٿي ته ٻي ڌر وارا ائين چئي اٿيا ته اسان کي مخدوم صاحب تنهنجو فيصلو قبول ناهي، مارڪيٽ ۽ مهاجر چوڪ ۾ سنڌي آيو ته مارينداسين......... اڳتي تنهنجي مرضي! اهڙيون ڳالهيون جڏهن پهچن ٿيون ته احساس اڃان به وڌي ٿو ته اهي جيڪي اسان جي معاشري جا وڏا پاوا آهن، انهن جو اهو حال ته پوءِ مسڪين لڏو ڪيڏانهن ويندو! خبر نه آهي ته ايندڙ وقت ڪهڙو رخ اختيار ڪندو. چٽا پڌرا سنڌي، هنن جي مار ۾ آهن، اقتدار هتي ته آهي سنڌين جو، پر اهي به اهڙا هيڻا آهن جو هو هڪ ٺڪاؤ ٿا ڪن ته هي اصل گوڏن ڀر. اخبارون هنن جون، ماڻهن هنن جا ۽ وڏي ڳالهه ته ايڪو اهڙو پيدا ٿيو اٿن جو هڪ ئي سڏ تي رنين آهر ٻاهر ميدان ۾، نه سر جو سانگو نه پوئتي جي پرواهه! مقابلي ۾ اسان هڪ ٻئي کي مارڻ، ڪٽڻ ۽ ساڙڻ ۾ پورا! نيٺ ڪڏهن سمجهنداسين قصي کي؟ سائين ڏينهن بيشڪ تڪڙا ٿا گذرن ۽ سڄڻن جي سار ته سدائين ساهه ۾ سمايل آهي، ڪٿي به هجان، اوهان دل ۾ موجود آهيو، انهي ڪري جو ڪڏهن به ڪنهن موضوع تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي آهي ته منهنجي دماغ ۾ اوهان جون تحريرون ڦري وينديون آهن ته هن ڏس ۾ اوهان  جي راءِ هن ريت آهي. پوءِ اهي دليل ڪي قبولين يا نه، پر آئون انهن تي قائم رهندو آهيان.

حميد ( آخوند) جو پنهنجي عهدي تان هٽڻ اسان مڙني لاءِ ۽ مجموعي سنڌ لاءِ هاڃيڪار آهي. انهيءِ ڪري نه جو هن سان اسان جو لاڳاپو آهي، پر مجموعي سرڪاري اعتبار سان مان ڏسان ٿو ته سنڌ ۾ اهڙا ڪامورا بنهه اڱرين تي ڳڻڻ جهڙا آهن جيڪي همت ۽ مڙسي سان پنهنجن ڪمن کي اڳتي ڪن ٿا ۽ سنڌ جي اعليٰ روايتن کي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙين ٿا. حميد ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون آهن. پنهنجي خانداني پس منظر ۾ هو جيئن ته لاڏلو پٽ آهي، تنهن ڪري هنجي ذهني تربيت به شهزادن وانگر ٿي، پر اخلاق جا اعليٰ سبق ساڻس شامل رهيا. اوڻايون ارڏايون هر ڪنهن ۾ ٿين،پر گهڻي فائدي لاءِ، ڌرتي سان پيار ڪرڻ وارن کي گهرجي ته اهڙن سچن ۽ ڀلن انسانن جا انگل آرا اکين تي رکن. افسوس اهو آهي ته اسان ٿوري ذاتي فائدي لاءِ پنهنجي مقصد کي گهڻو نقصان پهچايون ٿا. سنڌ جو سرڪاري ثقافتي ادارو محض حميد ۽ هڪ پٽيوالي سان شروع ڪيو ويو هو. ۽جڏهن حميد ان اداري تان هٽيو ته وڏو لاءِ لشڪر، آفيسون، ڪامورا، گاڏيون، فني سامان، اعليٰ ادارا ڇڏي ويو آهي ۽ اهي ايترا ته آهن جو هاڻي سنڀالڻ وارن کي اها دقت آهي ته هيڏي ساري نظام کي ڪيئن هلائجي، هاڻي آهستي آهستي وڃن ٿا مختلف اسڪيمون بند ڪندا. جيئن ”موبائيل لائيبريري“ واري رٿا هئي. گاڏيون موجود، ڪتاب مهيا، ڪارڪن حاضر، پر اسان سنڌ جي ڳوٺن واهڻن ۾ وڃي ٻارڙن تائين سنڌي ڪتاب رسائڻ جهڙا نه آهيون! ميلا ته انهن جو به حال هيڻو، قلندر جي ميلي تي ڳائڻا، وڄتا موچڙا کائي ڀڳا، سچل جي ميلي تي اهڙو هنبس متو جو ڪو ڳائي نه سگهيو، ۽ هاڻي تجويز ڏني وئي آهي ته ڀٽائي جي ميلي کي ٿيڻ ڏجي، پر جيئن ته ”جيئي سنڌ“ وارن جو زور آهي تنهنڪري ثقافتي مرڪز ۾ ڪي به محفلون نه ٿين، اهي ميلي وارن ڏهاڙن تي ڪراچي ۾ ٿين! معنيٰ ته پنهنجون سهولتون ذهن ۾ رکي ادران کي برباد ڪجي، جن جي قائم ڪرڻ ۾ سنڌ جي عالمن جون امنگون ۽ اڌما آهن. ڪنهن صلاح ڏني اٿن ته ڀٽائي جو قبو به ڀٽ تان پٽائي ڪراچي ۾ اچي قائم ڪريو. ڏسون ته هن ترقي يافته دور ۾ انهن مان ڪير ٿو اها صلاح مڃي ۽ ان تي عمل ڪري! ذاتي مخالفتون ۽ اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر قومي مقصدن کي ڇيهي رسائڻ خاطر ويهي وڏون ڪڍجن، اهو سڄاڻ ماڻهن جو وڙ نه هئڻ گهرجي. شخصي طرح سان هر ماڻهو تنقيد جي زد ۾ اچي سگهي ٿو، پر ان جا ڪيل ساراهڻ جوڳا ڪم به نظر انداز نه ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن حميد يارنهن سالن تائين فوجي حڪومت ۾ ڪم ڪيو ته ٻين آفيسرن به ته هي نوڪريون چاڪريون ڪيون، هجي مير علي مراد خان ملڪ ۾ ته ڪو داد ٿئي. بهرحال، جيڪي ٿيڻو هو سو ٿيو، اڳتي جي چڱي اميد رکڻ گهرجي. ڌڻي مڙني کي ساڃهه ڏي ۽ سنڌ سان عشق ڪرڻ جي روشني کان روشناس ڪرائي، اسان جي ته اهائي آس آهي، آسون ۽ اميدون هونئن به اسان سنڌين ۾ گهڻيون، پر پوريون ٿين خير ڪيون! تڏهن به چڱائي لاءِ باسون باسڻ واري سچي سنڌي عمل کي جاري رکيو پيا اچن. نيٺ ته واءُ به ورندو، اسان جا يار ساڃهه کي به اوڏا ٿيندا ۽ وقت جي وهڪري کي ڏسي، پنهنجن سان پيار ڪندا. اڄ ته اسان پنهنجن ئي شهرن ۾ اوپرا ۽ اڌارا ويٺا آهيون. شهرن جون ڳجهون، پاريلن پويان پيون لامارا ڏين، اهي گهٽيون جن مان اسان ڇڙت پيا ايندا ويندا هئاسين، اوڏانهن وڃڻ جو حوصلو ئي نه رهيو آهي.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلا

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org